باب پنجون: ننڍيون ۽ وڏيون شخصيتون:
سورمن جا سڄا خاندان قتل ٿيا آھن. گهٽ ۾ گهٽ انھن مان ڪنھن ھڪ کي پٽ ۽ ڌيءَ وانگيان پيار ڪرڻ تہ سکو. انھيءَ تي ھڪ عظيم انسان وانگر فخر ڪريو، جيڪو مستقبل لاءِ قربان ٿيو ھجي. ھر ماڻھو، جيڪو وفاداريءَ سان مستقبل لاءِ زندھ رھيو ۽ ان جي حسن خاطر قربان ٿيو سو پٿر جو گهڙيل ھڪ مجسمو آھي.
ھر اھو ماڻھو جنھن ماضيءَ جي مٽيءَ مان انقلاب جي وھڪري کي بند ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، سو سڙيل گند ڪاٺيءَ جي ھڪ ننڍي مورتي ھو، پوءِ اڄ کڻي سندس ڪلھن تي وڏي عھدي جا تمغا ڇو نہ لڳل ھجن. انھن ننڍين شخصيتن کي بہ سندن ڪميڻائي ۽ نيچ پڻي، سندن بي رحمي ۽ بيھودگي جي روشني ۾ زندھ سمجهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ ايندڙ نسلن کي ھن دور جو تصور ڪرڻ لاءِ اھو وڏو مواد آھي.
جيڪي آئون بيان ٿو ڪريان، سو فقط مواد ئي آھي. ھڪ شاھد جي شاھدي. فقط اھي ٽڪرا جيڪي آئون ڪنھن منظر کانسواءِ ھڪ ننڍي محاذ ۾ ڏسي سگهيو آھيان. پر انھن ۾ حقيقي ھڪجھڙائي جون خصوصيتون آھن: عظيم ۽ حقير، شخصيتون، وڏيون ۽ ننڍيون.
[b] جيلينڪس ڪٽنب.
[/b] جوزف ۽ ميري. جوزف ھڪ ٽرام ڊرائيور آھي ۽ ميري گهريلو نوڪرياڻي آھي. توھان کي ھنن جي گهر بابت ٻڌائڻ ضروري آھي. گهر سادو ۽ صاف سٿرو، ڪتابن جو وڏو ڪٻٽ، ھڪ مجسمو، ڀتين تي تصويرون تون چوندينءَ تہ سندس روح ھن گهر ۾ ئي بند آھي ۽ کيس ٻاھرين دنيا جي خبر ئي نہ ھوندي. پر ھو ڪيترن سالن کان ڪميونسٽ پارٽي جو ڪم ڪري رھي آھي ۽ پنھنجي نموني انصاف جا خواب ڏسي ٿي. ٻنھي دل لڳائي ماٺ ۾ ڪم ڪيو ۽ جڏھن ملڪ جي قبضي ھيٺ وڃڻ کان پوءِ، ھنن تي وڌيڪ بار پوڻ لڳو، تڏھن بہ ھنن نہ گهٻرايو. ٽن سالن کان پوءِ جڏھن پوليس سندن گهر ۾ گهڙي تڏھن ھو ٻئي ھڪ ٻئي سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺا ھئا ۽ سندن ھٿ مٿي ھئا.
۱۹ مئي ۱۹۴۳:
اڄ رات ھو منھنجي زال گستينا کي ”ڪم لاءِ“ پولينڊ وٺيو پيا وڃن. کاڻين ۾ پورھئي ڪرڻ لاءِ جتي ھو شايد مدي جي تپ وگهي مري وڃي. ٿي سگهي ٿو تہ، سندس زندگي جا ڪجھ ھفتا باقي ھجن، شايد ٻہ يا ٽي مھينا. ٻڌڻ ۾ آيو آھي تہ منھنجا ڪاغذ ڪورٽ کي پيش ڪيا ويا آھن. پانڪريڪ جيل ۾ شايد وڌيڪ مھينو کن پڇا ھلي ۽ ھي داستان پورو نہ بہ ٿئي. ڪجھ ڏينھن اندر، جي موقعو مليو تہ ان کي جاري رکڻ جي ڪوشش ڪندس. اڄ آئون نٿو لکي سگهان. منھنجي دل ۽ دماغ گستينا جي يادن سان پر آھن. ھڪ سٻاجهي ۽ نيڪ دل انسان، منھنجي زندگي جو اھڙو ساٿي، جنھن حادثا گهڻا ڏٺا ۽ سٺا پر سانتيڪي بنھ ڪانہ ھئي.
ھر شام آئون سندس پسند جو نغمو ڳائيندو آھيان: جنھن ۾ گوريلا مجاھدن جي لڙاين، ھڪ ڪوزاڪ عورت، جيڪا آزاديءَ لاءِ مردن سان گڏ وڙھي ٿي، سندس بھادريءَ ۽ ڪئينءَ ھڪ لڙائيءَ ۾ ھوءَ پاڻ کي زمين تان مٿي نہ ڪري سگهي، جو ذڪر آھي.
جدوجھد ۾ ٻانھن ٻيلي ۽ پيارا جيون ساٿي، توکي سلام! ھن ننڍڙي جان ۾ ڪيڏي نہ ھمت ۽ سندس ٻاراڻين اکڙين ۾ ڪيڏي نہ معصوميت آھي. جدوجھد جي ڪري ٿوري وقت کانپوءِ جيڪي وڇوڙا اچن ٿا، تن اسان کي ھڪ ٻئي جو دائمي عاشق ڪري ڇڏيو آھي، جن زندگيءَ ۾ ھڪ دفعو نہ، پر سوين ڀيرا عاشقن جي پھرين گڏجاڻي واريون گهڙيون گهاريون آھن پر تنھن ھوندي بہ اسان جي دلين کي ھميشه ساڳي ڌڙڪ ملائي ٿي، ساڳيو ساھ، جيڪو اسين خوشيءَ يا انتظار، جوش يا ڏک جي گهڙين ۾ کڻون ٿا.
ڪيترن سالن کان اسان گڏ ڪم ڪيو آھي ۽ ھڪ ٻئي جي مدد ڪئي آھي، بلڪل ائين جيئن ھڪ ساٿي ٻئي ساٿيءَ جي مدد ڪندو آھي، ڪيترن سالن کان ھو منھنجي لکڻين جي پھرين پڙھندڙ ۽ پھرين نقاد پئي رھي آھي ۽ تڏھن لکڻ ڪيڏو نہ ڏکيو ھو، جڏھن مون کي پنھنجي پٺيان سندس پياريون نظرون نٿي محسوس ٿيون. ڇاڪاڻ تہ سالن جا سال اسين ھٿ ھٿ ۾ ڏيئي پنھنجي پياري ديس جي ڌرتيءَ تي گهمياسين. اسان ڪيترا ڪشالا ڪڍيا ۽ ڪيترا خوشين جا ڏھاڙا بہ گڏ گهارياسين، ڇاڪاڻ تہ اسان وٽ اھا دولت تمام گهڻي ھئي، جيڪا غريبن وٽ ھوندي آھي.
[b] گستينا؟ ڏٺو، اھا اٿو گستينا:
[/b] مارشل لا لڳڻ کانپوءِ گذريل سال جون جي وچ ڌاري منھنجي گرفتاريءَ کان ڇھ ھفتا پوءِ ھو، پھريون ڀيرو مون سان ملڻ آئي. ان ملاقات کان اڳ پنھنجي ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ ڪيترائي ڀيرا منھنجي موت جي خبر بابت سوچيو ۽ ھنن مون کي پنھنجي پڪي پختي ارادي کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ئي، کيس آندو ھو.
”سمجهائينس“ ھڪ عملدار کيس منھنجي سامھون چيو، ”سمجهائينس عقل کان ڪم وٺي. جي پنھنجو خيال نہ اٿس تہ گهٽ ۾ گهٽ تنھنجو خيال ڪرڻ کپيس. توکي ڪلاڪ کن جي مھلت ٿا ڏيون، تہ تون سوچي وٺ. جيڪڏھن ھي اڃا بہ ضد ڪري بيٺو، تہ پوءِ سانجهيءَ اوھان ٻنھي کي گولين سان اڏايو ويندو. توھان ٻنھي کي! سمجهيو“
نماڻين اکين سان مون ڏانھن نھاريندي ھن جواب ڏنو:
”آفيسر اھا منھنجي لاءِ ڊپ واري ڳالھ نہ آھي. اھا منھنجي آخري خواھش آھي. جيڪڏھن
ھن کي گولي ھڻو تہ مونکي بہ ان سان گڏ گولي ھڻو.“
اھا اٿوَ پياري گستينا! سندس محبت ۽ مستقل مزاجي. منھنجي سڄڻ گستينا! ھو اسان کي ماري سگهن ٿا، پر اسان جي! عزت ۽ محبت اسان کان ڦري نٿا سگهن. اي انسانو! اوھين تصور ڪري سگهو ٿا تہ ھن مصيبت کان پوءِ جڏھن اسين ھڪ ٻئي کي وري آزاد زندگيءَ ۾ ملون _ زندگي، جنھن ۾ آزاديءَ ۽ تخليقي ڪم جي سونھن ھوندي آھي_ جڏھن اھا پرھ ڦٽي، جنھن جا اسين منتظر آھيون، ۽ جنھن لاءِ جدوجد ڪري رھيا آھيون. ۽ جنھن لاءِ ھاڻي اسين موت جي منھن ۾ وڃي رھيا آھيون، تہ پوءِ اسانکي ڪيئن زندگي گذارڻ گهرجي. سچ پچ تہ جيڪڏھن مري بہ وياسين تہ بہ اسان توھان جي عظيم خوشين جي ڪنھن ڪنڊ پاسي ۾ زندھ رھنداسين. ڇاڪاڻ تہ اسان پنھنجون زندگيون انھن خوشين آڻڻ لاءِ ڏيئي رھيا آھيون. جدائي جي غم ھوندي بہ ان مان اسان کي خوشي ٿيندي.
ھنن اسان کي ھڪ ٻئي کي الوداع چوڻ، ڀاڪر پائڻ، يا ھٿ ملائڻ بہ نہ ڏنو. فقط جيل جي ڀائيبندي، جنھن چارلس چوڪ ۽ پانڪريڪ کي ڳنڍي ڇڏيو ھو، اسان تائين ھڪ ٻئي جو حال احوال پي پھچايو.
گستينا توکي ۽ مون کي خبر آھي تہ اسين شايد وري ڪڏھن بہ ھڪ ٻئي کي ڏسي نہ سگهون. تنھن ھوندي بہ پري کان تنھنجو آواز ٻڌڻ ۾ اچيم ٿو. الوداع، منھنجا جيون ساٿي! الوداع منھنجي گستينا! منھنجي وصيعت.
لائبرري کان سواءِ مون وٽ ڪابہ ملڪيت ڪانھي ۽ ان کي جرمن جاسوسي پوليس تباھ ڪري ڇڏيو آھي.
مون ڪيترائي سياسي ۽ ثقافتي مضمون، تبصرا، ادب ۽ ٿئيٽر بابت مطالعا لکيا آھن. انھن مان ڪيترا وقتي اھميت جا ھئا ۽ وقت گذرڻ کان پوءِ انھن جي اھيمت ختم ٿي ويئي، پر ڪيترن جو زندگيءَ سان واسطو آھي. اميد ھئم تہ گستينا انھن کي سھيڙيندي. ھاڻي گهڻي اميد نہ اٿم. انھيءَ ڪري بھترين ساٿي لاڊا اسٽال کي عرض ڪندس تہ انھن مضمونن کي پنجن ڪتابن ۾ ترتيت ڏئي.
1. سياسي بحث مباحثي بابت مضمون.
2. گهرو واقعن بابت چونڊ مضمون.
3. سوويت يونين مان چونڊ مضمون.
4 ۽ 5 ادب ٿئيٽر بابت مضمون ۽ مطالعا.
انھن مضمونن ۽ مطالعن مان اڪثر ”تووربا ۽ رودي پراوا“ ۾، ڪجھ ”ڪمين، پرامين، پرولت، ڪلت، دوبا، سوشلستا، ڇپيل آھن.
جولس زيئر تي منھنجي مطالعي جو مسودو، ڪتاب ڇاپيندڙ، گلگل وٽ آھي، (جنھن جي آئون ان لاءِ عزت ڪندو آھيان تہ ھن جرمن فوجن جي قبضي وقت منھنجي ڪتاب بوزينا نيمڪووا ڇپڻ ۾ وڏي ھمت ڏيکاري) سابينا بابت منھنجي مطالعي ۽ جان نرودا بابت ياداشتون ان جاءِ ۾ ڪنھن ھنڌ لڪل آھن، جتي جيلينڪس وارا رھندا ھئا. ھنن مان اڪثر مري ويا آھن.
مون موجودہ دور بابت ھڪ ڊگهي ڪھاڻي بہ لکڻ شروع ڪئي ھئي. جنھن جا پھريان ٻہ باب منھنجي مائٽن جي گهر آھن ۽ باقي شايد ناس ٿي ويئي آھي. مون پنھنجي ڪجھ ڪھاڻين جا ڪجھ مسودا جرمن جاسوسي پوليس جي ڪاغذن ۾ ڏٺا ھئا.
ايندڙ نسل جي ادبي مورخ کي آئون جان نرودا لاءِ پنھنجي محبت ورثي ۾ ڏيان ٿو. ھو اسان جو وڏي ۾ وڏو شاعر آھي، جنھن جون نظرون اسان کان اڃا بہ وڌيڪ پراھين مستقبل کي ڏسن ٿيون. پر اڃا تائين ڪي بہ اھڙا ڪتاب ڪين لکيا ويا آھن، جيڪي کيس سمجهن، سندس قدر ڪن. سڀ کان وڌيڪ ھي ڏيکارڻ ضروري آھي تہ نرودا ھڪ پرولتاري اديب ھو. ھرڪو _ خود سالدا جھڙو روشن خيال ماڻھو بہ سمجهي ٿو تہ نرودا جي اخبار نويسي سندس شاعري ۾ ھڪ ڇاپ ھئي. اھو غلط آھي. حقيقت ۾ نرودا جي اخبار نويس ھئڻ ڪري ئي ھو وڏي درجي جو شاعر ٿي سگهيو.
مثال طور سندس ”ڪافيون ۽ عشقيہ داستان“ ”جمع جي ڏينھن جا گيت“ ۽ سندس اڪثر ”سادا موضوع“ اخبار نويس ماڻھوءَ مان سستي ڪڍيو ڇڏي پر اخبار نويس کي سندس پڙھندڙن سان ملائي ٿي ۽ اخبار نويسي شاعري ڪرڻ سيکاري ٿي. پر اخبار نويس اھڙو ايماندار ھجي جھڙو نرودا ھو، اخبار نويسي کانسواءِ ھو شاعري جا ڪيترائي ڪتاب جلد لکي وجهي ھا پر انھن مان ھڪ بہ ڪتاب ائين زندہ نہ ھجي ھا جيئن سندس سموري شاعري زندہ آھي. ڪو نہ ڪو شايد سابينا کي بہ مڪمل ڪندو. اھو ڪتاب مڪمل ڪرڻ جھڙو آھي.
بابا ۽ امڙ جي مونسان پيار جي عيوض مون پنھنجي محنت سان ھنن لاءِ ۽ نہ فقط ھنن لاءِ پر سڀني لاءِ خوشيءَ جي ڏينھن جي ضمانت ڏيڻ ٿي گهري. منھنجي ساڻن سان گڏ نہ ھئڻ ڪري شل انھن ڏينھن واري خوشي گهٽ نہ ٿئي. پورھيت فاني آھي، پر سندس پورھيو زندہ رھي ٿو. سندس چوڌاري جيڪا روشني ۽ خوشي ھوندي تنھن ۾ آئون بہ لاڳيتو سندن ويجهو ھوندس.
پنھنجي ڀينرن ليپا ۽ ورڪا کي چوندس تہ بابا ۽ امڙ کي گيت ٻڌائي ڪٽنب ۾ پيل خلا کي وسارڻ ۾ مدد ڪن. ھو جڏھن پيستچڪ ۾ اسان کي ڏسڻ آيون تڏھن ھنن پنھنجن اکڙين ۾ لڙڪ روڪي ڇڏيا. پر ھنن ۾ خوشي اڃان زندہ آھي. ان لاءِ آئون کين پيار ڪريان ٿو ۽ انھيءَ ڪري اسين ھڪ ٻئي کي ڀائيون ٿا. ھو ھميشه خوشي جو ٻج ڇٽين ٿيون _ انھيءَ ڪم ۾ کين ڪڏھن بہ نہ روڪيو وڃي.
آئون پنھنجي ۽ گستينا طرفان انھن ساٿين سان گرمجوشي سان ھٿ ملايان ٿو جيڪي ھن آخري لڙائي کانپوءِ بہ زندہ رھندا ۽ انھن سان بہ جيڪي اسان کانپوءِ ايندا، اسان پنھنجو فرض پورو ڪيو آھي.
آئون وري ٻيھر ھي ڳالھ دھرايان ٿو: اسين خوشين ڪاڻ زندہ رھياسين، خوشي سان ھن ڪشمڪش ۾ بھرو ورتوسون ۽ ھاڻي خوشي جي زندگي لاءِ موت جي منھن ۾ وڃي رھيا آھيون. انھي ڪري ڏک جي ڪابہ ڳالھ اسانجن نالن سان لاڳو نہ ڪئي وڃي.
جولس فوچڪ
19.5.1943
۲۲ مئي ۱۹۴۳.
ڪالھ عدالتي جاچ پوري ٿي ۽ ان تي دستخط ٿيا. ڪم ۾ منھنجي اندازي کان وڌيڪ اڪلاءُ ٿي رھيو آھي. ھو بہ اسان جي معاملي ۾ شايد تڪڙ ۾ آھن. مونسان گڏ ليدا، پلاچا ۽ مائريڪ بہ جوابدار آھن. ڪانئرپڻي مان بہ کيس ڪجھ حاصل ڪونہ ٿيو.
عدالتي جاچ وقت ڳالھيون ڪنھن حد تائين صحيح ۽ ٺوس ھيون. جرمن جاسوسي پوليس وٽ اھا بہ ھڪ زندگي ھئي. سخت مشڪل پر تنھن ھوندي بہ زندگي تہ ھئي. ان ۾ جذبو ھو. ھڪ طرف زندگي ڪاڻ وڙھندڙن جو جذبو تہ ٻئي طرف شڪارين، شڪاري، حيوانن ۽ سنون سڌن رھزنن جو جذبو ھو. اسانجي مخالفت مان ڪن ۾ تہ، ڪنھن نہ ڪنھن قسم جو جذبو ھو. ھتي عدالتي جاچ وقت فقط آفيس ھئي، جن ۾ ويٺل ججن جي ڪالرن تي سواستيڪا جا نشان لڳل ھئا. انھن نشانن مان جي عقيدا ٿي ظاھر ٿيا تن جو دراصل انھن وٽ ڪوبہ وجود ئي ڪونہ آھي. اھي ھڪ ڍال آھن جن جي پٺيان ھڪ غريب آفيسر پاڻ کي لڪائي ٿو ۽ ڪنھن نہ ڪنھن نموني وقت گذارڻ جو منظر آھي. ڏوھارين مان نڪي ھو چڱو نڪي خراب برتاءُ ڪري ٿو. نہ کلي ٿو ۽ نہ وري ڪاوڙجي ٿو. فقط ڊيوٽي ڏئي ٿو. رت بلڪل نہ، فقط پاڻيءَ جھڙو شوربو.
ھنن کي جيڪي ڪجھ لکڻو ھو سو لکي، ان تي صحيحون ڪيائون ۽ قانون جي فقرن کي مروڙي، سروڙي پنھنجو ڪم ڪڍيائون، چارج شيٽ ۾ ڇھ ڀيرا غداري ڪرڻ، نازي حڪومت خلاف سازشون ڪرڻ، ھٿياربند تحريڪ شروع ڪرڻ جو ذڪر ڪيو ويو آھي. ٻيو ان ۾ ڇا آھي؟ تنھنجي خبر نہ اٿم. انھن مان ھر ھڪ الزام پنھنجي جاءِ تي ڪافي آھي.
۱۳ مھينن کان آئون پنھنجي ۽ ٻين ساٿين جي حياتي لاءِ لڙندو رھيو آھيان. چالاڪي۽ ۽ ھمت سان. سندن پروگرام ۾ ”نرود چالاڪي“ بہ شامل آھي. ان ۾ آئون بہ پاڻ کي ھوشيار سمجهان ٿو. آئون فقط ان ڪري ھارائي رھيو آھيان جو سندن ھٿ ۾ ڪھاڙي بہ آھي.
تہ پوءِ اھا جدوجھد ھاڻي پوري ٿي. فقط انتظار جون گهڙيون آھن. ڏوھن جي فھرست پوري ڪرڻ ۾ ٻہ يا ٽي ھفتا لڳي ويندا ۽ پوءِ نازي حڪومت جي مرڪز، برلن ڏانھن سفر شروع ٿيندو. اتي وري ڪورٽ ۽ سزا جو انتظار ۽ تنھن کانپوءِ ۱۰۰ ڏينھن، موت اچڻ جي انتظار ۾. ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي. شايد چار يا پنج مھينا وڌيڪ زندہ ھجان. ان عرصي ۾ ڪيتريون تبديليون ٿي سگهن ٿيون. سڀ ڪجھ بدلجي سگهي ٿو. اھو سڀ ڪجھ ممڪن آھي. ھن جاءِ تان آئون ڪوبہ وڌيڪ اندازو نٿو ڪري سگهان. ٻاھر حالتن جي رفتار جي تيزي اسانجي خاتمي ۾ بہ شايد تيزي آڻي. ان طرح ڳالھين ۾ توازن ٿئي ٿو.
ھيءَ اميد ۽ جنگ جي وچ ۾ چٽاڀيٽي آھي. موت جي موت سان چٽا ڀيٽي. پھرين ڪنھنجو موت ايندو. فسطائيت جو يا منھنجو؟ ڇا آئون اڪيلو ھي سوال ڪريان ٿو؟ نہ.سوين ھزارين قيدي، لکين سپاھي ۽ سڄو يورپ توڙي دنيا جا ڪروڙين انسان اھو سوال ڪري رھيا آھن. ڪن کي جهجهي اميد آھي، تہ ڪن کي گهٽ. پر اھو سڀ ڪجھ ظاھر آھي تہ سرمايہ داري نظام ھن وقت سڙي ڪنو ٿي رھيو آھي ۽ ساڳئي وقت دنيا لاءِ جيڪي تباھيون پيو آڻي تن مان ھر ھڪ ماڻھوءَ کي پورو خطرو آھي. فسطائيت کي دفنائڻ لاءِ لکين انسانن کي سِر قربان ڪرڻا پوندا ۽ ان کان پوءِ ئي باقي بچيل انسان اھو جواب ڏيندا تہ اسان فسطائيت مان بچي نڪتا آھيون.
اھو فقط، ڪجھ مھينن جو معاملو آھي ۽ جلد ڳالھ اچي ڪجھ ڏينھن تي بيھندي. پر اھي آخري ڏينھن ئي سڀ کان وڌيڪ قھار ھوندا. ھميشه اھو پي سوچيو اٿم تہ اھا ڪيڏي نہ ڏک جي ڳالھ ٿيندي جو ڪو ماڻھو آخري سپاھي ھجي جنھن کي جنگ جي آخري گهڙي ۾ دل ۾ گولي لڳي. پر ڪنھن نہ ڪنھن کي آخري ٿيڻو آھي. جيڪڏھن خبر ھجيم تہ آخري آئون ئي ھوندس تہ جيڪر سڌو ھليو وڃان.
پانڪريڪ جيل ۾ وڃي ٿورو وقت بچيو آھي. ان ڪري آئون ھن رپورٽ کي اھڙي نموني پيش نہ ڪري سگهندس جھڙي نموني پيش ڪرڻ کپي. ھن داستان کي مختصر ڪرڻو پوندو. وقت کان وڌيڪ ماڻھن جا تفصيل ڏنا ويندا. سمجهان ٿو تہ اھا ڳالھ سڀ کان وڌيڪ اھم آھي.
مون انھن شخصيتن جو ذڪر جيلينڪس وارن کان شروع ڪيو. سادا ماڻھو جن کي رواجي حالتن ۾ توھان ڪڏھين بہ سورما تصور نہ ڪندؤ. گرفتاريءَ مھل ٻئي زال مڙس ھڪ ٻئي ڀرسان ھٿ مٿي کنيو بيٺا ھئا. مڙس جي بدن جو رنگ ڪمزوريءَ ڪري ڦڪو ٿي ويو ھو ۽ زال جي منھن تي سلھ جي مرض جا آثارنظر پئي آيا. پنجن منٽن ۾ جرمن جاسوسي پوليس وارن جڏھن سندن سينگاريل ۽ صاف گهر کي ڀڳل ٽٽل سامان جي ڍير ۾ بدلائي ڇڏيو، تڏھين سندس اکين ۾ ڪجھ رت ڀرجي آيو. پوءِ ھن آھستي آھستي پنھنجو ڪنڌ پنھنجي مڙس ڏانھن ڦيرائي چيو:
”جيلنڪ ھاڻي ڇا ٿيندو؟“
ھو خاموش طبيعت وارو ماڻھو ھو. ڳالھائڻ ۾ ھٻڪ ٿيندي ھئس. ھاڻي ھن آھستي ۽ ھٻڪڻ کانسواءِ جواب ڏنو:
”ميگ اسين مرڻ وارا آھيون.“ ھن نہ تہ ڪا دانھن ڪئي ۽ نہ وري پريشاني ڏيکاريائين، فقط سھڻي انداز ۾ دشمن جي پستول جي اڳيان پنھنجي مڙس کي ھٿ ڏنو. ھٿ ڏيڻ تي جرمن جاسوسي پوليس وارن کيس ۽ مڙسس کي منھن تي مڪون ھنئيون. ھن پنھنجي ڳل کي اگهندي بنا اجازت اندر ايندڙن کي حيرت مان ڏٺو ۽ چٿر واري نموني ۾ چيو:
”اھڙا ڳڀرو ۽ اھڙا وحشي!“
ھن انھن ماڻھن جو صحيح اندازو لڳايو ھو. ڪجھ ڪلاڪ پوءِ ھو کيس ”پڇا“ ڪندڙ عملدار جي ڪمري مان گھليندا ٻاھر آيا. ھوءَ مارڪٽ ۽ عذابن جي ڪري بيھوش ٿي ويئي ھئي. پر ھو کانئس ڪابہ سچي ڪرائي نہ سگهيا. نہ ان ڏينھن ۽ نہ وري ان کانپوءِ.
ھنن سان جيڪي وھيو واپريو تنھنجي مون کي پوري سڌ نہ آھي. ڇاڪاڻ تہ ڪيترا ڏينھن آئون ڪال ڪوٺڙيءَ ۾ بيمار پيو ھوس ۽ پڇا ڳاڇا ڪرڻ جي قابل نہ ھئس. ھو منھنجو انتظار ڪندا رھيا. ڪيترا ڀيرا ھنن جيلنڪس کي چؤکنڀو ٻڌي ڏاڍيون مارون ڪڍيون ۽ حد کان وڌيڪ عذاب ڏنا. پر ھن کين ان وقت تائين ڪجھ بہ نہ ٻڌايو جيسين مون اھو نہ ٻڌايو يا اشارن سان سمجهايو تہ کيس، ڇا ڇا ڳالھائڻ گهرجي يا ڪھڙي نموني جواب ڏيڻ کپيس، تہ جيئن جاچ ڪندڙ کي گمراھ ڪري سگهون.
گرفتاري کان اڳ آئون سمجهندو ھئس تہ ھوءَ حساس ھئي. پر گيستاپو جيل واري سڄي عرصي ۾ مون سندس اکين ۾ ڪڏھن لڙڪ نہ ڏٺا. کيس پنھنجي گهر سان پيار ھو، جڏھين ساٿين ھن کي خوش ڪرڻ لاءِ چوائي موڪليو تہ اسان کي خبر آھي تہ ڪنھن تنھنجو سامان چورايو آھي ۽ اسين انھن کي ڌيان ۾ رکيو اچون تڏھن جواب ۾ چيائين:
”سامان وڃي کڏ ۾ پوي. ساٿين کي ان ڳالھ تي وقت وڃائڻ نہ ڏيو. ٻيا ڪيترائي ضروري ڪم آھن ۽ ھاڻي تہ ھنن کي اسانجي پاران بہ ڪم ڪرڻو پوندو، ڇاڪاڻ تہ اسين تہ ھاڻي جيل جي حوالي آھيون.“
ھڪ ڏينھن ھو ٻنھي کي ڌار ڌار ھنڌن ڏانھن وٺي ويا. مون سندن بابت گهڻي پڇا ڪئي پر ڪجھ بہ نہ وريو. حقيقت ۾ جرمن جاسوسي پوليس جي ھٿن ۾ وڃڻ کانپوءِ ماڻھو نشان ڇڏڻ کانسواءِ گم ٿيو وڃن، جيئن سوين مختلف ھنڌن تي پکڙيل ٻج. چريائپ واري نموني ڇٽيل انھي ٻج مان ڪھڙو فصل ڦٽندو.
سندس آخري وصيعت ھيءَ ھئي:
”مھرباني ڪري سڀني کي چئو تہ مون لاءِ افسوس نہ ڪن ۽ نہ پريشان ٿين. مون ھڪ مزدور جي حيثيت ۾ پنھنجو فرض پورو ڪيو آھي ۽ اھڙي نموني آئون مرندس.“
وي سوسلس ڪٽنب:
ھي جيلنڪس جي پاڙي ۾ رھندا ھئا. کين جوزف ۽ ميري جي نالن سان سڏيو ويندو ھو. ھي ھڪ ننڍي عملدار جو گهر ھو، پاڙي ۾ ٻين گهرن کان ڪجھ وڌيڪ پراڻو ھو. ھي اصل نيوسل جو ويٺل ھو. اڃان ڳڀرو جوان ئي ھو تہ، کيس فوج ۾ ڀرتي ڪري پھرين عالمي جنگ ۾ موڪليو ويو. ڪجھ ھفتن کانپوءِ کيس جنگ تان واپس آندو ويو. سندس ھڪ گوڏو ڀڄي پيو ھو ۽ اھو وري ڪڏھن ٺيڪ نہ ٿيو. جوزف ۽ ميري جي ڄاڻ سڃاڻ برنو جي فوجي اسپتال ۾ ٿي ھئي جتي ھوءَ نرس ھئي. عمر ۾ کانئس اٺ سال وڏي ھئي ۽ ناسازگار حالتن جي ڪري مڙس کي ڇڏي چڪي ھئي. جنگ کانپوءِ ھن جوزف سان شادي ڪئي. ھو مزدور ڪٽنبن ۾ پيدا ڪونہ ٿيا ھئا ۽ نہ وري ھنن ڪو پرولتاري ڪٽنب ئي ٺاھيو ھو. ھو جنھن رستي کان پارٽي ۾ آيا سو منجهيل ۽ ڏکيو ھو _ پر ھنن اھو رستو ڳولي ڪڍيو. ڪيترن ٻين ماڻھن وانگيان ھو بہ سوويت يونين ڏسڻ کانپوءِ پارٽي ۾ آيا. جرمنن جي قبضي کان گهڻو اڳ کين انھن سڀني ڳالھين جي خبر پئجي ويئي ھئي، جن بابت ھنن معلوم ڪرڻ ٿي گهريو ۽ پنھنجي گهر ۾ جرمن ساٿين کي پناھ ڏني. سوويت يونين تي حملي کانپوءِ واري ڏکئي وقت ۾، ۽ ۱۹۴۱ع ۾ مارشل لا جي پھرين دور منجھ، مرڪزي ڪاميٽيءَ جا ميمبر سندن گهر ۾ ٽڪندا ھئا. ھونزازيڪا ۽ ھونزاڪرني سندن گهر ۾ ئي ٽڪندا ھئا ۽ سڀني کان گهڻو آئون اتي سمھندو ھئس. ھت اسين ”رودا پراوو“ اخبار جو مواد تيار ڪرڻ سان گڏ ٻيا بہ ڪيترا اھم فيصلا ڪندا ھئاسين. ”ڪارل“ ڪرني سان منھنجي پھرين ملاقات بہ ھت ئي ٿي ھئي.
ھو حد کان وڌيڪ چوڪس ھئا ۽ کين ھميشه خبر ھوندي ھئي تہ اوچتين حالتن ۾ ڇا ڪجي. ڇاڪاڻ تہ زير زمين تحريڪن ۾ اڪثر اھڙيون گهڙيون اينديون آھن. ان کانسواءِ ڪنھن ماڻھو کي اھو شڪ پئجي نٿي سگهيو تہ سٺي سڀاءَ وارو ريلوي جو ھي ننڍڙو ڪلارڪ ۽ پياري مادام سوسلوا ڪنھن غير قانوني ڪم ۾ شريڪ ٿي سگهن ٿا. تنھن ھوندي بہ منھنجي گرفتاري کان ستت ئي پوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ جڏھن پھريون ڀيرو ڏٺومانس تہ مونکي ھيبت وٺي ويئي. ھن ڳالھايو تہ پوءِ نقصان ٿيندو! پر ھن وات بند رکيو. ڪجھ اشتھارن جي ڪري ھت آندو ويو آھي، جيڪي ھن ھڪ دوست کي پڙھڻ لاءِ ڏنا ھئا، ۽ جرمن جاسوسي پوليس وارا کانئس انھن اشتھارن کانسواءِ ٻيو ڪجھ حاصل نہ ڪري سگهيا.
ڪجھ مھينا پوءِ پزورني ۽ پڪووا جي بي احتياطي جي ڪري جرمن جاسوسي پوليس کي خبر پئجي ويئي تہ ھو نزاڪرني وسوسلس جي ڀيڻ جي گهر ۾ رھندو ھو. ان ڪري جرمن پوليس وارن ٻن ڏينھن تائين کانئس ”پڇا ڳاڇا“ ڪئي ۽ اھا سچي ڪرائڻ لاءِ کيس ماري اڌ مئو ڪري ڇڏيائون، تہ اسانجي مرڪزي ڪاميٽي جا باقي بچيل ميمبر ڪھڙا آھن. ٽيون ڏينھن ھو ڪمري نمبر ۴۰۰ ۾ آيو. سندس سڄو جسم ڦٽيل ھو ۽ سولائيءَ سان ويھي بہ نٿي سگهيو. مون اونائتي سوالي ۽ ھمت ڏياريندڙ نموني ڏانھس نھاريو. ھن خوشيءَ مان نيوسل جي ماڻھن وانگيان جواب ڏنو:
”جي دماغ ڳالھائڻ لاءِ تيار نہ آھي، تہ پوءِ وات مان ڀڻڪو بہ نڪري نٿو سگهي.“
آئون کين چڱي طرح سڃاڻان. ھو ھڪ ٻئي سان گهڻو پيار ڪندا ھئا. فقط ھڪ ڏينھن جي وڇوڙي کان بہ گهٻرائيندا ھئا.
۱۹۴۳ جي نئين سال واري موقعي تي ھوءَ اڪيلي ٽيبل تي ويٺي ھئي، ھن جي تصوير ان ھنڌ رکيائين جت ھو ويھندو ھو، ۽ رات جو ٻارھين وڄڻ کانپوءِ نئين سال جي موقعي تي پنھنجو گلاس ھن جي خالي گلاس سان ٽڪرايائين ۽ ھنجي صحت، واپسي ۽ آزادي جي اميد جو اظھار ڪيائين.
مھيني کن کانپوءِ ھوءَ بہ گرفتار ٿي. ڪمري نمبر ۴۰۰ ۾ ڪيترا ماڻھو ڏڪي ويا. ھوءَ انھن مان ھئي جيڪي ٻاھرين دنيا سان لاڳاپو رکيو آيا ھئا.
ھن ھڪ لفظ بہ نہ ڳالھايو.
ھنن کيس جسماني عذاب ڪونہ ڏنا، ڇاڪاڻ تہ ھوءَ سخت بيمار ھئي ۽ سندن ڌڪن وگهي جلدي مري وڃي ھا. ھنن کيس خطرناڪ نموني ذھني عذاب ڏنا.
گرفتاري کان ڪجھ ڏينھن اڳ ھو سندس مڙس کي پورھئي لاءِ پولينڊ وٺي ويا ۽ ھاڻي کيس چيائون:
”ڏس، پولينڊ ۾ پورھئي جي ڪئمپن ۾ چڱن ڀلن ماڻھن لاءِ بہ ڪم ڪرڻ ڏکيو آھي، تنھنجو مڙس تہ منڊو آھي. ھو اتي ڪم ڪري نہ سگهندو ۽ مري ويندو ۽ تون ھن کي وري ڪڏھين بہ ڏسي ڪونہ سگهندينءَ ۽ ھن عمر ۾ توکي ٻيو مڙس ڪٿان ملندو؟ عقل کان ڪم وٺ. جيڪي ڪجھ خبر اٿئي اسانکي ٻڌاءِ ۽ اسين ھڪدم کيس تو وٽ آڻينداسين.“
ھو پورھيو ڪندي مري کپي ويندو. منھنجو جوزف! ويچارو غريب انسان! ڪھڙي خبر؟ ڪيئن مرندو! ھنن منھنجي ڀيڻ کي ماري ڇڏيو، ھو منھنجي مڙس کي بہ پورو ڪري ڇڏيندا. آئون ھيڪلي وڃي رھنديس. ھائو، ھن عمر ۾ ..... زندگي جي پڇاڙي تائين ھيڪلي، اوھيءَ واھيءَ کانسواءِ... کيس بچائي سگهان ٿي. ھو کيس واپس مون وٽ وٺي ايندا.... ھائو، پر ڪھڙي قيمت تي؟ نہ آئون ائين ڪانہ ڪنديس.
ھن لفظ بہ نہ ڳالھايو.
جرمن پوليس وارا ھڪ ڏينھن ڪنھن نامعلوم منزل ڏانھن وٺي ويا ۽ ٿورن ڏينھن کانپوءِ خبر آئي تہ جوزف بہ پولينڊ ۾ مري ويو آھي.
[b]ليدا[/b]:
پئڪس جي گهر پھرين آئون شام جي وقت ويو ھئس. فقط جوزڪا ۽ ھڪ پريشان نظرن واري ڇوڪري گهر ۾ ھئي، جنھن کي ليدا سڏيندا ھئا. ھوءَ اڃان ٻارن وانگيان ھئي ۽ لڪ چوريءَ منھنجي ٺونٺ جيڏي ڏاڙھي کي ڏسندي ھئي. گهر ۾ ڪو نئون ماڻھو ايندو ھو تہ ھوءَ خوش ٿيندي ھئي. شايد اھو کيس گهڙي کن لاءِ وندرائي. اسين جلدي دوست ٿي وياسين. پوءِ مونکي خبر پيئي تہ سندس عمر ۱۹ سال آھي ۽ ھوءَ جوزڪا جي سوٽ آھي ۽ سندس نالو پلاچا آھي _ (چيڪ ٻوليءَ ۾ پلاچا معني` شرميلي) پر منجهس اھا صفت گهٽ ھئي ھو شوقيہ ٿئيٽرن ۾ ڪم ڪندي ھئي ۽ کيس اھو شغل گهڻو پسند ھو:
جلدي آئون سندس رازدان ٿي ويس. ھو پنھنجي جواني جا ڏک سور ۽ خواب مونکي ٻڌائيندي ھئي. ھوءَ ڀيڻ يا انجي مڙس سان وڙھڻ کانپوءِ ڊوڙي مون وٽ ايندي ھئي. ھوءَ نوجوان ڇوڪرين وانگر چيڙاڪ بہ ھئي.
ڇھن مھينن کان پوءِ، پھريون ڀيرو ھوءَ چھل قدمي لاءِ مون سان ٻاھر ھلي. ھڪ ”منڊو پوڙھو“ جيڪڏھن پنھنجي جواڻ جماڻ ڌيءُ سان ٻاھر نڪري، تہ ڪو ڏانھس اک کڻي بہ نہ نھاريندو، سڀني جون نظرون ڇوڪريءَ ۾ ھونديون. انھيءَ ڪري ٻئي دفعي بہ کيس ساڻ ڪري ويس. لڪل ھنڌ تي ساٿين سان ملڻ وقت ھوءَ بہ مون سان گڏ ھئي، ۽ بعد ۾ مون کيس لڪل گهر بہ ڏيکاريو. اھڙي طرح جيئن الزامن جي فھرست ۾ بيان ڪيو ويو آھي _ معاملو پنھنجو پاڻ اڳتي وڌڻ لڳو: ھاڻ ھوءَ منھنجي ۽ ٻين ساٿين جي وچ ۾ لاڳاپو قائم ڪندڙ ٿي ويئي.
کيس ھي ڪم ڏاڍو پسند ھو. پر ھن انھي ڪم جي مطلب سمجهڻ يا انجي فائدي تي گهڻو ڌيان ڪونہ ڏنو. ھن لاءِ، ھيءَ رڳو ھڪ نئين دلچسپ ڳالھ ھئي _ اھو ئي ھن لاءِ ڪافي ھو.
جيسين معاملو ننڍين ڳالھين تائين محدود ھو، مون کيس وڌيڪ ٻڌائڻ بہ نٿي گهريو. گرفتاريءَ جي حالت ۾ بي خبري، ”ڏوھ“ جي خبر ھجڻ کان وڌيڪ حفاظت واري آھي.
پر معاملو اڳتي وڌندو ويو. ھوءَ جيلنڪس جي گهر، پيغام پھچائڻ کانسواءِ ٻيا ڪم بہ ڪرڻ لڳي. ھاڻي کيس اھو بہ ٻڌائڻو پيو، تہ اصل ڳالھ ڇا آھي. کيس سمجهائڻ شروع ڪيم ، بلڪل ائين جيئن ڪنھن کي اٿندي اسڪول ۾ پڙھائبو آھي. ليدا بہ محنت ۽ خوشي سان سکڻ لڳي. مھانڊن ۾ اڃا بہ اھائي ساڳي ڇوڪري ھئي. خوش مزاج ۽ آزاد طبيعت، پر سندس آواز گهڻو بدلجي ويو ھو. ھن سوچڻ شروع ڪيو ۽ ھاڻي منجهس ذھني پختگي اچڻ لڳي.
پارٽي جي ڪم ڪندي، مائريڪ سان سندس واقفيت ٿي ھئي. ھو تجربيڪار ھو ۽ ڳالھ کي چڱي طرح پيش ڪرڻ جي خبر ھئس. ھوءَ ان کان متاثر ٿي ويئي. شايد حقيقي نچوڙ جي کيس سڌ نہ پئي ھجي. ضروري ڳالھ ھيءَ ھئي تہ سندس ڪم ۽ عقيدي جي ڪري ھو ٻين کان وڌيڪ کيس ويجهو ھئي.
سندن لاڳاپو وڌيڪ گهاٽو ٿيندو ويو. ۱۹۴۲ جي شروعات ۾ ھن ڊڄندي ڊڄندي پارٽي جي ميمبر ٿيڻ بابت پڇا شروع ڪئي. ڏٺم تہ کيس اھو پڇندي ھٻڪ پئي ٿي. اڳ ھن ڪنھن بہ معاملي کي اھڙي سنجيدگيءَ سان نہ ورتو ھو. مون اڃا دل پئي ھنئي ۽ کيس تربيت ڏيڻ ۽ سندس پرک وٺڻ جو سلسلو جاري رکيم.
فيبروري ۱۹۴۲ ۾ خود مرڪزي ڪاميٽي ھنکي پارٽي ميبر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ھڪ اونداھيءَ رات اسين گهر ڏانھن موٽي رھيا ھئاسين. ڏاڍيءَ ٿڌ ڪري واٽ تي پارو ڄميل ھو. ھوءَ جيڪا ھميشه گهڻو ڳالھائيندي ھئي، پر اڄ رات بلڪل خاموش ھئي. پنھنجي گهر جي ڀر وارو ميدان اڪرڻ وقت آھستي چيائين:
”اڄوڪو ڏينھن منھنجي زندگي ۾ سڀ کان وڏي اھميت وارو ڏينھن آھي. منھنجو سِر ھاڻي رڳو منھنجي ملڪيت ڪانھي. آئون واعدو ٿي ڪريان تہ ڇا بہ کڻي ٿئي آءٌ توھان سان غداري ڪونہ ڪنديس.“
گهڻو ڪجھ وھيو واپريو پر ھن غداريءَ جھڙي ڳالھ ڪانہ ڪئي.
پارٽيءَ جي اڳواڻن سان ھوءَ گهاٽو لاڳاپو رکيو آئي. کيس بلڪل خطرناڪ ڪم سونپيا ويندا ھئا، جھڙوڪ: انھن ماڻھن سان تعلق قائم ڪرڻ جن سان رابطو ٽٽي ويو آھي ۽ انھن ماڻھن سان تعلقات قائم رکڻ جن سان رابطي ۾ خطرو آھي. جڏھين پارٽي اڳواڻن يا ڪنھن لڪل گهر سان رابطو قائم ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو ھو تہ پوءِ، ليدا کي ئي وڃڻو پوندو ھو، ۽ ھوءَ ڪنھن ڪرڙيءَ وانگيان ائين کسڪي ھلي ويندي ھئي، جو ڪنھن کي ڪل ئي ڪانہ پوندي ھئي. ھوءَ اُھو ڪم ھميشه وانگيان لڏندي لمندي ڪندي ھئي، تہ جيئن ڪنھن کي مٿس شڪ نہ پوي. پر کيس جوابداري جو، پورو احساس ھوندو ھو.
اسان کان مھينو پوءِ ھوءَ گرفتار ٿي. مائريڪ ھن جو بہ نالو ورتو ھو. ان کان پوءِ جرمن پوليس وارن کي سولائيءَ سان پتو پئجي ويو تہ ھن پنھنجي ڀيڻ ۽ ڏير کي ڀڄڻ ۾ مدد ڪئي ھئي ۽ اُھي ھاڻ ڳجهي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويا آھن، ھن پنھنجو ڪنڌ لوڏيو ۽ پاڻ کي ھڪ خوش مزاج ڇوڪريءَ جو روپ ڏيئي ڇڏيو جنھن کي اھا خبر ئي ڪانہ ھئي تہ جيڪي ھو ڪري رھي آھي، سو کيس نہ ڪرڻ کپي ۽ ان مان ھن لاءِ اُگرا نتيجا نڪري سگهن ٿا. کيس گهڻن ڳالھين جي خبر ھئي. تنھن ھوندي بہ ھن ڪجھ نہ ٻڌايو. پر سڀ کان وڏي ڳالھ ھيءَ آھي تہ ھن ڪم ڪرڻ بند نہ ڪيو. حالتن ڦرڻ کان پوءِ سندس ڪم ڪار جا طريقا بہ بدلجي ويا. پارٽي جي ميمبر جي حيثيت ۾ سندس فرض قائم رھيو. يعني جتي بہ ھجي ماٺ ڪري نہ ويھي. ھو محنت، ھوشياري ۽ ڦڙتيءَ سان سڀئي سونپيل ڪم ڪندي رھي. جڏھن ڪنھن ڏکي صورتحال کي منھن ڏيڻو پوندو ھو، يا ٻاھر ڪنھن کي بچائڻو ھوندو ھو تہ پوءِ ليدا پنھنجي معصوم شڪل سان ڪنھن ٻئي جو ”ڏوھ“ بہ پنھنجي سر تي سورھيائيءَ سان کڻندي ھئي. ھوءَ پانڪريڪ جيل ۾ مقدم ٿي ويئي ۽ ھن جي ڪري ئي ڪيترا ماڻھو گرفتار ٿيڻ کان بچي ويا. سال کن کان پوءِ جرمن پوليس ھڪ لڪل خط ھن کان ھٿ ڪيو جنھنجي ڪري کيس مقدم جي عھدي تان بہ لاٿو ويو.
ھاڻي ھوءَ اسان سان گڏ برلن ھلڻ واري آھي، جتي اسان سڀني تي ڪيس ھلايو ويندو. اسان مڙن مان فقط کيس ئي آزادي جي ڏينھن جي اميد ٿي سگهي ٿي. ھوءَ نوجوان آھي. جيڪڏھن اسين ھتي مري وڃون تہ پوءِ کيس نہ وسارجو. ھن کي اڃا گهڻو ڪجھ سکڻو ۽ ڪرڻو آھي. کيس سيکارجو ۽ ھڪ ھنڌ بيھڻ نہ ڏجو. سندس اڳواڻي ڪجو ۽ کيس مغرور ٿيڻ يا پنھنجي ڪم تي پڏائڻ کان پاسائتو رکجو. ھن حد کان وڌيڪ ڏکئي وقت ۾ ثابت ڪيو آھي تہ ھوءَ ڏاڍي ڪم واري ڇوڪري آھي. ھوءَ ڀڙڪندڙ باھ مان لنگهي پار پڳي آھي ۽ ثابت ڪيو اٿس تہ ھوءَ ڪنھن پڪي ڌاتو جي ٺھيل آھي.
[b] منھنجو عملدار.
[/b] ھي انھن شخصيتن مان نہ آھي پر تنھن ھوندي بہ ٻين کان کان ڪجھ مختلف آھي.
ڏھ سال اڳ ونوھاردي جي ھوٽل فلورا ۾ جيڪڏھن توھان پيش گير سان ئي حساب ڪتاب صاف ڪرڻ لاءِ ريزڪاري ڳڻڻ جي ڪوشش ڪئي ھوندي، تڏھن ڪاريءَ پوشاڪ ۾ ھڪ ڊگهي قد ۽ سنھي بدن وارو ماڻھوءَ ڪنھن آواز ڪرڻ کانسواءِ، ڪرسين وچان ترندي سڌو توھان وٽ ترندي پھچي بل پيش ڪيو ھوندو. جهنگ جي جانور وانگيان سندس تکي رفتار ۽ ٻلي جھڙيون اکيون، جن سان ھو ھر شيءِ کي نظر ھيٺ رکي ٿو. توھانکي ڪجھ کائڻو نہ بہ ھجي پر ھو پنھنجي پيش گيرن کي چوندو وتندو: ”ٽينءَ ٽيبل تي ملائيءَ کانسواءِ ڪيف آءِ لا جي وڏي پليٽ.“ ”کاٻي دريءَ وٽ ڪيڪ لدوري نويسي (اڄوڪي اخبار) ڏي.“ مھمانن لاءِ ھو سٺو مک پيش گير ھو ۽ اتي ڪم ڪندڙ بہ کيس چڱو سمجهندا ھئا.
ان وقت آءٌ ھن کي ڪونہ سڃاڻندو ھئس. مون کيس گهڻي وقت کانپوءِ جيلينڪس وارن جي گهر سڃاتو جڏھن سندس ھٿ ۾ پينسل جي بدران پستول ھو ۽ مون ڏانھن اشارو ڪندي چيائين، ”.... مون کي ھي سڀني کان وڌيڪ دلچسپ ٿو لڳي.“
سچ تہ اسان ٻنھي جي ھڪ ٻئي ۾ دلچسپي ھئي.
ھو چالاڪ ھو ۽ ٻين جي ڀيٽ ۾ کيس ھڪ وڌيڪ فائدو ھو، ھو ماڻھوءَ کي سڃاڻي وٺندو ھو. پوليس ۾ شايد ڪامياب وڃي ھا. ننڍا چور يا خوني پنھنجن ٻين ھمراھن کان جدا ھنجي اڳيان دل کولي ڳالھائڻ کان نہ ھٻڪندا ھئا. ڇاڪاڻ تہ انھن ماڻھن کي فقط پنھنجي سر بچائڻ جو فڪر ھوندو آھي پر سياسي معاملن سان واسطو رکندڙ پوليس کي، ورلي اھڙا ماڻھو ھٿ ايندا آھن. سياسي قيدين جي حالت ۾ رڳو پوليس جي چالاڪي ۽ گرفتار ٿيل ماڻھوءَ جي چالاڪيءَ جو مقابلو نہ ھوندو آھي، پوليس جي چالاڪيءَ جو اڃا بہ وڏي طاقت سان مقابلو ھوندو آھي. اھا طاقت آھي ماڻھو جا عقيدا ۽ سڄي تحريڪ جي ھوشياري، جنھن ۾ ھو شامل ھوندو آھي. نہ پوليس جي چالاڪي ۽ نہ وري مار ڪُٽ ، ان جي برابر ٿي سگهن ٿيون، جيڪڏھن ان ھوندي بہ کين مجموعي طرح ڪاميابي ٿي آھي، تہ ان جو سبب بہ ھي آھي تہ؛ جدوجھد تمام ڊگهي ۽ ان جو دائرو تمام محدود آھي ۽ ٻئي ھنڌ ڪٿي بہ زير زمين تحريڪ لاءِ حالتون اھڙيون ڏکيون نہ ھيون. روسي بالشويڪ چوندا ھئا تہ جيڪر ماڻھو ٻن سالن تائين زير زمين ڪم ڪري سگهي ٿو، سو سٺو ڪارڪن آھي. ھنن لاءِ جيڪڏھن ماسڪو ۾ حالتون ناسازگار ٿينديون ھيون تہ پوءِ ھو پيٽرو گراڊ ۽ اتان پوءِ اوڊيسا. مطلب تہ اھڙن وڏن شھرن ۾ گم ٿي ويندا ھئا، جن جي آبادي لکن ۾ ھئي. جت کين ڪير ڪونہ سڃاڻندو ھو. پر ھت اسان وٽ فقط پراگ جو شھر آھي جتي اڌ کان وڌيڪ توھانکي سڃاڻن. ھت دشمن پنھنجن ايجنٽن جا جٿا آڻي گڏ ڪيا آھن. ان ھوندي بہ اسان چار سال ڪم ڪيو ۽ اڃا تائين ڪيترا ڪامريڊ اھڙا آھن جيڪي گذريل پنجن سالن کان زير زمين ڪم ڪري رھيا آھن ۽ جرمن پوليس ھنن کي ھٿ نہ ڪري سگهي آھي. ان جو سبب ھي آھي تہ اسين گهڻو ڪجھ سکي ويا آھيون. دشمن جيتوڻيڪ طاقتور ۽ قھار آھي پر ھو قتل کان وڌيڪ ڪجھ بہ نٿو ڪري سگهي.
ٻہ _ اي _ الف کاتي ۾ ٽن ماڻھن بابت چيو وڃي ٿو تہ ھو ڪميونزم جي پاڙ پٽڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ سختي ڏيکارين ٿا، اندروني دشمن خلاف جنگ ۾ بھادري جي ڪري، کين تمغا مليل آھن: فرائيڊرخ، زينڊر ۽ ”منھنجو عملدار“ جوزف بوھام. ھو ھٽلر جي قومي سوشلزم بابت گهٽ ڳالھائيندا آھن _ فقط ايترو جيتري ھنن کي خبر آھي. ھو سياسي نظرين لاءِ نہ وڙھي رھيا آھن. انھن مان ھر ھڪ پنھنجي پر ۾ پنھن جي لاءِ وڙھي رھيو آھي.
زيندڙ قد جو بندرو پر ٽيڙي گهڻي _ پوليس جي ڪم ۾ ٻين سڀني کان وڌيڪ ڄاڻو لڳي ٿو. پيسي جي ڏيتي ليتي ۾ شايد اڃا بہ وڌيڪ ھوشيار آھي. ڪجھ مھينن لاءِ کيس پراگ کان برلن آندو ويو ھو، پر منٿ ميڙ ڪرائي وري پنھنجي بدلي پراگ ڪرايائين. سندس خيال ۾ نازي حڪومت جي گادي جي شھر ۾ ڪم ڪرڻ گهٽتائي واري ڳالھ ھئي ۽ آمدني جي لحاظ کان نقصان ڪار پڻ. آفريڪا يا پراگ ۾ بيٺڪي عملدار، وڏو ماڻھو سمجهيو ويندو آھي ۽ کيس اھوئي دولت گڏ ڪرڻ جو سٺو موقعو ھوندو آھي. ھو پنھنجي پيشي ۾ محنتي آھي ۽ ٻنپھرن جي ماني وقت بہ قيدين کان پڇا جو ڪم ڪندو رھندو آھي. اھو ھو ان لاءِ ٿو ڪري تہ جيئن ڪنھن کي اھا خبر نہ پوي، تہ ڪو غير سرڪاري ڪمن ۾، ھو ان کان بہ وڌيڪ ڀڙ آھي. جيڪو ماڻھو سندس ور چڙھيو تنھنجو خير ڪونھي. پر جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جا بئنڪ ۾ پئسا يا موڙي آھي، تہ پوءِ ان جو سر ئي ويو. اھڙي ماڻھوءَ جي موت اچڻ ۾ دير ئي نہ ٿيندي. ڇاڪاڻ تہ بئنڪ ۾ رکيل پئسا ۽ موڙي زينڊر لاءِ سڀ ڪجھ آھي. ان ڪم ۾ ھو سڀني کان وڌيڪ چست عملدار سمجهيو ويندو آھي. (ان معاملي ۾ سندس چيڪ نائب ۽ مترجم سوملا کانئس مختلف آھي، ھنکي پئسا مليا تہ پوءِ ھرو ڀرو ڪنھن کي ڪونہ ماريندو.)
[b]فريڊرخ [/b]_ ڊگهو، ڏٻرو، دانگيءَ جي تري جھڙو رنگ، شيطاني اکيون ۽ بڇڙي کل. ۱۹۳۷ ۾ جرمن پوليس جو جاسوس ٿي چيڪوسلاويڪيا آيو تہ جيئن ملڪ کان ٻاھر رھندڙ جرمن ڪامريڊن کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري. کيس ٻئي ماڻھو کي مرندو ڏسي مزو ايندو ھو. سندس نظرن ۾ ڪوبہ بي گناھ ڪونھي. جنھن سندس آفيس ۾ پير وڌو اھو ڏوھاري آھي. کيس عورتن کي اھو ٻڌائيندي مزو ٿو اچي تہ سندن مڙس پورھئي جي ڪئمپن ۾ ڳھي ڳھي مري ويا، يا انھن کي ڦاسيون ڏنيون ويون آھن. ھو پراڻا ڪارڊ بہ دلچسپي سان پڙھندو آھي ۽ مئل ماڻھن جا نالا پڙھي اطمينان سان چوندو آھي: ”ھنجو معاملو بہ پورو ٿيو!“ ”ھو بہ ختم ٿيو!“ زالن کي عذاب ڏيڻ ۾ گهڻي دلچسپي وٺندو آھي ۽ عيش ڪرڻ جو بہ ڏاڍو شوق اٿس. جيڪڏھن ڪنھن ماڻھوءَ جو گهر سڄو سينگاريل آھي يا دڪان سٺين شين سان ڀريل آھي تہ پوءِ سندس سر ئي ويو.
سندس چيڪ نائب قد ۾ کانئس ڪجھ لاٺيرو آھي باقي ٻنھي ۾ ڪو فرق ڪونھي.
[b]بوھام [/b]_ منھنجو علملدار _ کيس نڪي پئسي ۾ ۽ نہ وري مئل ماڻھن ۾ دلچسپي آھي. جيتوڻيڪ ھن جيڪي ڪجھ ڪيو آھي، سو ٻين عملدارن جي ڪرتوتن کان گهٽ نہ آھي. ھو جوکم پرست ماڻھو آھي ۽ خواھش اٿس تہ ڪو وڏو ماڻھو ٿيان. ڪيترن سالن کان جرمن پوليس لاءِ ڪم ڪري رھيو آھي. ھو نيپولين ھوٽل ۾ پيش گير ھو جتي بران (رودليف بران _ نازين جو حامي جيڪو ميونخ واري معاھدي کانپوءِ چيڪوسلاويڪيا جو وزير اعظم ٿيو) ڳجهيون ميٽنگون ڪرائيندو ھو. جيڪي ڪجھ بران پاڻ ھٽلر کي نہ ٻڌايو ھو سو خال بوھام پورو ڪيو. پر ماڻھن جو شڪار ڪرڻ، سندن زندگي ۽ موت جو مالڪ بڻجڻ ۽ سڄن ڪٽنبن جي تقدير جا فيصلا ڪرڻ جي ڀيٽ ۾ ھي ڪجھ بہ نہ ھو.
کيس راضي ڪرڻ لاءِ معاملو اڪثر گهڻو، خراب حد تائين نہ ويندو ھو. پر جيڪڏھن ھن ٻئي ڪنھن معاملي ۾ پاڻ کي برجستو ثابت نہ ڪيو تہ پوءِ حالتن کي خراب ڪرڻ جو بہ ڀڙ ھو.
ايجنٽن جي ڄار پکيڙڻ ۾ ھو ٽنھي کان وڌيڪ ڄاڻو ھو: ڪتن جي لوڌ سان گڏ ھڪ شڪاري. ھو شڪار ڪندو رھندو ھو _ شڪار سان پيار جي ڪري کيس آڏي پڇا بہ ڏاڍو تنگ ڪندي ھئي. سندس مکيہ سرگرمي ھئي گرفتاريون ڪرڻ ۽ پوءِ ماڻھن کي پنھنجي اڳيان فيصلن جي انتظار ۾ ويھارڻ. ھڪ دفعو ھن پراگ ۾ ٽرامن ۽ لارين جا ٻہ سو ڊرائيور گرفتار ڪيا. ڪن کي ٽرام لائينن تان جهليائين ڪٿي وري آمدرفت ئي روڪي ڇڏيائين، ان ڪري افراتفري پيدا ٿي. ائين ڪرڻ سان کيس خوشي ٿيندي ھئي. پوءِ ھن ڏيڍ سو کن ڊرائيور ڇڏي ڏنا ۽ اھو تصور ڪري خوشي ٿيس تہ ڏيڍ گهرن ۾ سندس ساراھ ڪئي ويندي تہ سٺو ماڻھو آھي. سندس ڪيس گهڻو ڪري وڏي سطح تي پر غير اھم ھوندا ھئا. فقط آئون جنھن کي ھن اوچتو جهليو ھو. جدا حيثيت وارو ھئس.
ھو ھميشه چوندو ھو: ”تون منھنجو وڏي ۾ وڏو شڪار آھين.“ کيس ان ڳالھ تي وڏائي ٿيندي ھئي تہ ھن مونکي سڀ کان وڏو ڪيس ڪري کنيو آھي. شايد انجي ڪري ئي منھنجي زندگي وڌي.
اسين ھڪ ٻئي سان ھميشه ڪوڙ ڳالھائيندا ھئاسين. آئون ڄاڻي ٻجهي ائين ڪندو ھئس، پر کيس ان جو احساس تڏھين ٿيندو ھو، جڏھن ڪوڙ پڌرو ٿي پوندو ھو تڏھين اسين ٻئي ماٺ ڪري انکي اڪاري ڇڏيندا ھئاسين. کيس حقيقت ۾ دلچسپي مڙئي گهٽ ھئي. سندس ھميشه اھا خواھش ھئي تہ ”سندس وڏي ۾ وڏي ڪيس“ کي ڪو داغ نہ لڳي.
سندس خيال ۾ ڏنڊا ۽ لوھي سيخون پڇا ڳاڇا ڪرڻ جو واحد طريقو نہ آھن. ھو ھر ماڻھو جو اندازو ڪندو ھو ۽ ۽ پوءِ اندازي مطابق ڇڙٻ يا دڙڪن کان ڪم وٺندو ھو. شايد پھرين رات کانسواءِ ھن ڪڏھن بہ مونکي عذاب ڪونہ ڏنا. پر جڏھن سندس دل چوندي ھئي تڏھين ھو مونکي ٻين جي حوالي ڪندو ھو.
ھو بلاشڪ ٻين کان وڌيڪ دلچسپ ھو. ھڪ ڀيرو اسان برانڪ وٽ خيالي ميٽنگ ڪئي. ان کانپوءِ اسين ھميشه شراب خاني جي باغيچي ۾ ويھي چوڌاري ماڻھن جي ميڙن کي ڏسندا ھئاسين.
”تون گرفتار آھين“ ھن ھڪ ڀيرو ماڻھن ڏانھن منھنجو ڌيان ڇڪائيندي چيو، ”ڪا تبديلي ڏسڻ ۾ اچي ٿي؟ ماڻھو اڳي وانگيان گهمن ڦرن پيا، ڪن جي منھن تي مُرڪ آھي تہ ڪي غمگين آھن. بلڪل ائين جيئن اڳ ٿيندو آيو آھي. دنيا جو چرخو پيو ھلي ڄڻ تہ تون ڄايو ئي ڪونہ ھئين. پڪ سان انھن ۾ ڪي تہ تنھنجي ڪتابن ۽ اخبارن جا پڙھندڙ ھوندا _ تون سمجهين ٿو تہ تنھنجي گرفتار ٿيڻ ڪري ھنن جي منھن تي ھڪ اڌ وڌيڪ گهنج پيو آھي.“
ھڪ ٻئي موقعي تي سڄو ڏينھن پڇا ڳاڇا کان پوءِ شام جو ھو مونکي موٽر ۾ پراگ جو شھر گهمائيندي ھزاڊڪاني (پراگ جو قلعو جتان سڄو شھر ڏسڻ ۾ ايندو آھي) وٺي ھليو، جتان ھيٺ نرودا گهٽي ڏسڻ ۾ پي آئي.
”خبر اٿم، توکي پراگ شھر سان پيار آھي. ٻڌاءِ! توکي جيل مان ڇٽي شھر وڃڻ جي خواھش نہ ٿيندي آھي؟ ڪيترو نہ سھڻو شھر آھي! تون واپس شھر ۾ نہ آئين تہ بہ خوبصورت ئي ھوندو.....“
ھن ھوشياريءَ سان لالچ پئي ڏني. اونھاري جي پوين ڏينھن جي شام ۾ سرءُ جا اھڃاڻ ھئا. آسماني رنگ واري شام ۾ انگوري شراب تائين اھو نظارو ڏسندو رھان.... مون کيس جواب ۾ چيو:
”تنھنجي مرڻ کانپوءِ پراگ جو شھر اڃا بہ وڌيڪ خوبصورت لڳندو.“
ھو ٿورو کليو. سندس کل ۾ بدنيتي نہ پر غمگيني ڏسڻ ۾ پي آئي ۽ چيائين:
”تون نازڪ مزاج آھين.“
ھو وري ان شام کي ياد ڪندو ھو.
”جڏھن اسين نہ ھونداسين.... يعني توکي اڃا اسان جي فتح ۾ يقين ڪونھي؟“
ھن ان ڪري اھو سوال ڪيو جو کيس بہ ان ۾ ڀروسو نہ ھو. جڏھن آئون سوويت يونين جي طاقت جو ذڪر ڪندو ھئس ۽ اھو چوندو ھئس تہ سوويت يونين کي دنيا جي ڪابہ طاقت ھارائي نٿي سگهي تہ ھو ڌيان سان ٻڌندو ھو. اھائي منھنجي ”آڏي پڇا ھئي.“
پتلون جي پٽن جھڙو جوڙو:
سامھون واري ڪال ڪوٺڙي جي ٻاھران پٽن جي جو ھڪ جوڙو ٽنگيو پيو آھي. مون کي اھي بلڪل نہ وڻندا آھن، پر ھاڻي انھن کي ڏسي خوشي ٿيندي اٿم. انھن ۾ مون کي اميد جا ڪرڻا نظر ايندا آھن.
گرفتاري کان پوءَ توکي ڀلي ماري پورو ڪري ڇڏين، پر سڀ کان پھرين ھو تنھنجي ٽاءِ، پٽو يا پتلون کي ڪلھن مان لٽڪائڻ وارا پٽا وٺندا تہ جيئن تون پاڻ کي ڦاھي نہ ڏين. (جيتوڻيڪ ماڻھو پاڻ کي پتلون سان بہ ٽنگي سگهي ٿو.) موت جا اھي خوفناڪ اوزار جيل جي آفيس ۾ رکيا ويندا آھن ۽ جيسين گيسٽاپو ۾ ڪا اڻ ڄاتل تقدير اھو فيصلو نہ ڪري تہ توھان کي ڪيڏانھن موڪيلو وڃي، پورھئي جي ڪئمپ ۾ يا ڦاسي واري جاءِ ڏانھن، تيسين توھان کي اھي شيون واپس نہ ملنديون. فيصلي ٿيڻ کان پوءِ اھي شيون واپس نہ ملنديون. فيصلي ٿيڻ کان پوءِ اھي شيون سرڪاري دٻدٻي سان واپس ڪيون وينديون آھن، انھن کي ڪال ڪوٺڙي اندر رکڻ جي اجازت نہ ھوندي آھي. اھو سامان ڪال ڪوٺڙي جي در جي ٻاھران ٽنگيو ويندو آھي ۽ ڪال ڪوٺڙي ۾ رھندڙ ماڻھوءَ جي روانگيءَ تائين اھي ھڪ چٽيءَ يادگار طور تي ٽنگيل ھونديون آھن.
اسان جي سامھون ڪال ڪوٺڙي جي ٻاھران بہ پٽن جو جوڙو ٽنگيو پيو آھي. ان ڏينھن مون کي خبر پئي تہ گستينا لاءِ ڪھڙو فيصلو ٿيو آھي. سامھون واري ڪال ڪوٺڙي جو ھڪ ساٿي بہ ساڳي گاڏي ۾ پورھئي جي ڪئمپ ڏانھن وڃي رھيو آھي، جنھن ۾ گستينا بہ ويندي، گاڏي اڃا نہ ويئي آھي. گاڏيءَ جي روانگي اوچتو ملتوي ڪئي ويئي آھي. گاڏيءَ جي منزل واري ھنڌ سخت بمباري ٿي آھي (ٻيو نيڪ فال)
ڪنھن کي خبر، گاڏي ڪڏھن وڃي. شايد اڄ شام يا سڀاڻي، شايد مھينو يا ۱۵ ڏينھن پوءِ. سامھون پٽا اڃا ٽنگيا پيا آھن. جيسين اھي پٽا اتي ٽنگيا پيا آھن، تيسين گستينا بہ پراگ ۾ ھوندي. انھيءَ ڪري آئون خوشي ۽ پيار سان انھن کي ڏسندو آھيان. ڄڻ تہ اھي پٽا نہ پر ڪو انسان آھي، جيڪو گستينا جي مدد ڪري رھيو آھي. کيس ڪجھ ڏينھن ملي ويا.... ڪھڙي خبر ان مان ڪو فائدو ٿئي؟ شايد اڄوڪو ڏينھن ئي کيس بچائي وجهي
اسين سڀ ان حال ۾ رھون ٿا. ھميشه ايندڙ ڏينھن جو انتظار جنھن ۾ ڪجھ اميد ھوندي آھي. تنھنجي قسمت جو فيصلو ٿي ويو آھي.پر ھيئن توکي گولي ھنئي ويندي _ ھا، ڪھڙي سڀاڻي ڇا ٿئي؟ فقط سڀاڻي تائين زندھ رھ. سڀاڻي تائين ھر ڪا شي بدلجي بہ سگهي ٿي، ھر شي بي بقا آھي. ھائو، ڪنھن کي خبر تہ سڀاڻي ڇا ٿئي؟ سڀاڻي بہ گذري ٿي وڃي. لکي ماڻھو موت جي منھن ۾ پيا وڃن. ھزارين انسانن لاءِ نئون سچ اڀري ئي نٿو پر ماڻھو اڃا واڏي اميد سان زندھ آھن. سڀاڻي، ڪھڙي خبر تہ ڇا ٿئي؟
ھر ھفتي نوان افواھ اٿن ٿا تہ: جنگ فلاڻي تاريخ تي بند ٿي رھي آھي. ھرڪو ماڻھو وڏي وات اھو افواھ ٻين تائي پھچائي ٿو. توھان انھن جو مقابلو ڪريو ٿا، ڇاڪاڻ تہ اھي ڪوڙيون اميدون آھن؟ ڪوڙيون اميدون ماڻھوءَ کي مضبوط نٿيون ڪن پر الٽو ان جي اخلاق کي ڪمزور ڪن ٿيون. اسان جي ڀروسي کي ڪوڙن سان نہ پر حقيقت سان ھٿي ڏيڻ گهرجي _ پر توھان ۾ بنيادي حقيقت سان موجود ھوندي آھي، تہ اڄوڪي ڏينھن جو فائدو اوھان جي زندگي کي موت کا جدا ڪندڙ پل تي آڻي سگھي ٿو. زندگي جنھن کي تون دشمن جي اڳيان اڇلائڻ لاءِ تيار نہ آھين، ۽ موت جيڪو تنھنجو پيڇو ڪري رھيو آھي.
انساني زندگي فقط ڪجھ ڏھاڙا آھي. تنھن ھوندي بہ تون چاھين ٿو تہ اھي ڏينھن جلد پورا ٿين. ڀاڄوڪڙ ۽ وٺ نہ ڏيندڙ وقت جيڪو لاڳيتو تنھنجي نسن مان قوت ڇڪي رھيو آھي سو تنھنجو دوست آھي. ڪيتري نہ عجيب ڳالھ آھي!
ايندڙ ڏينھن ڪالھ ٿي ويو ۽ پرينھن اڄوڪو ڏينھن ٿي ويو. اھو بہ گذري ويو. اسان جي سامھون واري ڪال ڪوٺڙي جي در جي ٻاھران پٽن جو جوڙو اڃا ٽنگيو پيو آھي.