ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ڪالم نگار، ناول نگار ۽ ڪھاڻيڪار زيب سنڌيءَ جي ڪھاڻين جو چوٿون مجموعو ”حيدرآباد 47 ڪلوميٽر“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن ۾ 6 ڪھاڻيون شامل آھن.
زيب سنڌيءَ جي ڪهاڻين جا پلاٽ اسان جي ئي سماجي مسئلن ۽ مونجهارن تي مشتمل آهن. هن اهڙن ڪردارن تي به لکيو آهي جن کي اڪثر نظر انداز ڪيو وڃي ٿو، جنهن سبب هو معاشري ۾ احساسِ ڪمتري جو شڪار رهن ٿا. پيار کان ويندي پرماريت تائين هن ڪيترن ئي انوکن موضوعن تي لکيو آهي، ھن ڪتاب ۾ شامل ڪھاڻيون 2007ع کان 2009ع تائين جي ٽن سالن دوران لکيل آھن. انھن ڪھاڻين ۾ ھڪ فينٽيسي بہ آھي، تہ ھڪ مسٽري اسٽوري بہ آھي.
ھي ڪتاب 2010ع ۾ سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ