باب ٽيون: ڪال ڪوٺڙي 267.
انھي جي مون کي خبر آھي.
پانڪريڪ جي ھن ڪال ڪوٺڙي جي ڪاٺ جي فرش تي مون ڪيترائي ڀيرا اچ وڃ ڪئي آھي! شايد ھن ئي ساڳي ڪال ڪوٺڙي ۾ مون کي ھڪ دفعو اڳ بہ ويھڻو پيو ھو، انھي ڪري مون چيڪ سرمايه دارن جي خطرناڪ پاليسي جي ڪري چيڪ قوم لاءِ نڪرڻ وارا نتيجا صاف پئي ڏٺا. ھن وقت ھو منھنجي قوم کي قربان گاه تي چاڙھي رھيا آھن، ڪال ڪوٺڙي جي در اڳيان جرمن پھريدار پھرو پيا ڏين ۽ ٻاھر ڪنھن ھنڌ انڌيون سياسي قوتون غداري جو ڄار اُڻي رھيون آھن. انسان کي سجاڳ ٿيڻ ۾ ڪيتريون صديون لڳنديون؟ ڪيترن ھزارين ڪال ڪوٺڙين مان انسان ذات کي اڳتي وڌڻ لاءِ لنگھڻو پيو آھي؟ ۽ اڃا وڌيڪ ڪيتريون ڪال ڪوٺڙيون اينديون؟ او، نرودا جا يسوع مسيح ٻار، انسان جو روشني ڏانھن سفر اڃا پڄاڻي کان گھڻو ئي پري آھي. پر: وڌيڪ ننڊ نہ ڪر، وڌيڪ ننڊ نہ ڪر!
ست قدم ھوستائين ۽ ست قدم واپس. ھڪ ڀِت وٽ کٽ آ، جنھن کي ويڙھي بہ ٿو سگھجي ۽ ٻي ڀِت وٽ اڻ وڻندڙ ڀوري رنگ جو ڪٻٽ جنھن ۾ ٺِڪر جا ٿانءَ پيل آھن. ھائو، ان جي خبر اٿم. ھاڻي رڳو ان کي مشيني بڻايو ويو آھي، ڪال ڪوٺڙيءَ کي گرم ڪرڻ جو انتظام آھي، پاڻيءَ جي بالٽي جي جاءِ تي پاڻيءَ جي ننڍڙي ٽانڪي آھي- ۽ سڀ کان وڌيڪ تہ ماڻھن کي مشيني بڻايو ويو آھي. خودڪار اوزار وانگيان بٽڻ تي زور ڏئي يعني ڪال ڪوٺڙي جي در ۾ ڪنجي ڦيرائي يا جاسوسي ڳڙکو کول تہ قيدي ٽَپ ڏيئي اٿندا پوءِ کڻي ھو ڇا بہ ڪندا ھجن ۽ ھڪ ٻئي جي پٺيان اٽينشن جي حالت ۾ ٿي بيھندا. ڪال ڪوٺڙي جو در کوليو تہ ڪال ڪوٺڙي جو مُک يڪي ساھ رڙ ڪندو:
”اٽينشن!- ڪال ڪوٺڙي ٻہ سو ستھٺ- جنھن جا ٽئي ماڻھو آرڊر ۾ ھجن.“
تہ پوءِ: 267. اھا آھي اسان جي ڪال ڪوٺڙي. پر ھت خودڪار طريقو ڪم نٿو ڪري. فقط ٻہ ماڻھو ٽَپ ڏئي اٿن ٿا. آئون دري ھيٺ تڏي تي پيٽ ڀر ليٽيو رھان ٿو. ھفتو، پندرھن ڏينھن، مھينو، ڇھ ھفتا- آئون ٻيھر ڄمان ٿو.
آئون ھاڻي پنھنجو ڪنڌ ڦيري سگھان ٿو، ھٿن ۾ چرپر ڪرڻ جي سگھ اٿم ۽ پنھنجن ٺونٺن تي پاڻ کي مٿي ڪري سگھان ٿو، مون سئين سمھڻ جي ڪوشش ڪئي آھي...... اھڙي نموني رھڻ کان ان بابت لکڻ يقينًا سولو آھي.
ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ پڻ ڦير ڦار ٿـئي پئي. ڪال ڪوٺڙي جي در تي ٽن جي بدران ٻہ ماڻھو رکيا اٿن، ھتي اسين بہ ھاڻي ٻہ وڃي بچيا آھيون. ڪارليڪ اوجھل ٿي ويو آھي. ھو ان جوڙي منجھان آھي جنھن منھنجي بيھوشي وقت گيت ڳايا ھئا. سندس پويان فقط ھڪ ياد وڃي بچي آھي. آئون ھن کي فقط اڌ غشيءَ ۾ ڏسان ٿو ۽ سو بہ اسان سان گڏ سندس آخري ٻن ڏينھن بابت. ھو صبر ۽ تحمل سان پنھنجو داستان وري وري پيو ٻڌائي ۽ مون کي وري ڳالھ جي اڌ ۾ ڳھر ٿو اچي.
سندس نالو ڪاريل ماليڪ آھي، ھو انجڻ ھلائيندڙ آھي ۽ ھڊلائس ويجھو ڪچي لوھ جي کاڻ ۾ ڪم ڪندو ھو. اتان ھو گھرو محاذ لاءِ بارود لڪ چوري موڪليندو ھو. اٽڪل ٻہ سال اڳ کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ ھاڻي ڪيس ھلائڻ لاءِ وٺيو پيا وڃنس، شايد برلن ڏانھن؛ ٻيا بہ ڪيترائي ڦاٿل آھن، خبر نہ آھي نتيجو ڇا نڪري. کيس ھڪ زال ۽ ٻہ ٻارڙا آھن، جيڪي کيس تمام پيارا آھن – پر توکي خبر آھي تہ آخر اھو منھنجو فرض ھو. ٻيو ڇا ٿي ڪري سگھيس.
ھو گھڻي دير تائين مون سان گڏ ويٺو ۽ مجبور ڪيائين تہ ڪجھ کان. نٿو کائي سگھان.
ڇنڇر.
مون کي ھت آئي اٺ ڏينھن ٿيا آھن؟ ھو ھڪ وڏي ڪوشش ڪري ٿو: جيل جي جرمن ڪمپائونڊر کي ٻڌائي تہ جڏھن کان آئون ھت آيو آھيان ڪجھ بہ نہ کاڌو اٿم. پانڪريڪ جيل جو جرمن ڪمپائونڊر پاڻ خود شوروي جو پيالو کڻي اچي ٿو، ۽ پي ختم ڪرڻ مٿان بيٺو آھي. ھن جرمن ڪمپائونڊر جي علم کان سواءِ چيڪ ڊاڪٽر کي ايسپرين ڏيڻ جي بہ اجازت نہ آھي. ڪارليڪ پنھنجي ڪاميابيءَ تي مطمئن آھي ۽ ٻي ڏينھن تي ھو پاڻ آچر ڏينھن واري شوروي جو پيالو مون کي پياري ٿو.
پر معاملو اڳتي نٿو وڌي. سڀ ڏاٺون ڀڄي پيون اٿم. آچر جي ڏينھن واري ٻوڙ جا پٽاٽا بہ چٻاڙي نٿو سگھان ۽ منھنجي سسيل نڙي گرھ اندر ٿيڻ تي فرياد ٿي ڪري.
”ھي تہ گوشت ۽ ڀاڄين جو ٻوڙ بہ نٿو کائي سگھي!“ ڪارليڪ ڏک ۾ منھنجي مٿان ڪنڌ لوڏي ٿو.
پوءِ ھو ”بابا“ سان گڏ منھنجو حصو کائي ٿو.
توھان جيڪڏھن 1944 ۾ پانڪريڪ جيل ۾ نہ رھيا آھيو تہ پوءِ توھان کي ڪھڙي خبر تہ ڀاڄي گوشت جو ٻوڙ ڪيڏي وڏي نعمت آھي! بدترين حالتن ۾ جڏھن اوھان جي پيٽ ۾ بُک کان دھل پيا وڄن. جڏھن ٻيو نہ تہ بہ اکين سان ئي ھر ساٿيءَ اڳيان پنھنجي واري پاڻ حصي جو راشن ڦري ٿو. تڏھن پاڻيءَ جھڙي ٽماٽن جي رس ۾ سُڪل ڀاڄين جو گپ جھڙو ٻوڙ بہ ھڪ شاندار طعام ٿو لڳي. اھڙين خراب حالتن ۾ بہ ھفتي ۾ ٻہ ڀيرا خميس ۽ آچر جي ڏينھن باقاعدگيءَ سان باورچي توھان جي پليٽ تي پٽاٽا ۽ ھڪ چمچو ڀاڄي گوشت جو وجھندا آھن جنھن ۾ گوشت ڏسڻ ۾ ئي ڪونہ ايندو آھي. اھو ڪيترو نہ لذيذ آھي، ھائو لذيذ کان بہ ڪجھ وڌيڪ. انساني زندگي جي ڪي قدر مھذب يادگار، گسٽاپو جيل جي بي رحم انڌ ڌنڌ ۾ ڪا قائدي واري ڳالھ. اھڙي ڳالھ، جنھن جو خوشيءَ سان ذڪر ڪيو ويندو آھي. اڙي ڪير ٿو تصور ڪري سگھي تہ شوروي جي انھيءَ ھڪڙي چمچي ۾ جنھن مان موت سان دائمي ويجھڙائپ واري سرھاڻ ايندي ھجي، ڪيڏي نہ وڏي خاصيت آھي.
ٻن مھينن گذرڻ کان پوءِ مون ڪارليڪ جي تعجب کي سمجھيو آئون ڀاڄي گوشت بہ نٿو کائي سگھان! انھي کان وڌيڪ ٻي ڪابہ ڳالھ کيس منھنجي اڻ ٽر موت جو يقين نٿي ڏياري سگھي.
ايندڙ رات ٻين بجي ھنن ڪارليڪ کي ننڊ مان اٿاريو. کيس سفر جي تياري لاءِ صرف پنج منٽ ڏنا ويا، ڄڻ تہ ڪيڏانھن گھڙي کن لاءِ وَڃڻو اٿس ۽ اھڙو ڪو سفر نہ جيڪو ھن جي زندگيءَ جو ئي خاتمو ھجي، يا ڪنھن نئين جيل ڏانھن، ڪنھن اذيت واري ڪئمپ يا ڦاسيءَ واري جاءِ ڏانھن، ڪير ڄاڻي ڪيڏانھن!! ھڪ دفعو وري ھو منھنجي تڏي وٽ جھڪيو. منھنجو ڪنڌ ٻانھن ۾ جھلي، مونکي چُميائين. جيل جي وارڊن دالان مان رڙ ڪئي، ڄڻ تہ پانڪريڪ ۾ جذبن جي وجود ڪو حق نہ آھي؛ ۽ ڪارليڪ ٻاھر ھليو ويو. قلـف (قفل) ڏيڻ جو آواز.... ۽ ڪوٺڙيءَ ۾ فقط اسين ٻہ وڃي بچياسون.
اسين وري ڪڏھن ھڪ ٻئي ڏسنداسون؟ وري ڪڏھن موڪلائڻ ٿيندو؟ اسان ٻن مان پھرين ڪير ويندو؟ ڪيڏانھن؟ ھن کي ڪنھن سڏيو؟ ھڪ جرمن پوليس وارڊن؟ يا موت؟
آئون ھاڻي فقط تصور جي آڌار تي لکي رھيو آھيان جيڪو پھريون ڀيرو موڪلائڻ واري وقت کان وٺي اسان سان آھي. ان ڳالھ کي سال ٿي ويو آھي پر اسانجي ويل ساٿين جي ياد ور ور ڏئي موٽي ٿي. ڪال ڪوٺڙيءَ جي در تي ٻن جو انگ ھڪ دفعو وري ٻہ ۽ وري ٽي، ٻه، ٽي، ٻه، نوان قيدي اچن ٿا ۽ وڃن ٿا- فقط ٻہ جيڪي پھرين ڏينھن ڪال ڪوٺڙي 267 ۾ ھئا، اڃا تائين منجھس آھن.
”بابا“ ۽ آئون.
”بابا“ سٺ سال جي عمر جو ماستر آھي، نالو جوزف پيسيڪ اٿس، ھو ماسترن جو اڳواڻ ھو. کيس مون کان 85 ڏينھن اڳ آزاد چيڪ اسڪول سڌار تحريڪ جي وسيلي نازي حڪومت خلاف گڙ ٻڙ ڪرڻ جي الزام ۾ جھليو ويو ھو.
”بابا“ – ھي آھي ........
پر منھنجا نوجوان تون اھو ڪيئن لکندين. ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي. ٻہ ماڻھو ھڪ ڪال ڪوٺڙي ۽ ھڪ سال! انھي عرصي ۾ ”بابا“ لفظ جي مٿان واڪ نشان ختم ٿي ويا، انھي وقت اندر اسان ھڪ ٻئي جون عادتون، وڻندڙ محاورا ۽ ڳالھائڻ جو انداز بہ سمجھي ۽ سِکي وياسون- ڪوشش ڪر ۽ سڃاڻ تہ اھو منھنجو ڇا آھي ۽ بابا جو ڇا آھي. ھو ڪال ڪوٺڙي ۾ ڇا کڻي آيو ۽ مون ڇا آندو!
ھن رات ڏينھن منھنجي نظرداري ڪئي آھي ۽ جڏھن بہ موت ويجھو آيو آھي تڏھن منھنجي ڦٽن تي ڀِنل اڇيون پٽيون ٻڌي کيس ڊيڄاري ڀڄائي ڇڏيندو آھي. ھن بنا ڪنھن لالچ جي منھنجي ڦٽن تان گند ۽ پونءِ پي صاف ڪئي آھي ۽ ڪڏھن بہ ظاھر نہ ڪيو اٿس تہ ڪو ھو منھنجي تڏي تان ايندڙ ڌپ محسوس ڪري ٿو. ھن منھنجي ليڙون ٿيل قميص کي ڌوتو ۽ ٽوپا ڏنا جيڪا منھنجي آڏي پڇا جي شڪار ٿي وئي ھئي. پر جڏھن اھا قميص ٽوپن کان بہ چڙھي وئي تڏھن پنھنجي گنجي پائڻ لاءِ ڏنائين. ھن مون کي گل بھار ۽ گاھ جو ھڪ پن بہ آڻي ڏنو جيڪو پانڪريڪ جيل جي اڱڻ ۾ صبح جو اڌ ڪلاڪ واري چھل قدمي وقت لڪ چوري پٽي ورتو ھئائين. جڏھن آئون وڌيڪ آڏي پڇا لاءِ ويندو آھيان تڏھن ھو رحمدل اکين سان مون سان گڏ ھوندو آھي، ۽ جڏھن آئون تازن ڦٽن سان موٽندو آھيان تڏھن مون کي نيون پٽيون ٻڌندو آھي. جڏھن بہ ھو رات جو پڇا لاءِ وٺي ويندا آھن تڏھن منھنجي واپس موٽڻ ۽ مون کي تڏي تي ليٽائي چڱي طرح ڪمبل ڍڪڻ کان اڳ نہ سمھندو آھي. اسان جي شروعات اھڙي ھئي ۽ گڏ رھڻ ڪري جڏھن آئون اٿي ويھي ٿي سگھيس ۽ ھڪ پٽ وانگيان پنھنجا قرض لاھڻ شروع ڪيا ھئم تڏھن بہ ان ۾ ڪو ڦيرو ڪونہ آيو ھو.
پر منھنجا نوجوان! يڪساھي تون سڀ ڪجھ ڪيئن لکندين. انھيءَ سال ۾ ڪال ڪوٺڙي 267 جي زندگيءَ جا وڏا داستان آھن. بابا بہ ڪال ڪوٺڙي جي زندگي جي ھر گھڙي پنھنجي طريقي سان گذاري. اھو ٻڌائڻ ضروري آھي ۽ ھن داستان جي اڃا پڇاڙي نہ آھي. ”داستان ختم ٿيڻ جي ڳالھ ڪھڙي نہ پر اميد لڳي ٿي.“ ڪال ڪوٺڙي 267 جي زندگي جا ڊگھا داستان آھن. گھڻو ڪري ھر ڪلاڪ کان پوءِ در کلي ٿو ۽ چڪاس ڪئي وڃي ٿي. خطرناڪ ڪميونسٽ ڏوھاري تي سختي سان نگھباني جو حڪم آھي. وڏي اچرج جي ڳالھ آھي. ھت گھڻو ڪري اھڙا بہ ماڻھو مريو وڃن جن کي مرڻ لاءِ نٿو آندو وڃي. پر اِئين ورلي ٿئي ٿو جو اھو ماڻھو نہ مري جنھن جو موت سڀني جي خيال موجب ويجھو ھجي. جيل جي ٻين ڀاڱن مان وارڊن ھت اچي پاڻ ۾ ڳالھيون ڪن ٿا يا خاموشي سان ستل قيدين تان ڪمبل لاھي ڪنھن ماھر جي نظرن سان ڦٽ ڏسي لطف وٺن ٿا ۽ پنھنجي ڪميڻائپ جي درجي جو اظھار مختلف گفتن سان ڪن ٿا. اسان انھن مان ھڪ جو نالو ”ڊگھي نڪ وارو“ رکيو آھي. ھو ٻين کان وڌيڪ ايندو آھي ۽ کلندي پڇندو آھي تہ سرخ شيطان کي ڪجھ کپي. نہ مھرباني ھن کي ڪجھ بہ نہ کپي. ٿورن ڏينھن کان پوءِ ڊگھي نڪ واري کي خبر پئي تہ ”سرخ شيطان“ کي ڪجھ گھرجي.
حجام. ھو پاڻ سان ھڪ حجام آڻي ٿو. منھنجي ڪال ڪوٺڙي جي قيدين کان سواءِ ھي پھريون قيدي آھي جنھن سان آئون مليو آھيان. ڪامريڊ بوسيڪ. بابا منھنجو مٿو ٿو جھلي ۽ ڪامريڊ بوسيڪ تڏي جي ڀر ۾ ويھي ھڪ تِکي پاڪيءَ سان منھنجي ڏاڙھي جي گاھ مان رستي ڪڍڻ جي ڪوشش ٿو ڪري. سندس ھٿ ڏَڪن ٿا ۽ اکين ۾ ڳوڙھا اٿس. پڪ اٿس تہ ھڪ مڙدي جي ڏاڙھي ڪوڙي رھيو آھيان. آئون کيس دلداري ڏيان ٿو.
”ادا ھمت ڪر! مون پاڻ پيتسچڪ جيل ۾ پڇا کي منھن ڏنو آھي. سمجھان ٿو تہ تنھنجي ڏاڙھي لاھڻ تائين ٺيڪ ھوندس.“
پر اسان ٻنھي ۾ گھڻي سگھ ڪانھي ۽ ساھ کڻون ٿا.
ٻن ڏينھن کان پوءِ ٻن ٻين سان واقفيت ٿئي ٿي. پيتسچڪ محل جا عملدار بي صبرا آھن. مون کي گھرايو اٿن، ۽ حڪم ڪيو اٿن تہ ڪنھن بہ طريقي سان مونکي آندو وڃي، ڇاڪاڻ تہ ھر روز جڏھن مون کي گھرائڻ جو حُڪم ايندو آھي تڏھن جيل جو ننڍو ڊاڪٽر ان تي لکي موڪليندو آھي تہ قيدي، موڪلڻ جي لائق نہ آھي، انھي ڪري ڪمپائونڊر جي ورديءَ ۾ ٻہ قيدي اسٽريچر کڻي اسان جي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ اچن ٿا. بابا مشڪل سان مونکي ڪپڙا پھرائي ٿو ۽ ڪامريڊ مونکي اسٽريچر تي وجھي کڻن ٿا. ان مان ھڪ جو نالو اسڪوريپا آھي. ۽ ٻئي جو نالو- آھي. ڏاڪڻ تان ھيٺ ويندي جڏھن آئون لاھي واري پاسي ترڪيس تڏھن ھن منھنجي مٿان جھُڪي چيو:
”بيھو!“
پوءِ آھستي وڌيڪ چيائين:
”ھت به!“
ھن ڀيري اسين مرحبا جي آفيس ۾ وياسين. ھو مونکي ٻاھر ويندڙ پاسي واري کان کڻي آيا. دالان ماڻھن سان ڀريو پيو آھي- اڄ خميس جو ڏينھن آھي. قيدين جا مائٽ ميرا ڪپڙا ڌوئڻ لاءِ کڻڻ آيا- اھي سڀ ھي ڏک ڀريو جلوس ڏسن پيا. سندن اکيون ٻاجھ سان ڀريل آھن، ۽ منھنجي لاءِ اھا ڳالھ دل کي ڏڍ ڏيندڙ نہ آھي. انھي ڪري مون ھٿ مٿي تي آڻي مُٺ ڀيڙي، شايد ھو ڏسن ۽ محسوس ڪن تہ آئون سندن آجيان پيو ڪريان. شايد اھو بيوقوفي جو اشارو آھي، پر آئون وڌيڪ ڪجھ بہ نٿو ڪري سگھان، اڃا ايتري سگھ ڪانہ اٿم.
پانڪريڪ جيل جي اڱڻ ۾، ھنن اسٽريچر ھڪ لاري ۾ وڌو. جرمن جاسوسي پوليس جا ٻہ عملدار منھنجي سيراندي کان ويٺا. سندن ھٿ پستولن تي آھن ۽ اسين روانا ٿا ٿيون. نه، اُھو سٺو رستو بلڪل ڪونہ ھو. رستي تي کڏون کوٻا ھئا. اسين اڃا ٻہ سو کن وال مس ويا ھئاسون تہ آئون بيھوش ٿي ويس. پراگ جي گھٽين مان اھو سفر کِل جھڙو ھو. پنج ٽن وزن واري لاري جيڪا 35 ماڻھن لاءِ ھئي سا فقط ھڪ مسافر لاءِ پيٽرول خرچ ڪري رھي ھئي ۽ جرمن جاسوسي پوليس جا ٻہ عملدار سيراندي وٽ ۽ ٻہ پيراندي وٽ ويٺا آھن. سندن ھٿ پستولن تي آھن ۽ آدم خورن وانگر تڪين پيا. ھو ھڪ لاش تي پھرو پيا ڏين تہ جيئن اھو ڀڄي نہ وڃي.
ٻي ڏينھن بہ ساڳي ڪار. پر ھن دفعي آئون پيتسچڪ محل تائين ھوش ۾ رھيس. آڏي پڇا گھڻو وقت نہ ھلي. فوجي عملدار فرائڊ اريڪ ڪجھ بي خيالي واري نموني ۾ منھنجي جسم کي ھٿ لاتو. ھڪ دفعو وري ھو مون کي بيھوشي جي حالت ۾ واپس کڻي آيا.
ھاڻي اھي ڏينھن آيا جڏھن آئون پنھنجي زندھ ھئڻ ۾ وڌيڪ وقت لاءِ شڪ ڪري نٿي سگھيس.
زندگيءَ جي جاڙي ڀيڻ سور، مونکي ان بابت چِٽو ياد ڏياريو. پانڪريڪ جيل ۾ اھا خبر پکڙجي وئي ھئي تہ ڪنھن نظر چڪ سبب آئون اڃا زندھ آھيان ۽ پھريون مبارڪون اچڻ شروع ٿيون.
اھي مبارڪون جيل جي ويڪرين ڀتين تي ٺڪائن سان ٿي آيون، يا ماني ڏيندڙن جي اکين ۾ ھيون. فقط منھنجي زال کي ڪا خبر ڪانہ ھئي. اسان کان ھڪ ماڙ ھيٺ ٿورو پاسي تي پنھنجي ڪال ڪوٺڙي ۾ ھيڪلي انتظار ۽ اميد جي دنيا رھندي ھئي.
ھڪ ڏينھن صبح جو اڌ ڪلاڪ واري چھل قدمي وقت ھڪ ڀر واري قيدي عورت کيس ٻڌايو تہ منھنجو معاملو پورو ٿي ويو آھي، آئون آڏي پڇا وقت رسيل ڌڪن وگھي مري ويو آھيان. پوءِ ھو جيل جي اڱڻ ۾ گھمندي وتندي ھئي، ھن لاءِ دنيا اونداھي ٿي وئي ۽ کيس اھو محسوس نہ ٿيو تہ سندس وارڊ جي نگھبان کيس منھن ۾ ٺونشا ھڻي رھي آھي، کيس وري قطار ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي جيڪا جيل جي زندگي جي باقاعدگي جي نشاني آھي. جڏھن ھن پنھنجي ڪال ڪوٺڙي جي اڇين ڀتين تي ڳوڙھن کان خالي اکين سان گھوريو ھوندو تڏھن سندس اکين ڇا ڏٺو ھوندو؟ ايندڙ ڏينھن تي وري ٻي رپورٽ آئي: نہ مون کي اڃا ماريو نہ ويو آھي پر سُور سھي نہ سگھڻ ڪري پاڻ کي ڪال ڪوٺڙي ۾ ڦاھي ڏني اٿم.
ھوڏانھن آئون پنھنجي ڇنل تڏي تي ليٽي ھر صبح شام گستينا لاءِ اھي گيت ڳايان ٿو، جيڪي کيس وڻندا ھئا. جڏھن منھنجي گيتن ۾ ايڏو درد ھوندو آھي، تڏھن ھوءَ اھي ڪيئن نہ ٻڌندي ھوندي! اڄ کيس خبر آھي، اڄ ھوءَ ٻڌي پئي، جيتوڻيڪ اڳي کان گھڻو پري آھي. اڄ وارڊ جي نگھبانن کي بہ خبر آھي، ھو ڪال ڪوٺڙي 267 کي ڳائيندي ٻڌڻ جا عادي ٿي ويا آھن. ھو در تي آواز نٿا ڪن ۽ اسان کي ماٺ ڪرڻ لاءِ بہ نٿا چون.
ڪال ڪوٺڙي ڳائي پئي. مون سڄي عمر ڳايو آھي. سمجھ ۾ نٿو اچيم تہ پڇاڙي ۾ ڇو ماٺ اچيم، جڏھن زندگي حد کان وڌيڪ سرگرم آھي. بابا پيسيڪ؟ ھو تہ ھڪ غير معمولي ماڻھو آھي! کيس گيت ڏاڍا وڻندا آھن. ھو گيتن سان ايڏو تہ پيار ڪندو آھي ۽ انھن مان کيس ايترو تہ لطف ايندو آھي جو مونکي اھو ٻڌڻ ۾ ڪونہ ايندو آھي تہ ھو ڪيڏي مھل ھڪ سُر مان ٻي سُر ۾ ويو. اسين ان وقت ڳايون ٿا جڏھن وطن جي ياد اسان تي غالب ايندي آھي. جڏھن ڏينھن سرھو ھجي ٿو. گيت سان اسين ويندڙ ساٿيءَ جو ساٿ ڏيون ٿا، جنھن کي اسين شايد وري ڪڏھن بہ ڏسي نہ سگھون. اسين خوشي مان ڳايون ٿا، بلڪل ائين جيئن انسانن ھر دور ۾ پئي ڳايو آھي ۽ ان وقت تائين ھو ڳائيندا رھندا جيستائين ھو انسان آھن.
راڳ زندگي جي لاءِ ايتروئي ضروري آھي جيترو سج جي روشني. اسان کي گيتن جي ٻيڻي گھرج آھي، ڇاڪاڻ تہ سج اسان تائين نٿو پھچي. ڪال ڪوٺڙي 267 جو منھن اتر ڏانھن آھي ۽ اونھاري وارن مھينن ۾ ڪجھ گھڙين لاءِ لھندڙ سج اڀرندي ڀت تي درين جي شيخن جو پاڇو ٺاھي ٿو- پوءِ بابا کٽ وٽ اتان بيھي سج جا لھندڙ ڪرڻا ڏسندو آھي. ھت توھان کي اھو نظارو ڏک ڀريو لڳندو.
سج! گول جادوگر دل کولي روشني ڏئي ٿو ۽ انسانن جي اکين اڳيان ڪيتريون عجيب ڳالھيون ظاھر ڪري ٿو. ڪيترا نہ ٿورا ماڻھو سج جي روشني ۾ رھن ٿا. ھائو؛ اھو روشني ڏيندو رھندو ۽ ماڻھو سندس ڪرڻن ھيٺ رھندا. انھي جو احساس ڪيڏو نہ وڻندڙ آھي. انھي کان سواءِ ھي به، تہ ڇا اھو اسان لاءِ بہ چمڪندو؟
اسان جي ڪال ڪوٺڙي جو رخ اتر طرف آھي. اسين فقط ڪڏھن، ڪڏھن اونھاري ۾ صاف ڏينھن تي سج لھندي ڏسون ٿا. پر بابا؛ سج کي اڀرندي ڏسڻ جي ڪيڏي نہ خواھش اٿم.