جيل ڊائري

ڦاسيءَ جي ڇانوَ ۾

جولس فوچڪ کي جرمن فوجن گرفتار ڪري نازي ڪئمپ ۾ رکيو ۽ اتان جرمني کڻي ويا جتي ھن تي تشدد ڪيو ويو ۽ پوءِ موت جي سزا ملڻ کان پوءِ 8 سيپٽمبر 1943ع تي برلن ۾ ڦاسي ڏني ويئي.
ھيءَ ان سورھيہ سورمي جي جيل جي ڦاسيءَ گهاٽ ۾ گهاريل انھن گهڙين جو عڪس آھي جيڪي ھن جسماني طور تي چُڙي چُڙي گهاريون، پر ذھني طور تي ڦڙت ۽ نؤبنو رھيو ۽ زندگيءَ ڏانھن سندس رويو آخري گهڙيءَ تائين ھڪ ترقي پسند وارو رھيو.
جولس فوچڪ کي جسماني عذاب ڏيڻ ۽ ذھني طور ختم ڪرڻ ۾ دھشت جو ھر اھو طريقو ڪتب آندو ويو جنھن کان نازي واقف ھئا. پر جڏھين جولس فوچڪ جو جسم وڃي رڳو چَم ۽ ھڏ بچيو ھو ۽ فقط منجھس ساھ جي تند ھئي تڏھين بہ ھن ڪتاب جو سورمو ھنن ظالمن کان ذھني توڙي جسماني طور بلند ھو. نازين ھن کي ماري ڇڏيو، پر کيس ختم ڪري نہ سگهيا. جولس جي زنده لفظن ۾ سندس وفات نامو توھان جي اڳيان آھي. سندس پنھنجي وطن جي ماڻھن سان پيار ۽ منجهن عقيدي جي اظھار جو ھر لفظ موت جي پاڇي ۾ لکيو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 387
  • 166
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جولس فوچڪ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ڦاسيءَ جي ڇانوَ ۾

باب ستون: شخصيتون ۽ ننڍيون شخصيتون _ ۲

[b](پانڪريڪ)
[/b]
جيل جون ٻہ حياتيون آھن.
ھڪ ڪال ڪوٺڙي ۾ بند جنھن کي سختي سان سڄي دنيا کان ڌار ڪيو ويو آھي، پر تنھن ھوندي بہ جيتري قدر سياسي قيدي جو تعلق آھي، اھا زندگي بلڪل گهاٽن ناتن سان ٻاھرين دنيا سان ڳنڍيل ھوندي آھي. ٻي زندگي ڪال ڪوٺڙي کان ٻاھر ڊگهن ورانڊن منجھ آھي، جيڪا ڀوائتيءَ اڌ اونداھيءَ ۾ آھي. پنھنجي ليکي ھڪ ڪائنات، ڊريسن ۾ ۽ اندروني دنيا کان بہ وڌيڪ علحدگيءَ واري، ڪيترن ئي ننڍين ۽ مختصر شخصيتن سان ڀريل _ ھن بابت ئي آئون توھان کي ٻڌائڻ گهران ٿو.
ان جي قدرتي تاريخ، ۽ پنھنجي خود تاريخ بہ آھي. جڏھين ائين نہ ھجي ھا تہ پوءِ جيڪر آئون ان کي ايترو اونھو نہ سمجهي سگهان ھا. مون کي فقط ظاھري اثر نظر اچن ھا، جن جو رخ اسان ڏانھن ھؤ. فقط سندن ظاھري طرح پختو ۽ پڪو مٿاڇرو، ھڪ لوھي بار، جيڪو ڪال ڪوٺڙي ۾ رھندڙن کي دٻائي رکي ٿو. سال اڳ ۽ اڌ سال اڳ، بہ ائين ھو. ھاڻي ان مٿاڇري ۾ ڏار پئجي پيا آھن جن مان ماڻھو ليئا پائي رھيا آھن _ غريب، رحمدل، کل جھڙا مھانڊا. گهڻن قسمن جھڙا مھانڊا پر ھميشه انسان ذات سان واسطو رکندڙ، حڪومت جو بار ھن اڌ اونداھي دنيا جي ھر شخص تي دٻاءُ وجهي ٿو ۽ ان مان انسانيت جي ھر جذبي کي نچوڙي ٻاھر روشني ۾ آڻي ٿو. جيڪو ڪن ۾ گهٽ ۽ ڪن ۾ ڪجھ وڌيڪ ھوندو آھي، ۽ جيڪو سندن چھرن ۽ شخصيتن کي نمايان ڪندو آھي. توھان کي بلا شڪ اھڙا ماڻھو ملندا جن کي مڪمل انسان سڏجي پر اھڙا ماڻھو پنھنجو پاڻ اڳيان وڌن ٿا. ھو ٻئي ڪنھن جي ڏکـئي وقت ۾ مدد ڪن، تنھن لاءِ اھو ضروري نہ آھي تہ ھو پاڻ ۾ تڪليف محسوس ڪندا ھجن. جيل خوشين کان خالي ادارو آھي. پر ٻاھرين دنيا بہ تہ، ڪال ڪوٺڙين کان وڌيڪ غمگين آھي. ڪال ڪوٺڙي ۾ دوستي ھوندي آھي. نرالي دوستي! اھڙي دوستي جيڪا محاذ تي خطري ۾ ڊگهين مدتن ۾ قائم ٿئي ٿي. جت اڄ منھنجي زندگي توھانجي ھٿ ۾ ۽ سڀاڻي توھانجي زندگي منھنجي ھٿ ۾ آھي. ھن حڪومت جي جرمن وارڊنن جي وچ ۾ ڪا گهڻي دوستي ڪونھي. دوستي ٿي بہ نٿي سگهي. سندن چوڌاري جاسوسن جو ڄار وڇايل آھي، جيڪي ھڪ ٻئي تي چغليون ھڻن ٿا. ھو انھن کان جن کي رسمي طرح اھي ساٿي سڏين ٿا اڪيلي سر پنھنجي حفاظت ڪرڻ تي مجبور آھن ۽ منجهائن جيڪي چڱا آھن ۽ ڪنھن ساٿي کان سواءِ رھي نٿا سگهن سي اھڙي ساٿي جي تلاش، جيل جي اونداھين ڪوٺين ۾ ڪن ٿا.
ڪيتري عرصي تائين اسانکي سندن نالن جي خبر ڪانہ ھئي. اھو ضروري بہ ڪونہ ھو. اسان پاڻ ۾، کين چيڙ وارن نالن سان سڏيندا ھئاسين. جيڪي اسان يا اسان کان بہ اڳ آيل ماڻھن مٿن رکيا ھئا ۽ اھي جيل جي ڪوٺڙين ۾ ھلندا آيا. ڪيترن پھريدارن جا نالا بہ ايترا آھن جيتريون ڪال ڪوٺڙيون. اھو عام قسم آھي، نڪي چڱو نڪي خراب. ھن ھڪڙي قيدي جو راشن وڌايو آھي، تہ ٻئي پاسي واري کي وري ٿڦڙ ھنيا اٿئين. انھن پھريدارن جو تعلق قيدين سان ڪجھ لمحن جو ھوندو آھي، پر اھي لمحا اونداھيءَ ڪوٺيءَ تي پنھنجو دائمي اثر ڇڏين ٿا ۽ ھڪ طرفو تصر ۽ ھڪ طرفو، چٿر طور نالو، ھن پھريدار لاءِ قائم ڪن ٿا. ڪن حالتن ۾ ڪنھن فرد جي چٿر واري نالي بابت اونداھين ڪوٺين ۾ ھم خيالي ٿئي ٿي، ھي اھڙو ماڻھو ھوندو جنھن جي ھلت چلت مخصوص قسم جي ھوندي آھي، چڱي يا خراب.
اچو تہ انھن قسمن کي ڏسون! انھن ننڍين شخصيتن جو جائزو وٺون! انھن کي بي پرواھيءَ سان نہ چونڊيو ويو آھي. اھي نازين جي سياسي فوج جو حصو آھن. چونڊيل ماڻھو. نازي حڪومت جا ٿنڀا ۽ نازي سماج جون ٿوڻيون.

[b] ”غريب دوست“
[/b] نازي طوفاني فوج جي محفوظ دوستي جو رھيس جيڪو ڪنھن وقت ڪولون ۾ اسڪول جو پٽيوالو ھو، سو ھڪ قداور ۽ مضبوط جسم وارو ۽ بلند آواز شخص آھي.
ٻين جرمن اسڪول پٽيوالن وانگر ھن بہ ابتدائي طبي امداد جو ڪورس پورو ڪيو آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن جيل جي طبي اداري طرفان بہ ڪم ڪندو آھي. ھن سان ھتي ئي ڏيٺ ٿي. ھن مون کي گھلي ڪال ڪوٺڙي ۾ تڏي تي اچي وڌو ھو ۽ منھن جي ڦٽن جي ملم پٽي ڪيائين. شايد ھن، واقعي منھنجي زندگي بچائڻ ۾ مدد ڪئي. اھو ھڪ انساني فعل ھو؟ يا شروعاتي مدد جو ھڪ ڪورس؟ مونکي خبر ڪونھي پر منجهس موجود نازيت ان وقت ظاھر ٿي جڏھن ھن ٺوئنشن سان نظربند يھودين جا سمورا ڏند ٿي ڀڳا ۽ جن کي سڀني بيمارين جي دوا طور تي زبردستي لوڻ يا واريءَ جا ٻُڪ ٿي کارايا.

[b] ”نڪ ڊگهو“
[/b] ھو بوديجو وچ ۾، فيبين شراب جي بٺي ۾ گاڏي ھلائيندو ھو ۽ ڳالھائيندو بنھ گهڻو ھو ۽ سڀاءُ جو سٺو ھو ھو کلندي ڪال ڪوٺڙي ۾ گهڙندو ھو ۽ قيدين کي مُرڪي ماني ڏيندو ھو. ڪڏھن بہ ڪنھن کي ڪو ايذاءُ نہ پھچائيندو ھو. توھان کي شايد يقين نہ بہ اچي تہ ھو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ٻاھر بيھي ڪال ڪوٺڙي اندر ٿيندڙ گفتگو ٻڌندو ھو تہ جيئن سڀ ڪجھ وڃي اختياري وارن کي ٻڌائي.

[b]”ڪوڪلر“
[/b] ھو بوديجو وچ ۾ شراب جي بٺي تي ڪم ڪندو ھو. سڊيتنلينڊ مان ڪيترائي جرمن مزدور ھت اچي لڳا آھن. ڪارل مارڪس لکيو آھي ”اھا ڳالھ اھميت واري نہ آھي تہ ھڪ مزدور ذاتي حيثيت ۾ ڇا سوچي ۽ ڪري ٿو. پر مکيہ ڳالھ ھي آھي تہ مزدورن کي ھڪ طبقي جي حيثيت ۾ پنھنجي تاريخي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ، ڇا ڪرڻ گهرجي.“ ھت موجود جرمن مزدورن کي حقيقت ۾ پنھنجي طبقي جي ذميوارين جي ڪابہ سڌ نہ آھي. انھن کي سندن طبقي کان ڇني ڌار ڪري انجي خلاف کڙو ڪيو ويو آھي.
ھو نازين سان ان ڪري مليو تہ جيئن آرام سان روزگار ڪمائي سگهي، پر معاملو سندس خيال کان وڌيڪ منجهيل نڪتو. ان کان پوءِ سندن منھن تان مُرڪ ئي ھلي وئي. ھڪ جواري وانگيان ھن سڀ ڪجھ نازين جي فتح تي لڳائي ڇڏيو. ڪجھ وقت کان پوءِ کيس پتو پيو تہ ھو ھڪ مئل گهوڙي تي بازي رکي رھيو آھي. انھيءَ ڪري ھاڻ ھو ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالھ تان چڙڻ پئي لڳو. رات جو اڪيلو نرم بوٽن ۾ جيل جي ورانڊن ۾ پھرو ڏيندي ھو غير شعوري طرح بتين جي ڍڪن تي چڙھيل مٽي ۾ پنھنجي اونداھن خيالن جا پاڇا ڇڏيندو ھو: ”ھر شي لڙھندي ڪنھن اوڙاھ ۾ پئي وڃي،“ ھن شاعراڻي انداز ۾ لکيو ۽ خودڪشيءَ بابت سوچڻ لڳو.
ڏينھن جو ھي شخص پنھنجي خوف تي ضابطي رکڻ لاءِ قيدين ۽ مقدمن کي ڊوڙائيندو ۽ سندن پٺيان ھيانءَ ڏاريندڙ رڙيون ڪندو ھو.

[b] ”روزلر“
[/b] ڊگهو ۽ ڏٻرو شخص.ھت اھڙا ٿورا ماڻھو آھن جيڪي دل کولي کلي سگهن ٿا. ھو جابلو، نڪ ويجهو ڪپڙي جي ھڪ ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو ھو. ھو ڪال ڪوٺڙي ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو ڳالھيون ڪندو ھو.
آئون ھن ڌنڌي ۾ ڪيئن آيس؟ ڏھن سالن تائين ڪو مناسب روزگار نہ مليم. سڄي ڪٽنب لاءِ ھفتي ۾ فقط ۲۰ ڪرائون _ سمجهي سگهين ٿو تہ وقت ڪيئن گذرندو ھو. پوءِ ھو اچن ٿا ۽ چون ٿا تہ اسين توکي روزگار ڏينداسين. اسان سان ھل. آئون ساڻن گڏ وڃان ٿو _ ۽ ھو مونکي ڪم ڏين ٿا. مونکي ۽ ٻين سڀني کي. اسان وٽ کائڻ لاءِ بہ آھي ۽ رھائش جي جاءِ بہ. اسين وقت گذاري سگهون ٿا. سوشلزم؟ نہ اھو سوشلزم نہ آھي. مون خيال ڪيو تہ اھو مختلف ھوندو. پر ھاڻي اسان اڳ کان بھتر حال ۾ آھيون.“
ڇا ھي جنگ ناھي؟ مون ڪڏھن بہ جنگ جي خواھش نہ ڪئي. آئون نٿو چاھيان تہ ٻيا ماڻھو مرن. منھنجي خواھش ھئي تہ؛ مان زندھ رھان.“
”ھت مون ڪنھن کي ڇيھو پھچايو آھي ڇا؟ جيڪڏھن آئون ويس تہ منھنجي جاءِ تي ٻيو ايندو، شايد وڌيڪ خراب. ڇا ائين آئون ڪنھن جي مدد ڪريان؟ جنگ ختم ٿيڻ کان پوءِ آئون وري ڪارخاني ۾ ڪم ڪندس....“
”تنھنجي خيال ۾ ڪير کٽندو؟“ اسين نہ؟توھان؟ اسان جو ڇا ٿيندو؟“
”پڇاڙي؟ افسوس. مون سمجهيو تہ اھا مختلف ھوندي.“ ھو وڏيون ٻرانگهون کڻندو ڪال ڪوٺڙي مان ھليو ويو.
اڌ ڪلاڪ کن کان پوءِ وري موٽيو ۽ پڇيائين تہ سوويت يونين ۾ حالتون ڪيئن آھن.

[b] ”بي حس“
[/b] ھڪ ڏينھن صبح جو اسين پانڪريڪ ۾ ھيٺ وڏي ورانڊي ۾ گاڏين جو انتظار ڪري رھيا ھئاسين. اسان کي پيتسچڪ محل ۾ پڇا ڳاڇا لاءِ وڃڻو ھو. اسان کي روزانو انتظار ڪرڻو پوندو ھو. قيدي ڀت ڏانھن منھن ڪري بيھندا ھئا. اسان جي پٺيان جيڪو آواز آيو سو مونکي نئون لڳو.
”آئون ڪجھ ڏسڻ نٿو گهران، نہ وري ڪا ڳالھ ٻڌڻ گهران ٿو! توھان ھينئر ڀل مونکي نہ سڃاڻو؛ پر سگهو ئي اوھين مون کي سڃاڻندؤ.“
مون کان کل نڪري ويئي. ھن جي لفظن مون کي ” گڊ سولجر شيوڪ“ ڪتاب جي ڪردار ليفٽيننٽ ڊب جو حوالو ياد ڏياريو، جيڪو ان ماڻھو سان بلڪل ٺھڪي ٿي آيو. اڄ تائين ڪنھن کي بہ اھڙي ھمت نہ ٿي ھئي، جو وڏي آواز ۾ چرچا ڪري پر ھڪ تجربيڪار پاڙيسري مون کي اشاري ۾ خبردار ڪيو تہ نہ کِلان _ شايد منھنجي غلطي ھئي ۽ چرچي جھڙي ڳالھ نہ ھئي. واقعي ائين ھو.
جنھن ھستي اسان جي پٺيان اھي لفظ چيا سو جرمن پوليس جي وردي ۾ ھڪ بنھ بندرو ۽ نٻل شخص ھو جنھن کي ظاھر ھو تہ اھا سڌ ئي ڪين ھئي تہ ان سان روحاني ھڪ جھڙائي ھيس. ان ماڻھو جو نالو وٿان ھو، ۽ ويتان وانگيان چيڪوسلاويڪي فوج ۾ ڪيتري وقت تائين نان ڪميشنڊ آفيسر ٿي رھيو ھو. ھو بلڪل صحيح ھو. اڳتي ھلي اسين ھن کي بلڪل چڱي طرح سڃاڻڻ لڳاسين ۽ اسين فقط بي حس ھستي طور سندس ذڪر ڪندا ھئاسين. سچ تہ ھي آھي تہ: ھن نڪمي، ھٺيلي ۽ شيطان جھڙي انسان لاءِ اسين ڪو نالو ئي نہ ڳولي سگهياسين، ڇاڪاڻ تہ منجهس ڪيتريون ئي خراب ڳالھيون ھيون ھو پانڪريڪ نظام جو ھڪ مکيہ ٿنڀ ھو.
انھن ٻٽاڪين جي باري ۾ ڳوٺاڻا اڪثر چوندا آھن تہ: اھي لوھي کڙيون آھن، جيڪي توھان کي تمام نازڪ ھنڌن تي زخم ڪن ٿيون. ڪنھن ماڻھوءَ کي جسماني طرح ننڍي ھئڻ جي ايذاءُ پھچائڻ لاءِ ڪيتري پستيءَ جي ضرورت آھي؟ وٿان کي بہ اھو مرض آھي ۽ ان جو بدلو ھو ان شيءِ کان وٺندو آھي جيڪا روحاني ۽ جسماني طرح کانئس اتم ھوندي آھي.
ھو ماڻھن کي ماريندو نہ آھي ڇاڪاڻ تہ منجهس ايتري ھمت ئي نہ آھي پر قيدين جي واتان جيڪي ڪجھ ٻڌندو آھي سو سڀ وڃي اختياري وارن کي ٻڌائيندو آھي. ھو ڪيتريون ھٿ گهڙيون ڳالھيون بہ وڃي بالا عملدارن کي شڌ مڌ سان ٻڌائيندو آھي. ھن جي ٻڌائڻ ڪري ڪيترن ماڻھن کي عذاب ڏنا ويا ۽ ڪيترا موت جي ابدي ننڊ پئجي ويا.
ھو حد کان وڌيڪ کِل جھڙو آھي. جيل جي ورانڊي ۾ ھو اڪيلو سيٽجي ھلندو آھي ۽ پنھنجي وڏي اھميت جا خواب ڏسندو آھي. جڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جي سامھون ٿيندو آھي تہ پوءِ مٿڀري زمين ۾ ڪنھن شيءِ تي چڙھي بيھڻ جي ضرورت محسوس ڪندو آھي. آڏي پڇا وقت ڏاڪڻ جي ڪنيءَ تي چڙھي ويھندو آھي ۽ ڪڏھن ڪڏھن تہ: ڪلاڪ ڏيڍ تائين ان ڏکيءَ جاءِ تي ويٺو ھوندو آھي. اھو صرف انھيءَ ڪري تہ ھو توھان کان مٿي ڏسڻ ۾ اچي. جڏھن ھو ڊيوٽي تي ھوندو آھي، تہ ھو ڏاڪڻ تي چڙھي ھلندو آھي، يا بينچ تي چڙھي ھلندو آھي، ۽ پنھنجي عادتي جملن کي ورجائيندو آھي:
”آئون ڪجھ بہ ڏسڻ نٿو چاھيان. آءٌ ڪجھ بہ ٻڌڻ نٿو چاھيان. توھان کي منھنجي خبر نہ آھي ....“
صبح جو اڌ ڪلاڪ گاھ تي چھل قدمي ڪندو آھي، جيڪا پڻ پنھنجو پاڻ کي ماحول کان اوچائي جو احساس ڏياريندي اٿس. ھو ڪال ڪوٺڙي ۾ شاھاڻي انداز سان داخل ٿيندو آھي، ڪنھن اھم شخصيت جيان، ۽ يڪدم ڪرسي تي چڙھي بيھندو آھي جيئن مٿاھين جاءِ تان بيھي چڪاس ڪري سگهي.
ھو بيحد کِل جھڙو آھي _ آفيس ۾ ھر ھلڪڙي ماڻھوءَ جيان، جتي ماڻھن جي زندگي موت جا فيصلا ٿيندا ھجن ¬_ انتھائي خطرناڪ پڻ. ھن جي نااھلي ۾ بہ، ھڪ قسم جي اميد آھي. ھڪ ذري مان پربت ٺاھڻ. ھن کي قيدين تي نظر رکڻ کان وڌيڪ؛ ڪجھ بہ نٿو اچي، تنھن ڪري جيل جي قاعدن کان ذرو بہ ھٽڻ، ھن جي لاءِ تمام وڏي ڳالھ آھي. ايڏي وڏي ڳالھ جيڪا ھن جي ھڪل ڪرڻ جي اھميت جھڙي ھجي _ ھو جيل جي قاعدن جي ڀڃڪڙي ۽ ڏوھن بابت ڪوڙ گهڙيندو آھي، جيئن رات جو بستري تي ليٽڻ مھل انھي اطمينان ۽ آرام سان سمھي سگهي تہ ھو بہ ڪا ھستي آھي. ۽ ھتي جيل ۾ ڪير ٿو چڪاس ڪري تہ ھن جي معلومات ۾ ڪيترو سچ آھي.

[b] ”سيميتونز“
[/b] ھڪ مضبوط جسم جو ماڻھو، ھر قسم جي جذبي کان خالي. منھن ۽ اکيون ڄڻ تہ: گروسز جي ٺاھيل نازي فوجي ڪارٽون ۾ زندگي اچي وئي ھجي. ھو ليٿونيا جي سرحد تي ڌنار ھو، پر تمام عجب آھي جو انھيءَ خوبصورت ۽ ٻاجهاري مال ھن ۾ سندن ڪابہ خوبي نہ ڇڏي. اختياريءَ وارا ھن کي جرمن قوم جي خوبين جو مجسمو سمجهندا آھن. ھو چست، سخت ۽ راشي ٿيڻ کان بالاتر (انھن مان ھڪ جيڪي اردلين کان کاڌو نٿا وٺن) پر....
ڪنھن جرمن عالم، ياد نٿو پوي تہ ڪنھن، ڪنھن ساھ واري جي ذھانت جو اندازو انھن آوازن ۽ اچارن مان لڳايو ٿي جيڪي ھو اچاري سگهيو ٿي. آئون سمجهان ٿو ، ھن سڀ کان گهٽ عقل رکندڙ گهريلو ٻلي ئي سمجهي. ھيءَ جيڪا صرف ۱۲۸ اُچار ڪڍي سگهي ٿي. سيميتونز جي مقابلي ۾ ڪيڏي نہ ذھين آھي، جو ھن کان پانڪريڪ صرف چار اکر ٻڌا: ”پاس پلاس اُئوف، مينسچ!“ (”او! ھيڏانھن نھار.“)
ھفتي ۾، ٻہ ٽي دفعا ڊيوٽي جي چارج ڇڏيندو ھو ۽ ٻئي ٽئي دفعي ھر ھفتي ۾ ان کي وڏي اذيت مان لنگهڻو پوندو ھو _ ۽ ھن جي ھميشه خراب پڇاڙي ٿيندي ھئي. ھڪ دفعي مون جيل جي ڪمانڊر کي، ھن کي ڇڙٻيندي ڏٺو، ڇو تہ دريون کليل ڪونہ ھيون.
ھڪ گهڙي لاءِ جسم ننڍين ٽنگن تي لڏيو احمقانہ نموني جهڪيل سر اڃا بہ وڌيڪ جهڪيو ۽ وات ڦاڙي ٻڌل اکر ھن وري دھرايا، جنھن تي سموري مخلوق يڪ آواز گجي اٿي. ورانڊي ۾ طوفان مچي ويو، ڪنھن کي بہ خبر ڪانہ ھئي تہ ڳالھ ڇا آھي، دريون بند ئي رھيون، فقط ٻہ قيدي، جيڪي سيميتونز کي ويجهو ھئا، پنھنجي نڪ مان رت ڳاڙيندا نظر آيا. ھن کي رستو ملي ئي ويو.
ھر دفعي ائين ٿيندو ھو. ماڻھن کي ڌڪ ھڻڻ، ۽ جيڪڏھن ضرورت پوي، ماري ساھ ڪڍي ڇڏڻ _ اھو رستو کيس معلوم ھو، فقط اھو رستو. ھڪ دفعو قيدين سان ڀريل ھڪ ڪوٺڙي ۾ داخل ٿيو، ۽ ھڪ قيدي کي ڌڪ ھنيائين. قيدي، جنھن کي ڌڪ لڳو سو بيمار ھو؛ ڌڪ لڳڻ سان ئي ڪري پيو ۽ ڦٿڪڻ لڳو. ٻين سڀني کي اُٿ _ ويھ ڪرڻي پئي ۽ سيميتونز کي ھڪ مشڪل مسئلي جو حل ملي ويو. ھنجا ھٿ چيلھ تي ۽ مرڪ چپن تي ھئي ڄڻ تہ ھن ڪو وڏو ڪارنامو سر انجام ڏنو ھجي.
ھڪ وحشيءَ کي جيڪي ڪجھ سيکاريو ويو ھو، تنھن مان ھن کي فقط اھائي ڳالھ ياد ھئي، تہ ڪو ماڻھو ڌڪ ھڻي ٿو سگهي.
تنھن ھوندي بہ انھيءَ جانور جي دل بہ ڪجھ لٿل ھئي، اھا مھيني ٻن جي ڳالھ آھي. ٻہ ماڻھو ھو ۽ ڪ _ جيل جي استقباليہ آفيس ۾ ويٺاھئا ۽ ڪ، حالتن جي باري ۾ ڳالھائي رھيو ھو. ھو ڳچ وقت ڳالھائيندو رھيو. تمام گهڻي دير تائين ايستائين، جيسين کيس سيميتونز ۾، ڳالھ سمجهڻ جو دم ڏسڻ ۾ آيو. ھو اُٿيو آفيس جو در کوليائين ۽ ٻاھر دالان تائين احتياط سان نظر وڌائين، چو طرف ماٺ ھئي، رات جو وقت ھو ۽ جيل ستل ھو. ھن در بند ڪيو، پنھنجي پٺيان خبرداريءَ سان در کي ڪلف لڳايائين ۽ آھستڙي ڪرسيءَ تي ڊھي پيو.
”تون ائين ٿو سمجهين .......؟“
ھن پنھنجي مٿي کي پنھنجن ھٿن جي ترين جو اڌار ڏنو. طاقتور بدن جي ننڍڙي ڪمزور روح کي ھڪ ڀوائتي بار لوڏي ڇڏيو. ڳچ وقت تائين ھو اھڙي حالت ۾ پيو ھو، ان کان پوءِ ھن پنھنجو ڪنڌ مٿي ڪيو ۽ نا اميديءَ سان چيائين:
”تون صحيح آھين. اسان ھاڻي نٿا کٽي سگهون....“
انھيءَ ڳالھ کي ھڪ مھينو ٿيو آھي، جڏھن پانڪريڪ، سيميتونز جو آخري جنگي نعرو ٻڌو ھو ۽ نون قيدين کي اڃا سندس ھٿ نہ لڳا ھئا.

[b] جيل جو سپرنڊنٽ
[/b] ھڪو ننڍڙو ماڻھو _ سدائين ٺھيل ٺڪيل _ شھري ڪپڙن يا جرمن فوجي لباس ۾ سکيو ستابو _ پنھنجو پاڻ منجهان خوش _ ڪتن جو، شڪار جو ۽ عورتن جو شوقين، اھو ڪنھن اھڙي ماڻھوءَ جو ھڪڙو رخ آھي، جنھن سان اسان جو ڪو واسطو ڪونھي.
ٻيو رخ _ اھو آھي تہ پانڪريڪ کيس ڪھڙي رنگ ۾ سڃاڻي ٿو. ھڪ کھرو، ڄٽ، اڻ پڙھيل، ھڪ پوءِ ڍاپيل نازيءَ جو نمونو. پاڻ کي قائم رکڻ لاءِ ھر ڪنھن کي قربان ڪرڻ لاءِ تيار. جيڪڏھن نالن مان ڪو ڦل ملندو ھجي تہ _ سوپا سندس نالو آھي _ ۽ ھو پولينڊ مان آيل آھي. ائين چيو اٿن تہ ھن لوھارڪو ڪم سکيو ھو، پر انھيءَ آبروءَ جھڙي ڌنڌي بہ مٿس ڪو اثر نہ ڇڏيو. گهڻو عرصو ٿيو آھي جڏھين کان ھو ھٽلر جي نوڪريءَ ۾ گهڙيو ۽ پاڻ کي اڳتي ڌڪڻ جي وسيلي اھو موجودہ مرتبو حاصل ڪيو اٿس.
آفيسر ھجن يا قيدي، ٻار ھجن يا ٻڍا، پر ھو سڀني لاءِ بي رحم ۽ بي حس آھي، اھڙي طرح ئي پنھنجي عھدي جو بچاءُ ٿو ڪري. پانڪريڪ جيل جي، نازي ملازمن جي وچ ۾ ڪابہ دوستي ناھي _ پر سوپا وانگر ڪوبہ اھڙو نہ لڀندو، جنھن ۾ دوستيءَ جو اصل ڪو اھڃاڻ بہ نہ ھجي. سڄي جيل ۾ فقط ھڪ انسان اھڙو آھي جنھن کان شايد ھو متاثر آھي ۽ جنھن سان ھو اڪثر سٺي نموني ڳالھائيندو آھي، اھو آھي جيل جو ميڊيڪل اردلي، پولينري ميئستر ويئسنر. پر ائين ٿو ڏسڻ ۾ اچي تہ اھا ڳالھ بہ ٻہ طرفي ناھي.
ھو فقط پنھنجو پاڻ کي سڃاڻي ٿو. ھن اھو اميراڻو مرتبو پنھنجي لاءِ ئي حاصل ڪيو آھي ۽ پنھنجو پاڻ لاءِ ئي ھو انھيءَ حڪومت سان آخري گهڙيءَ تائين وفادار رھندو، شايد ھو اڪيلو انسان آھي جنھن کي بچاءَ جو ٻيو ڪوبہ رستو نٿو سجهي. کيس خبر آھي تہ ٻيو ڪوبہ رستو ڪونھي.
نازيت جي شڪست، خود سندس شڪست آھي، سندس سکي ستابي زندگيءَ جي پڄاڻي آھي، سندس شاندار بنگلي جي پڄاڻي آھي، سندس خوش لباسيءَ جو خاتمو آھي (جنھن کي ڦاسيءَ تي چڙھيل چيڪ باشندن جا ڪپڙا استعمال ڪرڻ ۾ بہ ڪو شرم نہ ٿيندو ھو.)
اھا پڇاڙي آھي _ ھائو.
”جيل جو ميڊيڪل اردلي“
پولينري مئستر ويئسنر پانڪريڪ ماحول جي ھڪ جهوني شخصيت آھي. بعضي ائين محسوس ٿيندو آھي تہ ھو ھتان جي شخصيت آھي ۽ بعضي ائين لڳندو آھي تہ ھن کانسواءِ پانڪريڪ جو تصور ئي نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏھن ھو مريضن جي ڪپڙن ۾ نہ ھوندو تہ ورانڊن ۾ ننڍا، لوڏ وارا قدم کڻندو پنھنجي منھن ڳالھائيندو ۽ سمورو وقت چؤ_ گهرجا طرف ڌيان ڏيندي، ويندي نظر ايندو. ائين لڳندو ڄڻ ھو ڪو ٻاھريون ماڻھو آھي جو ڪنھن مختصر عرصي لاءِ آيو ھجي ۽ پاڻ سان گهڻي کان گهڻا تاثر کڻي وڃڻ جو گهرجائو آھي. ھو دروازي ۾ چاٻي وجهڻ ۽ قيدين جي ڪوٺين کي ترت ۽ خاموشي سان کولڻ ۾ اھڙو تيز آھي جھڙو ڪو ھوشيار جيلر ئي، ٿي سگهي ٿو، ھن ۾ رکيءَ خوش _ طبعي جي ھڪ عادت آھي جنھن ۾ ھو ڪي ڳالھيون لڪل معني` واريون پر ساڳئي وقت بنا ڪنھن زور جي چئي ويندو آھي. ھو پاڻ، ماڻھن کي ويجهو پوڻ نہ ڏيندو آھي. ھو گهڻوئي ڪجھ ڏسڻ جي باوجود ڪنھن جي چغلي ڪونہ ھڻندو آھي. قيدين جي ڪنھن ڪوٺي ۾ گهڙندو جا دونھي سان ڀريل ھوندي. کانئس ڇڪون نڪري وينديون، منھن چپ اگهندي، منھن تي ناراضگيءَ جو اظھار ڪندي، ھو چوندو ”ڪوٺين ۾ تماڪ پيڻ“ ۽ وري ٻيءَ قسط ۾ پنھنجا چپ اگهندي چوندو: ”سخت منع آھي.“ پر ڪڏھن بہ اسان تي چغلي نہ ھڻندو آھي.
ھن جو منھن، دائمي طرح گهنج پيل ۽ ڏکارو لڳندو آھي، ڄڻ ھن کي ڪنھن وڏي پريشانيءَ سبب تڪليف پھچي رھي آھي. ظاھر آھي تہ ھو نٿو چاھي تہ جنھن حڪومت جو ملازم آھي تنھن سان ڳنڍيل ھجي ۽ ان جي ظلم ھيٺ آيلن جو علاج ڪندو رھي. ھن کي ھن نظام ۾ ڪو ويساہ ڪونھي، ھن کي ھن جي بقا ۾ بہ يقين ڪونھي، ۽ نہ ڪڏھن ماضيءَ ۾ ھن کي ڪو يقين رھيو آھي. اھوئي سبب آھي جو ھن پنھنجي ڪٽنب کي وراتي سلا کان پراگ نہ آندو آھي. جيتوڻيڪ، ڪي ٿورا اھڙا نازي ڪامورا آھن جن مقبوضہ علائقي جي زمين جي لالچ ۾ اھڙو موقعو ھٿان وڃايو آھي. ساڳـئي وقت ھن ماڻھوءَ ۾ اھا صلاحيت بہ ڪونھي، جو ھو انھن سان شامل ٿئي، جيڪي ھن نظام خلاف لڙي رھيا آھن. ھن پاڻ کي عوام سان بہ نہ ملايو آھي.
ھو تمام محنت ۽ ديانتداريءَ سان منھنجي سنڀال پيو ڪري. اڪثر ماڻھن جي حالتن ۾ ھو ائين ڪندو آھي. ڪڏھن، جڏھن کيس معلوم ٿيندو آھي تہ ڪنھن قيدي کي سخت عذاب ڏنا ويا آھن، تڏھن ھو ان کي ٻيھر پڇاڻي لاءِ موڪلڻ کان صفا انڪار ڪري ويھندو آھي. شايد اڃا سندس ضمير ۾ ڪو احساس باقي آھي. ڪن ٻين وقتن تي جڏھن سندس مدد جي ضرورت ھوندي آھي، ھو ڪابہ مدد نہ ڪندو آھي. شايد اھو تڏھن ٿو ٿئي جڏھن کيس حڪومت جو ڊپ لڳندو آھي.
ھي ھڪ اھڙي شخصيت آھي جيڪا حڪمرانن جي خوف ۽ جيڪي اچڻ وارو آھي ان جي خوف ۾ اڪيلو بيٺو آھي. ھو ان صورتحال ۾ ڪو رستو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو آھي پر کيس ڪو رستو ڪونہ ٿو ملي _ ھو ھڪ ڪوئي وانگيان آھي جيڪو، ڪيري ۾ ڦاسي پوي ۽ ڪوبہ رستو کيس نہ ملي.

[b] ”فلنڪ“
[/b] ھو فقط ننڍڙي شخصيت ڪانھي پر اڃا مڪمل شخصيت بہ ڪونہ بڻيو آھي. ٻنھي جي وچ ۾ ھڪ عبوري حالت ۾ آھي، ھن ۾ اھو واضع شعور ڪونھي جيڪو کيس شخصيت بڻائي سگهي.
در اصل ھن قسم جا ٻہ ماڻھو آھن، سادا، حساس. شروع ۾ بلڪل خاموش ۽ جن عذابن ۾ اچي ڦاٿا آھن تن ۾ حيران بعد ۾ ھن سڄي جنجال مان نڪرڻ لاءِ آتا آھن، ٻين تي مدار رکندڙ، ان ڪري پٺڀرائي جا ڳولائو، ان جا متلاشي. پر علم کان سواءِ پنھنجي حس جي بنياد تي صحيح جاءِ تي پھچي ويندڙ. ھو توھان جي ان لاءِ مدد ٿا ڪن جو توھان کان مدد جي اميد ٿا رکن. انھن کي مدد ڪرڻ جائز آھي. اڄ بہ ۽ آئندہ پڻ.
اھي ٻہ ماڻھو جيڪي پانڪريڪ جي سمورن جرمن ڪامورن ۾ يڪتا آھن سي بہ محاذ تي ھئا.
اناور جيڪو زوجمو جي ھڪ درزي جو مددگار ھو مشرقي محاذ تي ڪجھ وقت رھڻ کان پوءِ پاڻھي پاڻ کي پاري لڳڻ جا زخم ڏئي واپس موٽيو ھو. ھو ”شيوڪ“ جي ڪردار جيان فلسفانہ انداز ۾ چوندو ھو تہ:
”جنگ ماڻھو جو ڪم نہ آھي. منھنجي ان ۾ ڪابہ دلچسپي ڪانھي.“
ھوفر ھڪ خوش مزاج موچي ھو جيڪو باٽا جي ڪارخاني ۾ ڪم ڪندو ھو. ھو فرانس واري چڙھائي وقت فوج ۾ ھو. جتان ترقي جي وعدي جي باوجود ڀڄي نڪتو ھو. اڪثر تقريبًا ھر روز پنھنجين ننڍين پريشانين جي اثر ھيٺ جيڪي کيس ڪافي ھيون، ھو ھٿن سان اظھار نفرت جا اشارا ڪندي، اچاريندو ھو ”ايخ ا سخيز“ (”جھنم ۾ پوي“)
ٻئي ھڪ ئي قسم جا آھن، قسمت توڙي ڪردار جي خيال کان. پر ھوفر وڌيڪ کليل ۽ وڌيڪ مڪمل آھي. ان ڪري سڀني ڪوٺين وارا کيس ”فلنڪ“ جي نالي ڏيڻ تي متفق آھن.
ھن جي ڊيوٽي وارو ڏينھن قيدخاني جي ڪوٺين ۾ سڪون جو ڏينھن ھوندو آھي. توھان کي جيڪي وڻي سو ڪريو. جيڪڏھن ھو ڪاوڙ ڪري تہ ساڳئي وقت اک ڀڃي اھو ظاھر ڪندو آھي تہ اوھان تي ڪاوڙ ڪانھيس. ھي سڀ ان لاءِ ڪيو پيو وڃي تہ مٿيان آفيسر سمجهن ھو ڪافي ڦڙت آھي. مگر سندس اھا ڪوشش ڪوبہ نتيجو پيدا نٿي ڪري، ڪنھن کي بہ سندس ڦڙتائي جو يقين نٿو ٿئي. ڪوبہ ھفتو اھڙو ڪونہ ٿيو وڃي جڏھن کيس سزا طور وڌيڪ ڊيوٽي نہ ڏيڻي پوي.
”ايخ اسخيز“ چئي ھٿن سان نفرت جو اظھار ڪندي ھو ھميشه وانگر ڊيوٽي ڏيندو رھي ٿو. اڄ بہ ھو جيل جي پھريدار کان وڌيڪ ھڪ خوش مزاج نوجوان موچي لڳي ٿو. ڪنھن مھل توھان ڏسندؤ تہ ڪنھن ڪوٺيءَ ۾ ھو پوري توجھ سان سڪن جي راند جو مزو وٺي رھيو آھي، ٻي وقت ڏسبو تہ ھو سڀني قيدين کي ڪوٺي کان ٻاھر ورانڊي ۾ ڪڍي ”چڪاس“ پيو ڪري. اھا چڪاس ڪافي ڊگهي ٿيندي آھي. بعضي توھان ڏسندؤ تہ ڪوٺي ۾ ھو پنھنجو مٿو مونن ۾ وجهي ٽيبل تي ڍريو پيو ھوندو. خوب ننڊ ڪندو آھي ۽ تمام اطمينان ۽ مزي سان. ھتي پنھنجي بالا عملدارن کان، کيس بچاءُ آھي ڇو تہ ڪنھن مھل بہ ڪنھن عملدار جي اچڻ تي ورانڊي ۾ بيٺل قيدي کيس خطري کان آگاھ ڪندا آھن. ھو ڊيوٽي جي دوران ئي سمھڻ جو وقت ڪڍي سگهي ٿو. ڇو جو ڊيوٽي کان ٻاھر سندس دماغ سمورو وقت ڇوڪرين جو سوچيندو آھي جيڪي کيس دنيا جي ھر شيءِ کان وڌيڪ پسند آھن.
نازين جي شڪست يا سوڀ؟_ ”ايخ اسخيز“ اھو تماشو آخر ڪيترو وقت ھلندو.
ھو پاڻ کي ان ۾ شمار نٿو ڪري، فقط ان جي ڪري بہ ھو دلچسپ آھي. پر ان کان بہ وڌيڪ تہ، ھو نازين ۾ شمار ٿيڻ بہ نٿو چاھي ۽ انھن مان نہ آھي. توھان کي جيل جي ڪنھن بہ حصي ۾ ڪنھن قيدي ڏي ڪو پيغام موڪلڻو آھي؟ فلنڪ اھو پھچائي ڏيندو. توھان کي جيل کان ٻاھر ڪو پيغام موڪلڻو آھي، تہ اھو بہ فلنڪ پھچائي ڏيندو. توھان کي ڪنھن قيدي سان ملي کيس سمجهائي، ڪن ماڻھن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪرڻي آھي؟ فلنڪ توھان کي ان قيدي وٽ وٺي ويندو، پاڻ ٻاھر بيھي پھرو ڏيندو ۽ پنھنجي ان ڪاميابي تي خوشي محسوس ڪري رھيو ھوندو. اڪثر توھان کي خود کيس محتاط رھڻ جي ھدايت ڪرڻي پوندي. ھن کي خطري ۾ ھئڻ جو احساس گهڻو ڪونھي. ھن کي ان جو چڱي طرح احساس ڪونھي تہ ھو ڪيڏو نہ چڱو ڪم ڪري رھيو آھي. ان ڪري ئي ھو آساني سان ائين ڪندو رھي ٿو. پر اھا ڪمي سندس ترقي ۾ رڪاوٽ آھي.
ھو اڃا شخصيت نہ آھي پر شخصيت بڻجڻ جي منزل ڏانھن وڌي رھيو آھي.

[b] ”ڪولن“
[/b] مارشل لا جي زماني جي ھڪ شام نازي طوفاني فوج جي ڊريس ۾، ھڪ پھريدار مونکي پنھنجي ڪوٺي ڏانھن وٺي آيو. ان منھنجي کيسن جي فقط مٿاڇري تلاشي ورتي. ”تون ڇا ۾ ڦاٿو آھين؟“ ھن مون کان پڇيو.
”توکي ان ڪري خوف ٿيو؟“
”جيڪي ٿيڻو آھي سو ٿيندو.“
ھڪ گهڙي جي لاءِ ھن منھنجي ڪوٽ جي ڪالرن تي ميڪانڪي نموني پنھنجون آڱريون ڦيرايون.
”شايد ھو ائين ڪن. ٿي سگهي ٿو تہ سڀاڻي نہ، ھڪ ھفتي کان پوءِ، پر شايد بلڪل نہ. پر ھن زماني ۾ ھر ڳالھ لاءِ تيار رھڻ بھتر آھي.
ھيڪر وري خاموش ٿي ويو.
”پر ٿي سگهي ٿو.....، ڇا تون ڪنھن کي پيغام موڪليندين؟ يا، ڪجھ لکڻ چاھيندين. اڄ جي لاءِ نہ، تون سمجهين ٿو آئيندي جي لاءِ، تون ھتي ڪيئن آئين، ڪنھن توکي دوکو ڏنو، ماڻھن ڪھڙي روش ورتي. تہ جيئن جيڪا توکي معلومات آھي سا توسان گڏ ختم نہ ٿي وڃي....“
آئون ڪجھ لکڻ چاھيان ٿو؟ ائين پئي لڳو ڄڻ ھن منھنجي دلي تمنائن کي پروڙي ورتو آھي.
ھڪ لحظي کان پوءِ ھو پينسل ۽ ڪاغذ کڻي آيو. مون انھن کي احتياط سان پاسيرو ڪري رکيو تہ جيئن چڪاس جي موقعي تي نڪري نہ پون.
مون انھن کي ھٿ ئي نہ لاتو.
اھا ايڏي خوشي جي ڳالھ ھئي ...... جا اعتبار ۾ نہ پئي آئي. بي انتھا خوشي جي ڳالھ، ھتي، ھن اونداھي جاءِ ۾ گرفتاري کان ڪجھ ھفتا پوءِ، انھن جي ڊريس ۾ جن کي گاريون ڏيڻ ۽ ڌڪڻ ھڻڻ کان سواءِ ڪجھ اچي ئي ڪونہ _ توھان کي ھڪ انسان ملي ٿو وڃي، ھڪ دوست، جيڪو توھان کي اھڙي خاتمي کان بچائڻ لاءِ ھٿ ٿو وڌائي. ھو توھان کي پنھنجي پوين سان ڳالھائڻ ۽ ھنن لاءِ ٻہ لفظ ڇڏڻ جو موقعو ٿو ڏئي، جيڪي توھان کان پوءِ بہ زندھ ھوندا، ۽ ھن وقت، اھڙي وقت جڏھن ورانڊي ۾ انساني خون جا پياسا، انھن جا نالا پڪاري رھيا آھن، جن کي گولين سان اُڏايو ويندو. اھڙي وقت ۾، جن ۾ رئڻ رڙين ڪرڻ جي طاقت ڪانھي، تن کي بہ موت جو ڏھڪاءُ ڪنبائي رھيو آھي _ اھڙي وقت ۾ ھھڙي خوشي جي ڳالھ. ناممڪن. اعتبار ئي نٿو اچي. ائين ٿي نٿو سگهي. شايد ھي ڪو ڄار آھي. جيڪو ماڻھو، ھھڙين حالتن ۾ توھان ڏانھن پنھنجو ھٿ ٿو وڌائي، تنھن ۾ ڪيڏي نہ طاقت ۽ ڪيڏي نہ ھمت آھي.
مھينو کن گذري ويو. مارشل لا لھي ويو. گارين ۽ رڙين جو وقت ۽ بي رحم ساعتون گذري ويون ھيون. وري ھڪ شام ھئي، ۽ آئون اڃا ھاڻي پڇاڻي تان موٽيو ھوس. ھيڪر وري ساڳيو وارڊن ڪوٺي ٻاھران بيٺل ڏٺم.
”ڏسجي ٿو تہ تون بچي وئين.“ ۽ اٻاڻڪين نگاھن سان ھن مون ڏي ڏٺو، ”سڀ خير ٿي ويو؟“
مون ھن جو سوال چڱي طرح سمجهيو. منھنجي دل تي ھن جي جذبات جو گھرو اثر ٿيو. ساڳئي وقت، اِن ڳالھ مونکي، ھنجي ايمانداري ۽ نيڪ نيتي جو يقين ڏياريو. اھڙو سوال فقط اھو ماڻھو پڇي سگهيو ٿي، جنھن جي اندر ھو ان کي جائز سمجهندو ھجي. ان وقت کان منھنجو ھن ۾ اعتماد ٿي ويو. ھو اسان جو ماڻھو ھو.
ظاھري طرح ھو ھڪ پراسرار شخصيت لڳندو ھو. ورانڊي ۾ خاموش قدم کڻندو ھو پنھنجو پاڻ ۾ محو، پر ساڳئي وقت چوڪس ۽ خبردار معلوم ٿيندو ھو. ھن ڪڏھن بہ نڪي ڪنھن کي گاريون ڏنيون ۽ نہ ئي ڪڏھن ڪنھن کي ماريندي ڏٺو ويو.
ھڪ دفعي ھن منھنجي ڀر واريءَ ڪوٺيءَ جي ساٿين کي چيو تہ ”ڪنھن مھل جڏھن سيميتونز ڏسندو ھجي تہ، تون ڀل اسان کي ڪجھ ڌڪ ھڻ، تہ جيئن ھو توکي گهٽ ۾ گهٽ ھڪ دفعو تہ ڪو عمل ڪندو ڏسي.“
ھن پنھنجو ڪنڌ ڌوڻيو.
”ان جي ڪابہ ضرورت ڪانھي.“
ھو ڪڏھن بہ چيڪ کان سواءِ ڪنھن بہ ٻولي ۾ نہ ڳالھائيندو ھو. سندس ھر ڳالھ مان ظاھر ھو تہ ھو ٻين کان مختلف آھي پر اھو چوڻ مشڪل ھو تہ ائين ڇو آھي. ھو بہ ائين سمجهندا ھئا پر کين فرق جو احساس ڪونہ ٿيندو ھو.
ھو ھر ضرورت وقت موجود آھي. مونجهاري ۽ پريشاني ۾ ھو سڪون پيدا ٿو ڪري. جتي ڊپ کان ڪنڌ جهڪيل آھن اتي حوصلو ٿو ڏئي. جتي نا اتفاقي ٻاھرين دنيا جي ماڻھن لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگهي ٿي، اتي ھو اتفاق پيدا ٿو ڪري. ھو نھايت ترتيب سان ننڍڙين شين کان پاسو ڪندي، نھايت وڏي پيماني تي ڪم ڪري رھيو آھي.
رڳو اڄ ڪلھ نہ، پر شروعات کان ئي، انھي مقصد خاطر، ھن نازين جي نوڪري اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ھو.
ائڊولف پولينسڪي موراويا جي ھڪ جهوني خاندان جو فرد، پر ھن پاڻ کي جرمن سڏائي، نازين جي نوڪري ورتي آھي، تہ جيئن چيڪ قيدين تي پھريداري ڪري. اول ھواڊڪ ڪرالووي ۽ ھاڻي پانڪريڪ ۾. سندس ھن قدم، شايد کيس لاءِ سڃاڻندڙن ۾ تلخي پيدا ڪئي ھجي. ھڪڙي ڏينھن چئن سالن جي نوڪري کان پوءِ، جيل جو جرمن سپرنڊنٽ ھن کي گهرائي، ھن جي منھن ۾ مڪون اُلاري کيس دڙڪا ٿو ڏئي.
”آئون تو مان اھي چيڪ جذبا ڪڍي ٻاھر ڪندس.“
پر شايد ھو غلطي تي آھي رڳو چيڪ جذبا نہ، پر انساني جذبا بہ ڪڍڻا پوندا. جنجي اثر ھيٺ ھو ھن جاءِ تي آيو ھو ۽ لڙي رھيو ھو ۽ لڙائي ۾ مدد ڪري رھيو ھو. جنھن کي لاڳيتن خطرن پاڻ وڌيڪ سخت ڪري ڇڏيو ھو.

[b] ”اسانجا“
[/b] جيڪڏھن ۱۱ فيبروري ۱۹۴۳ جي صبح جو نيرن جي مھل خبر نہ آھي ڪھڙي شين جي بدران صاف سٿري ڪافي ملي ھئي، تہ اسان کي ان معجزي تي ڪوبہ ڌيان نہ ڏيڻ کپندو ھو. ڇوتہ اڄ صبح جو مون پنھنجي ڪوٺيءَ جي در کان ورانڊي ۾، چيڪ پوليس وارن جي ڊريس ۾ ماڻھو ڏٺا ھئا.
فقط ھنن جي ھڪ جهلڪ ڏسڻ ۾ آئي ھئي. ڪاري پتلون، لانگ بوٽ ۽ نيري رنگ جي قميص ۽ ھٿ دروازي جي تالي تائين آيو، دروازو کليو ۽ نظارو ختم ٿي ويو. اھا جهلڪ ايتري تہ مختصر ھئي جو ۱۵ منٽ پوءِ، اسين سمورا، ان تي اعتبار ئي نہ ڪري پيا سگهون.
پانڪريڪ ۾ چيڪ پوليس وارو! ڪيڏا نہ مطلب ۽ نتيجا، ان ھڪ نتيجي مان ڪڍي سگهن ٿا.
ٻن ڪلاڪن جي عرصي ۾ اسين ڪافي نتيجن تي پھچي چڪا ھئاسين. ھيڪر وري ڪوٺيءَ جو دروازو کليو، چيڪ پوليس ٽوپي ۾ ڪنھن ڪشادي مُرڪ سان، اسان جي حيراني ڏانھن نھاريو ۽ اعلان ڪيائين ”فريستو ندي“ ھاڻي اسان کي ڪابہ غلط فھمي نہ ھئي. چيڪ پوليس وارا نازي طوفاني فوج جافو جي جيل پھريدارن جي لباس ۾ گشت ڪري رھيا ھئا.
ھن تبديليءَ جي اسان لاءِ ڪھڙي اھميت آھي؟ ھي ڪھڙي نموني جا ھوندا؟ ڪيئن بہ ھجن پر فقط ھنن جي موجودگي واري حقيقت ڪجهہ صاف قسم جو اظھاري پئي ڪري. اھو سڀ ڏيکاري ٿو تہ ھي نظام ڪيئن پنھنجي تباھيءَ ڏانھن تيزيءَ سان لڙھي رھيو آھي. خود اھڙي ھنڌ تي جو ھنڌ، نھايت نازڪ سمجهڻ کپي، اتي بہ ھو ان فوج جا ماڻھو رکڻ تي مجبور آھن، جنھن قوم کي پنھنجي ظلم جو شڪار بڻائي رھيا آھن! ھنن وٽ انساني قوت جي ڪيڏي نہ گهٽتائي ٿي ويئي آھي. پنھنجي پڄاڻيءَ کي ٿورو ٽارڻ جي لاءِ آخري ماڻھو بہ استعمال ڪرڻ ٿا چاھين. ھن کان پوءِ اڃا گهڻو وقت کين، زندھ رھڻ جي اميد آھي؟
ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي، تہ ھي چيڪ پوليس وارا نازين جا چونڊيل ھوندا. شايد ھو جرمن پھريدارن کان بہ بدتر ثابت ٿين. ھنن کي پنھنجي قوم جي سوڀ ۾ ڪا آس ڪانھي. پر ھنن جي ھتي موجودگي ڪنھن حقيقت جا آثار آھن.
ان وقت اسانجا خيال ڊوڙندا رھيا.
پر دراصل جيڪي اسان سوچي سگهياسين ٿي، ان کان بہ ڪجهہ وڌيڪ ھو. نازي ھينئر ماڻھن کي چونڊڻ لائق بہ نہ رھيا ھئا.
۱۱ فيبروري تي پھريون دفعو اسان چيڪ ڊريسون ڏٺيون ھيون.
ٻئي ڏينھن اسين ھنن کي ماڻھن طور سڃاڻڻ لڳاسين.
ھو آيو، ڪوٺي تي ھڪ نظر وڌائين، ڪنھن گهٻراھٽ ۾ دروازي وٽ پنھنجا پير ڇنڊيائين ۽ پوءِ ھڪ اھڙي نوجوان وانگر جنھن کي ڪا اوچتي جذباتي قوت ٽپا ڏياري، ان وانگر اوچي ھمت سان ھن چيو:
”ڏيو خبر دوستو: زندگي ڪيئن آھي؟“
اسان جواب ۾ مرڪياسين، تہ ھو بہ اسان ڏي ڏسي مرڪيو ۽ پوءِ ڄڻ ڪنھن شرم جي احساس ھيٺ چوڻ لڳو:
”اسان بابت ڪو، خراب خيال نہ ڪجو، يقين رکو تہ اسين توھان تي پھري ڏيڻ کان ھوند، گهٽين ۾ ڌڪا کائڻ وڌيڪ پسند ڪريون. پر ھنن اسانکي زوري ھتي پھچايو آھي: ۽ شايد ........ ھن مان چڱو نتيجو نڪري.“
اسان جڏھن کيس ٻڌايو تہ کين ڏسي اسان جي دل ۾ ڪھڙا خيال پيدا ٿيا ھئا، تڏھن کيس ڏاڍي خوشي ٿي. ان طرح، پھرين ملاقات ۾ اسين دوست ٿي وياسين. ھن جو نالو ويتڪ ھو. ھڪ سادو سودو نيڪ دل. ھي اھو ماڻھو ھو، جنھن فيبروري جي صبح جو اسانجي ڪوٺيءَ جو در کوليو ھو.
۽ ٻيو ھو توما، ھڪ جهوني چيڪ جيلر جو ھوبھو نمونو _ رُکو، واڪا ڪندڙ، پر بنيادي طرح سٺو _ اھڙي قسم جي ماڻھن مان، جن کي اسان جنگ کان اڳ واري حڪومت جي جيلن ۾ جهونو ڪري سڏيندا ھئاسين. پنھنجي مرتبي جي باري ۾ کيس ڪنھن بہ نراليءَ ڳالھ جو احساس نہ ھو. انھيءَ جي باوجود ھن کي پنھنجي، ان عھدي ۾ ڪا اجنبيت ڪانہ لڳندي ھئي. ھو پنھنجي ”رُکين حرڪتن سان“ اھڙوئي انتظام رکندو ھو، جھڙيون پاڻ خود ھن جون ڀڃڪڙيون ڪندو ھو، ڪنھن مھل جيل جي ڪوٺيءَ ۾ مانيءَ جو ٽڪر لڪائي کڻي ايندو ھو، ڪنھن مھل ڪنھن کي سگريٽ پيو ڏيندو ھو، تہ ڪنھن مھل ڪنھن موضوع تي (سواءِ سياست جي) بحث مباحثي ۾ رڌل نظر ايندو ھو. ھو اھي سڀ ڳالھيون بلڪل معمولي نموني ۾ ڪندو رھندو ھو. گويا ائين ڪرڻ جيل جي پھريدار لاءِ ھڪ دستوري ڳالھ ھئي. جڏھن کيس پنھنجي ڪن ڪوتاھين جي لاءِ، مٿين عملدارن ڇڙٻون ڏنيون، تڏھن ھو ڪجھ وڌيڪ احتياط ڪرڻ لڳو، پر منجهس ڪوبہ خاص ڦيرو ڪونہ آيو. ھو اھو ساڳيو ئي پراڻو يار ويس ماڻھو رھيو. ھن کان ڪنھن وڏي گهر ڪرڻ جي اميد ڪانہ ھئي، پر ھوندي بہ جڏھن سندس ڊيوٽي ايندي ھئي، تڏھن بي فڪريءَ سان ساھ کڻندا ھئاسين.
ٽيون گهنجيل منھن سان، ھوشياريءَ سان، ھيڏانھن ھوڏانھن نظر ڦيرائڻ کان سواءِ، ڪوٺين جي ٻاھران گهمندو رھندو ھو. اسان پنھنجي طرفان، ھن سان تعلق پيدا ڪرڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون، تن مان ڪو کڙ تيل ڪونہ نڪتو.
ھفتي جي نظرداريءَ کان پوءِ، ھڪ ڏينھن بابا چوڻ لڳو، ”ان جي معاملي ۾ اسان کي ڪابہ ڪاميابي نہ ٿي. ھي سڀني ۾ ناڪام شخص آھي.“
”شايد سڀني ۾ ھوشيار،“ مون وراڻيو. ڇوتہ معمولي ڳالھين تي بہ خيال ظاھر ڪرڻ جيل جي زندگيءَ جو حصو ٿي چڪو آھي.
۱۵ ڏينھن کان پوءِ مون کي ائين لڳو تہ ڄڻ ھن شخص ڪجهہ خوش مزاجيءَ واري انداز ۾ مون کي اک ھنئي آھي. مون بہ ساڳئي قسم جي معمولي حرڪت ۾ کيس جواب ڏنو. جيل ۾ ھن ڳالھ جون، ھزار معنائون ٿي سگهن ٿيون، پر ھن ۾ مون کي ڪوبہ تاثر نظر نہ آيو. شايد مون غلطي ڪئي ھئي.
مھيني کان پوءِ سڀ ڪجھ ظاھر ٿي پيو. اھو واقعو اوچتو ٿيو جيئن پوپٽ خول مان نڪري اڏامڻ لڳي ٿو. اوچتو خول ڦاٽي ٿو ۽ ان مان ھڪ زندھ شيءِ نڪري نروار ٿئي ٿي. پر ھن خول مان نڪتل شيءِ پوپٽ نہ پر ھڪ انسان ھو.
اھڙين ئي شخصيتن جي باري ۾ بابا اڪثر چوندو ھو تہ ”تون ننڍڙا يادگار ٺاھي رھيو آھين.“
ھائو، آءٌ چاھيان ٿو تہ انھن ساٿين کي ڪڏھن بہ وساريو نہ وڃي، جيڪي وفاداريءَ ۽ دليريءَ سان ٻاھر ۽ ھتي وڙھيا ۽ پاڻ قربان ڪري ڇڏيائون، پر ساڳئي وقت آئون اھو بہ چاھيان ٿو تہ انھن زندھ شخصن کي بہ نہ وساريو وڃي، جن نھايت ڏکين وقتن تي وفاداري ۽ دليري سان اسان جي مدد ڪئي. آءٌ چاھيان ٿو تہ پولينسڪي ۽ ھن چيڪ پوليس واري کي پانڪريڪ جيل جي ورانڊن واريءَ اونداھيءَ مان ڪڍي زندگيءَ جي روشنيءَ ۾ آڻيان. ھنن جي واکاڻ لاءِ نہ پر ٻين اڳيان مثال پيش ڪرڻ لاءِ، ڇوتہ انساني ذميداريون ھن جدوجھد سان ختم نہ ٿيون ٿين. جيستائين سڀ ماڻھو صحيح انسان بڻجي سگهن ان وقت تائين انسان بڻجڻ جي لاءِ سيني ۾ ھڪ سورمي جي دل رکڻ ضروري آھي.
بنيادي طرح ھي پوليس جي ھڪ سپاھي ياروسلاوھورا جي مختصر ڪھاڻي آھي پر ان ۾ توھان کي ھڪ انسان جي مڪمل تاريخ لڀندي.
رادنيڪا: دنيا جي ھڪ پراھين ڪُنڊ، خوبصورت ٻھراڙي، رومانوي ۽ غريب. پڻس شيشي جو ڪاريگر. سخت زندگي. ڪم جي وقت موتمار پورھيا ۽ بيڪاريءَ ۾ بکون ۽ ڏجها، جيڪي ھتي ھميشھ موجود رھن ٿا. اھي حالتون يا تہ ماڻھوءَ کي گوڏن ڀر ڪيرائي ٿيون ڇڏين، يا سندس دل ۾ بھتر دنيا جا خواب جاڳائي، انھن ۾ ويساھ پيدا ڪري ۽ اوچي ڳاٽ لاءِ جدوجھد ڪرڻ جو عزم پيدا ٿيون ڪن. سندس پيءُ پوئيون رستو پاڻ لاءِ پسند ڪيو ھو. ھو ڪميونسٽ ٿي ويو.
جواني ۾ رادنيڪا، ھڪ دفعو يوم مئي جي جلوس ۾، سائيڪل سوارن ۾ شامل ھو. سندس سائيڪل جي ڦيٿن جي تارن ۾ ڳاڙھي پٽي لپيٽيل ھئي. ھن کي اھا ڳالھ وسري نہ وئي. سندس ذھن جي خبر نہ آھي تہ ڪھڙي حصي ۾ اھو واقعي موجود ھو، جڏھن ھو سيکڙاٽ طور ھڪ ڪارخاني ۾ شامل ٿيو ۽ پوءِ جڏھن کيس موٽرن جي سڪودڊا ڪارخاني ۾ نوڪري ملي.
اقتصادي بدحالي، بيروزگاري، جنگ، نئين روزگار جو فڪر ۽ پوليس جي نوڪري. مون کي سڌ نہ آھي تہ، سائيڪل جي ڦيٿن ۾ ڳاڙھي پٽي لپيٽڻ وارو واقعو، انھن دورن ۾ کيس ڪيتري قدر ياد رھيو. شايد ڪنھن وقت ذھن تان ھٽي ويس، يا اڌو گابرو ياد رھيس پر اھو سندس ذھن مان صفا نڪتو نہ ھو. ھڪ ڏينھن سندس ڊيوٽي پانڪريڪ جيل ۾ لڳي. ھو پنھنجي مرضيءَ سان پولينسڪي وانگيان ڪنھن رٿيل مقصد ھيٺ نوڪري ۾ نہ آيو ھو پر جيل جي ڪوٺين تي پھريون نظرون پوندي ئي کيس پنھنجي فرض جو احساس جاڳيو. ڳاڙھي ربن، سائيڪل جي ڦيٿن ۾ ويڙھيل، کيس ياد آئي.
ھو ميدان جو معائنو ٿو ڪري. پنھنجي قوت جو جائزو ٿو وٺي. ڪٿان شروع ڪجي شروع ڪرڻ جو سٺو طريقو ڪھڙو ٿيندو. انھيءَ سوچ ۾ غرق ٿي وڃڻ ڪري سندس چھري مان فڪر جا اھڃاڻ ظاھر ٿي وڃن ٿا. ھو پيشہ ور سياسي ماڻھو ڪونھي پر پنھنجي قوم جو ھڪ عام سپوت آھي. پڻس جا ڪي تجربا سندس اڳيان آھن. پختو بنياد اٿس، جنھن تي پنھنجي محڪم ارادي کي گڏ ڪري سگهي ٿو. ھو فيصلو ٿو ڪري ۽ لڙاٽيل خول مان ھڪ انسان نڪري نروار ٿو ٿئي.
ھي ھڪ صاف اندر واري غير معمولي پاڪيزہ شخصيت آھي. حساس، شرميلو مگر ساڳئي وقت ھڪ دلير انسان، ڪھڙو بہ جوکم ڇونہ ھجي، ھو ھر ضروري ذميداري پاڻ تي کڻڻ لاءِ تيار آھي. ننڍيون توڙي وڏيون ڳالھيون ضروري آھن ۽ ھو ننڍيون توڙي وڏيون ذميداريون کڻڻ لاءِ تيار آھي. ھو اھي سڀ ڪم ڪنھن بہ ڏيک ويک کان سواءِ خاموشي، خبرداري ۽ دليري سان ڪري ٿو. ھو ڪم کي پنھنجو معمول سمجهي پورو ڪري ٿو. ھن جي اندر ۾ ھڪ قطعي فيصلہ ڪن ضمير آھي. انھن ئي ڳالھين جي ضرورت آھي _ ان جي باري ۾ تفصيل بيان ڪرڻ جي ڪھڙي ضرورت.
دراصل اھوئي مون کي بيان ڪرڻو ھو. اھا ان شخصيت جي مڪمل ڪھاڻي آھي جنھن ڪن انساني حياتين کي بچائڻ ۾ حصو ورتو. اھي انسان اڄ زندہ آھن ۽ ٻاھر ڪم ڪري رھيا آھن. اھو ان ڪري ممڪن ٿي سگهيو جو پانڪريڪ ۾ ھڪڙي شخص ھڪڙي انسان طور پنھنجون ذميداريون پوريون ڪيون. ھو ھن شخص کي ڪونہ سڃاڻن، نڪي وري ھيءُ ئي انھن کي سڃاڻي. ساڳي طرح ٻاھريان ماڻھو پولينسڪي کي سڃاڻن. آئون چاھيان ٿو تہ ھنن کي گهٽ ۾ گهٽ سندن ماضي قريب ۾ سڃاتو وڃي. ھنن ٻن شخصيتن ڏاڍو جلد پنھنجو پاڻ کي سڃاڻي ورتو. ان ڪري سندس اھميت گهڻي وڌي وئي.
انھن ماڻھن کي مثال طور، ۽ اھڙن انسانن جي مثال طور، ياد رکڻ گهرجي جن جو دماغ ۽ سڀ کان وڌيڪ جن جي دل پنھنجي صحيح جاءِ تي ھئي.

[b] ”اسڪوريـپا دادا“
[/b] اوھان کي جيڪڏھن انھن ٽن ماڻھن کي گڏ ڏسڻ جو موقعو ملي تہ انساني ڀائپي جي زندہ تصوير توھان جي آڏو اچي ويندي؛ ڀوري، نازي طوفاني فوج جي پھريدار جي ڊريس ۾ پولينسڪي، ڳوڙھي رنگ جي چيڪ پوليس جي ڊريس ۾ ھورا، ۽ ھلڪي بي مزہ ڊريس ۾ جيل جو اردلي دادا اسڪوريــپا. ٽئي شخص گڏ ورلي بلڪل ورلي نظر ايندا آھن. ان جو اھم سبب ھي آھي جو ٽئي ساڳئي حلقي جا آھن.
جيل جي قائدن ھيٺ ”فقط اھي قيدي جي انتھائي ڀروسي وارا ضابطي جا پابند ۽ ٻين کان پري رھندڙ ھجن“ انھن کي جيل جي ورانڊن ۾ ڪم ڪرڻ، صفائي رکڻ ۽ ماني ونڊڻ جو ڪم ڏيڻ کپي، اھو جيل جو ھڪ سخت ۽ اٽل قانون آھي. ان قسم جا مقدم ٿين ئي ڪونہ ۽ نہ ڪڏھن گيستاپو جي جيل خانن ۾ ٿيا آھن. ان جي برعڪس ھتي مقدم جا ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪوٺين مان قيدين طرفان چونڊي اڳيان ڪيا ويندا آھن تہ جيئن قيدين جي برادري آزاد دنيا کي ڪي قدر ويجهو اچي سگهي ۽ جيئن ٻاھرين دنيا سان پيغام رسائي جو سلسلو قائم ڪري سگهجي. ڪيترائي مقدم ڪن پھچايل ھدايتن جي راز کلي پوڻ يا وٽن لڪل ڪنھن پيغام جي ظاھر ٿي پوڻ تي پنھنجي حياتين تان ھٿ ڌوئي چڪا آھن. ان جي باوجود قيدين جي برادري جو اھو قانون تہ: جيڪو انھن جون جايون ڀري انھن کي بہ اھوئي جوکائتو ڪم ڪم جاري رکڻو پوندو. بہ اٽل آھي. ڪير حوصلي ۽ ھمت سان اھي ذميواريون کڻي _ پر اھو ان کان بچي نٿو سگهي. ڪانئرتا ۽ ڊپ ۾ ماڻھو گهڻو ڪجهہ بگاڙي يا وڃائي سگهي ٿو. جيئن ھميشه زير زمين سرگرمين ۾ ٿيندو آھي.
۽ ھي آھي تڪميل جي عروج تي پھچايل زير زمين ڪم: سڌو سنئون انھن جي ھٿن ۾ جيڪي انھن کي تباھ ڪرڻ گهرن ٿا، مقدمن جي اکين اڳيان، انھيءَ جاءِ تي جنھن کي ھو مقرر ڪن ٿا، انھن حالتن ۾ جن کي ھو پيدا ڪن ٿا. اھو سڀ ڪجهہ جيڪو توھان ٻاھر سکيو آھي سو ھتي گهٽ آھي ۽ انھن جي باوجود اُھو توھان کان ڪي گهٽ تقاضائون ٿو ڪري.
ٻاھر زير زمين ڪم جا ماھر آھن. ۽ ھن ڪم جا ماھر اردلين ۾ آھن. دادا اسڪوريپا انھيءَ ڪم جو ماھر آھي؛ لڄارو، بردبار، سنجيدہ ۽ ڦڙت. مقدم ھن جي تعريف ڪن ٿا: ڏسو ھي ڪيڏو نہ محنتي آھي، ڪيڏو نہ ڀروسي وارو آھي، ڪيئن نہ ھو رڳو پنھنجي ڊيوٽي تي ڌيان ڏئي ٿو ۽ ڪو اھڙو ڪم ڪرڻ، جنھن جي اجازت نہ آھي، جي لالچ ۾ نٿو اچي؛ اردلي ھن کي ھڪ مثال ڪري سمجهن ٿا!
ھا، اردلي، ھن کي ھڪ مثال ڪري سمجهن ٿا. ھو واقعي ھڪ مثالي اردلي آھي، انھيءَ معني` ۾، جنھن ۾ ھڪ قيدي سمجهي ٿو. سڄي جيل ۾ مضبوط ترين ۽ حساس نظر رکندڙ.
ھو سڀني ڪوٺڙين جي قيدين کي سڃاڻي ٿو. ھر نئون ايندڙ پھرين گهڙي کان ھتي ڇو آھي، ھن جا واسطي وارا ڪير آھن، ھو انھن سڀني ڳالھين جو مطالعو ٿو ڪري ۽ انھن جي تھ تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اھا ڄاڻ رکڻ ھن لاءِ ضروري آھي تہ جيئن ھو صحيح صلاح ڏيئي سگهي ۽ پيغام پھچائي سگهي. ھو دشمن کي ڄاڻي ٿو. ھو ھر مقدم جي ھوشياريءَ سان چڪاس ڪري ٿو، ھن جون عادتون ھن جا مضبوط ۽ ڪمزور پھلو، ڪھڙين شين ۾ ھن تي خاص نظر رکڻي آھي، ڪھڙي نموني ھن کي استعمال ڪري سگهجي ٿو، ھن کي ڪيئن ننڊ ڏيارجي، ڪيئن ھن جي عقل ۽ ھوش تي غالب پئجي. اھي خصوصي اھڃاڻن، جن جو مون ذڪر ڪيو آھي، تن مان گهڻا اصل ۾ دادا اسڪوريپا جا ٺاھيل آھن. ھو ھنن سڀني کي ڄاڻي ٿو، ھو ھر ھڪ جو جدا ۽ بھتر خاڪو ٺاھي سگهي ٿو. ھي ان ڪري بہ اھم آھي، تہ جيئن ھن کي ورانڊي ۾ چر پر جي آزادي ھجي ۽ ھو يقين سان اثرائتو ڪم ڪري سگهي.
ھو ھڪ ڪميونسٽ آھي ۽ پنھنجي فرض جي پورائيءَ جو احساس رکي ٿو. ھن کي خبر آھي تہ ڪوبہ اھڙو ھنڌ نہ آھي، جتي ھو ڪميونسٽ ڪرڻ ڇڏي ڏئي، جتي ھو ھٿ تي ھٿ رکي ويھي ۽ سرگرم ٿيڻ ڇڏي ڏئي. آئون پاڻ چوندس تہ ھتي، جنھن ھنڌ تمام وڏو خطرو ۽ ظلم آھي، ھن پنھنجو صحيح مقام حاصل ڪيو آھي. ھتي ھو پچي لال ٿي ويو آھي.
ھن ۾ لچڪ آھي. ھر ڏينھن ھر گهڙي نيون حالتون اُڀرن ٿيون، نون طريقن جي ضرورت پوي ٿي. ھو انھن کي ھوشياري ۽ چالاڪي سان پروڙي ٿو. ھِن ھُن وٽ، وقت صرف ڪي سيڪنڊ ھوندو آھي. ھو ڪوٺڙي جي در تي ٺڪ ٺڪ ڪري، تيار ٿيل پيغام ٻڌي ٿو ۽ ورانڊي جي ٻئي ڇيڙي تي، نئين گشتي سپاھي جي پھرين طبقي تي اچڻ کان اڳ صاف ۽ مختصر نموني اھم پيغام پھچائي ٿو. ھو خبردار ۽ حاضر دماغ آھي. سوين ڳجها پيغام سندن ھٿن مان گذريا آھن _ ھڪ بہ ظاھر نہ ٿيو آھي، ۽ نہ ئي انھن پيغامن ۾ ڪو شڪ جاڳيو آھي.
ھن کي خبر آھي تہ ڪٿي ۽ ڪنھن کي چھنڊڙي پئي آھي، ڪٿي ھمت افزائي جي ضرورت آھي، ڪٿي ٻاھرين صورتحال جي سچي پچي معلومات ڏيڻ ضروري آھي، ڪٿي ھن جو ٻاجهہ ڀريل نگاھون ڪنھن ماڻھو کي طاقت ڏئي سگهن ٿيون، جنھن ۾ نا اميدي وڌي رھي ھجي، ڪٿي ھڪ وڌيڪ ماني ڳڀو، يا ھڪ ٻوڙ جو چمچو، ”جيل جي بک“ جي حالت ڏانھن وڌڻ کي روڪي سگهي ٿو. اھو ھي چڱي طرح ڄاڻي ٿو، پنھنجي گھري تجربي ۽ حِس جي ذريعي سمجهي ٿو، ۽ انھيءَ مطابق عمل ڪري ٿو.
ھو ھڪ ويڙھو آھي، ،مضبوط ۽ بي خوف، ھڪ سچو انسان. ھي آھي دادا اسڪوريـپا.
آئون چاھيان ٿو تہ توھين، جيڪي شايد ڪنھن ڏينھن ھن کي پڙھندا، پر ”ھوئسربيتر“ جي سڄي شاندار نسل کي ڏسو، جيڪو انھيءَ قابل ھو، تہ انھيءَ ڪم کي، جيڪو ظالم ھن کان پنھنجي لاءِ ٿي ورتو، ھن پوري طرح مظلومن جي فائدي ۾ ٿي استعمال ڪيو. دادا اسڪوريپا بي نظير آھي، پر ھن وانگيان ماڻھن جو ھڪ وڏو تعداد آھي، جنھن جا گهڻا قسم مختلف وصفن واريون شخصيتون آھن، پر گهٽ عظيم، اُھي بہ نہ آھن. آئون چاھيان ٿو تہ انھن جون ڪيئي تصويرون ٺاھيان، پر افسوس، مون کي فقط ڪي ڪلاڪ وڃي بچيا آھن، ھن لاءِ بہ گهٽ تہ:
”گيت جيڪو ڪيترو نہ گهٽ ڳايو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ اسين ايترو گهڻو جيئون ٿا.“
گهٽ ۾ گهٽ تڏھين بہ، نالا، ڪجهہ مثال، جيڪي انھيءَ ”سڀ ڪجهہ“ کان گهڻو گهٽ آھن، جن کي ھميشہ ياد ڪرڻ جڳائي.
ڊاڪٽر ميلوس نيڍ ويڍ، ھڪ بھترين ۽ رحمدل شخص جنھن کي آسچوويز ۾ پنھنجي قيدي ساٿين کي، روزمرہ مدد جي ڪري پنھنجي زندگي ڏيڻي پئي.
ارنيسٽ لارينس، جنھن جي زال کي انھي ڪري ختم ڪيو ويو، جو ھن (ارنست) پنھنجي ساٿين سان غداري ڪرڻ جو انڪار ڪيو ۽ جنھن کي ھڪ سال کانپوءِ پنھنجي زندگي بہ ڏيڻي پيئي، جيئن تہ ھو پنھنجي ڪمري جي، اڪثر بيشتر _ ساٿين جي ھتي سڄي ميڙ کي بچائي سگهي.
انتھائي ذھين ۽ پٿر جيان سخت ويشيڪ؛ خاموش طبع پاڻ قربان ڪندڙ انڪ ويڪووا، جنھن کي مارشل لا دوران ڦاسي ڏني ويئي، محنتي، اسپرنجر، ”لائبيريرين“، ھميشہ نوان نوان طريقا ايجاد ڪندڙ، سٻاجهو نوجوان بائليڪ....
صرف مثال، رڳو مثال. شخصيتون وڏيون ۽ ننڍيون. پر ھميشہ شخصيتون. ننڍيون شخصيتون ڪڏھن بہ نہ.