آتم ڪٿا / آٽوبايوگرافي

ھوچي منهه جي آتم ڪھاڻي

هي ڪتاب انقلابِ ويٽنام جي روشن ستاري ڪامريڊ هوچي منهه جي وسيع زندگي ۽ جدوجهد جي آتم ڪٿا تي ٻڌل آھي. هي ڪتاب نوجوان نسل ۾ اتساهه جو باعث بڻجندو، نوجوان نسل پنهنجون ڊگهيون سوچون هن ڪتاب تي کپائي، پنهنجي من کي انقلابي پاڻي ڏيئي، انقلابي راهن طرف پنڌ ڪندا، ته جيئن محڪوم ديس جو ڪومايل چهرو مُرڪي پوي.
Title Cover of book ھوچي منهه جي آتم ڪھاڻي

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ سياستدان رسول بخش پليجي جو ترجمو ڪيل ڪتاب ”ھوچي مُنهه جي آتم ڪھاڻي“ اوھان اڳيان پيش آھي.
هي ڪتاب انقلابِ ويٽنام جي روشن ستاري ڪامريڊ هوچي منهه جي وسيع زندگي ۽ جدوجهد جي آتم ڪٿا تي ٻڌل آھي. هي ڪتاب نوجوان نسل ۾ اتساهه جو باعث بڻجندو، نوجوان نسل پنهنجون ڊگهيون سوچون هن ڪتاب تي کپائي، پنهنجي من کي انقلابي پاڻي ڏيئي، انقلابي راهن طرف پنڌ ڪندا، ته جيئن محڪوم ديس جو ڪومايل چهرو مُرڪي پوي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1972ع ۾ ۽ ٽيون ڇاپو 1982ع ۾ سنڌي ادبي پبلشنگ ايجنسي حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]