ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ صحافي مير نصرت حسين ابڙي جو سھيڙيل ڪتاب ”سنڌ جا ڪالم نگار“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ڪتاب ”سنڌ جا ڪالم نگار“ سنڌي صحافت جي تاريخ ۾ اولين پيشڪش آھي جنھن ۾ سنڌ جي مايہ ناز اديبن ۽ ليکڪن جا ڪجه شاھڪار ڪالم شايع ڪيا ويا آھن. ھي ڪتاب نہ فقط ڪالم نگارن جي مختلف ۽ رنگ برنگي تحريرن جو ھڪ نادر مجموعو آھي، بلڪہ ادبي خوشبوءِ جي ھٻڪار جي لحاظ کان ھن کي ”گلدستو“ چيو وڃي تہ وڌاءُ نہ ٿيندو.
ھي ڪتاب 1998ع ۾ جرنلزم ايجوڪيشن اينڊ ويلفيئر سوسائٽي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ