ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر سوز ھالائيءَ جي شاعريءَ جو مجموعو ”رنگ رتا پيچرا“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
سوز ھالائيءَ بيت، وائي، ڪافي، غزل، نظم، آزاد نظم، گيت ۽ ٽيڙو جي صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آھي. سوز ھالائي لکي ٿو: ”مان بنيادي طرح سنگيت نگر جو واسي آھيان، سنگيت جا مڌر مڌر سُر منھنجي ساھ جي سھڪي سان گڏ ردم ڪندا رھندا آھن. ھي سموريون ڪوتائون مون ڪوڏي ڪوڏي ڪري ميڙيون آھن ۽ اھي ئي منھنجي جيون جو سمورو سرمايو آھن. صرف ايترو آھي تہ انھن ۾ مون پنھنجا من پسند موضوع چونڊيا آھن.
ھي ڪتاب سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ھالا پاران 1981ع ۾ آگم پبلشنگ ايجنسي حيدرآباد وٽان ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون ھالا سان تعلق رکندڙ مانواري مھربان حبيب سنائيءَ جا جنھن ھن ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاءِ موڪلي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ