جيل ڊائري

ڦاسيءَ جي ڇانوَ ۾

جولس فوچڪ کي جرمن فوجن گرفتار ڪري نازي ڪئمپ ۾ رکيو ۽ اتان جرمني کڻي ويا جتي ھن تي تشدد ڪيو ويو ۽ پوءِ موت جي سزا ملڻ کان پوءِ 8 سيپٽمبر 1943ع تي برلن ۾ ڦاسي ڏني ويئي.
ھيءَ ان سورھيہ سورمي جي جيل جي ڦاسيءَ گهاٽ ۾ گهاريل انھن گهڙين جو عڪس آھي جيڪي ھن جسماني طور تي چُڙي چُڙي گهاريون، پر ذھني طور تي ڦڙت ۽ نؤبنو رھيو ۽ زندگيءَ ڏانھن سندس رويو آخري گهڙيءَ تائين ھڪ ترقي پسند وارو رھيو.
جولس فوچڪ کي جسماني عذاب ڏيڻ ۽ ذھني طور ختم ڪرڻ ۾ دھشت جو ھر اھو طريقو ڪتب آندو ويو جنھن کان نازي واقف ھئا. پر جڏھين جولس فوچڪ جو جسم وڃي رڳو چَم ۽ ھڏ بچيو ھو ۽ فقط منجھس ساھ جي تند ھئي تڏھين بہ ھن ڪتاب جو سورمو ھنن ظالمن کان ذھني توڙي جسماني طور بلند ھو. نازين ھن کي ماري ڇڏيو، پر کيس ختم ڪري نہ سگهيا. جولس جي زنده لفظن ۾ سندس وفات نامو توھان جي اڳيان آھي. سندس پنھنجي وطن جي ماڻھن سان پيار ۽ منجهن عقيدي جي اظھار جو ھر لفظ موت جي پاڇي ۾ لکيو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 387
  • 166
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جولس فوچڪ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڦاسيءَ جي ڇانوَ ۾

باب اٺون: تاريخ جو ھڪ حصو

۱۹ جون ۱۹۴۳.
منھنجي ڪوٺيءَ جي سامھو پٽو ٽنگيو پيو آھي. منھنجو پٽو _ سفر جي نشاني! اڄ رات ھو مونکي مقدمي ھلائڻ جي سلسلي ۾ جرمني وٺي ويندا.
بکايل وقت، منھنجي زندگيءَ جي لمحن جو آخري حصو، ختم ڪري رھيو آھي. پانڪريڪ ۾ ۴۱۱ ڏينھن تيزيءَ سان غير محسوس نموني گذري چڪا آھن. اڃا ڪيترا ڏينھن بچيل اٿم؟ ۽ ڪٿي؟ ۽ ڪھڙي قسم جا ڏينھن؟ سا خبر نہ آھي.
شايد مون کي ھن نموني ڏينھن جي باري ۾ لکڻ جو موقعو نہ ملي. سو، ھيءَ منھنجي آخري شاھدي آھي. تاريخ جو ھڪ حصو جنھن جو ظاھر آھي تہ آءٌ آخري زندھ شاھد آھيان.
فيبروري ۱۹۴۱ ۾ چيڪوسليويڪيا جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪاميٽي ان محفوظ رکيل ليڊرشپ سميت، جنھن کي ھھڙي ڏکئي وقت لاءِ پاسيرو رکيو ويو ھو، گرفتار ٿي وئي. اڃا تائين پوري طرح اھو پتو پئجي نہ سگهيو آھي تہ پارٽي کي ھھڙو موتمار ڌڪ ڪيئن لڳو؟ شايد ھڪ ڏينھن اچي، جڏھن گيستاپو جا آفيسر کانئن ٿيڻ واري آڏي پڇا جي موقعي تي، ھن مسئلي تي ڪا روشني وجهن. معاملي جي تھ تائين وڃڻ لاءِ منھنجون سموريون ڪوششون ان وقت بہ بيڪار ثابت ٿيون ھيون، جڏھن آءٌ پاڻ ھوئيسر بيترا ۾ ھوس. ان ۾ شڪ ڪونھي تہ اھو حادثو ڪنھن غداري جي نتيجي طور ٿيو، پر ان ۾ ھڪ حد تائين بي احتياطي بہ سبب بڻي ھئي. ٻن سالن تائين ڪاميابيءَ سان زير زمين ڪم ڪرڻ جي نتيجي طور اڪثر ساٿي ضرورت کان وڌيڪ خود اعتمادي سببان، چوڪسي ۽ خبرداري جي معاملي ۾ ڍلا ٿي ويا ھئا. زير زمين تحريڪ وسيع ٿي وئي ھئي. روز بروز نوان ساٿي ان ۾ شريڪ ٿي رھيا ھئا، جن ۾ ڪي اھڙا بہ ھئا، جن کي ڪنھن ٻئي مقد خاطر پاسيرو رکڻ گهربو ھو. لٽريچر جي ڇپائيءَ جا ۽ ٻيا ڪم گهڻو وڌي ويا ھئا ۽ اھڙي حالت ۾ ھئا جو انھن تي ضابطو رکڻ ڏکيو ٿي پيو ھو. پارٽيءَ جي ھيڊ ڪوارٽر تي حملي لاءِ گهڻي وقت کان تياري ڪئي وئي ھئي ۽ حملو ان وقت ڪيو ويو ھو، جڏھن سوويت يونين تي حملي جي تياري مڪمل ٿي چڪي ھئي. اول تہ مون کي گرفتارين جي انداز جو پتو ئي ڪونہ ھو. مون دستوري لاڳاپن قائم ٿيڻ جو بيڪار انتظار ڪيو. مھيني کان پوءِ اھا ڳالھ بلڪل ظاھرٿي وئي تہ، تمام وڏو حادثو ٿيو آھي ۽ مون کي لاڳاپن قائم ٿيڻ جو انتظار نہ ڪرڻ کپي. بھرحال پوءِ بہ مون لاڳاپن قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻين بہ ائين ڪيو.
پھريون شخص جنھن کي آئون ڳولي سگهيس سو ھو ھنزا وسڪوسل، بوھيما جي مرڪزي پارٽي جو اڳواڻ. ھو سرگرم ماڻھو ھو ۽ روزي پراوو لاءِ ڪجهہ مواد تيار ڪيو ھئائين تہ جيئن پارٽي جي مرڪزي اخبار جاري رھي. مون ايڊيٽوريل لکيو پر پوءِ اسان اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو تہ اھو سڀ مواد يوم مئي جي خاص نمبر طور شايع ڪجي. ڇوتہ رودي پراوو غير معمولي ايڊيشن طور اڳئي شايع ٿي چڪو ھو، ۽ ھاڻي گوريلا ڪاروائين جو دور شروع ٿي ويو ھو. پارٽي کي جيتوڻيڪ زبردست ڌڪ لڳو ھو، پر اھا ختم ٿي نہ سگهي. سوين نوان ساٿي انھن ذميدارين کڻڻ لاءِ ميدان ۾ آيا، جيڪي ٻيا ڇڏي ويا ھئا. مري ويلن جي جاءِ ڀرڻ لاءِ نوان محڪم ارادي وارا، مرد ۽ عورتون نڪري نروار ٿيا، جن پارٽي جي بنياد لڏڻ يا ان جي خاموش ٿي رھڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ان جي باوجود اھا حقيقت ھئي تہ پارٽيءَ جو مرڪز نہ ھو ۽ مرڪز کانسواءِ ھلندڙ گوريلا سرگرمين ۾ اھو خطرو ھو تہ ان فيصلہ ڪن موقعي تي، جڏھن سوويت يونين تي حملو ٿئي تہ گڏيل عمل جو اتحاد قائم ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو.
رودي پراوو ۾، جيڪو اڃا تائين مخفي نموني ۾ڇپجي رھيو ھو، تنھن مان اندازو لڳايو ويو تہ، ھي ڪم ڪنھن سياسي تجربيڪار جي ھٿ ۾ آھي. اسان جي يوم مئي وارو مخصوص پرچو، جيڪو سٺي نموني شايع ٿي سگهيو ٿي، سو اھڙو شايع نہ ٿي سگهيو. ڪيترن محسوس ڪيو ٿي تہ ان منجهہ ڪا اھڙي شخصيت سوالن جا جواب پيش ڪري رھي آھي، جنھن تي ڀروسو ڪري سگهجي ٿو. اسين سڀ ھڪ ٻئي جي پتي لڳائڻ ۾ مشغول ٿي وياسين.
اھا ڪوشش ھڪ گهاٽي ٻيلي ۾ ڪنھن ساٿيءَ جي ڳولڻ جي برابر ھئي. اسان کي ڪنھن مھل، ڄڻ ڪو آواز ٻڌڻ ۾ آيو ٿي ۽ اسان ان ڏس ۾ وڌياسين ٿي، تہ وري اوچتو ائين محسوس ٿيندو ھو تہ: ڄڻ آواز بلڪل ان جي پٺئين پاسي کان اچي رھيو آھي. ڳرن نقصانن سھڻ کان پوءِ سڄي پارٽي نھايت محتاط ۽ بيحد خبردار ٿي وئي ھئي. مرڪزي اداري جي ماڻھن کي جيڪڏھن ملڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي ھئي تہ ھنن کي بي انداز رڪاوٽن ۽ کوج لڳائڻ جي ترڪيبن جي بي انداز راھن مان لنگهڻو پوندو ھو، جي ھر ھڪ، ھڪ ٻئي جي خلاف قائم ڪيون ھيون _ جھڙيون ٻيا تعلق رکڻ وارا پڻ قائم ڪرڻ تي مجبور ھئا. اھا ڳولا ان سبب جي ڪري اڃا بہ وڌيڪ ڏکي ٿي پئي ھئي جو مون کي اھو پتو ڪونہ ھو تہ اڄ جي حالتن ۾ ڪھڙا ڪھڙا ساٿي اڃا ٻاھر کليل نموني رھن ٿا. ساڳئيءَ طرح ٻئي کي بہ اھو پتو ڪونہ ھو تہ ھو ڪنھن جي ڳولا ڪري رھيو آھي.
آخر اسان ھڪ ھمدرد شخص تائين پھتاسين، ھي ھو ڊاڪٽر ميلوس نيدو يد، ھڪ اعلي` شخصيت، جيڪو اسان جو پھريون لاڳاپو قائم ڪندڙ شخص بڻيو. ھن حالت ۾ بہ ھڪ حد تائين ڪنھن اتفاق ٿي پوڻ جو امڪان، بھرحال موجود ھو. ۱۹۴۱ جي جون جي وچ ڌاري آءٌ بيمار ٿي پيس. مون ليدا کي ڏانھس موڪليو تہ اچي منھنجي خبر وٺي. ھو ھڪدم بئڪس جي جاءِ تي آيو ۽ اسان جي لاءِ سموريون ڳالھيون صاف ٿي ويون. ھن کي اڳ ۾ ئي اھا ذميداري ڏني وئي ھئي تہ ”ٻئي شخص“ جو پتو لڳائڻ جي ڪوشش ڪري، پر کيس اھو خيال ئي ڪونہ ھو تہ اھو ڪو آءٌ ئي ھوس. ان جي برعڪس اڪثر ٻين ساٿين وانگر جيڪي زير زمين نہ ھئا، ھن کي بہ يقين ٿي چڪو ھو تہ آءٌ گرفتار ٿي ويو ھوس ۽ شايد منھنجو خاتمو بہ ٿي ويو آھي.
۲۲ جون ۱۹۴۱ تي ھٽلر سوويت يونين تي حملو ڪيو. ساڳئي ڏينھن شام جو ھنزا وسڪوسل ۽ مون گڏجي ھڪ ڪتابچو شايع ڪيو، جنھن ۾ اسان ھن حملي جي اھميت جي سمجهاڻي ڏني ھئي. ۳۰ جون تي منھنجي ھن شخص سان پھرين ملاقات ٿي، جنھن کي آءٌ ھيتري وقت کان ڳولي رھيو ھوس. ھو منھنجي طرفان مقرر ڪيل گهر ۾ پھچي ويو، ڇاڪاڻ تہ ھن کي اڳي اھا خبر ھئي تہ ڪنھن سان ملڻو آھي. مون کي اڃا ڪا خبر ڪانہ ھئي. اھا اونھاري جي ھڪ رات ھئي ۽ جاءِ جي کليل درين مان ٻاھر ڦولاريل وڻن جي ٻُور جي ھٻڪار اچي رھي ھئي. ھي وقت گويا محبت وارن جي ملاقات لاءِ موزون پئي لڳو. اسان دريون بند ڪري شيشن کي پردن سان ڍڪي ڇڏيو ۽ بجليءَ جو بٽڻ دٻائي ملاقات ڪئي سون ۽ قرب مان ڀاڪر پاتو سون _ ھي ھنزازيڪا ھو.
ان جي معني` تہ فيبروري ۱۹۴۱ واري حملي ۾ سڄي مرڪزي ڪاميٽي گرفتار نہ ٿي ھئي. زيڪا مرڪزي ڪاميٽيءَ جو ھڪڙو ئي ميمبر ھو جو بچي ويو ھو. آءٌ گهڻي عرصي کان ان جو واقف ھوس ۽ ھو مون کي گهڻو پسند ڪندو ھو، مگر منھنجي ھن سان پوري ڄاڻ سڃاڻ فقط ھاڻي ٿي، جڏھن اسان گڏ ڪم ڪرڻ لڳاسين. بدن ۾ ڀريل، ھميشه مشڪندڙ ۽ ھڪ بزرگ نما شخصيت، مگر ساڳئي وقت جفاڪش، اصولي ڳالھين تي نہ جهڪندڙ ۽ پارٽيءَ جي ڪم ۾ سخت محڪم مزاج ھوندو ھو. جيتري قدر ھن پنھنجي فرض ادائگين کان وڌيڪ پنھنجي ڪا ڄاڻ رکڻ ٿي چاھي. پارٽيءَ جي ڪم خاطر ھو پنھنجي ذاتي زندگي جي ھر شئي کي فراموش ڪري چڪو ھو. ھن جي کلي طرح عوام سان محبت ھئي ۽ اسان جو عوام بہ کيس سان محبت ڪندو ھو، پر ڪڏھن بہ ھن عوام جي خوشنودي حاصل ڪرڻ خاطر، سندن غلطين کي نظرانداز ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪئي.
چند منٽن اندر اسين ھڪ ٻئي کي سمجهڻ لڳي وياسون ۽ ڪجهہ ڏينھن بعد منھنجي پارٽي ليڊرشپ جي ھڪ ٽئين ميمبر ھونزا سيرني سان بہ واقفيت ٿي، جيڪو گذريل مئي کان زيڪا سان لاڳاپي ۾ ھو. قداور، خوش شڪل جوان، ۽ ماڻھن سان لاڳاپي ۾، ۽ نھايت فراخدل ھو. ھو اسپين واري خانہ جنگي ۾ بھرو وٺي چڪو ھو ۽ اتان تازو جرمني جي رستي جنگ جي زماني ۾ لڪي ھتي پھتو ھو. ان وقت ھڪ گولي کيس سيني ۾ بہ لڳي ھئي. ھو ھميشه ھڪ فوجي سپاھي معلوم ٿيندو ھو. کيس زير زمين ڪم جو وسيع تجربو ھو. نھايت ھوشيار ۽ چست ھو.
مھينن جي مشڪلاتن سان ڀريل، ساندھ جدوجھد اسان کي ھڪ شاندار رفاقت ۾ ڳنڍي ڇڏيو ھو. اسين ٽيئي پنھنجي ڪردار ۾ صلاحيتن جي ڪري گويا ھڪ ٻئي جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ثابت ٿي رھيا ھئاسين. زيڪا ھڪ بھترين آرگنائيزر، حقيقت پسند ۽ ننڍن ننڍن تفصيلي معاملن ۾ اصولن کان ڪم وٺندڙ ۽ ڪڏھن بہ جلد نتيجي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پوڻ کان پري. ھر خبر جي گھراين ۾ پھچڻ جي ڪوشش ڪندو ھو. جيسين ھر ڳالھ جي تھ کي نہ پھچي وڃي، تيسين سڀني پھلوئن کان جائزو وٺڻ ھن جي عادت ھئي. فيصلن کي عملي جامي پھرائڻ جي سلسلي ۾ نھايت شفقت ۽ سختيءَ سان نظر رکندو ھو، ۽ سيرني، دشمن خلاف ھاڃيڪار سرگرمين ۽ ھٿياربند مقابلي جي تيارين جو ذميدار ھو. ھو ھميشه فوجي طرز، تي سوچيندو ھو. نيون کوجنائون ڪرڻ ۽ دليرانہ منصوبا تيار ڪرڻ وغيرھ. ھو بھادر، ڪڏھن نہ ٿڪجندڙ، سدائين خوش مزاج، ھميشه نون طريقن ۽ نون ماڻھن ھٿ ڪرڻ جي ڌن ۾ لڳل رھندو ھو. آءٌ پروپئگنڊا، تعليم، مضمون لکڻ، پنھنجي اندروني جذبن ۽ ڪي قدر تصورات تي ھلندڙ، ۽ پنھنجي تنقيدي عادت سبب ھميشه ھموار روش رکندو ھوس.
ذميدارين جي تقسيم دراصل ڪم جي تقسيم کان وڌيڪ فرض نڀائڻ جي تقسيم ھئي. اسان مان ھر ھڪ کي ھر ڳالھ ۾، جڏھن بہ ڪنھن ڳالھ جي ڇنڊ ڇاڻ جي ضرورت پوندي ھئي، تہ پنھنجي روءِ سوءِ معاملن کي طيء ڪرڻو پوندو ھو. اھو ڪو سولو ڪم نہ ھو. پارٽيءَ کي فيبروريءَ ۾ جيڪو ڌڪ لڳو، ان جو زخم اڃا پوري طرح ٺيڪ نہ ٿيو ھو. سمورا لاڳاپا ختم ٿي چڪا ھئا. ڪن ھنڌن تي سمورا محاذ ٽٽي ويا ھئا ۽ ڪن محاذن تي چڱيءَ طرح ڪم ھليو پئي. پر انھن تائين پھچڻ جو ڪوبہ رستو ڪونہ ھو. ڪيترين تنظيمن، ڪن ڪارخانن ۽ ڪن ھنڌن تي سڄن علائقن ۾ ھلندڙ ڪم ٺپ ٿي ويو ھو. مھينن تائين وري لاڳاپا قائم ٿي نہ سگهيا. اسان جو سمورو مدار مرڪز جي اخبار تي ھو ۽ اھا اميد ھئي تہ ھن اخبار جي مختلف ساٿين تائين پھچڻ بعد، کين پنھنجي جوابدارين بابت صحيح رھبري ملي سگهندي. اسان کي ھڪ ٻئي سان گڏجڻ لاءِ ڪي خاطريءَ جوڳيون جايون ڪونہ ھيون. پراڻيون جايون قابل استعمال نہ رھيون ھيون ۽ نيون جايون ڏينھون ڏينھن وڌيڪ خطرو محسوس ڪرائي رھيون ھيون. پئسا اصل ڪونہ ھئا. زير زمين ڪم ڪندڙ ساٿين جي خوراڪ جو بندوبست بيحد مشڪل ھو. ان زماني ۾ راشن جا ڪوپن فقط انھن ماڻھن کي ملندا ھئا جن وٽ پوليس جو ”شناخت نامو“ ھجي ۽ جيڪي قانوني طرح ڪنھن روزگار ۾ لڳل ھجن. ڪيتريون ئي ڳالھيون بلڪل ابتدائي درجي کان شروع ڪرڻيون پيون. ھي سڀ اھڙي وقت ۾ ڪرڻو ٿي پيو، جڏھن پارٽي رڳو پنھنجي تعمير ۽ تياري تائين پاڻ کي محدود رکي ٿي سگهي. ھي اھو وقت ھو جڏھن سويت يونين تي حملو ٿي چڪو ھو ۽ پارٽيءَ کي جدوجھد ۾ سڌيءَ طرح بھرو وٺڻو ھو. قابض جرمن حڪمرانن خلاف گهرو محاذ کڙو ڪرڻو ھو ۽ سندن خلاف ننڍي پيماني تي ھڪ اھڙي جنگ جوٽڻي ھئي، جنھن ۾ نہ رڳو پارٽيءَ جي، پر پنھنجي سڄيءَ قوم جي، قوت کي ميدان ۾ آڻڻو ھو. تياريءَ وارن سالن ۱۹۳۹ _ ۱۹۴۱ واري زماني ۾، پارٽي نھايت مخفي ۽ زير زمين ھئي _ اھا نہ رڳو جرمن پوليس کان پر ڪجهہ پنھنجي قوم کان بہ مخفي رکڻي ھئي. ھينئر ڳرن نقصانن برداشت ڪرڻ کان پوءِ، قبضو ڪندڙن خلاف نہ رڳو پنھنجو زير زمين ڪم محڪم ڪرڻو ھو. پر ان کي ڪاميابيءَ جي حد تائين بہ وٺي وڃڻو ھو. ساڳئي وقت ان سان جيتري قدر پنھنجي قوم جو واسطو آھي، تہ اھڙيءَ حالت ۾ ظاھر ظھور ميدان ۾ اچڻو ھو. ان کي غير پارٽي وارن سان بہ تعلق پيدا ڪرڻو ھو ۽ سڄيءَ قوم تائين پھچڻو ھو. ھر انھيءَ ماڻھوءَ سان ڳالھيون ڪرڻ ضروري ھيون، جيڪو آزاديءَ لاءِ لڙڻ واسطي تيار ٿئي. ۽ اھي ماڻھو جيڪي ڪي قدر ھٻڪي رھيا ھئا، تن کي فيصلہ ڪن لڙائيءَ ۾ سرگرم بڻائڻو ھو.
سيپٽمبر ۱۹۴۱ع جي شروع واري زماني ۾، پھريون دفعو، اسان ائين چئي سگهياسين تہ ھڪ ننڍڙو، پر مضبوط ۽ منظم مرڪز قائم ڪري ورتو ھؤسون. جيتوڻيڪ اڃان اسان پنھنجي ڇڙوڇڙ پارٽيءَ کي وري بحال ڪرڻ لاءِ ڪافي پوئتي ھئاسون، پر ان جي باوجود ھڪ اھڙو مرڪز قائم ٿي چڪو ھؤ، جيڪو ڪجهہ وڏين ذميدارين کي منھن ڏئي سگهيو ٿي. قومي تحريڪ ۾ پارٽيءَ جو اثر بلڪل ظاھر ھو. ڏينھون ڏينھن ھاڃيڪار سرگرميون وڌيل ھيون ۽ ڪارخانن ۾ ھڙتالون زور وٺنديون ٿي ويون. سيپٽمبر جي آخر ۾ نازين ھيڊرڪ کي، اسان جي ملڪ تي حڪمران ٿاڦيو.
مارشل لا جو پھريون دور وڌندڙ سرگرم مقابلي کي ختم ڪري نہ سگهيو، پر ان دور ۾ ڪجهہ ڪم ڍرو بہ ٿي ويو ۽ پارٽي کي نوان زخم پڻ رسيا. پراگ واري علائقي ۽ نوجوانن جي تنظيم تي ان جو وڏو اثر پيو. نوان آيل ساٿي، جيڪي پارٽيءَ لاءِ انتھائي ڪارآمد ھئا، جھڙوڪ جان ڪريسي، استانڪل، ميلوس ڪراسني ۽ ٻيا گرفتار ٿي ويا ھئا.
انھيءَ ڌڪ لڳڻ کان پوءِ چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ اچي رھيو ھو تہ پارٽي ڪڏھن بہ ختم ٿي سگهي ٿي. جيڪڏھن ڪو مجاھد ڌڪ کائي ڪريو ٿي تہ ھڪ نہ، پر ٻہ ٽي نوان ساٿي ، ان جي جاءِ والارڻ لاءِ، پھچي ٿي ويا. نئين سال ۾ اسان ڏٺو تہ پارٽي تنظيم، چڱو واڌارو ڪري چڪي ھئي. جيتوڻيڪ اڃا فيبروري ۱۹۴۱ع واري وسعت تي نہ پھتي ھئي. پر پوءِ بہ فيصلہ ڪن مقابلن ۾ پنھنجي ذميدارين کي منھن ڏيڻ جھڙي ٿي چڪي ھئي. اسان سڀني پاڻ تي ڪم ورھائي کنيو ھو، پر سڀ کان وڌيڪ ڪم جو حصو ھنزا زيڪا جي حوالي ھو.
پريس جي وسيلي ايترو ڪم ڪيو ويو ھو، جو ان جي بيان ڪرڻ جي ضرورت ڪانھي. ھن باري ۾ رفيقن جي مخفي ڪاغذن سانڍي رکڻ جي ھنڌن ۽ زير زمين اڏن مان گهڻو ڪري ڪافي مواد ملي ويندو ھو.
اسان جون اخبارون وڏي تعداد ۾ تقسيم ٿينديون ھيون ۽ نہ رڳو پارٽيءَ ۾ ، پر پارٽيءَ کان ٻاھريان ماڻھو بہ پڙھندا ھئا. اھي مختلف زير زمين ڪارناما سائيڪلو اسٽائيل مشينن ذريعي ھڪ ٻئي کان بلڪل پري ۽ جدا جدا ھنڌن تي ھوندا ھئا، ۽ وڏي تعداد ۾ اخبارون شايع ڪيون ونيديون ھيون. ڪي اخبارون پريسن ۾ بہ ڇپايون وينديون ھيون. حالتن جي ضرورت مطابق اخبارون جلد تيار ڪري، تيزيءَ سان تقسيم ڪيون وينديون ھيون. مثال طور ڪامريڊ اسٽالن ۲۳ فيبروري ۱۹۴۲ع تي فوج ڏانھن جيڪو پيغام جاري ڪيو ھو، ۲۴ فيبروري تي شام جو اسان جي پڙھندڙن کي پھچي چڪو ھو.
فوچڪ ۱۹۲۹ع ۾ ”رودي پراوو“ اخبار جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ مقرر ڪيو ويو. وري ۱۹۳۲ع ۾، اتر بوھيما جي کاڻين ۾ مزدورن جي ھڙتال جون خبرون موڪليندو رھيو. انھن ھڙتالن واري عرصي ۾ ھڪ زير زمين اخبار ”دي اسٽرائيڪ“ نالي سان شروع ڪئي ھئائين. ھن جي لکڻين تي بندش وڌي ويئي ھئي، انھيءَ ڪري ھن فرضي نالي سان لکڻ شروع ڪيو ھو.
ھتي ھيءَ ڳالھ سمجهائڻ ضروري آھي تہ جنگ کان اڳ چيڪوسلاويڪيا ۾، سياسي مضمونن ۽ خبرن تي پريس سينسرشپ تمام سخت ھئي. ڪميونسٽ اخبار ”رودي پراوو“ اڪثر ڪري سينسر جو شڪار ٿيندي ھئي ۽ ڪڏھن ڪڏھن تہ ان اخبار جا ڪيترا ڪالم ڪاري بارڊر سان پڻ ڇپبا ھئا. ڪيترن موقعن تي اختياريءَ وارا اخبار جو ڪاپيون پريس مان نڪرڻ شرط ضبط ڪري ڇڏيندا ھئا.
۱۹۳۰ع ۾، فوچڪ پھريون دفعو سوويت يونين جي دوري تي ويو. جيئن تہ چيڪو سلاويڪيا، سوويت يونين کي تسليم ڪرڻ کان لاڳيتو انڪار پئي ڪيو، تنھن ڪري فوچڪ ۽ سندس چار ساٿي لڪ چوريءَ جرمنيءَ مان لنگهي، ٻيڙيءَ رستي لينن گراڊ پھتا. ھن پنھنجي انھيءَ سفر جو پرجوش داستان ”ان ديس ۾، جتي `سڀاڻو`اڳئي `ڪالھ` ٿي ويو آھي“ نالي ڪتاب ۾، ڏنو آھي. ھن ڪتاب جي شروعات سج جي اڀرڻ واري منظر سان ٿئي ٿي:
”اپريل ۱۹۳۰ع جي بھار جي موسم ۽ آچر جو ڏينھن آھي. انھيءَ ڏينھن تي ماڻھو شھر کان ٻاھر گهمڻ جو انتظاار ڪندا آھن. دريءَ مان سج جي روشني لنگهي اچي، اکين جا پنبڻ کوليا آھن، جن کي آرام واري رات نہ ملي ھئي. سڄي رات ڪچي ننڊ ۾ خواب ڏسندو رھيس.“
”پراگ جي اسٽيشن تي، ھزارين ماڻھن جو ميڙ آھي. ٿوريءَ ٿوريءَ دير کان پوءِ گاڏيءَ جي ڊگهي لائين پليٽفارم کي ڇھندي، سوين ماڻھن کي ٻيلن ۽ دريائن ڏانھن کڻي وڃي رھي ھئي. اسين جلدي جلدي پھچي ويل، بي انداز خوشين ۽ ھل ھنگامي سان ڀريل بھار واري دلفريب ماحول ۾، بلڪل گم ٿي ويا آھيون. اسان کي فقط، اھا ئي شيءِ گهربي ھئي _ ھزارن جي انبوھ ۾ اسين پنج بہ شامل ٿي ويا آھيون.......“
”پنھنجي ملڪ مان لڪ چوريءَ سوويت يونين ڏانھن ويندي، وڏي ڏوھ جو ڪم ڪري رھيا آھيون.“
”اسان جي ھن سفر جي پڄاڻيءَ تي اڳين ٻيلن کان بہ وڌيڪ گهاٽا ٻيلا موجود آھن، جن ۾ اسين روز گهمڻ ويندا آھيون ۽ اسان جي ملڪ جي دريائن کان ھتي وڌيڪ ويڪرا درياءَ آھن. ھتي پراڻن قلعن ۽ محلاتن کان وڌيڪ وڏيون ۽ مضبوط عمارتون موجود آھن. اھو ديس، جنھن ڏانھن وڃڻ اسان جي ملڪ جي قانون، ھڪ وڏي جبل جي چوٽي سَر ڪرڻ کان بہ وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آھي.“
”اسين سوويت يونين ڏانھن وڃي رھيا آھيون ۽ اسان وٽ پاسپورٽ بہ موجود نہ آھن.“
جولس فوچڪ سوويت يونين ۾ تمام گهڻو گهميو ۽ گهمندي گهمندي وڃي چين جي سرحدن کي پھتو. ھن ھر ھنڌ ائين محسوس ڪيو تہ ڄڻ ھو پنھنجي ئي ديس ۾ گهمي رھيو آھي. ھڪ اخبار نويس جي حيثيت ۾ ، کيس زندگيءَ جا ڏاڍا ڏکيا ڏينھن ڏسڻا پيا، تنھن ڪري اھا عجب جي ڳالھ نہ آھي تہ ھن گستينا کي (جنھن سان پوءِ شادي ڪيائين) ھڪ خط ۾ لکيو تہ ”مون پنھنجي زندگيءَ ۾ پاڻ کي ھن کان اڳ ڪڏھن بہ ايترو آزاد محسوس نہ ڪيو آھي.“
چئن مھينن کان پوءِ فوچڪ چيڪوسلاويڪيا موٽي آيو، ۽ ھڪدم سياسي سرگرمين ۾ بھرو وٺڻ لڳو _ ھو نہ فقط بي شمار مسئلن ۽ سوالن تي سياسي نموني جا مضمون لکندو رھيو، پر ڪيترين اخبارن ۽ رسالن جي ايڊٽ بہ ڪندو رھيو. ھن کي ھينئر ڳالھائڻ لاءِ ھڪ ٻيو موضوع بہ ملي چڪو ھو. فوچڪ ڪابہ ڳالھ اڌوري نہ ڪندو ھو. گستا جي، رڪارڊ پٽاندر، سرڪاري پابنديءَ ھوندي بہ فوچڪ ھڪ سال ۾ سوويت يونين بابت ۳۷۰ تقريرون ڪيون. انھيءَ عرصي ۾ ھو چار دفعا گرفتار ٿيو ۽ ڪيترا ڏينھن جيل ۾ بند رھيو. ھڪ ڀيرو کيس سوويت يونين جي فائدي ۾ ڳالھائڻ تي گرفتار ڪيو ويو، جيتوڻيڪ اھڙو ڪوبہ ثبوت ڪونہ ھو، جو انھن ڪيل تقريرن مان اھو اندازو لڳائجي تہ ھو لڪ چوريءَ روس مان ٿي آيو آھي.
جڏھن سوويت يونين بابت فوچڪ جو ڪتاب ڇپجڻ لاءِ پريس ۾ ويو، تڏھن سينسرشپ وارن حڪم ڪيو تہ انھيءَ ڪتاب مان اھي ٽي صفحا ڪڍيا وڃن، جن ۾ ڪتاب لکندڙ ”بيروزگاريءَ کان پاڪ سر زمين (روس) ۽ چيڪوسلاويڪيا“، بابت پنھنجا تاثرات بيان ڪيا آھن. ۱۵ سال پوءِ اھو ڪتاب جڏھن ٻيھر ڇپيو، تڏھن اھي ٽي خارج ڪيل صفحا شامل ڪيا ويا. انھن ٽنھي صفحن مان چيڪوسلاويڪيا بابت سندس ڪجهہ اقتباس ھيٺ ڏجن ٿا:
”روزگار ڏياريندڙ آفيس ۾ روزانو ڪيترا مزدور بيٺل نظر ايندا آھن. ھو صبح جو مزدوريءَ جي ڳولا ۾ ھت ايندا آھن ۽ جيسين ڪو پورھيو ملين، تيسين سندن گوڙ ۽ بکايل چھرا، ھڪ حساس ماڻھوءَ جي اندر ۾ گهرا وَڍ وجهي ڇڏيندا آھن. ڪلاڪن جا ڪلاڪ انتظار ڪندي، غربت ۽ مايوسيءَ جا مٿانئن ڄڻ پھاڙ ڪري پوندا آھن. آخر دري بند ڪئي ويندي آھي ۽ مزدورن کي ائين چئي ھٽايو ويندو آھي تہ ”ڪوبہ ڪم ڪونھي.“ سڄي ڏينھن جي انتظار کان پوءِ اھي لفظ، مزدورن جي دل ۾ ڀالن جيان گهڙي ويندا آھن. ۽ پوءِ بيشمار پورھيت بکئي پيٽ ڀرڻ خاطر پنھنجي قوت وڪرو ڪرڻ لاءَ ڪا واھ نہ ڏسي، شام جو پراگ جي محلاتن وارين روشن گهٽين مان واپس موٽندي، پنندا ويندا آھن، تہ جيئن ٻہ چار ڏوڪڙ پني پنھنجي ٻچڙن لاءِ ڪو سڪل ۽ پاروٿو نان وٺي کڻي وڃن.“
”مون ريلوي اسٽيشن جي ڏاڪڻين تي بہ بي روزگار مزدور بيٺل ڏٺا. انھن ڏاڪڻين تي آزاديءَ جا دلفريب نعرا تختين تي لکيل ۽ ٽنگيل ھئا. اھي مزدور ڪمين وانگر، پنھنجن ننڍڙن ڪوٽن ۾ سرديءَ کان بچڻ لاءِ ڪرونڊڙا ٿيا پيا ھئا. سندن وات مان ٻاف نڪري رھي ھئي. ڏاڪڻ جي آخري دڪن تي ستل، مزدورن جي پيرن وٽ ڇت تان مينھن جو پاڻي ٽمي رھيو ھو . پوليس وارا پنھنجن وڏن بوٽن سان ڪڙڪيدار آواز ۾ اچ وڃ ڪري رھيا ھئا ۽ مزدورن ڏانھن ڪو ڌيان ئي نٿي ڇڪيو _ ملڪ جا جيل اڳي ئي ماڻھن سان ڀريا پيا ھئا *(ھت فيوچڪ جي ذھن شايد پراگ جي مسارڪ ۽ ولسن اسٽيشن جو بيان ڪيو آھي، پر ھن احتياط طور نالا نہ لکيا آھن.)
”مون ھڪ ھنڌ چئن ماڻھن جا جنازا ڏٺا. کاڻين واري علائقي جي گهٽين مان ھزارين ماڻھو مارچ ڪندا ٿي ويا. برف سندن پيرن وٽ ڪري رھي ھئي، جنھن ڪري سندن ھلڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ ئي ڪين ٿي آيو. مطلب تہ اکين سان تہ سڀ ڪجھ ڏسي سگهجي ٿي، پر پھچڻ لاءِ ڪجهہ بہ نہ! اھڙيءَ طرح، ھزارين اڳتي وڌندڙ ماڻھو بلڪل خاموش ۽ بي زبان ھئا. انسانيت جو ھيءُ اٿاھ سمنڊ اھڙي حوصلي، ھمت ۽ يقين سان اڳتي وڌڻ کپي، جو ٻين پاڻ جھڙن کي گڏ وٺي ھلندي، دشمنن جي دلين کي ڏڪائي ڇڏي ۽ گڏو گڏ اڳتي وڌندي، پنھنجي ھمسفرن جي دلين ۾ بدلي وٺڻ جي تڙپ پيدا ڪري.“
فوچڪ کي ٻہ دفعا فوجي سروس لاءِ سڏايو ويو، پر ھر دفعي سندس موجودگيءَ، اختياريءَ وارن جي دلين کي ڇرڪائي ٿي ڇڏيو. پھرئين دفعي فوج ۾ فقط ھڪ مھينو رھائي، پوءِ کيس اڻ ڄاڻايل مدي تائين موڪل ڏني ويئي. ٻئي دفعي کيس ضروري فوجي تربيت کان روڪيو ويو ۽ ٿوري ٿوري وقت کان پوءِ کيس ھڪ مرڪز کان ٻئي مرڪز ڏانھن موڪليو ٿي ويو، تہ جيئن سندس انقلابي شعور جو ٻين تي اثر نہ پوي.
ھن ڊسمبر ۱۹۳۳ع ۾ لکيو، تہ ”مون کي ھڪ ئي وقت گهڻن فوجين سان ملڻ، ۽ غير فوجي لباس ۾ ساڻن ڳالھائڻ نٿو ڏنو وڃي ۽ نڪي مون کي انھن ھنڌن ڏانھن وڃڻ جي اجازت آھي، جتي سپاھي عام طور گڏبا آھن. مون کي انھيءَ ڳالھ ٻڌائڻ جي بہ اجازت نہ آھي تہ آءٌ ڪنھن وقت ’رودي پراوو‘ اخبار جو ايڊيٽر ھوس، ۽ نڪي وري پنھنجي ڌنڌي بابت ڪجهہ ٻڌائڻ جي ڪا اجازت ھيم.“
ملٽري سروس مان ڊسمس ٿيڻ وقت جڏھين اڃا ھو فوجي بئرڪن کان ٻاھر ئي مس نڪتو، تہ کيس ھڪدم گرفتار ڪري، پوليس جي حوالي ڪيو ويو. ھو عام ڏوھاريءَ وانگيان فوٽو ڪڍي، کيس پانڪريڪ جي ھڪ ڪورٽ ۾ آندو ويو. پر بحث ڪرڻ ۾ ماھر ھئڻ ڪري، ھو انھيءَ سازش مان ڇٽي ويو. ھن پوءِ وري پنھنجي اخبارنويسي شروع ڪئي، پر ھاڻي ھو زير زمين رھڻ لڳو ۽ ھڪ گمنام نالي سان ڪيترن مضمونن ۾ کليو کلايو پنھنجو سياسي نقطہء نظر بيان ڪندو رھيو.
جنوري ۱۹۳۲ع ۾، سندس شايع ٿيل ھڪ مضمون جا ڪي خاص ٽُڪرا ھيٺ ڏجن ٿا، جن مان اسان کي سندس عوام دوستيءَ، اعلي`حوصلي ۽ عظيم جذبي جي پروڙ پئي ٿي.
”اسين پنھنجي ديس سان ججهو پيار ٿا ڪريون، ان ڪري اسان کان اِھو ڪڏھن بہ سَٺو ڪين ٿيندو، تہ ان جا لکين رھواسي ڏکيا ۽ بکيا رھن. اسان کي پنھنجي وطن سان اڻ مئي محبت آھي، انھيءَ ڪري، اھڙي صورتحال ڪڏھن بہ ڏسڻ گوارا ڪين ڪنداسين، تہ فقط آڱرين تي ڳڻڻ جيترا پيٽ ڀريا، دولت ۽ اقتدار جا مالڪ، غريبن جي وڏيءَ اڪثريت کي لٽين ۽ ڦرين ۽ مٿن اڻ ڳڻيا ظلم ڪن.
”اسان کي پنھنجو وطن عزيز آھي، ان ڪري اسان اھو ڏسڻ نٿا گهرون تہ اسان جو وطن ٻين قومن تي ظلم ڪري ۽ ٻيون قومون انھيءَ سببان کانئس نفرت ڪن. اسين پنھنجي ديس جي ڌرتيءَ سان پيار ٿا ڪريون، انھيءَ ڪري، ان کي آزاد ڏسڻ گهرون ٿا. اسين پنھنجي وطن سان پيار ٿا ڪريون، انھيءَ ڪري، وطن جي گهڻائيءَ وارن محڪوم ماڻھن جي آزاديءَ لاءِ وڙھي رھيا آھيون.“
”انھيءَ محبت لاءِ اسان کي وڏيون قربانيون ڏيڻيون پون ٿيون.“
”اسان کي پنھنجي ديس سان محبت آھي، ان ڪري اسين ڪميونسٽ آھيون.“
” جھڙيءَ ريت اسين چيڪ عوام سان محبت ڪريون ٿا، اھڙيءَ ريت اسان کي چيڪ قوم جي ڦرلٽ ڪندڙن کان دلي نفرت آھي. اسين چيڪ قوم جي انھن سڀني مفت خور ظالمن کان نفرت ڪريون ٿا، جيڪي قوم جي وڏيءَ اڪثريت جي پورھئي تي پلجن ٿا. اسان انھن ماڻھن کان بہ نفرت ڪريون ٿا، جيڪي پورھيو ڪندڙن کي دٻائڻ ۾ ظالم طبقي کي (مالي، عملي ۽ قلمي) مدد ڪن ٿا.“
فوچڪ اھو مضمون ان وقت لکيو، جڏھن چيڪ اختياريءَ وارن کيس پانڪريڪ جيل ۾ چئن مھينن لاءِ نظربند ڪيو ھو.
انھن مٿين ٽڪرن پيش ڪرڻ کان پوءِ فوچڪ جي ھڪ لکت، ”جيل جي ياداشت“، مان ڪي سٽون فوري دل تي تري آيون آھن، جيڪي ھن نازين جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ حياتيءَ جا ڏکيا ڏينھن ڪٽيندي قلمبند ڪيون آھن:
”پانڪريڪ جي ھن ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ مون اڳ ڪيتري نہ جدوجھد ڪئي ھئي!
”شايد ھن ئي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ پھريون ڀيرو منھنجي اڳيان چيڪ قوم جي بھبوديءَ لاءِ چيڪوسلواڪيا جي مڙني سرمائيدارن کي تباھ ڪرڻ واريءَ پاليسيءَ مرتب ڪرڻ جا يقين جوڳا نتيجا ظاھر ٿيا ھئا. ھن وقت جڏھن ھو منھنجي ديس کي ڦاسي ڏيئي رھيا آھن، اُن وقت ڪال ڪوٺڙيءَ جي ٻاھران جرمن فوجي پھرو ڏيئي رھيا آھن ۽ ٻاھران ڪنھن ھنڌ، وقت جون انڌيون سياسي قوتون ھڪ ڀيرو وري غداريءَ جو ڄار پکيڙي رھيون آھن. انسان ذات کي مجموعي طور اکين پٽڻ ۾ الائي ڪيتريون صديون کپن ۽ اڳتي وڃڻ لاءِ انسانيت کي بہ معلوم ڪيترين ڪال ڪوٺڙين ۾ ٻوساٽجڻو آھي _ ۽ نہ معلوم الاءِ ڪيترن ساٿين ۽ انسان دوستن کي ھت اچي ۽ عذاب ڀوڳڻو آھي.“
۱۹۳۰ع کان وٺي فلسطائين ڪيترن ئي ملڪن ۾ زور ورتو. چيڪوسلاويڪيا جي ھڪ پاڙيسري ملڪ، جرمنيءَ ۾ فلسطائين جو زور ٻين سڀني کان وڌيڪ ھو: فوچڪ لاءِ فلسطائين خلاف جدوجھد جيئن پوءِ تيئن وقت جي اھم ضرورت ٿيندي ويئي. امن ۽ اتحاد قائم ڪرڻ فلسطائين جي موت لاءِ بيحد ضروري آھي.
ھو پنھنجي پوريءَ قوت سان ان جدوجھد ۾ شامل ٿيو. اھا سندس وڏي خوبي ھئي. جرمنيءَ جي سر زمين بابت صحيح معلومات گڏ ڪرڻ لاءِ ھو انتھائي خطرناڪ وقت ۾، لڪ چوريءَ سرحد پار ڪري، ميونخ پھچي ويو. ھيءُ اُھو وقت ھو جڏھن ھٽلر خود پنھنجي پٺڀرائي ڪندڙن توڙي ٻين کي بنا ڪنھن ثبوت جي عام جام ڦاسيون ڏياري ڇڏيون ھيون.
۱۹۳۴ع ۾، فوچڪ جي گرفتاريءَ جي وارنٽ جاري ٿيڻ کان سگهوئي پوءِ، ھو ٻيو ڀيرو سوويت يونين جي سفر تي ھليو ويو. سندس انھيءَ دوري بابت ”روسي پراوو“ چار سال اڳ واري سفر کان پوءِ سوويت يونين ۾ تبديليون آيون ھيون، تن ھن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو ھو.
۱۹۳٦ع ۾ چيڪوسلواڪيا واپس موٽڻ کان پوءِ، فوچڪ نازي جرمنيءَ جي وڌندڙ خطري خلاف زبردست جدوجھد جاري رکي. مسلسل ڪوششن جي باوجود، چيڪوسلواڪيا ڏينھون ڏينھن تباھيءَ طرف وڃي رھيو ھو. ميونخ واري معاھدي جا ڏينھن ويجهو اچي رھيا ھئا. سڄي چيڪوسلواڪيا ۾ زبردست جلسا ۽ جلوس نڪتا، جن ۾ ھزارين ماڻھن بھرو ورتو.
۳۱ سيپٽمبر ۱۹۳۸ع تي پراگ ۾ پارليامينٽ جي ٻاھران وڏو مظاھرو ٿيو. ان ۾ فوچڪ زبردست تقرير ڪئي. ٽن ڏينھن کان پوءِ عام لام بنديءَ جو اعلان ڪيو ويو ھو. فوچڪ پاڻ کي فوج ۾ ڀرتي ڪرايو، پر وريو ڪجهہ بہ ڪين؛ ڇاڪاڻ تہ جنھن ڏينھن بعد چيڪوسلواڪيا حڪومت، ميونخ معاھدن قبول ڪرڻ تي مجبور ٿي ۽ ھٽلر چيڪوسلواڪيا کي ھضم ڪرڻ لاءِ ھٿ ڌوئي لڳو.
ميونخ جي معاھدي کان پوءِ سموريون ڪميونسٽ اخبارون بند ڪيون ويون ۽ پارٽيءَ کي ختم ڪيو ويو. سيپٽمبر کان پوءِ وارن، ڇھن مھينن ۾، جيسين نازين اڃا سڄي ملڪ تي قبضو ڪين ڪيو ھو، تيسين فوچڪ ھڪ فرضي نالي سان نازين خلاف لکندو ھو. سندس مقصد ھيءُ ھو تہ جيئن پنھنجي قوم کي ايندڙ تباھيءَ کان خبردار ڪري ھن چيڪوسلواڪيا جي ماضيءَ ۽ ان جي تاريخ جي عظمت تي ھن گهڻو زور ڏنو ھو. ھو پنھنجي ھم مضمون ۾ لکي ٿو ٿو تہ ”جڏھن ڪنھن ملڪ ۾ قوم اڳيان ڏکيو وقت ايندو آھي، تڏھن ھو گذريل تاريخ ڏانھن موٽندا آھن، تہ جيئن ان مان رھبري، ھمت ۽ حوصلو حاصل ڪري سگهن. چيڪ قوم جي ماضيءَ ۾ بہ ناقابل شڪست قوتون ھميشه موجود رھيون آھن. قوم جي صحت مند بنيادن مان ھميشه اھڙا اعلي` حوصلي وارا ماڻھو اڀريا آھن، جن جي اعلي`نصب العين ھميشه سچ جو جهنڊو اوچو رکي پئي رھيو آھي. فوچڪ جو پنھنجيءَ چيڪ قوم ۾ پھاڙ جھڙو مضبوط ايمان ھو. ھڪ دفعي جڏھن ڪنھن اديب لکيو، تہ ”قوم جي اخلاقي قوت گهٽجي ويئي آھي،“ تڏھن فوچڪ پنھنجي قوم جي بچاءَ ۾ جواب ڏنو تہ: آءٌ چيڪ قوم کي چڱيءَ طرح سڃاڻان. ساڻس رھان ٿو ۽ ڪيترن سالن کان ان جي خوشين غمن، لڙڪن مرڪن ۽ اميدن ۽ ھمتن کان پوريءَ ريت واقف آھيان. قوم تي ھن وقت نازين جي جيڪا مصيبت نازل ٿي آھي، سا ڪيئن نہ منجهن باھ جا ڀنڀٽ ٻاريندي؟.... مون کي اڃا تائين اھڙا ماڻھو نہ مليا آھن، جيڪي نا اميد ھجن، يا جن جي وطني ۽ قومي غيرت گهٽجي ويئي ھجي.....
”اسان کي ھيءَ ڳالھ نہ وسارڻ گهرجي تہ فرد ھڪ نازڪ ھستي آھي، جنھن جي عمر بہ ايڏي ڪا وڏي ڪانہ ھوندي آھي. انھيءَ ڪري ان کي شايد پنھنجي ديس جي تاريخ جو پتو نہ پوي ۽ ھو ان مان صحيح رھنمائي وٺي نہ سگهي. پر ٻئي طرف قوم ھڪ اھڙي ھستي آھي، جيڪا ھزارين سال زندھ رھي ٿي. قوم ھڪ دائمي ۽ جاندار وجود آھي، جنھن جي دماغ ۾ سندس ماضيءَ ۽ حال جا سمورا تجربا آھن ۽ جنھن جي رڳن ۾ وھندڙ رت ھميشه ھڪ جھڙو ڳاڙھو آھي. ھڪ اڌ فرد ڪي حقيقتون ۽ اٽل اصول وساري سگهي ٿو، پر ڪا قوم مجموئي طور ڪڏھن بہ نٿي وساري سگهي. ٿي سگهي ٿو تہ فرد، پنھنجو بھتر مستقبل نہ ڏسي يا ان کي نظر انداز ڪري ڇڏي، پر قوم ھميشه پنھنجي بھتر آئيندي لاءِ جدوجھد ڪندي آھي. فرد جو حوصلو ۽ ھمت خراب ٿي سگهي ٿو، پر قوم ڪڏھن بہ مرڻي نہ آھي. اھڙي طرح قوم کي بہ ڪي بيماريون وچڙي سگهن ٿيون، پر انھن خرابين ھيٺ دٻجي ڪانہ ٿي وڃي.قوم جا اڳواڻ ۽ ليڊر بي بقا ھوندا آھن؛ ھڪڙا ويندا آھن تہ ٻيا ايندا آھن، پر قوم جو وجود دائمي ھوندو آھي.“
۱۵ مارچ _ ۱۹۳۹ع تي، پراگ ۽ سموري چيڪوسلواڪيا تي نازين جي ظلم ۽ تشدد جي اونداھي رات ڇانئجي ويئي. جولس فوچڪ پنھنجي ملڪ مٿان ايندڙ تباھين _ جن جي اچڻ جي کيس خبر ھئي، تن کي ھن پنھنجي ناول جي شروعاتي، باب، ”ايندڙ نسل جو پنھنجي پيئرن کي خطاب“ ۾، ھن طرح بيان ڪري ٿو:
”بابا، اسين ڌرتيءَ جي مٿاڇري تي ڇٽيل ٻج آھيون. اسان سڀ اُسري سَلا ڪونہ ٿينداسين. بھار اچڻ وقت اسين سڀ انگورياسين، پر گمان آھي تہ ڪنھن بہ وقت دشمن جا بوٽ اسان کي لتاڙي، موت جي ننڊ ۾ سمھاري ڇڏين. دشمن اسان تي پنھنجي غصي ٿڌي ڪرڻ يا فقط اسان جي تباھيءَ کي مزي خاطر، ڏسڻ لاءِ ناس ڪري ڇڏين. اسان کي خبر آھي ۽ انھيءَ خطري موجود ھوندي بہ اسان زندھ رھون ٿا.“
”بابا، ائين نہ سمجهو تہ اسين ڪو ڊڄون ٿا. اسين سمورا تہ واقعي ڪين بچنداسون، پر اسين سڀ تہ ختم بہ ڪونہ ٿينداسون. اسان کي اھو يقين آھي تہ نئون نسل اسان جي قبرن تائين دشمن جي بوٽن جا نشان ڊاھي ڇڏيندو. اھي ميٽجي ويندا، سڀ ڪجهہ وسري ويندو، ڏک توڙي پريشانيون! اسين جيئرا ھجون يا مري ويل، فقط لٿل فصل ئي تنھنجي پونيرن کي ٻڌائيندو تہ ’کڻ ۽ کاءُ‘ ھي آھي اسان جو جسم، اسان کي ان ڳالھ جي وڏي خاطري آھي.“
انھيءَ ناول جي شروع واري باب ۾، ٻار کي ھڪ تمثيل طور پيش ڪري، فوچڪ پنھنجي عظيم مقصد سان جيڪا اڻ مئي محبت ظاھر ڪئي آھي، تنھن سندس ناول کي ھڪ اعلي`شاھڪار بڻائي ڇڏيو آھي.
چيڪ جمھوريہ جي پھرين تڪليف وارن سالن ۾، جولس فوچڪ پاڻ کي ڄاڻي واڻي تخليقي ڪم کان پاسي رکيو. ھن سياسي جدوجھد کي وڌيڪ اھم سمجهيو، ۽ ان ۾ لڳي ويو، انھيءَ ھوندي بہ ھن ادبي مطالعي ۽ تنقيد کي نظرانداز ڪونہ ڪيو، انھيءَ ڪري، اھا بلڪل قدرتي ڳالھ ھئي تہ ميونخ واري معاھدي ۽ جنگ شروع ٿيڻ جي ھڪ سال واري عرصي ۾ فوچڪ انھن چيڪ اديبن ۽ فنڪارن تي ڪافي مضمون لکيا، جن اُن وقت پنھنجي تخليقي ڪم جي وسيلي پنھنجي سياسي اڳواڻي ختم ڪري ڇڏي، جنھن وقت چيڪ قوم، آسٽريليا جي ظلم ۽ تشدد ھيٺ پيڙجي رھي ھئي. انھيءَ ھڪ سال اندر فوچڪ روزمرھ جي سياسي واقعن بابت نٿي لکي سگهيو.
انھيءَ سڄي عرصي ۾ فوچڪ پنھنجي ھڪ نئين تصنيف، ”خاموش ۽ وساريل“، لاءِ مواد گڏ ڪندو ٿي رھيو. ھن جي ڪيتري وقت کان اھا خواھش ھئي تہ اھو ڪتاب ڪنھن بہ طرح ضرور شايع ٿئي. ڪتاب ۾ اڻويھين صديءَ جي انھن اديبن کي ڪافي سارھايو ويو آھي، جن کي وقت جي اديبن ۽ ادبي جماعتن ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪري ڇڏيو ھو.
فوچڪ پنھنجي آخري تصنيف، ”ڦاسيءَ جي تختي تان“، جي ھڪ عنوان، ’منھنجي وصيعت‘ ۾ ھن جيڪي ٻہ صفحا لکيا آھن، تن ۾ گهڻي ڀاڱي چيڪ ادب جو ذڪر ڪيل آھي. ان وصيعت جي شروعاتي لفظن ۾ لکي ٿو تہ، ”لائبرريءَ کان سواءِ منھنجي ٻي ڪابہ ملڪيت ڪانہ آھي، پر جرمن جاسوسي پوليس، ان کي تباھ ڪري ڇڏيو.“ حقيقت ھيءَ آھي تہ جرمن جاسوسي پوليس، سندس ٽيون دفعو نئين سر قائم ڪيل لائبرريءَ کي تباھ ڪيو ھو. ان کان اڳ ٻہ دفعا، ھو پنھنجي زندگيءَ جي ھن عزيز موڙيءَ کي اکين اڳيان تباھ ٿيندي ڏسي چڪو ھو.
جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ فوچڪ جي زندگيءَ جي رفتار تيز ٿي ويئي. ھو بي مثال سورھيائي ۽ طاقت سان گهرو محاذ تي ٿيندڙ جدوجھد ۾ شامل ٿي ويو. ھو زير زمين ڪم ڪرڻ لڳو. سندس ھر چر پر غير قانوني سمجهي ويندي ھئي. سندس مختصر قوت، ظالمن جي بي انداز قوت خلاف سراپا حيرت ھئي! زير زمين دشمن خلاف ڪاروائي ڪندي، کيس ھميشہ پنھنجو ھيڊ ڪوارٽر بدلائڻو پوندو ھو. ھڪ رات ھڪ گهر ۾ گذاريندو ھو تہ ٻي رات وري ڪنھن ٻئي گهر ۾. لڪ چوريءَ گهٽين ۾ ميٽنگون ٿينديون ھيون، ۽ ھو ٽائيپ رائيٽرن تي آڌيءَ رات تائين ويٺو ڪم ڪندو ھو. اخبارون لڪ چوريءَ ورھايون وينديون ھيون. دشمن جي سازشن کان گهٽ ڄاڻ رکندڙ ساٿين کي ھر وقت ھوشيار رکيو ويندو ھو، ڇاڪاڻ تہ تمام سجاڳ دشمن طرفان، ڪنھن بہ وقت گرفتارين جو ڊپ ھوندو ھو.
جماعتون روزانو تڙ تڪڙ ۾ رٿون بدلائڻ ۽ جلد فيصلا ڪرڻ ۾ وڏيءَ خبرداريءَ کان ڪم وٺنديون ھيون. فوچڪ ۽ سندس ساٿين لاءِ کاڌي جو مسئلو بہ وڏيءَ اھميت وارو ھو. وٽن کاڌي جا ڪوپن ڪونہ ھئا، ۽ اھي فقط انھن ماڻھن کي ملندا ھئا، جيڪي پوليس وٽ رجسٽر ٿيل ھئا ۽ ظاھري طور ڪو ڌنڌو ڪندا ھئا پر ھن معاملي ۾ ٻين ڪمن وانگيان وطن دوست عوام، سندس وڏي مدد ڪندا ھئا. ھو ڪيترو بہ وڏي کان وڏو خطرو سر تي کڻي، کيس پاڻ وٽ رھائيندا ۽ حفاظت ڪندا ھئا. اھي گمنام سورما ھئا، جن جي فوچڪ وڏي واکاڻ ڪئي آھي.
ھو ھميشہ ڊگهي ڏاڙھي ۽ عينڪ واري پوڙھي پروفيسر جي روپ ۾ پنھنجو پاڻ کي لڪائي ھلندو ھو. ھو بت ۾ ڀريل ۽ سھڻو نوجوان ھو، ۽ پاڻ کي وڌيڪ لڪائڻ لاءِ اڪثر منڊڪائي ھلندو ھو. زير زمين رھڻ واري زندگي کيس ڪڏھن بہ پريشان ڪانہ ڪندي ھئي. جنگ کان اڳ واري ڪجهہ عرصي ۾، کيس زير زمين رھڻ جو چڱو تجربو ٿي چڪو ھو. پر ان وقت حالتون اھڙيون خراب نہ ھيون، ۽ ھينئر زندگي موت واري ڪشمڪش ھلندڙ ھئي.
۱۹۴۲ع ۾، پنھنجي گرفتاريءَ کان اڳ ھن جيڪي مضمون لکيا، تن جو پس منظر اھوئي ھو.
ھتي اھو ياد ڏيارڻ مناسب ٿيندو تہ ھو ان وقت ڪيترين نئين غير قانوني اشاعتن جي ھڪ ئي وقت ايڊيٽنگ ڪندو ھو. انھن مان ھڪ خاص طرح ٻارن جو رسالو ھو، جنھن ۾ گهڻو ڪري گذريل غظيم چيڪ اديبن جي باري ۾ مضمون شايع ٿيندا ھئا. ساڳئي وقت ڪميونسٽ پارٽيءَ جي ھڪ مکيہ ميمبر جي حيثيت ۾، نازين خلاف ھلندڙ جدوجھد جي سياسي رھبريءَ سان بہ ھن جو گهاٽو تعلق ھو. ھن قصي جو بيان ھن پنھنجي تصنيف، ”ڦاسيءَ جي تختي تان“ جي آخري باب ۾، مختصر، پر ڪڏھن بہ نہ وسرڻ واري انداز ۾ ڪيو آھي. فيبروري ۱۹۴۱ع ۾، جڏھن سڄي مرڪزي ڪاميٽي گرفتار ٿي ويئي، تنھن کان پوءِ انتھائي ڏکين حالتن ۾ فوچڪ، سيرني ۽ زيڪا ٽنھي گڏجي نئين مرڪزي ڪاميٽي ٺاھي.
ھن زماني ۾ فوچڪ جيڪي مضمون لکيا، سي سڀ نھايت زوردار ۽ للڪاريندڙ ھئا. ھو ور ور ڪري پنھنجن پڙھندڙن کي ياد ڏياريندو رھيو تہ منجهانئن ھر ھڪ کي شخصي طرح ھٽلر خلاف ڪجهہ نہ ڪجهہ جدوجھد ضرور ڪرڻ کپي. ھن کين خاموشيءَ سان ويھي، مشرق ۽ مغرب ۾ ٿيندڙ وڏن واقعن جي نتيجن جو انتظار ڪرڻ واريءَ بريءَ عادت جي خلاف، چتاءُ ڏنو، ھن لکيو، جڏھن وقت جو اھو اھم سوال ھڪ ٻئي کان پڇيو ويندو تہ ڪھڙيون خبرون آھن؟ تڏھن ماڻھن کي جنگي محاذن جي خبرن بيان ڪرڻ کان وڌيڪ ھڪ ڳالھ جو اظھار ڪرڻ کپي تہ ھو پاڻ ھٽلر خلاف لڙائيءَ جي مختلف مورچن تي پنھنجي پنھنجي جاين تي _ ڪارخانن، ڳوٺن، اسٽيشن ۽ مارڪيٽن ۾ ڇا ڇا ڪري رھيا ھئا. ھو پنھنجي پڙھندڙن کي اپيل ڪندو ھو تہ کين محسوس ڪرڻ کپي تہ اسين سڀ لڙائيءَ ۾ آھيون ۽ اسان کي پنھنجي سڀني قوتن منجهہ اتحاد قائم ڪرڻ کپي:
”چيڪوسلاويڪيا جا شھر واسيو! اسين سمورا ھٽلر جي خلاف جنگ ۾ شريڪ آھيون. اوھان مان ھر ھڪ شريڪ آھي، ۽ اوھان کي ھر روز پاڻ کان اھو سوال پڇڻ کپي تہ اڄ ھٽلري حڪومت جي تباھيءَ لاءِ مون ڪيتري قدر ڪوشش ڪئي، پنھنجيءَ قوم جي آزاديءَ لاءِ مون اڄ ڇا ڪيو؟ آءٌ آزاد زندگي بسر ڪندس، ان لاءِ مون اڄ پنھنجي ھٿن سان ڇا ڇا ڪيو آھي؟ پنھنجي ايندڙ نسلن جي آزاديءَ جي ضمانت واسطي اڄوڪي ڏينھن مون ڪھڙو ڪارنامو سر انجام ڏنو؟“
”ان نموني روزانو اوھان کي پاڻ کان حساب پڇڻ کپي ۽ اھو حساب اوھان کي سڀاڻي پنھنجي سڄي قوم اڳيان پيش ڪرڻو آھي!“
نازين جي طاقت خلاف عام ماڻھو جيڪي ھٿيار استعمال ڪري رھيا ھئا، ان جي اثرائتي ھئڻ ۾ فوچڪ جو پختو يقين ھو. ھو پنھنجي پڙھندڙن تي پنھنجي لکڻين ۾ زور ڏيندو ھو تہ واضح ۽ مخصوص سرگرميون ڪرڻ گهرجن ۽ ھاڃيڪار سرگرمين سان دشمن کي ڪيئن اثرائتا ڌڪ ھڻي ٿا سگهجن. انھيءَ بابت ھو چٽيءَ طرح ھيٺئين ريت سمجهائيندو ھو.
”جيڪڏھن اسان جي ملڪ جي ريلوي جا ۷۰ ھزار مزدور روزانو ٽرڪن ۽ ريلوي انجڻين جي بيرنگس ۾ ٿوري واري وجهي ڇڏين، تہ ان جي معني` ٿيندي تہ ستر ھزار ٽرڪ يا ريلوي انجڻيون بيڪار ٿي وينديون. جيڪڏھن اسان جا ڏھ لک ڳوٺاڻا ھر ھفتي ھڪڙو ڪڪڙ جو آنو راشن کان سواءِ ڪنھن چيڪ ٻار کي وڪڻن، تہ ان جي معني` ٿيندي تہ ھر ھفتي اسان جي ٻارن جي صحت لاءِ ڏھ لک بيضا مليا ۽ ھٽلري قاتلن جي کاڌي مان ڏھ لک بيضن جي کوٽ ٿي.“
”جيڪڏھن چيڪوسلاويڪيا جي ھٿيارن جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ ڏھ لک مزدورن مان ھرڪو روزانو ھڪڙو پرزو گهٽ ٺاھي، تہ ان جو نتيجو اھو نڪرندو جو ھٽلر جي جنگي مشينن لاءِ روزانو ڏھ لک پرزا گهٽبا ويندا.“
”جيڪڏھن ۳۰ ھزار چيڪ ڊاڪٽر پنھنجي علاج ھيٺ رھندڙ مزدورن جي ھفتي ۾ ھڪ ڏينھن بيماريءَ جي موڪل وڌائي ڇڏين تہ ان جي معني` ٿيندي ھٽلري ڪارخانن ۾ ٽن لکن ڪلاڪن جي ڪم جي کوٽ.“
”اھڙيون حالتون پيدا ڪريو، جيئن چيڪ سرزمين تي نازين کي ھر قدم کڻڻ مھل خطرو محسوس ٿئي ۽ کين بلڪل اھو يقين ٿي وڃڻ کپي، تہ ھو ايندڙ وڌيڪ منٽ تائين زندھ رھندا يا نہ، يا ٻيو منٽ کين جيئرو رھڻ نصيب ٿيندو يا نہ.“
فوچڪ، چيڪ قوم تي ظلم ڪندڙن کي موت جي منھن ۾ ڏيڻ جو ڪوبہ موقعو ھٿان نہ وڃائيندو ھو. جڏھن ھٽلر جي پروپيگنڊا کاتي جي بدنام وزير، گوئبلز ڌمڪيون ڏئي، چيڪ دانشورن کي نازي نظام سان سھڪار ڪرڻ لاءِ اپيل ڪئي، تڏھن فوچڪ گوئبلس کي خطاب ڪندي، دانشورن طرفان کيس ھڪ کليل خط لکيو، جنھن ۾ نھايت اندر وڍيندڙ طنز سان کيس جواب ڏنو ھئائين. اھو خط غير قانوني طرح لڪ چوريءَ ڇپرائي عام تقسيم ڪيو ويو.
جڏھن ڪوڙ ۽ پروپيگنڊا جي ماھر، ھٽلري وزير، پراگ ۾ ھڪ نمائش ڪرائي، جنھن کي ”سوويت بھشت“ سڏيو ٿي ويو، تڏھن فوچڪ کي ھڪ دلچسپ خيال آيو ۽ ھن انھيءَ ڪوڙيءَ پروپيگنڊا جي جواب ۾ پنھنجي سر پاڻ جيڪي سوويت يونين ۾ ڏٺو ھو، اھو ڪتابچي جي صورت ۾ شايع ڪري تقسيم ڪيو. ھن ان جو نالو ”نمائش جو رھبر“ رکيو، جنھن ۾ انھيءَ نمائش ۾ رکيل ھر ھڪ تصوير جي صحيح سمجهاڻي ڏني ويئي ھئي. ھن ڪتابچي جو مھاڳ فوچڪ پنھنجي مخصوص انداز ۾ ھيٺينءَ ريت آھي:
”جوزف گوئبلس پراگ ۾ ھڪ نمائش ڪرائي آھي، جنھن کي ”سوويت بھشت“ سڏيو اٿس. ھن جو خيال ڏاڍو عمدو آھي ۽ نمائش جو انتظام بھتر آھي. پر سڀ کان وڌيڪ دلچسپ ڳالھ ھيءَ آھي تہ انھيءَ سموريءَ ڪوشش جو نتيجو سندس دلي منشا ۽ مراد کان بلڪل ابتڙ نڪتو آھي!“
زير زمين ھلندڙ تحريڪ طرفان، نازين کي ھڪڙي ساعت بہ آرام جي ڪانہ ٿي ڏني وئي. جيئن جيئن جنگ ڊگهي ٿيندي پئي وئي، تيئن ھو پاڻ بہ محسوس ڪرڻ لڳا تہ ساڻن کلئي ميدان کان وڌيڪ زير زمين مقابلو ڪندڙن جي زبردست لڙائي آھي. فوچڪ ھن صورتحال کي پنھنجي خاص انداز ۾ ھن طرح بيان ڪيو آھي.
”اسين اڄ ھتي زير زمين آھيون، ائين نہ، جيئن ڪنھن کي جيئري دفن ڪجي، پر سوشلسٽ فصل جي سالم ٻج وانگر، جيڪو بھار جي سج جي تپش سان سڄيءَ روءِ زمين تي اڀري ايندو آھي.“
انھيءَ زير زمين زندگيءَ واري عرصي ۾ فوچڪ کي ھميشه انساني عالمي برادريءَ جو احساس رھندو ھو. پنھنجي گرفتاريءَ کان فقط ٻہ مھينا اڳ، فيبروري ۱۹۴۲ع ۾ ھن سوويت يونين جي سرخ فوج کي ھيٺيون مرحبائي پيغام موڪليو ھو:
”سرخ فوج جا بھادرو! اسين زير زمين، زندگيءَ جي گھراين مان اوھان کي سلام ٿا ڪريون. اوھين عظيم الشان حوصلي ۽ خود قربانيءَ سان پنھنجي وطن جي آزاديءَ لاءِ وڙھي رھيا آھيو ۽ ائين ڪندي اوھين اسان جي يورپ جي سڀني مظلوم قومن جي آزاديءَ لاءِ سر تري تي رکي بيٺا آھيو.“
ھيءُ ھو اھو طاقتور انسان، جنھن کي ۲۴ اپريل ۱۹۴۲ ع جي بھار جي ھڪ وڻندڙ شام جي وقت، اتفاق سان نازين پڪڙي ورتو. پنھنجي ھن مختصر ڪتاب جي شروعات بہ فوچڪ انھن ئي لفظن سان ڪئي آھي ۽ گڏوگڏ پنھنجي پڙھندڙن کي خود ان عظيم جدوجھد ۾ وٺي وڃي ٿو.
فوچڪ جي بنديخاني جا ۱۸ مھينا ۽ ۲۴ ڪلاڪ ھئا، جن مان ۲۴ ڪلاڪ وڏي جسماني عذاب سان گذريا. عام طرح نازي ھر قيديءَ جي ھمت ۽ حوصلي ٽوڙڻ جي بي انتھا ڪوشش ڪندا ھئا. انھن چوويھن ڪلاڪن جي جسماني عذاب متعلق لکي ٿو تہ ”سواءِ ھڪ ٻن مختصر گهڙين جي، باقي ساندھ چار ڏينھن مڪمل طرح بيھوش ھوس. مون کي جيڪي عذاب ڏنا ويا، سي سڀ رڳو جسماني بہ نہ ھئا.“ ھنن عذابن ھلندي ھڪ دفعو نازي سندس زال، گستا کي انھيءَ اميد سان اڳيان وٺي آيا تہ من ھن کي ڏسي، ٻہ چار لفظ ڳالھائي، مگر زير زمين ھلچل ھلائڻ جي اصولن پٽاندر ٻنھي قيدين ھڪ ٻئي جي سامھون اچڻ تي، مورڳو ھڪ ٻئي کي ڄاڻڻ ۽ سڃاڻڻ کان ئي لا علمي ڏيکاري.
محبت ۽ مستقل مزاجيءَ جو مجسمو، گستا، ھڪ نھايت دلير عورت ھئي، جنھن جو خود فوچڪ پنھنجي بنديخاني واري ذڪر ڪندي ھنن لفظن ۾ اظھار ڪيو آھي، ”ھن ننڍڙي شخصيت ۾، جنھن جو چڱن نقشن وارو منھن ۽ نماڻيون اکيون آھن، ڪيڏي نہ بلا جي قوت آھي....“
گستا؛ جولس فوچڪ جي قيد واري زماني ۾، پاڻ بہ ھڪڙو سال پانڪريڪ جيل ۾ رھي، جنھن ۾ فقط ھڪ يا ٻہ ڀيرا پنھنجي مڙس کي ڏسي سگهي ھئي. ان کان پوءِ جنگ جي خاتمي تائين، يعني ٻن سالن کان ڪجهہ وڌيڪ عرصو، ريونس بروڪ جي نظربنديءَ واري ڪيمپ ۾ رھي. ڪجهہ سال پوءِ، ھڪ دفعي پانڪريڪ جيل ۾ پنھنجي مڙس کي ڏسڻ واري واقعي جو ھن طرح ذڪر ڪيو اٿس؛ ”فوچڪ جي گرفتاريءَ کان ڪجهہ ڪلاڪ پوءِ، آءٌ ڏسان ٿي تہ سندس سامھون بيٺي آھيان. رات جو وقت ھو، ۽ نازي مون کي پتيسچڪ محل جي ۴۰۰ نمبر ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيا ھئا. مون کي سڌ ئي ڪانہ ھئي تہ ھو ڪو گرفتار ٿي چڪو آھي. آءٌ ڪوٺي نمبر ۴۰۰ ۾، سامھون ھڪ بينچ تي گوڏن تي ھٿ رکي ويھي رھيس. سڄي ڪوٺي اسان قيدين ۽ جرمن پوليس وارن سان ڀريل ھئي. اسان کي ھڪٻئي سان ڳالھائڻ تہ ڇڏيو، پر چرپر ڪرڻ جي بہ اجازت ڪانہ ھئي. مون ٿورو ڪنڌ مٿي کڻي چوڌاري نھاريو، تہ ڏسان ڪو سڃاڻو تہ ڪونھي! ايتري ۾ منھنجي نظر ڪامريڊ جيلنڪووا تي پيئي. اسان کين، اشارن ئي اشارن ۾ ظاھر ڪيو تہ اسين ھڪ ٻئي کي ڪونہ سڃاڻون. ان بعد اوچتو دروازو کليو. فوچڪ دروازي مان سامھون مون ڏانھن اچي رھيو ھو. پير اگهاڙا ھئس ۽ قميص جي ٻانھن کان رت پئي اڙھس. سخت مار ملڻ سبب منھن ۾ بيحد لٿل ۽ بيحد پيلو ٿي ويو ھو. سندس مٿي ۽ ڏاڙھيءَ جا وار منجهيل ۽ پٽيل ٿي لڳا. وات مان بہ رت وھي رھيو ھوس، ۽ پٺيان ھڪ نازي سپاھي کيس لٺيون ھڻندو اڳتي ڌڪي رھيو ھو. پوءِ کيس ھڪ ڪنڊ ۾ ڌڪي، ڀت ڏانھن منھن ۽ اسان ڏانھن پٺ ڪري بيھاريائونس. فوچڪ آھستي آھستي قدم کڻندو، دروازي کان اھڙيءَ طرح اندر پئي آيو، ڄڻ کيس لٺ جي ڌڪن جو ڪو احساس ئي ڪونھي ۽ کيس طاقتور پوليس واري جي لٺين جو ڪو پتو ئي نہ آھي. ۽ جڏھن ھو ڪوٺيءَ ۾ پھتو، تڏھن ھڪدم منھن ڦيرائي اسان ڏانھن ڪيائين ۽ اوچي ڳاٽ اسان ڏانھن نھاريائين، جنھن تي اسان خود حيرت وچان پنھنجا ڪنڌ مٿي کنيا. ان وقت نازي سپاھين جي گهيري ۾ ھڪ شڪست کاڌل بي وس انسان وانگر نہ، پر ھڪ فاتح وانگر بي پرواھ ٿيو بيٺو ھو ۽ سندس چوڌاري بيٺل پوليس وارا شڪست کائي چڪا ھئا. ھو ھو اھڙو فاتح ھو، جنھن کي جسماني طور ختم ڪرڻ کا سواءِ، نازي کيس ڪابہ شڪست ڏيئي نٿي سگهيا.“
”جولس پنھنجي امر تصنيف، ’ڦاسيءَ جي تختي تان‘ ۾، جان سيريني جو جنھن نموني ذڪر ڪيو آھي، سو خود سندس ئي حالتن سان پوري طرح ٺھڪي ٿو اچي. ھو لکي ٿو تہ: ”بھادر انسان، جيڪو جيئرن کي اڳتي وڌڻ لاءِ رستو ڏيکاريندو رھيو _ اھڙو رستو جيڪو خود ھن جي پنھنجي ئي موت جو ڪارڻ بڻيو.“
ھڪ اخبار نويس جي حيثيت ۾، فوچڪ کي بنديخاني جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ جيڪو وڏي کان وڏو انعام مليو، سو ھيءُ ھو تہ ھڪ ھمدرد پھريدار جي ڪوششن سان کيس وري پنھنجي محبوب مشغوليءَ جو موقعو مليو _ اھڙو موقعو جڏھن موت جو رسو سندس ڳچيءَ ۾ پيل ھو. ھو پنھنجي ماحول ۽ حالتن کان بي پرواھ نھايت حليمائي، ٿڌي سيني، ڳوڙھيءَ نظر، لافاني ھمت، گھري انساني شعور ۽ نغمن سان ڀرپور دل طرفان پنھنجن سمورن، جذبن ۽ امنگن کي قلم بند ڪيو.
نازين جي سخت چوڪسيءَ جي باوجود ھن جي ھيءَ تصنيف ھڪ ھڪ صفحو ڪري، پانڪريڪ جيل مان ٻاھر ڪڍي، چيڪ گهرن ۾ ھڪ قيمتي ٻج وانگر سانڍي ويئي. ھن قيمتي دستاويز کي ان وقت تائين حفاظت ۾ رکڻو ھو، جيسين ملڪ تي آزاديءَ جو سڀاڳو سج طلوع ٿئي.
قيدخاني ۾ فوچڪ کي پنھنجي ساٿين جي ھمت ۽ حوصلي جو پورو احساس ٿيو، جن ۾ ظالم نازين سان مقابلو ڪندڙ چيڪ مرد ۽ عورتون شامل ھيون. ” جيل ھڪ عظيم اجتماعيت آھي. مختصر لفظن ۾ ائين چئجي تہ عظيم ڪارناما ڪندڙن جي عظيم برادري....“ ھن اجتمائي قوت جي وڏي ۾ وڏي آزمائش، ڪوٺي نمبر ۴۰۰ ھئي، جتي نازي، قيدين کي سخت عذاب ڏيئي، خفيہ رازن جون پڇائون ڪندا ھئا. فوچڪ جيڪو ھميشه اڳرائيءَ جي جذبي ۾ ھوندو ھو، تنھن ھن جاءِ تي ھڪ اھڙي بھادر سپاھيءَ جيان مقابلو ڪيو، جيڪو محاذ تي اڪيلو رھجي ويندو آھي ۽ دشمن چوڦير گهيرو ڪري ويندا اٿس. انھيءَ محاذ جو ذڪر ھن طرح ٿو ڪري:
”ھڪ اھڙي خندق جا دشمن جي قبضي ۾ اچي ويئي ھجي ۽ جيڪا آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ وڙھندڙ ساٿين ۽ ساري قوم جي ھمت ۽ ايڪتا جي ضامن ھجي.“
فوچڪ جي اھا خاصيت ھئي تہ ھو ھر ظلم ۽ تشدد برداشت ڪرڻ وقت پنھنجيءَ دل ۾ سڀ کان وڌيڪ خيال انھن گمنام سورمن ڏانھن ڏيندو ھو، جن سڀني گڏجي دشمن جي مقابلي لاءِ تحريڪ کڙي ڪئي ھئي. جيل جو ھڪ ساٿي پيسيڪ سٺ ورھين عمر جو ھڪ اسڪول ماستر ھو. فوچڪ اڪثر ڪري کيس چوندو ھو تہ ”تون ھڪ ننڍڙو يادگار تعمير ڪري رھيو آھين.“ فوچڪ کي ھن ڳالھ جو احساس ھو تہ اسان پٺيان باقي بچيل جيئرا ساٿي، شال کيس سھڻي نموني ياد ڪن. انھيءَ نقطي جي ھن وٽ وڏي اھميت ھئي، جيئن پاڻ ھڪ ھنڌ ذڪر ڪري ٿو تہ ھو سڀ ساٿي تنھنجي ويجهو ھجن، ۽ اھي جن کي تون سڃاڻين _ اھي جيڪي تنھنجو ئي رت ۽ گوشت آھن ۽ خود تو وانگر آھن.“ ۱۹۴۳ع جي اونھاري ۾، فوچڪ کي پانڪريڪ جيل کان برلن جي ھڪ جيل ۾ بدلي ڪيو ويو. ھتي ھڪ ڊرامائي انداز سان مقدمي ھلائڻ بعد کيس موت جي سزا ڏني ويئي. ۸ سيپٽمبر جي صبح سوير، چيڪ عوام جي ھن بھادر ساٿيءَ کي ختم ڪري، نازين پنھنجي موت جو سامان ڪٺو ڪيو.
ھن بھادر ساٿيءَ جو آخري خط، جيڪو پاڻ برلن مان لکيو ھئائين، اھو خوش قسمتيءَ سا محفوظ آھي. ان ۾ لکي ٿو:
”عزيز ساٿيو، شايد اوھان کي معلوم ھوندو تہ مون کي اڳوڻي جاءِ ڇڏڻي پئي. مون کي بائوتزن ۾ ۲۳ _ آگسٽ تي اوھان جي خط ملڻ جي اميد ھئي. پر ان بجاءِ مون کي برلن (ٻئي جيل ڏانھن) مان دعوت آئي. ۲۴ آگسٽ تي آءٌ بورليننس ۽ ڪاٽيس مان لنگهيس. ۲۵ آگسٽ تي صبح جو منھنجو ڪيس شروع ٿيو ۽ منجهند تائين پورو ٿي ويو _ ٿيو ائين ئي، جيئن دل ۾ سمجهيم ٿي. ھاڻي آءٌ ھتي پلوتيزنيسي جي ھڪ ڪوٺيءَ ۾ ھڪڙي ڪامريڊ سان گڏ آھيان. ڪاغذ جون ٿيلھيون پيا ٺاھيون ۽ گيت پيا ڳايون، ۽ گڏوگڏ پنھنجي ڦاسيءَ جي واري جي انتظار ۾ پڻ آھيون. ان ۾ ڪجهہ ھفتا وڃي رھيا آھن، پر بعضي تہ مھينا بہ گذريو وڃن. اميدون سرءُ جي پنن وانگر بلڪل آھستي ۽ نرميءَ سان غائب ٿينديون وڃن. بعضي ھھڙين حالتن تي ويچار ڪندي خوش مزاج انسان بہ مايوس ۽ اداس ٿيو پون. پر وڻن کي ڪوبہ نقصان ڪونہ ٿو ٿئي. اھو سڀڪجهہ قدرتي ۽ لازمي آھي. جيئن سيارو وڻن ۽ ٻوٽن کي نئين زندگي ٿو بخشي، تيئن انسان کي بہ ھڪ نئين قوت ٿو ڏئي! يقين ڪريو تہ حالتن مون کان ڪجهہ بہ ڪونہ کسيو آھي. اھا دائمي خوشي، جيڪا سدائين مون ۾ رھي آھي، تنھن ۾ ڪابہ گهٽتائي نہ آئي آھي، بلڪ ھر روز منھنجي ذھن ۾ بيٿوون جو نئون نغمو جاڳي ٿو اچي. انسان پنھنجي حياتي قربان ڪرڻ سان ڪو گهٽجي نٿو وڃي. آءٌ اوھان کي، دلي گذارش ٿو ڪريان، تہ جڏھن سڀ ڪجهہ ٿي گذري، تڏھين اوھين مون کي ڏک سان نہ پر انھيءَ خوشيءَ سان ياد ڪجو، جيڪا منھنجي سڄيءَ حياتيءَ ۾ مون سان ساٿ ڏيندي رھي آھي. ھي سڀ اڳتي وڌندڙ قافلي لاءِ لازمي حقيقتون آھن. مون کي خبر آھي تہ اوھين پاڻ بہ جيڪي ڪجهہ ممڪن آھي، تنھن جي پورائي ۾ پٺتي ڪين ويندؤ. پر جي ائين نہ بہ ڪري سگهو، تہ پوءِ بہ ان لاءِ مايوس يا ڏکارا ڪڏھن نہ ٿجو.
ھڪ ڏينھن ھر ڪنھن جو انت اچڻو ئي آھي. منھنجي پيءُ جي باري ۾ جيئن بھتر سمجهو، ائين ڪجو. جيڪڏھن کيس ڪجهہ ٻڌائڻ ضروري سمجهو، تہ پوءِ اھو خيال ضروري رکجو تہ ھن وڏيءَ عمر ۾ کيس ذھني تڪليف نہ پھچي. بھرحال جيئن اوھين مناسب سمجهو، تيئن ڪجو؛ ڇوتہ اوھين منھنجي ماءُ پيءُ کي وڌيڪ ويجها آھيو.
”مھرباني ڪري مون کي احوال ڏيو تہ گستا جو ڪھڙو حال آھي؟ کيس منھنجا گرمجوشيءَ وارا سلام پھچائجو! شل ھوءَ ھميشه اڪيلي نہ ھجي، جيڪا مون ھميشه پئي محسوس ڪئي آھي. ھوءَ اڃا جوانيءَ جي جذبن سان ڀرپور آھي ۽ کيس وڌوا رھڻ جو حق ڪونھي، شايد ھوءَ چوي تہ ’ائين ممڪن ناھي‘، پر ائين آھي. ھوءَ ھر ساٿيءَ جي جاءِ ڀري سگهي ٿي، ڀل ڪيڏي بہ جاکوڙ ۽ جوابداري مٿانئس وڌي وڃي. پر ھينئر کيس خط لکي، اھو احوال نہ ٻڌائجو. انھيءَ وقت جو انتظار ڪجو، جڏھن ھوءَ بنديخاني مان زندھ موٽي ٻاھر اچي.“
”ھاڻي شايد اوھان (جن سڀني کي سڃاڻان ٿو) اھو معلوم ڪرڻ چاھيندا تہ آءٌ حياتيءَ جون باقي گهڙيون ڪيئن ٿو گذاريان؟ يقين ڄاڻو تہ آءٌ بلڪل ٺيڪ آھيان. ھتي بہ ڪتابن ۽ اخبارن سان وندر اٿم ۽ سڀ کان وڌيڪ ڳالھ تہ ڪوٺيءَ ۾ اڪيلو ناھيان. جيڪو وقت گذرندو پيو وڃي، اھو جيئن .... ڪامريڊن جو چوڻ آھي، بلڪل تيزيءَ سان! ھتي اسان سان، جيئن ٻئي ھنڌ جرمنيءَ ۾ ٿئي ٿو، بلڪل سٺو برتاءُ ڪيو پيو وڃي. مثال طور بانٽرل جيل ۾، اسان کي کاڌي جي شين جا پارسل بہ ملندا ھئا. اسان انھن پارسلن جي تقاضا ڪانہ ڪئي ھئي، پر اھي ھر ڪنھن قيديءَ کي ملندا ھئا. توھان کي سُڌ آھي تہ منھنجي دل ۾ جرمن عوام لاءِ ڪابہ نفرت ڪانھي. بھرحال، جنگ اڃا جاري آھي.“
اھا خوش قسمتيءَ جي ڳالھ آھي جو فوچڪ جي ڪيس جو نازين طرفان تيار ڪيل سچو رڪارڊ موجود آھي. اھو ۱۹۵۰ع ۾ ھٿ آيو. ھن رڪارڊ جي سمورن ڪاغذن تي جرمن سپريم ڪورٽ جي نوبل جون صحيحون موجود آھن. ان ۾ فوچڪ جون ٽي تصويرن بہ شامل ڪيل آھن _ ٻن پاسن کان ورتل ۽ ھڪڙي سندس منھن جي سامھون ورتل، ھن تصوير ۾ سندس کاٻيءَ اک جي ھيٺان گهرو نشان نظر پيو اچي، ڄڻ چاڪوءَ جي زخم جو نشان ھجي.
ھن رڪارڊ مان اھا ڳالھ بہ ظاھر آھي تہ نازي درندا، جن لکين ماڻھن کي بنا ڪنھن پڇا ڳاڇا جي قتل ڪري ٿي ڇڏيو، تن فوچڪ لاءِ قانوني ڪيس ھلائڻ جو ڍونگ ڇو رچايو ھو؟ ھنن کي انھيءَ ڳالھ ثابت ڪرڻ جي خواھش ھئي تہ فوچڪ ۽ سندس ساٿين جي گرفتارين سان، چيڪوسلاويڪيا ۾ مقابلي جي سموري ھلچل ختم ٿي ويئي آھي، يا نہ، ھن ڪيس ڪيس ھلڻ واري ڏينھن، ھٽلر جي ٽن ڇاڙتن کي جن جو چيڪوسلاويڪيا جي قوم سان تعلق ھو، تن کي تمغا ڏنا ويا. اھي ھئا ھيملر، وليم فرڪ ۽ فرئنڪ، جنھن کي ھائيڊرڪ جي قتل ٿيڻ کان پوءِ، پوھيميا ۽ موراويا جو حڪمران مقرر ڪيو ويو.
ڪيس جي ۱۳ ٽائيپ ٿيل صفحن مان ۹ صفحا فوچڪ جي باري ۾ آھن ۽ ۳ بيريڪ بابت، جنھن پنھنجي ساٿين سان غداري ڪئي ھئي. پر ان جي باوجود کيس بہ موت جي سزا ڏني ويئي. ھڪڙو صفحو ليداپلاچا بابت آھي، جيڪا، ھڪ حد تائين فوچڪ جي ھوشياريءَ ۽ مٿس پردي وجهڻ جي ڪوشش سببان، موت جي سزا کان بچي ويئي ھئي.
برلن جي ڪورٽ ۾ تيز روشني ھئي. ھي ۲۵ آگسٽ ۱۹۴۳ع جو واقعو آھي. پوڻين نائين وڳي ڪيس جي مرڪزي شخصيت، فوچڪ، کي ڪورٽ ۾ آندو ويو. شاھدن جي بينچن تي بيريڪ ۽ ليدا پلاچا ويٺل آھن. ۹ بجي جج ڪورٽ ۾ داخل ٿي پنھنجين جاين تي ويھن ٿا. ڪورٽ جي صدر رولينڊ فرزلر، فوچڪ کي ھيٺينءَ طرح خطاب ڪري ٿو.
”جوابدار فوچڪ! ڇا تون اھو قبول ٿو ڪرين تہ تو جرمن حڪومت جي سلامتيءَ خلاف، ھٿياربند بغاوت ۽ انقلاب جي لاءِ سازش جو جوابدار آھين؟“
آءٌ پنھنجي ملڪ توھان جي حڪمراني تسليم ئي نٿو ڪريان. منھنجي خيال ۾ اوھان کي پنھنجيءَ ڪورٽ ۾ مون تي ڪيس ھلائڻ جو ڪو اختيار ئي ڪونھي“ فوچڪ ٿڌي نموني جواب ڏنو.
”آءٌ توکي ھتي تقرير ڪرڻ کان منع ٿو ڪريان، فقط سوال جو جواب ڏي، ڇا تون قبول دار آھين تہ پنھنجي سرگرمين سان تو جرمنيءَ جي دشمن، بالشويڪ روس، جي مدد ڪئي آھي؟“
فوچڪ جيڪو ھميشه اڳرائي ڪرڻ جو عادتي آھي، تنھن ھن مليل موقعي جو فائدو وٺندي، ھيٺين لفظن سان شرعات ڪئي:
”ھائو، مون سوويت يونين جي مدد ڪئي آھي. مون سرخ فوجن جي مدد ڪئي آھي ۽ اھوئي منھنجي ۴۰ سالن جي زندگيءَ جو سڀ کان عزيز ۽ بھتر ڪم آھي ....“
فوچڪ لاءِ نہ رڳو سرڪاري وڪيل نوبل، پر خود ھن جي بچاءَ لاءِ مقرر ڪيل وڪيل، ھاف مين، بہ ھن کي موت جي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.
فوچڪ تي ڪوبہ اثر نہ پيو. ھن پنھنجي تقرير پوري ڪرڻ تي زور ڏنو ۽ نازي حڪومت جي ھن سڀ کان اھم ظالمانہ قلعي ۾، نازي اسٽينو گرافر ھن جي سموري تقرير نوٽ ڪرڻ تي مجبور ٿيا.
”آءٌ چيڪوسلاويڪيا جي ريپبلڪ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ ۾ داخل ٿيس، ڇو جو آءٌ سرمايداري نظام کي برداشت ڪرڻ لاءِ ھرگز تيار نہ ھوس. منھنجو پختو اعتقاد آھي تہ ھن جنگ کان پوءِ نئون دور شروع ٿيندو. مون پنھنجي ھم وطنين جي مدد ڪرڻ لاءِ زير زمين ڪاروايون شروع ڪيون، تہ جيئن اسان جي ملڪ تي قبضو ڪندڙن ظالمن ۽ ساڻن سھڪار ڪندڙ چيڪ قوم جي غدارن کي بہ ملڪ مان تڙي ڪڍون. دراصل منھنجي ذھن ۾ ان کان بہ گهڻو ڪجهہ وڌيڪ ھو. جيڪڏھن اسان جي سموريءَ جدوجھد کان پوءِ، آزادي ملڻ بعد، حڪومت وري بہ انھن ماڻھن جي ھٿ چڙھي، جيڪي منھنجي قوم جي ھن مصيبت لاءِ ذميدار آھن ۽ جن ظاھري طرح وڏين دعوائن جي باوجود ۱۹۳۸ع ۾ ملڪ سان غداري ڪئي آھي، تہ پوءِ اسان جي سموريءَ جدوجھد توڙي بيشمار قربانين جي ڪابہ معني` ڪانہ رھي. اھا ھڪ نھايت افسوس جھڙي ڳالھ ٿيندي، جو آزاديءَ کان پوءِ بہ اھي ئي پراڻا سياستدان ۽ چيڪ عوام جو رت چوسيندڙ ٻيھر طاقت ۾ اچن. ٻين لفظن ۾، اسان جي زير زمين انقلابي سرگرمين جو مقصد اسان جي عوام لاءِ حقيقي آزادي حاصل ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ چيڪوسلاويڪيا کي سوشلسٽ مملڪت بڻائڻ لاءِ تياري ڪرڻ آھي.“
فرزلر جو منھن لال ٿي ويو ۽ ھو ڪاوڙ وچان ڪنبي رھيو ھو ھن زمين تي پير ھنيا ۽ واڪا ڪيا. فوچڪ ھڪ گهڙيءَ لاءِ بہ پنھنجو آواز بند نہ ڪندي ۽ پنھنجو ڪنڌ اوچو رکندي. ججن جي منھن ۾ گهور مان نھاريندي، ھيٺيون چيلنج ڪيو:
اوھان پنھنجي طرفان منھنجي لاءِ سزا پڙھي ٻڌايو، يقين اٿم تہ ان ۾ ھڪ ماڻھوءَ جي موت جو اعلان ڪيو ويندو. پر ٻڌي ڇڏيو تہ منھنجي طرفان بہ اوھان کي سزا ڏيڻ جو اڳي ئي اعلان ٿي چڪو آھي. انھيءَ جي سزا جي فتوا سڄيءَ دنيا جي انسانن جي خون سان لکي ويئي آھي، يعني فاشزم لاءِ موت! سرمايدارانہ سرشتي لاءِ موت ۽ انسانذات لاءِ زندگي! ۽ ڪميونزم لاءِ مستقبل!....“
۲٦ آگسٽ تي فوچڪ کي برلن جي اتر اولھ پسگردائيءَ ۾ پلوتزينسي قيدخاني ۾ آندو ويو. رواجي طرح موت جي سزا تي عمل ٿيڻ کان اڳ، ھڪ سو ڏينھن لاءِ قيدين کي ھتي رکيو ويندو آھي. پر فوچڪ جي معاملي ۾ نازي وڏيءَ تڪڙ ۾ ٿي ڏٺا. ھڪ دستاويز ۾، جرمن سيڪريٽري آف اسٽيٽ، ڊاڪٽر راٿن برگر، جو فيصلو ڏنل آھي، جيڪو جرمن جي اعلي` سرڪاري وڪيل ووڪ کي مليو. اھو دستاويز ۷ سيپٽمبر تي، پلوتزينسي جيل جي ڪمانڊنٽ آفيسر کي پھچايو ويو. ان ۾ لکيل ھو تہ ”فوچڪ جي سزا بنا دير عمل ۾ آندي وڃي.“
۷ سيپٽمبر جي شام جو فوچڪ کي جيل جي ٽئين نمبر بلاڪ ۾ ھڪ ڪوٺيءَ ۾ آندو ويو، جتي موت جي سزا تي عمل ٿيڻ کان اڳ، قيدين کي رکيو ويندو آھي.
ٿوري دير کان پوءِ سپريم ڪورٽ جي سرڪاري وڪيل نوبل، فوچڪ جي ڪوٺيءَ ۾ اچي، اعلان ڪيو تہ:
”جرمن حڪومت جي فيصلي موجب آءٌ قانون جي نالي ۾ اعلان ٿو ڪريان، تہ جولس فوچڪ تي پاس ٿيل سزا، ۸ سيپٽمبر صبح جو سوير، چار لڳي پنجاھ منٽن تي، عمل ۾ آندي وڃي.“ فوچڪ پنھنجي موت جي سزا ٻڌندي، بنا ڪنھن پريشانيءَ جي ھڪدم وراڻيو:
”اوھان جي جرمن حڪومت وڏي تڪڙ ۾ آھي. ھن کي ڊپ آھي تہ شايد ھڪ سو ڏينھن ۾ سندس خاتمو نہ اچي وڃي. اوھان سڀئي انھيءَ پريشانيءَ ۾ آھيو تہ متان سڀني قيدين کي سزا ڏيڻ کان اڳ ۾ روسي فوجون برلن ۾ پھچي، اوھان جو موت نہ آڻين.“
صبح جو فوچڪ کي ڦاسيءَ ڏانھن وٺي وڃڻ لڳا، تہ ھن وڏي آواز ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. نازين ھڪدم ھن جي وات کي کڻي ٻڌو. مگر ٽئين نمبر بلاڪ ۾ ٻين قيدين اھو راڳ ٻڌي ورتو ۽ ھو زور زور سان ڳائڻ لڳا.
پانڪريڪ جيل واري زماني ۾، فوچڪ ھڪ ھنڌ لکيو ھو تہ ”نغمن کان سواءِ بہ زندگي ڪانھي _جيئن سج کان سواءِ زندگي نہ آھي.“ انھيءَ ۾ ڪوبہ شڪ نہ آھي تہ فوچڪ جو جذبو، ھڪ اھڙو غير معمولي جذبو آھي، جيڪو ڪڏھن بہ مري نٿو سگهي. ھو ھڪ ھنڌ لکي ٿو:
”مون زندگيءَ سان محبت ڪئي آھي ۽ ان جي حسن کي وڌائڻ لاءِ ئي جنگ جي ميدان ۾ آيو آھيان.“ اھو جنگ جو ميدان جتي فوچڪ فاشي درندن سان لڙندي پنھنجي جان ڏني، ۽ گڏوگڏ اتي انسان ذات لاءِ ھيٺين لفظن ۾ ھڪ پرجوش ۽ لازوال پيغام پڻ ڇڏي ويو: ”ھموطنو! مون ھميشه مظلوم عوام سان محبت ڪئي آھي، اوھان ان جي دشمنن کي ڪڏھن بہ معاف نہ ڪجو!“