سعيد ميمڻ
سنڌ جي مشهور شاعر، سعيد ميمڻ ولد استاد مولوي بشير احمد ميمڻ، 8 نومبر 1968ع تي تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ عاقل ۾ جنم ورتو. هن سنڌي ادب ۾ خانگي طرح شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپورميرس مان 1990ع ۾ ايم. اي ڪئي، جڏهن ته پي. ٽي. اي ۽ بي. ايڊ جا ڪورس پڻ ڪيا اٿس. سعيد ميمڻ 1988ع کان پرائمري استاد طور تدريسي خدمتون ڏيئي رهيو آهي. سعيد ميمڻ جو شمار سنڌ جي ناليوارن شاعرن ۾ ٿئي ٿو. کيس شاعريءَ سان لڳاءُ ننڍپڻ کان ئي هو، مذهب جي موروثي اثر جي ڪري شاعريءَ جي شروعات مولودن لکڻ سان ڪيائين. 1988ع ۾ سندس پهـريـن وائـي عــبـرت مـئگـزن ۾ ڇـپـي، شـاعــريءَ ۾ سندس رهنمائي هاءِ اسڪول ٽيچر استاد محمد هارون بلوچ ۽ ناليواري شاعر آتش سنڌيءَ ڪئي. سعيد ميمڻ شاعريءَ جي لڳ ڀڳ سڀني صنفن تي لکيو آهي ۽ نثر ۾ به ڪهاڻيون، مضمون، خاڪا، ۽ مهاڳ لکيا اٿس. نئين ٽهيءَ ۾ سعيد ميمڻ جو غزل نهايت پختو آهي. سعيد ميمڻ جا ڇهه شعري مجموعا ڇپيل آهن، جن ۾: (1) نيڻ سفر ۾، (2) ڪاري بر ۾ چنڊ، (3) خواب- چارا، (4) درد جون آيتون، (5) اسانجو عشق اڻپورو ۽ (6) دل دنبورو شامل آهن. مظهر چاندئي جي مرتب ڪيل ڪتاب ’ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان‘ ۾ پڻ سعيد جي شاعري شامل آهي، جنهن جو مهاڳ قومي شاعر شيخ اياز لکيو آهي.سعيد ميمڻ زندگيءَ جو ڳچ عرصو لاڙڪاڻي ۾ رڪشا هلائي پنهنجو پيٽ گذر ڪندو رهيو. سعيد ميمڻ ڪيتري عرصي کان دماغي مرض ۾ مبتلا آهي، جنهنڪري کيس ڪيترا ڀيرا لاڙڪاڻي ۽ ڪراچيءَ جي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪرايو ويو آهي. هو ڏکين حالتن ۾ به بيماريءَ سان جھيڙيندو اچي. سندس شاعري ڪيترن فنڪارن ۽ فنڪارائن ڳائي آهي.سعيد ميمڻ جو 1990ع کان وٺي سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ سان تعلق رهيو آهي، جنهن جو هو ڪائونسلر، جوائنٽ سيڪريٽري ۽ ميمبر ڪاروباري ڪاميٽي به رهيو آهي. کيس ڪينجھر رسالي ڪينجھر شاعر اوارڊ، سنڌي ادبي سنگت ڄام شوري، علڻ فقير اوارڊ ۽ سنڌي ادبي سنگت محرابپور، استاد محبوب جوکيو اوارڊ ڏنا آهن. ان کانسواءِ کيس استاد بخاري اوارڊ به ملي چڪو آهي. ناليواري شاعر سعيد ميمڻ 17 ڊسمبر 2016ع تي لاڏاڻو ڪيو.
1
ڪُل ڪتاب
0
پسند ڪيل