جيل ڊائري

ڦاسيءَ جي ڇانوَ ۾

جولس فوچڪ کي جرمن فوجن گرفتار ڪري نازي ڪئمپ ۾ رکيو ۽ اتان جرمني کڻي ويا جتي ھن تي تشدد ڪيو ويو ۽ پوءِ موت جي سزا ملڻ کان پوءِ 8 سيپٽمبر 1943ع تي برلن ۾ ڦاسي ڏني ويئي.
ھيءَ ان سورھيہ سورمي جي جيل جي ڦاسيءَ گهاٽ ۾ گهاريل انھن گهڙين جو عڪس آھي جيڪي ھن جسماني طور تي چُڙي چُڙي گهاريون، پر ذھني طور تي ڦڙت ۽ نؤبنو رھيو ۽ زندگيءَ ڏانھن سندس رويو آخري گهڙيءَ تائين ھڪ ترقي پسند وارو رھيو.
جولس فوچڪ کي جسماني عذاب ڏيڻ ۽ ذھني طور ختم ڪرڻ ۾ دھشت جو ھر اھو طريقو ڪتب آندو ويو جنھن کان نازي واقف ھئا. پر جڏھين جولس فوچڪ جو جسم وڃي رڳو چَم ۽ ھڏ بچيو ھو ۽ فقط منجھس ساھ جي تند ھئي تڏھين بہ ھن ڪتاب جو سورمو ھنن ظالمن کان ذھني توڙي جسماني طور بلند ھو. نازين ھن کي ماري ڇڏيو، پر کيس ختم ڪري نہ سگهيا. جولس جي زنده لفظن ۾ سندس وفات نامو توھان جي اڳيان آھي. سندس پنھنجي وطن جي ماڻھن سان پيار ۽ منجهن عقيدي جي اظھار جو ھر لفظ موت جي پاڇي ۾ لکيو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 387
  • 166
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جولس فوچڪ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڦاسيءَ جي ڇانوَ ۾

فوچڪ جي حياتيءَ بابت مختصر نوٽ - ليکڪ: اسٽيفن جولي

۱۹۳۹ع تائين، جنگ واري عرصي، ڪيترا اھم دستاويز وجود ۾ آڻي، ضايع ٿيڻ کان بچائي ورتا؛ جيڪي شايد سولائيءَ سان ھميشه لاءِ ناس ٿي وڃن ھا. اڃا بہ گمان آھي تہ ڪي اھڙا دستاويز ھجن، جي اسان تائين پھچي نہ سگهيا. ھيءَ خوشقسمتيءَ جي ڳالھ آھي تہ فوچڪ جو لازوال مسودو، جيڪو ھن پاڻ قيدخاني ۾ لکيو سو چند انھن مسودن مان آھي، جيڪي سلامت رھجي ويا آھن.
نازين تي فتح حاصل ڪرڻ کان ڪجهہ وقت پوءِ، ھي مسودو پڻ ايني فرانڪ ۽ پيٽر موئن جي ڊائرين وانگر ھڪ اھڙو دستاويز ثابت ٿيندو، جيڪو ايندڙ ڪيترن ورھين تائين انھن مشڪلاتن ۽ مصيبتن جي ياد ڏياريندو، جيڪي جنگ جي زماني ۾، ھڪ غير ملڪي طاقت ھٿان انفرادي طور ڪيترن مردن، عورتن، ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين برداشت ڪيون.
ھي دستاويز اسان جي زماني جا آھن _ ڪردار مختلف آھن ۽ انھن لکتين ۾ انساني تجربن کان وڌيڪ ظلم ۽ دٻاءءُ ھيٺ پسجندڙ بھادر انسانن جي ھمت، حوصلي ۽ خود قربانيءَ جا حيرت انگيز خاڪا پيش ٿيل آھن.
ظالم ھر ھنڌ ساڳيو آھي ۽ جتي جتي ھو پھچي ٿو، ۽ جنھن بہ ملڪ تي سندس حڪمراني ٿئي ٿي، اتي ھڪڙي ئي قسم جي دھشت، ظلم ۽ ڏھڪاءُ ڦھلائي ٿو. پر محڪوم ۽ ظلم جو شڪار عام انسان ذات، سڀ ڪجهہ برداشت ڪرڻ جي باوجود بہ ٻڌيءَ ۽ اتحاد بجاءِ رنگ، نسل ۽ مذھب جي ڪري ڇڙوڇڙ ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
ايني فرانڪ ھڪ خوش مزاج، غير ذميدار، حساس ۽ گهري نظر رکندڙ نوجوان ڇوڪري آھي، جا پنھنجي قلم جي وسيلي ڪھاڻيءَ کي اھڙيءَ چٽائيءَ سان پيش ڪري ٿي، جھڙي ھوند ڪو سٺو افسانہ نويس لکي سگهي. ٻئي طرف پيٽر موئن آھي _ انتھائي مايوس ۽ دلشڪستہ، بيمار ۽ اداس. دنيا ۾ بلڪل اڪيلو، جنھن جا جرمنن سان مقابلي وارين سمورين سرگرمين سان لاڳاپا ٿي چڪا آھن ۽ ڏاڍيءَ تڪليف سان ڄڻ پنھنجي خدا سان ملڻ جون راھون پيو ڳولي، مگر ملنس نٿيون ۽ ٻئي طرف جولس فوچڪ خوش مزاج. ھو ايني فرانڪ وانگر غير ذميداريءَ بجاءِ گهري نظر رکندڙ ۽ حساس آھي ۽ ھن کان وڌيڪ پختو، باشعور مجاھد جنھن جو پنھنجي مقصد ۾ پختو يقين آھي ۽ پنھنجي ھم وطن مردن ۽ عورتن لاءِ نھايت گهرا جذبا سانڍي ٿو. اھي ٽئي رپورٽر، پنھنجي، پنھنجي زندگيءَ جو داستان ٻڌائين ٿا. اھڙيون زندگيون، جيڪي مصيبت واري دور مان گذري آيون آھن. انھن مان ھر ھڪ جو پنھنجو اثر آھي. سندن زندگيءَ جي ھر ھڪ ورق ۽ ھڪ ھڪ اکر ۾ ھڪ عظيم ليکڪ جو ڪردار محسوس ٿئي ٿو. انھن مان ھر ھڪ پورھيت عوام کان اھو سوال پڇي ٿو: ”تون بہ ھوند ائين ڪرين ھا، جيئن مون ڪيو؟“ انھن مان ھر ھڪ جي اندر جو نچوڙ پڌرو ٿئي ٿو. انھن مان ھر ھڪ پنھنجي انسان ڀائرن ڏانھن ليکڪ جي لاڙي جو عڪس پيش ڪري ٿو. انھن مان ھر ھڪ پنھنجي انقلابي ساٿين کي اھڙيون تدبيرون ۽ ھمتون ٻڌائي ٿو، جي ھر ھڪ انقلابيءَ کي زندھ رھڻ ۾ مدد ڏين ٿيون.
انافرئنڪ وٽ سندس نوجوانيءَ ۽ زندگيءَ لاءِ تڙپ آھي، پر موئن وٽ تيز ذھن ۽ پنھنجي اندر جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جي وڏي قوت آھي؛ ۽ جولس فوچڪ وٽ وري قربانيءَ جو جذبو، زندگيءَ سان پيار، بي پناھ ھمت ۽ اٿاھ حوصلو آھن.
ھت اسين اھي تشبيھون ڇڏي، ھن تخليق جو ذڪر شروع ڪري سگهون ٿا. ھڪ اھڙي تصنيف، جنھن کي سرد جنگ جي آيل ديوارن سببان ڪميونسٽ دنيا کان ٻاھر مقبول ٿيڻ جو موقعو نہ مليو آھي. ھت اھو ٻڌائڻ نامناسب نہ ٿيندو، تہ اوڀر يورپ، سوويت يونين ۽ چين ۾ ھن تخليق کي تمام گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. جنگ کان پوءِ جيڪي بہ ادبي تخليقون شايع ٿيون آھن، تن ۾ ھن تصنيف جي اشاعت سڀني کان وڌيڪ آھي.
ھيءَ تصنيف ٦۵ ٻولين ۾ ڇپجي چڪي آھي ۽ جيڪا جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ٻولين ۾ شايع ٿي رھي آھي. چيڪوسلاويڪيا ۾ ھن تصنيف اشاعت جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آھن. ڪميونسٽن چيو موت جي منھن ۾ انساني سورھيائيءَ جي عظيم ڪردار ادا ڪرڻ جو فقط ھيءُ ئي ھڪ مثال نہ، پر ڪميونسٽ ادب ۾ سورھيائيءَ سان مقابلي ڪرڻ وارين عظيم آکاڻين ۾ شمارجڻ سان گڏو گڏ ھن ڌرتيءَ کي رھڻ لائق بڻائڻ لاءِ انساني جدوجھد جي تاريخ جو اھم باب آھي، انھيءَ ڪري ھن تصنيف کي ھڪ سورھيہ ۽ اٽل ارادي واري انسان جي سرگذشت سمجهي پڙھڻ گهرجي.
.......... .......... ...........
جيل ۾ لکيل ھيءُ داستان جيتوڻيڪ مختصر آھي، تنھن ھوندي بہ گذريل جنگ وقت چيڪوسلاويڪيا ۾ زير زمين تحريڪ جي صورتحال کي نھايت چڱيءَ طرح پڙھندڙن اڳيان پيش ڪري ٿو. ھن شاھڪار جو پڙھندڙ پراگ مان ٿيندڙ انقلابي سرگرمين کان پوريءَ طرح واقف ٿي ويندو ۽ چيڪ قوم بابت بہ ڪافي معلومات ملندي. اھو بہ ممڪن آھي تہ ھن تصنيف پڙھڻ کان پوءِ جولس فوچڪ جي ھن کان اڳين سالن واري زندگيءَ بابت معلومات حاصل ڪرڻ جي خواھش پيدا ٿئي. يعني چيڪ عوام جو ھيءُ محبوب ۽ سورھيہ ساٿي ڪٿي پيدا ٿيو؟
ھيءَ کل مک سورھيہ شخصيت دشمنن سان مقابلي ٿيڻ کان اڳ ڪھڙي نموني زندگي گذاري ھئي؟ باقي عوام اڳيان ھڪ صحيح اڳواڻ جي حيثيت ۾ سندس شخصيت ڪيئن اُسري؟ جنگ کان اڳ ھن پنھنجي ملڪي عوام جي زندگيءَ لاءِ ڇا ڪيو؟ بھرحال فوچڪ جي زندگيءَ بابت مٿين سوالن مان ڪن جي جوابن ڏيڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.
جولس فوچڪ سال ۱۹۰۳ع ۾، پراگ شھر جي ھڪ صنعتي علائقي ۾ ڄائو ھو. پڻس رُڪ جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو ھو ۽ ڊرامن ۾ راڳ جو پارٽ ادا ڪندو ھو. ماڻس وري سبڻ ۽ ڀرت جو ڪم ڪندي ھئي. سندس چاچي کي بہ جولس فوچڪ سڏيندا ھئا. ھن دوراڪ جي استاديءَ ھيٺ موسيقيءَ جو فن سکيو ۽ پوءِ پاڻ ڪيتريون لوڪ ڌنون ٺاھيائين. سندس موسيقي برطانيہ ۾ چڱي مقبول آھي ۽ بي بي سي تان ھلڪن پروگرامن ۾ شامل ڪئي وڃي ٿي. فٽ بال ڏسندڙ ماڻھن ۾، سندس اھا ڌن، جنھن ۾ فوجن جي پيش قدميءَ جو اظھار آھي، گهڻي مقبول آھي.
نوجوان فوچڪ کي راڳ ۽ موسيقيءَ سان پيار ورثي ۾ مليو ۽ خاص ڪري ٿيئٽر جي ڪم ۾ وڏي ھوشياري، جنھن اڳتي ھلي سندس زندگيءَ تي وڏو اثر وڌو. ھو اڃا اڍائي ورھين جو معصوم ٻار ھو جو پھريون ڀيرو اسٽيج تي آيو.
جولس اڃا ڏھن سالن جوھو، تہ سندس خاندان پلسين ۾ اچي لڳو، ۽ ٻئي سال ملڪ ۾ لڙائي شروع ٿي ويئي. سندس پيءُ اسڪوڊا ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو ھو. جولس رات پالي وقت ھميشہ پيءَ جي ماني آڻيندو ھو، ان ڪري ننڍي ھوندي ئي جولس کي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ مزدورن جي زندگيءَ جي خبر پئجي ويئي. جنگ جي ڪري مزدورن جي بُک ڏک جو بہ کيس سڌيءَ طرح پتو پيو. ھڪ ڀيرو ھن ڏٺو تہ ھڪ فوجي لاريءَ مان ڊبل روٽيءَ جا ٽڪل چوري ڪندڙ ٻارڙن کي، فوجين گولين سان ختم ڪري ڇڏيو ھو.
ٻارھن ورھين جي عمر ۾، ھن اخبار نويسي شروع ڪئي، ۽ پاڻ ايڊيٽر ٿيو. سندس پھرين ننڍڙي رسالي جو نالو ”سلووان“ ھو، جو اسڪول واريءَ زندگيءَ ۾ شايع ٿيو ھو. ان ۾ ويئانا مان جاري ڪيل سرڪاري پڌرائي، ڏيساور جون خبرون، سماجي حالتن تي تبصرا، ھڪ ادبي صفحو ۽ ٿئيٽر ۽ راندين جون خبرون، ۽ اشتھار ڏنل ھئا.
انھيءَ پھرينءَ ڪوشش مان ئي ظاھر ٿي ويو تہ فوچڪ جو لکڻ جو طريقو بلڪل صاف ۽ انسان دوستيءَ وارو آھي. جنگ جي وقت جون حالتون ۽ اصل ’نالي‘ ھيٺيون مضمون، ”سلووان“ جي پھرين پرچي مان کنيو ويو آھي.
”اٽي ۽ ڊبل روٽي تي راشن سببان پلسين ۽ ٻين ھنڌن تي چڱي بيچئني پيدا ٿي آھي. مٿين توڙي ھيٺين طبقن جون عورتون ٻاھر گهٽين ۾ وڏي آواز راشن تي بحث ڪري رھيون آھن، ۽ ڪي روئي بہ رھيون آھن“؟
”ڇا، روئڻ جو بہ ڪو سبب آھي؟“
”ھائو، اٺن ماڻھن وارو ڪٽنب زندھ رھي! وڏيءَ عمر وارا تہ ويلو ٻہ کاڌي کان سواءِ بہ گذارو ڪري سگهن ٿا، پر ٻارڙا تہ اسڪولن مان موٽڻ تي جڏھن ڊوڙي پنھنجي مائرن کي چنبڙندا ۽ چوندا آھن: اما، اما، بک لڳي آھي ماني ٽڪر ڏيم!، تڏھن امڙ ويچاري ڇا ڪري؟ ڀانيو ٿا تہ ھوءَ ڪو ائين چوندي: ’نہ، آءٌ توکي ماني نہ ڏينديس!“ ھرگز نہ! ھوءَ ڪڏھن بہ ائين ڪانہ ڪندي، بلڪ پنھنجي ڊبل روٽيءَ مان وڏو ٽڪر وڍي پنھنجي ٻچڙن کي ڏيندي، پوءِ ڀل پاڻ ڪيترن ئي ويلن جي بکايل ڇونہ ھجي.“
ان کان پوءِ فوچڪ ٻيا بہ ڪيترا رسالا ڪڍيا، انھن رسالن ۾ فوچڪ جي مضمونن مان پڙھندڙن کي زندگيءَ جي مسئلن کي منھن ڏيڻ ۽ مشڪلاتن سر ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ جي تڙپ ظاھر ٿئي ٿي. ھن ننڍپڻي ۾ ئي پنھنجي اڳيان وڏو مقصد رکيو، ۽ سورھين ورھن جي عمر ۾ ھڪ مضمون ۾ لکيائين تہ:
”مون کي خوشي فقط اخلاق جي اعلي`معيار تي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پر ڪير انھيءَ اعلي`معيار تي پھچي سگهي ٿو؟ تنھن ڪري انھيءَ معيار تي پھچڻ جي ڪوشش ڪندي، اميد اٿم تہ آخر آءٌ خوشيءَ کي ڳولي ھٿ ڪندس پر ھينئر آءٌ سوچيندي سوچيندي ٽالسٽاءِ جي انھيءَ اعلي` اصول تي پھتو آھيان تہ انسان لاءِ حقيقي خوشي ڪم ۽ فقط ڪم ئي آھي!“
ھو اڃا اسڪول ۾ ئي پڙھندو ھو تہ ھڪ طنزيہ رسالي، ”نيبوسا“ ۾ مضمون لکڻ شروع ڪيائين. انھيءَ رسالي جا ايڊيٽر، جي. ايس. مچر ۽ ڪارل ڪاپيڪ ھئا، جيڪي جديد چيڪ ادب ۾ وڏي اھميت رکن ٿا. ھن ان وقت ھڪ فرضي نالي سان رسالي ڏي ھڪ مضمون موڪليو، جيڪو فوري شايع ڪيو ويو. رسالي وارن کيس پنھنجيءَ پوري ائڊريس موڪلڻ لاءِ لکيو. فوچڪ پنھنجي ائڊريس ۽ نالو موڪليو ۽ ان کن پوءِ فوچڪ باقاعدگي سان سان انھيءَ رسالي ۾ لکندو رھيو. نيٺ اھو وقت آيو، جو جي. ايس. مچر، جولس فوچڪ کي پراگ گهرائي، رسالي جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني، جو مچر کي فوچڪ جي مضمونن جي طرز ۽ خيال ڏاڍا وڻيا. فوچڪ پراگ شھر جي پراڻي حصي ۾، مچر جي گهر پھتو ۽ گهنٽي وڄايائين.مچر پاڻ در تي آيو، پر در کولڻ تي ڏٺائين تہ ڦاٽل پتلون ۽ پراڻي فوجي قميص ۾ ھڪ ڇوڪرو بيٺو آھي. سمجهيائين تہ فقير آھي ۽ کيسي ۾ ھٿ وجهي خيرات ڏيڻ لاءِ ٻہ ٽي پئسا ڪڍڻ لڳو. فوچڪ سمجهي ويو تہ ڳالھ ڇا آھي. پر ھو ماٺ ڪري بيٺو رھيو. جڏھن ايڊيٽر صاحب فوچڪ جي ھٿ تي خيرات جا پئسا رکڻ لڳو، تڏھن فوچڪ کلندي وراڻيس: ”سمجهان ٿو تہ ڪا غلط فھمي ٿي آھي. اوھان تہ مون کي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏني ھئي.“ مچر ٿورو منجهي پيو، ۽ فوچڪ وٽان کيس اھڙيءَ ثابتي ڏيڻ جي ضرورت محسوس ٿي. جڏھين جولس فوچڪ پنھنجي سڃاڻپ لاءِ لکيل ادبي شاھدي پيش ڪئي، تڏھين کيس ھڪدم ايڊيٽوريل بورڊ ۾ وڏي خوشيءَ سان شامل ڪيو ويو.
فوچڪ پڙھندو تمام گهڻو ھو ۽ ڪتاب سندس زندگيءَ جي ضرورت جو ھڪ اھم جز ھئا. ۱۹۱۹ع ۽ ۱۹۲۹ع جي وچ ۾، ھن جيڪي ڪجهہ پڙھيو، تنھن جو تفصيلي رڪارڊ اڄ بہ سلامت آھي. اھو رڪارڊ ڇھ سو صفحن جو آھي. ان ۾ فوچڪ ھر انھيءَ ڪتاب جو تجزيو ڪيو آھي، جيڪو سندس نظرن مان گذريو آھي. ان مان سندس ادبي شوق، سندس شعور جي قوت ۽ گهرائي ظاھر ٿئي ٿي. ھن چيڪ ادب جو تمام گهڻو مطالعو ڪيو، ۽ گڏوگڏ انگريزي، فرينچ، روسي، آمريڪي ۽ جرمن ادب جي بہ کيس چڱي ڄاڻ ھئي. فوچڪ انگريزي زبان جي اديبن مان شيڪسپيئر، شيلي، بائرن، آسڪروائلڊ، ڪپلنگ، برناڊشا ۽ ايڇ جي ويلس جي لکڻين جو گهرو مطالعو ڪيو. ھن ۱۹۳۸ع ۾، پنھنجي نئين ذھن جي شروعات واري دور تي نظر وجهندي لکيو آھي، تہ جڏھن آسپاس نظر ورائي ڏٺم، آءٌ جنگ جي زماني ۾ وڏو ٿيس تڏھن محسوس ڪيم تہ ھن دنيا ۾ ڪا وڏي خامي موجود آھي، جنھن سببان زندگيءَ جا ڳولائو انسان، پنھنجي مرضيءَ نہ ھوندي بہ مجبور ٿي ھڪ ٻئي سان وڙھن ٿا. ٻين لفظن ۾ کڻي چئجي، تہ مون معاشري تي نڪتہ چيني شروع ڪئي، ڪتاب ۽ ٿيئٽر منھنجي زندگيءَ جو وڏو ۽ اھم حصو رھيا. مون انھن کي ڦلھورڻ شروع ڪيو. ڪتابن کي ڦلھوريندي انھيءَ نتيجي تي پھتس تہ ڪي ٿورا ڪتاب سڄ ڳالھائين ٿا، باقي تہ بنھ ڪوڙ تي سندرو ٻڌيو بيٺا آھن، تہ ڪي وري بنھ انڌا ٻوڙا آھن. مون فيصلو ڪيو تہ مون کي ھيءَ ضرور اپيل ڪرڻي پوندي تہ ڪنھن بہ ڪتاب کي ڪوڙ ڳالھائڻ يا انڌو ٻوڙو ٿيڻ نہ گهرجي. دنيا کي بھتر بڻائڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ ۾ مون حقيقت جي انھيءَ اظھار کي پنھنجو فرض سمجهيو. اھڙيءَ طرح مون ڪتابن ۽ ٿيئٽر بابت فقط تنقيدي نگاھ سان لکڻ شروع ڪيو.
پر، فوچڪ اھڙو ماڻھو نہ ھو، جيڪو پاڻ کي رڳو لکڻ جي عمل تائين مطمئن رکي سگهي. سماجي انصاف لاءِ سندس سيني ۾ اٿاھ تڙپ، ھم وطن غريب عوام ساڻ ويجهائپ پيدا ڪندي، کيس، زندگيءَ جي بھتر بڻائڻ لاءِ جدوجھد ۾ سرگرم حصي وٺڻ ڏانھن جهڪي ويئي. ڪافي دلچسپين ۽ بي پناھ دماغي قوت جي باوجود، ھن پنھنجي سموري قوت جدوجھد دوران عوام مان ئي حاصل ڪئي. اھو عوام جنھن مان پاڻ پيدا ٿيو ۽ جن جي ڏکن سورن ۾ ننڍپڻ کان ئي ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لڳو، يعني چيڪ مزدور ۽ خاص ڪري شھري مفلس عوام، ھو شروع کان ئي جيڪي ڪجهہ لکندو ھو، تنھن مان عوام سان ويجهڙائي ڏسڻ ۾ ايندي ھئي. عوام سان خيالن جي ڏي وٺ جو سندس اھوئي طريقو ھوندو ھو ۽ ھن انھيءَ مقصد لاءِ اخبار کي استعمال ڪيو ھو. ”ڦاسيءَ جي تختي تان“ جي مھاڳ ۾ اڻويھين صديءَ جي چيڪ اديب، جان برودا، فوچڪ جو ذڪر ڪندي لکيو آھي تہ: اخبار جيڪا زندگيءَ جي اوڻاين کي ظاھر ڪرڻ جو بھتر وسيلو آھي، ھو اخبار رستي ئي عوام جا جذبا پيش ڪندو ھو، کين دلداري ڏيندو ھو ۽ منجهن ھمت ۽ حوصلي پيدا ڪرڻ لاءِ نئون روح ڦوڪيندو ھو. ٻيو اھڙو ايڊيٽر شايد مشڪل ملي، جنھن اخبار کي پنھنجي اعلي` انساني جذبن ظاھر ڪرڻ لاءِ، بيباڪيءَ سان استعمال ڪيو ھجي، جنھن نموني جولس فوچڪ استعمال ڪيو. ھو ھڪ عظيم اديب ۽ اعلي` صحافي ھو ۽ سندس قلم سڄي ڄمار عوام جي دشمنن جي خلاف مضبوط تلوار جيان وھندو رھيو. سندس اڪثر ڇپيل ڪتاب اخبارن ۾، شايع ٿيل مضمونن جا مرتب ڪيل مجموعا آھن. انھن کي فقط اخباري مضمون چوڻ، ڪنھن بہ طرح مناسب نہ آھي.
فوچڪ جي ھميشه اھائي خواھش ھوندي ھئي، تہ عوام ۾ سجاڳي آڻڻ کان سواءِ ڪوبہ پل لکڻ کان واندو نہ ھجي. پر پوءِ جڏھن اڳتي ھلي عوام دشمنن خلاف موتمار عملي ڪاروايون ڪرڻيون پيون، تڏھن فوچڪ ھڪ بھادر سپاھيءَ جيان، دشمنن سان ھر محاذ تي وڙھندو رھيو.
جيڪڏھن فوچڪ جا مضمون فقط وقتي اھميت جا حامل ھجن ھا تہ، ويھ سالن کان پوءِ ڇپجڻ بعد سندن ۾ ڪابہ ڪشش نہ رھي ھا. حقيقت ھيءَ آھي تہ اھي مضمون ھڪ نرالي خصوصيت جو ادب آھي. ھن دور جي چليءَ جي ھڪ وڏي شاعر پبلو نرودا، لکيو آھي تہ ”اسين ھڪ اھڙي دور ۾ رھون پيا، جنھن کي ادب ۾ ھڪ ڏينھن ’فوچڪ جو دور‘ سڏيو ويندو. تاريخ ۾ شايد ڪنھن بہ اديب جي تصنيف ۾ ايتري سادگي ۽ ايڏي وڏي سچائي پيش نہ ٿي آھي، جيڏي جولس فوچڪ جي لکڻيءَ ۾ آھي.“
فوچڪ بعد ۾ سياسي سرگرمين ۾ گهڙي پيو. ياد رھي تہ سندس وطن ترقيءَ جي انتھائي مشڪل مرحلن تي ھو. بوھيميا، قديم زماني ۾ ھڪ وڏي بادشاھت ھئي، پر بوھيميا تي ۳۰ سالہ جنگ جي شروعات سان بدقسمتي ڇانئجي ويئي. جڏھن ۱٦۲۰ع ۾، مفيد جبل جي لڙائي ايندڙ ٽن سؤ سالن لاءِ ملڪ جي قسمت جو فيصلو ڪري ڇڏيو، تڏھن بوھيميا آسٽريليا جو غلام ٿي ويو. پھرين عالمي لڙائيءَ وقت، اوڀر روس ۾ انقلاب آيو، جنھن سڀني قومن لاءِ ”خوداراديت“ واري حق جو مطالبو ڪيو ۽ اولھ ۾ اتحادي ملڪن اعلان ڪيو، تہ چيڪ ۽ سلواڪ قومن جي ٻيھر آزادي قائم ڪرڻ، سندن جنگي مقصدن ۾ شامل آھي. انھيءَ کان پوءِ چيڪ ۽ سلواڪ قومن محسوس ڪرڻ شروع ڪيو، تہ سندن سڀ کان عزيز خواھشون پوريون ٿي سگهن ٿيون. چيڪوسلاويڪيا اندر جيئن پوءِ تيئن گهڻا مظاھرا ٿيڻ لڳا، جن جي ڪري لڙائيءَ جي ٽن محاذن تي وڙھندڙ ھزارين چيڪ باشندن ۾ نوان جذبا پيدا ٿيا. ھنن اتحادين کان اھا ڳالھ مڃرائي تہ، چيڪوسلاويڪيا ھڪ اتحادي ملڪ آھي. ان بعد چيڪوسلاويڪيا جن مدبرن جي ڪوشش کي وڏي ھٿي ملي. اھڙي ھڪ مظاھري ۾ ۱۰ سالن جو جولس، پھريون ڀيرو سياسي جدوجھد جي ميدان ۾ آيو. جيڪو يوم مئي جي موقعي تي غير قانوني نموني ڪيو ويو.
ڪجهہ سالن کان پوءِ فوچڪ لکيو، تہ ۲۸ آڪٽوبر ۱۹۱۸ع تي ھڪ ماڻھو شاگردن ۽ مزدورن جي ميٽنگ ۾ ڊوڙندو آيو ۽ چيائين تہ پراگ ۾ جمھوريہ چيڪوسلاويڪيا قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي. ان اعلان اسان ۾ زبردست جوش و خروش پيدا ڪيو. ميٽنگ اٽڪل آڌي رات تائين ھلي. مون گهر موٽندي محسوس ڪيو تہ ھڪ ٻن دوستن کي ننڊ مان اٿاري خبر ٻڌايان. انھن مان ھڪ سوشل ڊيموڪريٽ ھو، جيڪو ھن واقعي جي اھميت مڃڻ لاءِ تيار نہ ھو. ھن سوال ڪيو تہ ”اسانجي آزاديءَ جو ڪنھن اعلان ڪيو آھي؟ ۽ نئين آزاديءَ جو اڳواڻ ڪير آھي؟“ فوچڪ جو چوڻ آھي مون کي سخت گهٻراھٽ ٿي، تہ ڇا، اِھا سڄيءَ قوم لاءِ آزادي نہ ھئي؟
اھا ڳالھ ٻولھ اھميت واري ھئي، ڇاڪاڻ تہ انجو سندس سوچ ۽ ويچار تي گهڻو اثر پيو ۽ ايندڙ سالن ۾ جيڪي ڪجهہ لکيائين؛ تنھن مان اڪثر شين کي، سمجهڻ لاءِ ھڪ پرک ڪسوٽي آھي. سال ٻن کان پوءِ ۱۹۲۰ع ۾، ھو سوشل ڊيموڪريٽ پارٽيءَ جي کاٻيءَ ڌر ۾ ڪم ڪرڻ لڳو ۽ جڏھن ۱۹۲۱ع ۾ چيڪوسلاويڪيا ڪميونسٽ پارٽي ٺاھي ويئي، تڏھن ھو، پارٽيءَ جي بنياد وجهندڙ ميمبرن مان ھڪ ھو.
تعليم واري زماني ۾ بہ ھو کاٻيءَ ڌر جي اخبارن ۾ مضمون لکندو ھو. فوچڪ جا اھي شروعاتي سال بہ سرگرمين سان ڀرپور ھئا. اخبارن ۾ مضمونن لکڻ جي ڪم سان گڏوگڏ کيس ڪجهہ شلنگ ڪمائڻ لاءِ بہ رستا ڳولڻا پيا، تہ جيئن يونيورسٽيءَ ۾ تعليم جاري رکي سگهي. کيس مضمونن جو اجورو بلڪل ٿورو ملندو ھو.
ھن پيٽ گذر لاءِ، پينسلن جي اشتھارن جو ڪم شروع ڪيو، پر ان ڌنڌي ۾ گهڻو وقت ڪين رھيو. ھي جڏھن پينسلن جي اشتھارن لاءِ گهٽين ۾ نڪرندو ھو، تڏھن ماڻھو گهيري ويندا ھئس ۽ جيڪڏھن ڪو واقف ماڻھو ملندو ھوس، تہ ڌنڌي کي وساري ان سان سوشلزم ۽ چيڪ ادب تي بحث شروع ڪري ڏيندو ھو.
ھڪ ٻئي موقعي تي ھڪ دڪاندار، ھن کي پاڻ وٽ نوڪري ڏيڻ تي راضي ٿيو. فوچڪ تي اھا ڊيوٽي ھئي، تہ ھو گراھڪن کي گهربل سامان گهر پھچائي ڏئي، پر نوڪريءَ تي چڙھڻ کان اڳ جڏھن دڪاندار پڇيو تہ ”ھن کان اڳ ڇاڪندو ھئين؟“ تڏھن فوچڪ کيس ٻڌايو تہ ”يونيورسٽي“ ۾ فلسفو پڙھي رھيو آھيان“ فوچڪ جو ائين چوڻ دڪاندار جي اکين اڳيان ڄڻ تہ ڪارا ڪڪر اچي ويا، ۽ ھن نوڪري ڏيڻ جي آڇ ھڪدم واپس ورتي.
يونيورسٽي ڇڏڻ کان پوءِ، فوچڪ حڪومت جي تعميراتي کاتي جي ھڪ آفيس ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. پر سندس اھا نوڪري بہ جٽادار ثابت نہ ٿي، ڇاڪاڻ تہ اتي ڪم ڪندڙ مزدورن جي پٺڀرائيءَ ۽ ھڙتال ڪرڻ لاءِ ھمٿائڻ تي، کيس نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو. ھو پوءِ رستي تي ڪم ڪندڙ مزدورن سان گڏجي ڪم ڪرڻ لڳو ۽ ھر ڇنڇر تي پراگ ۾ وڃي، ”سوشلستا“ ۽ ”پرامين“ رسالن لاءِ ٿيئٽر تي تبصرا لکندو ھو.
۱۹۲۵ع ۾ ھو ٻين ٻن ڄڻن سان گڏ ”انوات گارڊ“ جو ايڊيٽر مقرر ٿيو ۽ اھڙي نموني پوريءَ طرح ان ڌنڌي ۾ گهڙيو. اُتي ھن پنھنجو چڱو نالو پيدا ڪيو، ساڳئي سال ”رودي پرادو“ نالي ھڪ اخبار ۾ ٿئيٽر بابت مضمون ۽ تبصرا لکڻ شروع ڪيائين، ۱۹۲۷ع کان ۱۹۲۹ع تائين. ھو رسالي ”ڪمين“ جو ايڊيٽر ھو ۽ ۱۹۲۷ع کان وٺي ھو ھڪ مکيہ نقاد جي حيثيت ۾ لکندو رھيو. ان بعد ”توريا“ نالي ھڪ رسالي جو ايڊيٽر ٿيو ۽ جنگ وارن سالن جي برک نقاد، ايف ايڪس سالڊ، سان گڏجي ڪم ڪيائين. ھن اتي ڪم ڪندي، ٿوري ئي عرصي ۾ ظاھر ڪيو تہ منجهس ھڪ ئي وقت گهڻن رسالن جي ايڊٽ ڪرڻ جي وڏي قوت ۽ صلاحيت آھي. جڏھن نازين سندس ملڪ تي قبضو ڪيو، تڏھن ھو ساڳئي وقت ۾ ۹ زير زمين ننڍيون اخبارون ۽ ڪيترا رسالا ايڊٽ ڪندو رھيو.