ديباچو
ڪوڙي کي ٿي نِت گهر جي سفارش جي چٺي،
پنهنجي سدا تعريف مٺُءَ کي مون ڏٺي:
موتي ٿو سڃاپي پنهنجي تجلي منجهان پاڻ-
شَڪر به ڪڏهن چئي ٿي ته آءٌ آهيان مِٺي!
ماڻهو هميشہ خدا کان پڇاڙيءَ جو خير گهرندا آهن ۽ چوندا آهن ته ”الاهي عاقبت محمود گردان!“ انسان ساري عمر ڪهڙو به خوش ۽ آسودو گذاري، ته به جيسين سندس حياتيءَ جي پڇاڙي موچاري نه هوندي، تيسين اِنهيءَ کي خوش نصيب چئي نه سگهبو. ڪهڙي خبر ته مرڻ کان اڳي هن جي حالت ڦري ٻي ٿي پوي؟ ديندار ڦري بي دين ٿي سگهي ٿو، دانا ڦري نادان ٿي سگهي ٿو، مظلوم ڦري ظالم ٿي سگهي ٿو، ۽ نيڪ بخت ڦري بدبخت ٿي سگهي ٿو. يوناني حڪيم سولن ۽ ڪريسيس بادشاهه جو قديم مشهور قصو انهيءَ ڳالهه جي سچائيءَ جي ثابتي آهي؛ تنهن ڪري جيئري ماڻهوءَ جو احوال سندس مرڻ کان اڳي لکيل اڻپورو سمجهڻ گهرجي، پوءِ ڀلي ته اهو پير فرتوت هجي ۽ باقي حياتي ٿوري هجيس. اهڙو لکيل احوال ماڻهوءَ جي ماضيءَ ۽ حال جو سمجهڻ گهرجي؛ سندس مستقبل جو حال ٻين لاءِ ڇڏيل آهي.
انهيءَ طرح مون هي پنهنجي سوانح عمري لکي آهي ۽ اميد آهي ته جنهن مطلب لاءِ لکي ويئي آهي سو پورو ٿيندو. منهنجي عمر، هينئر ستر ورهيه آهي. باقي حياتيءَ جي پڇاڙيءَ جو احوال ڪو گهڻو نه هوندو ۽ اهو آسانيءَ سان پنهنجي اولاد مان ڪو يا دوستن مان ڪو لکي سگهندو. هن احوال لکندي ضروري هنڌن تي پنهنجا ڪي شعر به ڏنا ويا آهن ته نثر جي ڦڪاڻ يا اَلوڻائيءَ سان گڏ نظم جي هراڻ ۽ شعر جي چاشني چکڻ ۾ اچي ۽ خلاصي باب ۾ پنهنجي شعر جا ڪي انتخاب به ڏيندس. جن بابت منهنجي احوال ۾ اشارا ڏنل آهن. انهن مان پڙهندڙن کي منهنجن عادتن ۽ راين ۽ خيالن جي ثابتي ۽ شاهدي به ملي سگهندي ۽ منهنجي شعر جي نموني جي به خبر پوندي ۽ هڪڙِ ئي باب ۾ شاعراني مضمون پڙهڻ ۽ انهيءَ مان لذت وٺڻ جو چڱو وجهه ملندو، جو منهنجا شعر جا ڪتاب گهڻا آهن.
جيڪا آءٌ لکان، ڪريان ڪا گفتار،
مَثَل آڻيان آءٌ شعر پنهنجي مان ٿو لاچار،
تا خلق نمونو شعر منهنجي جو ڏسي؛
چيو ٿن آهي ”يَڪ مُشت، نمونه خروار.“
انهيءَ کان پوءِ ٻئي باب ۾ وري منهنجيءَ نسبت ۾ يا منهنجن ڪمن ۽ تصنيفن جي نسبت ۾ ۽ منهنجيءَ نوڪريءَ جي نسبت ۾ يا خلق جي خدمت چاڪريءَ جي نسبت ۾ جيڪي سرڪاري عهديدارن ۽ ٻين صاحبن چيو آهي تنهن جا ڪي خط ۽ انتخاب ڏيندي، جن مان گهڻا انگريزي آهن، جن جا جنسي نقل *به ڏيندس ۽ انهن جي پٺيان مختصر سنڌي مطلب به ڏيندس. اهي ڄڻ ته مليل سرٽيفڪيٽ آهن، جي هينئر مون کي گهڻي ڪم جا ناهن پر شايد منهنجي نسبت ۾ سنڌ جا شاعرن، جدا جدا هنڌن تان جيڪي عربي، فارسي ۽ اردو سنڌيءَ ۾ شعر، وقت بوقت پئي چيا آهن، سي جدا هڪڙي فائيل ۾ گڏ رکيا ويا آهن، جي ٻين خطن ۽ انتخابن وانگي هتي ڏيئي نٿا سگهجن، اگرچه انهن جي شعر جي نزاڪت پڙهڻ جي لائق آهي. ضميمي ۾ پنهنجو شجرو ۽ پنهنجن ڪتابن جا نالا ڏيندس. اگرچ انهن جو ضرور ڪونهي.
هوئي جوهر ذاتيءَ جو جنهين کي بهرو-
ڏيکاري نشان اهڙو اُن جو چهرو.
ڇو شجرو ڊگهو بنائي پنهنجو ماڻهو!-
ڇو پنهنجي وڏن جي ڏئي هڏن تي پهرو؟
[b]- قليچ بيگ
[/b]
حيدرآباد، سنڌ
آگسٽ 1923ع
____________
* ڏسو باب ٻارهين جي مُهڙ ۾ نوٽ (ناشر).