موھن جي دڙي جو خزانو
ھن ڪتاب ۾ 7 ڪھاڻيون شامل آھن. ڪرشن چندر پنهنجي نظريي جي حوالي سان عملي زندگيءَ ۾ بہ ھڪ ڪميٽيڊ ليکڪ ھو. ڪرشن چندر جي گهڻين ڪھاڻين ۾ سماجي زندگيءَ جا ننڍا وڏا مسئلا ۽ انھن جو حل موجود آھي. اردوءَ ۾ انساني نفسيات جي نالي ۾ ڪھاڻيون لکيون پئي ويون تہ ڪرشن چندر سماجي ڪھاڻيون لکي اردو ڪھاڻيءَ جو رُخ ئي ڦيرائي ڇڏيو.