فلسطيني ڪھاڻيون
ھن ڪتاب ۾ فلسطيني ادب جي ڏھن ڪھاڻين جو ترجمو شامل آھن، جن جا سنڌيڪار محمد ابراھيم جويو، نجم عباسي، زيب سنڌي، ولي رام ولڀ، ممتاز عباسي ۽ آزاد قاضي آھن. ھنن ڪھاڻين ۾ فلسطينين جي بي وسي، جنگ ۽ گولين جا ٺڪاءَ، اسڪولن ۽ اسپتالن ۾ موت جو رقص، ٻارن جي بي وسي، امن جي موڪلاڻي، وطن جي آزادي لاءِ جدوجھد، عشق ۽ محبت جي ڪھاڻين سان گڏ جھاز کي اغوا ڪرڻ جي ڪھاڻي پڻ شامل آھي.