ڦاسيءَ جي ڇانوَ ۾, ليکڪ : جولس فوچڪ

ڦاسيءَ جي ڇانوَ ۾

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : ڦاسيءَ جي ڇانوَ ۾
ليکڪ : جولس فوچڪ
سنڌيڪار : نور خان
ڪيٽيگري : جيل ڊائري
ڇپيندڙ : روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
شايع ٿيڻ جو سال : 1984
شامل ڪيو ويو : 2020-11-30
ڏِٺو ويو : 1405 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 455 ڀيرا
جولس فوچڪ کي جرمن فوجن گرفتار ڪري نازي ڪئمپ ۾ رکيو ۽ اتان جرمني کڻي ويا جتي ھن تي تشدد ڪيو ويو ۽ پوءِ موت جي سزا ملڻ کان پوءِ 8 سيپٽمبر 1943ع تي برلن ۾ ڦاسي ڏني ويئي.
ھيءَ ان سورھيہ سورمي جي جيل جي ڦاسيءَ گهاٽ ۾ گهاريل انھن گهڙين جو عڪس آھي جيڪي ھن جسماني طور تي چُڙي چُڙي گهاريون، پر ذھني طور تي ڦڙت ۽ نؤبنو رھيو ۽ زندگيءَ ڏانھن سندس رويو آخري گهڙيءَ تائين ھڪ ترقي پسند وارو رھيو.
جولس فوچڪ کي جسماني عذاب ڏيڻ ۽ ذھني طور ختم ڪرڻ ۾ دھشت جو ھر اھو طريقو ڪتب آندو ويو جنھن کان نازي واقف ھئا. پر جڏھين جولس فوچڪ جو جسم وڃي رڳو چَم ۽ ھڏ بچيو ھو ۽ فقط منجھس ساھ جي تند ھئي تڏھين بہ ھن ڪتاب جو سورمو ھنن ظالمن کان ذھني توڙي جسماني طور بلند ھو. نازين ھن کي ماري ڇڏيو، پر کيس ختم ڪري نہ سگهيا. جولس جي زنده لفظن ۾ سندس وفات نامو توھان جي اڳيان آھي. سندس پنھنجي وطن جي ماڻھن سان پيار ۽ منجهن عقيدي جي اظھار جو ھر لفظ موت جي پاڇي ۾ لکيو ويو.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري جيل ڊائري مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ