شاعري

پَهڻَ پيرَ پِٿون ڪَيا

فرزانا شاهين نثر توڙي نظم جي پُختي ليکڪا آهي، سندس ھي ڪتاب ”پهڻ پير پٿون ڪيا“ ان ڪري به مختلف آهي جو هي مجموعو سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنفن واين ۽ بيتن تي آڌاريل آهي. وقت جون ويرون، اهنجن جا اولڙا، پنهنجن جا پيڙاءُ، اهم رشتن جو ناروا سلوڪ، اڄ جي سسئي ۽ سُهڻي سان ٿيندڙ انياءُ، ڌرتي ڌڻين سان ڌوڪا، ڪامڻين سان ڪلور، سکين، سانگين، نياڻين، اياڻين شهرن ۽ ٻهراڙين جي عورتن سان ناانصافيون سندس واين ۽ بيتن جا اهم موضوع آهن.
  • 4.5/5.0
  • 417
  • 124
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book پَهڻَ پيرَ پِٿون ڪَيا

حق ۽ واسطا

ڪتاب : پَهڻَ پيرَ پِٿون ڪَيا (شاعري)
شاعرہ : فرزانا شاهين
پھرريون ڇاپو: فيبروري 2017ع
ڪمپوزنگ: زبير سومرو
0333-7594302
ڇپيندڙ: مرڪ پبليڪيشن

ملهه: 200 روپيا

ڊجيٽل ايڊيشن: سنڌ سلامت 2020ع
www.sindhsalamat.com


ڪتابن ملڻ جا هنڌ:
مرڪ پبليڪيشن ڪراچي، ڪاٺياواڙ شاپ اردو بازار ڪراچي، ڀٽائي ڪتاب گهر حيدرآباد، رابيل ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، مهراڻ ڪتاب گهر لاڙڪاڻو، عزيز ڪتاب گهر سکر، تهذيب بڪ اسٽور خيرپور، پريتم قاضي نواب شاهه، ڪنول ڪتاب گهر قمبر، اياز سومرو شهدادڪوٽ

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پَهڻَ پيرَ پِٿون ڪَيا“ اوهان اڳيان پيش ڪجي ٿو. ھي ڪتاب شاعرہ ۽ ليکڪا فرزانا شاھين جي شاعريءَ جو مجموعو آھي.
فرزانا شاهين نثر توڙي نظم جي پُختي ليکڪا آهي، سندس ھي ڪتاب ”پهڻ پير پٿون ڪيا“ ان ڪري به مختلف آهي جو هي مجموعو سنڌي شاعريءَ جي ڪلاسيڪل صنفن واين ۽ بيتن تي آڌاريل آهي. وقت جون ويرون، اهنجن جا اولڙا، پنهنجن جا پيڙاءُ، اهم رشتن جو ناروا سلوڪ،اڄ جي سسئي ۽ سُهڻي سان ٿيندڙ انياءُ، ڌرتي ڌڻين سان ڌوڪا، ڪامڻين سان ڪلور، سکين، سانگين، نياڻين، اياڻين شهرن ۽ ٻهراڙين جي عورتن سان ناانصافيون سندس واين ۽ بيتن جا اهم موضوع آهن.
هي ڪتاب مُرڪ پبليڪيش پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون مُرڪ پبليڪيشن جي سرواڻ پياري مرتضيٰ لغاريءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

ڏُونگرَ! ڏوراپو، پَهِريون چَوندِيَسِ پِرينءَ کي،
پَهَڻَ پيرَ پِٿُون ڪَيا، تِريُون ڇِنيُون تو،
رَحمُ نه پِيئي رُوحَ ۾، قَدُرُ مُنهِنجو ڪو،
واڪوڪَندِيَسِ: وو! مُون سين جَبَلُ ٿو جاڙُون ڪَري!

(شاهه)


[b]ارپنا[/b]

زندگيءَ جي هر آسِيس پنهنجي جيوَن ساٿي
حبيب الله مهر جي نانءِ،
جو مون لئه تتيءَ ۾ تات ۽ نِٽهڻ ۾ نينهُن بڻيو.

****

پنهنجي سنجيده سَکي شبانه عالماڻيءَ جي نانءِ،
جنهن جي شاعري ادراڪ جي اوٽَ ۾،
ڀرپور موٽ ماڻيندي رهي ٿي.

****
علي بابا،
نورالهديٰ شاهه،
۽ آسي زمينيءَ جي نانءِ،
سندن تخيل ۽ تخليق مٿان ڪڏهن به وقت،
جو لَٽُ چڙهي نه سگهندو.


[b] فرزانا شاهين[/b]

پبلشر نوٽ

شاعري شعور جي ثابتي هجي ٿي، ڇو ته هر شاعر جي هر تخليق ۾ بيان ڪيل وارتا سندس ذاتي ڪٿا نه ٿيندي آهي، حقيقي شاعر هر وقت چار اکيون۽ قومي غيرت ساڻ کڻي سماجي عڪاسي ڪري ٿو. اهڙي ريت شاعري ۾ فني پختگي استاد شاعر جي سڃاڻپ ٿيندي آهي. سنڌي شاعري ۾ اڪثر شاعر انهن ذميوارين کان ڪن لاٽار ڪندي نظر اچن ٿا، اهڙا چند نالا آهن جن تخليقي بنياد تي قومي فرضن جي ادائگي ڪندي ڪلاسيڪل شاعري، آرٽ، توڙي تهذيب جي بقا لاءِ تاريخ رقم ڪئي آهي.
سنڌي شاعري جي تاريخ ۾ چند آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون شاعرائون آهن جيڪي تخليقي پختگي جي آڌار تي فرض شناسي جون دعويدار ٿي سامهون آيون آهن، اهڙين شاعرائن ۾ ”فرزانا شاهين“ اهم نانءُ آهي.
”فرزانا شاهين“ سنڌي ادب جي سفر ۾ منزل جي ڳولا لاءِ پيرين پنڌ نڪتل پراڻي پانڌياڻي آهي، تنهن ڪري پير پٿون ٿيڻ باوجود پوئتي منهن ورائي نه ٿي ڏسي. ”پهڻ پير پٿون ڪيا“ شاعري جو مجموعو سندس ان ڏس ۾ پڪي ثابتي آهي. هن ٿورڙي عرصي ۾ ٿوري ٿوري وٿي بعد سنڌي ادب جي جهول ۾ ٻه مختلف ڪتاب وڌا آهن. ”فرزانا شاهين“ ڀرپور شعر سرجيا آهن، پر ڪهاڻي ڪتاب ”وجود جي ڳولا“ کيس سگهارن ڪهاڻيڪارن ۾ آڻي بيهاري ٿو. سندس ٻيو، شاعري جو ڪتاب ”نيڻ آسائتا“ ڪجهه عرصو اڳ شايع ٿيو آهي.”شاهين“ نثر توڙي نظم جي پُختي ليکڪا آهي، ”پهڻ پير پٿون ڪيا“ سندس ٽيون مجموعو آهي، جيڪو ان ڪري به مختلف آهي جو هي مجموعو سنڌي شاعري جي ڪلاسيڪل صنفن واين ۽ بيتن تي آڌاريل آهي.
يقينن واين جو اهڙو ڪتاب پهريان ورلي ڪنهن شاعره لکيو هجي، پر اهو اعزاز ”فرزانا شاهين“ ماڻي ورتو آهي. وقت جون ويرون، اهنجن جا اولڙا، پنهنجن جا پيڙاءُ، اهم رشتن جو ناروا سلوڪ،اڄ جي سسئي ۽ سُهڻي سان ٿيندڙ انياءُ، ڌرتي ڌڻين سان ڌوڪا، ڪامڻين سان ڪلور، سکين، سانگين، نياڻين، اياڻين شهرن ۽ ٻهراڙين جي عورتن سان ناانصافيون سندس واين ۽ بيتن جا اهم موضوع آهن.
”فرزانا شاهين“ جو هي اهم شعري مجموعو شايع ڪندي کيس ڀليڪار چئون ٿا ته جيئن سنڌي ٻوليءَ جي هيءَ شاعره ايندڙ وقت ۾ اڃا به وڌيڪ ڪارائتا ڪتاب لکي سگهي.

[b]مرتضيٰ لغاري
[/b]ڪراچي 03005182494

مهاڳ: سورج ٿي گهاريو!

دليون ڊاهي آدمي، محل پيو ٺاهي،
ڪهڙو دور اچي ويو!
فرزانا شاهين جي اِها هڪ وائيءَ جي مصرع ۽ وراڻي آهي، ان ۾ ظاهر آهي ته هُن پنهنجي دور جو چِٽ چِٽيو آهي. ان تي مون کي بلها شاهه جون هي سِٽون هانوَ تي هُري آيون آهن:
مندر ڊاهدي، مسجد ڊاهدي، ڊاهدي جو ڪجهه ڊهندا اي
پر ڪِسي دا دل نا ڊاهِين، رَبُ دِلان وِچ رهندا اي
اهو بلها جو سچ آهي. اُن دور جو درد آهي. اُن دور ۽ هِن دور جو درد ائين مشترڪه آهي، جيئن زندگي مشترڪه آهي. لڳي ته ائين ٿو ته ڪجهه به ته نه بدليو آهي! دليون هر دور ۾ ٽوڙيون ويون آهن! انسانن جي هڏن جي ٽيڪي تي، ماس ۽ رت جي گاري سان محل ماڙيون اَڏيا ويا آهن! ڪڏهن ڌرم ۽ مذهب جي نالي ۾، ته ڪڏهن سياست جي نالي ۾!
منهنجي آڏو فرزانا شاهين جو نئون شعري مجموعو “پهڻ پيرَ پِٿُون ڪيا” آهي، جنهن ۾ بيت ۽ وايون آهن:
ڇا ۾ آهي نجات؟
ڇو تون سوچين ڪونه ٿو!

ڪاڏي خرچ ڪرين پيو، ڏاتر واري ڏات
ڇو تون سوچين ڪونه ٿو!

ويٺي ملندي ڪينڪي، جانيئڙا پرڀات،
ڇو تون سوچين ڪونه ٿو!
شاعري اُها ئي آهي، جيڪا پڙهندڙ / ٻڌندڙ ۾ هڪ سوچ اُڀاري. اهو به ضروري نه آهي ته اُها سوچ، اُها ئي هجي، جيڪا شاعره / شاعر جي آهي. اُها سوچ بلڪل مختلف به ٿي سگهي ٿي. شاعري ڪنهن خاص وقت ۽ ڪيفيت ۾ ٿي وڃي ٿي، عشق وانگي! پڙهندڙ به اُن کي هڪ خاص وقت ۽ ڪيفيت ۾ پڙهي ٿو. انڪري اثر به مختلف ٿئي ٿو، پر شاعريءَ جو اهڙي اثر انگيزيءَ لاءِ لازمي آهي ته اُن ۾ لفاظي نه جي، سطحيت نه هجي، اُن ۾ گهرائي هجي.
فرزانا شاهين جو موڪليل سمورو مواد مون پوري ڌيان سان پڙهيو آهي. سندس ڪلام جو هڪ مکيه ڳڻ اهو آهي ته اُن ۾ نعريبازي نه آهي. ان جو مثال سندس مٿي ڏنل وائي آهي، جنهن جي ٿل ۾ “نجات” / ڇوٽڪاري جي ڳالهه ڪيل آهي، بلڪه ان بابت سوچڻ تي آڀاريو ويو آهي. ان جي پهرين مصرع ۾ “ڏات” جي حوالي سان سوال ڪيو ويو آهي، فرزانا جو اهو سوال هاڻوڪي صورتحال، خاص ڪري ادبي، ۾ انتهائي اهم آهي. اهو سوال نه رڳو هُن جو پنهنجو پاڻ کان آهي، پر پنهنجي پوري همعصر لڏي کان به آهي ته هُو پنهنجي ڏات کي ڪٿي ڪم آڻي رهيو آهي؟ هُن جو انهيءَ فن جو، هُنر جو ڪهڙو مصرف آهي؟ اُن جو ڪو مقصد به آهي يا نه! تازو “سارنگا - امن مشاعري” ۾ به مون ڪجهه اهڙي ئي ڳالهه ڪئي هئي ته “اسان سوال ڪرڻ ڇڏي ڏنا آهن. اسان خواب ڏسڻ ڇڏي ڏنا آهن!” جنهن سماج ۾ سوال نه ٿو ڪيو وڃي، جنهن سماج ۾ خواب نه ٿو ڏٺو وڃي، اُهو بيٺل پاڻيءَ وانگر آهي، سينواريل! انهيءَ سينواريل بيٺل پاڻيءَ (سماج) ۾ هڪ شاعر جو ڪردار ڪهڙو هئڻ جڳائي؟ هڪ ڪَونر وارو! نِرليپ. اَڇو اُجرو، صاف شفاف، چِٽو، پڌرو، نمايان. سينواريل پاڻيءَ (سماج) ۾ ڪونر وانگي، جنهن تي ڏسندڙ جون اکيون کُپي وڃن، جيڪو پري کان ئي ڏسڻ ۾ اچي ۽ ٻن اکين جي نهار جو، مرڪز بڻجي وڃي! ڪَونر، جيڪو پاڙ ته سينواريل پاڻيءَ ۾ هڻي ٿو، پر پنهنجو ڳاٽ اُوچو ۽ ان کان ٻاهر ٿو رکي، تازي هوا ۾ جُهولو ٿو جُهولي، ڪَونر، جيڪو سڄي منظر جي سُونهن جو اهڃاڻ بڻجي ٿو وڃي، ڪَونر جنهن کي چنڊ پنهنجي چانڊاڻ ساڻ ٿو وهنجاري سهنجاري، ته سِج اُن تي پنهنجا سونا ڪِرڻا ٿو گهوري! ۽ ڀوَنر اُن تي ڀيرا ٿو ڏئي ۽ گونجار ٿو ڪري:
ڪَونر پاڙُون پاتار ۾، ڀَونر ڀِري آڪاس،
ٻنهي سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس،
تنهن عشق کي شاباس، جنهن مُحبتي ميڙيا!
(شاهه سائين)
هاڻي اتي وري به اهو سوال ٿو اُٿي ته: “ڇا شاعر پنهنجو اهڙو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي؟” ان جو جواب فرزانا جي هيءَ سِٽ آهي:
ويٺي ملندي ڪينڪي، جانيئڙا پرڀات،
ڇو تون سوچين ڪونه ٿو!
اتي وري به هڪ سوال ڪري سگهجي ٿو ته “ويٺي پرڀات نه ملندي ته ڇا بيٺي ملندي؟” هينئر جڏهن آئون هي سِٽون لکي رهيو آهيان، تڏهن به ته پرڀات سَموئي آهي! سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ تي پرڀات! پرڀات، جيڪا رات جي پڄاڻيءَ ۽ ڏينهن جي آرنڀ جو اعلان آهي! ڇا، هيءَ اُها ئي پرڀات آهي، جنهن کي ماڻڻ لاءِ. فرزانا اها سِٽ لکي آهي؟ ته ان سوال جو جواب آهي “نه” هيءَ ته اُن ڏينهن جي پرڀات آهي، جنهن لاءِ شاهه سائينءَ چيو آهي ته:
اُڀريو ڏينهن ڏُکن جو، سورن سندو سِجُ!
يا:
هڪ رات پوري ٿي وئي
ٻي رات ٿي ويئي شروع
اُها “پرڀات”، جنهن لاءِ فرزانا جو چوڻ آهي ته “ويٺي ملندي ڪينڪي”، ۽ اهو هُن “جانيئڙا” کي چيو آهي، جڏهن ته اڄڪلهه “جانان” جو شاعريءَ ۾ وڌيڪ فيشن آهي ۽ چڱا ڀلا ان کي “جانان” لکڻ کان به نه ٿا مُڙن! جنهن جي معنيٰ نڪ تي آڱر اُگهڻ وارو عمل آهي (جانا ڀرڻ)! ان سِٽ ۾ جنهن “پرڀات” جي ڳالهه آهي، اُها سچي پچي به رات جي پڄاڻيءَ ۽ ڏينهن جي اچڻ جي اعلان واري پرڀات آهي! جنهن ۾ ڇوٽڪارو آهي، نجات آهي، آزادي آهي، هر ظلم، ڏاڍ، ڏهڪاءُ، انياءُ، انڌير ۽ انڌيري جي پُڄاڻيءَ واري پرڀات! ان پرڀات جون ٻه وکون اڳتي وڌي سواگت ڪرڻو پوندو:
هلي ايندم هوت، ڪجهه آ به اڳڀري ٿيان!
ويٺن تان واري وري ويندي آهي. سکڻي سَڌ سان ڪجهه به وَرڻو سَرڻو ناهي:
نينهن نياپي نه ٿيي، سَڌين سيڻ نه هُونِ،
ڪاريين راتين رَتَ ڦڙا، جان جان نيڻ نه رُون!
(شاهه ڪريم)
يا جيئن شاهه سائينءَ چيو آهي ته:
ڏونگر نه ڏوري، سِڪڻ جون سَڌون ڪري،
ويٺي گهر گهوري، مٿان پرينءَ جندڙو!
سو، ان پرڀات، جيڪا حقيقي ڏينهن جو اعلان آهي، پَسڻ لاءِ جاکوڙ ڪرڻي پوندي:
ڏاتر جي هن ڏيهه ۾، ڏُکندن سان ڏُکندي،
منهنجي ڏات وڌي پئي! (شاهين)
۽ اُن جاکوڙ لاءِ عقل، شعور ۽ ڏاهپ جي گهرج آهي، بي مقصد نعرن ۽ مجهول نظرين بدران هڪ با مقصد ۽ پُر عزم جدوجهد جي ضرورت آهي ۽ اُن لاءِ علم جي اهميت آهي، اُن لاءِ تعليم سڀ کان وڏو محاذ آهي، جيڪو هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو آهي، شعر ۽ ادب جي صورتحال به ڪا چڱي نه آهي.
عورت شاعرِ لاءِ ته وڏا مسئلا آهن:
“فرزانا” هر گام تي، عورت ئي الزام
آزادي ڪنهن کي ملي؟
مارئيءَ جي ديس سنڌ ۾، اڄ جي مارئي آزاد نه آهي، جيڪا هر انسان جو جنم سِڌ اڌڪار آهي، سنڌ جي نياڻيءَ، سنڌ جي عورت کي اُهو بنيادي حق حاصل نه آهي، اُها سنڌ، جنهن ۾ نياڻي سياڻي هوندي آهي، نياڻي ست قرآني سڏبي هئي، امان، بابا، پُٽ چئي جنهن سان مخاطب ٿِبو هو، جنهن جي ميڙ آئي خون به بخش ٿي ويندا هئا، اُن جي حالت اڄ جي سنڌ ۾ ڪهڙي آهي؟
آهي نيڻن جي اڳيان، ڪنهن جي ڌيءَ ڪُٺي،
جذبا جاڳي جنگ ٿيا!
“فرزانا” به اُنهيءَ ديس جي شاعرِ آهي. هوءَ اُن جي حالتن تي ڦٿڪي لُڇي ٿي ۽ اُن جي سُورن کي سِٽن ۾ سمائي ٿي:
ڌرتي جڳ جي ماءُ، ڌرتيءَ کي ڀاڱا نه ڪر!
تنهنجو سهندي ڪيترو، ماٺي ٿي انياءُ،
ڌرتيءَ کي ڀاڱا نه ڪر!
“پَهَڻَ پير پِٿُون ڪيا” ۾ وايون ۽ بيت آهن. واين جو ڀاڳو ڪجهه سوايو آهي. “وائي” هڪ سادي سُودي ۽ سُريلي صنف آهي. “فرزانا” وائيءَ جي اُن سُريلي سڀاءُ کي سمجهي ٿي. وائيءَ جي سادي سُودي روپ ۾ ئي ڪا ڳُوڙهي ڳالهه ڪرڻ جُڳائي، ان جو ثبوت سندس هيءَ وائي آهي:
ڏيئا ٻاري ياد جا، جاڳي ٿي جذبات،
ايندو راڻو ڪاڪ ڏي!
ايندو ڏيندو مينڌرو، سُورن کي سڪرات!
ايندو راڻو ڪاڪ ڏي!
آڻيندي “شاهين” اَوَسُ، آزادي پرڀات،
ايندو راڻو ڪاڪ ڏي!
“وائي” ۾ وراڻيءَ جي خاص اهميت آهي ته اُها نه رڳو هر مصرع سان جُڙيل هئڻ گهرجي، پر اُن جي معنيٰ خيزيءَ کي هَٿي پڻ ڏئي. “فرزانا شاهين” راڻو، ڪاڪ، مينڌرو جو ڪردار، ماڳ ۽ اهڃاڻ (Symbols) پنهنجي ڪلاسڪ مان کنيا آهن ۽ انهن کي پنهنجي دؤر سان سلهاڙيو آهي، راڻو مينڌرو ايندو ۽ ڪاڪ جي ٽڪساٽ کي ٽوڙي پنهنجي مقصد جي مومل ماڻيندو. “فرزانا شاهين” آشا واري شاعرِ آهي:
ڳڻتيون ۽ ڳارا، باقي ٿورا ڏينهڙا!
“فرزانا” ويندا وَهي، سُور سڄڻ! سارا،
باقي ٿورا ڏينهڙا!
فرزانا شاهين ٻڌايو ته سندس وايون سُر تي آڌار رکن ٿيون، “سُر” شاعريءَ جو، خاص ڪري سنڌي شاعريءَ جو، بنياد آهي. ان ڏس ۾ سُر جي ڄاڻ جيتري وڌيڪ هوندي، اوترو ئي شاعريءَ ۾ رس چس هوندو. وائي جيئن ته هڪ سُريلي صنف آهي، اُن ڪري اُن جو سٻنڌ به سُر سان آهي. ماترڪ ڇند جو سرشتو جيتوڻيڪ سُر جي سرشتي کان پوءِ جو آهي پرماترڪ ڇند جو سرشتو به سُر مان ئي ڦٽي نڪتو آهي. انڪري هڪ شاعر کي ان ڏس ۾ ڄاڻ هئڻ گهرجي، ساڳئي وقت جنهن صنف ۾ شاعر جي دلچسپي آهي، اُن جو اڀياس پڻ هئڻ جڳائي. ان ريت ٻوليءَ جي ڄاڻ به پرائي سگهجي ٿي - ۽ ان لاءِ به اڀياس ۽ عوام سان رابطو لازمي آهي ۽ اِن ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته عورتاڻي سماج ۾ ئي ٻوليءَ جو نجپڻو به قائم رهيو آهي. اُن مان ڀرپور لاڀ پرائڻ گهرجي. فرزانا شاهين وٽ ٻوليءَ جو اهو ميٺاج سِٽن ۾ اوتجي آيو آهي:
“فرزانا” ٻولي مِٺي، آهي ڪنهن جي وو؟
مون کي ڪير سڏي پيو!؟
“نيڻَ آسائتا” وانگر “پَهڻَ پيرَ پِٿُون ڪيا” عنوان به معنيٰ خيز آهي:
هانءُ وِرهه جي واٽ تي، ڦُٽي ٿيو ڦاڪُون،
پهڻن پنڌ پُڄي نه ٿو!
“سارنگ آيو سرتِيُون” وراڻي واري وائيءَ جي هيءَ مصرع پڙهي، مون کي ڪراچيءَ جي رستن تان، جمڙائوءَ جي ٽاپ تان ۽ سينٽرل لائبريري سنڌ يونيورسٽيءَ آڏو وڍيل وڻ ياد اچي ويا:
وڻ وڻ ويٺو ٿو پَسي، پکيئڙن جو پيارُ،
سارنگ آيو سرتِيُون!
ظاهر آهي “فرزانا” ان منظر کي پنهنجي نظر سان ڏٺو ۽ پينٽ ڪيو آهي ۽ مون ان کي ٻي ڪيفيت ۾ ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي. فرزانا انهن وڻن ۽ پکيئڙن جو ذڪر ڪيو آهي، جيڪي موجود آهن ۽ اها مصرع پڙهي مون کي اُهي وڻ ياد اچي ويا، جيڪي ڪڏهن موجود هئا! جيڪي وڍجي ويا، پنهنجي ڇانوَ ۽ پکين جي لاتين سميت! شاعريءَ جو اهو به ڪمال آهي ته اُها توهان کي اُهي ڏيک به ڏيکاري ٿي جيڪي ڪڏهوڪو ميسارجي چڪا آهن!
جمود موت آهي، تحرڪ زندگي آهي. “هل ته پهچين موت کي!” وارو مَتو هر شاعر وٽ هئڻ جڳائي، فرزانا وٽ به آهي:
ڇا ٿو سوچين وائڙا، ڏورڻ منجهه حيات،
پيرن کي ساهيون نه ڏي!

جيئڻ لئه ڪر جستجو، ڪو دم ڪاري رات،
پيرن کي ساهيون نه ڏي!
فرزانا شاهين، جنهن سفر تي نڪتي آهي، اُهو پيڙائين پَٿ تي، پٿُون پيرن سان پنڌ آهي ۽ اُهو سفر هُن کي اڪيلي سر طئي ڪرڻو آهي. ان سفر ۾، جن مرحلن مان هوءَ اُڪري ٿي، اميد ته انهن کي لفظن جي روپ ۾ پني تي لکندي رهندي، نوان گيت ڳائيندي رهندي:

جهومي پئي وايو منڊل، گيت نئون ڪو ڳاءِ،
ڦيٿو ڦريو وقت جو! (شاهين)

[b] امداد حسيني
[/b] ڪراچي سنڌ
20/12/2016

پنهنجي پاران: پنڌ احساسن جا

انسان جي اندر جون به عجيب ڪيفيتون ٿين ٿيون. اندر جون ڪيفيتون به موسمن وانگر مختلف احساس ڏين ٿيون. ڪڏهن بهار ته ڪڏهن پن ڇڻ جي موسم جيان ڏک ۽ خوشيءَ جا احساس اُڀرن ٿا ۽ اهي احساس ئي زندگيءَ جي مختلف پيچرن تي وٺي وڃن ٿا ڪٿي احساس روح سان ڳنڍيل آهن ته ڪٿي ڀاوِنائن سان مسلسل جنگ جوٽين ٿا يعني انسان مسلسل ڀوڳنا جي سفر تي پنهنجا پيرَ پِٿون ڪري ٿو. جڏهن پهريون ڀيرو لکڻ شروع ڪيو هو تڏهن به اهو ئي سوچيو هو ته لکڻ جو ڪارج ڪهڙو آهي؟ پاڻ پنهنجي اندر ۾ اُٿل پُٿل انهن سوالن کي شانت ڪرڻ....! يا واهه واهه جي تاڙين تي مَن کي ريجهائڻ....؟ پر اُها واهه واهه جيڪڏهن اندر جي ڪروڌ کي ريجهائي سگهي ها ته بي چَئي مَنَ کي ڪڏهن جو شانتي ملي وڃي ها.... مان پنهنجي اوڻيل پيڙائن جي خولَ کي ڪيئي ڀيرا ٽوڙڻ چاهيو.... پنهنجي خاموش طبع ۾ سمايل ڪيئي درد ۽ کوکلن ٽهڪن جي وچ ۾ پاڻ کي هميشه اڪيلو ئي ڀانيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي باري ۾ سوچيندي آهيان ته مان ايتري Complicated ڇو آهيان هر ماڻهو مون کي سمجهي ڇونه سگهندو آهي...؟ منهنجي شخصيت يا اندر جون ڪي ڪميون آهن جن هميشه مون کي پنهنجي ذات ۾ اڻپورو رکيو آهي. مان انهيءَ ڪيفيت مان گذرندي خبر ناهي ڪيترا خوبصورت رشتا ۽ پيار ڪرڻ وارا ماڻهو منهنجي گرد انهيءَ خول سان مٿو ٽڪرائي ٽڪرائي ڀورا ڀورا ٿي ويا يا مون کي اڪيلو ڇڏي ويا. مان پنهنجي پيچيده طبيعت جي باعث هميشه وڃايو آهي.... ۽ انهيءَ ڪميءَ جو احساس مون کي تنها ڪري ڇڏيندو آهي. منهنجي اندر جا خوف اڄ به ساڳيا آهن جڏهن پهريون ڀيرو لکڻ شروع ڪيو هو تڏهن به اهي ئي خوف ۽ انديشا مون سان گڏ هئا پر لفظن ۾ الائي ڪهڙي طاقت هئي جن بار بار لکڻ تي مجبور ڪيو ۽ مان انهن لفظن جي ڇانوَ ۾ پناهه وٺي پاڻ کي محفوظ سمجهيو... مان لکڻ ۾ ڪيتري به بي باڪ ۽ بهادر آهيان پر اندر ۾ ننڍڙي ٻار جيان خوفزده آهيان. اڄ به سماجي رويا ڊيڄاريندا آهن مردن جي هِن سماج ۾ عورت جو بي باڪ ٿي لکڻ يا ڪلهو ڪلهي سان ملائي هلڻ واقعي پَهَڻ سان پيرَ پِٿون ڪرڻ جي برابر آهي. عورت جي هر احساس کي صرف عورت سمجهي محسوس ڪيو ويندو آهي ۽ عورت جي هر نظرئي ۾ هُن جو کُٽل وجود ئي نظر ايندو آهي ۽ هن جي تخليقن کي پنهنجي انائن جي الزامن جي ترازوءَ ۾ توري ماپيو ويندو آهي. تخليقن جي انهيءَ نظرئي جي آڌار تي ماپ طور ۽ پرک اسان کي ڪٿي وٺي ويندي....؟
ڪنهن کان ڪيرُ سِکي؟ هرڪو ڏاهو ٿي پيو!

حسد جي ڏوري پيو، ويٺو روز ڇِڪي.
هرڪو ڏاهو ٿي پيو!
ڪيستائين اسان انهيءَ پرک جي آڌار تي پاڻ کي ڏوهي تصور ڪنداسي...؟ اسان جا ساڃاهه وند اديب ڇا صرف اهو ادب تخليق ڪري رهيا آهن...؟ يا تنقيد جا زاويا ۽ پيمانا مقرر ڪن ٿا....؟ ڇا خاموش ٿي ويهي رهجي.... يا ايتري سهپ پاڻ ۾ پيدا ڪجي جو لفظ بارود بڻجي پاڻ ڳالهائن....!
ڪُوڙَ وَرايو واٽَ تي، ڪيئن نه آنءٌ لُڇان؟
عالم ڪنگن جو ٿِيو!
ڪونهي خوف ڪروڌَ جو، پيئي سچ چَوان.
عالم ڪنگن جو ٿِيو!
سچ جي سِٽَ سِٽَ ساهَه سان، لُڇيو روز لِکان،
عالم ڪنگن جو ٿِيو!
مان ان ڳالهه کي ڪڏهن به تسليم نه ڪندس ته شاعري الهام ٿيندي آهي. شاعري نِجُ ڀوڳنا جو نانءُ آهي ڇوته مان خود ڀوڳنا جي آويءَ ۾ پچندي ذهني پيڙا مان گذرندي شاعريءَ کي تخليق ڪيو آهي.
روهن جو رستو ڊگهو، تنها جيءَ ڪَٽيو.
راهون ساڳيون رُوحَ جون.
پَهڻن جي هِن پنڌ تي، آهي جيءُ ڦَٽيو.
راهون ساڳيون رُوحَ جون.
انهن رستن تي هلندي مون کي محسوس ٿيو آهي ته واقعي ڪجهه پنڌ احساسن جا هوندا آهن ته ڪجهه اُلڪن جا ۽ ڪجهه اوسيئڙن جا ته ڪجهه جيءَ کي جهوريندڙ روين جا ۽ ڪجهه پنڌ روحن جا هوندا آهن جنهن ۾ پير ضرور پِٿون ٿيندا آهن پر روح ڪڏهن به ٿڪبا ناهِن.

منهنجا جيجل ماءُ، پَهَڻَ پيرَ پِٿون ڪيا!
وِکَ وِکَ پاتو راهَه ۾، آيل! مون ايذاءُ.
پَهَڻَ پيرَ پِٿون ڪيا!
اکين سانڍيا حوصلا، ڪونهي ڪو سوداءُ.
پَهَڻَ پيرَ پِٿون ڪيا!
مان به پاڻ سان جهيڙيندي 1987ع کان لِکي رهي آهيان. منهنجي جيوَن جو هر درديلو لمحو هر لڙڪ، هر سپنو منهنجي فطرت جو هر رنگ شاعريءَ ۾ موجود آهي. منهنجي شاعريءَ جو خاص طور موضوع ڌرتي ۽ سرتي رهيو آهي... ڌرتيءَ تي رهندڙ ماروئڙن جا لُڙڪ ۽ ٽهڪ مون لاءِ هميشه اهميت ڀريا رهيا آهن ۽ عورت منهنجي اندر ۾ وسي ٿي ان ڪري عورت جي احساسن کي مون گِهرائيءَ سان محسوس ڪري لکيو آهي. خالص وايُن تي مشتمل منهنجو هي ڪتاب منهنجي اندر جي ڪيفيتن ۽ وارتائن جو اظهار آهي.
آخر مان مانواري محترم امداد حسينيءَ جي دل سان ٿورائتي آهيان جنهن پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي منهنجي ڪتاب تي پُر اثر مهاڳ لکيو. محترم ادل سومري ۽ مانواري اياز گل جون کوڙ ساريون مهربانيون جن منهنجي ڪتاب تي خوبصورت تاثر لکيا. مان ٿورائتي آهيان مانواري شاعر آسي زميني ۽ ڀيڻ شبانه عالماڻيءَ جي جن ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل لاءِ پنهنجا تاثر لکيا.

ساٿ سلامت سنڌ سلامت

[b] فرزانا شاهين
[/b] بي 133 اسٽريٽ 4 اخوت نگر
ايئرپورٽ روڊ سکر

بيت

---

موجوده دور جي ترجماني ڪندڙ فرزانا شاهين جا بيت

بيت سنڌي شاعريءَ جي پنهنجي ڪلاسيڪي صنف آهي. ان صنف ۾ تمام گهڻي وسعت آهي. وڏي کان وڏو خيال ۽ گهرو فڪر ٻن مصرعن ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو. شيخ اياز بيت ۾ ٻوليءَ توڙي فڪر جي نسبت سان گهڻي جدت آندي آهي. جن شاعرن بيت ۾ ڪلاسيڪي لغت استعمال ڪندي، ساڳين استعارن ۽ تمثيلن جو ورجاءُ ڪيو آهي، اُهي پنهنجي انفراديت قائم نه ڪري سگهيا. فرزانا شاهين جا بيت موجود دؤر جي ٻولي، روين ۽ روايتن جي ترجماني ڪن ٿا اُنهن ۾ فڪري ۽ فني توازن موجود آهي. اظهار جو انداز سادو ۽ خيالَ ڌيان ڇڪائيندڙ آهن. انهن بيتن ۾ داخلي توڙي خارجي ويچار سمايل آهن ۽ فرزانا شاهين انهن ٻنهي ڪيفيتن سان بهتر انداز ۾ نباهيو آهي.

[b] ادل سومرو - سکر
[/b]

بيت

لهرون جيئن مهراڻ ۾، تنهنجون سارون تيئن،
آنءُ وساريان ڪيئن، تنهنجي تات تنوار کي!؟
........
آڌيءَ رات اُٿي پيا، سارا سُورَ مِٺا،
تنهنجي لاءِ ڏٺا سپنا سانڍي ساهَه ۾.
........
ڪير چوي ٿو هڪ دفعو ٿيندو آهي پيار؟
ساهَن جو سنسار، آهي سرتيون! پيار سان.
........
سهڻي ٿي اوتار مان تَرندي اينديس آنءُ،
مون کي محبت ڏانءُ، جيئڻ جو جڳ ۾ ڏنو.
........
خوابن وانگي زندگي، ويندي آ گذري،
ويندي آ وسري، ساعت جيوَن جاڙَ جي!
........
هڪڙو ناهي ڏينهن جو مُرڪي ڌار ٿيون،
هڪ ئي پيار ٿيون، جيسين ساهَنِ سلسلو!
........
دوکي جي دل! هي دنيا، ناهي ساٿ سچو،
سڀ ڪو قول ڪچو، جيئندو آهي جاڙ سان.
........
سُک جو ساهه کڻان ملي، اوکيءَ کان جي ونجهه،
مونسين تنهنجا ڏنجهه، رهندا آهن روحَ ۾!
........

ناهِن سوچون وقت سان، دانش عاقل جون،
سوچي ويٺي ڀُون، ڪيڏو وئرٿ ٿو جيئي!
........
ڌرتيءَ لئه لوچي نه ٿو، جيڪو ڀي انسان؟
انهيءَ جو ايمان، مايا مايا ٿو ڪري!
........
سڀ ڪو پنهنجي لاءِ ٿو ووڙي جڳ ۾ ساءُ،
اڀرن کي ايذاءُ، ڏاڍو ڏيندو ٿو رهي!
........
ٻولي جَڳَ ۾ پيار جي جنهن وٽ ڀي ناهي؟
ظاهر ٿي آهي اُن جي اندر اَنا!
........
دردن جون ڳالهيون ڪيون، درد وَندي! تون اَچُ،
پُور کڻي تون پَچُ پنهل جو هر پاند ۾.
........
ڪانيارن جي ڇانوَ ۾ ڪهڙي مڃوتي!؟
جذبن جي جوتي ٻاري رک تون روح ۾
........
ڪُرسي گهرجي يا وري، ادب منجهه ڌڙو،
مخلص جيءُ ڇَڙو، جُهرندو جهيڙن ڏي ڏسي!
........
جيوَن جو ٿيندئي سُرخرو پيار ڪري ڏسجانءِ،
ساهه ڀري ڏسجانءِ، قربن جي سنسار ۾.
........

سِٽَ سِٽَ سُر جي پيار سان ماڻيو تن ۾ ساءُ،
ڏاتر کان ڪهڪاءُ، مون کي مِليو ڀاڳَ ۾!
........
ڏات ڏنو هن ڏيهه ۾ مون کي سُور سدا،
آهي نور سدا، نت نت نيڻن ۾ رهيو!
........
نت نت نيڻن ۾ رهيو آهي ساڻ قياس،
آهي عشق، احساس، سانڍيو سرتيون! ساهَه ۾.
........
سکڙن جون سنسار ۾ پيرو ڪونهي ڪو،
ديرو ڪونهي ڪو، خوشين جو هن خاڪ تي!
........
ڌرتيءَ جي ڇو ڳالهه کي ويساريون ويٺا،
سيکاريون ويٺا، پاڻ پڏائڻ پاڻ کي!
........
سارو لوڪ سُتو مگر، جاڳي ٿو ڪوئي،
عالم جو سوئي، مالڪ خالق آ پرين!
........
رَتُ ولوڙي ٿي لِکان، پنهنجي دردَ ڪِٿا،
مون سان جيءَ وفا، ڏسجي ڪيسين ٿو ڪري!؟
........
پاسي مان مهراڻ جي ويٺي آهيان آءُ،
ريتن جو درياءُ، اوکو ڪندين پار تون!؟
........

آسُون جي انسان ۾ رکندو آ انسان،
وٺندو آ انسان، سُور سدائين سوچ کان!
........
چانڊوڪيءَ ۾ چاهه جو چوريو چنگ جڏهن،
سُڏڪيو سُور تڏهن، منهنجي اندر مان اديون!
........
آئين ڪونه اڃان پرين! ويندي رات کُٽي،
ناهِه باک ڦُٽي، اوسيئڙي جي ويلَ آ!
........
تارن ۾ ڇو ٿو تَڪين؟ ڌرتيءَ تي آهيان،
ناهيان مان ناهيان ٿيڻي ڌرتيءَ کان پري!
........
جي تون ڄاڻين جيئري مون کي مان ڇاهيان؟
آهيان مان آهيان، صدين جي ڪائي صدا.
........
ناهي ڌرتيءَ بات ڪا ناهي پيار پچار،
ڪيڏا هَن سنسار، رستا جوڙيا جاڙَ جا!
........
ڪونهي جيءُ! ڪلال ڪو ناهِن مئخانا
آهن فرزانا، ويرانا هر واٽَ تي.
........
توسان ناتو نينهن جو توسان جُڙيو جيءُ،
پُر پُر پيالو پيءُ، اکيون ٻوٽي پيار جو!
........

سينگارن درگاهه ٿا، ويساريون اِنسان،
انڌن جو ايمان، ڪونهي ڪو انسانَ تي.
........
مسجد مندر ۾ نه ٿي گڏجي حق جي ذات،
پائج من ۾ جهات، راڻل آهي روحَ ۾.
........
خاڪي صورت دل پٿر ماڻهو! ڇو آهين؟
فرزانا شاهين ڪنهن به ته ڄاتو ڪين ڪي.
........
جيڪو آيو پاڻ ڏي، سوئي ڀانءِ نصيب،
پنهنجو پاڻ قريب، ازلئون آهي پاڻ سان.
........
لازم آهي قرب ۾، دل جو من اظهار،
خاموشين جو ڄار، ويڙهي ويندئي جيءَ کي!
........
تنهنجي نيڻن ۾ ڏٺو موجن سان مهراڻ،
چوڏهينءَ جي چانڊاڻ، تنهنجي ڪاڻ سِڪي پئي!
........
ڪارو سارو اُڀ ٿيو گڏيون گهٽائون،
ڌرتيءَ تي آئون سارنگ لاءِ سِڪان پئي!
........
ڌرتي وانگي معتبر ٿيندو آ احساس،
ڏيندو آ احساس، سرت سدائين سورَ جي.
........

جيوَن ڀر جا ٿي ويا ڪوڙين افسانا،
هڪڙي فرزانا موضوع ڪيئي ٿي وئي.
........
ساٿ ڇڏي سارون ٿيا، وقت ويو ڇو هو،
اندر کي لوهو، هاءِ وڇوڙو ويو وري.
........
آهي ويل اها پرين! پوءِ نه ڄاڻي ڪير؟
محبت جهڙو خير، آهي ڪهڙي شيءِ اندر!؟
........
آسون آڻي پاڻ سان اُڀريو آهي سِجُ،
مون وٽ آهي نِجُ، اُلڪو اديون! ديسَ جو.
........
“فرزانا” ٿي ڏيهَه ۾، ماڻيا سُور هزار،
ساجَنَ! تو جي سارَ، ناهي لَڌي شاهين جي!
........
سُورن ۾ گهاريون پيا سُک نه ڏي امداد،
پنهنجي ڪا فريادَ، ڪوبه نه سُڻندو ڏيهَه ۾!
........
پاڻ قبولي طالبي، جڳ ۾ سڀ بي دادَ،
آخر جيءَ جلاد، نيندا ڦاهي گهاٽَ ڏي.
........
هرڪو پنهنجو پاڻ ڏي پير پيو سوري،
ڪونه پيو اوري، ڳالهيون ڏکندڙ ساهَه جون.
........
توسان ڳالهيون هانوَ جون اوريندي آهيان،
سوريندي آهيان جذبا توڏي جيءَ جا!
........
ايڏو ڏُور هلون وري، ورندي وقت لڳي،
جاتي جيءَ تَڳي، تاتي جوڙيون جهوپڙو.
........
جاتي پيار پچار آ، تاتي جوڙيون جاءِ،
جيوَن جڳ ۾ ساءِ صدين جيڏا سُور ڇو!؟
........
خوابن وانگي زندگي، ويٺو لوڪ ڪَٽي،
ڪنهن جي لاءِ ڇَٽي ساڙَ سندو ٻج ٿو سدا!؟
........
قربن جو ڪلمو سچو، ويٺا ويساريون،
دليون ٿيون ڪاريون، اندر سان انسان جون.
........
سنڌڙي منهنجو چاهه ۽ ڇوليون هن سارون،
تکيون هي تارون، تارينديون تاريخ ۾!
........
اوکا سڀ اوکا هتي، سمجهي ڪنهن کي ڪير؟
ظاهر آهي خير، اندرَ ۾ ويٺل وِڇُون!
........
جي تون آهين ڏور پو مون ۾ آهي ڪير؟
ناهي تنهنجو پير، پوءِ به تات تنوار تون.
........

ويسورا هِن ساهه کي، آخر ماريندا،
هَنجون هاريندا، نيڻ نماڻا سانت سين.
........
پل پل تنهنجي آسري ڪاٽيندي آهيان،
ناهيان مان ناهيان واندي ڪو پل يادِ کان.
........
گوندر ڀي ڄڻ درس هن جيون! سکندو هل،
باقي آهي پل، سامهون صبح سوجهرو.
........
ڪنهن سان ڪونهي دشمني، آهي سڀ سين پيار،
هيءُ نه پنهنجو پار، هيج هڙئي هِت عارضي!
........
تنهنجا سارا رنگ هن منهنجي جيوَن ۾،
نيڻن جي بَن ۾، آسون گُلَ ڦٽي پيا.
........
دنيا ڄاڻي ڇا ڪندي مون کي تو سمجهو؟
اکڙين ۾ اُلڪو تنهنجي لئه تڙپي پيو.
........
توسان ناتو ڪيئن ۽ ڪاٿي آهِه جُڙيو،
جڳ ۾ ناهِه جُڙيو، ساهه سدورو ساههَ سان!
........
دل ۾ ڪو جذبو نه هو جاني! توکان پوءِ،
ايڏو تون مَ ڏکوءِ، دوريون ديدن کي ڏئي.
........

ناهي ويل وجود ۾، توريءَ ڪائي تات،
مون کي ڏينهان رات، تنهنجي تانگهه ڇڏي نه ٿي.
........
توريءَ هن سنسار ۾ ڪجهه ڀي نيڻ ڪين ڏٺو،
منهنجو ساهه وٺو، آهي تنهنجي تات ۾.
........
ڌرتي! تو هر جيءَ کي جايون خوب ڏنيون،
اکيون ميڻ ڀنيون، آيل! تنهنجي پيار تي.
........
اونداهي اڌ رات جي، ورتيون هَلُ تون ساڻ،
هاڻي پنهنجو پاڻ، بار لڳي ٿو ڀونءِ تي.
........
ساٿي! وينديس آنءُ جو، توکان ڏاڍور ڏُور،
تو وَٽ منهنجو پُور دائم رهندو رُوحَ ۾!
........
گذري ويندي زندگي، توبن ڏنجهن ساڻ،
ڀانن ملندو ڀاڻ، ڀاڳيلي هِن ڀُونءِ تي!
........
جذبن جوتي مُون رَکي، ٻاري تنهنجي لاءِ،
هاڻ نه تون ترساءِ، ديدن کي او دلربا!
........

سوچون ميريون ٿي ويون سُڏڪي سچ شَعُور،
اهڙو ڪيس ڪلور، ماڻهوءَ سان ماڻهوءَ ڪيو!
........
چنڊ ستارا سانت ۾ ڳالهائي ڌرتي،
ٻاڏائي ڌرتي، قادر قدرت کي پئي.
........
دليون ويجهو ڪونه ٿيون آهن هٿ ڪٺا،
ڪونهي قرب لکا، ماڻهو! راضي مير ۾.
........
چوڏهينءَ چنڊ چٽو ٿيو، آئين ياد پرين!
ٿي دل شاد پرين! سُور سجائي سارَ سان!
........
تارن تارا پئي تڪيا، اُلڪا ها اڌ رات،
آخر مون کي ڏات، سُڏڪائي ساڻو ڪيو!
........
پورهئي ۾ ئي زندگي گهاري ٿو مزدور،
ماري ٿو مزدور، همت ۾ هر جاءِ تي.
........
جنهن جو ٿا کائن پيا، تنهن جا ڳُڻَ ڳائين،
فرزانا شاهين، ماڻهو! اوکا هِن رهيا!
........
وينديس ساروڻيون کڻي نيڻن ۾ نت نينهن،
باقي ٿورا ڏينهن، “سکر” ۾ هان سرتيون!
........

وايون

---

منهنجا جيجل ماءُ، پَهڻ پيرَ پِٿون ڪيا!

منهنجا جيجل ماءُ، پَهڻ پيرَ پِٿون ڪيا!

وک وک پاتو راهَه ۾، آيل! مون ايذاءُ.
پَهڻ پيرَ پِٿون ڪيا!

اکين سانڍيا حوصلا، ڪونهي ڪو سوداءُ.
پَهڻ پيرَ پِٿون ڪيا!

ناهي سُکَ جو ڇانورو، سُورَ وڌائن تاءُ.
پَهڻ پيرَ پِٿون ڪيا!

ٿيندو ڪوهَنِ کي ڀلا، ڪهڙو ڪو ڪهڪاءُ؟
پَهڻ پيرَ پِٿون ڪيا!

سرتيون! ڄاڻان ٿي پئي، نت نت نينهن نڀاءُ.
پَهڻ پيرَ پِٿون ڪيا!

ويل نه سنڀران مان ڪِٿي، عمر سڄيءَ ۾ ساءُ.
پَهڻ پيرَ پِٿون ڪيا!

“فرزانا” پنهل! رَڙي، ماڳين موٽي آءُ.
پَهڻ پيرَ پِٿون ڪيا!

چوڏهينءَ جهڙو چاهُه. ٻيڙا لائيندو ٻَني!

چوڏهينءَ جهڙو چاهُه. ٻيڙا لائيندو ٻَني!

ٻوڙيندو هي ڪينڪي، محبت جو درياههُ.
ٻيڙا لائيندو ٻَني!

رَکُ دل کي پختو پرين! ويڙهي تون ويساهُه.
ٻيڙا لائيندو ٻَني!

سنڌڙي! تون اُلڪو نه ڪر، ساڻي سُهڻو شاهُه.
ٻيڙا لائيندو ٻَني!

ڪين ٻِيو دَرُ مون ڏِٺو، “فرزانا”! الله.
ٻيڙا لائيندو ٻَني!

دنيا جا دلگير، دل کان وسرن ڪين ٿا!

دنيا جا دلگير، دل کان وسرن ڪين ٿا!

ڌرتيءَ دردن جي اڳيان، بيٺي آ تصوير.
دل کان وسرن ڪين ٿا!

پُٽڙن جي سيني لڳل، گوليون، چاقون، جهير.
دل کان وسرن ڪين ٿا!

سي ئي ٿي ويا سرخرو، فڪري جيءَ فقير.
دل کان وسرن ڪين ٿا!

جذبا گهايل ٿي پِيا، لفظ هئا يا تير!؟
دل کان وسرن ڪين ٿا!

جيئنِ سُک ۽ شانَ سان، مارُو! منهنجا ميرَ.
دل کان وسرن ڪين ٿا!

“فرزانا” هر جيءَ جي، نيڻن وُٺڙا نيرَ.
دل کان وسرن ڪين ٿا!

ڪنهن جو ڪيسين سُور، سانڍيندين تون جيئڙا؟

ڪنهن جو ڪيسين سُور، سانڍيندين تون جيئڙا؟

ساڻ نه هلندو توڙ ڪو، دنيا جو دستورُ.
سانڍيندين تون جيئڙا؟

هُو ته پرائو ئي هئو، ڪيسين پيارا پُور.
سانڍيندين تون جيئڙا؟

اکيون روئندئي رت ڦڙا، جڳ جو ڪِيس ڪلورُ.
سانڍيندين تون جيئڙا؟

ڪهڙو ڦل ڏيندئي اِهو، هٿ ۾ ٻٻرن ٻورُ.
سانڍيندين تون جيئڙا؟

پيارَ سِوا هرڪو اٿئي، جذبو ڄڻ معذور.
سانڍيندين تون جيئڙا؟

“فرزانا” دوکي دغا، جهڙو ڇا منشورُ!؟
سانڍيندين تون جيئڙا؟

ڳوڙها ڳوڙها ساههُ، سورَ وندي ساڻيهه ۾!

ڳوڙها ڳوڙها ساههُ، سورَ وندي ساڻيهه ۾!

ڪيڏا ڏي ٿو حوصلا، بيتن ۾ ڀٽ شاهه.
سورَ وندي ساڻيهه ۾!

ڦُرجي لُٽجي آ پُڳو، ڪاٿان کان درياههُ.
سورَ وندي ساڻيهه ۾!

داڻا گهر ڀوتارَ جي، مارو! ڳاهِن ڳاههُ.
سورَ وندي ساڻيهه ۾!

ميرو ٿيندو قرب جو، ويل نه هي ويساهه.
سورَ وندي ساڻيهه ۾!

دردَ گواهي ٿا ڏين، هر دل پيارَ اٿاههُ.
سورَ وندي ساڻيهه ۾!

“فرزانا” ڏس قوم جيئن، باندي پنهنجو چاههُ.
سورَ وندي ساڻيهه ۾!

ڪيڏو آ سُنسان، ماڻهو! ناهِن جيئرا!؟

ڪيڏو آ سُنسان، ماڻهو! ناهِن جيئرا!؟

ڪيرُ ٻُڌي ڪنهن جي نه ٿو، اوکيءَ ۾ آذان.
ماڻهو! ناهِن جيئرا!؟

ماري پيو ٿو ماٺِ جو، وک وک تي شمشان.
ماڻهو! ناهِن جيئرا!؟

ڌاريا ٿيا ڌرتيءَ ڌڻي، ڪونهي ڪنهن جو ڌيان.
ماڻهو! ناهِن جيئرا!؟

خالي خالي ٿو لڳي، محبت جو ميدان.
ماڻهو! ناهِن جيئرا!؟

فرزانا چُپِ ٿا سَهن، نادانا نقصان.
ماڻهو! ناهِن جيئرا!؟

ميڙيو آهي مون، داڻو داڻو درد جو!

ميڙيو آهي مون، داڻو داڻو درد جو!

توکي سڀ خوشيون ڏيان، ها پر ڏيندين تون؟
داڻو داڻو درد جو!

توکان پوءِ ٿِيون سڀئي، اکين جون آسون.
داڻو داڻو درد جو!

پوئي مالها ڳل وجهان، ڏي تون مٺڙي ڀُون.
داڻو داڻو درد جو!

مون کي هِن ڏينديون رهيون، اَڀرن جون آهون.
داڻو داڻو درد جو!

ميڙيندي ٿڪجان نه ٿي، محبت جون راهون!
داڻو داڻو درد جو!

“فرزانا” جاڪُون ڇڏيئي، سانڍيو دل تاڪُون.
داڻو داڻو درد جو!

ظاهر ٿيو ايمان، ماياڪاري ٿي مٿي!

ظاهر ٿيو ايمان، ماياڪاري ٿي مٿي!

ڪيڏو ننڍڙو زَرَ اڳيان، بڻيو آ انسان.
ماياڪاري ٿي مٿي!

ڪيئن شرافت تي ڪِري، گيدي ٿو دهمان!
ماياڪاري ٿي مٿي!

مفلس جي نيڻن اندر، هيکل هر ارمان.
ماياڪاري ٿي مٿي!

چورن لئه آزادگي، ڀاڳين لئه زندان.
ماياڪاري ٿي مٿي!

پيارُ جُوا جيئن هارِيو، دل جو ٿيو نقصان.
ماياڪاري ٿي مٿي!

ڪوڙي سڏجي ڪوڙ جي، ڪاٿي پئي آذان؟
ماياڪاري ٿي مٿي!

“فرزانا” بي زر سندو، هارايل فرمان.
ماياڪاري ٿي مٿي!

جيئندو ۽ مرندو، ماڻهو! هر ڪردار سان.

جيئندو ۽ مرندو، ماڻهو! هر ڪردار سان.

دنيا جي هِنَ سمنڊ ۾، ٻڏندو ۽ ترندو،
ماڻهو! هر ڪردار سان.

ويندو ٿي تاريخ ۽، ورقن ۾ ورندو،
ماڻهو! هر ڪردار سان.

دائم حق باطل هتي، وڙهندو ۽ ڏرندو،
ماڻهو! هر ڪردار سان.

“فرزانا” اونداهه ۾، چنڊ جيان ٻرندو،
ماڻهو! هر ڪردار سان.

ڏاٽو ڏاتِ ڪري، جڳ جا سُورَ لُڻي ڇڏيان!

ڏاٽو ڏاتِ ڪري، جڳ جا سُورَ لُڻي ڇڏيان!

هر ڪنهن جو منُ چين جا، ويٺو دمَ ڀري!
جڳ جا سُورَ لُڻي ڇڏيان!

چمنيءَ وانگي جيءَ سان، ڳڻتي ڪانه ٻَري،
جڳ جا سُورَ لُڻي ڇڏيان!

سُکَ جا سنگَ ماڻي سدا، جيڏيون! لوڪُ ٺري،
جڳ جا سُورَ لُڻي ڇڏيان!

جوڀن، جيون ڏيههَ ۾، ڳڻتين سان نه ڳري،
جڳ جا سُورَ لُڻي ڇڏيان!

“فرزانا” تڪليف کان، گهارن ساههَ پري،
جڳ جا سُورَ لُڻي ڇڏيان!

عمر ته گذري وئي، ڳالهيون دائم ڏيهه ۾!

عمر ته گذري وئي، ڳالهيون دائم ڏيهه ۾!

چوٽ ڏني ڪِنهن ڪِنهن هئي، ڪَرت سا وسري وئي،
ڳالهيون دائم ڏيهه ۾!

ايذاوَن سان دل منجهان، آهه جو نڪري وئي،
ڳالهيون دائم ڏيهه ۾!

ساٿَ وڃائي زندگي، ڪيڏو وکري وئي،
ڳالهيون دائم ڏيهه ۾!

سُوريتي هر سُورَ سان، تنها نبري وئي،
ڳالهيون دائم ڏيهه ۾!

“فرزانا” بلبل هئي، آخر اُڏري وئي،
ڳالهيون دائم ڏيهه ۾!

توسان ڏات ڪَٺي، هنجون هارِ نه هيکلي!

توسان ڏات ڪَٺي، هنجون هارِ نه هيکلي!

هُو ڏس تارن سان ڀري، آهي رات ڪَٺي،
هنجون هارِ نه هيکلي!

راڻل جي هر جاءِ تي، آهي ذات ڪَٺي،
هنجون هارِ نه هيکلي!

جيءَ ۾ جوڳين جي الا، پل پل تاتِ ڪَٺي،
هنجون هارِ نه هيکلي!

ڏيندي جڳ ۾ حوصلا، آ جذبات ڪَٺي،
هنجون هارِ نه هيکلي!

سڏڪڻ ڇڏ “شاهين” تون، لوري لات ڪَٺي،
هنجون هارِ نه هيکلي!

ڇُڙواڳي ٿي عام، آزادي ڪنهن کي ملي؟

ڇُڙواڳي ٿي عام، آزادي ڪنهن کي ملي؟

آخر جنگ، ڪروڌ ٿيو، امن سَندو پيغام،
آزادي ڪنهن کي ملي؟

اُلڪا اگني ٿي ويا، ڪونهي ڪو آرام،
آزادي ڪنهن کي ملي؟

عورت ورتو مرد کان، آهي انتقام،
آزادي ڪنهن کي ملي؟
ساڳي نارِ سماج ۾، ويچاري بدنام،
آزادي ڪنهن کي ملي؟

رسمن جي راهُن مٿي، ناريءَ جو قتلام،
آزادي ڪنهن کي ملي؟

ريتن جي هر دؤرَ ۾، ساڳيو قيد ڪلام،
آزادي ڪنهن کي ملي؟

جذبن ۾ آهي رهيو، محشر ۽ ماتام،
آزادي ڪنهن کي ملي؟

دردن جو هر جاءِ تي، آهي زور تمام،
آزادي ڪنهن کي ملي؟

نظريو ڏاهيءَ جو ٿيو، ناحق ڙي ناڪام،
آزادي ڪنهن کي ملي؟

“فرزانا” هر گام تي، عورت ئي الزام،
آزادي ڪنهن کي ملي؟

آهي عورتَ وَس، ڪهڙي عزت مردَ جي؟

آهي عورتَ وَس، ڪهڙي عزت مردَ جي؟

عورت هر رشتو اٿئي، ڇندين ڪهڙو ڏس!
ڪهڙي عزت مردَ جي؟

غيرت نالي مردَ کي، آهي ڪاوڙ بس،
ڪهڙي عزت مردَ جي؟

شڪتي تنهنجي عزت جي، آهي مون وٽ کس!
ڪهڙي عزت مردَ جي؟

تو ته بڻايو نارِ کي، ريتن ۾ بيوس!
ڪهڙي عزت مردَ جي؟

مرد جي عزت نارِ وَسِ، ازلئون آهِه وٽس!
ڪهڙي عزت مردَ جي؟

“فرزانا” سگهه جي اٿئي، عزت پنهنجي کس،
ڪهڙي عزت مردَ جي؟

سڙيا سُکَ وري، ساوا ٻيهر ڪونه ٿيا!

سڙيا سُکَ وري، ساوا ٻيهر ڪونه ٿيا!

باههِ ڏُڪر اهڙي ڏني، سرتيون! سڀ ٿري،
ساوا ٻيهر ڪونه ٿيا!

سڙيا آهن اُسَ ۾، ڀُتا جيءَ ڳري،
ساوا ٻيهر ڪونه ٿيا!

خوابَ پنن وانگي سُڪي، بيٺا تارِ تري!
ساوا ٻيهر ڪونه ٿيا!

جذبا ڪوسا جيءَ جا، ويئڙا نيٺ ٺري،
ساوا ٻيهر ڪونه ٿيا!

“فرزانا” باغن اندر، پيئي آڳ ٻَري،
ساوا ٻيهر ڪونه ٿيا!

ڪڙڪيا گيدي غيرَ، جاڳو ڌرتيءَ جا ڌڻي!

ڪڙڪيا گيدي غيرَ، جاڳو ڌرتيءَ جا ڌڻي!
جاڳو ڌرتيءَ جا ڌڻي!

سسئي پنهنجي سنڌڙيءَ، آيا ڏاڍا ڏيرَ،
جاڳو ڌرتيءَ جا ڌڻي!

آسُن جي هِن راههَ تي، ٿيندي ڪونه اَويرَ،
جاڳو ڌرتيءَ جا ڌڻي!

ٿيندي دهشت ڌُوڙ ۽، هونديون خوشيون خيرَ،
جاڳو ڌرتيءَ جا ڌڻي!
ڀاڳين جي گهرڙن مٿان، چورن ڪڍيا ڦيرَ،
جاڳو ڌرتيءَ جا ڌڻي!

ويل وئي ناهي اڃا، کوليو اک سويرَ،
جاڳو ڌرتيءَ جا ڌڻي!

صدين جي بڻجي صدا، گونجيو پٽ! دليرَ،
جاڳو ڌرتيءَ جا ڌڻي!

لوچي لهندا ماڳَ کي، آخر پنهنجا پيرَ،
جاڳو ڌرتيءَ جا ڌڻي!

“فرزانا” مارِن پيا، هيڏا انڌ انڌيرَ،
جاڳو ڌرتيءَ جا ڌڻي!

ڪونهي گهرجَ غُرور، ڏاتر! تنهنجي ڏات ۾!

ڪونهي گهرجَ غُرور، ڏاتر! تنهنجي ڏات ۾!

ڳوڙها ڳالهيون ٿي پِيا، آيو سُورُ، سُرور،
ڏاتر! تنهنجي ڏات ۾!

درد ڏٺا دلين اندر، مليو اهڙو نُور،
ڏاتر! تنهنجي ڏات ۾!

جذبا ڄرڪن هر گهڙي، بڻيو من تندورُ،
ڏاتر! تنهنجي ڏات ۾!

ساههَ سنڀارن سنڌڙي، پيارو آهي پُور،
ڏاتر! تنهنجي ڏات ۾!

آجو گهرجي آدمي، هيءُ مِلي منشور،
ڏاتر! تنهنجي ڏات ۾!

ڪهڙيون مرڪون ماڻِيون؟ اٽڪيل آ عاشور،
ڏاتر! تنهنجي ڏات ۾!

“فرزانا” کان حوصلو، ويل نه ويندو دورُ،
ڏاتر! تنهنجي ڏات ۾!

ڌرتيءَ لئه لکندي، منهنجي ڏات وڌي پئي!

ڌرتيءَ لئه لکندي، منهنجي ڏات وڌي پئي!
منهنجي ڏات وڌي پئي!

خيالن جي بن بن اندر، هيکلڙي هلندي،
منهنجي ڏات وڌي پئي!

ڳوڙها آيل ماءُ جا، چپڙن سان چُمندي،
منهنجي ڏات وڌي پئي!

ڏاترَ جي هِن ڏيههَ ۾، ڏکندن سان ڏکندي،
منهنجي ڏات وڌي پئي!

اَڀرن جي ايذاوَ سان، ڌرتيءَ جان لُڇندي،
منهنجي ڏات وڌي پئي!

تخيل جي سنسارَ ۾، جذبن سان وڌندي،
منهنجي ڏات وڌي پئي!

“فرزانا” ڀٽ شاهه جي، بيتن کي پڙهندي،
منهنجي ڏات وڌي پئي!

ڪهڙو تِنهن جو نورُ؟ سُورَ نه سمجهي لوڪَ جا!

ڪهڙو تِنهن جو نورُ؟ سُورَ نه سمجهي لوڪَ جا!

آهي جيءُ سُکائتو، احساسن کان دُور،
سُورَ نه سمجهي لوڪَ جا!

جيڪو پنهنجي ذات لئه، پالي ويٺو پورُ،
سُورَ نه سمجهي لوڪَ جا!

جنهن ۾ اوندهه انڌُ سو، گُهرجي ڪونه شعور،
سُورَ نه سمجهي لوڪَ جا!

“فرزانا” تنهن جيءَ جو، ڪونهي ڪوبه ضرور،
سُورَ نه سمجهي لوڪَ جا!

هليا هنج هتان، عالم ڪنگن جو ٿيو!

هليا هنج هتان، عالم ڪنگن جو ٿيو!

اُجياري اک ناهِه ڪا، ويٺي ڏُور ڏسان،
عالم ڪنگن جو ٿيو!

ڪوڙ ورايو واٽ تي، ڪيئن نه آنءُ لُڇان؟
عالم ڪنگن جو ٿيو!

ڪيسيتائين دل سڙي، هِتڙان ڇونه اُٿان؟
عالم ڪنگن جو ٿيو!

ڪونهي خوف ڪروڌ جو، پيئي سچ چوان،
عالم ڪنگن جو ٿيو!

سچ جي سٽ سٽ ساهه سان، لُڇيو روز لکان،
عالم ڪنگن جو ٿيو!

“فرزانا” ڏورانهن هلون، کڻ کڻ تيز وِکان!
عالم ڪنگن جو ٿيو!

مون کي مارينديون، اونداهيون چُپ چاپ ۾!

مون کي مارينديون، اونداهيون چُپ چاپ ۾!

سارُون ساهه سَٽينِ ٿيون، تن سان هِن اينديون،
اونداهيون چُپ چاپ ۾!

سرت نه تنهنجي ڪا پرين! اُلڪا هِن ڏينديون،
اونداهيون چُپ چاپ ۾!

اڀري چنڊ نه قربَ جو، ظاهر هَن ٿينديون،
اونداهيون چُپ چاپ ۾!

چين کڻي من جو سڄو، راڻا هِن وينديون،
اونداهيون چُپ چاپ ۾!

“فرزانا” ناهي پَتو، ڪاڏي هي نينديون؟
اونداهيون چُپ چاپ ۾!

ڪونهي ويل قرارُ، سُورن ويڙهيو ساههَ کي!

ڪونهي ويل قرارُ، سُورن ويڙهيو ساههَ کي!

آتو اندر جو رهيو، سارو ئي سنسار،
سُورن ويڙهيو ساههَ کي!

ڪونهي ٻيو ڪو آسرو، ڌرتي! ٿي غمخوار،
سُورن ويڙهيو ساههَ کي!

آخر ثابت ٿي پِيو، ڪوڙو تنهنجو پيار،
سُورن ويڙهيو ساههَ کي!

نيٺ ته پُڄندا ڏينهڙا، ڪو دم هان لاچار،
سُورن ويڙهيو ساههَ کي!

“فرزانا” سپنا سڙيا، ڪهڙي مند بهار!؟
سُورن ويڙهيو ساههَ کي!

تڪيو تارن رات، سارُون سڏڪن جيءَ سان!

تڪيو تارن رات، سارُون سڏڪن جيءَ سان!

هر هر ياد اچين پِيو، ماري ماٺ ممات،
سارون سڏڪن جيءَ سان!

سڻيو ساهه ڦٿڪيو پوَن، مٺڙي ڪوئل لات،
سارون سڏڪن جيءَ سان!

ننڊ نه آئي رات جو، لڇندي ٿي پرڀات،
سارون سڏڪن جيءَ سان!

تولئه پيارا! تڙپندي، ويندي هيءَ حيات،
سارون سڏڪن جيءَ سان!

سرتا! آهي ساهَه کي، تنهنجي ئي فڪرات،
سارون سڏڪن جيءَ سان!

ساءُ نه “فرزانا” ڏٺو، شاهد ڏاتر ڏات،
سارون سڏڪن جيءَ سان!

ڇا ۾ نيٺ نجات؟ ڇو تون سوچين ڪونه ٿو!؟

ڇا ۾ نيٺ نجات؟ ڇو تون سوچين ڪونه ٿو!؟

ڪاڏي خرچ ڪرين پِيو، ڏاتر واري ڏات!؟
ڇو تون سوچين ڪونه ٿو؟

اٽڪين پٿرن ساڻ ٿو، اڀري تنهنجي ذات،
ڇو تون سوچين ڪونه ٿو؟

ويٺي ملندي ڪينڪي، جانيئڙا! پرڀات،
ڇو تون سوچين ڪونه ٿو؟

ماري پيئي ماٺ ۾، هئه هئه ڪاري رات،
ڇو تون سوچين ڪونه ٿو؟

ڌرتيءَ لئه وڙهه وائڙا! مُور نه ايندئي مات،
ڇو تون سوچين ڪونه ٿو؟

ڪنهن لئه ٺاهين خواب جي، ويٺو ٿو محلات!؟
ڇو تون سوچين ڪونه ٿو؟

“فرزانا” ڪو دم اٿئي، جوڀن ۽ جذبات،
ڇو تون سوچين ڪونه ٿو؟

لوڀُ نه ڄاڻون ٿا، محبت جو آ مامرو!

لوڀُ نه ڄاڻون ٿا، محبت جو آ مامرو!

سِرڙو سِڪَ ۾ گهوربو، پرکي ڏِس تون ها،
محبت جو آ مامرو!

ٻولي ڄاڻون جيءُ جي، آهي خُوب لکا،
محبت جو آ مامرو!

جذبا سڀ تولاءِ هِن، تولئه قربُ، ڪَٿا،
محبت جو آ مامرو!

جاچي ڏس تون مَنَ اندر، ڪونهي مندي ڪا،
محبت جو آ مامرو!

ڪهڙي حيثيت حِرصَ جي، ٿُڏيون ٿا مايا؟
محبت جو آ مامرو!

ناهي ڪُوڙ، جَفا رهي، آ هر ويل وفا،
محبت جو آ مامرو!

“فرزانا” جيئان مران، تولئه روز مِٺا!
محبت جو آ مامرو!

توکان پوءِ مِٺا! جيئڻ، جيئڻ ڪونه ٿيو!

توکان پوءِ مِٺا! جيئڻ، جيئڻ ڪونه ٿيو!

قسمت ڏيندي آ رهي، وک وک درد، ڌِڪا،
جيئڻ، جيئڻ ڪونه ٿيو!

سارُون تنهنجون ٿيون ڏين، دل کي سُورَ ٿَها،
جيئڻ، جيئڻ ڪونه ٿيو!

توريءَ سک جا ڏينهڙا، ناهن جيءَ ڏٺا،
جيئڻ، جيئڻ ڪونه ٿيو!

تنهنجي پُورن سان پرين، آهن نيڻ وَٺا،
جيئڻ، جيئڻ ڪونه ٿيو!

ڪنهن نه ٻُڌي هن ڏيهه ۾، سُورن ساڻ صدا،
جيئڻ، جيئڻ ڪونه ٿيو!

“فرزانا” هلندي الا، آخر ساهَه ٿَڪا،
جيئڻ، جيئڻ ڪونه ٿيو!

ڌرتيءَ لئه جيئندي، ڌيءَ “عروبا” هر قدم!

ڌرتيءَ لئه جيئندي، ڌيءَ “عروبا” هر قدم!

ڏِسندي ڏنجَهه ڏُکائتا، ڏُکندن ڏي سُرندي.
ڌيءَ “عروبا” هر قدم!

ڳوڙها ساري سنڌُ جا، ماءُ جيان اُگهندي.
ڌيءَ “عروبا” هر قدم!

ڀاڳوَندي هِنَ ڀُونءِ جا، ڳائي ڳُڻَ لکندي.
ڌيءَ “عروبا” هر قدم!

اَڀرن سين انياءَ ڇو!؟ ڏاڍَ اڳيان ڪُڇندي.
ڌيءَ “عروبا” هر قدم!

“فرزانا” هر گامَ تي، مون وانگي وَڌندي.
ڌيءَ “عروبا” هر قدم!

عروبا منهنجي مٺڙي دوست ۽ ڌيءَ

ڀوڳي ساهَه سزا، ويڇا ويري ٿي پَيا!

ڀوڳي ساهَه سزا، ويڇا ويري ٿي پَيا!

ايذائن رڳ رڳ پَيا، توکان پوءِ مِٺا،
ويڇا ويري ٿي پَيا!

ساٿ سڀاڳا تو سِوا، ناهِن جيءَ ڏِٺا!
ويڇا ويري ٿي پَيا!

اُلڪن جي ماري پئي، مون کي ويل وَبا،
ويڇا ويري ٿي پَيا!

خوف رهي ٿو هر پهر، ڄاڻي خُوب خدا،
ويڇا ويري ٿي پَيا!

رويو آلي ٿي وئي، آهي دوست! رِدا،
ويڇا ويري ٿي پَيا!

“فرزانا” ملهار ٿي، آهن نيڻَ وُٺا،
ويڇا ويري ٿي پَيا!

اکين ۾ آسون کڻي، اندر جو انسان،

اکين ۾ آسون کڻي، اندر جو انسان،
تنها ٿو مون سان رهي!

دُنيا ۾ جيئن سنڌڙي، دل جو تيئن ارمان،
تنها ٿو مون سان رهي!

خوابن جو ويڙهو ڦِٽي، ويٺو ٿي ويرانُ،
تنها ٿو مون سان رهي!

هيڏي ساري ڏيههَ ۾، سُوريتو سلطانُ،
تنها ٿو مون سان رهي!

ڪيئن وٺي دل آجپو؟ يادن جو زندان،
تنها ٿو مون سان رهي!

سوچون ساريون ٿيون سَڙن، حيرت جو شمشانُ،
تنها ٿو مون سان رهي!

“فرزانا” منڙو مندر، محبت جو ڀڳوان،
تنها ٿو مون سان رهي!

اندر جو آواز، تو ڀي ڄاتو ڪينڪي!

اندر جو آواز، تو ڀي ڄاتو ڪينڪي!

سُڏڪن سان پيو آ ڇِڙي، ساهَن جو سُر سازُ،
تو ڀي ڄاتو ڪينڪي!

انڌَ انائن ۾ رهي، نوريءَ جهڙو نيازُ،
تو ڀي ڄاتو ڪينڪي!

نيڻن سان توکي ڏنو، رمزن ڀريو رازُ،
تو ڀي ڄاتو ڪينڪي!

ڏُکَ ڌرتيءَ جا وَيا لِکي، احمد شاهه، اياز،
تو ڀي ڄاتو ڪينڪي!

جهرڪيءَ جان جهٽجي وئين، عشق ازل کان بازُ،
تو ڀي ڄاتو ڪينڪي!

“فرزانا” توکي ڪَري، اکڙين سان ايلازُ،
تو ڀي ڄاتو ڪينڪي!

احمد شاهه: استاد بخاريءَ جو نالو
اياز: شيخ اياز ٻه قومي شاعر

جيئن جيئن ڏينهن تَپي پيو، تيئن تيئن پيرَ تَپن،

جيئن جيئن ڏينهن تَپي پيو، تيئن تيئن پيرَ تَپن،
ساهِيون ڪهڙيون ساههَ کي!؟

پنهل! تنهنجي آسري، ماريو ناهي پَنڌن،
ساهِيون ڪهڙيون ساههَ کي!؟

ڀينر! منهنجا پيرڙا، ماڳين شالَ رَسن،
ساهِيون ڪهڙيون ساههَ کي!؟

منهنجو هوتُ نِيو هِتان، زوريءَ رات جَتن،
ساهِيون ڪهڙيون ساههَ کي!؟

“شاهين” نڀايو پيرڙن، مونسين رَتَ رَتن،
ساهِيون ڪهڙيون ساههَ کي!؟

ڪونه جيئاريندي، جيڏيون ماريندي،

ڪونه جيئاريندي، جيڏيون ماريندي،
اُوندهه پنهنجي ديسَ کي!

ناهِن روشن ذهن جو، هر دل ڏاريندي،
اُوندهه پنهنجي ديسَ کي!

ڏاهي ڪا هِنَ ٻاٽَ ۾، جذبا ٻاريندي؟
اُوندهه پنهنجي ديسَ کي!

قومَ ٻُڏي ٿي مُونجهه ۾، همٿ تاريندي،
اُوندهه پنهنجي ديسَ کي!

“فرزانا” ڀٽ شاهه جون، وايون ساريندي،
اُوندهه پنهنجي ديسَ کي!

تنهنجون سارُون ساههَ ۾، سانڍيون لَکَ هزار،

تنهنجون سارُون ساههَ ۾، سانڍيون لَکَ هزار،
ناهِن آيون دُورِيون!

ميرا مُور نه ٿيا ڪڏهن، ڌرتيءَ جهڙا پيارَ،
ناهِن آيون دُورِيون!

آهي هر دم جيءَ سان، تنهنجي سُندر سارَ،
ناهِن آيون دُورِيون!

تنهنجو ئي احساس آ، تن من کي دلدار،
ناهِن آيون دُورِيون!

توسان ئي هر جيت آ، ٿيڻي ناهي هارَ،
ناهِن آيون دُورِيون!

گڏ آهيون “شاهين” جو، ڪهڙي پوءِ ميارَ!؟
ناهِن آيون دُورِيون!

راڻا! تنهنجي ڏاتَ کي، سڻ سڻ سڏڙا وو،

راڻا! تنهنجي ڏاتَ کي، سڻ سڻ سڏڙا وو،
دل جي ڪاڪَ سڏي پئي!

آنءُ نه ڄاڻان مينڌرا، دم دم توکي ڇو!؟
دل جي ڪاڪَ سڏي پئي!

واڪا واڪا واءُ ۾، هانءُ پُڪاري هو،
دل جي ڪاڪَ سڏي پئي!

ڏيئن جان ٻاري اکيون، توکي راڻل، او،
دل جي ڪاڪَ سڏي پئي!

لاهي اُلڪا ٻِيا سڀئي، توکي پيارل پو،
دل جي ڪاڪَ سڏي پئي!

“شاهين” ڪنائج ٿورڙو، توکي آڌيءَ جو،
دل جي ڪاڪَ سڏي پئي!

جيءَ! رَکي ڏِس ڀروَسو، ڪنهن جي ڀي ڪردار کي،

جيءَ! رَکي ڏِس ڀروَسو، ڪنهن جي ڀي ڪردار کي،
وقت نه ٿو ميرو ڪري!

اُجرو آهي هر گهڙي، جڳ ۾ لاشڪ پيارَ کي،
وقت نه ٿو ميرو ڪري!

اُجريون تَن جون ڳالِهيُون، سهڻي ۽ ميهارَ کي،
وقت نه ٿو ميرو ڪري!

جَرڪي ٿو هر دؤر ۾، عشق سندي انوارَ کي،
وقت نه ٿو ميرو ڪري!

سال لَنگهي “شاهين” وِيا، دل ۾ پوءِ به سارَ کي،
وقت نه ٿو ميرو ڪري!

ڪونهي ٻِيو ڪو پاڻ سان، تنها عالم ۾،

ڪونهي ٻِيو ڪو پاڻ سان، تنها عالم ۾،
آيو آخر درد ئي!

جذبن جي لاشن مٿان، پل پل ماتم ۾،
آيو آخر درد ئي!

خوشيءَ ۾ سنسار هو، جيڏيون! پر غم ۾،
آيو آخر درد ئي!

ڇيڙيو سازُ ملهارَ جو، سُڏڪن سرگم ۾،
آيو آخر درد ئي!

“شاهين” سدائين ڇو ڀلا، پنهنجي ئي دم ۾!؟
آيو آخر درد ئي!

اُڀَ ۾ ڪجهه ڀي ڪين آ، ڇا ٿو واجهائين؟

اُڀَ ۾ ڪجهه ڀي ڪين آ، ڇا ٿو واجهائين؟
ڌرتي سُندر آ سڄي!

سانڍي خواهش چنڊ جي، دل ٿو ايذائين،
ڌرتي سُندر آ سڄي!

مارُن سان تون جيئڙا، پيچُ نه ٿو پائين؟
ڌرتي سُندر آ سڄي!

ڀونءِ ڇڏي افلاڪَ جا، ڇو ٿو ڳُڻَ ڳائين؟
ڌرتي سُندر آ سڄي!

ڌرتيءَ جو هر جاءِ تي، ويٺو ٿو کائين،
ڌرتي سُندر آ سڄي!

ڇو ٿو تارَن سان مِيان، سوچون ڊوڙائين!؟
ڌرتي سُندر آ سڄي!

“فرزانا” جي ڳالهه کي، ٿورو جي ڀائين،
ڌرتي سُندر آ سڄي!

سرتيون! سانگين سان، ساڳيا ڏينهن وَرن،

سرتيون! سانگين سان، ساڳيا ڏينهن وَرن،
منهنجا نيڻ ٺَرن!

ڀاڳيا موٽن ماڳ تي، ڏُونگر، ڏاڍَ ڏرن،
منهنجا نيڻ ٺَرن!

ڪوهين اونداهيون وڃن، گهر گهر ديپَ ٻَرن،
منهنجا نيڻ ٺَرن!

مينهون، گابا، ڇيلڙا، ساوا گاههَ چَرن،
منهنجا نيڻ ٺَرن!

آجو ٿئي هر آدمي، ظالم شال مَرن،
منهنجا نيڻ ٺَرن!

“فرزانا” ڏکَ برفَ ٿي، ڳوڙهن ساڻ ڳَرن،
منهنجا نيڻ ٺَرن!

ويندي ڪاري ليلَ، ٿيندو ڏينهن چِٽو اديون!

ويندي ڪاري ليلَ، ٿيندو ڏينهن چِٽو اديون!

ٿيندا مارُن سان وري، مُرڪي محبت ميلَ،
ٿيندو ڏينهن چِٽو اديون!

آسُن جا آهن ڦُٽا، رُوحَ اندر رابيلَ،
ٿيندو ڏينهن چِٽو اديون!

هينئڙو ڀاسي ٿو پيو، شايد پنهنجو هيلَ،
ٿيندو ڏينهن چِٽو اديون!

“فرزانا” ٺوڳين سندا، پُورا ٿيندا کيلَ،
ٿيندو ڏينهن چِٽو اديون!

ناهي ساٿي ساٿ ڪو، عمرِ خلوتَ مان،

ناهي ساٿي ساٿ ڪو، عمرِ خلوتَ مان،
منهنجو سڱُ احساس سان!

جڳَ ۾ آهي عام سا، گهر گهر غربت مان،
منهنجو سڱُ احساس سان!

ڪونهي دُوئي دل اندر، آهيان محبت مان،
منهنجو سڱُ احساس سان!

ماڻهو! تنهنجي عادتن، آڏو حيرت مان،
منهنجو سڱُ احساس سان!

لافاني آهي سدا، غم جي دولت مان!
منهنجو سڱُ احساس سان!

ويڇو ڪونهي ويل ڪا، دائم قربت مان،
منهنجو سڱُ احساس سان!

سمجهي ڪو “شاهين” جي، ازلئون رحمت مان،
منهنجو سڱُ احساس سان!

ڳوڙهو ڳوڙهو زندگي، تارو تارو تات،

ڳوڙهو ڳوڙهو زندگي، تارو تارو تات،
ساءُ نه سنڀران ساءِ مان!

جذبا تڙپن ٿا پَيا، شاهد ڏاتر ڏات،
ساءُ نه سنڀران ساءِ مان!

مُرڪَ وڃائي سالَ ٿِيا، سُورُ نِسوري ذات،
ساءُ نه سنڀران ساءِ مان!

لونءَ لونءَ ٿي روئي پئي، “فرزانا” ڏينهن رات،
ساءُ نه سنڀران ساءِ مان!

دلين کي ٻاريو، اوندهه کان ڇو ٿا ڊِڄو!؟

دلين کي ٻاريو، اوندهه کان ڇو ٿا ڊِڄو!؟

محبت وَنڊيو جا بَجا، نفرت کي ماريو،
اوندهه کان ڇو ٿا ڊِڄو!؟

تاءُ رکو جذبن اندر، سُورج ٿي گهاريو،
اوندهه کان ڇو ٿا ڊِڄو!؟

ڏات وڏو آ حوصلو، اوکيءَ کي ٽاريو،
اوندهه کان ڇو ٿا ڊِڄو!؟

“فرزانا”، مشڪل ڪِشا، مشڪل ۾ ساريو،
اوندهه کان ڇو ٿا ڊِڄو!؟

ڪيڏو ڏوريو مُون، پَهَڻَ پنڌ پُڄي نه ٿو!

ڪيڏو ڏوريو مُون، پَهَڻَ پنڌ پُڄي نه ٿو!

جاڪُون ساٿ ڇِني وئين، پنهل! وو تاڪُون،
پَهَڻَ پنڌ پُڄي نه ٿو!

هانءُ ورهه جي واٽَ تي، ڦُٽي ٿِيو ڦاڪُون،
پَهَڻَ پنڌ پُڄي نه ٿو!

ڪيئن ڪٽينديس ڏينهڙا، مون کي ڏَس ڏي تُون؟
پَهَڻَ پنڌ پُڄي نه ٿو!

هلندي روهي راههَ تي، ساڻيون ٿيون آسُون،
پَهَڻَ پنڌ پُڄي نه ٿو!

تنهنجون سارون ايئن جيئن، چِيري دِل چاقون،
پَهَڻَ پنڌ پُڄي نه ٿو!

ويل نه ڪائي ساههَ کي، سُور ڏين ساهُون،
پَهَڻَ پنڌ پُڄي نه ٿو!

“فرزانا” نيڻن اندر، دردَ ڪڍيون شاخون،
پَهَڻَ پنڌ پُڄي نه ٿو!

آهي چينُ قرار، ڌرتي، تنهنجي جهولَ ۾!

آهي چينُ قرار، ڌرتي، تنهنجي جهولَ ۾!

ماڻي ويٺو ساءُ ٿو، سارو ئي سنسارُ،
ڌرتي، تنهنجي جهولَ ۾!

امڙ جهڙو مون ڏٺو، آهي پوِتر پيارُ،
ڌرتي، تنهنجي جهولَ ۾!

ناهي ڀٽڪڻ ٿِيو جڏهن، پاتو جيءَ وقارُ،
ڌرتي، تنهنجي جهولَ ۾!

وِسريو مون کان ڪينڪي، قول اُهو اقرارُ،
ڌرتي، تنهنجي جهولَ ۾!

مهڻن سان جيئندو پِيو، ايندو ڪيئن غدارُ؟
ڌرتي، تنهنجي جهولَ ۾!

“فرزانا” ڪيئن تو سَٺو، آهي دردن بارُ؟
ڌرتي، تنهنجي جهولَ ۾!

منهنجي جذبن ۾، آهين تون ئي تون سدا!

منهنجي جذبن ۾، آهين تون ئي تون سدا!

مُرڪ به تنهنجي نانءَ جي، سُورن، سُڏڪن ۾،
آهين تون ئي تون سدا!

ديرو تنهنجو مَنَ اندر، سوچن، سپنن ۾،
آهين تون ئي تون سدا!

توريءَ ڏِسجي ٻِيو نه ٿو، ديدُن، درپن ۾،
آهين تون ئي تون سدا!

قلب رسالو قُرب جو، اکرن ورقن ۾،
آهين تون ئي تون سدا!

هر هنڌ تنهنجي ذات آ، بن بن جبلن ۾،
آهين تون ئي تون سدا!

ٻوليون تنهنجون جا بَجا، جهنگن، شهرن ۾،
آهين تون ئي تون سدا!

جلوا تنهنجا ٿا رَهن، نازن، نيڻن ۾،
آهين تون ئي تون سدا!

“فرزانا” جو حوصلو، روهَن، رستن ۾،
آهين تون ئي تون سدا!

روئڻ آيو ڪونه، تنهايُن جي پنڌ ۾!

روئڻ آيو ڪونه، تنهايُن جي پنڌ ۾!

هلندي جي ٿَڪجي پئين، سُکَ جو سايو ڪونه،
تنهايُن جي پنڌ ۾!

ڪنهن ڀي مون ڏي ساٿَ جو، هٿُ وڌايو ڪونه،
تنهايُن جي پنڌ ۾!

دلداريون ڏيندو رهيو، درد رنجايو ڪونه،
تنهايُن جي پنڌ ۾!

وِکَ وِکَ تي آهُون ڀريان، ياد گهٽايو ڪونه،
تنهايُن جي پنڌ ۾!

دل ڀي سُکَ جو راڳ ڪو، آهي ڳايو ڪونه،
تنهايُن جي پنڌ ۾!

“فرزانا” ساڻو ڪري، سُورَ ٿَڪايو ڪونه،
تنهايُن جي پنڌ ۾!

روئي زارون زارِ، هانوَ حويلي هيکلي!

روئي زارون زارِ، هانوَ حويلي هيکلي!

آسُون آهن روئڻيون، گهڙيون سڀ بيزار،
هانوَ حويلي هيکلي!

ديدُن کان تون وئين پري، توبن ڄڻ سرڪار!
هانوَ حويلي هيکلي!

رسمي شاهن جي اڳيان، آزادي آ گارِ،
هانوَ حويلي هيکلي!

ٻوڙي ويندي زندگي، هئه هئه ڳوڙهن ٻارِ،
هانوَ حويلي هيکلي!

ڪيسين رهندي ڏيههَ ۾، ٿورو تون ويچار،
هانوَ حويلي هيکلي!

“فرزانا” هِنَ بند مان، پوندي آخر پارِ،
هانوَ حويلي هيکلي!

جيئي ٿو هر جيئڙو، هِتڙي پنهنجي لاءِ،

جيئي ٿو هر جيئڙو، هِتڙي پنهنجي لاءِ،
ڦيٿو ڦِريو وقت جو!

ويهي تون هڪ جاءِ تي، هاءِ نه هيئن واجهاءِ،
ڦيٿو ڦِريو وقت جو!

اکيون هاڻي واٽَ تي، وئرٿ تون نه وڇاءِ،
ڦيٿو ڦِريو وقت جو!

جذبا سارا ننڊ مان، جاڳي تون جاڳاءِ،
ڦيٿو ڦِريو وقت جو!

جُهومي پئي وايو منڊل، گيت نئون ڪو ڳاءِ،
ڦيٿو ڦِريو وقت جو!

سستي ساري ڪر ڦِٽي، اڳتي وِکَ وڌاءِ،
ڦيٿو ڦِريو وقت جو!

رنج رُسڻ ۾ ڪين ڪجهه، پنهنجن کي پرچاءِ،
ڦيٿو ڦِريو وقت جو!

ڇا ۾ پنهنجو آجپو، سياڻا، تون سمجهاءِ؟
ڦيٿو ڦِريو وقت جو!

“فرزانا” نيڻن اندر، وهم نه ڪو ترساءِ،
ڦيٿو ڦِريو وقت جو!

سُمهن ڪينَ اکيون، سارُون جاڳن ساهَه ۾!

سُمهن ڪينَ اکيون، سارُون جاڳن ساهَه ۾!

ڏينهن گذاريل قرب ۾، ساري سڀ سکيون!
سارُون جاڳن ساهَه ۾!

مِلنداسين مُرڪي وري، آسون جيءَ رکيون،
سارُون جاڳن ساهَه ۾!

اُلڪن جون ٻرنديون پَيون، جيسين دَم بَتيون،
سارُون جاڳن ساهَه ۾!

“فرزانا” توبن اکيون، پل ڀي بند نه ٿيون،
سارُون جاڳن ساهَه ۾!

ناهِن نيرَ اگهان، روئي منهنجو رُوح ٿو!

ناهِن نيرَ اگهان، روئي منهنجو رُوح ٿو!

احساسن جا هٿ کڻي، جيئن ٿي شعر لکان،
روئي منهنجو رُوح ٿو!

ڳوڙهو ڳوڙهو جيءَ سان، ويٺي لوڪ ڏسان،
روئي منهنجو رُوح ٿو!

ڪينَ ڏسان روئندا سڀئي، شل بي نُور هُجان،
روئي منهنجو رُوح ٿو!

“فرزانا” دل ڪربلا، ڪيئن پو آنءُ کِلان؟
روئي منهنجو رُوح ٿو!

وقت اُهو ايندو، پيارُ کڻي ايندو،

وقت اُهو ايندو، پيارُ کڻي ايندو،
مِلندي جنتَ جيئري!

نفرت جو نالو نشان، مِٽجي ئي ويندو،
مِلندي جنتَ جيئري!

ويلو سنڌوءَ وانگيان، سُکڙن ڏي نيندو،
مِلندي جنتَ جيئري!

محبت هرڪو ڏيههَ ۾، وٺندو ۽ ڏيندو،
مِلندي جنتَ جيئري!

ڏُور ڏُکن کان جيئڙو، سڀ ڪنهن جو ٿيندو،
مِلندي جنتَ جيئري!

“فرزانا” وِکَ وِکَ امن، ڌرتيءَ تي ٿيندو،
مِلندي جنتَ جيئري!

جوڳي! جاڳُ اڃان، جوتي گُهرجي جيءَ کي!

جوڳي! جاڳُ اڃان، جوتي گُهرجي جيءَ کي!

اونداهيون آهن اڳي، مان ٿي ڏُور وڃان،
جوتي گُهرجي جيءَ کي!

سوڀَ ته ٿيندي سچَ جي، ڇو مان آڻ مَڃان؟
جوتي گُهرجي جيءَ کي!

خوفن جي پٿرن هٿان، دل ڇو هيءَ ڀَڃان؟
جوتي گُهرجي جيءَ کي!

“فرزانا” نيڻن اندر، ٻر ٻر آسَ! اڃان،
جوتي گُهرجي جيءَ کي!

واند نه ڪنهن وٽ ويلَ، سوگهو هر دم سُورَ ۾!

واند نه ڪنهن وٽ ويلَ، سوگهو هر دم سُورَ ۾!

ناهِن سُکَ جا ڏينهن ٿِيا، گُوندر ساڳي ليلَ،
سوگهو هر دم سُورَ ۾!

سُورَ پِٽي هر جيئڙو، اهنجيءَ منجهه اويلَ،
سوگهو هر دم سُورَ ۾!

پَرُ جو ساڳيو سلسلو، ساهَن ۾ آ هيلَ،
سوگهو هر دم سُورَ ۾!

ٿيندا آهن دردَ سان، هر ڪنهن جا هِت ميلَ،
سوگهو هر دم سُورَ ۾!

ويئي ڪري سنجيدگي، آنند! دل ۾ ڀيلَ،
سوگهو هر دم سُورَ ۾!

“فرزانا” ڌرتيءَ کنيا، لڙڪَ ڪِريا رابيلَ،
سوگهو هر دم سُورَ ۾!

ماڻهو! ماتمَ ۾! ساڳيا اُلڪا عيدَ جا!

ماڻهو! ماتمَ ۾! ساڳيا اُلڪا عيدَ جا!

سُورن ساهُه اچي کنيو، آهي آدم ۾،
ساڳيا اُلڪا عيدَ جا!

دم دم هِن هر جاءِ تي، اکيون آگمَ ۾،
ساڳيا اُلڪا عيدَ جا!

ڳوڙها، گُوندر ٿا رَهن، ديدن ۽ دمَ ۾،
ساڳيا اُلڪا عيدَ جا!

“فرزانا” گهاري عمر، وِکَ وِکَ محرم ۾،
ساڳيا اُلڪا عيدَ جا!

اُٿيو آڌيءَ جو، مون کي ڪير سَڏي پِيو!؟

اُٿيو آڌيءَ جو، مون کي ڪير سَڏي پِيو!؟

دل تائين آهي پُڳو، جنهن جو هُلُ هوڪو،
مون کي ڪير سَڏي پِيو!؟

ناهي چين قرار ڪو، ڏسيو سرتيون! او،
مون کي ڪير سَڏي پِيو!؟

تن من تڙپائي پيو، سڏ نه سڃاتل سو،
مون کي ڪير سَڏي پِيو!؟

توکي سُرت نه سُورَ جي، سڏ نه ٻُڌو جو تو،
مون کي ڪير سَڏي پِيو!؟

سُورَ سُمهن ٿا سانت سان، سُڏڪيو ساري پو،
مون کي ڪير سَڏي پِيو!؟

“فرزانا” ٻولي مِٺي، آهي ڪنهن جي وو،
مون کي ڪير سَڏي پِيو!؟

جيونَ! سَڀُ رُٺا، آخر ڪاڏي ٿا وڃن؟

جيونَ! سَڀُ رُٺا، آخر ڪاڏي ٿا وڃن؟

لوچيندڙ هي جيئڙا، آهن موتَ مُٺا!
آخر ڪاڏي ٿا وڃن؟

پيارَ پچارون هِت ڪري، ماڻهو! سڀ سُٺا!
آخر ڪاڏي ٿا وڃن؟

ٿَڪجي ڪِريا ڏيههَ ۾، جِن جا سُور پُٺا،
آخر ڪاڏي ٿا وڃن؟

“فرزانا” ساٿي سڀئي، ڏسندي نيڻَ وُٺا،
آخر ڪاڏي ٿا وڃن؟

جذبا ٿي پِيا جُهورُ، کائي جوڀن سُورَ ويا!

جذبا ٿي پِيا جُهورُ، کائي جوڀن سُورَ ويا!

روئي اکڙين جو سڄو، نيٺ وڃايو نُورُ،
کائي جوڀن سُورَ ويا!

هيکل هيڏي ڏيهَه ۾، پل پل پاليان پُورُ؟
کائي جوڀن سُورَ ويا!

ڪيئن رَسان توکي پرين؟ آهين ڏاڍو ڏُورُ!
کائي جوڀن سُورَ ويا!

ڳوڙها، ڳاراڻا ڳران، وڌيو دردَ ڪلُورُ،
کائي جوڀن سُورَ ويا!

اکيون ڀاسن آڳ ۽ تن سڄو تندورُ،
کائي جوڀن سُورَ ويا!

“فرزانا” ڪنهن سان سَليان؟ سانگيئڙن جو سُورُ!
کائي جوڀن سُورَ ويا!

جيءَ! نه هت ديرو، ڪاري رات کُٽي نه ٿي!

جيءَ! نه هت ديرو، ڪاري رات کُٽي نه ٿي!

گُهٽجي مرندو ٿو رهي، محبت جو ڳيرو،
ڪاري رات کُٽي نه ٿي!

مَنَ جي واهَڻَ ۾ آ رهيو، خوف سندو گهيرو،
ڪاري رات کُٽي نه ٿي!

ڦاسي پئي هيءَ دل صفا، چوڏس انڌيرو،
ڪاري رات کُٽي نه ٿي!

اونداهيءَ ڪيڏو ڪِيو، رند سڄو ميرو،
ڪاري رات کُٽي نه ٿي!

“فرزانا” لڀجي نه ٿو، پنهل جو پيرو،
ڪاري رات کُٽي نه ٿي!

هيءَ به ڪهڙي ننڊَ، هيءَ به ڪهڙي رات؟

هيءَ به ڪهڙي ننڊَ، هيءَ به ڪهڙي رات؟
سوچون سَڀُ سُمهي پِيون!

جيوَت آ يا موت جو، ڪونهي ڪيچن تات!؟
سوچون سَڀُ سُمهي پِيون!

رنج الئه ڪهڙو هُيس؟ ڏُور وئي ٿي ڏات،
سوچون سَڀُ سُمهي پِيون!

منهنجي من جي ڇَنَ ۾، ڏس تون پائي جهات،
سوچون سَڀُ سُمهي پِيون!

آئي ڪونه اڃان هئي، ساريندي پرڀات!
سوچون سَڀُ سُمهي پِيون!

جذبا جُهرندا وِيا سڀئي، وقت ڏني جو مات،
سوچون سَڀُ سُمهي پِيون!

“فرزانا” ناهي رهي، ڪائي ڀي فڪرات!
سوچون سَڀُ سُمهي پِيون!

ڳڻتيون ۽ ڳارا، باقي ٿورا ڏينهڙا!

ڳڻتيون ۽ ڳارا، باقي ٿورا ڏينهڙا!

اوکيءَ سان گذرن پَيا، لمحا جي پيارا!
باقي ٿورا ڏينهڙا!

دردن جي درياههَ جون، لهرون، لامارا،
باقي ٿورا ڏينهڙا!

پنهنجا آهن جي رهيا، گردش ۾ تارا،
باقي ٿورا ڏينهڙا!

وسُئن ۾ ويندا اچي، چاهتَ جا چارا،
باقي ٿورا ڏينهڙا!

سنڌوءَ وانگي ٿا وَهن، نيڻن جا نارا،
باقي ٿورا ڏينهڙا!

“فرزانا” ويندا وَهِي، سُورَ سڄڻ! سارا،
باقي ٿورا ڏينهڙا!

راڻا! موٽي آءُ، دل جي ڪاڪِ جُهري پئي!

راڻا! موٽي آءُ، دل جي ڪاڪِ جُهري پئي!

ورهه سڪندي ويا لَنگهي، سنڀران ساءِ نه ساءُ،
دل جي ڪاڪِ جُهري پئي!

ناهي تنهنجي قرب جو، سومل منجهه هڳاءُ،
دل جي ڪاڪِ جُهري پئي!

تن من تڙپائي پيو، هاءِ وڇوڙن واءُ،
دل جي ڪاڪِ جُهري پئي!

“فرزانا”، سان ڪر کڻي، پيارل! تون پرچاءُ،
دل جي ڪاڪِ جُهري پئي!

آهي ڏينهن تَتو، ڪونهي ڇانوَ ڇپر،

آهي ڏينهن تَتو، ڪونهي ڇانوَ ڇپر،
ڪاٿي ساهيان پيرڙا!؟

تيکُ تتيءَ ۾ آ گهڻو، ناهي مينهن، ڪڪر،
ڪاٿي ساهيان پيرڙا!؟

هونءَ ته جيون پل اَپل، اڻ کٽ سُورَ سفر،
ڪاٿي ساهيان پيرڙا!؟

سنگي سُکُ ٿئي اچي، اهڙو ڪونه پهر،
ڪاٿي ساهيان پيرڙا!؟

“فرزانا” دنيا سڄي، آهي اهنج بحر،
ڪاٿي ساهيان پيرڙا!؟

ڏيئا ٻاري ياد جا، جاڳي ٿي جذبات،

ڏيئا ٻاري ياد جا، جاڳي ٿي جذبات،
ايندو راڻو ڪاڪَ ڏي!

نيڻَ وِڇايو راهَه ۾، ويٺي آهي رات،
ايندو راڻو ڪاڪَ ڏي!

ايندو ڏيندو مينڌرو، سُورن کي سڪرات،
ايندو راڻو ڪاڪَ ڏي!

دلداريون ڏيندي پئي، ڏُونگر جهڙي ڏات،
ايندو راڻو ڪاڪَ ڏي!

جذبن ۾ هئي جستجو، جيئن جيئن پاتي جهات،
ايندو راڻو ڪاڪَ ڏي!

آڻيندي “شاهين” اَوس، آزادي پرڀات،
ايندو راڻو ڪاڪَ ڏي!

آهيان ڪو دم ڏيههَ ۾، وڃڻي آهيان ڏُورُ،

آهيان ڪو دم ڏيههَ ۾، وڃڻي آهيان ڏُورُ،
آهي ماڳ اڃا اڳي!

واٽون هِن اهنجون ته ڇا؟ ساڻي سِرَ سان سُورُ،
آهي ماڳ اڃا اڳي!

سُورن کي سامهون ڏِسي، ٿينديس ڪينَ مَلورُ،
آهي ماڳ اڃا اڳي!

ڏاتر ڏيندو پنڌَ ۾، نابينيءَ کي نُورُ،
آهي ماڳ اڃا اڳي!

ساڳيا سپنا ساههَ جا، ساڳيو پنهونءَ پُورُ،
آهي ماڳ اڃا اڳي!

“فرزانا” رک حوصلو، منزل ٿوري دُورُ،
آهي ماڳ اڃا اڳي!

ڪيرُ ڏَسيندو ماڻهؤ، ڇا ٿو سوچي دورُ!؟

ڪيرُ ڏَسيندو ماڻهؤ، ڇا ٿو سوچي دورُ!؟
ماروئڙن جي ماٺ ٿي!؟

چوڏس چيخون ٿي ويون، سُورَ مچايو شورُ،
ماروئڙن جي ماٺ ٿي!؟

سُورن هِنِ راڙا ڪَيا، سنڌ سڄي ڀنڀور،
ماروئڙن جي ماٺ ٿي!؟

روز وڌي ٿي عام ويو، غاصب! تنهنجو زورُ،
ماروئڙن جي ماٺ ٿي!؟

دارون گُهرجي دردَ ۾، “فرزانا”، ڪر غورُ،
ماروئڙن جي ماٺ ٿي!؟

ڇا ٿو سوچين وائڙا! ڏورڻ منجهه حيات،

ڇا ٿو سوچين وائڙا! ڏورڻ منجهه حيات،
پيرن کي ساهيون نه ڏي!

جيئڻ لئه ڪر جستجو، ڪو دم ڪاري رات،
پيرن کي ساهيون نه ڏي!

ناهي خوف ڪِروڌ جو، ساڻي آهي ڏات،
پيرن کي ساهيون نه ڏي!

راههَ کُٽايون سُورَ جي، سامهون سُک محلات،
پيرن کي ساهيون نه ڏي!

ننڊ نه ڏيندئي چينَ جي، جانيئڙا! جذبات،
پيرن کي ساهيون نه ڏي!

“فرزانا” ڀٽڪون نه ٿا، اوکا هِن حالات،
پيرن کي ساهيون نه ڏي!

نارا نيڻ وَهنِ، سارُون ٿي سانوَڻ وَسنِ!

نارا نيڻ وَهنِ، سارُون ٿي سانوَڻ وَسنِ!

سُورَ وِڄون بڻجي الا، گوڙيون جيءَ! گجن،
سارُون ٿي سانوَڻ وَسنِ!

آسن جا گهرڙا ڪَچا، سرتيون! شال بچن،
سارُون ٿي سانوَڻ وَسنِ!

درد گهٽائون ٿي پيا، هئه هئه ڏوهَه ڏَڪن،
سارُون ٿي سانوَڻ وَسنِ!

من اندر مهراڻ ۾، موجون مست ٿين،
سارُون ٿي سانوَڻ وَسنِ!

ضبط ٽُٽو بند وانگيان، پَئيَڙا خواب ٻُڏن،
سارُون ٿي سانوَڻ وَسنِ!

“فرزانا” وڇڙيل پَيا، ڏاڍو ياد پوَن،
سارُون ٿي سانوَڻ وَسنِ!

منهنجي جيجل ماءُ! گهوريان توتان جندڙي.

منهنجي جيجل ماءُ! گهوريان توتان جندڙي.

ڏک تو رکيا پاڻ سان، مون کي ارپي ساءُ،
گهوريان توتان جندڙي.

پنهنجي سِرَ تي مان کڻان، تنهنجو هر ايذاءُ،
گهوريان توتان جندڙي.

تنهنجي لوليءَ جو امان! ٺاري منُ پڙلاءُ،
گهوريان توتان جندڙي.

ڪِينَ سَهي ٿي مان سگهان، توسان ڪو انياءُ،
گهوريان توتان جندڙي.

تو ئي مون کي آ ڏنو، اڀرن لئه ڪهڪاءُ،
گهوريان توتان جندڙي.

بخش خطا “شاهين” کي تنهنجي دل درياءُ،
گهوريان توتان جندڙي.

ايندي اهڙي ويلَ، آجي ٿينديَس ڪوٽَ مان!

ايندي اهڙي ويلَ، آجي ٿينديَس ڪوٽَ مان!

ٿيندا ڳوڙها رتَ ڳَڙا، نيڻن جا رابيلَ،
آجي ٿينديَس ڪوٽَ مان!

جهاڳيندي ويندي کُٽي، باقي ٿوري ليلَ،
آجي ٿينديَس ڪوٽَ مان!

ٿيندا ٿيندا پاڻ جا، سِڪَ سان! ساڳيا ميلَ،
آجي ٿينديَس ڪوٽَ مان!

پيرَ صبح کي پهچندا، ٿي وئي آهِه اَويلَ!؟
آجي ٿينديَس ڪوٽَ مان!

“فرزانا” ساهَن سنديون، ٽٽنديون ٻيڙيون هيلَ،
آجي ٿينديَس ڪوٽَ مان!

ويلَ وِڃائي مُون، اونداهي ماري وَئي!

ويلَ وِڃائي مُون، اونداهي ماري وَئي!

سپنا بڻجي وِيا ڇَڏي، روشن ڏينهڙا ڏون،
اونداهي ماري وَئي!

مون کي ڀاڪر منجهه ڀر، منهنجي مٺڙي ڀُون!
اونداهي ماري وَئي!

جيوَن گذريو ساڙَ ۾، مان مان تون تون تون،
اونداهي ماري وَئي!

“فرزانا” اُڏري ويو، ساهُه کڻي آسُون،
اونداهي ماري وَئي!

جيجل! جوڳيئڙا، آخر موٽِيا ماڳَ ڏي!

جيجل! جوڳيئڙا، آخر موٽِيا ماڳَ ڏي!

جن جا ڇڏيا ڪينڪي، اکڙين اوسيئڙا،
آخر موٽِيا ماڳَ ڏي!

سُورن کي ساٿي ڪَري، آهن ساميئڙا،
آخر موٽِيا ماڳَ ڏي!

پهر پَکَن ۾ گهاريُون، جُهونا جهانگيئڙا،
آخر موٽِيا ماڳَ ڏي!

“فرزانا” سڏڙا ڪندي، سارا پانڌيئڙا،
آخر موٽِيا ماڳَ ڏي!

آهي پنڌ پري، ڏات! اڃا رَهُه جيءَ سان.

آهي پنڌ پري، ڏات! اڃا رَهُه جيءَ سان.

احساسن جا موتِيا، ڏي تون جهولَ ڀَري،
ڏات! اڃا رَهُه جيءَ سان.

تيئن تيئن تون جاڳائجان، جيئن جيئن رات ٺَري،
ڏات! اڃا رَهُه جيءَ سان.

وينديس هِتڙان آنءُ جي، ٻيهر ڪيرُ وَري؟
ڏات! اڃا رَهُه جيءَ سان.

جيوَن آهي جنڊ ڄڻ، پِيو ٿو ڏِيلُ ڏَري!
ڏات! اڃا رَهُه جيءَ سان.

“فرزانا” سنسارَ ۾، روشن ذِهنَ ڪَري،
ڏات! اڃا رَهُه جيءَ سان.

ٿينديون آخر عام، وايون پيارَ پريتِ جُون!

ٿينديون آخر عام، وايون پيارَ پريتِ جُون!

دليون گڏجي ديس جُون، پهچائن پيغام،
وايون پيارَ پريتِ جُون!

ٿِيڻيون آهن ڪينڪي، ننڌڻڪيون ناڪام،
وايون پيارَ پريتِ جُون!

آهن ڏينديون لوڪَ کي، وحدت جو پيغام،
وايون پيارَ پريتِ جُون!

سونهن سڀئي سيکاريون، ڪين ڪڏهن وسريام،
وايون پيارَ پريتِ جُون!

“فرزانا” ويساهُه رک، ٿينديون قلب ڪلام،
وايون پيارَ پريتِ جُون!

مَٽيو سڀ مَٽيو، راهون ساڳيون رُوحَ جون.

مَٽيو سڀ مَٽيو، راهون ساڳيون رُوحَ جون.

روهن جو رستو ڊگهو، تنها جيءَ ڪَٽيو،
راهون ساڳيون رُوحَ جون.

بوءِ بدن کي ڀُونءِ ۾، لوڪن آهِه لَٽيو،
راهون ساڳيون رُوحَ جون.

پَهَڻَ جي هِنَ پنڌ تي، هئه هر هانءُ ڦَٽيو،
راهون ساڳيون رُوحَ جون.

اوندهه جو “شاهين” پر، ناهي پنڌ گَهٽيو،
راهون ساڳيون رُوحَ جون.

مهڪي پَيو سنسارُ، سارنگ آيو سرتِيُون!

مهڪي پَيو سنسارُ، سارنگ آيو سرتِيُون!

ساوا گاههَ ڦُٽي پَيا، مُرڪيو هر پنهوارُ،
سارنگ آيو سرتِيُون!

راضي رهندو ايئن ئي، سڀ تي پالڻهار،
سارنگ آيو سرتِيُون!

وڻ وڻ ٿو ويٺو پَسي، پکيئڙن جو پيارُ،
سارنگ آيو سرتِيُون!

ٿر، بر ڏسندو ساءُ سُک، ملندو چينُ قرار،
سارنگ آيو سرتِيُون!

ڳائي سڏڙا ٿو ڪَري، جهانگين کي ٻڪرارُ،
سارنگ آيو سرتِيُون!

“فرزانا” آهي اِڇا، ٿيندو هيلَ سُڪارُ،
سارنگ آيو سرتِيُون!

سُور وَندي ساڻيهَه ۾، هرڪو سوڳي ساهُه،

سُور وَندي ساڻيهَه ۾، هرڪو سوڳي ساهُه،
پسيو سُورَ سبيلَ ٿِيا!

موجون هِنَ کان ڪنهن ڦُريون، ماٺارو درياهُه؟
پسيو سُورَ سبيلَ ٿِيا!

روئندڙ جيجل ماءُ جي، اکين منجهه اللهُ،
پسيو سُورَ سبيلَ ٿِيا!

درد وِڇايل ڄڻ لڳا، دل جي درسگاههُ،
پسيو سُورَ سبيلَ ٿِيا!

“فرزانا” سِڪَ تڙپَ ۾، چنڊَ، پکيءَ جو چاهُه،
پسيو سُورَ سبيلَ ٿِيا!

پونديون پَٽِ جُهري، جُهڳيون جهانگين جُون،

پونديون پَٽِ جُهري، جُهڳيون جهانگين جُون،
ماٺو ٿي تون مينهڙا!

ڳوڙها آيَلِ جا ڳڙن، ويٺا ٿا وِهنجون،
ماٺو ٿي تون مينهڙا!

سُور اباڻن جا ڪِٿي، سمجهي سگهندين تُون،
ماٺو ٿي تون مينهڙا!

“فرزانا” ڳڻتيون کَڻي، ٿَڪجي پوَندي ڀُون،
ماٺو ٿي تون مينهڙا!

اوسيئڙا، ارمانَ، ڪو دم آهن ڏيهَه ۾!

اوسيئڙا، ارمانَ، ڪو دم آهن ڏيهَه ۾!

ويندا لَٽجي واءُ ۾، پيرن جا نيشانَ،
ڪو دم آهن ڏيهَه ۾!

پوکين ٿا وَڻَ پيارَ جا، ماڻهو! سڀ مهمانَ،
ڪو دم آهن ڏيهَه ۾!

ايندا آجا ڏينهڙا، ظالم ۽ زندانَ،
ڪو دم آهن ڏيهَه ۾!

چرخو آهي وقت جو، اديون! سڀ انسانَ،
ڪو دم آهن ڏيهَه ۾!

وکري ويندا اوچتو، خوابن جا گلدانَ،
ڪو دم آهن ڏيهَه ۾!

آخر کُٽندا کيڏندي، نفرت جا ميدانَ،
ڪو دم آهن ڏيهَه ۾!

رهنديون ڳالهيون لوڪ ۾، “فرزانا”، نادانَ،
ڪو دم آهن ڏيهَه ۾!

اندر جا آرامي سارا، سُورَ اُٿاري ٿو،

اندر جا آرامي سارا، سُورَ اُٿاري ٿو،
ڪير پُڪاري ٿو!؟

غفلت واري ننڊ کي ماري، جاڳ جياري ٿو،
ڪير پُڪاري ٿو!؟

سڏڙن ۾ سَوَ سُور سمائي، تن من ڳاري ٿو،
ڪير پُڪاري ٿو!؟

سُورَ اُٿاري جذبا ٻاري، سانت سُمهاري ٿو،
ڪير پُڪاري ٿو!؟

ويرانن ۾ تنها جيوَن، ڪوته گذاري ٿو،
ڪير پُڪاري ٿو!؟

چيخن ۾ تاريخ سمائي، اُڀَ کي ڏاري ٿو،
ڪير پُڪاري ٿو!؟

“فرزانا شاهين” ميارون، ڏيندي ماري ٿو،
ڪير پُڪاري ٿو!؟

واٽون نيهارينِ، اکيون تنهنجي آسري!

واٽون نيهارينِ، اکيون تنهنجي آسري!

گهڙيون درد فراق جون، مون کي ٿيون ماريِن،
اکيون تنهنجي آسري!

سُورن جي سنسارَ ۾، هَنجون ٿيون هاريِن،
اکيون تنهنجي آسري!

سُوريتيون مَنَ مُرڪندي، گهڙيون ٿيون گهاريِن،
اکيون تنهنجي آسري!

“فرزانا” دل هيکلي، ڳڻتيون ٿيون ڳاريِن،
اکيون تنهنجي آسري!

ڌرتي جَڳَ جي ماءُ، ڌرتيءَ کي ڀاڱا نه ڪر!

ڌرتي جَڳَ جي ماءُ، ڌرتيءَ کي ڀاڱا نه ڪر!

ويڇو تنهنجو وهم آ، سمجهين شل تون ڀاءُ!
ڌرتيءَ کي ڀاڱا نه ڪر!

تنهنجو سهندي ڪيترو، ماٺي ٿي انياءُ؟
ڌرتيءَ کي ڀاڱا نه ڪر!

ٿورو رکج رُوحَ ۾، سانڍي تون ڪهڪاءُ،
ڌرتيءَ کي ڀاڱا نه ڪر!

ساري عالم ۾ ڪو، ڌرتيءَ هِيرَ هُڳاءُ،
ڌرتيءَ کي ڀاڱا نه ڪر!

توکي ئي ايندو ڪڏهن، آخر هي ايذاءُ،
ڌرتيءَ کي ڀاڱا نه ڪر!

“فرزانا” ويندءِ ڦِٽي، سارو دل جو ساءُ،
ڌرتيءَ کي ڀاڱا نه ڪر!

ڪنهن کان ڪيرُ سِکي؟ هرڪو ڏاهو ٿي پَيو!

ڪنهن کان ڪيرُ سِکي؟ هرڪو ڏاهو ٿي پَيو!

حسد جي ڏوري وٽس، ويٺو روز ڇِڪي،
هرڪو ڏاهو ٿي پَيو!

اَحمق سڏجي سادڙو، ڪاٿي ڪيئن لِڪي!؟
هرڪو ڏاهو ٿي پَيو!

سڀ ڪو پنهنجو دڳ ڏَسي، ڪيسين جيءُ ڊُڪي؟
هرڪو ڏاهو ٿي پَيو!

ڪنهن کي ڪُوڙو ڪوٺجي؟ سوچي روحُ ڏُکي!
هرڪو ڏاهو ٿي پَيو!

منزل جو گهٽ گهيڙ هِت، ڪنهن کان ڪيرُ پُڇي؟
هرڪو ڏاهو ٿي پَيو!

“فرزانا شاهين” ٿي، سُڏڪي سَچُ لِکي،
هرڪو ڏاهو ٿي پَيو!

ساري ڀُونءِ شعاع، آهي چنڊ ٻريو،

ساري ڀُونءِ شعاع، آهي چنڊ ٻريو،
تولئه رُوح ڀريو!

اوٿر وانگي اوچتو، تنهنجو خيال وَريو،
تولئه رُوح ڀريو!

ساريندي نيڻن اندر، آهي آب تَريو،
تولئه رُوح ڀريو!

ساري ڪلهه جا ڏينهڙا، دل جو ڌيان ڌريو،
تولئه رُوح ڀريو!

ڏسندي چنڊ چڪور جو، ساڳيو چاهَه چَريو،
تولئه رُوح ڀريو!

“فرزانا” ڏنجهَه سان ڪِٿي، ناهي ڏيل ٺريو،
تولئه رُوح ڀريو!

ڏُکندن جي هِنَ حالَ تي، ڳڻتيون ڳارينديون،

ڏُکندن جي هِنَ حالَ تي، ڳڻتيون ڳارينديون،
مون کي مارينديون!

تنهنجيءَ دل جون نفرتون، باهيون ٻارينديون،
مون کي مارينديون!

هئه هئه هيڏيون هي وِٿيون، دل کي ڏارينديون!
مون کي مارينديون!

سوچون سِگريون ساهَه لئه، ڪاٿي ٺارينديون؟
مون کي مارينديون!

امڙيون هِنَ سنسارَ ۾، هَنجون هارينديون،
مون کي مارينديون!

وِڇڙي منهنجون سرتيون، نيٺ وسارينديون،
مون کي مارينديون!

“فرزانا” ڏُکَ ڇوليون، مُورُ نه تارينديون،
مون کي مارينديون!

آڌيءَ رات اُٿي، جذبا جاڳي جنگ ٿيا!

آڌيءَ رات اُٿي، جذبا جاڳي جنگ ٿيا!

آهي نيڻن جي اڳيان، ڪنهن جي ڌيءَ ڪُٺي،
جذبا جاڳي جنگ ٿيا!

ڏات! ڪيون ڳالهيون ٻه ٽي، آهي ننڊَ رُٺي،
جذبا جاڳي جنگ ٿيا!

بيهُودَن جي ڏيهَه ۾، ڪائي جند ڏُکي،
جذبا جاڳي جنگ ٿيا!

سُور اچي سامهون ٿِيا، ڏِنئي چينَ! پُٺي،
جذبا جاڳي جنگ ٿيا!

“فرزانا” ڏُکَ ڏات سان، ڏاڍو رات وُٺي،
جذبا جاڳي جنگ ٿيا!

ڪنهن جو ڪو ناهي، ڪهڙو دؤر اچي ويو!؟

ڪنهن جو ڪو ناهي، ڪهڙو دؤر اچي ويو!؟

ويڇو هر هڪ جيءَ سان، آهي ئي آهي،
ڪهڙو دؤر اچي ويو!؟

دِليون ڊاهي آدمي، محل پيو ٺاهي،
ڪهڙو دؤر اچي ويو!؟

ماڻهو! ڦير فساد ۾، ساهَه نه ٿو ساهي،
ڪهڙو دؤر اچي ويو!؟

چين ويو “شاهين” جو، سُورُ پيو ڪاهي،
ڪهڙو دؤر اچي ويو!؟

وقت ڏنو جي ساٿ پوءِ، سارَ نه ٿينداسين،

وقت ڏنو جي ساٿ پوءِ، سارَ نه ٿينداسين،
ڌارَ نه ٿينداسين!

پاڻ وڇوڙي ڪاتَ جا، وارَ نه ٿينداسين،
ڌارَ نه ٿينداسين!

سنڌوءَ جي هِڪَ سِيرَ هُون، پارَ نه ٿينداسين،
ڌارَ نه ٿينداسين!

قربن جي ديوار لئه، ڏارَ نه ٿينداسين،
ڌارَ نه ٿينداسين!

محبت جي ميدان ۾، هارَ نه ٿينداسين،
ڌارَ نه ٿينداسين!

رشتن جو آ مامرو، ٻارَ نه ٿينداسين،
ڌارَ نه ٿينداسين!

“فرزانا” نفرت ڀري، نيهارَ نه ٿينداسين،
ڌارَ نه ٿينداسين!

هُو ٿو ڏُور ٻَري، چنڊ نه ساٿي پاڻَ جو!

هُو ٿو ڏُور ٻَري، چنڊ نه ساٿي پاڻَ جو!

ڌرتيءَ، اُڀ جو فاصلو، آهي جيءَ! پَري،
چنڊ نه ساٿي پاڻَ جو!

هُو نه پَيو هڪ جاءِ تي، پنهنجا پيرَ ڌري،
چنڊ نه ساٿي پاڻَ جو!

ڀُونءِ اکيون اُڀَ ۾ رکي، ٿڌڙا ساههَ ڀري،
چنڊ نه ساٿي پاڻَ جو!

ساري ئي آڪاس ۾، پيو هو پنڌ ڪري،
چنڊ نه ساٿي پاڻَ جو!

“فرزانا” اُڀَ ڏي ڏسي، پيئي مفت مري،
چنڊ نه ساٿي پاڻَ جو!

هلندي اوکيءَ راهَه ۾، ٿَڪجي ساهَه پوَن،

هلندي اوکيءَ راهَه ۾، ٿَڪجي ساهَه پوَن،
پاڻ نه پانڌي ڪچ جا!

اوکا پنڌَ ڪَيا سدا، صديون لوڪ چوَن،
پاڻ نه پانڌي ڪچ جا!

روهن ۾ ٿِيا رتَ ڳڙا، پير هي سُور سَهَنِ،
پاڻ نه پانڌي ڪچ جا!

احساسن جا نيڻ ٿا، روئي بس نه ڪَنِ،
پاڻ نه پانڌي ڪچ جا!

“فرزانا” پيا حوصلا، چوندا هيئن اچن،
پاڻ نه پانڌي ڪچ جا!

ساڳي سپرينءَ سارَ، آهيون هِڪَ وجود ۾!

ساڳي سپرينءَ سارَ، آهيون هِڪَ وجود ۾!

شوق ۾ شِرڪ رهيو نه ڪو، دلبر ناهي ڌارَ،
آهيون هِڪَ وجود ۾!

دل ۾ ثابت سِڪَ آ، مُور نه ايندا ڏارَ،
آهيون هِڪَ وجود ۾!

جذبا ٿي جَرڪن پَيا، پوِتر پنهنجا پيارَ،
آهيون هِڪَ وجود ۾!

سُکَ ۽ ڏکَ هڪ روحَ ۾، ڪهڙي جيت ۽ هارَ؟
آهيون هِڪَ وجود ۾!

“فرزانا” ازلئون رهي، آهي ساجنَ سارَ،
آهيون هِڪَ وجود ۾!

تن من جاڳي ٿو، ناهي ننڊَ حياتِ کي!

تن من جاڳي ٿو، ناهي ننڊَ حياتِ کي!

جذبن ۾ آ جستجو، ائين نه پُڇجان ڇو؟
ناهي ننڊَ حياتِ کي!

خواب ٿين ساڀيان پَيا، جَڳَ ۾ جيڏيون! جو،
ناهي ننڊَ حياتِ کي!

گذرن ٿيون لوچي گهڙيون، پنهنجون سڀ لوڪو!
ناهي ننڊَ حياتِ کي!

“فرزانا” سڏڙا ڪَيا، ڌرتي بڻجي وو،
ناهي ننڊَ حياتِ کي!

ويندا ڏينهن ڏُکيا، ايندو چين قرار،

ويندا ڏينهن ڏُکيا، ايندو چين قرار،
هينئون هار نه پنڌ ۾!

سُورَ سَڙي ويندا سڀئي، ٿيندو، سُک سُڪار،
هينئون هار نه پنڌ ۾!

جهيڙيندو پيو جيئڙو، ٿورا ڏينهن ڏُڪار،
هينئون هار نه پنڌ ۾!

محبت هِن سنسار ۾، ٿيندي بُوءِ بهار،
هينئون هار نه پنڌ ۾!

“فرزانا” ڪر ڀروَسو، آجو ملندو پيار،
هينئون هار نه پنڌ ۾!

ڪڙڪي ڪاري رات، هانءُ ازل کان هيکلو!

ڪڙڪي ڪاري رات، هانءُ ازل کان هيکلو!

واجهائي مَنَ واٽ ۾، اُڀري شل پرڀات
هانءُ ازل کان هيکلو!

حوت ڏئي هاڻي ويو، سُورن جي سوغات،
هانءُ ازل کان هيکلو!

تنهائيون تڙپن پيون، ڏِس تون پائي جهات،
هانءُ ازل کان هيکلو!

ڀوريءَ هِن “شاهين” کي، ڏاتر ڏيندين ڏات؟
هانءُ ازل کان هيکلو!

پيارَ پچر ناهي، هيءُ به ڪهڙو ڏيهه الو ميان!؟

پيارَ پچر ناهي، هيءُ به ڪهڙو ڏيهه الو ميان!؟

قرب ڇڏي هر آدمي، ويرُ پيو چاهي،
هيءُ به ڪهڙو ڏيهه الو ميان!؟

قلب ٽُٽا تڙپن پَيا، ڪير نه ٿو ٺاهي،
هيءُ به ڪهڙو ڏيهه الو ميان!؟

ماڻهو! ماڻهوءَ کي پَيو، گهيرَن ۾ لاهي،
هيءُ به ڪهڙو ڏيهه الو ميان!؟

ڳاهِن جيئن اِنسانَ کي، درد پيو ڳاهي،
هيءُ به ڪهڙو ڏيهه الو ميان!؟

لوڙي لوڙي جيئڙو، ساهُه نه ٿو ساهي،
هيءُ به ڪهڙو ڏيهه الو ميان!؟

جُڙيل جڳ جا جيئڙا، لوڪ پيو ڊاهي،
هيءُ به ڪهڙو ڏيهه الو ميان!؟

ذات سِوا “شاهين” کي، اُلڪو ٻِيو ناهي،
هيءُ به ڪهڙو ڏيهه الو ميان!؟

عالم تي آئي، ڪاري چادر رات جي!

عالم تي آئي، ڪاري چادر رات جي!

ويل وڌائيندي وئي، ڏيندي تنهائي.
ڪاري چادر رات جي!

اُلڪا چُهونڊيون جيءَ ۾، چين وئي کائي.
ڪاري چادر رات جي!

ڌڙ ڌڙ دل جي وئي وڌي، ڏسندي گهٻرائي.
ڪاري چادر رات جي!

ڌرتي اوندهه ۾ پئي، انبر اڇلائي.
ڪاري چادر رات جي!

لوڪن جي “شاهين” آ، واتِ اِها وائي.
ڪاري چادر رات جي!

سمجهه کَسيندو آ، رُسندو رب آهي اگر

سمجهه کَسيندو آ، رُسندو رب آهي اگر

ڀٽڪاوَن جي واٽ ئي، وِکَ وِکَ ڏيندو آ،
رُسندو رب آهي اگر.

کوڙ پريشانيون وڌن، ساءُ نه ايندو آ،
رُسندو رب آهي اگر.

خوار پيو هر گام تي، ماڻهو ٿيندو آ،
رُسندو رب آهي اگر.

ڪوئي دڳ “شاهين” سنئون، هٿ نه ايندو آ،
رُسندو رب آهي اگر.

تُون جو آهين دُور، چوڏهينءَ رات وڻي نه ٿي!

تُون جو آهين دُور، چوڏهينءَ رات وڻي نه ٿي!

مون ڏانهن سوريندو وئين، سوريتا! هر سُور.
چوڏهينءَ رات وڻي نه ٿي!

پل پل ٿي پَڄران پئي، پالي تنهنجو پُور.
چوڏهينءَ رات وڻي نه ٿي!

نيرن سان وَهندو ويو، نيڻن، دل جو نُور.
چوڏهينءَ رات وڻي نه ٿي!

رهيو آ “شاهين” جي، اکڙين ۾ عاشُور.
چوڏهينءَ رات وڻي نه ٿي!

تون ئي جاتي جاڳَ، تون ئي ننڊ قرار جي!

تون ئي جاتي جاڳَ، تون ئي ننڊ قرار جي!

تون ئي راَڳ حيات جا، تو ئي وَسِ ويراڳ.
تون ئي ننڊ قرار جي!

تون ئي راهون رُوح جون، تون ئي ڀانن ڀاڳ.
تون ئي ننڊ قرار جي!

تون ئي پَهَڻَ پيچرا، تون ئي موتيا ماڳ.
تون ئي ننڊ قرار جي!

تون ئي سُک “شاهين جو”، تون ئي ڏکُ اوجاڳ.
تون ئي ننڊ قرار جي!

محبت آهي وَڻ، ميوو آ مٺڙو عمل!

محبت آهي وَڻ، ميوو آ مٺڙو عمل!

جيڪو ڄاڻي ٿو وڃي، ساجن! ان لئه ڄڻ.
ميوو آ مٺڙو عمل!

چاهه چکيندي هر قدم، وکڙيون سوچي کڻ.
ميوو آ مٺڙو عمل!

جيڪي پاسي پيار جي، تون ڀي تن جو بڻ.
ميوو آ مٺڙو عمل!

اڻ موسم جي ٻور جان، مفت نه مٺڙا! ڇڻ.
ميوو آ مٺڙو عمل!

“فرزانا” اڄ نينهن جو، مُرڪي نعرو هڻ.
ميوو آ مٺڙو عمل!

توسان ئي آهِينِ، موجون مَن مهراڻ جون!

توسان ئي آهِينِ، موجون مَن مهراڻ جون!

پل پل آهن پنڌ ۾، ڪاهيون ٿِيون ڪاهِينِ.
موجون مَن مهراڻ جون!

ڇُوهِيون آهن وقت کان، ماٺاريون ناهِينِ.
موجون مَن مهراڻ جون!

ڪيڏا سُندر سُونهن جا، منظر ٿِيون ٺاهِينِ.
موجون مَن مهراڻ جون!

ساگر وانگي واٽ سان، توکي ٿِيون چاهِينِ.
موجون مَن مهراڻ جون!

سرت نه ٿَم “شاهين” دَم، سارون ڪِٿِ ساهِين؟
موجون مَن مهراڻ جون!

ڪن ٿيون سڏڙا وو، واٽون واريءَ جون وري!

ڪن ٿيون سڏڙا وو، واٽون واريءَ جون وري!

موت ڀَڄي ويو پاڻ وٽ، ڪيڏو آ ڇوهو.
واٽون واريءَ جون وري!

پَهَڻَ پنڌ پُڄائيا، اڳيان آيون جو.
واٽون واريءَ جون وري!

وقت ڏِنئي “شاهين کي، ڪيڏانهن آڻي تو؟
واٽون واريءَ جون وري!

مُرڪي مهل ملهاءِ، جي تون آهين سنڌ جو!

مُرڪي مهل ملهاءِ، جي تون آهين سنڌ جو!

اوکيءَ سان تون اٽڪندي، اڳتي پير وڌاءِ.
جي تون آهين سنڌ جو!

ويرين جون هر واٽ تي، مَتيون مردَ! مُنجهاءِ.
جي تون آهين سنڌ جو!

ويساري هر ڳالهه کي، ڳُڻ مٽيءَ جا ڳاءِ.
جي تون آهين سنڌ جو!

ڪڍ تون تاراڀ مان، ٿَر بَر ڏي واجهاءِ.
جي تون آهين سنڌ جو!

سانگين کي “شاهين” تون، پل پل پيو پرچاءِ.
جي تون آهين سنڌ جو!

پَسيو جڳ جو حالُ، سُڏڪي ٿي سنجيدگي.

پَسيو جڳ جو حالُ، سُڏڪي ٿي سنجيدگي.

قربت جو آهي رهيو، ڪيڏو هاڻي ڪالُ.
سُڏڪي ٿي سنجيدگي.

شهرت کي سمجهي پيو، ماڻهو! مايا مالُ.
سُڏڪي ٿي سنجيدگي.

دانش! تنهنجو هلڪڙو، بڻيو خامي خيالُ.
سُڏڪي ٿي سنجيدگي.

احمق ڄاڻي ڪين ڪجهه، تاڙيون محفل هالُ.
سُڏڪي ٿي سنجيدگي.

ناهي ٻِيو “شاهين” سان، خِلوتَ ۾ هي حالُ.
سُڏڪي ٿي سنجيدگي.

راڙا رندَ ٿِيا، درد وَنديءَ جي ديس جا!

راڙا رندَ ٿِيا، درد وَنديءَ جي ديس جا!

محشر ماتم وايون، ڪهڙا ٻولَ ٻِيا؟
درد وَنديءَ جي ديس جا!

ٻِين لئه لوچي مُئا، سي ئي جيءَ جِيا.
درد وَنديءَ جي ديس جا!

سڀ جي لئه “شاهين” هَن، رستا پيار پِيا!
درد وَنديءَ جي ديس جا!

تَڪيو سوچيندي، ڪاڏي وقت وڃي پيو!؟

تَڪيو سوچيندي، ڪاڏي وقت وڃي پيو!؟

ساهَن جي مسافري، اڌ ۾ روڪيندي.
ڪاڏي وقت وڃي پيو!؟

منظر سڀ سنسار جا، دل ۾ اوتيندي.
ڪاڏي وقت وڃي پيو!؟

هيڏيون يادون جيءَ کي، ڏاتر ٿي ڏيندي.
ڪاڏي وقت وڃي پيو!؟

وک وک توسان آدمي! ڏاڍو لوچيندي!
ڪاڏي وقت وڃي پيو!؟

سارُن جا وڻ ساهه ۾، پل پل پوکيندي.
ڪاڏي وقت وڃي پيو!؟

پورهيو سڀ “شاهين” جي، هٿڙن ۾ نيندي.
ڪاڏي وقت وڃي پيو!؟

ناهي ڀيٽڻ ڪار، مون وٽ سُور نصيب جا!

ناهي ڀيٽڻ ڪار، مون وٽ سُور نصيب جا!
مون وٽ سُور نصيب جا!

گُذري ويندا ساهَه سان، ناهي روئڻ ڪار.
مون وٽ سُور نصيب جا!

مُرڪي ٿي گذري گهڙي، ناهي سُڏڪڻ ڪار.
مون وٽ سُور نصيب جا!

جُهومي ٿو جيوَن پيو، ناهي ڦٿڪڻ ڪار.
مون وٽ سُور نصيب جا!

“فرزانا” سَگهه ٿي رکي، ناهي تڙپڻ ڪار.
مون وٽ سُور نصيب جا!

سرتيون! ساهَن جو، آخر پنڌ پُڄي پيو!

سرتيون! ساهَن جو، آخر پنڌ پُڄي پيو!

سرندا ساگر ڏي هلن، درياهه واهن جو.
آخر پنڌ پُڄي پيو!

توڙ نه سنگ هلي سگهن، ٺوڳين ٺاهن جو.
آخر پنڌ پُڄي پيو!

جذبا جي ٿڪجي پوَن، چارن چاهن جو.
آخر پنڌ پُڄي پيو!

جهاڳيندي “شاهين”! هل، ڳڻتين ڳاهن جو.
آخر پنڌ پُڄي پيو!

مُون سين ڪونهي ڪو، آيل! آهيان هيڪلي!

مُون سين ڪونهي ڪو، آيل! آهيان هيڪلي!
آيل! آهيان هيڪلي!

چين چکيو ڪونهي وري، ڪو دم توکان پو.
آيل! آهيان هيڪلي!

هوت ڇڏي هن پارِ ويو، سُڏڪان ويٺي سو.
آيل! آهيان هيڪلي!

وائي ويڙهيچن سَندي، ويٺي ڳايان وو.
آيل! آهيان هيڪلي!

ساهَن جي هِن سمنڊ ۾، مون کي ڏِس تون ڇو؟
آيل! آهيان هيڪلي!

اوندهه ماري ماٺ ۾، مون کي ڏيئي ڀو.
آيل! آهيان هيڪلي!

ڏيل ڏکي “شاهين” جو، ساٿ ڇِنو جو تو.
آيل! آهيان هيڪلي!

ڌرتيءَ درد هزارَ. اَزلئون آهن لوڪ جا!

ڌرتيءَ درد هزارَ. اَزلئون آهن لوڪ جا!

ڌرتيءَ جي سِرَ تي رهيا، ڏسُ ڏسُ ڀاري بارَ.
اَزلئون آهن لوڪ جا!

اَڀرن جي ڄڻ هانوَ ۾، واسينگن جيئن وارَ.
اَزلئون آهن لوڪ جا!

منهنجون وايون شعر سڀ، وِکَ وِکَ تي غمخوارَ.
اَزلئون آهن لوڪ جا!

“فرزانا”! خود سان رهيا، توبههَ هي تڪرارَ.
اَزلئون آهن لوڪ جا!

ٿِيا نيڻ نِراسُ، اُلهيو سج اُلڪا ڏئي!

ٿِيا نيڻ نِراسُ، اُلهيو سج اُلڪا ڏئي!

ويڙهي ويو وجود کي، وک وک تي وشواسُ.
اُلهيو سج اُلڪا ڏئي!

اندرَ مان اوتي لکان، سُورن جو اتهاس.
اُلهيو سج اُلڪا ڏئي!

پاتو ڪارو ويسُ آ، اوندهِه سان آڪاسُ.
اُلهيو سج اُلڪا ڏئي!

ڪهڙي ڪارڻ ٿي ڪٽيان، ڀينر! مان بنواسُ؟
اُلهيو سج اُلڪا ڏئي!

ويچاريءَ کي هوتَ جو، نينهن نه آيو راس.
اُلهيو سج اُلڪا ڏئي!

“فرزانا” رڳ رڳ رڙي، تڙپي ٿو احساسُ.
اُلهيو سج اُلڪا ڏئي!

ڌرتي تنهنجي جهولَ ۾! : اياز گل

ڪجهه سالن ۾ شاعرائن جي هڪ وڏي ۽ سگهاري کيپَ، سنڌي شاعريءَ کي نصيب ٿي آهي. فرزانا شاهين انهن مان هڪ اهم نالو آهي، جنهن ٿوري وقت ۾ پنهنجي سڃاڻپ پيدا ڪري ورتي آهي. ائين به آهي ته اها سڃاڻپ ڪنهن به تخليقڪار لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي.
فرزانا شاهين ٻين شعري صنفن جيان وائيءَ کي به، پنهنجي اظهارَ جو ڪامياب ذريعو بڻايو آهي - پاڻ سان پيارُ، پنهنجن سان پيارُ، ديسَ سان پيارُ، ديسَ وارن سان پيارُ ۽ انسان دوستي سندس واين جو خاص گُڻ آهي.
مُرڪي مهل ملهاءِ، جي تون آهين سنڌُ جو!

هيءَ به ڪهڙي ننڊَ، هيءَ به ڪهڙي رات؟
سوچون سَڀ سُمهي پيون!

تون ئي جوتي جاڳَ، تون ئي ننڊَ قرار جي!

امڙ جهڙو مون ڏٺو، آهي پَوتر پيارُ.
ڌرتي تنهنجي جهولَ ۾!

سنڌيءَ ۾ هن وقت سرجندڙ وائيءَ جا سڀ مروج گهاڙيٽا، فرزانا شاهين پنهنجن وايُن ۾ استعمال هيٺ آندا آهن، سندس وايون رڌم ۽ معنويت سان ڀرپور ۽ اجائي لفاظيءَ کان پَرَڀريون آهن - شاعرن جي ڀيٽَ ۾ سنڌي شاعرائن کي اظهار جو کُليل آسمان گهٽ نصيب ٿيو آهي. ان کي آئون سندن تخليقي ڪمي گهٽ، سنڌي سماجَ جي ڪَمي ۽ ڪمزوري وڌيڪَ سمجهان ٿو تنهن ڪري به مون کي فرزانا شاهين جي شاعري وڌيڪَ متاثر ڪري ٿي.

[b] اياز گل - سکر
[/b]

بئڪ ٽائيٽل پيج

[img]https://i.imgur.com/PRLFtH7.jpg[/img]