باب ٻيو: مرڻ بابت
ٻہ ماڻھو ھڪ ٻئي جي پٺيان اچي گرجا ۾ آھستي آھستي ھلي رھيا آھن. سندن ھٿ پيٽ کان ھيٺتي ٻڌل آھن ۽ ھو بي ترتيب آواز ۾ چرچ جو ھڪ غمگين گيت ڳائي رھيا آھن.
”.... ڪھڙو نہ چڱو جو اسان جا روح بہ آسمان ڏانھن ھليا وڃن. اسان جو سفر پورو ٿئي، اسان جو سفر پورو ٿئي....“
ڪو مئو آھي. ڪير؟ پنھنجو ڪنڌ ڦيرائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. شايد جنازو ڏسي سگھان جنھن ۾ لاش پيل آھي ۽ پيتيءَ جي سيرانديءَ وٽ ٻہ ميڻ بتيون آسمان ڏي اشارو ڪري رھيون آھن.
”.... جت رات جي اونداھي نہ آھي، جت دائمي جوت جرڪي ٿي.....“
آئون اکيون کڻڻ ۾ ڪامياب ٿيو آھيان، پر ڪوبہ ڏسڻ ۾ ڪونہ ٿو اچي. ھت تہ ڪير بہ نہ آھي. فقط ھو ٻہ ۽ آئون. ھو ڪنھن موت تي ڳائي رھيا آھن؟
تارا ھميشھ روشن رھن ٿا.
عيسيٰ مسيح خود؛ خدا جو اڪيلو فرزند.
جنازو کنيو پيا وڃن. ھائو پڪ جنازو کنيو پيا وڃن. ڪنھن کي پيو دفنايو وڃي؟ ھتي ڪير آھي؟ فقط ھو ٻہ ۽ آئون. آئون پاڻ! شايد منھنجو جنازو ھجي؟ پر ٻڌو دوستو، نہ اھا غلط فھمي آھي! آئون مئو نہ آھيان. بلڪل جيئرو آھيان. ڏسي سگھو ٿا تہ آئون توھان ڏانھن گھوري رھيو آھيان ۽ اوھان سان ڳالھائي رھيو آھيان. اھو بند ڪريو! مونکي نہ دفنايو.
”جڏھين دل گھري پياري
وڃڻ واري طرفان
غمگين ۽ آخري موڪلاڻي ٿئي ٿي.“
ھو مونکي نٿا ٻڌن، ٻوڙا آھن ڇا؟ آئون ڪافي ڏاڍيان نٿو ڳالھايان؟ يا شايد آئون واقعي مري ويو آھيان، ۽ ھو جسم کان سواءِ ڪو آواز نٿا ٻڌي سگھن؟ منھنجو ڌڙ پيٽ ڀر پيو آھي ۽ آئون پاڻ پنھنجي جنازي کي ڏسي رھيو آھيان! عجيب!
”پوءِ ٻرندڙ نظرون آسمان ڏانھن ٿين ٿيون. ھن جو سفر پورو ٿيو، ھن جو سفر پورو ٿيو.....“
ياد اٿم. ڪنھن مونکي مشڪل سان مٿي کنيو ۽ ڪپڙا پارايائين. ھنن مونکي اسٽريچر تي کنيو. دالان ۾ لوھي بوٽن جو آواز ۽ پوءِ قصو پورو ٿيو. وڌيڪ خبر نہ آھي. وڌيڪ ڳالھ ياد نٿي اچي.
”.... جت دائمي جوت جرڪي ٿي.... “
پر ھي سڀ سمجھ ۾ ڪونہ ٿو اچي. آئون جيئرو آھيان. ڪن ھنڌن تي سور پيو ٿئيم ۽ اڃايل آھيان. مئل ماڻھن کي اُڃ نہ لڳندي آھي. آئون ھٿ کي ھلائڻ لاءِ سڄي طاقت گڏ ڪيان ٿو ۽ منھنجي اندر مان ھڪ عجيب غير قدرتي آواز نڪري ٿو:
”پاڻي ڏيوم!“
آخر ٻنھي ماڻھن گولائيءَ ۾ ڦرڻ بند ڪيو. ٻئي ماڻھو منھنجي مٿان نوڙيا بيٺا آھن. ھڪ ماڻھو منھنجو ڪنڌ مٿي ٿو ڪري ۽ پاڻيءَ جو گلاس منھنجي وات تائين ٿو آڻي.
”ڏس توکي ڪجھ کائڻو بہ پوندو. ٻن ڏينھن کان تون رڳو پاڻي پي رھيو آھين.... “
ڇا ٿو چوي؟ پويان ٻہ ڏينھن؟ اڄ ڪھڙو ڏينھن آھي؟
”سومر“
سومر. مونکي جمعي جي ڏينھن گرفتار ڪيو ويو ھو.
مٿو ڏاڍو ڳرو ٿي پيو اٿم. پاڻي ٺاريو ڇڏي. ننڊ! سمھڻ ڏيوم! پاڻي جي ھڪ ڦڙي کوھ جي شيشي جھڙي تري ۾ لھرون پيدا ڪيون آھن. ساون گاھن جي ميدانن، جبلن ۽ روڪلان ھيٺ ٻيلي واري جي گھر ۾ بھار آئي آھي. ديال جي وڻن وارن ٻيلن ۾ مينھن پيا وسن.... ننڊ ۾ ڪيڏو نہ مزو آھي...
.... آئون وري اڱاري جي شام جو ننڊ مان اٿان ٿو ۽ منھنجي مٿان ھڪ ڪتو بيٺو آھي. ھڪ الساتيني ڪتو. ھو پنھنجي سھڻين ۽ ڳنڀير اکين سان ڏسندي پڇي ٿو:
”ڪٿي جو رھاڪو آھين؟“
نه، اھو ڪتو ڪونھي. ڪنھن ٻئي جو آواز آھي. ھائو، ڪو ٻيو بيٺل آھي. سندس وڏا بوٽ ڏسان پيو، وڏن بوٽن جو ٻيو جوڙو ۽ فوجي پتلون، پر ان کان مٿي ڪنڌ کڻي نٿو سگھان. ڏسڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو تہ مٿو ٿو ڦريم. پر ان ۾ منھنجو ڇا وڃي. سمھڻ ڏيوم....
اربع.
ٻہ ماڻھو جيڪي ان ڏينھن مذھبي گيت ڳائي رھيا ھئا، سي ٽيبل تي ٺڪر جي ٿانون ۾ ماني کائي رھيا آھن. ھاڻي آئون کين چڱي پر ڏسي سگھان ٿو. ھڪ نوجوان، ٻيو وڏي عمر جو آھي. پادرين وانگي نٿا لڳن. ننڍڙو گرجا گھر ھاڻي گرجا نہ پر جيل جي ھڪ ڪال ڪوٺڙي آھي، جھڙيون ٻيون آھن. منھنجي نظرن اڳيان ڪال ڪوٺڙي جو فرش ڊوڙندو ٿو وڃي؟ آخر ۾ ڳرو ڪارو در آھي.
ڪلف ۾ ڪنجي ڦرڻ جي آواز تي ٻئي ڄڻا ٽپ ڏيئي اٽينشن جي حالت ۾ بيھن ٿا، ٻہ ٻيا جرمن جاسوسي پوليس جي ورديءَ ۾ اندر اچن ٿا ۽ ھنن کي حڪم ٿا ڪن تہ، مونکي ڪپڙا پارائين- مونکي خبر نہ ھئي تہ پتلون جي ھر ٽنگ يا قميص جي ٻانھن ۾ ڪيترو سور لڪل ھو- اسٽريچر تي وجھي ھيٺ کڻي آيا. واٽ تي ڊگھي ورانڊي ۾ ڏاڪڻ جا لوھي ڏاڪا وڄڻ لڳا.... ھن ئي نموني مونکي ھفتو اڳ آندو ويو ھو، جڏھين پوءِ بي ھوش ٿي ويو ھوس. ھي سڀ ڪيڏانھن پڄائيندو. نيٺ ڇا حشر ٿيندو.
پانڪريڪ پولزيئي – گيفانگس جي اداس ۽ بي مروت مرحبا آفيس. مونکي پٽ تي وجھن ٿا ۽ بناوٽي نرم دلي واري چيڪ آواز ۾ ترجمان ڪاوڙيل جرمن آواز ۾ ٿڪ وانگي اڇلايل سوال جو ترجمو ڪيو.
”ھن کي سڃاڻين؟“
ڄاڙيءَ کي ھٿ جي ٽيڪ ڏنم. ويڪري منھن واري نوجوان ڇوڪري اسٽريچر جي اڳيان بيٺي آھي. ھوءَ فخر سان ڪنڌ مٿي ڪيو سڌي بيٺي آھي. انھي ۾ دشمن ڏانھن حقارت کڻي نہ بہ ھئي پر شانائتو انداز ھئس. فقط سندس اکيون ٿورو نميل ھيون جو فقط مونکي ڏسي سگھي ۽ انھن اکين سان منھنجي آجيان ڪري.
”نه“
ياد اٿم تہ پيتسچڪ محل ۾ ان ڏائڻ رات پل کن لاءِ مون کيس ڏٺو ھو ۽ ھينئر ٻيو دفعو. اف ٽيون موقعو نہ مليو جو آئون، ان ھمٿ ڀرئي نموني بيھڻ لاءِ ساڻس ھٿ ملائي سگھان. ھوءَ ارنوست لورينر جي زال ھئي. 1942ع ۾ مارشل لا جي اعلان کان پوءِ وارن پھرين ڏينھن ۾ کيس موت جي سزا ڏني ويئي.
”پر تون تہ پڪ سان سڃاڻينس.“
انيسڪا جيرسڪووا خدا تنھنجو نالو ڪونہ کنيو اٿم. مون سان ڪوبہ واسطو نہ رھيو آھي. توکي نہ سڃاڻان. سمجھين ٿي، توکي ڪونہ سڃاڻان.
”نه، ڪونہ سڃاڻانس.“
”عقل کان ڪم وٺ!“
”کيس ڪونہ سڃاڻان.“
”جولس بيڪار ڳالھ آھي،“ انيسڪا چيو ۽ فقط آڱرين جي اڻ لکي چرپر مان سندس جذبات جو اظھار ٿي ٿيو، جن ۾ ھو رومال جھليو بيٺي ھئي. ”بيڪار آھي. ڪنھن ھنن کي مون بابت ٻڌايو آھي.“
”ڪنھن؟“
”وات بند ڪر!“ – ماڻھو کيس اڌ ۾ روڪي ٿو ۽ مونسان ھٿ ملائڻ لاءِ نوڙڻ تي کيس زور سان ڌڪو ڏئي ٿو.
انيسڪا!
مون کي وڌيڪ سوال ٻڌڻ ۾ نٿا اچن. پري کان بنا سور جي مونکي محسوس ٿئي ٿو تہ، ٻہ جرمن جاسوس پوليس وارا مونکي واپس جيل جي ڪال ڪوٺڙي ڏانھن کنيو پيا وڃن. اسٽريچر تي مونکي بي رحمي سان لوڏا ڏيئي رھيا آھن ۽ کلندي پڇن ٿا تہ ڇا ھن کان آئون ڳچيءَ ۾ ڦاھو وجھي لٽڪڻ پسند ڪندس.
خميس.
ھاڻي مونکي ھتي جون ڳالھيون سمجھ ۾ پيون اچن. مون سان گڏ نوجوان قيدي جو نالو ڪارليڪ آھي. ٻيو جيڪو وڏي عمر وارو قيدي آھي تنھن کي ”بابا“ سڏين ٿا. ھو پنھنجي بابت ٻڌائين ٿا، پر منھنجي دماغ ۾ اھي ڳالھيون گڏبيون ٿيون وڃن. ھو کاڻ ۽ بينچ تي ويٺل ٻارن بابت ڪجھ چوڻ ٿا گھرن. گھنڊ جو آواز: ضرور ڪٿي باھ لڳي ھوندي. روز ھڪ ڊاڪٽر ۽ جرمن جاسوسي پوليس جو ڪمانڊر مون کي ڏسڻ اچن ٿا. ظاھر آھي تہ اھڙي خراب حالت ۾ نہ آھيان ۽ ھڪ ڏينھن وري چڱو ڀلو ٿي ويندس. ”بابا“ روز اھا ڳالھ ڪندو آھي. ھو ان ڳالھ تي وڏو زور ڏيندو آھي ۽ ڪارلڪ جنھن اتساھي سان ان جي پٺڀرائي ڪندو آھي، جو ھن حالت ۾ بہ آئون محسوس ٿو ڪريان تہ، اھو بلڪل ڪوڙ آھي. ڪھڙا نہ چڱا ماڻھو آھي! ڏک اٿم جو ھنن تي اعتبار نٿو ڪري سگھان.
ٽپھري.
جيل جي ڪوٺڙي جو دروازو کلي ٿو ۽ ھڪ ڪتو آھستي آھستي سان اندر ڊوڙي اچي ٿو. منھنجي سيراندي کان بيھي ھيڪر وري مون ڏي پڇا جي انداز ۾ نھاري ٿو. ھيڪر وري بوٽن جا دٻڪا- ھاڻي خبر اٿم: ھڪ ڪتي جو مالڪ ۽ پانڪريڪ جيل جو سپرنٽنڊنٽ ۽ ٻيو گسٽاپو جي ڪميونسٽ – دشمن برانچ جو مُک جنھن ان رات منھنجي پڇا جي صدارت ڪئي ۽ پوءِ شھري پتلون جو جوڙو. منھنجون اکيون مٿڀرو ڏسن ٿيون. آئون کيس سڃاڻان. اھو ڊگھو ۽ ڏٻرو عملدار آھي جيڪو چڙھائي ڪندڙ کاتي جو انچارج آھي. ڪرسي تي ويھي ھو آڏي پڇا ڪري ٿو.
”سڀ خبر پئجي ويئي آھي. پنھنجي حياتي بچاءِ. ڳالھاءِ!“
ھاڻ مونکان سگريٽ جھلڻ مشڪل آھي.
”بئڪس جي گھر ڪيترا ڏينھن رھئين؟“
بئڪس جي گھر. اھا بہ خبر پئجي وين!
ڪنھن ٻڌايو ھوندن؟
”ڏس اسان کي سڀ خبر پئجي ويئي آھي. ڳالھاءِ!“
جيڪڏھن اوھان کي سڀ خبر پئجي ويئي آھي تہ پوءِ منھنجي ڳالھائڻ جو ضرور؟ مون عمر اجائي نہ وڃائي آھي- ۽ آئون زندگي جي پڇاڙي خراب نہ ڪندس.
پڇا ڪلاڪ سوا ھلي ٿي. ھو دڙڪا يا گاريون نٿو ڏئي پر سانتيڪي نموني ور ور ڪري پنھنجا سوال پڇي ٿو ۽ جڏھن جواب نٿو مليس، تڏھين ٻيھر ٽيھر ۽ ڏھ دفعا سوال پڇي ٿو.
”تون اڃا بہ محسوس نٿو ڪرين؟ سمجھيئي، پڇاڙي اچي ويئي اٿئي، تون سڀ ڪجھ وڃائي چڪو آھين.“
”آئون ڪو اڪيلو ماڻھو آھيان جنھن وڃايو آھي.“
”ڪميونسٽن جي فتح ۾ اڃا عقيدو اٿئي؟“
”بلاشڪ“
”اڃا ڀروسو اٿس؟“ جيل جو مُک جرمن زبان ۾ پڇي ٿو ۽ آفيسر ترجمو ڪندي چوي ٿو: “ھي اڃا بہ عقيدو ٿو رکي تہ روس سوڀارو ٿيندو.”
”بلاشڪ، جنگ ٻي ڪنھن بہ نموني ختم نہ ٿيندي.“
ھاڻي ٿڪجي پيو آھيان. پنھنجي سڄي طاقت گڏ ڪئي ھئم، تہ جيئن خبردار رھان. پر ھاڻي منھنجو ھوش ائين ڀڄندو پيو وڃي، جيئن وڏي ڦَٽ مان رت. آئون اڃا محسوس ٿو ڪريان تہ ھو ڪيئن مونکي پنھنجا ھٿ ڏيئي رھيا آھن. شايد ھو منھنجي پيشاني تي موت جا اھڃاڻ ڏسي رھيا آھن. ڪن ملڪن ۾ تہ واقعي اھا رسم ھوندي ھئي ۽ آھي تہ، ڦاسي ڏيندڙ، حڪم تي عمل ڪرڻ کان اڳ، ڦاسي ايندڙ ماڻھو کي چمي ڏيندو ھو.
شام.
ٻہ ماڻھو ھٿ ٻڌي ھڪ ٻئي جي پٺيان گول ڦرن پيا ۽ ڊگھي ۽ بي ترتيب آواز ۾ ھڪ ڏک ڀريو مذھبي گيت ڳائي رھيا آھن:
”جڏھين اسين تنھن تي اکيون ٻوٽي ٿا ڇڏيون ۽ ڪجھ بہ نٿا ڏسون .....“
ٻيلي دوستو بس ڪريو! اھو ڀڄن کڻي سٺو بہ ھجي پر اڄ، اڄ تہ يوم مئي جي رات آھي. انسان جو سڀ کان سھڻو ۽ خوشين سان ڀرپور جشن. آئون ڪو دل لڀائيندڙ نغمو ڳائڻ جي ڪوشش ٿو ڪريان، پر اھو شايد ڀڄن کان بہ وڌيڪ غم ڀريو آھي. ڇاڪاڻ تہ ڪارليڪ پٺي ڏئي ڇڏي آھي ۽ ”بابا“ ڳوڙھا اگھي رھيو آھي. پر آئون ھار نٿو مڃان. آئون ڳائيندو رھان ٿو ۽ آھستي آھستي ھو بہ مونسان شامل ٿا ٿين. مون کي خوشيءَ ۾ ننڊ اچي وڃي ٿي.
يوم مئي. صبح جو سوير.
جيل جي گھڙيال تي ٽي وڳا آھن. ھاڻي پھريون ڀيرو صاف ٻڌڻ ۾ اچي ٿو. گرفتاريءَ کان پوءِ ھينئر آئون پھريون دفعو ھوش ۾ آھيان. کليل دريءَ مان تازي ھوا محسوس ٿئيم ٿي. تڏي جا ذرا منھنجي ڇاتي ۽ پيٽ کي لڳن ٿا ۽ منھنجي جسم جي ھر انچ ۾ ھزارين سور آھن. ساھ کڻڻ ۾ تڪليف اٿم. اوچيو ائين لڳو ڄڻ تو دري کولي. آئون چِٽو ڏسان ٿو؛ ھيءَ پڇاڙي آھي. آئون مران پيو. موت، تو اچڻ ۾ ڪيتري نہ دير ڪئي. مون کي اڃا بہ اميد ھئم تہ وري ھڪ آزاد انسان وانگيان رھندس، گھڻو ڪم ڪندس، گھڻو ڳائيندس ۽ دنيا جو سفر ڪندس. حقيقت ۾ ھاڻي تہ جوان ٿيو آھيان. مون ۾ اڃا گھڻي طاقت آھي. پر ھاڻي نہ آھي. پڇاڙي اچي رھي آھي.
مون زندگيءَ سان پيار ڪيو آھي ۽ ان جي حسن خاطر جنگ ۾ شامل ٿيس. عام انسانو، مون اوھان سان پيار ڪيو ۽ خوش ٿيم جڏھن توھان پيار جي عيوض پيار ڪيو ۽ جڏھن توھان مون کي نہ سمجھندا ھئا، تڏھن مونکي ڏک ٿيندو ھو. جيڪڏھن مون ڪنھن کي ڏکوئيو آھي تہ مونکي معاف ڪجو. ڪنھن کي خوش ڪيو اٿم تہ وساري ڇڏجو. شل ڪابہ ڏک جھڙي ڳالھ منھنجي نالي سان لاڳو نہ ھجي. بابا، جيجل ماءُ، منھنجون ڀينرو، منھنجي زال گستينا ۽ اوھان ساٿيو، مون اوھان سڀني کي پيار ڪيو آھي ۽ اھا منھنجي آخري وصيت آھي. جيڪڏھن سمجھو ٿا تہ ڳوڙھا غم جي ڌڌڙ کي ڌوئي ڇڏيندا، تہ پوءِ ڀل رئو. پر ان تي افسوس نہ ڪريو. آئون خوشين لاءِ مران ٿو. جيڪڏھن توھان منھنجي قبر تي ڏک جو نشان وڌو تہ توھان مون سان بي انصافي ڪندؤ.
يوم مئي!
ھي اھا ساعت آھي جڏھن اسين شھر جي ڇيڙي تي گڏ ٿي پنھنجا جھنڊا تيار ڪندا ھئاسين ۽ پٽين تي نعرا لکندا ھئاسين. ھي وقت آھي جو ماسڪو ۾ يوم مئي جي پريڊ لاءِ گھٽين ۾ پھريون قطارون ٺھنديون ھيون. ۽ ھاڻي ھن مھل لکين ماڻھو انسان جي آزاديءَ لاءِ آخري جنگ وڙھي رھيا آھن. ان جدوجھد ۾ ھزارين سِر قربان ٿي رھيا آھن. آئون انھن مان ھڪ آھيان. انھن ماڻھن مان ھڪ ھجڻ، جيڪي ھن آخري لڙائي ۾ وڙھي رھيا آھن، ڪيڏي نہ عظيم ڳالھ آھي. پر موت ڪا سٺي ڳالھ نہ آھي. گھُٽ ٿي ٿئيم. ساھ کڻي نٿو سگھان. نڙيءَ ۾ کرٽو ٻڌان پيو، پنھنجي ساٿي قيدن کي بہ اٿاري سگھان ٿو. جيڪڏھن نڙي کي ٿوري پاڻيءَ سان آلو ڪري سگھان تہ ..... پر لوٽي ۾ پاڻي ڪونھي. مون کان فقط ڇھ قدم پري ڪال ڪوٺڙي جي ڪنڊ واري ڪاڪوس ۾ ڪافي پاڻي آھي، پر مون ۾ ايتري سگھ نہ آھي جو اتي پھچي سگھان. آئون پيٽ ڀر پاڻ گھليان ٿو، آھستي بلڪل آھستي، جھڙوڪ موت جو سڄو شان ان ۾ آھي تہ ڪنھن کي بہ نہ جاڳائجي. آئون پاڻ کي گھلي آيس ۽ ڪاوس جي تري مان پاڻي پيڻ لڳس.
خبر نہ آھي تہ ڪيتري دير پاڻي پيئندو رھيس. ياد نہ اٿم تہ ريڙھيون پائي واپس موٽڻ ۾ ڪيترو وقت لڳم. جڏھن وري ھوش وڃي پيو. پنھنجي ٻانھن تي نبض ڏسڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو. سگھ ڪانہ اٿم. دل نڙيءَ ۾ اچي ويئي آھي ۽ ھاڻي تيزيءَ سان گڏ ھيٺ پئي وڃي. آئون بہ ان سان گڏ ھيٺ پيو وڃان، تمام گھڻو ھيٺ. ھيٺ ويندي آئون اڃا بہ ڪارليڪ جو آواز ٻڌان ٿو: ”بابا، بابا، ٻڌين ٿو؟ ھن غريب جي پڇاڙي آھي.“
صبح جو ڊاڪٽر آيو.
اھو سڀ ڪجھ مون کي پوءِ معلوم ٿيو.
ڊاڪٽر تپاس ڪري پنھنجو ڪنڌ ڌوڻي تپاس واري ڪمري ۾ ويو ۽ ڪالھ منھنجي نالي ۾ موت جو جيڪو سرٽيفڪيٽ تيار ڪيو ھئائين، سو ڦاڙي ھڪ ماھر جي حيثيت ۾ فيصلو ڏنائين:
”گھوڙي جو بُت اٿس.“