سنڌ سلامت پاران
سنڌي ٻوليءَ جي فدائي، عاشق ۽ پيار ڪندڙ پرمانند ميوا رام رامچنداڻيءَ جو نالو سنڌ جي ساھتي اتھاس ۾ وڏي اھميت رکي ٿو. کيس سنڌ جي ادبي دنيا ۾ نہ رڳو لغت نويسي، نثر نگار، پترڪار مھاشيواڌاري شخصيت طور تسليم ڪيو وڃي ٿو، پر ان سان گڏ جديد دور جي سنڌي نثر جي مُک ٿنڀن مان کيس بہ ھڪ ٿنڀي طور مڃتا ملي. پرمانند، ميوارام ”سنڌي انگريزي لغت“ ۽ ”انگريزي-سنڌي لغت“ جهڙيون محنت طلب تصنيفون به اسان کي ڏنيون. ازانسواءِ پروفيسر منگهارام ملڪاڻيءَ جي تحقيق موجب، سنڌي ۾ پهرين اصولڪي آکاڻي يا ڪهاڻي جو خالق به هي پرمانند ميوارام هو جنهن جو عنوان هو ”لڇڻ وڌيڪ ڪين لڌو.“
ھي ڪتاب سنڌي لينگيوئيج اٿارٽي، حيدرآباد پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي اسڪين ڪري پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]