
اسان جو عشق اڻپورو
هن ڪتاب ۾ سعيد ميمڻ جا بيت، هائڪا، غزل، نظم، پنجڪڙا ۽ ترائيل شامل آهن. تاج جويو لکي ٿو: ”سعيد ميمڻ ھن دور جو اھم شاعر آھي. ھن سنڌي غزل ۽ بيت کي نئين زبان ڏني آھي. پنھنجي ٽھيءَ جو هي پختو شاعر، ڪيترين نين تشبيھن ۽ استعارن جو خالق آهي. ھيءُ پنھنجي دور جي مسئلن ۽ احساسن کي انوکي آھنگ ۽ انداز ۾ پيش جو ڍنگ رکي ٿو.“