ڀائو“ محمد اسماعيل سيلرو صاحب جي شاعريءَ جو مجموعو ”ڀائوءَ جو رسالو“ اوهان اڳيان حاضر آهي، جيڪو 850 صفحن تي ٻڌل آھي. ڪتاب جي ترتيب ڏيندڙ خير محمد ”خيرل“ سيلرو آھي. ڪتاب ۾ سُر تخليقات، سُر ڪائنات، سُر فلڪيات، سُر جماليات، سُر انسان ذات، ٽبڪن تي آزمائش، عزالي سٽن سٽاءَ، ٻہ سٽاءَ، چو سٽاءَ، ڇهه سٽاءَ، اٺ سٽاءَ، ڏهه سٽاءَ، ٻارنھن سٽاءَ، عزل، گيت، مسدس، نظم، بيت ۽ سوايا بيت شامل آھن.
سيلرا شهدادڪوٽ جي سيلرا ڳوٺ ۾ عبدالواحد عرف عدل جي گهر 1954ع ۾ جنم ٿيو، ۽ وڏي ڀيڻ ”ڀائو“ سان سڏيندي هُئي، جڏهن اسڪول جهڙو ٿيم ته سيلرا ڳوٺ پرائمري اسڪول ۾ تعليم لاءِ ويهاريو ويو، پنج جماعت پوري ٿيڻ کان پوءِ عربي مدرسي ۾ موڪليو ويو، ڪجهه وقت کان پوءِ مال جو ڌنار ڪيو ويو، ڇهه مهينا مال چاريو پيرين اگهاڙي، سرندي جي باوجود پيرين اگهاڙي مال چاريندو رهيس، ان کانپوءِ به اُتي خوش رهيس هاڻي محسوس ٿو ٿئي، ته منهنجي سُڌاري لاءِ اهو ڪيو ويو هو، ڇهن مهينن کانپوءِ وري عربي مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو، جنهن ۾ ٽي سيپاره حفظ به ڪيا ۽ قرآن شريف به پورو ڪيو، پر ان ۾ فرق نه هيو، پر جيئن پهرين مدرسي ۾ هيس، اهڙي مزاج سان وري به اُتي رهيم، تڏهن به منهنجو مزاج ساڳيو هيو، وري مدرسي ۾ ويٺم ته به مزاج ساڳيو هيو، پڇتاءَ نه ڪيو، ته مدرسي ۾ سُکيو آهيان، مال سان ڏُکيو آهيان، جڏهن ڌنار ٿيس، ته به ان ۾ خوش هيس، وري مدرسي ۾ آيس، ته به خوش هيس، ان کانپوءِ وري گهرو ڪم ڪار ۾ هٿ ونڊائڻ شروع ڪيو، مدرسي مان ڪڍيائون، پنهنجي طبيعت نرالي ۽ خاموش اڪيلائپ پسند هوندي هئي، پنهنجي پسند ئي اها هوندي هئي، ته هر ڪم ڪار ۽ اُٿڻ، ويهڻ تمام ڍرو ايتري قدر جو گهر ۾ ڏاڏي ٺَمَڻُ چوندي هئي، ٻاهر ڪڙمي ڪاري يا نوڪر چاڪر يا هاري ناري ٿڌو خان چوندا هيا، ننڍي لاءِ کان وٺي وڻن پوکڻ سان ڏاڍو چاهه هوندو هيو، جيڪي هن مهل تائين اهي وڻ موجود آهن، ۽ هن مهل به وڻ پوکڻ سٺو لڳندو آ، گهڻي قدر وڻ پوکيندو آهيان، ۽ وڻ پوکڻ جا هر ڪنهن کي ڏس ڏيندو آهيان، جيڪو وڻ پوکيندو آ، ان سان همدرديون هونديون آهن، جڏهن ڪجهه وڏو ٿيس، ته پسند جي شئ شاعري هئي، جيڪو شعر ٻڌان ته پوءِ اهو شعر ياد ڪيان، پر ٻڌڻ وارو نه هوندو هيو، ان ڪري پوءِ پاڻ کي پاڻ ٻڌائيندو هيس، يا ٽيپ ۾ ڀري پاڻ ٻڌندو هيس، واهه واهه به پاڻ ڪندو هيس، پڙهڻ لکڻ جو جڏو هيس، پوءِ به شاعري جا ڪتاب خريد ڪري پڙهندو هيس، تمام شوق سان شاعري پڙهي ۽ شاعري ته تمام وڻندڙ صنف هئي، ان کانپوءِ سماجي مرحلن ۾ رُلندو هيس، اهو دور ڏاندن جي گوئن جو دور هيو، پاڻ وٽ به ڏاند سٺا هيا، ۽ گوئن ۾ به ويندا هياسين، ۽ پاڻ گويون نه ڪندا هياسين، هڪ دفعي گوءِ تي شرط 500 سو روپيه رکيا مان وٽ 4000 هزار هيا ۽ موٽ ۾ مونکي پنجوڻ ملي پوءِ ڏُک ٿيو، ته سڀ رکان ها، ان کانپوءِ رات جو ماني به نه وڻي، تنهن کانپوءِ شرطن کان نفرت ٿئي، ته ڪمايو ته به ماني نه وڻي، ۽ هارائڻ ۾ به ماني نه وڻي، ان کانپوءِ وري ڪائي شرط نه رکي، وري موالين جي صحبت ۾ رهيس، نشا شروع ڪيا، ڀنگ، چرس پر انهن ۾ آرس تمام پيو ٿئي، مان پورهيت ماڻهو هيس، پنهنجو شوق ڪنهن وڻ يا جانور يا ڪنهن انسان سان ڪيو، نشي جي حالت ۾ ان جو پورائو نه پيو ٿي سگهي، ان ڪري نشي کي به ڪم جو نه سمجهيم، ان کانپوءِ وري ڏوهن جي دنيا ۾ ويس، چورن جي صحبت ۾ جڏهن چور ٿيس، ته چورن جو ڪم اهو آ ته دوستن کي تنگ ڪن، ته اهي چوندا هيا ته دوستن کي تنگ ڪيو، ته ڀائيندا، قرب ڏيندا. ۽ جلدي ڪم ڪندا، اهو رويو به نه وڻيو، ڇو جو خيال هوندو هو، ته دوستن جي ڪم اچڻ کپي، يا انسان جي ڪم اچجي، ان کان پاڻ کي نفرت ٿي، ان کانپوءِ شرافت جي زندگيءَ ۾ داخل ٿي اهو وچن ڪيو ته خير جا ڪم ڪبا، جڏهن خير جي ڪمن ۾ شروع ٿيس ته پهريون سڻائو ڪم فيصلو لڳو، برادري وارا ماڻهو آهيون، جهيڙا، جڳڙا، رُساما رنجشون، برادرين ۾ تمام گهڻيون هونديون آهن انهن ۾ دلچسپي ورتي ڪجهه فيصلن ۾ مهشير ٿيس، پر ڏاڍو معاملو ڏُکيو لڳو، ان ڪري جو فيصلو هڪ طرف ٿي وڃي پوءِ ان ۾ تحقيق ڪئي ته ڪجهه پئسن تي ناجائزيون پيون ٿين ۽ ڪجهه پنهنجي ڳالهه پوري ڪرڻ لاءِ ناجائزيون پيو ٿين، ۽ ڪجهه هيڻي ڏاڍي لاءِ ناجائزيون پيو ٿين، ڪجهه هڪٻئي جي تعصب جي ڪري ناجائزيون پيون ٿين، پر نقصان سدائين هيڻي کي پيو اچي، ڏاڍي سان ڪنهن جو به مهاڏو نه آهي، ان جو هرڪو خير خواهه آ، انصاف ڳوليو، پر نه لڌو، صرف ڏاڍ جي حمايت ٿئي پئي پوءِ دولتمند هجي، يا خونخوار هجي، رولو هجي، يا بدچال هجي، ان لاءِ حمايت خاندان انصاف پسند وڏيرا سرادار، آفيسر، عدالتي، مانوارا، شرافت جا اڳواڻ جڏهن انصاف ۾ ناجائزي ڪن، پوءِ اهڙيون لٻاڙون ۽ ڊراڙون هڻن، ڄڻ ته ڪو وڏو اسلامي جهاد ڪيو اٿئون، يا حقدار کي حق ڏيارو اٿئون، انهن سان ويهڻو پيو پئي، ۽ انهن جي ٽهڪن سان ٽهڪ ڏيڻا پيا پون، شرمساري لڪائي، اهو سلسلو به ڏاڍو ڏُکيو لڳو، اهڙي انصاف کان بيزار ٿي ويم وري اهو قول ڪيم ته عبادت ڪبي، ڇو جو اسلامي ڪم ته ماڻهو ڪرڻ ڏيندا، پر پوءِ به اسلام جو پاسو ورتو، اسان خانداني اهلسنت والجماعت، حنفي مُسلي جا حامي هياسين، پهريون ته اُتي وڃڻو پيو جاٿي وڏا ويندا هيا پر منهنجو والد ڪجهه سيڪيولر هيو، هرڀرو ان مُلن سان نه لڳندي هيس، پر پوءِ به واسطو حنفين سان هيو، اسان وڃي، انهن سان گڏ ٿياسي، ان مهل نور بشرجو وڏو جهيڙو هيو، بريلوي ۽ ديوبندن ان ڳالهه تي ايڏو تنگ ڪيو، جو حل ڪرڻ کان مٿي ٿي ويو، تان جو وڃي جعفرين سان گڏ ٿيڻو پيو، ڇو جو جيڪڏهن نور جي ڳالهه آ، ته حقيقتن نور جعفرين وٽ نظر آيو، ۽ انهن جا دليل يقيناََ ۽ پڪا نظر آيا، پر جيڪي ڪجهه اسان کي گهربو هيو اُت به نه ملي سگهيو، اسان جو خيال هيو، ته وجود کي ويڙهي عبادت ڪجي، اُت به هروڀرو ڪنهن نه ڪنهن انسان کي اهل سمجهيو ويندو آ، پوءِ ڀل نااهل هجي اها انصاف پسندي هڪ جاءِ تي بيهڻ نه پئي ڏي، ان کانپوءِ ڪجهه جعفرين وٽ، ڪجهه ديوبندن وٽ، ڪجهه بريلوين وٽ، پر سڀني مان جن جي ڳالهه سمجهه ۾ پئي اچي، ۽ حق، حقيقت جنهن جي سمجهه ۾ پئي اچي، ته اها واپرايون پيا، باقي اسلام جي خبر سڀ سمجهه ۾ اڃان تائين نه آئي آهي، ان ڪري اسلام ۾ شامل ته آهيون، باقي مطالعو ڪندا ٿا رهون، ٻئي حيرت جي ڳالهه اها لڳي، ته جنهن گروهه سان تعلق، ته ٻيو گروهه نفرت ڪري يا پاڻ نفرت ڪرڻي پئي، انسان کان نفرت ڏاڍو ڏُکيو ڪم لڳندو رهيو، تان جو صوفي اُزم ۾ به ڪجهه بهرو ورتو، پر اُت عجيب منظر لڳو، پنهنجو خيال اهو هو، ته روحاني رمزون حاصل ڪجن، اصلي پاڻ کي نشا ڏئي ۽ راحت جي رنگن وارا آواز ڪري عبادت ڪئي وڃي، هيڪڙائي جون حقيقتون حاصل ڪجن، پر اهڙو اتفاق نظر نه آيو، جهڙي به گروهه ۾ ويس انسان جي نفرت نظر آئي، عالم ۽ وڏيرا هڪجهڙا نظر آيا، ڄڻ هر ڪنهن انسان جي عظمت سان راند پئي کيڏي وڃي، وري آيم سياست ڏي، سياست ۾ پهريون چئي آيم ته جيئي سنڌ ۾ هوندو هيس، پر لفاظي جي حد تائين پوءِ جڏهن ويجهو ويس، ۽ مطالعو ڪيم ته اُت به رڳو نفرتون ڀريل هيون، ڪنهن نه ڪنهن کي سامراج چوڻو پيو، ۽ ايئن محسوس پيو ٿئي جيئن ٽڪرين واري رلي هوندي آ، بلڪل ايئن سڄو گولو ڄڻ ٽڪريون ٽڪريون هو هر ڪنهن جي قوم الڳ هر ڪو پنهنجي خطي کي ساراهي ۽ ٻئي کان نفرت ڪري، اهو به مذهب جهڙو رجهان نظر آيو، انسان جي نفرت مان اهو ٿيو ته ان ۾ به مطالعا ڪيا، ان ۾ ڪجهه نه ڪجهه صداقت هُئي، پر ان ۾ حد بندي آ حد کان ٻاهر نڪرڻو ناهي، پنهنجي اها سوچ هوندي هُئي ته حد مقرر نه هجي، انسان جيڪو ڪري سگهي، ته اهو ڪري ان کانپوءِ پابندي نه هجڻ کپي، پوءِ ان مهل سويت يونين هُئي، سياست جا ميدان کُليل هيا ڪميونسٽ گروپ، هاري ڪاميٽي، وطن دوست، سنڌ دوست، انسان دوست انهن ۾ به شامل ٿياسي، انهن وٽ پهريون ته اها ڳالهه ٻڌي، قومي جمهوري انقلاب ۽ عوامي جمهوري انقلاب اهڙا نالا هيا، جو سمجهه ۾ نه پيا اچن، هو ٿورڙي لاءِ ته سمجهائن پيا پر منهنجي سمجهه ۾ نه پيا اچن، ڇو جو منهنجي سمجهه ۾ ڳالهه ساڳي هُئي، ان کي رنگ ڏنل هيا. جڏهن ناسمجهي هُئي پوءِ به مطالعو ڪيو ۽ پوءِ اها سمجهه ۾ نه آئي، تان جو هن مهل تائين منهنجو ذهن اهو ٿو ڪم ڪري، ته جڏهن قومي جمهوري انقلاب ته سڄو گولي قوم آهي، سڄي گولي تي هڪجهڙو انسان آ، سڄي گولي جي انسان کي هڪجهڙا حق آهن، پوءِ ان ۾ ڦير ڦار ڇا لاءِ جيڪڏهن هڪڙا حق کائن ٻين جا ته انهن کان ناجائزي ٿي ٿئي، جيڪڏهن اُها جمهوري انقلاب ۾ ناجائزي ٿئي ٿي، ته اُها انسان سان ناجائزي آ، وري عوامي جمهوري انقلاب ۾ سڄي گولي جو عوام ساڳا حقوق ٿو رکي، ته آهي ته هڪجهڙائي جي ڳالهه، اها ته سڄي گولي جي قوم به هڪ ته، سڄي گولي جو عوام به هڪ جي قوم ته ان ۾ فرق ڇو آهن، حيوان بڻائي ٿا ڇڏين انسان کي، سياست ۾ انسان کي حيوان محسوس ڪرائن ٿا، هر هڪ ڪنهن جي حد هوندي، هر ڪو پنهنجي حد ۾ هوندو آ،جيڪڏهن ٻئي جي حد ۾ ويندو، اهو نه ڇڏيندس، اهو حيوانن جو مقابلو آ، ان ۾ شينهن هجي، ڏاند هجي، مينهن جو نر هجي، هرڻ هجي، مرون هجي، يا اٺ هجي، هاٿي هجي، يا گدڙ هجي، لومڙ هجي، ڪُڪُڙ هجي، سڀ اهڙي قانون جا حامي آهن، انسان ان قانون قدرت سان مقابلو ڪيو آ، روشني لاءِ چنڊ مليو اٿس، هن باهه ٻاري آ، کاڌو ڪچو مليو اٿس، ته هن پچايو آ، جي وڻ ڇانو لاءِ مليو اٿس، ته هن گهر ٺاهايو آ، پير گُهمڻ لاءِ مليا اٿس، ته هن لاريون، ڪارون ۽ هوائي جهاز ٺاهايا آهن، بهرحال قانون قدرت سان مهاڏو اٽڪائڻ وارو انسان آ، هر گهڙي پل تي، هاڻي ٿا هلئون پهرين ڳالهه تي ته انهن کي چيو پيو وڃي کاٻي ڌُر، پر ساڄي ڌُر وارا ان کان به پوئتي آهن، هڪٻئي سان ٺڳيون، دولاب، اٺڪلون ٿا ڪن ڄڻ سياست آهي، ئي اٽڪل ساڄي ڌُر وارا ته چوندا آهن، سياست معنى ڪوڙ ۽ هو چون سياست مقدس آ، پر کاٻي ڌُر وارا چوندا هيا، ته سياست، مقدس آ، پر دوکا، اٽڪلون،. ٺڳيون ساڄي ڌُر کان به وڌيڪ هنن وٽ آهن، هڪٻئي سان انضمام ڪري وري ماڻهو چورائن، سياسي ماڻهو کاٻي ڌُر جا يا ساڄي ڌُر جا، يا مذهبي گروهه جا، اهي پنهنجي ڌُر کي اُتم سمجهندا آهن، ۽ ماڻهو چورائڻ جا ڪاريگر ۽ ماڻهن کي مُدي خارج ڪرڻ جا ڪاريگر ڪنهن کي بدنام ڪري ڇڏين، ته جيئن ان تي هر ڪو شڪ ڪري پوءِ مذهبي گروهه هجي، ان کي دهريو چون ۽ سياسي ماڻهو ان کي شڪي ماڻهو چون، ته اهو هڪ جاءِ تي نه بهيندو آ، اهڙي حالت کي ڏٺو مشاهدو ڪيو، ۽ مطالعو ڪيو، جڏهن ان ۾ قدر نظر نه آيو ته پوءِ مذهب هجي يا سياست هجي ٻئي اهڙيون شفاف شيون آهن، جو جيڪڏهن انسان انهن تي عمل ڪري ته انسان کي انسان بڻائي ڇڏين، ان سچ ۽ حقيقت کي ڪاڏهون آڻجي ۽ ڪيئن آڻجي، ان حال ۾ تڙپي تڙپي وري پنجهائپ ۾ ليئو پاتو ته پنهنجائپ ۾ اڃان وڌيڪ ٺڳيون نظر آيون، پوءِ همٿ نه هاري قلم جو سهارو وتو ۽ سماج کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، انسان کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ ڪوشش ڪرڻ کپي ۽ پاڻ کي سمجهڻ جي ڪوشش جڏهن ڪئي، ته ڪجهه نه ڪجهه سمجهيو، پر چوڻ جي همٿ اڃا تائين ناهي ڇو جو اهو محسوس نٿو ٿئي، ته چئون ته صحيح پر ڪنهن کي چئون ۽ ڪيئن چئون نوراني ذات کي چئون، يا بادشاهه کي چئون، شهنشاهه کي چئون، سردار کي چئون يا عالمن کي چئون، يا عُلمائن کي چئون، يا سياستدانن کي چئون، يا انسان دوستن کي چئون، يا انسان همدردن کي چئون، يا انسان متولين کي چئون، يا انسان درسگاهن وارن کي چئون، يا انسان وڏي نانءُ وارن کي چئون، يا انسان بدنامي وارن کي چئون، يا انسان پاڻ کي چئون، انسان چوڻو ته پوندو، پوءِ جڏهن اسنان چئون، يا انسان اسان نه چئون، ۽ انسان اسان جا پويان چون، ڪجهه ڪرڻو ته پوندو ڇو جو ڪجهه ڪرڻ ۽ چوڻ کانسواءِ ڪجهه نه ٿيندو، پوءِ ڪيتري به قرباني ڪرڻي پئي، ان کانپوءِ يا ته سڀ ڪجهه ڇڏي، سعودي عرب وڃڻو پيو، ۽ اُت حج ڪيو 14 صدي جي آخري حج ۾ شامل ٿيس، ۽ 15 صدي جي پهرين ڏينهن ڪعبته الله تي قبضو ٿيو مان به ات سعودي عرب ۾ هيس، جيڪو ڪجهه ڏٺو يا ٻڌو ته عبادت گاهه تاريخي نموني سان پڙهيا هيا، ان جو رائر يا ڍل يا ٽيڪس ڏيندا هيا، پر جيڪڏهن ٿوري گهڻي غلطي تي ان عبادت گاهه کي ڊاٿو ويندو هيو، يا جنگ لڳندي هئي، جنهن ۾ نانءُ وڏو بيت المقدس جو هيو، جنهن ۾ جنگ لڳي هئي ته ايتري قدر جو گهوڙا رت ۾ تري هلي رهيا هيا، پوءِ به جنگ هلندي رهي، اهڙو مثال ٻيو ڪو نه ٻڌو هو. خود ڪعبته الله تي به اڳ حمله ٿيا هيا، پر هي ايڏو وڏو حملو هو، جو جڏهن قبضو ٿيو ان کان پوءِ ات اهڙو منظر هيو، جو ان جي ڳالهه نٿي ڪري سگهجي، منهنجي ذهن ۾ اهڙو ته خيال هيو، جڏهن ڪعبته الله ۾ داخل ٿيس، ته اهڙي ڪيفيت ڪڏهن نه ڏٺي، ۽ وري جڏهن اهو قبضي وارو منظر ٿيو، ته اهڙي ڪيفيت ڪڏهن نه ڏٺي، بهرحال اهو زندگي جو سفر هيو، ڏاڍي نرالي قسم جو رهيو، اهو نه سمجهي سگهيو ته ڏُکيو يا سڻائو، پر حج کان اڳ ۾ مان جيئي سنڌ جو پاڻ کي چوندو هيس، جنهن جي خبر ڪانه هئي، ته قوم پرستي ڇا آهي؟ جڏهن عربن کي ڏٺو ته اهو جام ٻڌو ته اڪثر چوندا هيا، ته ”انا وطني انت خارجي“ اهو به ڄڻ سبق مليو پوءِ سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ مطالعي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو. ان ۾ جي .ايم.سيد جو گهڻو ڪردار رهيو، ڇو جو قومپرستي لاءِ جي.ايم.سيد جو قلم هليل هو. جي.ايم.سيد جي قلم وڏو ڪم ڪيو هو، ان کانپوءِ سويت يونين جو به ڪم هلي پيو، اهو به لٽريچر پڙهيو، پاڻ ايترو پڙهيل نه هيس، جو سنڌي مس پڙهي سگهندو هيس، اُردو ڏاڍي ڏُکي هئي، اسٽيڊي سرڪلون هلنديون هيون، ۽ تمام گهڻا ڪامريڊ هيا، مطالعي وارن لاءِ وڏو ميدان کُليل هو، پوءِ سنڌي، اردو جام پڙهيم. پوءِ ڏاڍو مزو آيو، ڪفر اسلام پڙهيو، ۽ وري هر مذهب پڙهيو، ڪميونظم پڙهيو، هوميونظم پڙهيو، فلڪيات کي پڙهيو، ابجد، رمل پڙهيو، جفر پڙهيو، گائيڪي کي پڙهيو، هر ڪنهن وچن ڪيا آهن، ته الله کي ريجهائڻ جا نمونا ڪو سجدو ڪري، ته ڪو مٿو ٽيڪي، ته ڪو آواز ڪري، ڪو پاڻ کي ايذاءَ ڏي ڪو پاڻ کي کڏ ۾ پورائي، ته ڪو جهنگ ۾ جوڳ ڪري. تان جو هن مهل تائين ڪو به خاموش نه آهي، جو ڪو ختم ٿيو هجي، اڃان به هر ڪنهن جي جستجو آهي، باقي پاڻ به ڦري گهري، قوم پرست ٿيو آهيان، پر هن سڄي گولي کي قوم ٿو سمجهان، هن گولي جو انسان هڪ قوم آهي، ڇو جو انهن جا حواس، خيال، اوسر، جُستجو، اميد، گهرج، هلچل هڪ جهڙي آهي. باقي جيڪا ورهاست آ، اها مفاد پرستي آ، ان ورهاست سان بغاوت ڪئي، جنهن ڪري فقھ، تاريخ، قانون، قدر هر لک پڙهه جي ڳولا ڪئي، پر ڪاٿي به روشني نظر نه آئي، جو ڪجهه آسرو هيو، سو به ڊهي ويو. سويت يونين جي ڊهڻ سان پاڻ انهن مرحلن مان گذرندي گذرندي ”ڀائو“ ٿي ويس، نانءُ کان وڌيڪ ماڻهن ”ڀائو“ سڏڻ شروع ڪيو، جنهن به مرحلي ۾ رهيس، ته اُت ”ڀائو“ کي اوليت رهي ان کان پوءِ پنهنجو پاڻ تخلص ”ڀائو“ ٿي ويو نه پاڻ ڪوشش ڪئي هئي، نه ٻئي ڪنهن ڪوشش ڪئي هئي ڄڻ اتفاق سان ”ڀائو“ تخلص ٿي ويو. هاڻي ٿا هلئون شاعري جي تاريخ ۾ شاعر پڙهيا جڏهن ”شاهه“ پڙهيو پوءِ ٻيا شاعر وسري ويا. نه وڻندا هيا پر پنهنجي ذهن ۾ ”شاهه“ سان اعتراض هيو ته ڪنهن جي بيت ۾ نانءُ نه هجي ها. اهو اڻ پسندي جو ڳڻ ليکيو ويندو هو. پنهنجي لاءِ ننڍي هوندي کان شاعري ڪندو هيس، پر خبر ڪنهن کي به نه هئي، نه ڪوئي سمجهندو هو، ته هي شاعري ڪندو آ. نه پاڻ کي خبر هئي، ته ڪافيو ڇاهي؟ رديف ڇاهي؟ يا وزن ڇا هوندو آ، يا بحر ڇا ٿيندو آ، اهي سڀ مونکان اوٽائتون ڳالهيون هيون. پر پوءِ به پيو چوري لکندو هيس، ڪافي مواد لکيو، تنهن دور ۾ بٺن جو ڌندو هوندو هيو. اُتي هڪ ڪوٺي ٺهيل هوندي هئي، ان ۾ پيتي رکيل هئي، ان پيتي ۾ لکندو رکندو هيس، ان ۾ منهنجو مواد گهڻو هيو، جيڪو لڪيل هوندو هيو، ظاهر ڪرڻ منهنجي لاءِ ڏاڍي ڏُکيائي هوندي هئي، ان ڪري ته سڀ اڻ پڙهيا ماڻهو هيا ۽ لاعلم به هوندا هيا، اهڙو اتفاق جو بيت جنهن کي ٻڌائيندو هيس ته ان بيت ۾ پنهنجي نالي بدران “شاهه” جو نالو وجهي بيت ٻڌائيندو هيس، ان لاءِ ته متان منهنجو بيت ٻڌي اهي نه ٻڌن، ته ڪڏهن ڪڏهن ايئن چون ته ”شاهه“ جو بيت آ، يا هٿ جو ٺاهي ٿو هڻي، اُتي خوشي محسوس ٿيندي هئي، ته منهنجو بيت ”شاهه“ جهڙو ٿي چُڪو آ، ”شاهه“ جي بيت ۾ منهنجو بيت لڪي سگهي ٿو، ڪجهه وجود آهي، پوءِ جيڪي مواد هيو، اهو 1976ع، واري ٻوڏ ۾ ٻُڏي ويو، برساتين جي ڪري اها پيتي پاڻي سان ڀرجي وئي ۽ اهو سڀ مواد ختم ٿي ويو، پوءِ ڏاڍو ڏُک ٿيو، ڪجهه وقت ڄڻ خاموش ٿي ويس، پرپوءِ وري ٿوري وقت کان پوءِ بيت لکڻ شروع ڪيو، ۽ اهي وري گهر رکندو ويس ته جيئن ڪو به نه ڏسي سگهي حجاب جي ڪري اهي وري واڌارا پنا هيا، جيڪي گهر ۾ انهن ۾ لڪائي رکندو هيس، وري جڏهن پنا ساڙي ڇڏئون ته منهنجو مواد به ان سان گڏ سڙي ويو، پوءِ اهو فيصلو ڪيو ته هاڻي مواد نه سانڍبو پوءِ ڌنارن، پورهيتن، جوڳين، يا دڳ ويندين يعني جيڪو به گذرندو هيو، ان کي بيت ان جي پنهنجي نالي سان لکي ان جو نالو وجهي ڏيندو هيس، بس اهو لطف وٺندو هيس، ۽ ٻئي اميد نه هئي، ته منهنجا اکر ڪوئي نه پڙهي سگهندو، ان ڪري منهنجي لکت ڪم جي نه آهي، پوءِ ”بزم سيلرا“ ٺاهايوسي پوءِ اُت وڃڻ شروع ٿيو، ان ۾ نوجوان شاعر هيا جن همٿ ڏيکاري، ته تون لک اسان اُتارينداسين، انهن ۾ ”ماستر محمد صادق ۽ خيرل سيلرو“ هيا، پوءِ مان وري ٻيهر لکڻ شروع ڪيو، ٻنهي ڪوشش ڪئي جنهن جي ڪري پهريون ڪتاب ”سرجندڙ سنسار“ شايع ڪرايوسين، انهن ٻنهي شاعرن جي همٿ جي ڪري مان شاعري جي لکڻ تي شروع ٿي ويم، پوءِ انهن اُتاريو جنهن مهل اهي ٿڪا، ته ان کانپوءِ ڪوشش ڪيم، ڪمپيوٽر جي ذريعي لکرائڻ جي ڪوشش ڪيم، ڪمپيوٽر واري ڇوڪري سان رابطو ڪيم، ان ۾ غزل، گيت، نظم، وايون ۽ چئه سٽا اهي سڀ ڪمپيوٽر جي لکت سان لکرايا. ۽ ان ڪمپيوٽر تي وزن ڪڍيا باقي بيت چوٽيهه سَوَ ماستر صادق پنهنجي قلم سان لکيا. ان مرحلي کانپوءِ اهو ڪتاب سرجندڙ سنسار جي نالي سان منظر عام تي آندو ويو آهي.