زيب سنڌي

Author Name

ناليواري ڪهاڻيڪار زيب سنڌيءَ جو اصل نالو محمد خان ولد عبدالستار شيخ آهي. هن 7 سيپٽمبر 1957ع تي خيرپور ميرس ۾ جنم ورتو. سندس وڏا اصل لاڙڪاڻي جا آهن، ننڍپڻ ۽ جواني لاڙڪاڻي ۾ گذاريائين. پرائمري تعليم ديني مدرسي پرائمري اسڪول لاڙڪاڻي مان، مئٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان بي. اي. سچل سرمست ڪاليج لاڙڪاڻي مان سال 1979ع ۾ ۽ ايم. اي (سنڌي) سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان سال 1981ع ۾ پاس ڪيائين. پيشي جي لحاظ کان تعليم کاتي ۾ سال 1989ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. ان کان اڳ ڪجهه عرصو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پروڊيوسر رهيو. گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج قاسم آباد، حيدرآباد ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ۽ سنڌي ڊپارٽمينٽ جي چيئرمئن طور رٽائر ٿيو.
زيب سنڌي ڪهاڻيڪار، ناول نگار، ڊراما نويس، شاعر، مترجم، ريڊيو ۽ ٽي وي ڪمپيئر جي حيثيت ۾ پاڻ مڃائي چڪو آهي، سندس وڏي سڃاڻپ ڪهاڻيڪار واري آهي، سترهن سالن جي عمر ۾ ئي هن ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيون، سندس پهرين ڪهاڻي ’زخمي دل ‘سال 1974ع ۾ ’رهبر ڊائجيسٽ‘ ۾ ڇپي، هيل تائين سندس اصلوڪين ڪهاڻين جا چار ڪتاب: ( 1 )’گهٽيل خواهشون ‘(1977ع )، (2)  زندگي درد جي ٻانهن ۾ ‘(1981ع )، (3)  ’ڌنڌ ۾ گم ٿيل منظر ‘(2001)، (4 )’ حيدرآباد 47 ڪلوميٽر ‘(2010ع ) ڇپجي چڪا آهن. زيب سنڌي ڪامياب ڪهاڻيڪار آهي، سندس ڪهاڻين ۾ احساس جي گهرائي ۽ شاندار منظر ڪشي آهي، سندس ڪيتريون ڪهاڻيون اردوءَ ۾ ترجمو ٿي چڪيون آهن. 2011ع ۾ سندس پهريون ناول‘ سيتا زينب ‘ڇپيو ۽ 2012ع ۾ سندس مختلف نثري تحريرن تي مشتمل ڪتاب ’توکي مون ساريو ‘سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو آهي.
هڪ شاعر جي حيثيت سان زيب سنڌيءَ غزل ۽ نظم لکيا آهن، سندس شاعري جو مجموعو ’آوارا بادل ۽ زيب ‘جي عنوان سان ترتيب ڏنل آهي، جيڪو ڇپائيءَ جي انتظار ۾ آهي، پي. ٽي. وي تي مختلف اديبن کان ورتل ٽي. وي انٽرويوئن تي مشتمل سندس ڪتاب ’ڪيفي قليچ ‘،شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ چيئر، سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان 2009ع ۾ ڇپايو ويو. سندس ترجمو ڪيل ڪتاب ’موهن جي دڙي جو خزانو ‘(1982ع )، ليليٰ خالد جي ڪٿا ’اسان زندهه رهنداسين ‘(1983ع )، چنگيز اعتماد توف جو ناول ’ڌرتي ماءُ ‘(1984ع )، خليل جبران جو ڪتاب ’ڪنوار جي سيج ‘(1991ع )، خليل جبران جي جيون ڪٿا( 1992ع ) شايع ٿي چڪا آهن، جڏهن تہ سندس تـرتـيـب ڏنـل ۽ ڇـپيل ڪتابن ۾:  ’پٿر دل ‘(1983ع )، ’فلسطيني ڪهاڻيون ‘(1985ع ) ۽ ’جنم ‘(تاج جويي سان گڏ :1992ع) شامل آهن. 
زيب سنڌيءَ کي ٽي. وي ڊراما نويس جي حيثيت سان به ڪاميابي ۽ شهرت ملي آهي، سنڌيءَ سان گڏ هن اردوءَ ۾ به ڊراما لکيا آهن. سنڌيءَ ۾ سندس پهريون ٽي. وي ڊرامو ’وڃايل ٻار ‘1986ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن تان ۽ اردوءَ ۾ سندس پهريون ٽي. وي ڊرامو ’ڇال ‘ پڻ پاڪستان ٽيليويزن تان ٽيليڪاسٽ ٿيو. 1986ع کان لڳاتار سندس سنڌي ۽ اردو ڊراما مختلف ٽي. وي چينلن تان نشر ٿيندا رهن ٿا، هيل تائين هن 25 سولو پلي، 9 سيريل ۽ 5 ٽيلي فلم لکيون آهن، جيڪي پي. ٽي. وي، ڪي. ٽي. اين، سنڌ ٽي. وي، مهراڻ ٽي. وي، پي. ٽي. وي نيشنل، اي. آر. واءِ ۽ هم ٽي. وي تان ٽيليڪاسٽ ٿيون آهن. سنڌيءَ ۾ وڃايل ٻار، ماءُ، خالي گهر، ميڏا عشق وي تون، توکي چاهيون ٿا، بند دروازو، سمنڊ جون سرحدون (سيريل)، گهر ڀاتي (سيريل) ۽ درد جي موسم (سيريل) سندس يادگار ڊراما آهن. جڏهن ته اردوءَ ۾ جانشين (سيريل)، انجاني راستي (سيريل)، ڪيسي يه تڙپ (سولو پلي)، تنها (سولو پلي) سندس مشهور ڊراما آهن. جڏهن ته زيب سنڌيءَ جي ناول ’سيتا زينب ‘جي ڪهاڻيءَ تي ساڳئي نالي سان ٺهيل ٽيلي فلم بہ مقبوليت سبب اردو ٽي. وي چينل، اي. آر. واءِ تان ڏهاڪو دفعا ڏيکاري وئي ۽ ڊي. وي. ڊي تي به رليز ڪئي وئي. زيب سنڌيءَ جا ڪجهه اردو ڊراما يورپي سيٽلائيٽ تان سڄي يورپ ۽ آمريڪا ۾ به ٽيليڪاسٽ ٿي چڪا آهن. 
زيب سنڌيءَ مصنف ۽ پروڊيوسر جي حيثيت سان اردو ريڊيو ڊرامي ’سمجهوته ‘ تي 1988ع ۾ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي اسلام آباد ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. ساڳئي سال هو پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ اڪيڊمي اسلام آباد جي مخزن ’اڪيڊمي نامه ‘جو ايڊيٽر به رهيو. ريڊيو لاءِ هن سنڌي ۽ اردوءَ ۾ پندرهن سولو ڊراما ۽ هڪ اردو سيريل لکي آهي، جڏهن ته گذريل ويهن سالن کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو واحد ڪمپيئر آهي، جنهن کي آئوٽ اسٽينڊنگ ڪيٽيگري حاصل آهي.
هن 1982ع کان 1988ع تائين لاڙڪاڻي ۾ هڪ اشاعتي ادارو ’سڳنڌ پبليڪيشن ‘پڻ هلايو ۽ ان اداري طرفان سنڌ جي نامور ليکڪن شيخ اياز، امر جليل، ذوالفقار راشديءَ ۽ ٻين جا يادگار ڪتاب ڇپرايائين. سندس اداري جا ڇپرايل چاليهارو ڪتاب ڇپائيءَ ۽ گيٽ اپ جي حوالي سان وقت جا خوبصورت ڪتاب آهن. زيب سنڌيءَ کي پي. بي. سي اوارڊ، ڪي. ٽي. اين اوارڊ، سنڌ يونيورسٽيءَ پاران مڃتا شيلڊ، اينٽيڪوئٽي ڊپارٽمينٽ سنڌ پاران ڪارڪردگي شيلڊ ۽ ٻين ڪيترن ادارن بهترين ليکڪ ۽ ڪمپيئر جا اوارڊ ڏنا آهن.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي زيب سنڌي جا ڪُل 8 ڪِتاب موجود آھن


زيب سنڌي جا ڪتاب

اسان زندھه رھنداسين (آتم ڪٿا)، سنڌيڪار : زيب سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
اسان زندھه رھنداسين (آتم ڪٿا)
سنڌيڪار : زيب سنڌي
سيتا زينب، ليکڪ : زيب سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سيتا زينب
ليکڪ : زيب سنڌي
ڌرتي ماءُ، سنڌيڪار : زيب سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
ڌرتي ماءُ
سنڌيڪار : زيب سنڌي
سنڌ جي ڳالهه، ليکڪ : زيب سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
سنڌ جي ڳالهه
ليکڪ : زيب سنڌي
حيدرآباد 47 ڪلوميٽر، ليکڪ : زيب سنڌي

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
حيدرآباد 47 ڪلوميٽر
ليکڪ : زيب سنڌي
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ