جولس فوچڪ کي جرمن فوجن گرفتار ڪري نازي ڪئمپ ۾ رکيو ۽ اتان جرمني کڻي ويا جتي ھن تي تشدد ڪيو ويو ۽ پوءِ موت جي سزا ملڻ کان پوءِ 8 سيپٽمبر 1943ع تي برلن ۾ ڦاسي ڏني ويئي.
ھيءَ ان سورھيہ سورمي جي جيل جي ڦاسيءَ گهاٽ ۾ گهاريل انھن گهڙين جو عڪس آھي جيڪي ھن جسماني طور تي چُڙي چُڙي گهاريون، پر ذھني طور تي ڦڙت ۽ نؤبنو رھيو ۽ زندگيءَ ڏانھن سندس رويو آخري گهڙيءَ تائين ھڪ ترقي پسند وارو رھيو.
جولس فوچڪ کي جسماني عذاب ڏيڻ ۽ ذھني طور ختم ڪرڻ ۾ دھشت جو ھر اھو طريقو ڪتب آندو ويو جنھن کان نازي واقف ھئا. پر جڏھين جولس فوچڪ جو جسم وڃي رڳو چَم ۽ ھڏ بچيو ھو ۽ فقط منجھس ساھ جي تند ھئي تڏھين بہ ھن ڪتاب جو سورمو ھنن ظالمن کان ذھني توڙي جسماني طور بلند ھو. نازين ھن کي ماري ڇڏيو، پر کيس ختم ڪري نہ سگهيا. جولس جي زنده لفظن ۾ سندس وفات نامو توھان جي اڳيان آھي. سندس پنھنجي وطن جي ماڻھن سان پيار ۽ منجهن عقيدي جي اظھار جو ھر لفظ موت جي پاڇي ۾ لکيو ويو.
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب” ڦاسيءَ جي ڇانوَ ۾“ اوهان اڳيان حاضر آهي. چيڪ صحافي ۽ سياسي ڪارڪن جولس فوچڪ جي لکيل ھن ڪتاب جو سنڌيڪار نور خان آھي. چيڪوسلواڪيا جي آزادي وقت جولس جي زال پنھنجي مڙس جي ڦاسي کانپوءِ مختلف نوٽس کي سھيڙي ڪتاب Notes from the Gallows ڇپرايو جيڪو ھن وقت تائين 90 ٻولين ۾ ڇپيو آھي.
جولس فوچڪ کي جرمن فوجن گرفتار ڪري نازي ڪئمپ ۾ رکيو ۽ اتان جرمني کڻي ويا جتي ھن تي تشدد ڪيو ويو ۽ پوءِ موت جي سزا ملڻ کان پوءِ 8 سيپٽمبر 1943ع تي برلن ۾ ڦاسي ڏني ويئي.
ھيءَ ان سورھيہ سورمي جي جيل جي ڦاسيءَ گهاٽ ۾ گهاريل انھن گهڙين جو عڪس آھي جيڪي ھن جسماني طور تي چُڙي چُڙي گهاريون، پر ذھني طور تي ڦڙت ۽ نؤبنو رھيو ۽ زندگيءَ ڏانھن سندس رويو آخري گهڙيءَ تائين ھڪ ترقي پسند وارو رھيو.
جولس فوچڪ کي جسماني عذاب ڏيڻ ۽ ذھني طور ختم ڪرڻ ۾ دھشت جو ھر اھو طريقو ڪتب آندو ويو جنھن کان نازي واقف ھئا. پر جڏھين جولس فوچڪ جو جسم وڃي رڳو چَم ۽ ھڏ بچيو ھو ۽ فقط منجھس ساھ جي تند ھئي تڏھين بہ ھن ڪتاب جو سورمو ھنن ظالمن کان ذھني توڙي جسماني طور بلند ھو. نازين ھن کي ماري ڇڏيو، پر کيس ختم ڪري نہ سگهيا. جولس جي زنده لفظن ۾ سندس وفات نامو توھان جي اڳيان آھي. سندس پنھنجي وطن جي ماڻھن سان پيار ۽ منجهن عقيدي جي اظھار جو ھر لفظ موت جي پاڇي ۾ لکيو ويو.
هي ڪتاب روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران 1984ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون صوڀيديري سان تعلق رکندڙ شاھنواز سومري جا جنھن ڪتاب نئين سر ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
اسين پنھنجي ديس سان پيار ٿا ڪريون، ان ڪري ان کي آزاد ڏسڻ ٿا گهرون. اسين پنھنجي وطن سان پيار ٿا ڪريون، ان ڪري، وطن جي گهڻائيءَ وارن محڪوم ماڻھن جي، آزاديءَ لاءِ وڙھي رھيا آھيون.
[b] جولس فوچڪ[/b]
پنھنجي پاران
نازيت: جنھن جي نالي سان، ويھين صديءَ جي چوٿين ڏھاڪي کان، ظلم، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، ڄاتو سڃاتو ٿو وڃي، ان نازين جي مشينريءَ جا پرزا، نازي آفيسر، جيڪي انساني وجودن کي ڏنڀ ڏئي، پاڻ وندرائيندا ھيا، جن لاءِ انساني جسمن کي عذاب ڏيڻ ڄڻ ڪا وندر ھوندي ھئي ۽ سي . آءِ . ڊي وارن جو ڪم، رڳو سجاڳ نگاھن وارن، عوام دوست ماڻھن جا پيرا نوسڻ ھوندو ھو. ان دؤر ۾ جڏھن نازي حاڪم ٽولن جي لاٺڙين جي، عوام دوست ماڻھن جي وِک وِک تي ڪرڙي نظر ھوندي ھئي؛ انھن ئي نازيت جي اوج وارن ڏينھن ۾، ھڪ چيڪ قوم جو سورھيه ۽ سڄي دنيا جي مظلومن جي جگري دوست جولس فوچڪ، جنھن جي عمل کان نازيت جو ڊپ، اصل ۾ عوام جي اٿندڙ لھر کان ڊپ ھيو، جيڪو فوچڪ ۽ ھن جھڙن ٻين عوام دوست انقلابي اڳواڻن جي عمل جو نتيجو ھيو. تن مڙني، عوام دوست انقلابين کي، نازي، ڳولي لھڻ ۾، ۽ گرفتار ڪرڻ ۾ تہ ڪامياب ٿي ويا، پر انھن مٿان نازيت پاران جيڪي ظلم ڪيا ويا، ھن ڪتاب ۾ اھي ظلم جون لنڱ ڪانڊاريندڙ وارداتون پڙھي، جن ۾ نازيت بي درديءَ ۽ ظلم جا سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا ھيا. پر ان سان گڏ، انھن اجگر جيڏي ارادي ڌڻين، عوام دوست اڳواڻن جي مٿان، نازيت اھي ظلم ڪيا، تن جي مقصد سان سچائي ۽ سھپ ۽ موت جي منھن ۾ ھوندي بہ مقصد لاءِ سندن پر اميد، تاثر پڙھي، کَن لاءِ ذھن ۾ رحم جو جذبو جاڳڻ بجاءِ، ھر ڪاھل ۽ ڊيڄو ماڻھوءَ جو ضمير جاڳي ٿو پوي.
جسم جي ھر نَس ۾، رت جي بجاءِ، عوام دوست ۽ انقلابي جذبا، ڊوڙڻ ٿا لڳن.
انھن عوام دوست اڳواڻن مان جيڪي نازي ٽارچر سيلن ۾ سڙي ٻري رھيا ھئا ۽ نازي جيلن ۾ پنھنجي پنھنجي موت جو بنا ڪنھن کٽڪي جي انتظار ڪري رھيا ھئا، تن مان وري فوچڪ جي حيثيت، مڙني کان مٿاھين ھئي. ھن (توڙي ٻين سڀني ترقي پسندن) ھڪ ترقي پسند، عملي انقلابي ھئڻ جي ناتي، ظلم جي اڳيان جھڪڻ يا ظلم جي ھوندي، چُپ رھڻ بجاءِ، ذھني طور پنھنجي وجود کان ڪٽجي، پنھنجي مقصد سان سچائي پئي ڏيکاري، ھن آخري گھڙيءَ تائين پاڻ ۾ ڪابہ لچڪ نہ آندي، تان جو کيس جي مقصد سان سچائيءَ اڳيان نازيت ھٿيار ڦٽا ڪيا.
ھن سورھيه جي مقصد سان سچائي کي اڻ سڌيءَ سلاميءَ طور، کيس ڦاسيءَ چاڙھي، نازيت نہ رڳو فوچڪ جي مقصد سان سچائيءَ ۽ ھن جي انقلابي جذبي ھٿان شڪست کاڌي، پر ان کان ڪجھ پوءِ فوچڪ جي مقصد ھٿان پڻ، نازيت ذلت واري شڪست کاڌي. فوچڪ جي ڏيھ، توڙي نازيت جي ڄم گھر ۾ پڻ، عوام دوست طبقن جي مستقل سوڀ ٿي ۽ نازيت مري کپي وئي – فوچڪ جو اھو مقصد لڳاتار سوڀون ماڻيندو رھيو. اڄ فوچڪ ناھي پر فوچڪ جا اربين ساٿي سوڀون ماڻي چڪا آھن ۽ باقي رھيا کھيا بہ پنڌ ۾ آھن.
۽ فوچڪ، جيڪو: پنھنجي مقصد کي جيئري رکڻ لاءِ ڦاسي چڙھي ويو. سو توھان اسان سڀني جي دلين ۾ جيئرو جاڳندو ويٺو آھي. پنھنجي مقصد جي جيئري ھجڻ واري صورت ۾، ۽ ھيءَ ان سورھيه سورمي جي جيل جي ڦاسيءَ گھاٽ ۾ گھاريل انھن گھڙين جو عڪس آھي جيڪي ھن جسماني طور تي چُڙي چُڙي گھاريون، پر ذھني طور تي ڦڙت ۽ نؤبنو رھيو ۽ زندگيءَ ڏانھن سندس رويو آخري گھڙيءَ تائين ھڪ ترقي پسند وارو رھيو.
ادارو
مھاڳ
ھڪ انگريز ليکڪ آئرس مورلي پنھنجي ھڪ ڪتاب ۾ لکيو آھي تہ ، ”ڪنھن انسان کي قتل ڪرڻ، منھنجي آڏو سڀ کان وڌيڪ خراب ڳالھ نٿي ٿي سگھي.“
نازي تہ انسانن کي قتل ڪرڻ کان بہ وڌيڪ؛ خراب عقوبتون ڪرڻ ۾ ماھر ھئا. جھڙوڪ: جسماني عذاب ڏيڻ، غير انساني حرڪتون ڪرڻ ۽ ھڪ انسان جي دماغي قوت گھٽائڻ.... نازين لکين انسانن کي جسماني ۽ دماغي طرح ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. پر تنھن ھوندي بہ ڪيترا اھڙا انسان ھئا جن جو جسم وڍڻ ۽ دل ڪنبائيندڙ اذيتون ڏيڻ سان به، نازي کين جهڪائي نہ سگھيا.
جولس فوچڪ کي جسماني عذاب ڏيڻ ۽ ذھني طور ختم ڪرڻ ۾ دھشت جو ھر اھو طريقو ڪتب آندو ويو جنھن کان نازي واقف ھئا. پر جڏھين جولس فوچڪ جو جسم وڃي رڳو چم ۽ ھڏ بچيو ھو ۽ فقط منجھس ساھ جي تند ھئي تڏھين بہ ھن ڪتاب جو سورمو ھنن ظالمن کان ذھني توڙي جسماني طور بلند ھو. نازين ھن کي ماري ڇڏيو، پر کيس ختم ڪري نہ سگھيا. جولس جي زنده لفظن ۾ سندس وفات نامو توھان جي اڳيان آھي. سندس پنھنجي وطن جي ماڻھن سان پيار ۽ منجھن عقيدي جي اظھار جو ھر لفظ موت جي پاڇي ۾ لکيو ويو.
اوھين ھي ڪتاب پڙھو. ڪتاب پورو ڪري پنھنجي دل جي سچائيءَ سان حقيقي رستي تي ھلڻ لاءِ پاڻ کان سوال ڪريو تہ زندگيءَ جو اھو ڪھڙو فلسفو ھو جنھن ھن ماڻھوءَ جو پاڻ ۾ ۽ ٻين انسانن ۾ ڀروسو قائم رکيو.
ھن ڪتاب جي دل ڏاريندڙ واقعن کان اصل نہ ڊڄجو، ڇاڪاڻ تہ ڪتاب پوري ڪرڻ کان پوءِ توھان دھشتي واقعن بابت نہ پر انھن جي ھيرو بابت سوچيندؤ.
(جيمس آلڊرج)
گستا فوچيڪووا طرفان ٻہ اکر
روينسبروڪ واري نظربندي ڪئمپ ۾ مونکي ھڪ قيدي ٻڌايو تہ، ”25 آگسٽ 1943ع تي برلن ۾ ھڪ نازي ڪورٽ منھنجي مڙس جولس فوچڪ کي موت جي سزا ڏني آھي جيڪو، ”رودي پراوو“ ۽ ”تووربا“ اخبارن جو ايڊيٽر ھو. پنھنجي جيون ساٿي جي آئندي بابت سوال منھنجي ذھن ۾ ائين اچڻ لڳا ڄڻڪ پڙاڏا ڪئمپ جي بلند ڀتين سان ٽڪر کائي موٽندا ھجن.
مئي 1945ع ۾ ھٽلر جي ھار کانپوءِ نازين جي جيلن ۽ نظربندي ڪئمپن مان قيدين کي آزاد ڪيو ويو. ھي اھي قيدي ھئا جيڪي فسطائين جي عذابن سبب موت يا انھن جي ھٿان قتل ٿيڻ کان بچي ويا ھئا.
آئون پنھنجي آزاد وطن موٽي آيس ۽ پنھنجي وَر جي ڳولا شروع ڪيم. آئون انھن لکين انسانن وانگر ھيس جيڪي پنھنجا وَر، زالون، ٻچڙا، ابا ۽ مائرون ڳولي رھيا ھئا ۽ ڳولي رھيا آھن، جن کي ظالم جرمن، عذاب ڏيڻ لاءِ، پنھنجي عذاب ڏيڻ جي بي شمار مرڪزن ڏانھن وٺي ويا ھئا.
مون کي خبر پيئي تہ جولس فوچڪ کي موت جي سزا ملڻ کان پوءِ 8 سيپٽمبر 1943ع تي برلن ۾ ڦاسي ڏني ويئي.
مون کي اھو بہ معلوم ٿيو تہ پانڪريڪ جيل ۾ فوچڪ ڪجھ لکيو ھو. اھو ڪم جيل جي نگھبان ايڊلف ڪولنسڪي جي مدد سان ئي ممڪن ٿيو. ھن منھنجي مڙس کي سندس جيل جي ڪوٺڙي ۾ ڪاغذ ۽ پينسل آڻي ڏنا ۽ لکيل ڪاغذ ھڪ ھڪ ڪري جيل کان ٻاھر نيندو رھيو.
مون جيل جي نگھبان سان ملڻ جو انتظام ڪيو ۽ آھستي آھستي جولس فوچڪ طرفان پانڪريڪ جيل ۾ لکيل مواد گڏ ڪيو. انھن نمبر لڳل صفحن کي ترتيب ڏنم جيڪي جدا جدا ماڻھن وٽ جدا جدا ھنڌن تي لڪايا ويا ھئا ۽ ھاڻي پيش ڪري رھي آھيان.
ھيءَ فوچڪ جي آخري تصنيف آھي.
گستا فوچيڪووا
پراگ، سپٽمبر 1945ع
پانڪريڪ جي گيسٽاپو جيل ۾ 1943ع جي بَھار ۾ لکيو ويو
اٽينشن جي حالت ۾ ويھڻ، جڏھن جسم ڪاٺيءَ وانگيان سڌو ۽ ھٿ گوڏي تي ڀيڙيل ھجن ۽ اکيون پيتسچڪ محل ۾ ”گھرو جيل“ جي ڦڪين ڀتين تي گھورينديون ھجن – اھا حالت سوچ لاءِ يقينًا سازگار نہ آھي.
اٽينشن جي حالت ۾ ويھڻ لاءِ خيال کي ڪير آماده ڪري ٿو سگھي؟
ڪنھن شخص ھڪ ڀيري چيو ھو تہ “پيتسچڪ محل ۾ “گھرو جيل” سينيما آھي” ڪير ھو، ڪٿي اھا ڳالھ ڪيائين، تنھن بابت اسان کي شايد ڪڏھين بہ خبر نہ پئجي سگھي. پر اھا سياڻپ جي ھڪ جھلڪ ھئي. ھڪ وڏو ڪمرو جنھن ۾ ڇھ ڊگھا بينچ ھڪ ٻئي جي پٺيان پيا آھن جن تي پڇا ڳاڇا لاءِ سخت بدن وارا قيدي ويٺل آھن ۽ سندن اڳيان ھڪ سينيما جي پردي وانگيان خالي ڀت آھي. سڄي دنيا جي فلم ٺاھيندڙن ايتريون فلمون نہ تيار ڪيون آھن جيتريون آڏي پڇا جي انتظار ۾ عذاب ۽ موت لاءِ ويٺل قيدين جي اکين انھي ڀِت تي وڌيون آھن. اھي فلمون سڄين زندگين يا ھڪ زندگي جي تفصيلي نظارن بابت آھن. مائرن، زالن، ٻارن، ھڪ تباھ گھر يا ڪٽنب لاءِ ڳڀي ڪمائيندڙ جي موت بابت فلمون، ھڪ سورھيه ساٿي، ڪنھن جي غداري يا ان ماڻھو بابت فلمون، جنھن کي مون اھو ڇپيل پنو ڏنو ھو، ھڪ دفعو وري رت وھڻ بابت يا مون سان مضبوط نموني ھٿ ملائي مون کا وعدي وٺڻ بابت فلمون، خوف ۽ پختي ارادي، نفرت ۽ محبت، انتظار ۽ اميد سان پر فلمون زندگي ۾ ھر ڪو ماڻھو ڏھاڙي پنھنجي اکين اڳيان مري ٿو، پر انھن مان ھر ڪو وري نٿو ڄمي.
ھت مون پنھنجي فلم بہ سوين ڀيرا ڏٺي آھي ۽ ھزارين دفعا ان جا تفصيل جاچيا اٿم. پر ھاڻي آئون ھڪ ڀيرو ان جي آکاڻي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندس. جيڪڏھين ان کي پوري ڪرڻ کان اڳ منھنجي ڳچيءَ ۾ پيل ڦاھي جو نوڙ ڇڪيو ويو، تڏھن بہ آئون لکين انسان پنھنجي پويان ڇڏي ٿو وڃان جيڪي ان جي ”خوشيءَ واري پڇاڙي“ لکندا.
باب پھريون: چوويھ ڪلاڪ
پنجن منٽن کان پوءِ گھڙيال ڏھ وڄائيندو. 24 اپريل 1942ع بھار جي سھڻي ۽ دل ٺاريندڙ شام.
آئون منڊي پوڙھي جي ويس ۾ تڪڙو تڪڙو جيلينڪ جي گھر ڏانھن وڃي رھيو آھيان، تہ جيئن گھر جي دروازي بند ٿيڻ کان اڳ اتي پھچي وڃان. منھنجو ”نائب“ مائريڪ اتي منھنجي انتظار ۾ آھي. خبر اٿم تہ کيس ھن وقت مون کي ڪجھ چوڻو آھي. پر ميٽنگ ڪرڻ کان پوءِ نہ اچڻ جي ڪري پريشاني ٿئي ٿي. آئون خاص ڪري انھن ٻن نيڪ انسانن، يعني اسان جي مھمانن کي اجائي پريشاني ڏيڻ نٿو گھران.
ھو چانھن جي ڪوپ سان منھنجي آجيان ڪن ٿا. مائريڪ تہ اڳئي اتي انتظار ۾ آھي ۽ فرائيڊس بہ اتي آھي. انھي جو شايد اوھان خيال بہ نہ ڪريو. ساٿيو، آئون اوھان سان ملڻ پسند ڪندو آھيان، پر ھن نموني سڀني کي ھڪ ھنڌ تي گڏ نه. اھو رستو پڪ سان اسان کي جيل ۽ موت ڏانھن وٺي ويندو. يا تہ توھان سازش جي اصولن مطابق ھلو يا ڪم ڪرڻ بند ڪريو. ڇاڪاڻ تہ ھن طرح سان توھان پاڻ کي ۽ ٻين کي خطري ۾ وجھي رھيا آھيو. سمجھيوَ؟
”ھا، سمجھيوسون،“
”مون لاءِ ڪجھ آھي ڇا؟“
”اخبار رودي پراوو جو يوم مئي وارو پرچو.“
”سٺو، مائريڪ تون حال ڏئي.“
”ڪا خاص ڳالھ نہ آھي جو ٻڌايان. ڪم ٺيڪ پيو ھلي.“
”چڱو. وري يوم مئي کانپوءِ ملنداسون. آئون اوھان کي اطلاع ڏياريندس. آئون ڀلا ھلان ٿو.“
”ھلي، ھڪڙو ٻيو ڪوپ چانھن جو؟“
”مادام جيلنيڪووا، مھرباني. اسين ھت تمام گھڻا ويٺا آھيون.“
”مھرباني ڪري فقط ھڪ ڪوپ چانھ جو پيو.....“
تازي ٺھيل چانھن مان ٻاڦ نڪري رھي آھي.
ٻاھر ڪو ماڻھو گھنٽي وڄائي ٿو. رات جو ھن ويل ڪير ٿي سگھي ٿو؟ ملاقاتي بي صبرا ٿا ڏسجن. دروازي تي ڌَڪن جا ڦھڪا ٿين ٿا.
”دروازو کوليو!“
پوليس،!
جلدي درين ڏانھن ڀڄو! مون وٽ پستول آھي. آئون ھت ئي رھندس ۽ منھن ڏيندس تہ توھان کي ڀڄڻ جو موقعو ملي.
وقت ھليو ويو! گيسٽاپو جا ماڻھو درين ھيٺان بيٺا آھن ۽ سندن پستولن جا منھن ڪمري ڏانھن آھن. سادن ڪپڙن ۾ پوليس وارا در کان گھڙن ٿا ۽ بورچيخاني مان ٿيندا ڪمري ۾ اچن ٿا. ھڪ، ٻه، ٽي نو ماڻھو. ھو مون کي نٿا ڏسي سگھن، ڇاڪاڻ تہ آئون در جي تاڪن جي آڙ ۾ ھنن جي پٺيان بيٺو آھيان. آئون بنا ڪنھن رنڊڪ جي گولي ھلائي سگھان ٿو. پر9 پستولن جا منھن ٻن بي ھٿيار عورتن ۽ ٽن مَردن ڏانھن آھن. جيڪڏھين رڳو آئون پاڻ کي گولي ھڻان تہ بہ پوليس وارا گولين جو وسڪارو ڪري ڇڏيندا. اھي ٻہ عورتون ۽ ٽي مرد بي گناھ مري ويندا. جيڪڏھين مون گولي نہ ھلائي تہ شايد ھو سال اڌ جيئرا رھن ۽ انقلاب ھنن کي زنده جيل مان ڇڏائي. فقط مائريڪ ۽ آئون نٿا بچي سگھون. ھو اسان کي عذاب ڏيندا. جو مون کان تہ ڪجھ بہ معلوم ڪري نہ سگھندا. مائريڪ ھنن کي ٻڌائيندو؟ ھڪ اھڙو ماڻھو جيڪو اسپين جي جنگ جي وچ ۾ غير قانوني نموني فرانس مان پراگ آيو ھجي – نه، ھو بہ کين ڪجھ نہ ٻڌائيندو. مون وٽ فيصلي ڪرڻ لاءِ فقط ٻہ يا ٽي سيڪنڊ آھن. جيڪڏھين مون پاڻ کي گولي ھنئي تہ آئون ڪجھ بہ نہ بچائي سگھندس. فقط پاڻ کي عذاب کان ڇڏائي سگھندس. پر چار ساٿي اجايو مرندا، ائين آھي نه؟
ھا!
ٺيڪ!
آئون لڪ مان نڪري ٿو اچان.
ھا ھا ..... ھڪ وڌيڪ!”
پھريون ٺونشو مونکي منھن ۾ شايد ڪيرائڻ لاءِ ھنيو ويو ھو.
”ھٿ مٿي ڪر!“
ٻيو ٺونشو، ٽيون ٺونشو.
ائين ئي مون تصور ڪيو.
ڪجھ وقت اڳ ھڪ سھڻي نموني ۾ سينگاريل گھر، ھاڻي ھيٺ ٽڙيل پکڙيل سامان ۽ ڀڳل ٽٽل شين جو ڍير ھو.
وڌيڪ ٺونشا ۽ لتون.
”ھل!“
مونکي ھڪ موٽر ۾ وڌو ويو. ھنن جي پستولن جا منھن مون ڏانھن آھن. واٽ تي موٽر ۾ ئي پڇا شروع ٿي ويئي.
”تون ڪير آھين؟“
”پروفيسر ھوراڪ.“
”ڪوڙا!“
مون پنھنجي ڪلھن کي لوڏيو.
”سڌو ٿي ويھ نہ تہ توکي گولي ھڻنداسون”
”ھڻينس گولي!“
گولي ھڻڻ بدران ھو فقط ٺونشا ئي ھڻن ٿا. اسان ھڪ ٽرام وٽان لنگھون ٿا. ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي تہ انھيءَ ٽرام کي اڇي پوشاڪ پارائي اٿن. رات جي اھڙي مھل سينگاريل ٽرام؟ مون کي شايد تپ پيو اچي.
پيستچڪ محل. مون کي ڪڏھين خيال بہ نہ آيو ھو تہ ڪو زنده ان ۾ داخل ٿيندس. ھاڻي آئون وڏي وِک سان چوٿين ماڙي تي پيو وڃان. ھا ھا، ھي آھي نمبر ٻيو ”ڍالف – ھڪ“ مشھور ڪميونسٽ دشمن برانچ. ڏسان پيو تہ حيرت پيئي ٿئم، ڇا ٿيڻ وارو آھي. ان کاتي جي چڙھائي ڪندڙ ڀاڱي جي ڊگھي ۽ سنھي آفيسر، پستول پنھنجي کيسي ۾ وڌو ۽ مون کي پنھنجي آفيس ڏانھن وٺي ويو. ھن ھڪ سگريٽ دکائي مون کي ڏنو.
”ڪير آھين؟“
”پروفيسر ھوراڪ.“
”ڪوڙا!“
سندس ٻانھن تي ٻڌل واچ ۾ 11 لڳا آھن.
”جھاڙو وٺوس!“
جھاڙو شروع ٿيو. مون کي اگھاڙو ڪن ٿا.
”ھن وٽ سڃاڻپ جو ڪارڊ آھي.“
”ڪھڙي نالي ۾؟“
”پروفيسر ھوراڪ“
”جاچ ڪريو!“
ٽيليفون تي گفتگو ٿئي ٿي.
”ھائو رجسٽر ٿيل نہ آھي. ڪارڊ جڙتو آھي.“
”ڪنھن ڏنئي؟”
”پوليس ھيڊ ڪواٽر تان مليو.“
ڏنڊي جو پھريون ڌڪ، ٻيو، ٽيون. مون کي ڌڪ ڳڻڻ کپن. ڌڪ ڳڻي ڇا ڪندين؟
”نالو؟ ڳالھاءِ! ايڊريس؟ ڪُڇ! تنھنجي لاڳاپي وارا ڪھڙا آھن؟ ڳالھاءِ! ڪھڙا گھر استعمال ڪندو آھين؟ ڳالھاءِ! ڳالھاءِ! ڳالھاءِ! يا اسين توکي ماري پورو ڪري ڇڏينداسون!“
ھڪ تندرست ماڻھو ڪيترا ڌڪ جھلي سگھي ٿو؟
ريڊيا اڌ رات جو سگنل ڏيئي رھيا آھن. ھوٽلون بند پيون ٿين. آخري ماڻھو پنھنجي گھرن ڏانھن موٽن پيا ۽ محبتي جوڙا گھرن جي درن اڳيان بيٺا آھن ۽ ھڪ ٻئي کي ڇڏڻ بہ نٿا گھرن. ساڳيو ڊگھو ڏٻرو آفيسر خوشي مان مشڪندو اندر اچي ٿو.
”منھنجا ايڊيٽر دوست سڀ ڪجھ ٺيڪ آھي نه؟“
ھنن کي ڪنھن ٻڌايو ھوندو؟ جيلينڪس وارن؟ فرائيڊس وارن؟ ھنن کي تہ منھنجي نالي جي بہ خبر نہ آھي؟
”اسان کي سڀ خبر پئجي ويئي آھي. ڳالھاءِ! عقل کان ڪم وٺ.“
عجيب لفظ آھن! عقل کان ڪم وٺان يعني غداري ڪريان. آئون بہ سمجھو آھيان.
”چوکنڀو ٻڌي ڏاڍي مار ڏيوس!“
رات جو ھڪ ٿيو آھي. آخري ٽرامون پنھنجي بيھڻ جي جاءِ ڏانھن وڃي رھيون آھن، گھٽيون خالي آھن ۽ ريڊيا پنھنجي ٻڌندڙن کي کي خدا حافظ چئي رھيا آھن.
”مرڪزي ڪاميٽيءَ جو ٻيو ميمبر ڪير آھي؟“ ڳالھاءِ! ڳالھاءِ!
ھاڻي آئون ڌڪ سولائيءَ سان ڳڻي سگھان ٿو. مون کي ھاڻي فقط چپن ۾ سور محسوس ٿئي ٿو، جن کي چڪ ھڻي مون ڪچو ڪري ڇڏيو.
”بوٽ لاھيوس!“
اھو بلڪل صحيح آھي تہ منھنجي پيرن جي کڙين ۾ اڃا سَت آھي. مون کي بہ محسوس ٿئي ٿو. پنج، ڇھ، ست ۽ ھاڻي پيرن تي ڏنڊن جا ڌڪ دماغ تائين چڙھيو وڃن ٿا.
رات جا ٻہ لڳا آھن. پراگ جو شھر مٺي ننڊ ۾ آھي. شايد ڪٿي ڪو ٻار ننڊ ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن جون ڳالھيون ڪندو ھجي يا ڪو مرد پنھنجي زال سان لاڏ ڪوڏ ڪندو ھجي.
”ڳالھاءِ! ڳالھاءِ!“
آئون زبان وات ۾ ڦيرائي اھو ڳڻڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو تہ ڪيترا ڏند ڀڄي پيا آھن. آئون سڀ ڳڻي نٿو سگھان. ٻارنھن، پندرھن يا سترنھن؟ نہ نہ ايترا تہ آفيسر ھت مون کان ”پڇا” ڪرڻ لاءِ آھن. ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ ڪي ٿڪجي پيا آھن.
رات جا ٽي لڳا آھن. شھر جي ڇيڙي کان پرھ ڦُٽي رھي آھي. ڀاڄيون وڪڻندڙ مارڪيٽن ڏانھن وڃي رھيا آھن ۽ ڀنگي رستن تي اچي رھيا آھن. شايد آئون ھڪ وڌيڪ صبح ڏسڻ لاءِ اڃا زنده رھان.
ھو منھنجي زال کي اندر وٺي اچن ٿا.
”تون ھن کي سڃاڻين؟“
مون ڳيت ڏيئي وات جو رت نڙيءَ مان ھيٺ لاتو تہ جيئن ھوءَ رت نہ ڏسي ..... جيتوڻيڪ آئون مڃان ٿو تہ اھو بيڪار آھي، منھنجي مُنھن جي ھر حصي مان ۽ پڻ آڱرين جي ڇيڙي وٽان رت پيو وھي.
”تون ھن کي سڃاڻين؟“
”نه!“
ھن اھو جواب ڏنو پر ھن ڪنھن بہ طرح پنھنجي وحشت ظاھر ٿيڻ نہ ڏني. منھنجي پياري! ھوءَ پنھنجي قول تي پڪي رھي تہ اھو ڪڏھين بہ نہ مڃيندي تہ ڪو ھوءَ مون کي سڃاڻي. جيتوڻيڪ ھاڻي اھا ڳالھ ڪا معنيٰ نٿي رکي. ھنن کي منھنجو نالو ڪنھن ٻڌايو ھوندو؟
ھو ھن کي وٺيو پيا وڃن. مون ھن کي پنھنجي وس آھر نھايت خوشي وارين نظرن سان رخصت ڪيو. شايد منھنجي منھن تي مُرڪ نہ بہ ھجي مون کي خبر نہ آھي.
چار لڳا آھن. ٻاھر روشني آھي يا اڃا اونداھي؟ ڪارو رنگ ڏنل دريون ڪو جواب نہ ٿيون ڏين. موت اڃا بہ نٿو اچي. ڇا منھنجي توسان ملاقات ٿيندي؟ ڪيئن؟
آئون ٿاٻڙجي ڪنھن ماڻھو کي اچي لڳو آھيان ۽ پٽ تي ڪري پيو آھيان. ھو مون کي لتون ۽ ٿُڏا پيا ھڻن. ھائو، اھو ئي طريقو آھي. ھاڻي پڇاڙي ويجھي آھي. سانورو آفيسر مون کي ڏاڙھيءَ کان جھلي مٿي ڪري ٿو. ھَٺ سان کِلندي منھنجي ڏاڙھي جي پٽيل وارن جي مُٺ ڀريل ڏيکاري ٿو. ھيءَ واقعي کِل جھڙي ڳالھ آھي. مون کي ھاڻ ڪو سور محسوس نٿو ٿئي.
پنج لڳا آھن، ڇھ، ست، ڏھ، منجھند، ڪي مزدور ڪم تي وڃن پيا تہ ڪي موٽي رھيا آھن. ڪي ٻار اسڪول وڃن پيا تہ ڪي وري ٻار اسڪولن مان موٽن پيا. دڪانن تي وڪرو پيو ھلي تہ گھرن ۾ رڌ پچاءُ پيو ٿئي. شايد ھن وقت امڙ بہ منھنجي باري ۾ سوچي پيئي. شايد ساٿين کي خبر پئجي ويئي آھي تہ آئون گرفتار ٿي ويو آھيان ۽ ھو سلامتيءَ لاءِ قدم کڻي رھيا آھن..... جيڪڏھين ڳالھايم تہ پوءِ.... نه، خيال نہ ڪريو، يقين ڪريو تہ آئون ڪونہ ڳالھائيندس. ڪنھن بہ حالت ۾. پڇاڙي ھاڻي گھڻي پري ناھي. ھاڻي اھو فقط ھڪ خواب آھي. ھڪ بد سوڻو ۽ ڀيانڪ خواب. ڌَڪن جو ڦھڪو آھي ۽ وري مون تي پاڻي وڌو ٿو وڃي ۽ وري ڌَڪ “ڳالھاءِ! ڳالھاءِ! ڳالھاءِ!” آئون اڃا بہ نٿو مران. جيجل ماءُ، بابا، توھان مون کي اھڙو مضبوط ڇو بڻايو.
ٽيپھريءَ شام جا پنج لڳا آھن. ھاڻي ھو سڀ ٿڪجي پيا آھن. ھو رکي رکي ٺونشا ھڻن ٿا. اوچتو پري کان سنھو آواز اچي ٿو جنھن جو لھجو دلداري ڏيندڙ آواز وانگيان ٿي لڳو:
”گھڻي مار پئي اٿس!“
پوءِ آئون ڪرسي تي ويٺو آھيان. منھنجي سامھون پيل ٽيبل ڪري ٿي ۽ وري ظاھر ٿئي ٿي. ڪو مون کي پيڻ لاءِ ڪجھ ڏئي ٿو ڪو ٻيو مون کي سگريٽ آڇي رھيو آھي جيڪو آئون جھلي نٿو سگھان. ڪو مونکي بوٽ پارائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ۽ چوي ٿو تہ پيرن ۾ پون ئي نٿا. پوءِ ھو مونکي ڏاڪڻ تان ھيٺ آڻين ٿا ۽ اسين ھڪ موٽر ۾ روانا ٿيون ٿا. ھڪ ماڻھو وري پستول جو منھن مون ڏانھن ڪري ٿو. مون کي ان تي فقط کِل ئي اچي ٿي. اسين اڇن گُلن سان سينگاريل ٽرام وٽان لنگھون ٿا. شايد ھي سڀ ڪجھ خواب آھي. شايد تَپ يا مرڻ جي مھل واري حالت يا نيٺ پڄاڻي آھي. انھيءَ ھوندي بہ مرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. پر ھيءَ ڪا ڏکي ڳالھ نہ آھي. ھي تہ ڪجھ بہ نہ آھي. ھي فقط ٻارن جي راند آھي، ھڪ ڀيرو وڌيڪ ساھ کڻڻ سان سڀ ڪجھ ختم ٿي ويندو. سڀ ختم؟ اڃا نه، اڃا بہ نه. ھت ھڪ ڀيرو آئون وري اڪيلو بيٺو آھيان، ھائو سچ پچ، آئون بيٺو آھيان، اڪيلو، ڪنھن جي مدد کان سواءِ ۽ منھنجي بلڪل سامھون گندي ڦڪي ڀت آھي، جيڪا ڪنھڻ شيءِ سان رنگي پيئي آھي- ڇا آھي؟ ڏسڻ ۾ رت ٿو لڳي. ھائو، رت آھي. آئون پنھنجي آڱر سان رت جو ذرو اگھان ٿو.... رت آڱر کي لڳي ٿو. تازو رت آھي- اھو منھنجو رت آھي.
ڪو ماڻھو مونکي مٿي تي مُڪ ھڻي ٿو تہ آئون اٿان ۽ ڪجھ ڊرل ڪريان. آئون ٽيون ڀيرو اٿڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان پر ڪري پوان ٿو.
ھڪ ڊگھو جرمن سي- آءِ- ڊي وارو منھنجي مٿان بيٺو آھي ۽ لتون پيو ھڻي تہ جيئن آئون اٿان. ڪيڏي نہ بيڪار ڪوشش آھي. ھڪ دفعو وري ڪير منھنجو بدن ڌوئي رھيو آھي. ھيڪر وري آئون ويٺو آھيان ۽ ھڪ عورت مونکي دوا ڏيندي پڇي ٿي تہ سور ڪٿي اٿئي؟ ھاڻي مونکي ائين ٿو لڳي تہ سمورو سور منھنجي دل ۾ آھي.
”تو وٽ تہ دل آھي ئي ڪانه“ جرمن سي آءِ ڊي وارو چوي ٿو.
”ھائو مونکي دل آھي.“ ھڪدم مونکي فخر ٿئي ٿو تہ مون ۾ ايتري قوت آھي جو پنھنجي دل لاءِ ڳالھائي سگھان.
پوءِ وري ھر ڪا شي غائب ٿي وڃي ٿي- ڀت، دوا واري عورت ۽ جرمن سي آءِ ڊي وارو....
منھنجي اڳيان جيل جي ننڍڙي ڪوٺڙي جو در آھي. جرمن سي آءِ ڊي جو ھڪ ٿُلھو ماڻھو مونکي اندر گھلي رھيو آھي. منھنجي ليڙون ليڙون ٿيل قميص بت تان پيو لاھي ھو مونکي تڏي تي وجھي ٿو ۽ منھنجو بت سڄيل ڏسي گرم سيڪ جو حڪم ڏئي ٿو.
پنھنجو ڪنڌ لوڏيندي ھو ٻئي کي چوي ٿو ”ڏس تہ سھي، ھي ڇا نٿا سَھي سگھن.“
پوءِ وري پري کان، تمام پري کان آئون نرم آواز ٻڌان ٿو: ”ھو صبح تائين ڪونہ بچندو.“
پنجن منٽن کان پوءِ گھڙيال رات جا 10 وڄائي ٿو. ھيءَ 25 اپريل 1942ع جي وڻندڙ شام آھي.
باب ٻيو: مرڻ بابت
”جڏھين اسين تارن تي اکيون ٻوٽي ٿا ڇڏيون ۽ سج جو شعاع بہ ڪونہ ٿا ڏسون.....“
ٻہ ماڻھو ھڪ ٻئي جي پٺيان اچي گرجا ۾ آھستي آھستي ھلي رھيا آھن. سندن ھٿ پيٽ کان ھيٺتي ٻڌل آھن ۽ ھو بي ترتيب آواز ۾ چرچ جو ھڪ غمگين گيت ڳائي رھيا آھن.
”.... ڪھڙو نہ چڱو جو اسان جا روح بہ آسمان ڏانھن ھليا وڃن. اسان جو سفر پورو ٿئي، اسان جو سفر پورو ٿئي....“
ڪو مئو آھي. ڪير؟ پنھنجو ڪنڌ ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. شايد جنازو ڏسي سگھان جنھن ۾ لاش پيل آھي ۽ پيتيءَ جي سيرانديءَ وٽ ٻہ ميڻ بتيون آسمان ڏي اشارو ڪري رھيون آھن.
”.... جت رات جي اونداھي نہ آھي، جت دائمي جوت جرڪي ٿي.....“
آئون اکيون کڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو آھيان، پر ڪوبہ ڏسڻ ۾ ڪونہ ٿو اچي. ھت تہ ڪير بہ نہ آھي. فقط ھو ٻہ ۽ آئون. ھو ڪنھن موت تي ڳائي رھيا آھن؟
تارا ھميشھ روشن رھن ٿا.
عيسيٰ مسيح خود؛ خدا جو اڪيلو فرزند.
جنازو کنيو پيا وڃن. ھائو پڪ جنازو کنيو پيا وڃن. ڪنھن کي پيو دفنايو وڃي؟ ھتي ڪير آھي؟ فقط ھو ٻہ ۽ آئون. آئون پاڻ! شايد منھنجو جنازو ھجي؟ پر ٻڌو دوستو، نہ اھا غلط فھمي آھي! آئون مئو نہ آھيان. بلڪل جيئرو آھيان. ڏسي سگھو ٿا تہ آئون توھان ڏانھن گھوري رھيو آھيان ۽ اوھان سان ڳالھائي رھيو آھيان. اھو بند ڪريو! مونکي نہ دفنايو.
”جڏھين دل گھري پياري
وڃڻ واري طرفان
غمگين ۽ آخري موڪلاڻي ٿئي ٿي.“
ھو مونکي نٿا ٻڌن، ٻوڙا آھن ڇا؟ آئون ڪافي ڏاڍيان نٿو ڳالھايان؟ يا شايد آئون واقعي مري ويو آھيان، ۽ ھو جسم کان سواءِ ڪو آواز نٿا ٻڌي سگھن؟ منھنجو ڌڙ پيٽ ڀر پيو آھي ۽ آئون پاڻ پنھنجي جنازي کي ڏسي رھيو آھيان! عجيب!
”پوءِ ٻرندڙ نظرون آسمان ڏانھن ٿين ٿيون. ھن جو سفر پورو ٿيو، ھن جو سفر پورو ٿيو.....“
ياد اٿم. ڪنھن مونکي مشڪل سان مٿي کنيو ۽ ڪپڙا پارايائين. ھنن مونکي اسٽريچر تي کنيو. دالان ۾ لوھي بوٽن جو آواز ۽ پوءِ قصو پورو ٿيو. وڌيڪ خبر نہ آھي. وڌيڪ ڳالھ ياد نٿي اچي.
”.... جت دائمي جوت جرڪي ٿي.... “
پر ھي سڀ سمجھ ۾ ڪونہ ٿو اچي. آئون جيئرو آھيان. ڪن ھنڌن تي سور پيو ٿئيم ۽ اڃايل آھيان. مئل ماڻھن کي اُڃ نہ لڳندي آھي. آئون ھٿ کي ھلائڻ لاءِ سڄي طاقت گڏ ڪيان ٿو ۽ منھنجي اندر مان ھڪ عجيب غير قدرتي آواز نڪري ٿو:
”پاڻي ڏيوم!“
آخر ٻنھي ماڻھن گولائيءَ ۾ ڦرڻ بند ڪيو. ٻئي ماڻھو منھنجي مٿان نوڙيا بيٺا آھن. ھڪ ماڻھو منھنجو ڪنڌ مٿي ٿو ڪري ۽ پاڻيءَ جو گلاس منھنجي وات تائين ٿو آڻي.
”ڏس توکي ڪجھ کائڻو بہ پوندو. ٻن ڏينھن کان تون رڳو پاڻي پي رھيو آھين.... “
ڇا ٿو چوي؟ پويان ٻہ ڏينھن؟ اڄ ڪھڙو ڏينھن آھي؟
”سومر“
سومر. مونکي جمعي جي ڏينھن گرفتار ڪيو ويو ھو.
مٿو ڏاڍو ڳرو ٿي پيو اٿم. پاڻي ٺاريو ڇڏي. ننڊ! سمھڻ ڏيوم! پاڻي جي ھڪ ڦڙي کوھ جي شيشي جھڙي تري ۾ لھرون پيدا ڪيون آھن. ساون گاھن جي ميدانن، جبلن ۽ روڪلان ھيٺ ٻيلي واري جي گھر ۾ بھار آئي آھي. ديال جي وڻن وارن ٻيلن ۾ مينھن پيا وسن.... ننڊ ۾ ڪيڏو نہ مزو آھي...
.... آئون وري اڱاري جي شام جو ننڊ مان اٿان ٿو ۽ منھنجي مٿان ھڪ ڪتو بيٺو آھي. ھڪ الساتيني ڪتو. ھو پنھنجي سھڻين ۽ ڳنڀير اکين سان ڏسندي پڇي ٿو:
”ڪٿي جو رھاڪو آھين؟“
نه، اھو ڪتو ڪونھي. ڪنھن ٻئي جو آواز آھي. ھائو، ڪو ٻيو بيٺل آھي. سندس وڏا بوٽ ڏسان پيو، وڏن بوٽن جو ٻيو جوڙو ۽ فوجي پتلون، پر ان کان مٿي ڪنڌ کڻي نٿو سگھان. ڏسڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو تہ مٿو ٿو ڦريم. پر ان ۾ منھنجو ڇا وڃي. سمھڻ ڏيوم....
اربع.
ٻہ ماڻھو جيڪي ان ڏينھن مذھبي گيت ڳائي رھيا ھئا، سي ٽيبل تي ٺڪر جي ٿانون ۾ ماني کائي رھيا آھن. ھاڻي آئون کين چڱي پر ڏسي سگھان ٿو. ھڪ نوجوان، ٻيو وڏي عمر جو آھي. پادرين وانگي نٿا لڳن. ننڍڙو گرجا گھر ھاڻي گرجا نہ پر جيل جي ھڪ ڪال ڪوٺڙي آھي، جھڙيون ٻيون آھن. منھنجي نظرن اڳيان ڪال ڪوٺڙي جو فرش ڊوڙندو ٿو وڃي؟ آخر ۾ ڳرو ڪارو در آھي.
ڪلف ۾ ڪنجي ڦرڻ جي آواز تي ٻئي ڄڻا ٽپ ڏيئي اٽينشن جي حالت ۾ بيھن ٿا، ٻہ ٻيا جرمن جاسوسي پوليس جي ورديءَ ۾ اندر اچن ٿا ۽ ھنن کي حڪم ٿا ڪن تہ، مونکي ڪپڙا پارائين- مونکي خبر نہ ھئي تہ پتلون جي ھر ٽنگ يا قميص جي ٻانھن ۾ ڪيترو سور لڪل ھو- اسٽريچر تي وجھي ھيٺ کڻي آيا. واٽ تي ڊگھي ورانڊي ۾ ڏاڪڻ جا لوھي ڏاڪا وڄڻ لڳا.... ھن ئي نموني مونکي ھفتو اڳ آندو ويو ھو، جڏھين پوءِ بي ھوش ٿي ويو ھوس. ھي سڀ ڪيڏانھن پڄائيندو. نيٺ ڇا حشر ٿيندو.
پانڪريڪ پولزيئي – گيفانگس جي اداس ۽ بي مروت مرحبا آفيس. مونکي پٽ تي وجھن ٿا ۽ بناوٽي نرم دلي واري چيڪ آواز ۾ ترجمان ڪاوڙيل جرمن آواز ۾ ٿڪ وانگي اڇلايل سوال جو ترجمو ڪيو.
”ھن کي سڃاڻين؟“
ڄاڙيءَ کي ھٿ جي ٽيڪ ڏنم. ويڪري منھن واري نوجوان ڇوڪري اسٽريچر جي اڳيان بيٺي آھي. ھوءَ فخر سان ڪنڌ مٿي ڪيو سڌي بيٺي آھي. انھي ۾ دشمن ڏانھن حقارت کڻي نہ بہ ھئي پر شانائتو انداز ھئس. فقط سندس اکيون ٿورو نميل ھيون جو فقط مونکي ڏسي سگھي ۽ انھن اکين سان منھنجي آجيان ڪري.
”نه“
ياد اٿم تہ پيتسچڪ محل ۾ ان ڏائڻ رات پل کن لاءِ مون کيس ڏٺو ھو ۽ ھينئر ٻيو دفعو. اف ٽيون موقعو نہ مليو جو آئون، ان ھمٿ ڀرئي نموني بيھڻ لاءِ ساڻس ھٿ ملائي سگھان. ھوءَ ارنوست لورينر جي زال ھئي. 1942ع ۾ مارشل لا جي اعلان کان پوءِ وارن پھرين ڏينھن ۾ کيس موت جي سزا ڏني ويئي.
”پر تون تہ پڪ سان سڃاڻينس.“
انيسڪا جيرسڪووا خدا تنھنجو نالو ڪونہ کنيو اٿم. مون سان ڪوبہ واسطو نہ رھيو آھي. توکي نہ سڃاڻان. سمجھين ٿي، توکي ڪونہ سڃاڻان.
”نه، ڪونہ سڃاڻانس.“
”عقل کان ڪم وٺ!“
”کيس ڪونہ سڃاڻان.“
”جولس بيڪار ڳالھ آھي،“ انيسڪا چيو ۽ فقط آڱرين جي اڻ لکي چرپر مان سندس جذبات جو اظھار ٿي ٿيو، جن ۾ ھو رومال جھليو بيٺي ھئي. ”بيڪار آھي. ڪنھن ھنن کي مون بابت ٻڌايو آھي.“
”ڪنھن؟“
”وات بند ڪر!“ – ماڻھو کيس اڌ ۾ روڪي ٿو ۽ مونسان ھٿ ملائڻ لاءِ نوڙڻ تي کيس زور سان ڌڪو ڏئي ٿو.
انيسڪا!
مون کي وڌيڪ سوال ٻڌڻ ۾ نٿا اچن. پري کان بنا سور جي مونکي محسوس ٿئي ٿو تہ، ٻہ جرمن جاسوس پوليس وارا مونکي واپس جيل جي ڪال ڪوٺڙي ڏانھن کنيو پيا وڃن. اسٽريچر تي مونکي بي رحمي سان لوڏا ڏيئي رھيا آھن ۽ کلندي پڇن ٿا تہ ڇا ھن کان آئون ڳچيءَ ۾ ڦاھو وجھي لٽڪڻ پسند ڪندس.
خميس.
ھاڻي مونکي ھتي جون ڳالھيون سمجھ ۾ پيون اچن. مون سان گڏ نوجوان قيدي جو نالو ڪارليڪ آھي. ٻيو جيڪو وڏي عمر وارو قيدي آھي تنھن کي ”بابا“ سڏين ٿا. ھو پنھنجي بابت ٻڌائين ٿا، پر منھنجي دماغ ۾ اھي ڳالھيون گڏبيون ٿيون وڃن. ھو کاڻ ۽ بينچ تي ويٺل ٻارن بابت ڪجھ چوڻ ٿا گھرن. گھنڊ جو آواز: ضرور ڪٿي باھ لڳي ھوندي. روز ھڪ ڊاڪٽر ۽ جرمن جاسوسي پوليس جو ڪمانڊر مون کي ڏسڻ اچن ٿا. ظاھر آھي تہ اھڙي خراب حالت ۾ نہ آھيان ۽ ھڪ ڏينھن وري چڱو ڀلو ٿي ويندس. ”بابا“ روز اھا ڳالھ ڪندو آھي. ھو ان ڳالھ تي وڏو زور ڏيندو آھي ۽ ڪارلڪ جنھن اتساھي سان ان جي پٺڀرائي ڪندو آھي، جو ھن حالت ۾ بہ آئون محسوس ٿو ڪريان تہ، اھو بلڪل ڪوڙ آھي. ڪھڙا نہ چڱا ماڻھو آھي! ڏک اٿم جو ھنن تي اعتبار نٿو ڪري سگھان.
ٽپھري.
جيل جي ڪوٺڙي جو دروازو کلي ٿو ۽ ھڪ ڪتو آھستي آھستي سان اندر ڊوڙي اچي ٿو. منھنجي سيراندي کان بيھي ھيڪر وري مون ڏي پڇا جي انداز ۾ نھاري ٿو. ھيڪر وري بوٽن جا دٻڪا- ھاڻي خبر اٿم: ھڪ ڪتي جو مالڪ ۽ پانڪريڪ جيل جو سپرنٽنڊنٽ ۽ ٻيو گسٽاپو جي ڪميونسٽ – دشمن برانچ جو مُک جنھن ان رات منھنجي پڇا جي صدارت ڪئي ۽ پوءِ شھري پتلون جو جوڙو. منھنجون اکيون مٿڀرو ڏسن ٿيون. آئون کيس سڃاڻان. اھو ڊگھو ۽ ڏٻرو عملدار آھي جيڪو چڙھائي ڪندڙ کاتي جو انچارج آھي. ڪرسي تي ويھي ھو آڏي پڇا ڪري ٿو.
”سڀ خبر پئجي ويئي آھي. پنھنجي حياتي بچاءِ. ڳالھاءِ!“
ھاڻ مونکان سگريٽ جھلڻ مشڪل آھي.
”بئڪس جي گھر ڪيترا ڏينھن رھئين؟“
بئڪس جي گھر. اھا بہ خبر پئجي وين!
ڪنھن ٻڌايو ھوندن؟
”ڏس اسان کي سڀ خبر پئجي ويئي آھي. ڳالھاءِ!“
جيڪڏھن اوھان کي سڀ خبر پئجي ويئي آھي تہ پوءِ منھنجي ڳالھائڻ جو ضرور؟ مون عمر اجائي نہ وڃائي آھي- ۽ آئون زندگي جي پڇاڙي خراب نہ ڪندس.
پڇا ڪلاڪ سوا ھلي ٿي. ھو دڙڪا يا گاريون نٿو ڏئي پر سانتيڪي نموني ور ور ڪري پنھنجا سوال پڇي ٿو ۽ جڏھن جواب نٿو مليس، تڏھين ٻيھر ٽيھر ۽ ڏھ دفعا سوال پڇي ٿو.
”تون اڃا بہ محسوس نٿو ڪرين؟ سمجھيئي، پڇاڙي اچي ويئي اٿئي، تون سڀ ڪجھ وڃائي چڪو آھين.“
”آئون ڪو اڪيلو ماڻھو آھيان جنھن وڃايو آھي.“
”ڪميونسٽن جي فتح ۾ اڃا عقيدو اٿئي؟“
”بلاشڪ“
”اڃا ڀروسو اٿس؟“ جيل جو مُک جرمن زبان ۾ پڇي ٿو ۽ آفيسر ترجمو ڪندي چوي ٿو: “ھي اڃا بہ عقيدو ٿو رکي تہ روس سوڀارو ٿيندو.”
”بلاشڪ، جنگ ٻي ڪنھن بہ نموني ختم نہ ٿيندي.“
ھاڻي ٿڪجي پيو آھيان. پنھنجي سڄي طاقت گڏ ڪئي ھئم، تہ جيئن خبردار رھان. پر ھاڻي منھنجو ھوش ائين ڀڄندو پيو وڃي، جيئن وڏي ڦَٽ مان رت. آئون اڃا محسوس ٿو ڪريان تہ ھو ڪيئن مونکي پنھنجا ھٿ ڏيئي رھيا آھن. شايد ھو منھنجي پيشاني تي موت جا اھڃاڻ ڏسي رھيا آھن. ڪن ملڪن ۾ تہ واقعي اھا رسم ھوندي ھئي ۽ آھي تہ، ڦاسي ڏيندڙ، حڪم تي عمل ڪرڻ کان اڳ، ڦاسي ايندڙ ماڻھو کي چمي ڏيندو ھو.
شام.
ٻہ ماڻھو ھٿ ٻڌي ھڪ ٻئي جي پٺيان گول ڦرن پيا ۽ ڊگھي ۽ بي ترتيب آواز ۾ ھڪ ڏک ڀريو مذھبي گيت ڳائي رھيا آھن:
”جڏھين اسين تنھن تي اکيون ٻوٽي ٿا ڇڏيون ۽ ڪجھ بہ نٿا ڏسون .....“
ٻيلي دوستو بس ڪريو! اھو ڀڄن کڻي سٺو بہ ھجي پر اڄ، اڄ تہ يوم مئي جي رات آھي. انسان جو سڀ کان سھڻو ۽ خوشين سان ڀرپور جشن. آئون ڪو دل لڀائيندڙ نغمو ڳائڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان، پر اھو شايد ڀڄن کان بہ وڌيڪ غم ڀريو آھي. ڇاڪاڻ تہ ڪارليڪ پٺي ڏئي ڇڏي آھي ۽ ”بابا“ ڳوڙھا اگھي رھيو آھي. پر آئون ھار نٿو مڃان. آئون ڳائيندو رھان ٿو ۽ آھستي آھستي ھو بہ مونسان شامل ٿا ٿين. مون کي خوشيءَ ۾ ننڊ اچي وڃي ٿي.
يوم مئي. صبح جو سوير.
جيل جي گھڙيال تي ٽي وڳا آھن. ھاڻي پھريون ڀيرو صاف ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. گرفتاريءَ کان پوءِ ھينئر آئون پھريون دفعو ھوش ۾ آھيان. کليل دريءَ مان تازي ھوا محسوس ٿئيم ٿي. تڏي جا ذرا منھنجي ڇاتي ۽ پيٽ کي لڳن ٿا ۽ منھنجي جسم جي ھر انچ ۾ ھزارين سور آھن. ساھ کڻڻ ۾ تڪليف اٿم. اوچيو ائين لڳو ڄڻ تو دري کولي. آئون چِٽو ڏسان ٿو؛ ھيءَ پڇاڙي آھي. آئون مران پيو. موت، تو اچڻ ۾ ڪيتري نہ دير ڪئي. مون کي اڃا بہ اميد ھئم تہ وري ھڪ آزاد انسان وانگيان رھندس، گھڻو ڪم ڪندس، گھڻو ڳائيندس ۽ دنيا جو سفر ڪندس. حقيقت ۾ ھاڻي تہ جوان ٿيو آھيان. مون ۾ اڃا گھڻي طاقت آھي. پر ھاڻي نہ آھي. پڇاڙي اچي رھي آھي.
مون زندگيءَ سان پيار ڪيو آھي ۽ ان جي حسن خاطر جنگ ۾ شامل ٿيس. عام انسانو، مون اوھان سان پيار ڪيو ۽ خوش ٿيم جڏھن توھان پيار جي عيوض پيار ڪيو ۽ جڏھن توھان مون کي نہ سمجھندا ھئا، تڏھن مونکي ڏک ٿيندو ھو. جيڪڏھن مون ڪنھن کي ڏکوئيو آھي تہ مونکي معاف ڪجو. ڪنھن کي خوش ڪيو اٿم تہ وساري ڇڏجو. شل ڪابہ ڏک جھڙي ڳالھ منھنجي نالي سان لاڳو نہ ھجي. بابا، جيجل ماءُ، منھنجون ڀينرو، منھنجي زال گستينا ۽ اوھان ساٿيو، مون اوھان سڀني کي پيار ڪيو آھي ۽ اھا منھنجي آخري وصيت آھي. جيڪڏھن سمجھو ٿا تہ ڳوڙھا غم جي ڌڌڙ کي ڌوئي ڇڏيندا، تہ پوءِ ڀل رئو. پر ان تي افسوس نہ ڪريو. آئون خوشين لاءِ مران ٿو. جيڪڏھن توھان منھنجي قبر تي ڏک جو نشان وڌو تہ توھان مون سان بي انصافي ڪندؤ.
يوم مئي!
ھي اھا ساعت آھي جڏھن اسين شھر جي ڇيڙي تي گڏ ٿي پنھنجا جھنڊا تيار ڪندا ھئاسين ۽ پٽين تي نعرا لکندا ھئاسين. ھي وقت آھي جو ماسڪو ۾ يوم مئي جي پريڊ لاءِ گھٽين ۾ پھريون قطارون ٺھنديون ھيون. ۽ ھاڻي ھن مھل لکين ماڻھو انسان جي آزاديءَ لاءِ آخري جنگ وڙھي رھيا آھن. ان جدوجھد ۾ ھزارين سِر قربان ٿي رھيا آھن. آئون انھن مان ھڪ آھيان. انھن ماڻھن مان ھڪ ھجڻ، جيڪي ھن آخري لڙائي ۾ وڙھي رھيا آھن، ڪيڏي نہ عظيم ڳالھ آھي. پر موت ڪا سٺي ڳالھ نہ آھي. گھُٽ ٿي ٿئيم. ساھ کڻي نٿو سگھان. نڙيءَ ۾ کرٽو ٻڌان پيو، پنھنجي ساٿي قيدن کي بہ اٿاري سگھان ٿو. جيڪڏھن نڙي کي ٿوري پاڻيءَ سان آلو ڪري سگھان تہ ..... پر لوٽي ۾ پاڻي ڪونھي. مون کان فقط ڇھ قدم پري ڪال ڪوٺڙي جي ڪنڊ واري ڪاڪوس ۾ ڪافي پاڻي آھي، پر مون ۾ ايتري سگھ نہ آھي جو اتي پھچي سگھان. آئون پيٽ ڀر پاڻ گھليان ٿو، آھستي بلڪل آھستي، جھڙوڪ موت جو سڄو شان ان ۾ آھي تہ ڪنھن کي بہ نہ جاڳائجي. آئون پاڻ کي گھلي آيس ۽ ڪاوس جي تري مان پاڻي پيڻ لڳس.
خبر نہ آھي تہ ڪيتري دير پاڻي پيئندو رھيس. ياد نہ اٿم تہ ريڙھيون پائي واپس موٽڻ ۾ ڪيترو وقت لڳم. جڏھن وري ھوش وڃي پيو. پنھنجي ٻانھن تي نبض ڏسڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. سگھ ڪانہ اٿم. دل نڙيءَ ۾ اچي ويئي آھي ۽ ھاڻي تيزيءَ سان گڏ ھيٺ پئي وڃي. آئون بہ ان سان گڏ ھيٺ پيو وڃان، تمام گھڻو ھيٺ. ھيٺ ويندي آئون اڃا بہ ڪارليڪ جو آواز ٻڌان ٿو: ”بابا، بابا، ٻڌين ٿو؟ ھن غريب جي پڇاڙي آھي.“
صبح جو ڊاڪٽر آيو.
اھو سڀ ڪجھ مون کي پوءِ معلوم ٿيو.
ڊاڪٽر تپاس ڪري پنھنجو ڪنڌ ڌوڻي تپاس واري ڪمري ۾ ويو ۽ ڪالھ منھنجي نالي ۾ موت جو جيڪو سرٽيفڪيٽ تيار ڪيو ھئائين، سو ڦاڙي ھڪ ماھر جي حيثيت ۾ فيصلو ڏنائين:
”گھوڙي جو بُت اٿس.“
باب ٽيون: ڪال ڪوٺڙي 267.
ڪال ڪوٺڙي ۾ در کان دري تائين ست وکون ۽ در ست وکون آھي.
انھي جي مون کي خبر آھي.
پانڪريڪ جي ھن ڪال ڪوٺڙي جي ڪاٺ جي فرش تي مون ڪيترائي ڀيرا اچ وڃ ڪئي آھي! شايد ھن ئي ساڳي ڪال ڪوٺڙي ۾ مون کي ھڪ دفعو اڳ بہ ويھڻو پيو ھو، انھي ڪري مون چيڪ سرمايه دارن جي خطرناڪ پاليسي جي ڪري چيڪ قوم لاءِ نڪرڻ وارا نتيجا صاف پئي ڏٺا. ھن وقت ھو منھنجي قوم کي قربان گاه تي چاڙھي رھيا آھن، ڪال ڪوٺڙي جي در اڳيان جرمن پھريدار پھرو پيا ڏين ۽ ٻاھر ڪنھن ھنڌ انڌيون سياسي قوتون غداري جو ڄار اُڻي رھيون آھن. انسان کي سجاڳ ٿيڻ ۾ ڪيتريون صديون لڳنديون؟ ڪيترن ھزارين ڪال ڪوٺڙين مان انسان ذات کي اڳتي وڌڻ لاءِ لنگھڻو پيو آھي؟ ۽ اڃا وڌيڪ ڪيتريون ڪال ڪوٺڙيون اينديون؟ او، نرودا جا يسوع مسيح ٻار، انسان جو روشني ڏانھن سفر اڃا پڄاڻي کان گھڻو ئي پري آھي. پر: وڌيڪ ننڊ نہ ڪر، وڌيڪ ننڊ نہ ڪر!
ست قدم ھوستائين ۽ ست قدم واپس. ھڪ ڀِت وٽ کٽ آ، جنھن کي ويڙھي بہ ٿو سگھجي ۽ ٻي ڀِت وٽ اڻ وڻندڙ ڀوري رنگ جو ڪٻٽ جنھن ۾ ٺِڪر جا ٿانءَ پيل آھن. ھائو، ان جي خبر اٿم. ھاڻي رڳو ان کي مشيني بڻايو ويو آھي، ڪال ڪوٺڙيءَ کي گرم ڪرڻ جو انتظام آھي، پاڻيءَ جي بالٽي جي جاءِ تي پاڻيءَ جي ننڍڙي ٽانڪي آھي- ۽ سڀ کان وڌيڪ تہ ماڻھن کي مشيني بڻايو ويو آھي. خودڪار اوزار وانگيان بٽڻ تي زور ڏئي يعني ڪال ڪوٺڙي جي در ۾ ڪنجي ڦيرائي يا جاسوسي ڳڙکو کول تہ قيدي ٽَپ ڏيئي اٿندا پوءِ کڻي ھو ڇا بہ ڪندا ھجن ۽ ھڪ ٻئي جي پٺيان اٽينشن جي حالت ۾ ٿي بيھندا. ڪال ڪوٺڙي جو در کوليو تہ ڪال ڪوٺڙي جو مُک يڪي ساھ رڙ ڪندو:
”اٽينشن!- ڪال ڪوٺڙي ٻہ سو ستھٺ- جنھن جا ٽئي ماڻھو آرڊر ۾ ھجن.“
تہ پوءِ: 267. اھا آھي اسان جي ڪال ڪوٺڙي. پر ھت خودڪار طريقو ڪم نٿو ڪري. فقط ٻہ ماڻھو ٽَپ ڏئي اٿن ٿا. آئون دري ھيٺ تڏي تي پيٽ ڀر ليٽيو رھان ٿو. ھفتو، پندرھن ڏينھن، مھينو، ڇھ ھفتا- آئون ٻيھر ڄمان ٿو.
آئون ھاڻي پنھنجو ڪنڌ ڦيري سگھان ٿو، ھٿن ۾ چرپر ڪرڻ جي سگھ اٿم ۽ پنھنجن ٺونٺن تي پاڻ کي مٿي ڪري سگھان ٿو، مون سئين سمھڻ جي ڪوشش ڪئي آھي...... اھڙي نموني رھڻ کان ان بابت لکڻ يقينًا سولو آھي.
ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ پڻ ڦير ڦار ٿـئي پئي. ڪال ڪوٺڙي جي در تي ٽن جي بدران ٻہ ماڻھو رکيا اٿن، ھتي اسين بہ ھاڻي ٻہ وڃي بچيا آھيون. ڪارليڪ اوجھل ٿي ويو آھي. ھو ان جوڙي منجھان آھي جنھن منھنجي بيھوشي وقت گيت ڳايا ھئا. سندس پويان فقط ھڪ ياد وڃي بچي آھي. آئون ھن کي فقط اڌ غشيءَ ۾ ڏسان ٿو ۽ سو بہ اسان سان گڏ سندس آخري ٻن ڏينھن بابت. ھو صبر ۽ تحمل سان پنھنجو داستان وري وري پيو ٻڌائي ۽ مون کي وري ڳالھ جي اڌ ۾ ڳھر ٿو اچي.
سندس نالو ڪاريل ماليڪ آھي، ھو انجڻ ھلائيندڙ آھي ۽ ھڊلائس ويجھو ڪچي لوھ جي کاڻ ۾ ڪم ڪندو ھو. اتان ھو گھرو محاذ لاءِ بارود لڪ چوري موڪليندو ھو. اٽڪل ٻہ سال اڳ کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ ھاڻي ڪيس ھلائڻ لاءِ وٺيو پيا وڃنس، شايد برلن ڏانھن؛ ٻيا بہ ڪيترائي ڦاٿل آھن، خبر نہ آھي نتيجو ڇا نڪري. کيس ھڪ زال ۽ ٻہ ٻارڙا آھن، جيڪي کيس تمام پيارا آھن – پر توکي خبر آھي تہ آخر اھو منھنجو فرض ھو. ٻيو ڇا ٿي ڪري سگھيس.
ھو گھڻي دير تائين مون سان گڏ ويٺو ۽ مجبور ڪيائين تہ ڪجھ کان. نٿو کائي سگھان.
ڇنڇر.
مون کي ھت آئي اٺ ڏينھن ٿيا آھن؟ ھو ھڪ وڏي ڪوشش ڪري ٿو: جيل جي جرمن ڪمپائونڊر کي ٻڌائي تہ جڏھن کان آئون ھت آيو آھيان ڪجھ بہ نہ کاڌو اٿم. پانڪريڪ جيل جو جرمن ڪمپائونڊر پاڻ خود شوروي جو پيالو کڻي اچي ٿو، ۽ پي ختم ڪرڻ مٿان بيٺو آھي. ھن جرمن ڪمپائونڊر جي علم کان سواءِ چيڪ ڊاڪٽر کي ايسپرين ڏيڻ جي بہ اجازت نہ آھي. ڪارليڪ پنھنجي ڪاميابيءَ تي مطمئن آھي ۽ ٻي ڏينھن تي ھو پاڻ آچر ڏينھن واري شوروي جو پيالو مون کي پياري ٿو.
پر معاملو اڳتي نٿو وڌي. سڀ ڏاٺون ڀڄي پيون اٿم. آچر جي ڏينھن واري ٻوڙ جا پٽاٽا بہ چٻاڙي نٿو سگھان ۽ منھنجي سسيل نڙي گرھ اندر ٿيڻ تي فرياد ٿي ڪري.
”ھي تہ گوشت ۽ ڀاڄين جو ٻوڙ بہ نٿو کائي سگھي!“ ڪارليڪ ڏک ۾ منھنجي مٿان ڪنڌ لوڏي ٿو.
پوءِ ھو ”بابا“ سان گڏ منھنجو حصو کائي ٿو.
توھان جيڪڏھن 1944 ۾ پانڪريڪ جيل ۾ نہ رھيا آھيو تہ پوءِ توھان کي ڪھڙي خبر تہ ڀاڄي گوشت جو ٻوڙ ڪيڏي وڏي نعمت آھي! بدترين حالتن ۾ جڏھن اوھان جي پيٽ ۾ بُک کان دھل پيا وڄن. جڏھن ٻيو نہ تہ بہ اکين سان ئي ھر ساٿيءَ اڳيان پنھنجي واري پاڻ حصي جو راشن ڦري ٿو. تڏھن پاڻيءَ جھڙي ٽماٽن جي رس ۾ سُڪل ڀاڄين جو گپ جھڙو ٻوڙ بہ ھڪ شاندار طعام ٿو لڳي. اھڙين خراب حالتن ۾ بہ ھفتي ۾ ٻہ ڀيرا خميس ۽ آچر جي ڏينھن باقاعدگيءَ سان باورچي توھان جي پليٽ تي پٽاٽا ۽ ھڪ چمچو ڀاڄي گوشت جو وجھندا آھن جنھن ۾ گوشت ڏسڻ ۾ ئي ڪونہ ايندو آھي. اھو ڪيترو نہ لذيذ آھي، ھائو لذيذ کان بہ ڪجھ وڌيڪ. انساني زندگي جي ڪي قدر مھذب يادگار، گسٽاپو جيل جي بي رحم انڌ ڌنڌ ۾ ڪا قائدي واري ڳالھ. اھڙي ڳالھ، جنھن جو خوشيءَ سان ذڪر ڪيو ويندو آھي. اڙي ڪير ٿو تصور ڪري سگھي تہ شوروي جي انھيءَ ھڪڙي چمچي ۾ جنھن مان موت سان دائمي ويجھڙائپ واري سرھاڻ ايندي ھجي، ڪيڏي نہ وڏي خاصيت آھي.
ٻن مھينن گذرڻ کان پوءِ مون ڪارليڪ جي تعجب کي سمجھيو آئون ڀاڄي گوشت بہ نٿو کائي سگھان! انھي کان وڌيڪ ٻي ڪابہ ڳالھ کيس منھنجي اڻ ٽر موت جو يقين نٿي ڏياري سگھي.
ايندڙ رات ٻين بجي ھنن ڪارليڪ کي ننڊ مان اٿاريو. کيس سفر جي تياري لاءِ صرف پنج منٽ ڏنا ويا، ڄڻ تہ ڪيڏانھن گھڙي کن لاءِ وَڃڻو اٿس ۽ اھڙو ڪو سفر نہ جيڪو ھن جي زندگيءَ جو ئي خاتمو ھجي، يا ڪنھن نئين جيل ڏانھن، ڪنھن اذيت واري ڪئمپ يا ڦاسيءَ واري جاءِ ڏانھن، ڪير ڄاڻي ڪيڏانھن!! ھڪ دفعو وري ھو منھنجي تڏي وٽ جھڪيو. منھنجو ڪنڌ ٻانھن ۾ جھلي، مونکي چُميائين. جيل جي وارڊن دالان مان رڙ ڪئي، ڄڻ تہ پانڪريڪ ۾ جذبن جي وجود ڪو حق نہ آھي؛ ۽ ڪارليڪ ٻاھر ھليو ويو. قلـف (قفل) ڏيڻ جو آواز.... ۽ ڪوٺڙيءَ ۾ فقط اسين ٻہ وڃي بچياسون.
اسين وري ڪڏھن ھڪ ٻئي ڏسنداسون؟ وري ڪڏھن موڪلائڻ ٿيندو؟ اسان ٻن مان پھرين ڪير ويندو؟ ڪيڏانھن؟ ھن کي ڪنھن سڏيو؟ ھڪ جرمن پوليس وارڊن؟ يا موت؟
آئون ھاڻي فقط تصور جي آڌار تي لکي رھيو آھيان جيڪو پھريون ڀيرو موڪلائڻ واري وقت کان وٺي اسان سان آھي. ان ڳالھ کي سال ٿي ويو آھي پر اسانجي ويل ساٿين جي ياد ور ور ڏئي موٽي ٿي. ڪال ڪوٺڙيءَ جي در تي ٻن جو انگ ھڪ دفعو وري ٻہ ۽ وري ٽي، ٻه، ٽي، ٻه، نوان قيدي اچن ٿا ۽ وڃن ٿا- فقط ٻہ جيڪي پھرين ڏينھن ڪال ڪوٺڙي 267 ۾ ھئا، اڃا تائين منجھس آھن.
”بابا“ ۽ آئون.
”بابا“ سٺ سال جي عمر جو ماستر آھي، نالو جوزف پيسيڪ اٿس، ھو ماسترن جو اڳواڻ ھو. کيس مون کان 85 ڏينھن اڳ آزاد چيڪ اسڪول سڌار تحريڪ جي وسيلي نازي حڪومت خلاف گڙ ٻڙ ڪرڻ جي الزام ۾ جھليو ويو ھو.
”بابا“ – ھي آھي ........
پر منھنجا نوجوان تون اھو ڪيئن لکندين. ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي. ٻہ ماڻھو ھڪ ڪال ڪوٺڙي ۽ ھڪ سال! انھي عرصي ۾ ”بابا“ لفظ جي مٿان واڪ نشان ختم ٿي ويا، انھي وقت اندر اسان ھڪ ٻئي جون عادتون، وڻندڙ محاورا ۽ ڳالھائڻ جو انداز بہ سمجھي ۽ سِکي وياسون- ڪوشش ڪر ۽ سڃاڻ تہ اھو منھنجو ڇا آھي ۽ بابا جو ڇا آھي. ھو ڪال ڪوٺڙي ۾ ڇا کڻي آيو ۽ مون ڇا آندو!
ھن رات ڏينھن منھنجي نظرداري ڪئي آھي ۽ جڏھن بہ موت ويجھو آيو آھي تڏھن منھنجي ڦٽن تي ڀِنل اڇيون پٽيون ٻڌي کيس ڊيڄاري ڀڄائي ڇڏيندو آھي. ھن بنا ڪنھن لالچ جي منھنجي ڦٽن تان گند ۽ پونءِ پي صاف ڪئي آھي ۽ ڪڏھن بہ ظاھر نہ ڪيو اٿس تہ ڪو ھو منھنجي تڏي تان ايندڙ ڌپ محسوس ڪري ٿو. ھن منھنجي ليڙون ٿيل قميص کي ڌوتو ۽ ٽوپا ڏنا جيڪا منھنجي آڏي پڇا جي شڪار ٿي وئي ھئي. پر جڏھن اھا قميص ٽوپن کان بہ چڙھي وئي تڏھن پنھنجي گنجي پائڻ لاءِ ڏنائين. ھن مون کي گل بھار ۽ گاھ جو ھڪ پن بہ آڻي ڏنو جيڪو پانڪريڪ جيل جي اڱڻ ۾ صبح جو اڌ ڪلاڪ واري چھل قدمي وقت لڪ چوري پٽي ورتو ھئائين. جڏھن آئون وڌيڪ آڏي پڇا لاءِ ويندو آھيان تڏھن ھو رحمدل اکين سان مون سان گڏ ھوندو آھي، ۽ جڏھن آئون تازن ڦٽن سان موٽندو آھيان تڏھن مون کي نيون پٽيون ٻڌندو آھي. جڏھن بہ ھو رات جو پڇا لاءِ وٺي ويندا آھن تڏھن منھنجي واپس موٽڻ ۽ مون کي تڏي تي ليٽائي چڱي طرح ڪمبل ڍڪڻ کان اڳ نہ سمھندو آھي. اسان جي شروعات اھڙي ھئي ۽ گڏ رھڻ ڪري جڏھن آئون اٿي ويھي ٿي سگھيس ۽ ھڪ پٽ وانگيان پنھنجا قرض لاھڻ شروع ڪيا ھئم تڏھن بہ ان ۾ ڪو ڦيرو ڪونہ آيو ھو.
پر منھنجا نوجوان! يڪساھي تون سڀ ڪجھ ڪيئن لکندين. انھيءَ سال ۾ ڪال ڪوٺڙي 267 جي زندگيءَ جا وڏا داستان آھن. بابا بہ ڪال ڪوٺڙي جي زندگي جي ھر گھڙي پنھنجي طريقي سان گذاري. اھو ٻڌائڻ ضروري آھي ۽ ھن داستان جي اڃا پڇاڙي نہ آھي. ”داستان ختم ٿيڻ جي ڳالھ ڪھڙي نہ پر اميد لڳي ٿي.“ ڪال ڪوٺڙي 267 جي زندگي جا ڊگھا داستان آھن. گھڻو ڪري ھر ڪلاڪ کان پوءِ در کلي ٿو ۽ چڪاس ڪئي وڃي ٿي. خطرناڪ ڪميونسٽ ڏوھاري تي سختي سان نگھباني جو حڪم آھي. وڏي اچرج جي ڳالھ آھي. ھت گھڻو ڪري اھڙا بہ ماڻھو مريو وڃن جن کي مرڻ لاءِ نٿو آندو وڃي. پر اِئين ورلي ٿئي ٿو جو اھو ماڻھو نہ مري جنھن جو موت سڀني جي خيال موجب ويجھو ھجي. جيل جي ٻين ڀاڱن مان وارڊن ھت اچي پاڻ ۾ ڳالھيون ڪن ٿا يا خاموشي سان ستل قيدين تان ڪمبل لاھي ڪنھن ماھر جي نظرن سان ڦٽ ڏسي لطف وٺن ٿا ۽ پنھنجي ڪميڻائپ جي درجي جو اظھار مختلف گفتن سان ڪن ٿا. اسان انھن مان ھڪ جو نالو ”ڊگھي نڪ وارو“ رکيو آھي. ھو ٻين کان وڌيڪ ايندو آھي ۽ کلندي پڇندو آھي تہ سرخ شيطان کي ڪجھ کپي. نہ مھرباني ھن کي ڪجھ بہ نہ کپي. ٿورن ڏينھن کان پوءِ ڊگھي نڪ واري کي خبر پئي تہ ”سرخ شيطان“ کي ڪجھ گھرجي.
حجام. ھو پاڻ سان ھڪ حجام آڻي ٿو. منھنجي ڪال ڪوٺڙي جي قيدين کان سواءِ ھي پھريون قيدي آھي جنھن سان آئون مليو آھيان. ڪامريڊ بوسيڪ. بابا منھنجو مٿو ٿو جھلي ۽ ڪامريڊ بوسيڪ تڏي جي ڀر ۾ ويھي ھڪ تِکي پاڪيءَ سان منھنجي ڏاڙھي جي گاھ مان رستي ڪڍڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. سندس ھٿ ڏَڪن ٿا ۽ اکين ۾ ڳوڙھا اٿس. پڪ اٿس تہ ھڪ مڙدي جي ڏاڙھي ڪوڙي رھيو آھيان. آئون کيس دلداري ڏيان ٿو.
”ادا ھمت ڪر! مون پاڻ پيتسچڪ جيل ۾ پڇا کي منھن ڏنو آھي. سمجھان ٿو تہ تنھنجي ڏاڙھي لاھڻ تائين ٺيڪ ھوندس.“
پر اسان ٻنھي ۾ گھڻي سگھ ڪانھي ۽ ساھ کڻون ٿا.
ٻن ڏينھن کان پوءِ ٻن ٻين سان واقفيت ٿئي ٿي. پيتسچڪ محل جا عملدار بي صبرا آھن. مون کي گھرايو اٿن، ۽ حڪم ڪيو اٿن تہ ڪنھن بہ طريقي سان مونکي آندو وڃي، ڇاڪاڻ تہ ھر روز جڏھن مون کي گھرائڻ جو حُڪم ايندو آھي تڏھن جيل جو ننڍو ڊاڪٽر ان تي لکي موڪليندو آھي تہ قيدي، موڪلڻ جي لائق نہ آھي، انھي ڪري ڪمپائونڊر جي ورديءَ ۾ ٻہ قيدي اسٽريچر کڻي اسان جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ اچن ٿا. بابا مشڪل سان مونکي ڪپڙا پھرائي ٿو ۽ ڪامريڊ مونکي اسٽريچر تي وجھي کڻن ٿا. ان مان ھڪ جو نالو اسڪوريپا آھي. ۽ ٻئي جو نالو- آھي. ڏاڪڻ تان ھيٺ ويندي جڏھن آئون لاھي واري پاسي ترڪيس تڏھن ھن منھنجي مٿان جھُڪي چيو:
”بيھو!“
پوءِ آھستي وڌيڪ چيائين:
”ھت به!“
ھن ڀيري اسين مرحبا جي آفيس ۾ وياسين. ھو مونکي ٻاھر ويندڙ پاسي واري کان کڻي آيا. دالان ماڻھن سان ڀريو پيو آھي- اڄ خميس جو ڏينھن آھي. قيدين جا مائٽ ميرا ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ کڻڻ آيا- اھي سڀ ھي ڏک ڀريو جلوس ڏسن پيا. سندن اکيون ٻاجھ سان ڀريل آھن، ۽ منھنجي لاءِ اھا ڳالھ دل کي ڏڍ ڏيندڙ نہ آھي. انھي ڪري مون ھٿ مٿي تي آڻي مُٺ ڀيڙي، شايد ھو ڏسن ۽ محسوس ڪن تہ آئون سندن آجيان پيو ڪريان. شايد اھو بيوقوفي جو اشارو آھي، پر آئون وڌيڪ ڪجھ بہ نٿو ڪري سگھان، اڃا ايتري سگھ ڪانہ اٿم.
پانڪريڪ جيل جي اڱڻ ۾، ھنن اسٽريچر ھڪ لاري ۾ وڌو. جرمن جاسوسي پوليس جا ٻہ عملدار منھنجي سيراندي کان ويٺا. سندن ھٿ پستولن تي آھن ۽ اسين روانا ٿا ٿيون. نه، اُھو سٺو رستو بلڪل ڪونہ ھو. رستي تي کڏون کوٻا ھئا. اسين اڃا ٻہ سو کن وال مس ويا ھئاسون تہ آئون بيھوش ٿي ويس. پراگ جي گھٽين مان اھو سفر کِل جھڙو ھو. پنج ٽن وزن واري لاري جيڪا 35 ماڻھن لاءِ ھئي سا فقط ھڪ مسافر لاءِ پيٽرول خرچ ڪري رھي ھئي ۽ جرمن جاسوسي پوليس جا ٻہ عملدار سيراندي وٽ ۽ ٻہ پيراندي وٽ ويٺا آھن. سندن ھٿ پستولن تي آھن ۽ آدم خورن وانگر تڪين پيا. ھو ھڪ لاش تي پھرو پيا ڏين تہ جيئن اھو ڀڄي نہ وڃي.
ٻي ڏينھن بہ ساڳي ڪار. پر ھن دفعي آئون پيتسچڪ محل تائين ھوش ۾ رھيس. آڏي پڇا گھڻو وقت نہ ھلي. فوجي عملدار فرائڊ اريڪ ڪجھ بي خيالي واري نموني ۾ منھنجي جسم کي ھٿ لاتو. ھڪ دفعو وري ھو مون کي بيھوشي جي حالت ۾ واپس کڻي آيا.
ھاڻي اھي ڏينھن آيا جڏھن آئون پنھنجي زندھ ھئڻ ۾ وڌيڪ وقت لاءِ شڪ ڪري نٿي سگھيس.
زندگيءَ جي جاڙي ڀيڻ سور، مونکي ان بابت چِٽو ياد ڏياريو. پانڪريڪ جيل ۾ اھا خبر پکڙجي وئي ھئي تہ ڪنھن نظر چڪ سبب آئون اڃا زندھ آھيان ۽ پھريون مبارڪون اچڻ شروع ٿيون.
اھي مبارڪون جيل جي ويڪرين ڀتين تي ٺڪائن سان ٿي آيون، يا ماني ڏيندڙن جي اکين ۾ ھيون. فقط منھنجي زال کي ڪا خبر ڪانہ ھئي. اسان کان ھڪ ماڙ ھيٺ ٿورو پاسي تي پنھنجي ڪال ڪوٺڙي ۾ ھيڪلي انتظار ۽ اميد جي دنيا رھندي ھئي.
ھڪ ڏينھن صبح جو اڌ ڪلاڪ واري چھل قدمي وقت ھڪ ڀر واري قيدي عورت کيس ٻڌايو تہ منھنجو معاملو پورو ٿي ويو آھي، آئون آڏي پڇا وقت رسيل ڌڪن وگھي مري ويو آھيان. پوءِ ھو جيل جي اڱڻ ۾ گھمندي وتندي ھئي، ھن لاءِ دنيا اونداھي ٿي وئي ۽ کيس اھو محسوس نہ ٿيو تہ سندس وارڊ جي نگھبان کيس منھن ۾ ٺونشا ھڻي رھي آھي، کيس وري قطار ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي جيڪا جيل جي زندگي جي باقاعدگي جي نشاني آھي. جڏھن ھن پنھنجي ڪال ڪوٺڙي جي اڇين ڀتين تي ڳوڙھن کان خالي اکين سان گھوريو ھوندو تڏھن سندس اکين ڇا ڏٺو ھوندو؟ ايندڙ ڏينھن تي وري ٻي رپورٽ آئي: نہ مون کي اڃا ماريو نہ ويو آھي پر سُور سھي نہ سگھڻ ڪري پاڻ کي ڪال ڪوٺڙي ۾ ڦاھي ڏني اٿم.
ھوڏانھن آئون پنھنجي ڇنل تڏي تي ليٽي ھر صبح شام گستينا لاءِ اھي گيت ڳايان ٿو، جيڪي کيس وڻندا ھئا. جڏھن منھنجي گيتن ۾ ايڏو درد ھوندو آھي، تڏھن ھوءَ اھي ڪيئن نہ ٻڌندي ھوندي! اڄ کيس خبر آھي، اڄ ھوءَ ٻڌي پئي، جيتوڻيڪ اڳي کان گھڻو پري آھي. اڄ وارڊ جي نگھبانن کي بہ خبر آھي، ھو ڪال ڪوٺڙي 267 کي ڳائيندي ٻڌڻ جا عادي ٿي ويا آھن. ھو در تي آواز نٿا ڪن ۽ اسان کي ماٺ ڪرڻ لاءِ بہ نٿا چون.
ڪال ڪوٺڙي ڳائي پئي. مون سڄي عمر ڳايو آھي. سمجھ ۾ نٿو اچيم تہ پڇاڙي ۾ ڇو ماٺ اچيم، جڏھن زندگي حد کان وڌيڪ سرگرم آھي. بابا پيسيڪ؟ ھو تہ ھڪ غير معمولي ماڻھو آھي! کيس گيت ڏاڍا وڻندا آھن. ھو گيتن سان ايڏو تہ پيار ڪندو آھي ۽ انھن مان کيس ايترو تہ لطف ايندو آھي جو مونکي اھو ٻڌڻ ۾ ڪونہ ايندو آھي تہ ھو ڪيڏي مھل ھڪ سُر مان ٻي سُر ۾ ويو. اسين ان وقت ڳايون ٿا جڏھن وطن جي ياد اسان تي غالب ايندي آھي. جڏھن ڏينھن سرھو ھجي ٿو. گيت سان اسين ويندڙ ساٿيءَ جو ساٿ ڏيون ٿا، جنھن کي اسين شايد وري ڪڏھن بہ ڏسي نہ سگھون. اسين خوشي مان ڳايون ٿا، بلڪل ائين جيئن انسانن ھر دور ۾ پئي ڳايو آھي ۽ ان وقت تائين ھو ڳائيندا رھندا جيستائين ھو انسان آھن.
راڳ زندگي جي لاءِ ايتروئي ضروري آھي جيترو سج جي روشني. اسان کي گيتن جي ٻيڻي گھرج آھي، ڇاڪاڻ تہ سج اسان تائين نٿو پھچي. ڪال ڪوٺڙي 267 جو منھن اتر ڏانھن آھي ۽ اونھاري وارن مھينن ۾ ڪجھ گھڙين لاءِ لھندڙ سج اڀرندي ڀت تي درين جي شيخن جو پاڇو ٺاھي ٿو- پوءِ بابا کٽ وٽ اتان بيھي سج جا لھندڙ ڪرڻا ڏسندو آھي. ھت توھان کي اھو نظارو ڏک ڀريو لڳندو.
سج! گول جادوگر دل کولي روشني ڏئي ٿو ۽ انسانن جي اکين اڳيان ڪيتريون عجيب ڳالھيون ظاھر ڪري ٿو. ڪيترا نہ ٿورا ماڻھو سج جي روشني ۾ رھن ٿا. ھائو؛ اھو روشني ڏيندو رھندو ۽ ماڻھو سندس ڪرڻن ھيٺ رھندا. انھي جو احساس ڪيڏو نہ وڻندڙ آھي. انھي کان سواءِ ھي به، تہ ڇا اھو اسان لاءِ بہ چمڪندو؟
اسان جي ڪال ڪوٺڙي جو رخ اتر طرف آھي. اسين فقط ڪڏھن، ڪڏھن اونھاري ۾ صاف ڏينھن تي سج لھندي ڏسون ٿا. پر بابا؛ سج کي اڀرندي ڏسڻ جي ڪيڏي نہ خواھش اٿم.
باب چوٿون: ڪمرو نمبر چار سؤ
مري، جيئن ڪجھ عجيب ۽ نرالو معاملو آھي. اھڙو تہ نرالو آھي جنھن کي بيان ڪرڻ ڏکيو آھي. ھڪ وڻندڙ ڏينھن تي چڱي طرح ننڊ ڪرڻ کان پوءِ دنيا ڏاڍي دلڪش لڳندي آھي. پر اھو ڇالاءِ تہ ڏينھن خوبصورت ھو ۽ ان ڪري تو اھڙي سٺي ننڊ ڪئي جيڪا اڳ ڪڏھن بہ ڪري نہ سگھين. تون پاڻ کي زندگيءَ جي منزل کان چڱي طرح واقف ٿو سمجھين، پر اھو ائين ٿو لڳي ڄڻ تہ ڪاريگرن صاف شيشن واريون سموريون بتيون ٻاري ڇڏيون ھجن ۽ تنھنجي اڳيان بتين جي جھرمر ۾ سڄو نظارو رکي ڇڏيو ھجين. تون سمجھين ٿو تہ انھيءَ کي چڱي طرح ڏسي ورتئي. پر اھو ائين ڄڻ تہ تون پنھنجين اکين تي دوربيني رکي، پوءِ ان ۾ خوردبين ڳنڍي ھجي. مري، پوءِ جيئن بھار جي موسم جيان آھي ۽ بھار وانگيان آسپاس جي روزمره جي ماحول ۾ بہ اھڙيون اوچتيون ڳالھيون ڏسبيون آھن.
اھڙي حالت ان وقت ھوندي آھي جڏھن توکي خبر آھي تہ اھو فقط گھڙي کن لاءِ آھي ۽ ساڳئي حالت ان وقت بہ ھوندي آھي جڏھن اوھان جي آسپاس جا نظارا اھڙا وڻندڙ ۽ دل ڇڪائيندڙ ھوندا آھن، جھڙي پانڪريڪ جي ھڪ ڪال ڪوٺڙي.
پر جڏھن ھڪ ڏينھن توکي واپس دنيا ۾ وٺي ٿا اچن. ھڪ ڏينھن توکي پڇا لاءِ گھرايو ٿو وڃي- اسٽريچر کان سواءِ- ۽ جيتوڻيڪ تون سمجھين ٿو تہ اھو ناممڪن آھي پر توکي ڪيئن بہ ڪري ھلڻو آھي. دالان جي ڀت سان ڪٽھڙو آھي ۽ ڏاڪڻ کي بہ جھل جي ڪاٺي آھي. تون ٻن پيرن کان وڌيڪ چئن عضون کان ڪم وٺي ھيٺ لھين ٿو. ھيٺ ساٿي قيدي توکي جيل جي لاري ۾ ويھارين ٿا. پوءِ تون ويٺو آھين ۽ ڏھ ٻارنھن ماڻھو اونداھي غار ۾ آھن. نوان آيل ماڻھو تو ڏانھن ڏسي مُشڪن ٿا ۽ تون نہ جواب ۾ مشڪين ٿو ڪو ماڻھو بلڪل آھستي ڪن ۾ ڪجھ چوي ٿو. توکي خبر نہ آھي تہ ھو ڪير آھي، تون ڪنھن ماڻھو جا ھٿ جھلي انھن کي زور ڏين ٿو. پوءِ لاري اوچتو پيتسچڪ محل ۾ پھچي وڃي ٿي ۽ ساٿي توکي کڻن ٿا. تون وڏن ڪمرن ۾ گھڙين ٿو جن جو ڀتيون خالي آھن. ھڪ ٻئي پٺيان پنج بينچون آھن جن تي قيدي اٽينشن جي حالت ۾ ويٺا آھن. سندن ھٿ گوڏن تي آھن ۽ چرپر ڪرڻ کانسواءِ سامھون واري خالي ڀت تي ڏسي رھيا آھن. تہ پوءِ منھنجا نوجوان اھا اٿئي تنھنجي نئين دنيا جنھن کي سئنيما سڏيو وڃي ٿو.
يوم مئي 1943ع:
اڄ 1943ع سال جو يوم مئي آھي. ڊيوٽي ڏيندڙ نگھبان بہ خطري وارو ماڻھو نہ آھي تنھن ڪري آءٌ ڪجھ لکي سگھان ٿو! ڇونہ اڄوڪي ڏينھن تي گھڙي کن لاءِ ڪميونسٽ صحافي بڻجي نئين دنيا جي جدوجھد ڪندڙ قوتن جي، يوم مئي واري پريڊ بابت رپورٽ لکان!
ڪپڙي جي چادر تي لکيل نعرن بابت ٻڌڻ جي اميد نہ رک. ھت اھڙي ڪابہ ڳالھ ڪانھي. آئون اوھان کي اھي زبردست ڪارناما بہ نٿو ٻڌائي سگھان جن کي ٻڌي توھين خوش ٿيو. اڄ جي ھر ڳالھ ۾ سادگي ھئي. تہ ھتي پراگ جي گھٽين وارا ھزارين انسان ناھن نہ وري ماسڪو ۾ سرخ چوڪ ۾ سيلاب وانگيان ايندڙ لکين انسانن جو سھڻو سمنڊ آھي. اھي سڀ مون اڳـئين سالن ۾ ڏٺا ھئا. ھت نہ لک آھن ۽ نہ وري ڪجھ ساٿي، مرد ۽ عورتون. تنھن ھوندي بہ توھان محسوس ڪندؤ تہ اھي بہ گھٽ ڪونھن. اھو انھيءَ ڪري تہ ھي ان طاقت جو پاڇو آھي جيڪا ھن گھڙي باھ جي ھڪ تمام وڏي مَچ مان گذري رھي آھي ۽ ان مچ مان لنگھڻ سان ڦلھيار نہ پر رُڪ بڻجي رھي آھي. اھو جنگ وقت، کاھين وارو نظارو آھي ۽ کاھين ۾ جرمن فوجي آھن.
انھن ننڍين ڳالھين ۾ سڀ ڪجھ آھي. ڪھڙي خبر تون، جنھن ڪڏھن بہ اھڙي زندگي نہ گذاري آھي سو جڏھن ھي لکيو پڙھندين تہ جيڪر نہ بہ سمجھي سگھين پر سمجھڻ جي ڪوشش ڪر. مون تي يقين ڪر تہ انھي ۾ طاقت آھي.
ڀر واري ڪال ڪوٺڙي مان صبح جي کيڪار، جيڪا ٻہ لوھي تارون وڄائڻ سان ڪئي وڃي، سا اڄ وڌيڪ شادماني واري اثرائتي پئي لڳي ۽ ڀت ان کي بلند آواز ۾ پيش ڪري ٿي!
اسين پڄت آھر سٺي پوشاڪ پايون ٿا. سڀني ڪال ڪوٺڙين جو ساڳيو حال آھي.
ناشتي اچڻ وقت اسين تيار رھون ٿا. ڪال ڪوٺڙين جي کليل دروازي مان جيل ۾ ماني ڏيندڙ، ماني، ڪاري ڪافي ۽ پاڻي کڻي اندر اچن ٿا. اڄ مانيءَ جي ٻن ٽُڪرن بدران ٽي ڏئي ٿو. اھا سندس يوم مئي جي کيڪار آھي. ھڪ ڌيان ڏيندڙ ماڻھو طرفان ھڪ اثرائتي کيڪار. مانيءَ جي ٽڪرن ھيٺان ھڪ ٻئي جي ھٿن جي آڱرين کي زور ڏنو وڃي ٿو. ڳالھائڻ تي بندش آھي، تہ توھان جي اکين تي بہ نظر رکي وڃي ٿي. پر ڇا گونگا پنھنجين آڱرين سان چِٽي طرح نٿا ڳالھائي سگھن.
اسان جي ڪال ڪوٺڙي جي سامھون ٻاھر اڱڻ ۾ عورتون صبح وارو اڌ ڪلاڪ گذاري رھيون آھن. آئون ٽيبل تي چڙھي لوھي شيخن مان ھيٺ ڏسان ٿو. جڏھن ڪجھ قسمت چڱي ھوندي تہ مون تي نظر پوندين. ھائو، ڏٺو اٿن. ھو کيڪار لاءِ پنھنجون ڀڪوڙيل مُٺيون مٿي ڪري رھيون آھن. آئون کيڪار جو جواب ڏيان ٿو. ٻاھر اڱڻ ۾ اڄ ھر شيءِ ۾ زندگي آھي، بلڪل مختلف ٻين ڏينھن کان وڌيڪ خوشين واري زندگي. جيل جي نگھبان، عورتن تي اک نٿي رکي ۽ شايد نھارڻ نٿي گھري ۽ اھا ڳالھ بہ ھن سال جي يوم مئي واري پريڊ ۾ شامل آھي.
ھاڻي اسان جو اڌ ڪلاڪ شروع ٿئي ٿو. ڪسرت ڪندڙن جي اڳواڻي ڪريان ٿو. اڄ مئي جي پھرين تاريخ آھي. ساٿيو، اسين پنھنجو ڪم الڳ نموني شروع ڪنداسون پوءِ کڻي پھريدار کي اچرج لڳي. پھرين ورزش ھڪ، ٻه، ھڪ، ٻه، ھٿوڙي جا ڌڪ، ۽ ٻي ورزش لڻڻ. مترڪو ۽ ڏاٽو. ساٿي سمجھي ويندا تہ ان مان ڇا مطلب آھي، مترڪو، ڏاٽو. چوڌاري ڏسان ٿو. ھو مُرڪن ٿا ۽ شوق سان ورزش جا اکر پڙھن ٿا. ساٿيو، اھا اسان جي يوم مئي جي گڏجاڻي اٿوَ. اسان جو ھي گونگو ناٽڪ- اھوئي اسان جو يوم مئي تي وعدو آھي تہ مرڻ گھڙي تائين بہ مقصد سان وفادار رھنداسون.
واپس ڪال ڪوٺڙيءَ ۾.
نو لڳا آھن. ھن وقت ڪريملن ۾ گھڙيال ڏھن جا ڌڪ ھڻي رھيو آھي ۽ سرخ چوڪ جي پريڊ بس شروع ٿيڻ واري آھي. بابا اسين بہ ھنن سان گڏ ھليا آھيون. ھي ھن وقت اتي انٽرنيشنل (مزدورن جو عالمي ترانو) ڳائي رھيا آھن. ھن وقت سڄي دنيا ۾ انٽرنيشنل جو آواز گونججي رھيو آھي. اسان جي ڪال ڪوٺڙي ۾ اھو آواز اچڻ ڏيو. اسين ڳايون ٿا. ۽ پوءِ ھڪڙي پٺيان ٻيو انقلابي گيت ڪڙڪاٽ ڪندو اچي ٿو. ڇاڪاڻ تہ اسين اڪيلا ٿيڻ نٿا گھرون. اسين اڪيلا بہ نہ آھيون. اسين انھن مان آھيون جيڪي ھن وقت آزادي جي فضا توڙي جدوجھد ۾ ڳائي رھيا آھن.
جبلن، سرد ايذاءَ گھرن،
وارا ساٿيو،
توھين اسان سان آھيو، توھين اسان سان آھيو،
جيتوڻيڪ توھين اسان جي صِفن ۾ بہ آھيو،
ھائو! اسين اوھان سان آھيون.
اھڙي طرح اسان ڪال ڪوٺڙي 267 ۾ 1943ع جي يوم مئي واري پريڊ جي فتح مند پڄاڻي جي رٿ ٺاھي، پر واقعي اھا پڄاڻي آھي ۽ ڪمپائونڊر عورت کي ڏسو جيڪا جيل جي اڱڻ مان لنگھندي سرخ فوج جي پيش قدمي واري سيٽي وڄائي رھي آھي ۽ ڪال ڪوٺڙين ۾ بند مَردن جي ھمٿ افزائيءَ خاطر، وطن لاءِ وڙھندڙ غير فوجي ٽولن جو گيت ۽ ٻيا سوويت گيت ڳائي رھي آھي، چيڪ يونيفارم واري پوليس واري کي ڏسو جنھن مون کي ڪاغذ ۽ پينسل آڻي ڏنا ھئا، ۽ ھاڻي دالان ۾ پھرو ڏيئي رھيو آھي، جيئن مون کي ڪو لکندي ڏسي نہ وٺي ۽ ھن ٻئي ماڻھو کي ڏسو جنھن مون کي لکڻ شروع ڪرايو. اھو ماڻھو ھي لکيل صفحا کڻي وڃي لڪائيندو آھي، تہ جيئن وقت ٿيڻ تي اھي دنيا اڳيان اچي سگھن. ڪاغذ جي ان ٽُڪر لاءِ کين سِر بہ ڏيڻا پوندا. ھو پاڻ کي ان لاءِ خطري ۾ وجھي رھيا آھن، تہ جيئن جيل جي بند پڃري واري اڄوڪي وقت ۽ ايندڙ آزاديءَ واري وقت جي وچ ۾ پل بڻجن. ھو مقابلو پيا ڪن ۽ پنھنجين پنھنجين جاين تي بي ڊپائي ۽ سورھيائيءَ سان وڙھڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪم آڻي رھيا آھن. انھيءَ لڙائيءَ ۾ ھو گمنام آھن. شايد توکي زندگي موت جي ڪشمڪش جي تِر جيتري بہ خبر نہ ھجي. ان ڪشمڪش ۾ اھي گمنام سورھيه انھن جو ساٿ ڏيئي رھيا آھن ۽ ٿي سگھي ٿو تہ فتح جي سج اڀرڻ سان ھو موت جي وگھي ھليا وڃن.
تو ڪيترا ڀيرا انقلابي فوج کي يوم مئي جي پريڊ ڪندي ڏٺو ھوندو. اھو نظارو ڪيڏو نہ شانائتو ۽ سھڻو ھوندو آھي. پر ان فوج جي صحيح طاقت توکي فقط مقابلي ۾ ئي محسوس ٿيندي، ڇو تہ ڪابہ طاقت ان انقلابي فوج کي نٿي ھارائي سگھي. تو جيڪي ڪجھ سمجھيو موت تنھن کان وڌيڪ سولو آھي ۽ سورھيائي کي ڪو ڇٽ ڪونھي. پر تون جيڪي ڪجھ سمجھين ٿو ھي جدوجھد تنھن کان وڌيڪ قھار آھي. ان جدوجھد ۾ لاڳيتو مقابلو ڪرڻ ۽ سوڀاري ٿيڻ لاءِ بي حساب قوت کپي. ھر روز ڏسين ٿو تہ اھا ڪشمڪش جاري آھي، پر ان کان ھميشھ باخبر نہ آھين. ھر ڳالھ رواجي نظر ايندي آھي.
تون وري اڄ ان کان باخبر آھين.
۱۹۴۳ع جي يوم مئي واري پريڊ ۾.
يوم مئي ۱۹۴۳ع ھن بيان جي سلسلي کي وقتي طور روڪي ڇڏيو آھي. ڇاڪاڻ تہ جشن جي ڏينھن ڳالھين کي ٻي نموني ياد ڪيو ويندو آھي ۽ شايد اڄ بہ خوشين جو غلبو منھنجين يادين کي بگاڙي.
پيتسچڪ محل واري ”سئنيما“ ڪا خوشيءَ واري جاءِ نہ آھي. اھو ڪمرو جسماني عذاب ڏيڻ واري ڪوٺي جي اڳيان آھي.”سئنيما“ واري ڪمري ۽ توکي عذاب ڏيڻ واري ساٿين جي چينگھ ۽ ڀوائتيون ريھون ٻڌڻ ۾ اينديون، ۽ توکي خبر بہ نہ ھوندي تہ تنھنجو ڪھڙو حشر ٿيندو.ڏسين ٿو تہ ھتان تندرست، مضبوط ۽ زندگيءَ سان ڀرپور انسان عذاب واري ڪوٺي ۾ وڃن ٿا ۽ ٻن ٽن ڪلاڪن لاءِ حاضر ٿيندڙ ڪنھن ماڻھو جو ڳرو آواز ٻڌين ٿو _ ۽ ڪلاڪ کن کانپوءِ ٽٽل، سور ۽ ٿپ سان گهٽيل آواز پنھنجي مالڪ جي موٽڻ جي خبر ڏئي ٿو. ان کان بہ وڌيڪ خراب: ڏسين ٿو تہ اکين ۾ اکيون وجهي ڏسڻ وارا ماڻھو اندر وڃن ٿا. پر اندران موٽڻ کانپوءِ توسان منھن سامھون ٿي نٿا سگهن. مٿي پڇا واري ڪمري ۾ شايد ھڪ گهڙي ڪمزوري ۽ ٻڏتر جي، ھڪ جهلڪ ڊپ جي آئي يا پاڻ کي بچائڻ جي خواھش پيدا ٿي _ ۽ اڄ يا سڀاڻي ھت نوان ماڻھو ايندا ۽ سڀ مصيبتون سھندا. نوان ماڻھو جن کي ھڪ ساٿي ڪشمڪش ۾ دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيو ھو. جن ماڻھن جو ضمير تڪليف ۾ ھوندو آھي، تن جو ڏيک انھن ماڻھن کان وڌيڪ خطرناڪ ھوندو آھي، جن کي جسماني عذاب ڏنا ويا آھن. جيڪڏھن تنھنجون اکيون جي موت جي ڊپ کان پاڪ ٿي ويون آھن، جيڪو چوڌاري پنھنجي شڪار جي ڳولا ۾ آھي ۽ تنھنجي جذبن وري زندہ ٿيڻ جي عمل سان وڌيڪ زور ورتو آھي، تہ پوءِ تون ٻڌائڻ کان سواءِ اندروني سمجھ سان ئي پرکي ويندين تہ پڇا ڳاڇا وقت ڪير ٿيڙيو، ڪير غداريءَ جي حد تائين بہ ويو يا ڪنھن پنھنجي نفس جي ڪنڊ ۾ اھو خيال ڪيو تہ پاڻ تان ڪجھ مصيبت ٽارڻ لاءِ جدوجھد ۾ شريڪ انھن ساٿين بابت ٻڌائڻ ايترو خراب نہ آھي جيڪي گهٽ اھميت وارا آھن. اڙي ڪمزور دل وارا! اھا زندگي ڪھڙي جيڪا ھڪ ساٿي جي زندگي سان خريد ڪجي؟
”سئنيما ۾ منھنجي سوچ شايد اھا نہ ھئي. پر ات ور ور ڪري اھو خيال ايندو ھئم. اڄ صبح جو ھڪ دفعو وري ڪجھ بدليل ماحول ۾ اھو خيال آيم _ اھڙو ماحول جنھن مان گهڻو علم حاصل ٿي سگهيو ٿي. ”ڪمرو نمبر ۴۰۰“
ان ”سئنيما“ ۾ آئون گهڻو وقت نہ ويٺس. شايد ڪلاڪ ڏيڍ ان کان پوءِ پٺيان سڏ ٿيو. پوءِ چيڪ ٻولي ڳالھائيندڙ ٻہ شھري مون کي لفٽ ۾ ويھاري چوٿين ماڙ تي وٺي ويا ۽ اسين ھڪ وڏي ڪمري ۾ آياسين جنھن جي در تي اھو نمبر لکيل ھو.
نمبر ۴۰۰ _
ھت سندن نگھباني ۾ آءٌ اڪيلو پاسي تي پيل ھڪ ڪرسي تي ويٺو آھيان. سمجهان ٿو تہ جيڪي ڪجھ ٿيڻ وارو آھي سو اڳـئي ڏسي چڪو آھيان. اڳ بہ ھت آيو ھئس ۽ نہ پر تنھن ھوندي بہ ھر ڳالھ جي خبر اٿم. ھن جاءِ کان واقف آھيان. سڀ ڪجھ خواب ۾ ڏٺو ھئم. مون ھڪ بي رحم ۽ ڀوائتو خواب ڏٺو ھو جنھن ان جاءِ جي صورت خطرناڪ نموني بگاڙي ڇڏي ھئي پر تنھن ھوندي بہ سڃاڻپ کان پري نہ ھئي. ھاڻي ان جو ماحول دوستاڻو ھو. ڏينھن جي روشني سان ڀرپور ۽ چٽا رنگ. ان جي وڏين درين مان ٽٽن جو گرجا، ليٽنا جي ساوڪ ۽ ھوا ڊڪاني ڏسڻ ۾ آيا ٿي. خواب ۾ اھا جاءِ اونداھي ۽ درين کانسواءِ ھئي ۽ منجهس گندي مرجهايل پيلي روشني ھئي، جنھن ۾ ماڻھو پاڇن وانگي نظر ٿي آيا. ھائو، ات واقعي ماڻھو ھئا. ھاڻي خالي آھي ۽ ڇھ ڊگها بينچ ھڪ ٻئي جي پٺيان پيا آھن. خواب ۾ ماڻھو انھن بينچن تي ويٺا ھئا سندن منھن ڦڪا ۽ رتوڇاڻ ٿيل ھئا. ات، دروازي جي بلڪل ويجهو آسماني رنگ جي مزدورن واري وردي ۾ ڪو ماڻھو ڏکايل نظرن سان پاڻي پاڻي ڪري رھيو ھو ۽ پوءِ ناٽڪ جي پردي وانگر آھستي آھستي زمين تي ڪري پيو....
ھائو ائين ئي ھو، پر ھاڻي خبر اٿم تہ اھو خواب نہ ھو. اھو بي رحم ۽ ڀوائتو تجربو _ ھڪ حقيقي واقعو ھو.
اھو واقعو منھنجي گرفتاري جي پھرين رات آڏي پڇا جو آھي. شايد مونکي ٽي ڀيرا يا ڏھ ڀيرا ھت وٺي آندو ويو، ڪھڙي خبر ڪيترا ڀيرا ھت وٺي آيا؟_ پر جڏھن بہ ھنن کي آرام ڪرڻو ھوندو ھو يا ٻين تي ڪم ڪرڻو ھوندو ھون تہ پوءِ مونکي ھت وٺي ايندا ھئا. ياد اٿم تہ اگهاڙين پيرين ھئس ۽ سرن فرش پيرن جي ڦٽيل کڙين کي وڻندڙ نموني ٿڌو ڪندو ھو.
ان ڀيري جنڪر ڪارخانن جا مزدور انھن بينچن تي ويٺا ھئا. جرمن جاسوس پوليس شام جو انھن کي جهليو ھو ۽ در وٽ مزدورن جي آسماني رنگ واري وردي ۾ بيٺل ماڻھو ڪامريڊ بارٽن ھو، جيڪو پڻ سڌي طرح منھنجي گرفتاري جو سبب بڻيو. ھو جنڪر ڪارخانن ۾ پارٽي جي لڪل گروھ سان واسطو رکندو ھو. آئون ھي ان ڪري ٿو ٻڌايان تہ ڪنھن تي بہ مون کي ھن حال ۾ آڻڻ جو الزام نہ مڙھيو وڃي. ساٿين مان ڪنھن بہ غداري نہ ڪئي ۽ نہ وري ڪو ڊنو. اھو فقط ھوڙيائي ۽ بدنصيبي جو نتيجو ھو. ڪامريڊ بارٽن پنھنجي ڳجهي گروھ ۽ پارٽي جي اڳواڻن جي وچ ۾ لاڳاپي قائم ڪرڻ لاءِ خوش ڪري رھيو ھو. سندس دوست ڪامريڊ جيلينڪ سازش جي اصولن کي ڪجھ حد تائين نظرانداز ڪندي لاڳاپي قائم ڪرڻ جو وعدو ڪيو. ان سوال تي ھن مون سان اڳواٽ بہ ڪونہ ڳالھايو تہ جيئن کيس وچ ۾ آڻڻ کانسواءِ اھو ڪم ٿئي. اھا پھرين غلطي ھئي. ٻي وڌيڪ نقصانڪار غلطي ھيءَ ھئي تہ ڪامريڊ بارٽن ڊوارڪ نالي ھڪ شخص کي اھا حقيقت ٻڌائي. ڪامريڊ بارٽن ان ماڻھوءَ کي جيلينڪ جو نالو بہ ٻڌايو. انھيءَ ڪري جرمن جاسوس پوليس جي جيلينڪ جي گهر ۾ دلچسپي وڌي ويئي. انھي دلچسپي جو سبب جيلينڪ وارن جو اھو مکيہ ڪم نہ ھو جيڪو ھو ٻن سالن کان چڱي طرح ڪندا پي آيا، پر سازش جي اصولن تي ھلندڙ جي فرض ۾ تر جيتري گٿي ان دلچسپي جو سبب ٿي. جرمن جاسوسي پوليس طرفان جيلينڪ کي خاص ان رات گرفتار ڪرڻ جنھن رات مون کي سندن گهر ۾ ماڻھن سان ملڻو ھو ۽ سندن ايتري وڏي تعداد ۾ اچڻ بلڪل اتفاقي ھو. اھو رٿيل پروگرام نہ ھو. جيلينڪس وارا ٻي ڏينھن گرفتار ٿيڻ وارا ھئا. ائين کڻي چئجي تہ جرمن جاسوسي پوليس وارا جنڪرس ڪارخانن ۾ پارٽي جي لڪل گروھ جي ڪاميابي سان پتي ڪرڻ کانپوءِ ھن گهر ڏانھن ”ٿڌي ھوا کائڻ“ آيا ھئا. پوليس جي اچڻ تي اسان کي جيترو تعجب ٿيو ھنن کي بہ مون کي ھت ڏسڻ تي ايترو ئي تعجب ٿيو. ھنن کي اھا بہ خبر ڪانہ پيئي تہ ڪنھن کي ھٿ ڪيو اٿن. جيڪڏھن مون سان گڏ.... تہ کين ڪڏھن بہ اھا خبر نہ پوي ھا.
ڪمري نمبر ۴۰۰ ۾ منھنجن پھرين خيالن کي جاري رکڻ جو ھي سلسلو ڪجھ وقت کان پوءِ شروع ٿيو. ان وقت آئون اڪيلو نہ ھئس. بينچ ۽ ڀتين جا پاسا ماڻھن سان ولاريا پيا ھئا. حيرت انگيز واقعن سان پر، وقت جي گاڏي ھلندي ويئي. ڪيترا عجيب حيرت وارا واقعا جيڪي مونکي سمجھ ۾ ئي نہ ايندا ھئا ۽ ڪيترا ڊيڄاريندڙ حيرت وارا واقعا، جيڪي مونکي چڱي طرح سمجھ ۾ ايندا ھئا!
پھرين تعجب ۾ وجهندڙ ڳالھ مٿين ٻنھي درجن ۾ نٿي اچي. اھا ھڪ ننڍڙي دل وندرائيندڙ ڳالھ ھئي، جيڪا ڪنھن لاءِ اھميت واري نہ ھئي.
ٻي تعجب واري ڳالھ: چار ماڻھو ڪمري ۾ اندر اچي پھرو ڏيندڙ غير فوجي مونکي چيڪ ٻوليءَ ۾ کيڪاريو. ھو ڪرسين تي ويھي آرام ۽ بي ڊپائي سان سگريٽ دکائين ٿا. ڄڻ تہ ھو ھتي جا عملدار آھن. پر آئون کين سڃاڻان. گهٽ ۾ گهٽ ٽن کي تہ چڱيءَ طرح سڃاڻان. ھو پڪ سان جرمن جاسوسي پوليس جا پگهاردار نٿا ٿي سگهن _ شايد ھجن بہ؟ ھو آر آھي. تنھن وقت پارٽي ۽ مزدور يونين جو سيڪريٽري ھو. سڀاءُ اڍنگو اٿس پر وفادار ھو _ نہ، اھو ممڪن نہ آھي. ھوءَ انڪاڪووا آھي. ھن وقت بہ ھميشه وانگيان خوش مزاج ۽ سھڻي. جيتوڻيڪ سندس وار اڇا ٿي ويا آھن. جدوجھد ۾ ھميشه مضبوط ۽ پختي ارادي واري پئي رھي آھي. نہ، اھو ممڪن نہ آھي. ھو اتر بوھيميا جي کاڻين ۾ ڪم ڪندڙ وسيڪ آھي ۽ پوءِ پارٽي سيڪريٽري ٿيو ھو. آئون کيس ڪيئن نہ سڃاڻان. اتر ۾ اسان ڏاڍيون ڏکيون گهڙيون گڏ گذاريون آھن. ڪير ھن کي سندن اڳيان جهڪائي سگهيو ٿي؟ نہ اھو نا ممڪن آھي. پر ھنن کي ھت ڇا کپي؟ ھو ھت ڇا پيا ڪن؟
مون اڃا انھن سوالن جا جواب ئي نہ لڌا تہ وڌيڪ ماڻھو اندر اچن ٿا. ھو مائريڪ، جيلينڪس ۽ فرائيڊس وارن کي اندر آڻين ٿا _ ھائو، ايتري خبر اٿم.
افسوس انھن کي بہ مون سان گڏ گرفتار ڪيو ويو. پر چترڪاري جي تاريخ لکندڙ پاويل ڪروپيڪ، جنھن مائريڪ کي اديبن ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مدد ڏني ھئي، سو ڇو ھت آھي؟ مائريڪ ۽ مون کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي بہ ھن بابت خبر ھئي ڇا؟ ۽ ڌڪن سان چچريل منھن وارو اھو قداور نوجوان جو مون کي اشارو ڪري پيو تہ اسين ھڪ ٻئي کي ڪونہ سڃاڻون؟ آئون کيس سڃاڻان بہ ڪونہ. ھو ڪير آھي؟ اسٽيچ؟ ڊاڪٽر اسٽيچ؟ زدينڪ؟ يا خدا، ان جو مطلب ھي ٿيو تہ ڊاڪٽرن وارو گروھ! مائريڪ ۽ مون کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي ان جي ڪھڙي خبر؟
جواب ڏکيو ڪونہ ھو، پر ان ذھن تي وڏو بار ٿي وڌو. مائريڪ جهڪي پيو آھي. مائريڪ ٻڌائي ڇڏيو آھي. اڃا بہ ٿوري گهڙي تائين اميد ھئي تہ شايد ھن ڪجھ نہ ٻڌايو ھجي. پر پوءِ ھو گرفتار ٿيل ماڻھن جو ھڪ ٻيو ٽولو ساڻ وٺي آيا _ ولاديمير وانڪورا، پرفيسر فيلبر ۽ سندس پٽ، بيدوخ، ڪلاويڪ جيڪو سڃاڻپ کان ئي ٻاھر ھجي، بوزينا پلپا نووا، گيندورخ، ايلبل، مجسما ٺاھيندڙ دوواراڪ مطلب تہ جن ماڻھن چيڪ اديبن جي قومي انقلابي ڪاميٽي ٺاھي ھئي يا ٺاھڻ وارا ھئا سي سڀ ھتي موجود ھئا. مائريڪ اديبن ۾ ڪم ڪرڻ بابت سڀ سچيون ڪري ڇڏيون.
پيتسچڪ محل ۾ پھريان ڏينھن بہ ڪي سولا ڪونہ ھئا. پر ھي منھنجي لاءِ سڀ کان وڏو ڌڪ ھو. مون کي موت جي پڪ ھئي، پر غداري جو گمان بہ ڪونہ ھو. ان ڳالھ کي نرمي سان وٺڻ، ٻاھرين حالتن کي خيال ۾ رکڻ يا مائريڪ جيڪو ڪجھ نہ ٻڌايو آھي تنھن کي ذھن ۾ رکڻ جي باوجود، آئون غداريءَ کان سواءِ ٻيو ڪو لفظ ھٿ ڪري نہ سگهيس.
ھاڻي مونکي خبر پئي تہ پھرين رات ئي ھنن کي منھنجو نالو ڪنھن ٻڌايو. ھاڻي سمجهيم تہ انيڪا جراسڪووا ھت ڪيئن پھتي. سندس جاءِ تي آئون ڪيترا ڀيرا مائريڪ سان مليو ھئس. ھاڻي مون محسوس ڪيو تہ ڪوراپيڪ ۽ ڊاڪٽر اسٽيچ ڇو ھت پھتا. گهڻو ڪري آئون ھر روز ڪمري نمبر ۴۰۰ ۾ ويندو ھئس ۽ ھر دفعي نوان تفصيل ٻڌندو ھئس. اھي ڀوائتا تفصيل دل کي ڏاڍو ڏک پھچائيندا ھئا. مائريڪ اھو ماڻھو ھو جيڪو اسپين جي محاذ تي وڙھندي گولين کان نہ ڊنو ۽ نہ وري فرانس ۾ پورھيہ جي ڪئمپن ۾ ظلمن کان ڊنو. ھاڻي جرمن جاسوسي پوليس جي ڏندي اڳيان جهڪي پيو ۽ پاڻ کي بچائن لاءِ سچيون ڪيائين. سندس ھمت ڪيتري نہ سطحي ھئي جو ٿورن ئي ڌَڪن سان ھلي ويئي. اھڙي سطحي جھڙا سندس عقيدا. ماڻھن سان گڏ ھوندي ھو ڏاڍو مضبوط ھو ڇاڪاڻ تہ کيس ھنن جو خيال ھو. پر جڏھن اڪيلو ٿيو ۽ مٿس دشمن جو بار ٿيو تڏھن سندس سموري ھمت ھلي ويئي. ھن سڀ ڪجھ وڃائي ڇڏيو ڇاڪاڻ تہ ھن رڳو پاڻ بابت سوچڻ شروع ڪيو. پاڻ کي بچائڻ لاءِ ھن ساٿين کي قربان ڪيو. مٿس بزدلي ڇانئجي ويئي ۽ ھو بزدل مان ڦري غدار ٿي ويو.
ھن نازيت کي اھو جواب نہ ڏنو تہ غداري ڪرڻ کان موت بھتر آھي. ھن سڀ سچيون ڪيون. کين ٻين ساٿين جا نالا ٻڌايا. ھڪ لڪل گهر جي ايڊريس ڏنائين. ھن اسٽيچ سان ميٽنگ لاءِ جرمن جاسوسي پوليس جا ايجنٽ پاڻ سان آندا. ھنن دووراڪ جي گهر وڪالويڪ ۽ ڪروپيڪ سان ميٽنگ لاءِ جرمن جاسوسي پوليس جا ماڻھو موڪليا. ھن انيسڪا بابت ٻڌايو. ھن لڊا بابت بہ ٻڌايو جيڪا ساڻس پيار ڪندي ھئي. ھوءَ وڏي عزم ۽ ھمت واري ڇوڪري آھي. ٻہ چار ڌڪ لڳڻ کان پوءِ مائريڪ اڌ ڳالھيون ٻڌائي ڇڏيون ۽ جڏھن خبر پيس تہ آئون مري ويو آھيان ۽ کانئس پڇڻ وارو ڪو ڪونہ رھيو آھي تہ پوءِ باقي رھيون کھيون سڀ ڳالھيون بہ ٻڌائي ڇڏيائين.
ائين ڪرڻ سان ھن مون کي ڪو نقصان ڪونہ پھچايو.آئون اڳيئي جرمن جاسوسي پوليس جي ھٿن ۾ ھئس _ ان کان وڌيڪ مون کي ڪھڙو نقصان ٿي پھچي سگهيو. ان جي ابتڙ سندس شاھديءَ ۾ جيڪي ٺوس ڳالھيون بيان ڪيون ويون ھيون تن تي ئي سڄي پڇا جو بنياد ھو. ٻين لفظن ۾ سندس بيان ھڪ زنجير جي شروعات ھئي جنھن جون باقي ڪڙيون منھنجي ھٿ ۾ ھيون ۽ انھن کي معلوم ڪرڻ سان کين خوشي ٿئي ھا _ اھوئي سبب ھو جو مارشل لا لاڳو ٿيڻ کان پوءِ بہ آئون بچيو رھيس. تنھن کان سواءِ مون ۽ اسان جي گروھ جو وڏو حصو بہ بچي ويو. پر حقيقت ۾ جيڪڏھن ھو پنھنجو فرض پورو ڪري ھا تہ پوءِ ان گروھ جي ڪنھن کي بہ خبر ڪانہ پوي ھا. اسين ٻئي گهڻو وقت اڳيئي مري وڃون ھا، ٻيا بچي وڃن ھا ۽ اسان جي وڃڻ کان پوءِ بہ ڪم جاري رکن ھا.
ھڪ بزدل ماڻھو پنھنجي زندگي کان گهڻو ڪجھ وڌيڪ وڃائيندو آھي. ھو بہ گهڻو ڪجھ وڃائي چڪو آھي. ھو ھڪ عظيم فوج کي ڇڏي ڀڄي ويو ۽ ذليل دشمن جھڙي نفرت حاصل ڪيائين. ھو جيئرو ھو پر سندس زندگي ختم ٿي ويئي ھئي. ڇاڪاڻ تہ ھن پاڻ کي پنھنجي ساٿين جي ساٿ مان پاڻ ئي تڙي ڪڍيو ھو. اڳتي ھلي ھن پاڻ کي ٿورو سڌارڻ جي ڪوشش ڪئي پر وري ڪنھن بہ ھن کي پنھنجو ڪري نہ سمجهيو _ جيل ۾ اھو سڀ کان وڌيڪ ڀيانڪ ھوندو آھي.
قيدي ۽ ھيڪلائي _ گهڻو ڪري اھي ٻئي ڳالھيون گڏ ھونديون آھن. پر اھو بلڪل غلط آھي. قيدي اڪيلو نہ ھوندو آھي. جيل ھڪ وڏو ويڙھو ھوندو آھي ۽ جيڪڏھن ماڻھو پاڻ کي ٻين ماڻھن کان جدا نٿو ڪري سگهجي. مظلوم انسانن جي ڀائيچاري تي ھت دٻاءُ آندو وڃي ٿو، جنھن جي ڪري اھا وڌيڪ ڀائپي پختي ۽ وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿي. جيل جي ڪوٺڙين جون ڀتيون بہ ان ڀائيچاري کي نٿيون جهلي سگهن. اھا ڀائپي سڄي جيل ۾ ايڪو قائم ڪري ٿي. اھا ٿورن لفظن ۾ وڏن ڪارنامن جي ڀائچاري آھي. ڇاڪاڻ تہ فقط ھڪ ھٿ جو دٻاءُ يا لڪ چوري ڏنل سگريٽ ان پڃري کي ٽوڙيو ڇڏي جنھن ۾ توکي بند ڪيو ويو آھي. اھا ھڪ اھڙي ڀائچاري آھي جيڪا رت جي قرباني ڏئي ٿي پر ان کي ڪير دٻائي نٿو سگهي. جيڪڏھن توکي ان ڀائچاري جي آڌار نہ ھجي ھا تہ تون يا پاڻ مان ڪوبہ ٻيو ان مصيبت جو ڏھون حصو بہ برداشت نہ ڪري سگهي.
جيڪڏھن آئون ھن داستان کي پورو ڪري سگهيس تہ پوءِ ”ڪمرو نمبر ۴۰۰ “ جا لفظ ور ور ڪري اڳيان ايندا (ڇاڪاڻ تہ اسان کي نہ ڏينھن رات جي نہ وري ڪلاڪ جي خبر آھي.) ان ڪمري ۾ منھنجون پھريون گهڙيون ۽ پھريان خيال ڪي چڱا ڪونہ ھئا. پر ھي ڪمرو اھڙو نہ ھو، جھڙو مون سمجهيو ھو. اھو انسانن جو ھڪ تمام وڏو ڪٽنب ھو. ھڪ خوشين سان ڀرپور جدوجھد ڪندڙ ڪٽنب.
۱۹۴۰ع ۾ ڪميونسٽ دشمن کاتي جي ڪم وڌي وڃڻ ڪري اھو ڪمرو قائم ٿيو. اھو ”گهرو جيل“ جي شاخ ھو. ”سئنيما“ ويٽنگ روم جي شاخ ھئي جيئن ڪميونسٽن کي ھر پڇا لاءِ ھيٺان نہ آڻڻو پوي ۽ ھو پڇا ڳاڇا ڪندڙ جاسوسي پوليس جي عملدارن جي ويجهو ھجن.
پر جتي ٻہ قيدي ۽ خاص ڪري جيڪڏھن اھي ڪميونسٽ ھجن تہ پوءِ منٽن ۾ ھڪ اھڙو ڪٽنب قائم ٿي ويندو، جيڪو دشمن جي سڀين رٿن کي خاڪ ۾ گڏي ڇڏيندو. ۱۹۴۲ ڌاري ان جو نالو وڃي ”ڪميونسٽ مرڪز“ بچيو ھو. ان ۾ گهڻيون تبديليون آيون. ھزارين ساٿي جن ۾ عورتون ۽ مرد شامل ھئا سي ھڪ ٻئي جي پٺيان انھن بينچن تي آيا. پر ان ۾ ھڪ شيءِ ڪڏھن بہ نہ بدلي، ڀائيچاري جو جذبو، دل سان جدوجھد ۽ سوڀ ۾ يقين.
ڪمرو نمبر ۴۰۰ دشمن جي علائقي ۾ ھڪ کاھي ھو، جنھن جي چوڌاري دشمن ھئا ۽ ان تي لاڳيتو گولي پئي ھلي پر ان ھڪ گهڙي لاءِ بہ پيش پوڻ بابت نہ سوچيو. ان ڪمري مٿان سرخ جهنڊو لڏي رھيو ھو. پر ان بہ آزادي لاءِ وڙھندڙ سڄي ملڪ جي ٻڌي ٿي ظاھر ڪئي.
ھيٺ ”سئنيما“ ۽ فوجي بوٽن ۾ جرمن جاسوسي پوليس وارا پھرو ڏيندا آھن ۽ فقط اک ڇنڀڻ تي بہ وڏي وات ھڪل ڪندا آھن. ھت ڪمري نمبر ۴۰۰ ۾ قيدين تي پھري جا ذميدار چيڪ انسپيڪٽر ۽ پوليس ھيڊڪوارٽر جا ايجنٽ ھئا، جيڪي پنھنجو پاڻ يا سندن وڏن علملدارن جي حڪم تي ترجمو ڪندڙن جي حيثيت ۾ جرمن جاسوسي پوليس وٽ ملازم ٿيا ھئا ۽ جرمن جاسوسي پوليس جي نوڪرن _ يا چيڪ باشندن جي حيثيت ۾ پنھنجا فرض پورا ڪرڻ لڳا. ڪي وري انھن ٻنھي جي وچ ۾ ھئا. ھت ڪنھن کي اٽينشن جي حالت ۾ ويھڻو نہ پوندو ھو. ھت ماڻھو وڌيڪ آزاد نموني ويھي سگهندو ھو، چوڌاري ڏسي سگھندو ھو يا تہ ان کان ڪجھ وڌيڪ ڪري سگهندو. ان جو مدار ان ڳالھ تي ھوندو ھو تہ، مٿين ٽنھي قسمن مان ڪھڙي قسم جو پھريدار ڊيوٽي تي آھي.
ڪمري نمبر ۴۰۰ ۾ توکي ان جانور جي اندر جي گهڻي خبر پوندي جنھن کي انسان سڏيو وڃي ٿو. موت جي ويجهائپ ھر ماڻھو کي اگهاڙو ڪريو ڇڏي. انھن ۾ اھي ماڻھو بہ شامل آھن جن جي ٻي ٻانھن تي پڇا ڳاڇا ھيٺ ڪميونسٽن جو ڳاڙھو نشان ٻڌل ھو يا جن تي ڪميونسٽن جي ساٿ ڏيڻ جو الزام ھو. انھن ۾ اھي ماڻھو بہ شامل ھئا جيڪي پھرو ڏيندا ھئا يا ڪڏھن ڪڏھن ڀر واري ڪمري ۾ پڇا ڳاڇا وقت موجود ھئا. اتي آڏي پڇا وقت لفظ ڍال بہ ٿي سگهن ٿا تہ ھٿيار بہ. پر ھت ڪمري نمبر ۴۰۰ ۾ ڪير بہ لفظن جي پٺيان لڪي نٿو سگهي. ھت اھا ڳالھ مکيہ نہ ھئي تہ تو ڇا ڳالھايو پر تنھنجي اندر ۾ ڇا آھي ۽ تنھنجي اندر ۾ فقط بنيادي شيءِ وڃي رھي ٿي باقي سڀ موت کان اڳ ايندڙ طوفان جي نظر ٿيو وڃي. وفادار منھن ڏين ٿا ۽ غدار غداري ڪن ٿا. ننڍي دل وارا بيھي نٿا سگهن ۽ سور مقابلو ڪن ٿا. ھر ماڻھو ۾ قوت ۽ ڪمزري، ھمت ۽ ڊپ، سچ ۽ ڪچ ھوندو آھي، پر ھت فقط ھڪ شيءِ رھندي. يا ھي يا ھو. جيڪڏھن ماڻھو انھن ٻنھي ڳالھين ۾ توازن رکڻ جي ڪوشش ڪئي تہ پوءِ ھو انھن ماڻھن کان بہ وڌيڪ ظاھر ٿيو پوي جيڪو پنھنجي ٽوپيءَ ۾ ڦڪو کنڀ ھڻي ميت جي اڳيان نچندو آھي.
قيدين توڙي چيڪ انسپيڪٽرن ۽ ايجنٽن ۾ اھڙا ماڻھو موجود ھئا. پڇا ڳاڇا وقت ھو پنھنجي آقا نازين جي خدا لاءِ ميڻ بتي ٻاريندا ھئا، تہ ڪمري نمبر ۴۰۰ ۾ وري دوستاڻي روش اختيار ڪندا ھئا ۽ تنھنجي پيٽ جي باھ وسائڻ لاءِ ماني ٽڪر ڏيندا ھئا. گهر جي جهاڙو وقت ھو تنھنجون شيون چوري ڪري ويندا تہ ڪمري نمبر ۴۰۰ ۾ وري لٽيل مال مان توکي سگريٽ جو ٽوٽو ڏيندا آھن ۽ اھو ظاھر ڪندا آھن، تہ کين توسان ھمدردي آھي. ٻيا وري اھڙا ماڻھو آھن جيڪي پنھنجو پاڻ ڪنھن کي ڪوبہ نقصان نہ پھچائيندا ۽ نہ وري ڪنھن جي ڪا مدد ڪندا. ھنن کي ھميشه پنھنجو خيال ھوندو آھي. سندس اھڙي طبع جي ڪري ھو سٺا سياسي بئروڪريٽ ھئا. جرمن عملدارن کي اڳيان چوندا ھئا تہ جرمني جون فوجون اسٽالن گراڊ ڏانھن پيشقدمي ڪري رھيون آھن ۽ قيدين جي اڳيان چوندا ھئا تہ صورت حال بھتر آھي. اسٽالن گراڊ وٽ جرمن فوجن کي پٺتي ھٽايو پيو وڃي ۽ سرخ فوج روستوف کان بہ اڳتي وڌي رھي آھي. انھن ماڻھن جا ٻيا اھڙا ڀائر آھن جيڪي تنھنجي ٻڌڻ وقت پنھنجي کيسن ۾ ھٿ وجهيو بيٺا ھوندا پر جڏھن تون پنھنجي ھمت سان ڪناري تي اچي ويندين تہ پوءِ پنھنجو ھٿ تو ڏانھن ڊگهيريندا.
ان قسم جا انسپيڪٽر ڪمري نمبر ۴۰۰ جي ڀائيچاري کان واقف ھئا ۽ پاڻ کي ان سان ملائڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا. ڇاڪاڻ تہ ھو ان جي قوت کي پسند ڪندا ھئا. ھو ڪڏھن بہ ان برادريءَ ۾ شامل نہ ھئا. ٻئي قسم جا انسپيڪٽر ان ڀائيچاري کان بلڪل اڻ واقف ھئا. ھو خوني ھئا. پر خوني بہ ھڪ انساني ڪٽنب مان ٿئي ٿو. چيڪ ٻولي ڳالھائيندڙ حيوان جيڪي قيدين کي ايترا تہ عذاب ڏيندا ھئا جو اھي عذاب ڏسي ڪي جرمن عملدار بہ ڊڄي ويندا ھئا. ھو ماڻھن کي عذاب ڏيئي پورو ڪري ڇڏيندا ھئا. ماڻھن جون اکيون يا ميڄالو ڪڍي ڇڏيندا ھئا. نازڪ ھنڌن تي عذاب ڏيندا ھئا. اھو سڀ ڪجھ ڪندي ھنن کي خوشي ٿيندي ھئي. ھر روز انھن سان واسطو پوندو ھو ۽ ھر روز انھن جي موجودگي برداشت ڪرڻي پوندي ھئي. سندن موجودگي ھوا ۾ رت ۽ دانھون ڀري ڇڏيندي ھئي ۽ تنھنجي مدد فقط تنھنجو پختو يقين ئي ھو تہ جيڪڏھن ھنن پنھنجي ڏوھن جا سمورا شاھد قتل ڪري ڇڏيا تہ بہ ھو انصاف کان ڀڄي نہ سگهندا.
باب پنجون: ننڍيون ۽ وڏيون شخصيتون:
ھڪ ڳالھ چوان؟ توھان جيڪي ھن ڏکئي وقت کان پوءِ بہ زندھ رھندا، ھنن حالتن کي نہ وسارجو. نڪي چڱين ۽ نہ وري بڇڙين کي.صبر سان انھن ماڻھن بابت شھادتون گڏ ڪجو جن پنھنجي ۽ اوھان جي لاءِ سندن حياتيون قربان ڪيون آھن. ڪنھن وقت اڄوڪو ڏينھن ماضي ٿي چڪو ھوندو. ماڻھو ھڪ عظيم دور ۽ بي نام سورمن جو ذڪر ڪندا، جن تاريخ ٺاھي. خواھش اٿم تہ اھا ڳالھ پڌري ڪئي وڃي تہ اھي بي نام سورما نہ ھئا. اھي ماڻھو جن جا نالا ھئا، جن کي شڪليون ھيون، سندن امنگون ۽ آسون ھيون، انھن مان بہ گهٽ ۾ گهٽ مصيبت سھندڙ جي مصيبت بہ ان کان گهٽ نہ ھئي، جو ان جو نالو تاريخ ۾ محفوظ نہ ٿي سگهي. خواھش اٿم تہ ھو بہ توھان کي ايترا ويجها ھجن، جيترا ڪي مِٽ مائٽ ويجها ھوندا آھن، يا جيترو توھان پنھنجو پاڻ کي ويجهو سمجهو ٿا.
سورمن جا سڄا خاندان قتل ٿيا آھن. گهٽ ۾ گهٽ انھن مان ڪنھن ھڪ کي پٽ ۽ ڌيءَ وانگيان پيار ڪرڻ تہ سکو. انھيءَ تي ھڪ عظيم انسان وانگر فخر ڪريو، جيڪو مستقبل لاءِ قربان ٿيو ھجي. ھر ماڻھو، جيڪو وفاداريءَ سان مستقبل لاءِ زندھ رھيو ۽ ان جي حسن خاطر قربان ٿيو سو پٿر جو گهڙيل ھڪ مجسمو آھي.
ھر اھو ماڻھو جنھن ماضيءَ جي مٽيءَ مان انقلاب جي وھڪري کي بند ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، سو سڙيل گند ڪاٺيءَ جي ھڪ ننڍي مورتي ھو، پوءِ اڄ کڻي سندس ڪلھن تي وڏي عھدي جا تمغا ڇو نہ لڳل ھجن. انھن ننڍين شخصيتن کي بہ سندن ڪميڻائي ۽ نيچ پڻي، سندن بي رحمي ۽ بيھودگي جي روشني ۾ زندھ سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ ايندڙ نسلن کي ھن دور جو تصور ڪرڻ لاءِ اھو وڏو مواد آھي.
جيڪي آئون بيان ٿو ڪريان، سو فقط مواد ئي آھي. ھڪ شاھد جي شاھدي. فقط اھي ٽڪرا جيڪي آئون ڪنھن منظر کانسواءِ ھڪ ننڍي محاذ ۾ ڏسي سگهيو آھيان. پر انھن ۾ حقيقي ھڪجھڙائي جون خصوصيتون آھن: عظيم ۽ حقير، شخصيتون، وڏيون ۽ ننڍيون.
[b] جيلينڪس ڪٽنب.
[/b] جوزف ۽ ميري. جوزف ھڪ ٽرام ڊرائيور آھي ۽ ميري گهريلو نوڪرياڻي آھي. توھان کي ھنن جي گهر بابت ٻڌائڻ ضروري آھي. گهر سادو ۽ صاف سٿرو، ڪتابن جو وڏو ڪٻٽ، ھڪ مجسمو، ڀتين تي تصويرون تون چوندينءَ تہ سندس روح ھن گهر ۾ ئي بند آھي ۽ کيس ٻاھرين دنيا جي خبر ئي نہ ھوندي. پر ھو ڪيترن سالن کان ڪميونسٽ پارٽي جو ڪم ڪري رھي آھي ۽ پنھنجي نموني انصاف جا خواب ڏسي ٿي. ٻنھي دل لڳائي ماٺ ۾ ڪم ڪيو ۽ جڏھن ملڪ جي قبضي ھيٺ وڃڻ کان پوءِ، ھنن تي وڌيڪ بار پوڻ لڳو، تڏھن بہ ھنن نہ گهٻرايو. ٽن سالن کان پوءِ جڏھن پوليس سندن گهر ۾ گهڙي تڏھن ھو ٻئي ھڪ ٻئي سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺا ھئا ۽ سندن ھٿ مٿي ھئا.
۱۹ مئي ۱۹۴۳:
اڄ رات ھو منھنجي زال گستينا کي ”ڪم لاءِ“ پولينڊ وٺيو پيا وڃن. کاڻين ۾ پورھئي ڪرڻ لاءِ جتي ھو شايد مدي جي تپ وگهي مري وڃي. ٿي سگهي ٿو تہ، سندس زندگي جا ڪجھ ھفتا باقي ھجن، شايد ٻہ يا ٽي مھينا. ٻڌڻ ۾ آيو آھي تہ منھنجا ڪاغذ ڪورٽ کي پيش ڪيا ويا آھن. پانڪريڪ جيل ۾ شايد وڌيڪ مھينو کن پڇا ھلي ۽ ھي داستان پورو نہ بہ ٿئي. ڪجھ ڏينھن اندر، جي موقعو مليو تہ ان کي جاري رکڻ جي ڪوشش ڪندس. اڄ آئون نٿو لکي سگهان. منھنجي دل ۽ دماغ گستينا جي يادن سان پر آھن. ھڪ سٻاجهي ۽ نيڪ دل انسان، منھنجي زندگي جو اھڙو ساٿي، جنھن حادثا گهڻا ڏٺا ۽ سٺا پر سانتيڪي بنھ ڪانہ ھئي.
ھر شام آئون سندس پسند جو نغمو ڳائيندو آھيان: جنھن ۾ گوريلا مجاھدن جي لڙاين، ھڪ ڪوزاڪ عورت، جيڪا آزاديءَ لاءِ مردن سان گڏ وڙھي ٿي، سندس بھادريءَ ۽ ڪئينءَ ھڪ لڙائيءَ ۾ ھوءَ پاڻ کي زمين تان مٿي نہ ڪري سگهي، جو ذڪر آھي.
جدوجھد ۾ ٻانھن ٻيلي ۽ پيارا جيون ساٿي، توکي سلام! ھن ننڍڙي جان ۾ ڪيڏي نہ ھمت ۽ سندس ٻاراڻين اکڙين ۾ ڪيڏي نہ معصوميت آھي. جدوجھد جي ڪري ٿوري وقت کانپوءِ جيڪي وڇوڙا اچن ٿا، تن اسان کي ھڪ ٻئي جو دائمي عاشق ڪري ڇڏيو آھي، جن زندگيءَ ۾ ھڪ دفعو نہ، پر سوين ڀيرا عاشقن جي پھرين گڏجاڻي واريون گهڙيون گهاريون آھن پر تنھن ھوندي بہ اسان جي دلين کي ھميشه ساڳي ڌڙڪ ملائي ٿي، ساڳيو ساھ، جيڪو اسين خوشيءَ يا انتظار، جوش يا ڏک جي گهڙين ۾ کڻون ٿا.
ڪيترن سالن کان اسان گڏ ڪم ڪيو آھي ۽ ھڪ ٻئي جي مدد ڪئي آھي، بلڪل ائين جيئن ھڪ ساٿي ٻئي ساٿيءَ جي مدد ڪندو آھي، ڪيترن سالن کان ھو منھنجي لکڻين جي پھرين پڙھندڙ ۽ پھرين نقاد پئي رھي آھي ۽ تڏھن لکڻ ڪيڏو نہ ڏکيو ھو، جڏھن مون کي پنھنجي پٺيان سندس پياريون نظرون نٿي محسوس ٿيون. ڇاڪاڻ تہ سالن جا سال اسين ھٿ ھٿ ۾ ڏيئي پنھنجي پياري ديس جي ڌرتيءَ تي گهمياسين. اسان ڪيترا ڪشالا ڪڍيا ۽ ڪيترا خوشين جا ڏھاڙا بہ گڏ گهارياسين، ڇاڪاڻ تہ اسان وٽ اھا دولت تمام گهڻي ھئي، جيڪا غريبن وٽ ھوندي آھي.
[b] گستينا؟ ڏٺو، اھا اٿو گستينا:
[/b] مارشل لا لڳڻ کانپوءِ گذريل سال جون جي وچ ڌاري منھنجي گرفتاريءَ کان ڇھ ھفتا پوءِ ھو، پھريون ڀيرو مون سان ملڻ آئي. ان ملاقات کان اڳ پنھنجي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا منھنجي موت جي خبر بابت سوچيو ۽ ھنن مون کي پنھنجي پڪي پختي ارادي کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ئي، کيس آندو ھو.
”سمجهائينس“ ھڪ عملدار کيس منھنجي سامھون چيو، ”سمجهائينس عقل کان ڪم وٺي. جي پنھنجو خيال نہ اٿس تہ گهٽ ۾ گهٽ تنھنجو خيال ڪرڻ کپيس. توکي ڪلاڪ کن جي مھلت ٿا ڏيون، تہ تون سوچي وٺ. جيڪڏھن ھي اڃا بہ ضد ڪري بيٺو، تہ پوءِ سانجهيءَ اوھان ٻنھي کي گولين سان اڏايو ويندو. توھان ٻنھي کي! سمجهيو“
نماڻين اکين سان مون ڏانھن نھاريندي ھن جواب ڏنو:
”آفيسر اھا منھنجي لاءِ ڊپ واري ڳالھ نہ آھي. اھا منھنجي آخري خواھش آھي. جيڪڏھن
ھن کي گولي ھڻو تہ مونکي بہ ان سان گڏ گولي ھڻو.“
اھا اٿوَ پياري گستينا! سندس محبت ۽ مستقل مزاجي. منھنجي سڄڻ گستينا! ھو اسان کي ماري سگهن ٿا، پر اسان جي! عزت ۽ محبت اسان کان ڦري نٿا سگهن. اي انسانو! اوھين تصور ڪري سگهو ٿا تہ ھن مصيبت کان پوءِ جڏھن اسين ھڪ ٻئي کي وري آزاد زندگيءَ ۾ ملون _ زندگي، جنھن ۾ آزاديءَ ۽ تخليقي ڪم جي سونھن ھوندي آھي_ جڏھن اھا پرھ ڦٽي، جنھن جا اسين منتظر آھيون، ۽ جنھن لاءِ جدوجد ڪري رھيا آھيون. ۽ جنھن لاءِ ھاڻي اسين موت جي منھن ۾ وڃي رھيا آھيون، تہ پوءِ اسانکي ڪيئن زندگي گذارڻ گهرجي. سچ پچ تہ جيڪڏھن مري بہ وياسين تہ بہ اسان توھان جي عظيم خوشين جي ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ زندھ رھنداسين. ڇاڪاڻ تہ اسان پنھنجون زندگيون انھن خوشين آڻڻ لاءِ ڏيئي رھيا آھيون. جدائي جي غم ھوندي بہ ان مان اسان کي خوشي ٿيندي.
ھنن اسان کي ھڪ ٻئي کي الوداع چوڻ، ڀاڪر پائڻ، يا ھٿ ملائڻ بہ نہ ڏنو. فقط جيل جي ڀائيبندي، جنھن چارلس چوڪ ۽ پانڪريڪ کي ڳنڍي ڇڏيو ھو، اسان تائين ھڪ ٻئي جو حال احوال پي پھچايو.
گستينا توکي ۽ مون کي خبر آھي تہ اسين شايد وري ڪڏھن بہ ھڪ ٻئي کي ڏسي نہ سگهون. تنھن ھوندي بہ پري کان تنھنجو آواز ٻڌڻ ۾ اچيم ٿو. الوداع، منھنجا جيون ساٿي! الوداع منھنجي گستينا! منھنجي وصيعت.
لائبرري کان سواءِ مون وٽ ڪابہ ملڪيت ڪانھي ۽ ان کي جرمن جاسوسي پوليس تباھ ڪري ڇڏيو آھي.
مون ڪيترائي سياسي ۽ ثقافتي مضمون، تبصرا، ادب ۽ ٿئيٽر بابت مطالعا لکيا آھن. انھن مان ڪيترا وقتي اھميت جا ھئا ۽ وقت گذرڻ کان پوءِ انھن جي اھيمت ختم ٿي ويئي، پر ڪيترن جو زندگيءَ سان واسطو آھي. اميد ھئم تہ گستينا انھن کي سھيڙيندي. ھاڻي گهڻي اميد نہ اٿم. انھيءَ ڪري بھترين ساٿي لاڊا اسٽال کي عرض ڪندس تہ انھن مضمونن کي پنجن ڪتابن ۾ ترتيت ڏئي.
1. سياسي بحث مباحثي بابت مضمون.
2. گهرو واقعن بابت چونڊ مضمون.
3. سوويت يونين مان چونڊ مضمون.
4 ۽ 5 ادب ٿئيٽر بابت مضمون ۽ مطالعا.
انھن مضمونن ۽ مطالعن مان اڪثر ”تووربا ۽ رودي پراوا“ ۾، ڪجھ ”ڪمين، پرامين، پرولت، ڪلت، دوبا، سوشلستا، ڇپيل آھن.
جولس زيئر تي منھنجي مطالعي جو مسودو، ڪتاب ڇاپيندڙ، گلگل وٽ آھي، (جنھن جي آئون ان لاءِ عزت ڪندو آھيان تہ ھن جرمن فوجن جي قبضي وقت منھنجي ڪتاب بوزينا نيمڪووا ڇپڻ ۾ وڏي ھمت ڏيکاري) سابينا بابت منھنجي مطالعي ۽ جان نرودا بابت ياداشتون ان جاءِ ۾ ڪنھن ھنڌ لڪل آھن، جتي جيلينڪس وارا رھندا ھئا. ھنن مان اڪثر مري ويا آھن.
مون موجودہ دور بابت ھڪ ڊگهي ڪھاڻي بہ لکڻ شروع ڪئي ھئي. جنھن جا پھريان ٻہ باب منھنجي مائٽن جي گهر آھن ۽ باقي شايد ناس ٿي ويئي آھي. مون پنھنجي ڪجھ ڪھاڻين جا ڪجھ مسودا جرمن جاسوسي پوليس جي ڪاغذن ۾ ڏٺا ھئا.
ايندڙ نسل جي ادبي مورخ کي آئون جان نرودا لاءِ پنھنجي محبت ورثي ۾ ڏيان ٿو. ھو اسان جو وڏي ۾ وڏو شاعر آھي، جنھن جون نظرون اسان کان اڃا بہ وڌيڪ پراھين مستقبل کي ڏسن ٿيون. پر اڃا تائين ڪي بہ اھڙا ڪتاب ڪين لکيا ويا آھن، جيڪي کيس سمجهن، سندس قدر ڪن. سڀ کان وڌيڪ ھي ڏيکارڻ ضروري آھي تہ نرودا ھڪ پرولتاري اديب ھو. ھرڪو _ خود سالدا جھڙو روشن خيال ماڻھو بہ سمجهي ٿو تہ نرودا جي اخبار نويسي سندس شاعري ۾ ھڪ ڇاپ ھئي. اھو غلط آھي. حقيقت ۾ نرودا جي اخبار نويس ھئڻ ڪري ئي ھو وڏي درجي جو شاعر ٿي سگهيو.
مثال طور سندس ”ڪافيون ۽ عشقيہ داستان“ ”جمع جي ڏينھن جا گيت“ ۽ سندس اڪثر ”سادا موضوع“ اخبار نويس ماڻھوءَ مان سستي ڪڍيو ڇڏي پر اخبار نويس کي سندس پڙھندڙن سان ملائي ٿي ۽ اخبار نويسي شاعري ڪرڻ سيکاري ٿي. پر اخبار نويس اھڙو ايماندار ھجي جھڙو نرودا ھو، اخبار نويسي کانسواءِ ھو شاعري جا ڪيترائي ڪتاب جلد لکي وجهي ھا پر انھن مان ھڪ بہ ڪتاب ائين زندہ نہ ھجي ھا جيئن سندس سموري شاعري زندہ آھي. ڪو نہ ڪو شايد سابينا کي بہ مڪمل ڪندو. اھو ڪتاب مڪمل ڪرڻ جھڙو آھي.
بابا ۽ امڙ جي مونسان پيار جي عيوض مون پنھنجي محنت سان ھنن لاءِ ۽ نہ فقط ھنن لاءِ پر سڀني لاءِ خوشيءَ جي ڏينھن جي ضمانت ڏيڻ ٿي گهري. منھنجي ساڻن سان گڏ نہ ھئڻ ڪري شل انھن ڏينھن واري خوشي گهٽ نہ ٿئي. پورھيت فاني آھي، پر سندس پورھيو زندہ رھي ٿو. سندس چوڌاري جيڪا روشني ۽ خوشي ھوندي تنھن ۾ آئون بہ لاڳيتو سندن ويجهو ھوندس.
پنھنجي ڀينرن ليپا ۽ ورڪا کي چوندس تہ بابا ۽ امڙ کي گيت ٻڌائي ڪٽنب ۾ پيل خلا کي وسارڻ ۾ مدد ڪن. ھو جڏھن پيستچڪ ۾ اسان کي ڏسڻ آيون تڏھن ھنن پنھنجن اکڙين ۾ لڙڪ روڪي ڇڏيا. پر ھنن ۾ خوشي اڃان زندہ آھي. ان لاءِ آئون کين پيار ڪريان ٿو ۽ انھيءَ ڪري اسين ھڪ ٻئي کي ڀائيون ٿا. ھو ھميشه خوشي جو ٻج ڇٽين ٿيون _ انھيءَ ڪم ۾ کين ڪڏھن بہ نہ روڪيو وڃي.
آئون پنھنجي ۽ گستينا طرفان انھن ساٿين سان گرمجوشي سان ھٿ ملايان ٿو جيڪي ھن آخري لڙائي کانپوءِ بہ زندہ رھندا ۽ انھن سان بہ جيڪي اسان کانپوءِ ايندا، اسان پنھنجو فرض پورو ڪيو آھي.
آئون وري ٻيھر ھي ڳالھ دھرايان ٿو: اسين خوشين ڪاڻ زندہ رھياسين، خوشي سان ھن ڪشمڪش ۾ بھرو ورتوسون ۽ ھاڻي خوشي جي زندگي لاءِ موت جي منھن ۾ وڃي رھيا آھيون. انھي ڪري ڏک جي ڪابہ ڳالھ اسانجن نالن سان لاڳو نہ ڪئي وڃي.
جولس فوچڪ
19.5.1943
۲۲ مئي ۱۹۴۳.
ڪالھ عدالتي جاچ پوري ٿي ۽ ان تي دستخط ٿيا. ڪم ۾ منھنجي اندازي کان وڌيڪ اڪلاءُ ٿي رھيو آھي. ھو بہ اسان جي معاملي ۾ شايد تڪڙ ۾ آھن. مونسان گڏ ليدا، پلاچا ۽ مائريڪ بہ جوابدار آھن. ڪانئرپڻي مان بہ کيس ڪجھ حاصل ڪونہ ٿيو.
عدالتي جاچ وقت ڳالھيون ڪنھن حد تائين صحيح ۽ ٺوس ھيون. جرمن جاسوسي پوليس وٽ اھا بہ ھڪ زندگي ھئي. سخت مشڪل پر تنھن ھوندي بہ زندگي تہ ھئي. ان ۾ جذبو ھو. ھڪ طرف زندگي ڪاڻ وڙھندڙن جو جذبو تہ ٻئي طرف شڪارين، شڪاري، حيوانن ۽ سنون سڌن رھزنن جو جذبو ھو. اسانجي مخالفت مان ڪن ۾ تہ، ڪنھن نہ ڪنھن قسم جو جذبو ھو. ھتي عدالتي جاچ وقت فقط آفيس ھئي، جن ۾ ويٺل ججن جي ڪالرن تي سواستيڪا جا نشان لڳل ھئا. انھن نشانن مان جي عقيدا ٿي ظاھر ٿيا تن جو دراصل انھن وٽ ڪوبہ وجود ئي ڪونہ آھي. اھي ھڪ ڍال آھن جن جي پٺيان ھڪ غريب آفيسر پاڻ کي لڪائي ٿو ۽ ڪنھن نہ ڪنھن نموني وقت گذارڻ جو منظر آھي. ڏوھارين مان نڪي ھو چڱو نڪي خراب برتاءُ ڪري ٿو. نہ کلي ٿو ۽ نہ وري ڪاوڙجي ٿو. فقط ڊيوٽي ڏئي ٿو. رت بلڪل نہ، فقط پاڻيءَ جھڙو شوربو.
ھنن کي جيڪي ڪجھ لکڻو ھو سو لکي، ان تي صحيحون ڪيائون ۽ قانون جي فقرن کي مروڙي، سروڙي پنھنجو ڪم ڪڍيائون، چارج شيٽ ۾ ڇھ ڀيرا غداري ڪرڻ، نازي حڪومت خلاف سازشون ڪرڻ، ھٿياربند تحريڪ شروع ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ويو آھي. ٻيو ان ۾ ڇا آھي؟ تنھنجي خبر نہ اٿم. انھن مان ھر ھڪ الزام پنھنجي جاءِ تي ڪافي آھي.
۱۳ مھينن کان آئون پنھنجي ۽ ٻين ساٿين جي حياتي لاءِ لڙندو رھيو آھيان. چالاڪي۽ ۽ ھمت سان. سندن پروگرام ۾ ”نرود چالاڪي“ بہ شامل آھي. ان ۾ آئون بہ پاڻ کي ھوشيار سمجهان ٿو. آئون فقط ان ڪري ھارائي رھيو آھيان جو سندن ھٿ ۾ ڪھاڙي بہ آھي.
تہ پوءِ اھا جدوجھد ھاڻي پوري ٿي. فقط انتظار جون گهڙيون آھن. ڏوھن جي فھرست پوري ڪرڻ ۾ ٻہ يا ٽي ھفتا لڳي ويندا ۽ پوءِ نازي حڪومت جي مرڪز، برلن ڏانھن سفر شروع ٿيندو. اتي وري ڪورٽ ۽ سزا جو انتظار ۽ تنھن کانپوءِ ۱۰۰ ڏينھن، موت اچڻ جي انتظار ۾. ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي. شايد چار يا پنج مھينا وڌيڪ زندہ ھجان. ان عرصي ۾ ڪيتريون تبديليون ٿي سگهن ٿيون. سڀ ڪجھ بدلجي سگهي ٿو. اھو سڀ ڪجھ ممڪن آھي. ھن جاءِ تان آئون ڪوبہ وڌيڪ اندازو نٿو ڪري سگهان. ٻاھر حالتن جي رفتار جي تيزي اسانجي خاتمي ۾ بہ شايد تيزي آڻي. ان طرح ڳالھين ۾ توازن ٿئي ٿو.
ھيءَ اميد ۽ جنگ جي وچ ۾ چٽاڀيٽي آھي. موت جي موت سان چٽا ڀيٽي. پھرين ڪنھنجو موت ايندو. فسطائيت جو يا منھنجو؟ ڇا آئون اڪيلو ھي سوال ڪريان ٿو؟ نہ.سوين ھزارين قيدي، لکين سپاھي ۽ سڄو يورپ توڙي دنيا جا ڪروڙين انسان اھو سوال ڪري رھيا آھن. ڪن کي جهجهي اميد آھي، تہ ڪن کي گهٽ. پر اھو سڀ ڪجھ ظاھر آھي تہ سرمايہ داري نظام ھن وقت سڙي ڪنو ٿي رھيو آھي ۽ ساڳئي وقت دنيا لاءِ جيڪي تباھيون پيو آڻي تن مان ھر ھڪ ماڻھوءَ کي پورو خطرو آھي. فسطائيت کي دفنائڻ لاءِ لکين انسانن کي سِر قربان ڪرڻا پوندا ۽ ان کان پوءِ ئي باقي بچيل انسان اھو جواب ڏيندا تہ اسان فسطائيت مان بچي نڪتا آھيون.
اھو فقط، ڪجھ مھينن جو معاملو آھي ۽ جلد ڳالھ اچي ڪجھ ڏينھن تي بيھندي. پر اھي آخري ڏينھن ئي سڀ کان وڌيڪ قھار ھوندا. ھميشه اھو پي سوچيو اٿم تہ اھا ڪيڏي نہ ڏک جي ڳالھ ٿيندي جو ڪو ماڻھو آخري سپاھي ھجي جنھن کي جنگ جي آخري گهڙي ۾ دل ۾ گولي لڳي. پر ڪنھن نہ ڪنھن کي آخري ٿيڻو آھي. جيڪڏھن خبر ھجيم تہ آخري آئون ئي ھوندس تہ جيڪر سڌو ھليو وڃان.
پانڪريڪ جيل ۾ وڃي ٿورو وقت بچيو آھي. ان ڪري آئون ھن رپورٽ کي اھڙي نموني پيش نہ ڪري سگهندس جھڙي نموني پيش ڪرڻ کپي. ھن داستان کي مختصر ڪرڻو پوندو. وقت کان وڌيڪ ماڻھن جا تفصيل ڏنا ويندا. سمجهان ٿو تہ اھا ڳالھ سڀ کان وڌيڪ اھم آھي.
مون انھن شخصيتن جو ذڪر جيلينڪس وارن کان شروع ڪيو. سادا ماڻھو جن کي رواجي حالتن ۾ توھان ڪڏھين بہ سورما تصور نہ ڪندؤ. گرفتاريءَ مھل ٻئي زال مڙس ھڪ ٻئي ڀرسان ھٿ مٿي کنيو بيٺا ھئا. مڙس جي بدن جو رنگ ڪمزوريءَ ڪري ڦڪو ٿي ويو ھو ۽ زال جي منھن تي سلھ جي مرض جا آثارنظر پئي آيا. پنجن منٽن ۾ جرمن جاسوسي پوليس وارن جڏھن سندن سينگاريل ۽ صاف گهر کي ڀڳل ٽٽل سامان جي ڍير ۾ بدلائي ڇڏيو، تڏھين سندس اکين ۾ ڪجھ رت ڀرجي آيو. پوءِ ھن آھستي آھستي پنھنجو ڪنڌ پنھنجي مڙس ڏانھن ڦيرائي چيو:
”جيلنڪ ھاڻي ڇا ٿيندو؟“
ھو خاموش طبيعت وارو ماڻھو ھو. ڳالھائڻ ۾ ھٻڪ ٿيندي ھئس. ھاڻي ھن آھستي ۽ ھٻڪڻ کانسواءِ جواب ڏنو:
”ميگ اسين مرڻ وارا آھيون.“ ھن نہ تہ ڪا دانھن ڪئي ۽ نہ وري پريشاني ڏيکاريائين، فقط سھڻي انداز ۾ دشمن جي پستول جي اڳيان پنھنجي مڙس کي ھٿ ڏنو. ھٿ ڏيڻ تي جرمن جاسوسي پوليس وارن کيس ۽ مڙسس کي منھن تي مڪون ھنئيون. ھن پنھنجي ڳل کي اگهندي بنا اجازت اندر ايندڙن کي حيرت مان ڏٺو ۽ چٿر واري نموني ۾ چيو:
”اھڙا ڳڀرو ۽ اھڙا وحشي!“
ھن انھن ماڻھن جو صحيح اندازو لڳايو ھو. ڪجھ ڪلاڪ پوءِ ھو کيس ”پڇا“ ڪندڙ عملدار جي ڪمري مان گھليندا ٻاھر آيا. ھوءَ مارڪٽ ۽ عذابن جي ڪري بيھوش ٿي ويئي ھئي. پر ھو کانئس ڪابہ سچي ڪرائي نہ سگهيا. نہ ان ڏينھن ۽ نہ وري ان کانپوءِ.
ھنن سان جيڪي وھيو واپريو تنھنجي مون کي پوري سڌ نہ آھي. ڇاڪاڻ تہ ڪيترا ڏينھن آئون ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ بيمار پيو ھوس ۽ پڇا ڳاڇا ڪرڻ جي قابل نہ ھئس. ھو منھنجو انتظار ڪندا رھيا. ڪيترا ڀيرا ھنن جيلنڪس کي چؤکنڀو ٻڌي ڏاڍيون مارون ڪڍيون ۽ حد کان وڌيڪ عذاب ڏنا. پر ھن کين ان وقت تائين ڪجھ بہ نہ ٻڌايو جيسين مون اھو نہ ٻڌايو يا اشارن سان سمجهايو تہ کيس، ڇا ڇا ڳالھائڻ گهرجي يا ڪھڙي نموني جواب ڏيڻ کپيس، تہ جيئن جاچ ڪندڙ کي گمراھ ڪري سگهون.
گرفتاري کان اڳ آئون سمجهندو ھئس تہ ھوءَ حساس ھئي. پر گيستاپو جيل واري سڄي عرصي ۾ مون سندس اکين ۾ ڪڏھن لڙڪ نہ ڏٺا. کيس پنھنجي گهر سان پيار ھو، جڏھين ساٿين ھن کي خوش ڪرڻ لاءِ چوائي موڪليو تہ اسان کي خبر آھي تہ ڪنھن تنھنجو سامان چورايو آھي ۽ اسين انھن کي ڌيان ۾ رکيو اچون تڏھن جواب ۾ چيائين:
”سامان وڃي کڏ ۾ پوي. ساٿين کي ان ڳالھ تي وقت وڃائڻ نہ ڏيو. ٻيا ڪيترائي ضروري ڪم آھن ۽ ھاڻي تہ ھنن کي اسانجي پاران بہ ڪم ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ تہ اسين تہ ھاڻي جيل جي حوالي آھيون.“
ھڪ ڏينھن ھو ٻنھي کي ڌار ڌار ھنڌن ڏانھن وٺي ويا. مون سندن بابت گهڻي پڇا ڪئي پر ڪجھ بہ نہ وريو. حقيقت ۾ جرمن جاسوسي پوليس جي ھٿن ۾ وڃڻ کانپوءِ ماڻھو نشان ڇڏڻ کانسواءِ گم ٿيو وڃن، جيئن سوين مختلف ھنڌن تي پکڙيل ٻج. چريائپ واري نموني ڇٽيل انھي ٻج مان ڪھڙو فصل ڦٽندو.
سندس آخري وصيعت ھيءَ ھئي:
”مھرباني ڪري سڀني کي چئو تہ مون لاءِ افسوس نہ ڪن ۽ نہ پريشان ٿين. مون ھڪ مزدور جي حيثيت ۾ پنھنجو فرض پورو ڪيو آھي ۽ اھڙي نموني آئون مرندس.“
وي سوسلس ڪٽنب:
ھي جيلنڪس جي پاڙي ۾ رھندا ھئا. کين جوزف ۽ ميري جي نالن سان سڏيو ويندو ھو. ھي ھڪ ننڍي عملدار جو گهر ھو، پاڙي ۾ ٻين گهرن کان ڪجھ وڌيڪ پراڻو ھو. ھي اصل نيوسل جو ويٺل ھو. اڃان ڳڀرو جوان ئي ھو تہ، کيس فوج ۾ ڀرتي ڪري پھرين عالمي جنگ ۾ موڪليو ويو. ڪجھ ھفتن کانپوءِ کيس جنگ تان واپس آندو ويو. سندس ھڪ گوڏو ڀڄي پيو ھو ۽ اھو وري ڪڏھن ٺيڪ نہ ٿيو. جوزف ۽ ميري جي ڄاڻ سڃاڻ برنو جي فوجي اسپتال ۾ ٿي ھئي جتي ھوءَ نرس ھئي. عمر ۾ کانئس اٺ سال وڏي ھئي ۽ ناسازگار حالتن جي ڪري مڙس کي ڇڏي چڪي ھئي. جنگ کانپوءِ ھن جوزف سان شادي ڪئي. ھو مزدور ڪٽنبن ۾ پيدا ڪونہ ٿيا ھئا ۽ نہ وري ھنن ڪو پرولتاري ڪٽنب ئي ٺاھيو ھو. ھو جنھن رستي کان پارٽي ۾ آيا سو منجهيل ۽ ڏکيو ھو _ پر ھنن اھو رستو ڳولي ڪڍيو. ڪيترن ٻين ماڻھن وانگيان ھو بہ سوويت يونين ڏسڻ کانپوءِ پارٽي ۾ آيا. جرمنن جي قبضي کان گهڻو اڳ کين انھن سڀني ڳالھين جي خبر پئجي ويئي ھئي، جن بابت ھنن معلوم ڪرڻ ٿي گهريو ۽ پنھنجي گهر ۾ جرمن ساٿين کي پناھ ڏني. سوويت يونين تي حملي کانپوءِ واري ڏکئي وقت ۾، ۽ ۱۹۴۱ع ۾ مارشل لا جي پھرين دور منجھ، مرڪزي ڪاميٽيءَ جا ميمبر سندن گهر ۾ ٽڪندا ھئا. ھونزازيڪا ۽ ھونزاڪرني سندن گهر ۾ ئي ٽڪندا ھئا ۽ سڀني کان گهڻو آئون اتي سمھندو ھئس. ھت اسين ”رودا پراوو“ اخبار جو مواد تيار ڪرڻ سان گڏ ٻيا بہ ڪيترا اھم فيصلا ڪندا ھئاسين. ”ڪارل“ ڪرني سان منھنجي پھرين ملاقات بہ ھت ئي ٿي ھئي.
ھو حد کان وڌيڪ چوڪس ھئا ۽ کين ھميشه خبر ھوندي ھئي تہ اوچتين حالتن ۾ ڇا ڪجي. ڇاڪاڻ تہ زير زمين تحريڪن ۾ اڪثر اھڙيون گهڙيون اينديون آھن. ان کانسواءِ ڪنھن ماڻھو کي اھو شڪ پئجي نٿي سگهيو تہ سٺي سڀاءَ وارو ريلوي جو ھي ننڍڙو ڪلارڪ ۽ پياري مادام سوسلوا ڪنھن غير قانوني ڪم ۾ شريڪ ٿي سگهن ٿا. تنھن ھوندي بہ منھنجي گرفتاري کان ستت ئي پوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ جڏھن پھريون ڀيرو ڏٺومانس تہ مونکي ھيبت وٺي ويئي. ھن ڳالھايو تہ پوءِ نقصان ٿيندو! پر ھن وات بند رکيو. ڪجھ اشتھارن جي ڪري ھت آندو ويو آھي، جيڪي ھن ھڪ دوست کي پڙھڻ لاءِ ڏنا ھئا، ۽ جرمن جاسوسي پوليس وارا کانئس انھن اشتھارن کانسواءِ ٻيو ڪجھ حاصل نہ ڪري سگهيا.
ڪجھ مھينا پوءِ پزورني ۽ پڪووا جي بي احتياطي جي ڪري جرمن جاسوسي پوليس کي خبر پئجي ويئي تہ ھو نزاڪرني وسوسلس جي ڀيڻ جي گهر ۾ رھندو ھو. ان ڪري جرمن پوليس وارن ٻن ڏينھن تائين کانئس ”پڇا ڳاڇا“ ڪئي ۽ اھا سچي ڪرائڻ لاءِ کيس ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيائون، تہ اسانجي مرڪزي ڪاميٽي جا باقي بچيل ميمبر ڪھڙا آھن. ٽيون ڏينھن ھو ڪمري نمبر ۴۰۰ ۾ آيو. سندس سڄو جسم ڦٽيل ھو ۽ سولائيءَ سان ويھي بہ نٿي سگهيو. مون اونائتي سوالي ۽ ھمت ڏياريندڙ نموني ڏانھس نھاريو. ھن خوشيءَ مان نيوسل جي ماڻھن وانگيان جواب ڏنو:
”جي دماغ ڳالھائڻ لاءِ تيار نہ آھي، تہ پوءِ وات مان ڀڻڪو بہ نڪري نٿو سگهي.“
آئون کين چڱي طرح سڃاڻان. ھو ھڪ ٻئي سان گهڻو پيار ڪندا ھئا. فقط ھڪ ڏينھن جي وڇوڙي کان بہ گهٻرائيندا ھئا.
۱۹۴۳ جي نئين سال واري موقعي تي ھوءَ اڪيلي ٽيبل تي ويٺي ھئي، ھن جي تصوير ان ھنڌ رکيائين جت ھو ويھندو ھو، ۽ رات جو ٻارھين وڄڻ کانپوءِ نئين سال جي موقعي تي پنھنجو گلاس ھن جي خالي گلاس سان ٽڪرايائين ۽ ھنجي صحت، واپسي ۽ آزادي جي اميد جو اظھار ڪيائين.
مھيني کن کانپوءِ ھوءَ بہ گرفتار ٿي. ڪمري نمبر ۴۰۰ ۾ ڪيترا ماڻھو ڏڪي ويا. ھوءَ انھن مان ھئي جيڪي ٻاھرين دنيا سان لاڳاپو رکيو آيا ھئا.
ھن ھڪ لفظ بہ نہ ڳالھايو.
ھنن کيس جسماني عذاب ڪونہ ڏنا، ڇاڪاڻ تہ ھوءَ سخت بيمار ھئي ۽ سندن ڌڪن وگهي جلدي مري وڃي ھا. ھنن کيس خطرناڪ نموني ذھني عذاب ڏنا.
گرفتاري کان ڪجھ ڏينھن اڳ ھو سندس مڙس کي پورھئي لاءِ پولينڊ وٺي ويا ۽ ھاڻي کيس چيائون:
”ڏس، پولينڊ ۾ پورھئي جي ڪئمپن ۾ چڱن ڀلن ماڻھن لاءِ بہ ڪم ڪرڻ ڏکيو آھي، تنھنجو مڙس تہ منڊو آھي. ھو اتي ڪم ڪري نہ سگهندو ۽ مري ويندو ۽ تون ھن کي وري ڪڏھين بہ ڏسي ڪونہ سگهندينءَ ۽ ھن عمر ۾ توکي ٻيو مڙس ڪٿان ملندو؟ عقل کان ڪم وٺ. جيڪي ڪجھ خبر اٿئي اسانکي ٻڌاءِ ۽ اسين ھڪدم کيس تو وٽ آڻينداسين.“
ھو پورھيو ڪندي مري کپي ويندو. منھنجو جوزف! ويچارو غريب انسان! ڪھڙي خبر؟ ڪيئن مرندو! ھنن منھنجي ڀيڻ کي ماري ڇڏيو، ھو منھنجي مڙس کي بہ پورو ڪري ڇڏيندا. آئون ھيڪلي وڃي رھنديس. ھائو، ھن عمر ۾ ..... زندگي جي پڇاڙي تائين ھيڪلي، اوھيءَ واھيءَ کانسواءِ... کيس بچائي سگهان ٿي. ھو کيس واپس مون وٽ وٺي ايندا.... ھائو، پر ڪھڙي قيمت تي؟ نہ آئون ائين ڪانہ ڪنديس.
ھن لفظ بہ نہ ڳالھايو.
جرمن پوليس وارا ھڪ ڏينھن ڪنھن نامعلوم منزل ڏانھن وٺي ويا ۽ ٿورن ڏينھن کانپوءِ خبر آئي تہ جوزف بہ پولينڊ ۾ مري ويو آھي.
[b]ليدا[/b]:
پئڪس جي گهر پھرين آئون شام جي وقت ويو ھئس. فقط جوزڪا ۽ ھڪ پريشان نظرن واري ڇوڪري گهر ۾ ھئي، جنھن کي ليدا سڏيندا ھئا. ھوءَ اڃان ٻارن وانگيان ھئي ۽ لڪ چوريءَ منھنجي ٺونٺ جيڏي ڏاڙھي کي ڏسندي ھئي. گهر ۾ ڪو نئون ماڻھو ايندو ھو تہ ھوءَ خوش ٿيندي ھئي. شايد اھو کيس گهڙي کن لاءِ وندرائي. اسين جلدي دوست ٿي وياسين. پوءِ مونکي خبر پيئي تہ سندس عمر ۱۹ سال آھي ۽ ھوءَ جوزڪا جي سوٽ آھي ۽ سندس نالو پلاچا آھي _ (چيڪ ٻوليءَ ۾ پلاچا معني` شرميلي) پر منجهس اھا صفت گهٽ ھئي ھو شوقيہ ٿئيٽرن ۾ ڪم ڪندي ھئي ۽ کيس اھو شغل گهڻو پسند ھو:
جلدي آئون سندس رازدان ٿي ويس. ھو پنھنجي جواني جا ڏک سور ۽ خواب مونکي ٻڌائيندي ھئي. ھوءَ ڀيڻ يا انجي مڙس سان وڙھڻ کانپوءِ ڊوڙي مون وٽ ايندي ھئي. ھوءَ نوجوان ڇوڪرين وانگر چيڙاڪ بہ ھئي.
ڇھن مھينن کان پوءِ، پھريون ڀيرو ھوءَ چھل قدمي لاءِ مون سان ٻاھر ھلي. ھڪ ”منڊو پوڙھو“ جيڪڏھن پنھنجي جواڻ جماڻ ڌيءُ سان ٻاھر نڪري، تہ ڪو ڏانھس اک کڻي بہ نہ نھاريندو، سڀني جون نظرون ڇوڪريءَ ۾ ھونديون. انھيءَ ڪري ٻئي دفعي بہ کيس ساڻ ڪري ويس. لڪل ھنڌ تي ساٿين سان ملڻ وقت ھوءَ بہ مون سان گڏ ھئي، ۽ بعد ۾ مون کيس لڪل گهر بہ ڏيکاريو. اھڙي طرح جيئن الزامن جي فھرست ۾ بيان ڪيو ويو آھي _ معاملو پنھنجو پاڻ اڳتي وڌڻ لڳو: ھاڻ ھوءَ منھنجي ۽ ٻين ساٿين جي وچ ۾ لاڳاپو قائم ڪندڙ ٿي ويئي.
کيس ھي ڪم ڏاڍو پسند ھو. پر ھن انھي ڪم جي مطلب سمجهڻ يا انجي فائدي تي گهڻو ڌيان ڪونہ ڏنو. ھن لاءِ، ھيءَ رڳو ھڪ نئين دلچسپ ڳالھ ھئي _ اھو ئي ھن لاءِ ڪافي ھو.
جيسين معاملو ننڍين ڳالھين تائين محدود ھو، مون کيس وڌيڪ ٻڌائڻ بہ نٿي گهريو. گرفتاريءَ جي حالت ۾ بي خبري، ”ڏوھ“ جي خبر ھجڻ کان وڌيڪ حفاظت واري آھي.
پر معاملو اڳتي وڌندو ويو. ھوءَ جيلنڪس جي گهر، پيغام پھچائڻ کانسواءِ ٻيا ڪم بہ ڪرڻ لڳي. ھاڻي کيس اھو بہ ٻڌائڻو پيو، تہ اصل ڳالھ ڇا آھي. کيس سمجهائڻ شروع ڪيم ، بلڪل ائين جيئن ڪنھن کي اٿندي اسڪول ۾ پڙھائبو آھي. ليدا بہ محنت ۽ خوشي سان سکڻ لڳي. مھانڊن ۾ اڃا بہ اھائي ساڳي ڇوڪري ھئي. خوش مزاج ۽ آزاد طبيعت، پر سندس آواز گهڻو بدلجي ويو ھو. ھن سوچڻ شروع ڪيو ۽ ھاڻي منجهس ذھني پختگي اچڻ لڳي.
پارٽي جي ڪم ڪندي، مائريڪ سان سندس واقفيت ٿي ھئي. ھو تجربيڪار ھو ۽ ڳالھ کي چڱي طرح پيش ڪرڻ جي خبر ھئس. ھوءَ ان کان متاثر ٿي ويئي. شايد حقيقي نچوڙ جي کيس سڌ نہ پئي ھجي. ضروري ڳالھ ھيءَ ھئي تہ سندس ڪم ۽ عقيدي جي ڪري ھو ٻين کان وڌيڪ کيس ويجهو ھئي.
سندن لاڳاپو وڌيڪ گهاٽو ٿيندو ويو. ۱۹۴۲ جي شروعات ۾ ھن ڊڄندي ڊڄندي پارٽي جي ميمبر ٿيڻ بابت پڇا شروع ڪئي. ڏٺم تہ کيس اھو پڇندي ھٻڪ پئي ٿي. اڳ ھن ڪنھن بہ معاملي کي اھڙي سنجيدگيءَ سان نہ ورتو ھو. مون اڃا دل پئي ھنئي ۽ کيس تربيت ڏيڻ ۽ سندس پرک وٺڻ جو سلسلو جاري رکيم.
فيبروري ۱۹۴۲ ۾ خود مرڪزي ڪاميٽي ھنکي پارٽي ميبر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ھڪ اونداھيءَ رات اسين گهر ڏانھن موٽي رھيا ھئاسين. ڏاڍيءَ ٿڌ ڪري واٽ تي پارو ڄميل ھو. ھوءَ جيڪا ھميشه گهڻو ڳالھائيندي ھئي، پر اڄ رات بلڪل خاموش ھئي. پنھنجي گهر جي ڀر وارو ميدان اڪرڻ وقت آھستي چيائين:
”اڄوڪو ڏينھن منھنجي زندگي ۾ سڀ کان وڏي اھميت وارو ڏينھن آھي. منھنجو سِر ھاڻي رڳو منھنجي ملڪيت ڪانھي. آئون واعدو ٿي ڪريان تہ ڇا بہ کڻي ٿئي آءٌ توھان سان غداري ڪونہ ڪنديس.“
گهڻو ڪجھ وھيو واپريو پر ھن غداريءَ جھڙي ڳالھ ڪانہ ڪئي.
پارٽيءَ جي اڳواڻن سان ھوءَ گهاٽو لاڳاپو رکيو آئي. کيس بلڪل خطرناڪ ڪم سونپيا ويندا ھئا، جھڙوڪ: انھن ماڻھن سان تعلق قائم ڪرڻ جن سان رابطو ٽٽي ويو آھي ۽ انھن ماڻھن سان تعلقات قائم رکڻ جن سان رابطي ۾ خطرو آھي. جڏھين پارٽي اڳواڻن يا ڪنھن لڪل گهر سان رابطو قائم ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو ھو تہ پوءِ، ليدا کي ئي وڃڻو پوندو ھو، ۽ ھوءَ ڪنھن ڪرڙيءَ وانگيان ائين کسڪي ھلي ويندي ھئي، جو ڪنھن کي ڪل ئي ڪانہ پوندي ھئي. ھوءَ اُھو ڪم ھميشه وانگيان لڏندي لمندي ڪندي ھئي، تہ جيئن ڪنھن کي مٿس شڪ نہ پوي. پر کيس جوابداري جو، پورو احساس ھوندو ھو.
اسان کان مھينو پوءِ ھوءَ گرفتار ٿي. مائريڪ ھن جو بہ نالو ورتو ھو. ان کان پوءِ جرمن پوليس وارن کي سولائيءَ سان پتو پئجي ويو تہ ھن پنھنجي ڀيڻ ۽ ڏير کي ڀڄڻ ۾ مدد ڪئي ھئي ۽ اُھي ھاڻ ڳجهي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويا آھن، ھن پنھنجو ڪنڌ لوڏيو ۽ پاڻ کي ھڪ خوش مزاج ڇوڪريءَ جو روپ ڏيئي ڇڏيو جنھن کي اھا خبر ئي ڪانہ ھئي تہ جيڪي ھو ڪري رھي آھي، سو کيس نہ ڪرڻ کپي ۽ ان مان ھن لاءِ اُگرا نتيجا نڪري سگهن ٿا. کيس گهڻن ڳالھين جي خبر ھئي. تنھن ھوندي بہ ھن ڪجھ نہ ٻڌايو. پر سڀ کان وڏي ڳالھ ھيءَ آھي تہ ھن ڪم ڪرڻ بند نہ ڪيو. حالتن ڦرڻ کان پوءِ سندس ڪم ڪار جا طريقا بہ بدلجي ويا. پارٽي جي ميمبر جي حيثيت ۾ سندس فرض قائم رھيو. يعني جتي بہ ھجي ماٺ ڪري نہ ويھي. ھو محنت، ھوشياري ۽ ڦڙتيءَ سان سڀئي سونپيل ڪم ڪندي رھي. جڏھن ڪنھن ڏکي صورتحال کي منھن ڏيڻو پوندو ھو، يا ٻاھر ڪنھن کي بچائڻو ھوندو ھو تہ پوءِ ليدا پنھنجي معصوم شڪل سان ڪنھن ٻئي جو ”ڏوھ“ بہ پنھنجي سر تي سورھيائيءَ سان کڻندي ھئي. ھوءَ پانڪريڪ جيل ۾ مقدم ٿي ويئي ۽ ھن جي ڪري ئي ڪيترا ماڻھو گرفتار ٿيڻ کان بچي ويا. سال کن کان پوءِ جرمن پوليس ھڪ لڪل خط ھن کان ھٿ ڪيو جنھنجي ڪري کيس مقدم جي عھدي تان بہ لاٿو ويو.
ھاڻي ھوءَ اسان سان گڏ برلن ھلڻ واري آھي، جتي اسان سڀني تي ڪيس ھلايو ويندو. اسان مڙن مان فقط کيس ئي آزادي جي ڏينھن جي اميد ٿي سگهي ٿي. ھوءَ نوجوان آھي. جيڪڏھن اسين ھتي مري وڃون تہ پوءِ کيس نہ وسارجو. ھن کي اڃا گهڻو ڪجھ سکڻو ۽ ڪرڻو آھي. کيس سيکارجو ۽ ھڪ ھنڌ بيھڻ نہ ڏجو. سندس اڳواڻي ڪجو ۽ کيس مغرور ٿيڻ يا پنھنجي ڪم تي پڏائڻ کان پاسائتو رکجو. ھن حد کان وڌيڪ ڏکئي وقت ۾ ثابت ڪيو آھي تہ ھوءَ ڏاڍي ڪم واري ڇوڪري آھي. ھوءَ ڀڙڪندڙ باھ مان لنگهي پار پڳي آھي ۽ ثابت ڪيو اٿس تہ ھوءَ ڪنھن پڪي ڌاتو جي ٺھيل آھي.
[b] منھنجو عملدار.
[/b] ھي انھن شخصيتن مان نہ آھي پر تنھن ھوندي بہ ٻين کان کان ڪجھ مختلف آھي.
ڏھ سال اڳ ونوھاردي جي ھوٽل فلورا ۾ جيڪڏھن توھان پيش گير سان ئي حساب ڪتاب صاف ڪرڻ لاءِ ريزڪاري ڳڻڻ جي ڪوشش ڪئي ھوندي، تڏھن ڪاريءَ پوشاڪ ۾ ھڪ ڊگهي قد ۽ سنھي بدن وارو ماڻھوءَ ڪنھن آواز ڪرڻ کانسواءِ، ڪرسين وچان ترندي سڌو توھان وٽ ترندي پھچي بل پيش ڪيو ھوندو. جهنگ جي جانور وانگيان سندس تکي رفتار ۽ ٻلي جھڙيون اکيون، جن سان ھو ھر شيءِ کي نظر ھيٺ رکي ٿو. توھانکي ڪجھ کائڻو نہ بہ ھجي پر ھو پنھنجي پيش گيرن کي چوندو وتندو: ”ٽينءَ ٽيبل تي ملائيءَ کانسواءِ ڪيف آءِ لا جي وڏي پليٽ.“ ”کاٻي دريءَ وٽ ڪيڪ لدوري نويسي (اڄوڪي اخبار) ڏي.“ مھمانن لاءِ ھو سٺو مک پيش گير ھو ۽ اتي ڪم ڪندڙ بہ کيس چڱو سمجهندا ھئا.
ان وقت آءٌ ھن کي ڪونہ سڃاڻندو ھئس. مون کيس گهڻي وقت کانپوءِ جيلينڪس وارن جي گهر سڃاتو جڏھن سندس ھٿ ۾ پينسل جي بدران پستول ھو ۽ مون ڏانھن اشارو ڪندي چيائين، ”.... مون کي ھي سڀني کان وڌيڪ دلچسپ ٿو لڳي.“
سچ تہ اسان ٻنھي جي ھڪ ٻئي ۾ دلچسپي ھئي.
ھو چالاڪ ھو ۽ ٻين جي ڀيٽ ۾ کيس ھڪ وڌيڪ فائدو ھو، ھو ماڻھوءَ کي سڃاڻي وٺندو ھو. پوليس ۾ شايد ڪامياب وڃي ھا. ننڍا چور يا خوني پنھنجن ٻين ھمراھن کان جدا ھنجي اڳيان دل کولي ڳالھائڻ کان نہ ھٻڪندا ھئا. ڇاڪاڻ تہ انھن ماڻھن کي فقط پنھنجي سر بچائڻ جو فڪر ھوندو آھي پر سياسي معاملن سان واسطو رکندڙ پوليس کي، ورلي اھڙا ماڻھو ھٿ ايندا آھن. سياسي قيدين جي حالت ۾ رڳو پوليس جي چالاڪي ۽ گرفتار ٿيل ماڻھوءَ جي چالاڪيءَ جو مقابلو نہ ھوندو آھي، پوليس جي چالاڪيءَ جو اڃا بہ وڏي طاقت سان مقابلو ھوندو آھي. اھا طاقت آھي ماڻھو جا عقيدا ۽ سڄي تحريڪ جي ھوشياري، جنھن ۾ ھو شامل ھوندو آھي. نہ پوليس جي چالاڪي ۽ نہ وري مار ڪُٽ ، ان جي برابر ٿي سگهن ٿيون، جيڪڏھن ان ھوندي بہ کين مجموعي طرح ڪاميابي ٿي آھي، تہ ان جو سبب بہ ھي آھي تہ؛ جدوجھد تمام ڊگهي ۽ ان جو دائرو تمام محدود آھي ۽ ٻئي ھنڌ ڪٿي بہ زير زمين تحريڪ لاءِ حالتون اھڙيون ڏکيون نہ ھيون. روسي بالشويڪ چوندا ھئا تہ جيڪر ماڻھو ٻن سالن تائين زير زمين ڪم ڪري سگهي ٿو، سو سٺو ڪارڪن آھي. ھنن لاءِ جيڪڏھن ماسڪو ۾ حالتون ناسازگار ٿينديون ھيون تہ پوءِ ھو پيٽرو گراڊ ۽ اتان پوءِ اوڊيسا. مطلب تہ اھڙن وڏن شھرن ۾ گم ٿي ويندا ھئا، جن جي آبادي لکن ۾ ھئي. جت کين ڪير ڪونہ سڃاڻندو ھو. پر ھت اسان وٽ فقط پراگ جو شھر آھي جتي اڌ کان وڌيڪ توھانکي سڃاڻن. ھت دشمن پنھنجن ايجنٽن جا جٿا آڻي گڏ ڪيا آھن. ان ھوندي بہ اسان چار سال ڪم ڪيو ۽ اڃا تائين ڪيترا ڪامريڊ اھڙا آھن جيڪي گذريل پنجن سالن کان زير زمين ڪم ڪري رھيا آھن ۽ جرمن پوليس ھنن کي ھٿ نہ ڪري سگهي آھي. ان جو سبب ھي آھي تہ اسين گهڻو ڪجھ سکي ويا آھيون. دشمن جيتوڻيڪ طاقتور ۽ قھار آھي پر ھو قتل کان وڌيڪ ڪجھ بہ نٿو ڪري سگهي.
ٻہ _ اي _ الف کاتي ۾ ٽن ماڻھن بابت چيو وڃي ٿو تہ ھو ڪميونزم جي پاڙ پٽڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ سختي ڏيکارين ٿا، اندروني دشمن خلاف جنگ ۾ بھادري جي ڪري، کين تمغا مليل آھن: فرائيڊرخ، زينڊر ۽ ”منھنجو عملدار“ جوزف بوھام. ھو ھٽلر جي قومي سوشلزم بابت گهٽ ڳالھائيندا آھن _ فقط ايترو جيتري ھنن کي خبر آھي. ھو سياسي نظرين لاءِ نہ وڙھي رھيا آھن. انھن مان ھر ھڪ پنھنجي پر ۾ پنھن جي لاءِ وڙھي رھيو آھي.
زيندڙ قد جو بندرو پر ٽيڙي گهڻي _ پوليس جي ڪم ۾ ٻين سڀني کان وڌيڪ ڄاڻو لڳي ٿو. پيسي جي ڏيتي ليتي ۾ شايد اڃا بہ وڌيڪ ھوشيار آھي. ڪجھ مھينن لاءِ کيس پراگ کان برلن آندو ويو ھو، پر منٿ ميڙ ڪرائي وري پنھنجي بدلي پراگ ڪرايائين. سندس خيال ۾ نازي حڪومت جي گادي جي شھر ۾ ڪم ڪرڻ گهٽتائي واري ڳالھ ھئي ۽ آمدني جي لحاظ کان نقصان ڪار پڻ. آفريڪا يا پراگ ۾ بيٺڪي عملدار، وڏو ماڻھو سمجهيو ويندو آھي ۽ کيس اھوئي دولت گڏ ڪرڻ جو سٺو موقعو ھوندو آھي. ھو پنھنجي پيشي ۾ محنتي آھي ۽ ٻنپھرن جي ماني وقت بہ قيدين کان پڇا جو ڪم ڪندو رھندو آھي. اھو ھو ان لاءِ ٿو ڪري تہ جيئن ڪنھن کي اھا خبر نہ پوي، تہ ڪو غير سرڪاري ڪمن ۾، ھو ان کان بہ وڌيڪ ڀڙ آھي. جيڪو ماڻھو سندس ور چڙھيو تنھنجو خير ڪونھي. پر جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جا بئنڪ ۾ پئسا يا موڙي آھي، تہ پوءِ ان جو سر ئي ويو. اھڙي ماڻھوءَ جي موت اچڻ ۾ دير ئي نہ ٿيندي. ڇاڪاڻ تہ بئنڪ ۾ رکيل پئسا ۽ موڙي زينڊر لاءِ سڀ ڪجھ آھي. ان ڪم ۾ ھو سڀني کان وڌيڪ چست عملدار سمجهيو ويندو آھي. (ان معاملي ۾ سندس چيڪ نائب ۽ مترجم سوملا کانئس مختلف آھي، ھنکي پئسا مليا تہ پوءِ ھرو ڀرو ڪنھن کي ڪونہ ماريندو.)
[b]فريڊرخ [/b]_ ڊگهو، ڏٻرو، دانگيءَ جي تري جھڙو رنگ، شيطاني اکيون ۽ بڇڙي کل. ۱۹۳۷ ۾ جرمن پوليس جو جاسوس ٿي چيڪوسلاويڪيا آيو تہ جيئن ملڪ کان ٻاھر رھندڙ جرمن ڪامريڊن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري. کيس ٻئي ماڻھو کي مرندو ڏسي مزو ايندو ھو. سندس نظرن ۾ ڪوبہ بي گناھ ڪونھي. جنھن سندس آفيس ۾ پير وڌو اھو ڏوھاري آھي. کيس عورتن کي اھو ٻڌائيندي مزو ٿو اچي تہ سندن مڙس پورھئي جي ڪئمپن ۾ ڳھي ڳھي مري ويا، يا انھن کي ڦاسيون ڏنيون ويون آھن. ھو پراڻا ڪارڊ بہ دلچسپي سان پڙھندو آھي ۽ مئل ماڻھن جا نالا پڙھي اطمينان سان چوندو آھي: ”ھنجو معاملو بہ پورو ٿيو!“ ”ھو بہ ختم ٿيو!“ زالن کي عذاب ڏيڻ ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو آھي ۽ عيش ڪرڻ جو بہ ڏاڍو شوق اٿس. جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو گهر سڄو سينگاريل آھي يا دڪان سٺين شين سان ڀريل آھي تہ پوءِ سندس سر ئي ويو.
سندس چيڪ نائب قد ۾ کانئس ڪجھ لاٺيرو آھي باقي ٻنھي ۾ ڪو فرق ڪونھي.
[b]بوھام [/b]_ منھنجو علملدار _ کيس نڪي پئسي ۾ ۽ نہ وري مئل ماڻھن ۾ دلچسپي آھي. جيتوڻيڪ ھن جيڪي ڪجھ ڪيو آھي، سو ٻين عملدارن جي ڪرتوتن کان گهٽ نہ آھي. ھو جوکم پرست ماڻھو آھي ۽ خواھش اٿس تہ ڪو وڏو ماڻھو ٿيان. ڪيترن سالن کان جرمن پوليس لاءِ ڪم ڪري رھيو آھي. ھو نيپولين ھوٽل ۾ پيش گير ھو جتي بران (رودليف بران _ نازين جو حامي جيڪو ميونخ واري معاھدي کانپوءِ چيڪوسلاويڪيا جو وزير اعظم ٿيو) ڳجهيون ميٽنگون ڪرائيندو ھو. جيڪي ڪجھ بران پاڻ ھٽلر کي نہ ٻڌايو ھو سو خال بوھام پورو ڪيو. پر ماڻھن جو شڪار ڪرڻ، سندن زندگي ۽ موت جو مالڪ بڻجڻ ۽ سڄن ڪٽنبن جي تقدير جا فيصلا ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ ھي ڪجھ بہ نہ ھو.
کيس راضي ڪرڻ لاءِ معاملو اڪثر گهڻو، خراب حد تائين نہ ويندو ھو. پر جيڪڏھن ھن ٻئي ڪنھن معاملي ۾ پاڻ کي برجستو ثابت نہ ڪيو تہ پوءِ حالتن کي خراب ڪرڻ جو بہ ڀڙ ھو.
ايجنٽن جي ڄار پکيڙڻ ۾ ھو ٽنھي کان وڌيڪ ڄاڻو ھو: ڪتن جي لوڌ سان گڏ ھڪ شڪاري. ھو شڪار ڪندو رھندو ھو _ شڪار سان پيار جي ڪري کيس آڏي پڇا بہ ڏاڍو تنگ ڪندي ھئي. سندس مکيہ سرگرمي ھئي گرفتاريون ڪرڻ ۽ پوءِ ماڻھن کي پنھنجي اڳيان فيصلن جي انتظار ۾ ويھارڻ. ھڪ دفعو ھن پراگ ۾ ٽرامن ۽ لارين جا ٻہ سو ڊرائيور گرفتار ڪيا. ڪن کي ٽرام لائينن تان جهليائين ڪٿي وري آمدرفت ئي روڪي ڇڏيائين، ان ڪري افراتفري پيدا ٿي. ائين ڪرڻ سان کيس خوشي ٿيندي ھئي. پوءِ ھن ڏيڍ سو کن ڊرائيور ڇڏي ڏنا ۽ اھو تصور ڪري خوشي ٿيس تہ ڏيڍ گهرن ۾ سندس ساراھ ڪئي ويندي تہ سٺو ماڻھو آھي. سندس ڪيس گهڻو ڪري وڏي سطح تي پر غير اھم ھوندا ھئا. فقط آئون جنھن کي ھن اوچتو جهليو ھو. جدا حيثيت وارو ھئس.
ھو ھميشه چوندو ھو: ”تون منھنجو وڏي ۾ وڏو شڪار آھين.“ کيس ان ڳالھ تي وڏائي ٿيندي ھئي تہ ھن مونکي سڀ کان وڏو ڪيس ڪري کنيو آھي. شايد انجي ڪري ئي منھنجي زندگي وڌي.
اسين ھڪ ٻئي سان ھميشه ڪوڙ ڳالھائيندا ھئاسين. آئون ڄاڻي ٻجهي ائين ڪندو ھئس، پر کيس ان جو احساس تڏھين ٿيندو ھو، جڏھن ڪوڙ پڌرو ٿي پوندو ھو تڏھين اسين ٻئي ماٺ ڪري انکي اڪاري ڇڏيندا ھئاسين. کيس حقيقت ۾ دلچسپي مڙئي گهٽ ھئي. سندس ھميشه اھا خواھش ھئي تہ ”سندس وڏي ۾ وڏي ڪيس“ کي ڪو داغ نہ لڳي.
سندس خيال ۾ ڏنڊا ۽ لوھي سيخون پڇا ڳاڇا ڪرڻ جو واحد طريقو نہ آھن. ھو ھر ماڻھو جو اندازو ڪندو ھو ۽ ۽ پوءِ اندازي مطابق ڇڙٻ يا دڙڪن کان ڪم وٺندو ھو. شايد پھرين رات کانسواءِ ھن ڪڏھن بہ مونکي عذاب ڪونہ ڏنا. پر جڏھن سندس دل چوندي ھئي تڏھين ھو مونکي ٻين جي حوالي ڪندو ھو.
ھو بلاشڪ ٻين کان وڌيڪ دلچسپ ھو. ھڪ ڀيرو اسان برانڪ وٽ خيالي ميٽنگ ڪئي. ان کانپوءِ اسين ھميشه شراب خاني جي باغيچي ۾ ويھي چوڌاري ماڻھن جي ميڙن کي ڏسندا ھئاسين.
”تون گرفتار آھين“ ھن ھڪ ڀيرو ماڻھن ڏانھن منھنجو ڌيان ڇڪائيندي چيو، ”ڪا تبديلي ڏسڻ ۾ اچي ٿي؟ ماڻھو اڳي وانگيان گهمن ڦرن پيا، ڪن جي منھن تي مُرڪ آھي تہ ڪي غمگين آھن. بلڪل ائين جيئن اڳ ٿيندو آيو آھي. دنيا جو چرخو پيو ھلي ڄڻ تہ تون ڄايو ئي ڪونہ ھئين. پڪ سان انھن ۾ ڪي تہ تنھنجي ڪتابن ۽ اخبارن جا پڙھندڙ ھوندا _ تون سمجهين ٿو تہ تنھنجي گرفتار ٿيڻ ڪري ھنن جي منھن تي ھڪ اڌ وڌيڪ گهنج پيو آھي.“
ھڪ ٻئي موقعي تي سڄو ڏينھن پڇا ڳاڇا کان پوءِ شام جو ھو مونکي موٽر ۾ پراگ جو شھر گهمائيندي ھزاڊڪاني (پراگ جو قلعو جتان سڄو شھر ڏسڻ ۾ ايندو آھي) وٺي ھليو، جتان ھيٺ نرودا گهٽي ڏسڻ ۾ پي آئي.
”خبر اٿم، توکي پراگ شھر سان پيار آھي. ٻڌاءِ! توکي جيل مان ڇٽي شھر وڃڻ جي خواھش نہ ٿيندي آھي؟ ڪيترو نہ سھڻو شھر آھي! تون واپس شھر ۾ نہ آئين تہ بہ خوبصورت ئي ھوندو.....“
ھن ھوشياريءَ سان لالچ پئي ڏني. اونھاري جي پوين ڏينھن جي شام ۾ سرءُ جا اھڃاڻ ھئا. آسماني رنگ واري شام ۾ انگوري شراب تائين اھو نظارو ڏسندو رھان.... مون کيس جواب ۾ چيو:
”تنھنجي مرڻ کانپوءِ پراگ جو شھر اڃا بہ وڌيڪ خوبصورت لڳندو.“
ھو ٿورو کليو. سندس کل ۾ بدنيتي نہ پر غمگيني ڏسڻ ۾ پي آئي ۽ چيائين:
”تون نازڪ مزاج آھين.“
ھو وري ان شام کي ياد ڪندو ھو.
”جڏھن اسين نہ ھونداسين.... يعني توکي اڃا اسان جي فتح ۾ يقين ڪونھي؟“
ھن ان ڪري اھو سوال ڪيو جو کيس بہ ان ۾ ڀروسو نہ ھو. جڏھن آئون سوويت يونين جي طاقت جو ذڪر ڪندو ھئس ۽ اھو چوندو ھئس تہ سوويت يونين کي دنيا جي ڪابہ طاقت ھارائي نٿي سگهي تہ ھو ڌيان سان ٻڌندو ھو. اھائي منھنجي ”آڏي پڇا ھئي.“
پتلون جي پٽن جھڙو جوڙو:
سامھون واري ڪال ڪوٺڙي جي ٻاھران پٽن جي جو ھڪ جوڙو ٽنگيو پيو آھي. مون کي اھي بلڪل نہ وڻندا آھن، پر ھاڻي انھن کي ڏسي خوشي ٿيندي اٿم. انھن ۾ مون کي اميد جا ڪرڻا نظر ايندا آھن.
گرفتاري کان پوءَ توکي ڀلي ماري پورو ڪري ڇڏين، پر سڀ کان پھرين ھو تنھنجي ٽاءِ، پٽو يا پتلون کي ڪلھن مان لٽڪائڻ وارا پٽا وٺندا تہ جيئن تون پاڻ کي ڦاھي نہ ڏين. (جيتوڻيڪ ماڻھو پاڻ کي پتلون سان بہ ٽنگي سگهي ٿو.) موت جا اھي خوفناڪ اوزار جيل جي آفيس ۾ رکيا ويندا آھن ۽ جيسين گيسٽاپو ۾ ڪا اڻ ڄاتل تقدير اھو فيصلو نہ ڪري تہ توھان کي ڪيڏانھن موڪيلو وڃي، پورھئي جي ڪئمپ ۾ يا ڦاسي واري جاءِ ڏانھن، تيسين توھان کي اھي شيون واپس نہ ملنديون. فيصلي ٿيڻ کان پوءِ اھي شيون واپس نہ ملنديون. فيصلي ٿيڻ کان پوءِ اھي شيون سرڪاري دٻدٻي سان واپس ڪيون وينديون آھن، انھن کي ڪال ڪوٺڙي اندر رکڻ جي اجازت نہ ھوندي آھي. اھو سامان ڪال ڪوٺڙي جي در جي ٻاھران ٽنگيو ويندو آھي ۽ ڪال ڪوٺڙي ۾ رھندڙ ماڻھوءَ جي روانگيءَ تائين اھي ھڪ چٽيءَ يادگار طور تي ٽنگيل ھونديون آھن.
اسان جي سامھون ڪال ڪوٺڙي جي ٻاھران بہ پٽن جو جوڙو ٽنگيو پيو آھي. ان ڏينھن مون کي خبر پئي تہ گستينا لاءِ ڪھڙو فيصلو ٿيو آھي. سامھون واري ڪال ڪوٺڙي جو ھڪ ساٿي بہ ساڳي گاڏي ۾ پورھئي جي ڪئمپ ڏانھن وڃي رھيو آھي، جنھن ۾ گستينا بہ ويندي، گاڏي اڃا نہ ويئي آھي. گاڏيءَ جي روانگي اوچتو ملتوي ڪئي ويئي آھي. گاڏيءَ جي منزل واري ھنڌ سخت بمباري ٿي آھي (ٻيو نيڪ فال)
ڪنھن کي خبر، گاڏي ڪڏھن وڃي. شايد اڄ شام يا سڀاڻي، شايد مھينو يا ۱۵ ڏينھن پوءِ. سامھون پٽا اڃا ٽنگيا پيا آھن. جيسين اھي پٽا اتي ٽنگيا پيا آھن، تيسين گستينا بہ پراگ ۾ ھوندي. انھيءَ ڪري آئون خوشي ۽ پيار سان انھن کي ڏسندو آھيان. ڄڻ تہ اھي پٽا نہ پر ڪو انسان آھي، جيڪو گستينا جي مدد ڪري رھيو آھي. کيس ڪجھ ڏينھن ملي ويا.... ڪھڙي خبر ان مان ڪو فائدو ٿئي؟ شايد اڄوڪو ڏينھن ئي کيس بچائي وجهي
اسين سڀ ان حال ۾ رھون ٿا. ھميشه ايندڙ ڏينھن جو انتظار جنھن ۾ ڪجھ اميد ھوندي آھي. تنھنجي قسمت جو فيصلو ٿي ويو آھي.پر ھيئن توکي گولي ھنئي ويندي _ ھا، ڪھڙي سڀاڻي ڇا ٿئي؟ فقط سڀاڻي تائين زندھ رھ. سڀاڻي تائين ھر ڪا شي بدلجي بہ سگهي ٿي، ھر شي بي بقا آھي. ھائو، ڪنھن کي خبر تہ سڀاڻي ڇا ٿئي؟ سڀاڻي بہ گذري ٿي وڃي. لکي ماڻھو موت جي منھن ۾ پيا وڃن. ھزارين انسانن لاءِ نئون سچ اڀري ئي نٿو پر ماڻھو اڃا واڏي اميد سان زندھ آھن. سڀاڻي، ڪھڙي خبر تہ ڇا ٿئي؟
ھر ھفتي نوان افواھ اٿن ٿا تہ: جنگ فلاڻي تاريخ تي بند ٿي رھي آھي. ھرڪو ماڻھو وڏي وات اھو افواھ ٻين تائي پھچائي ٿو. توھان انھن جو مقابلو ڪريو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اھي ڪوڙيون اميدون آھن؟ ڪوڙيون اميدون ماڻھوءَ کي مضبوط نٿيون ڪن پر الٽو ان جي اخلاق کي ڪمزور ڪن ٿيون. اسان جي ڀروسي کي ڪوڙن سان نہ پر حقيقت سان ھٿي ڏيڻ گهرجي _ پر توھان ۾ بنيادي حقيقت سان موجود ھوندي آھي، تہ اڄوڪي ڏينھن جو فائدو اوھان جي زندگي کي موت کا جدا ڪندڙ پل تي آڻي سگھي ٿو. زندگي جنھن کي تون دشمن جي اڳيان اڇلائڻ لاءِ تيار نہ آھين، ۽ موت جيڪو تنھنجو پيڇو ڪري رھيو آھي.
انساني زندگي فقط ڪجھ ڏھاڙا آھي. تنھن ھوندي بہ تون چاھين ٿو تہ اھي ڏينھن جلد پورا ٿين. ڀاڄوڪڙ ۽ وٺ نہ ڏيندڙ وقت جيڪو لاڳيتو تنھنجي نسن مان قوت ڇڪي رھيو آھي سو تنھنجو دوست آھي. ڪيتري نہ عجيب ڳالھ آھي!
ايندڙ ڏينھن ڪالھ ٿي ويو ۽ پرينھن اڄوڪو ڏينھن ٿي ويو. اھو بہ گذري ويو. اسان جي سامھون واري ڪال ڪوٺڙي جي در جي ٻاھران پٽن جو جوڙو اڃا ٽنگيو پيو آھي.
باب ڇھون : مارشل لا، ۱۹۴۲:
۲۷ مئي ۱۹۴۳.
اھا ڳالھ سڄي ھڪ سال جي آھي. آڏي پڇا کان پوءِ ھو مون کي واپس ”سئنيما“ ۾ وٺي آيا. ڪمرو نمبر ۴۰۰ جي ماڻھن جو ھي روزانو ھي سفر آھي. ٻن پھرن جي ماني پانڪريڪ مان ھتي آڻيندا ھئا ۽ ٽپھري جو وري چوٿينءَ ماڙ تي. پي اڄ اسين وري چوٿينءَ ماڙ تي نہ وياسين.
قيدي ماني کائين پيا. بينچون قيدين سان سٿيل آھن. ھو چمچن ھلائڻ ۽ ماني چٻاڙڻ ۾ رڌل آھن. بلڪل عام ۽ روزمرہ جي ڳالھ. جيڪڏھن ھن گهڙي انھن سڀني ماڻھن کي ھڏائن پڃرن ۾ تبديل ڪيو وڃي، جيڪي سڀاڻي تائين مري ويندا، تہ پوءِ چمچن ۽ مٽيءَ جي ٿانون جا اوزار اوچتو ھڏن جي کڙڪاٽ ۽ ڏاٺن جي سڪل کڙ کڙ ۾ گم ٿي ويندا. پر اڃا ڪنھن کي موت جو خيال ڪونھي ھرڪو ماڻھو مزي سان پنھنجي جسم کي خوراڪ پھچائي رھيو آھي، تہ جيئن وڌيڪ ھفتا، مھينا ۽ سال زندہ رھي.
ٻنپھرن جي مھل! اڌ ڏينھن پڇا ڳاڇا کان سواءِ، انھن سوالن ئي ٿڪائي ڇڏيو آھي جن جو تو وٽ ڪوبہ جواب نہ آھي _ اھا تہ خدا جي ھڪ نعمت آھي. ظاھري طرح ائين ٿي لڳو پر ائين آھي ڪونہ.
دالان ۾ اسان کي جنرل ايلياس گڏيو. سندس اکين ۾ جوش ۽ ولولو آھي. مون کي ڏسندي ئي ھن جيل جي نگھبانن جي وچ مان آھستي چيو:
”مارشل لا.“
تمام اھم معلومات ھڪ ٻئي کي ڏيڻ لاءِ قيدين وت فقط ڪو سيڪنڊ جو وقت ھوندو آھي. کيس منھنجي خاموشي سان پڇيل سوال جي جواب ڏيڻ جو وقت بہ ڪونہ ھو.
پانڪريڪ جا نگھبان اسان جي وقت کان اڳ واپسي تي حيران آھن. مون کي پنھنجي ڪال ڪوٺڙي ڏانھن وٺي ويندڙ ڪافي ڀروسي وارو ماڻھو پيو لڳي. اڃا
خبر نہ پيئي اٿم تہ ڪير آھي پر جيڪي ڪجھ ٻڌو اٿم سو ٻڌايانس ٿو. ھو پنھنجو ڪنڌ لوڏي ٿو. کيس ڪابہ خبر نہ آھي، شايد مون چڱيءَ طرح نہ ٻڌو. ھائو، شايد اھو چڱو ٿيو.
”تو سچ ٿي چيو، ھيڊرخ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي. سخت ڦٽجي پيو آھي، پراگ ۾ مارشل لا لاڳو ڪيو ويو آھي.“
ٻي ڏينھن ھو وري اسان کي آڏي پڇا لاءِ وٺي ٿا وڃن، اسان سان ڪامريڊ وڪٽر سونيڪ گڏ آھي، پارٽي جي مرڪزي ڪاميٽي جو آخري زندہ بچيل ميمبر. ھو فيبروري ۱۹۴۱ ۾ گرفتار ٿيو ھو. ايس _ ايس جي وردي ۾ نوجوان جيلر سندس اکين اڳيان ھڪ اڇو ڪاغذ لوڏي رھيو آھي جنھن تي تو وڏن اکرن ۾ لکيل ھيٺيون لفظ پڙھي سگهين ٿو:
”انتلا سنگ بسذل“
”اڙي يھودي آخر آئين نہ حساب ۾ . ڇڏڻ جو حڪم! خڪ....“
۽ سندس سسي ڏانھن اشارو ڪندي ڏيکاري ٿو تہ وڪٽر کي ڦاسي ڏني ويندي. ۱۹۴۱ ۾ مارشل لا لڳڻ کان پوءِ سڀني کان اڳ آٽو سونيڪ کي ڦاسي ڏني ويئي ۽ ۱۹۴۲ ۾ مارشل لا جو پھريون شڪار تہ سندس ڀاءُ وڪٽر ھو. ھو کيس گولي ھڻڻ لاءِ ماٿواسين ڏانھن وٺي وڃن ٿا.
پانڪريڪ کان پيستچڪ محل ڏانھن وڃڻ ۽ واپسي جي رستي تي روزانو ھزارين قيدين جي اچ وڃ ٿئي ٿي. لارين ۾ پھرو ڏيندڙ ايس _ ايس وارا ”ھيڊرخ“ جو بدلو وٺي رھيا آھن. جيل جي لاري اڃا سڏ پنڌ تائين مس وڃي ٿي تہ ايس _ ايس وارا قيدين کي پستول جي ڪنداڪن سان رتوڇاڻ ڪريو ڇڏين. منھنجو لاري ۾ ھجڻ ٻين لاءِ فائدي وارو ھوندو آھي، ڇاڪاڻ تہ منھنجي ڏاڙھي ايس _ ايس وارن لاءِ دلچسپي جو مرڪز ھوندي آھي ۽ ھو ان تان چرچا ڪندا آھن. اڪثر ھو لاري جي لوڏن وقت منھنجي ڏاڙھي ۾ جهليندا آھن. منھنجي لاءِ اھا سٺي تربيت ھوندي آھي. ڇاڪاڻ تہ آڏي پڇا وقت بہ ساڳيو حال ٿيندو آھي ۽ پڇاڙيءَ جو ھميشه چوندا آھن:
”جيڪڏھن سڀاڻي تائين تو عقل کان ڪم نہ ورتو تہ پوءِ توکي گولي ھڻنداسون.“
ھاڻي ان ۾ ڪوبہ ڊپ باقي نہ رھيو آھي. ھر شام ھيٺ دالان ۾ توکي ماڻھن جا نالا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا. پنجاھ، سو، ٻہ سو ماڻھو جن کي ڪوس گهر ڏانھن ويندڙ چوپائي مال وانگر لارين ۾ سٿين ٿا ۽ کين موت جي منھن ۾ ڏيڻ لاءِ ڪربليسي موڪلين ٿا. سندن ڏوھ؟ سندن بنيادي ڏوھ ھي آھي تہ ھو بي قصور آھن. ھو گرفتار ٿيا آھن پر سندن ڪنھن بہ وڏي واقعي سان ڪو تعلق ڪونھي، تنھن ڪري بھتر آھي تہ کين ماري ڇڏجي. ھڪ ساٿي ۹ ٻين ماڻھن جي اڳيان ھڪ مزاحيہ شعر پڙھيو، جنھن جي ڪري ھيڊرخ تي خوني حملي کان ٻہ مھينا اڳ ھو گرفتار ٿيا. ھاڻي ھنن کي ڦاسيءَ جي تختي ڏانھن نيو پيا وڃن _ مٿان انھي حملي جي سٽا منظور ڪرڻ جو الزام آھي. ڇھ مھينا اڳ ھڪ عورت کي غير قانوني اشتھار ورھائڻ جي شڪ ۾ جهليو ويو ھو. ھن عورت ڏوھ مڃڻ کان انڪار ڪيو. تنھن ڪري ھاڻي ھو سندس ڀينرن ۽ ڀائرن ۽ سندن مڙسن ۽ زالن کي گرفتار ڪري سڀني کي گولي ٿا ھڻن. ڇاڪاڻ تہ مارشل جو نعرو ئي آھي: ”شڪي ماڻھو ۽ سندن سڄا خاندان ناس ڪيو.“ ھڪ ٽپالي غلطيءَ سان گرفتار ٿئي ٿو ۽ انتظار ۾ آھي تہ ڪيڏي مھل ٿا ڇڏينس. ھو پنھنجو نالو ٻڌي اڳيان وڌي اچي ٿو. ھو کيس انھن ماڻھن جي قطار ۾ ٿا بيھارين جن کي گولي ھڻڻي آھي، ۽ پوءِ سڀني کي گوليءَ جو نشانو بڻايو وڃي ٿو _ ۽ ٽئين ڏينھن کين خبر پوي ٿي تہ ٽپالي موت جو شڪار رڳو ساڳئي نالي جي ڪري ٿيو ۽ ان نالي وارو اُھو تہ ٻيو ماڻھو آھي جنھن کي گولي لڳڻي ھئي. پوءِ ھو ٻئي ماڻھو کي بہ گولي ھڻي پورو ڪن ٿا تہ جيئن حساب برابر رھي، انھن ماڻھن جي صحيح ذاتي تفصيلن بيان ڪرڻ ۾ ڪير پنھنجو وقت وڃائيندو. جن کي گولين جو نشانو بڻايو ويو آھي يا ڦاسيون ڏنيون ويون آھن! جيڪڏھن سڄي ملڪ جي زندگي کي وٺجي تہ پوءِ اھو غير ضروري نہ آھي؟
آئون رات جو دير سان آڏي پڇا تان موٽيس. ھيٺ ڀت جي ڀر ۾ ولادي سلاووانڪورا بيٺو ھو. سندس پيرن وٽ ننڍڙي ھڙ ھئي، جنھن ۾ سندس شيون ھيون. چڱي طرح خبر اٿم تہ انجو مطلب ڇا آھي. کيس بہ خبر آھي. اسين ھڪ ٻئي سان ھٿ ملايون ٿا. آئون کيس مٿين ماڙي جي دالان مان اڃا بہ ڏسي سگهان ٿو تہ ڪيئن ھو ٿورو ڪنڌ ھيٺ جهڪايو بيٺو آھي، پر ڏسي رھيو آھي ھيٺ، زندگيءَ کان پري. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ کيس سڏ ٿئي ٿو.....
ڪجھ ڏينھن کان پوءِ ملوس ڪراسني بہ ساڳـئي ڀت وت بيٺو آھي _ انقلاب جو ھڪ بھادر سپاھي. جنھن کي گذريل آڪٽوبر ۾ گرفتار ڪيو ويو ھو ۽ جنھن کي عذاب توڙي اڪيلائي واري نظربندي بہ جهڪائي ڪونہ سگهيا. ڀت کان ٿورو پاسيرو، ھو سانتيڪي نموني سندس پٺيان بيٺل جيل جي نگھبان کي ڪجھ سمجهائي رھيو آھي. سندس نظر مون تي پوي ٿي. آھستي کلندي مون کان موڪلائي ٿو ۽ پنھنجو ڳالھائڻ جاري رکي ٿو: ”ھن مان توھان کي ڪجھ بہ حاصل نہ ٿيندو. اسان جا بيشمار ساٿي ھڪ ٻئي پٺيان منھن ۾ ويندا پر شڪست اوھان جي ٿيندي....“
ٻئي ڏينھن منجهند جو اسين پيتسچڪ محل جي تري ۾ ٻنپھرن جي ماني جي انتظار ۾ آھيون تہ ھو ايلياس کي اندر آڻين ٿا. سندس ڪڇ ۾ اخبار آھي ۽ کلندي انھن ڏانھن اشارو ڪري ٿو. ھن گهڙي کن اڳ ان اخبار ۾ پڙھيو ھيو تہ ھيڊرخ تي جن ماڻھن خوني حملو ڪيو، تن سان سندس بہ تعلق آھي.
”ڪوڙا!“ ھو آھستي چوي ٿو ۽ پوءِ ماني کائڻ لڳي ٿو.
شام جو ھو جڏھن ٻين ماڻھن سان گڏ پانڪريڪ ۾ اچي ٿو تڏھن بہ ھمت ڀرئي نموني ڳالھائيندو رھي ٿو. ڪلاڪ کن کان پوءِ ھو کيس سندس ڪال ڪوٺڙيءَ مان ڪڍي ڪوبليسي ڏانھن وٺي ٿا وڃن. مرندڙ ماڻھن جا ڍير وڌندا ٿا وڃن. ھاڻي انھن کي ڊزنن يا سون جي ڳاڻيٽي سان نہ پر ھزارن جي حساب سان ڳڻيو ٿو وڃي. جيئن پوءِ تيئن تازو رت، نازي وحشين جي ناس کي تيز ڪري ٿو. ھو رات جو دير تائين ”ڪم“ ڪن ٿا ۽ خود آچر جي ڏينھن بہ ڪم ڪن ٿا. ھاڻي ھو سڀ ايس _ ايس جي وردي پايو ويٺا آھن. انھن مڙن لاءِ قتل عام جو ڏينھن سندن جشن جو ڏينھن ھوندو آھي. ھو مزدورن، استادن، ھارين، اديبن، آفيس ۾ ڪم ڪندڙن کي موت جي منھن ۾ موڪليندا آھن. ھو مردن، عورتن ۽ ٻارڙن کي قتل ڪيو ڇڏين، سڄن ڪٽنبن کي موت جي ننڊ سمھاريو ڇڏين. وطن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موت، ۽ باھ جي نذر ڪيو ڇڏين. وطن جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موت، وبا جي بيماري وانگيان پکڙيل آھي ۽ ھر ڪنھن ماڻھوءَ کي پنھنجي چنبي ۾ چٻي پورو ڪريو ڇڏي.
اھڙي وحشت ۾ بہ انسان زندھ رھي ٿو.
اھو ڪجھ اعتبار کان ٻاھر آھي. پر ھو زندھ آھي _ کائي ۽ سمھي ٿو، پيار ڪرڻ ڪونہ ڇڏيو اٿس ۽ پورھيو بہ ڪري ٿو ۽ اھڙين ھزارين ڳالھين بابت سوچي ٿو جن جو موت سان ڪوبہ واسطو ڪونھي، شايد سندس ڪلھي تي ڪو وڏو بار آھي پر ھو اھو بار بہ کنيو پيو ھلي. نہ تہ ڪو پنھنجو ڪنڌ جهڪائي ٿو ۽ نہ ئي وري ڪو بار جي ڪري، ڪِري ٿو پوي.
مارشل لا جي ھن وچ واري دور ۾ عملدار مون کي برانڪ وٺي آيو. جون جي مھيني ۾، مٿان آچر جي ونندڙ شام، گلن ۽ وڻن جي ٻور جي سرھاڻ سان ٻھڪيل شام، ٽرام جي بيھڻ واري جاءِ ڏانھن ويندڙ رستو ايترو ويڪرو نہ ھو جو ڏينھن جو ڪم تان موٽندڙ ماڻھن جو درياھ ان ۾ ماپي سگهي. جيتوڻيڪ ھو ھينئر تائين ڪم ڪري ٿڪجي پيا ھئا پر کين ان ۾ بہ خوشي ٿيندي ھئي ۽ فقط سندن پيارن جا قربائتا ڀاڪر سندن آجيان ڪندا ھئا. ۽ موت جيڪو رات ڏينھن پنھنجي شڪار جي ڳولا ۾ ھوندو، تنھنجا سندن مھانڊن تي اھڃاڻ بہ ڪونہ ھوندا ھئا. ھو وڻندڙ سھڙن وانگيان اچي مڙندا ھئا. ڪنھن تي بہ ھٿ رک ۽ پنھنجي وندر لاءِ کڻين _ ھو ھڪ ڪنڊ ۾ اچي گڏ ٿيندا پر گهڙي کن کانپوءِ پنھنجين خوشين تي زندگي جي پنھنجي سموري لذت سان اچي گڏ ٿيندا.
اوچتو جو جيل جي بند دنيا مان ھن وڌندڙ سيلاب ۾ آيس ۽ شروع کان ئي مونکي سندن مٺڙيون خوشيون تکيون لڳيون.
غلط، غلط.
اھا ھئي زندگي جيڪا مون ھت ڏٺي، جنھن مان آئون پاڻ بہ لنگهي آيو ھئس. خود وحشي دٻاءُ ھيٺ زندگي ختم ٿيڻ واري شيءِ نہ آھي. ھڪ مان ختم ٿئي ٿي تہ، سَون ۾ وڌي ٿي. زندگي جيڪا موت کان وڌيڪ طاقتور آھي. ڇا اھا ڪوڙي ھئڻ گهرجي؟
انکانسواءِ: اسان کي تہ ڏسو جيڪي ڪال ڪوٺڙي ۾ سڙي رھيا آھيون ۽ ان وحشت جي وچ ۾ رھيا پيا آھيون _ ڇا ڪنھن ٻي شيءِ مان ٺھيل آھيون؟
پڇا ڳاڇا لاءِ اڪثر، پوليس موٽر ۾ ويھندو ھئس ۽ جڏھن گڏ ھلندڙ پوليس وارا شريف ھوندا ھئا تہ پوءِ موٽر جي درين مان رستن، دڪانن، گل وڪڻندڙ ماڻھن جي انبوھن ۽ عورتن کي ڏسندو ھئس.
ڪال ڪوٺڙي ۾ آئون اڪثر دير سان پھچندو آھيان. بابا پيسيڪ بي چيني سان پاڻھي پاڻ کان سوال پڇندو رھندوھو. ڇا ھو وري واپس ايندو؟ آئون ڪال ڪوٺڙي ۾ اندر گهڙندو ئي مس آھيان تہ بابا اچي ڀاڪر پائيندو آھي ۽ آئون کيس تازي خبر ٻڌائيندو آھيان تہ اڄ ڪوبيليسي ۾ ڪير ڪير مئا آھن. پوءِ اسين ڇيڻي جي شڪل جھڙيون سڪل ڀاڄيون نڙي کان ھيٺ لاھي خوشين ڀريو گيت ڳائيندا آھيون يا ڇڪي سان راند ڪندا آھيون. رات جا پھريان ٻہ پھر ائين ئي گذرندا آھن، جيتوڻيڪ اسانکي خبر ھوندي آھي تہ ڪنھن بہ مھل جرمن پوليس اچي ڪال ڪوٺڙي جو در کڙڪائيندي ۽ اسان مان ڪنھن ھڪ لاءِ يا ٿي سگهي ٿو ٻنھي لاءِ موت جا پيغام آڻيندي.
پر ھو ڪونہ آيا. اسان وحشت جو اھو دور لنگهي آياسين. اسين اڄ انھي وقت جو تصور ڪريون ٿا ۽ پنھنجي جذبن تي حيرت اچي ٿي. انسان جي بناوت ڪھڙي نہ عجيب آھي. ھو ڪيڏيون نہ سختيون بہ سھي سگهي ٿو!
انھن گهڙين اسان تي پنھنجا گهڻائي آثار ڇڏيا آھن، شايد ھو فلم جي ھڪ رول وانگيان اسانجي دماغن ۾ لڪا پيا آھن ۽ جيڪڏھن اسين انھن کي ڏسڻ لاءِ زندھ رھياسين تہ پوءِ حقيقي زندگي جي ھڪ ڏينھن اھي نروار ٿيندا. ٿي سگهي ٿو تہ اسين انھن کي فقط ھڪ وڏي قبرستان جي شڪل ۾ ڏسون، ھڪ سرسبز باغ جنھن ۾ ھنن ناياب ٻج ڇڏيو آھي، ناياب ٻج جنھن جا سلا ضرور نڪرندا.
باب ستون: شخصيتون ۽ ننڍيون شخصيتون _ ۲
[b](پانڪريڪ)
[/b]
جيل جون ٻہ حياتيون آھن.
ھڪ ڪال ڪوٺڙي ۾ بند جنھن کي سختي سان سڄي دنيا کان ڌار ڪيو ويو آھي، پر تنھن ھوندي بہ جيتري قدر سياسي قيدي جو تعلق آھي، اھا زندگي بلڪل گهاٽن ناتن سان ٻاھرين دنيا سان ڳنڍيل ھوندي آھي. ٻي زندگي ڪال ڪوٺڙي کان ٻاھر ڊگهن ورانڊن منجھ آھي، جيڪا ڀوائتيءَ اڌ اونداھيءَ ۾ آھي. پنھنجي ليکي ھڪ ڪائنات، ڊريسن ۾ ۽ اندروني دنيا کان بہ وڌيڪ علحدگيءَ واري، ڪيترن ئي ننڍين ۽ مختصر شخصيتن سان ڀريل _ ھن بابت ئي آئون توھان کي ٻڌائڻ گهران ٿو.
ان جي قدرتي تاريخ، ۽ پنھنجي خود تاريخ بہ آھي. جڏھين ائين نہ ھجي ھا تہ پوءِ جيڪر آئون ان کي ايترو اونھو نہ سمجهي سگهان ھا. مون کي فقط ظاھري اثر نظر اچن ھا، جن جو رخ اسان ڏانھن ھؤ. فقط سندن ظاھري طرح پختو ۽ پڪو مٿاڇرو، ھڪ لوھي بار، جيڪو ڪال ڪوٺڙي ۾ رھندڙن کي دٻائي رکي ٿو. سال اڳ ۽ اڌ سال اڳ، بہ ائين ھو. ھاڻي ان مٿاڇري ۾ ڏار پئجي پيا آھن جن مان ماڻھو ليئا پائي رھيا آھن _ غريب، رحمدل، کل جھڙا مھانڊا. گهڻن قسمن جھڙا مھانڊا پر ھميشه انسان ذات سان واسطو رکندڙ، حڪومت جو بار ھن اڌ اونداھي دنيا جي ھر شخص تي دٻاءُ وجهي ٿو ۽ ان مان انسانيت جي ھر جذبي کي نچوڙي ٻاھر روشني ۾ آڻي ٿو. جيڪو ڪن ۾ گهٽ ۽ ڪن ۾ ڪجھ وڌيڪ ھوندو آھي، ۽ جيڪو سندن چھرن ۽ شخصيتن کي نمايان ڪندو آھي. توھان کي بلا شڪ اھڙا ماڻھو ملندا جن کي مڪمل انسان سڏجي پر اھڙا ماڻھو پنھنجو پاڻ اڳيان وڌن ٿا. ھو ٻئي ڪنھن جي ڏکـئي وقت ۾ مدد ڪن، تنھن لاءِ اھو ضروري نہ آھي تہ ھو پاڻ ۾ تڪليف محسوس ڪندا ھجن. جيل خوشين کان خالي ادارو آھي. پر ٻاھرين دنيا بہ تہ، ڪال ڪوٺڙين کان وڌيڪ غمگين آھي. ڪال ڪوٺڙي ۾ دوستي ھوندي آھي. نرالي دوستي! اھڙي دوستي جيڪا محاذ تي خطري ۾ ڊگهين مدتن ۾ قائم ٿئي ٿي. جت اڄ منھنجي زندگي توھانجي ھٿ ۾ ۽ سڀاڻي توھانجي زندگي منھنجي ھٿ ۾ آھي. ھن حڪومت جي جرمن وارڊنن جي وچ ۾ ڪا گهڻي دوستي ڪونھي. دوستي ٿي بہ نٿي سگهي. سندن چوڌاري جاسوسن جو ڄار وڇايل آھي، جيڪي ھڪ ٻئي تي چغليون ھڻن ٿا. ھو انھن کان جن کي رسمي طرح اھي ساٿي سڏين ٿا اڪيلي سر پنھنجي حفاظت ڪرڻ تي مجبور آھن ۽ منجهائن جيڪي چڱا آھن ۽ ڪنھن ساٿي کان سواءِ رھي نٿا سگهن سي اھڙي ساٿي جي تلاش، جيل جي اونداھين ڪوٺين ۾ ڪن ٿا.
ڪيتري عرصي تائين اسانکي سندن نالن جي خبر ڪانہ ھئي. اھو ضروري بہ ڪونہ ھو. اسان پاڻ ۾، کين چيڙ وارن نالن سان سڏيندا ھئاسين. جيڪي اسان يا اسان کان بہ اڳ آيل ماڻھن مٿن رکيا ھئا ۽ اھي جيل جي ڪوٺڙين ۾ ھلندا آيا. ڪيترن پھريدارن جا نالا بہ ايترا آھن جيتريون ڪال ڪوٺڙيون. اھو عام قسم آھي، نڪي چڱو نڪي خراب. ھن ھڪڙي قيدي جو راشن وڌايو آھي، تہ ٻئي پاسي واري کي وري ٿڦڙ ھنيا اٿئين. انھن پھريدارن جو تعلق قيدين سان ڪجھ لمحن جو ھوندو آھي، پر اھي لمحا اونداھيءَ ڪوٺيءَ تي پنھنجو دائمي اثر ڇڏين ٿا ۽ ھڪ طرفو تصر ۽ ھڪ طرفو، چٿر طور نالو، ھن پھريدار لاءِ قائم ڪن ٿا. ڪن حالتن ۾ ڪنھن فرد جي چٿر واري نالي بابت اونداھين ڪوٺين ۾ ھم خيالي ٿئي ٿي، ھي اھڙو ماڻھو ھوندو جنھن جي ھلت چلت مخصوص قسم جي ھوندي آھي، چڱي يا خراب.
اچو تہ انھن قسمن کي ڏسون! انھن ننڍين شخصيتن جو جائزو وٺون! انھن کي بي پرواھيءَ سان نہ چونڊيو ويو آھي. اھي نازين جي سياسي فوج جو حصو آھن. چونڊيل ماڻھو. نازي حڪومت جا ٿنڀا ۽ نازي سماج جون ٿوڻيون.
[b] ”غريب دوست“
[/b] نازي طوفاني فوج جي محفوظ دوستي جو رھيس جيڪو ڪنھن وقت ڪولون ۾ اسڪول جو پٽيوالو ھو، سو ھڪ قداور ۽ مضبوط جسم وارو ۽ بلند آواز شخص آھي.
ٻين جرمن اسڪول پٽيوالن وانگر ھن بہ ابتدائي طبي امداد جو ڪورس پورو ڪيو آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن جيل جي طبي اداري طرفان بہ ڪم ڪندو آھي. ھن سان ھتي ئي ڏيٺ ٿي. ھن مون کي گھلي ڪال ڪوٺڙي ۾ تڏي تي اچي وڌو ھو ۽ منھن جي ڦٽن جي ملم پٽي ڪيائين. شايد ھن، واقعي منھنجي زندگي بچائڻ ۾ مدد ڪئي. اھو ھڪ انساني فعل ھو؟ يا شروعاتي مدد جو ھڪ ڪورس؟ مونکي خبر ڪونھي پر منجهس موجود نازيت ان وقت ظاھر ٿي جڏھن ھن ٺوئنشن سان نظربند يھودين جا سمورا ڏند ٿي ڀڳا ۽ جن کي سڀني بيمارين جي دوا طور تي زبردستي لوڻ يا واريءَ جا ٻُڪ ٿي کارايا.
[b] ”نڪ ڊگهو“
[/b] ھو بوديجو وچ ۾، فيبين شراب جي بٺي ۾ گاڏي ھلائيندو ھو ۽ ڳالھائيندو بنھ گهڻو ھو ۽ سڀاءُ جو سٺو ھو ھو کلندي ڪال ڪوٺڙي ۾ گهڙندو ھو ۽ قيدين کي مُرڪي ماني ڏيندو ھو. ڪڏھن بہ ڪنھن کي ڪو ايذاءُ نہ پھچائيندو ھو. توھان کي شايد يقين نہ بہ اچي تہ ھو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٻاھر بيھي ڪال ڪوٺڙي اندر ٿيندڙ گفتگو ٻڌندو ھو تہ جيئن سڀ ڪجھ وڃي اختياري وارن کي ٻڌائي.
[b]”ڪوڪلر“
[/b] ھو بوديجو وچ ۾ شراب جي بٺي تي ڪم ڪندو ھو. سڊيتنلينڊ مان ڪيترائي جرمن مزدور ھت اچي لڳا آھن. ڪارل مارڪس لکيو آھي ”اھا ڳالھ اھميت واري نہ آھي تہ ھڪ مزدور ذاتي حيثيت ۾ ڇا سوچي ۽ ڪري ٿو. پر مکيہ ڳالھ ھي آھي تہ مزدورن کي ھڪ طبقي جي حيثيت ۾ پنھنجي تاريخي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ، ڇا ڪرڻ گهرجي.“ ھت موجود جرمن مزدورن کي حقيقت ۾ پنھنجي طبقي جي ذميوارين جي ڪابہ سڌ نہ آھي. انھن کي سندن طبقي کان ڇني ڌار ڪري انجي خلاف کڙو ڪيو ويو آھي.
ھو نازين سان ان ڪري مليو تہ جيئن آرام سان روزگار ڪمائي سگهي، پر معاملو سندس خيال کان وڌيڪ منجهيل نڪتو. ان کان پوءِ سندن منھن تان مُرڪ ئي ھلي وئي. ھڪ جواري وانگيان ھن سڀ ڪجھ نازين جي فتح تي لڳائي ڇڏيو. ڪجھ وقت کان پوءِ کيس پتو پيو تہ ھو ھڪ مئل گهوڙي تي بازي رکي رھيو آھي. انھيءَ ڪري ھاڻ ھو ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالھ تان چڙڻ پئي لڳو. رات جو اڪيلو نرم بوٽن ۾ جيل جي ورانڊن ۾ پھرو ڏيندي ھو غير شعوري طرح بتين جي ڍڪن تي چڙھيل مٽي ۾ پنھنجي اونداھن خيالن جا پاڇا ڇڏيندو ھو: ”ھر شي لڙھندي ڪنھن اوڙاھ ۾ پئي وڃي،“ ھن شاعراڻي انداز ۾ لکيو ۽ خودڪشيءَ بابت سوچڻ لڳو.
ڏينھن جو ھي شخص پنھنجي خوف تي ضابطي رکڻ لاءِ قيدين ۽ مقدمن کي ڊوڙائيندو ۽ سندن پٺيان ھيانءَ ڏاريندڙ رڙيون ڪندو ھو.