شاعري

موسيقي، موسم ۽ تبسم

ھي ڪتاب نامياري شاعر عبدالغفار تبسم جي غزلن، گيتن ۽ نظمن جو مجموعو آھي. تبسم صاحب لکي ٿو:
”شاعر هجڻ ناتي اها آس اٿم تہ جيسين جيئرو هجان هن ڌرتيءَ جي خوشحاليءَ انساني اپ وستين جي سرگذشت جا گوناگون قصا پيڙائن ۽ بي وفائين جا روڄ راڙا، وفائن جي لمحن جا گيت ڳائيندو رهان ڇيڄن ۽ شغلن کي پسي من ايئن ئي ڇوليون ڇلندو رهي ۽ آئون پوئين پساهه تائين من جي مشاهدن سان اهو سڀ ڪجه سميٽي پنهنجي سٽن ۾ اوتيندو رهان ۽ اهو سڀ تڏهن ممڪن آهي جڏهن اوهان پنهنجي ڀاڪرن جي ڀرين ۾ سڀني سرجڻھارن کي ڀري ۽ ڀيچي رکندؤ ۽ تن سان گڏ مونسان بہ اوهان جو چاهه ساڳيو رهندو.“
  • 4.5/5.0
  • 339
  • 124
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book موسيقي، موسم ۽ تبسم

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر عبدالغفار تبسم جي غزلن، گيتن ۽ نظمن جو مجموعو ”موسيقي، موسم ۽ تبسم“ اوھان اڳيان پيش آھي. تبسم صاحب لکي ٿو:
”شاعر هجڻ ناتي اها آس اٿم تہ جيسين جيئرو هجان هن ڌرتيءَ جي خوشحاليءَ انساني اپ وستين جي سرگذشت جا گوناگون قصا پيڙائن ۽ بي وفائين جا روڄ راڙا، وفائن جي لمحن جا گيت ڳائيندو رهان ڇيڄن ۽ شغلن کي پسي من ايئن ئي ڇوليون ڇلندو رهي ۽ آئون پوئين پساهه تائين من جي مشاهدن سان اهو سڀ ڪجه سميٽي پنهنجي سٽن ۾ اوتيندو رهان ۽ اهو سڀ تڏهن ممڪن آهي جڏهن اوهان پنهنجي ڀاڪرن جي ڀرين ۾ سڀني سرجڻھارن کي ڀري ۽ ڀيچي رکندؤ ۽ تن سان گڏ مونسان بہ اوهان جو چاهه ساڳيو رهندو.“
ھي ڪتاب 2003ع ۾ خليل جبران پبليڪيشنز پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون حڪيم راڄڙ جا جنھن ڪتاب کي نئين سر ڪمپوز ڪيو.


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

[b]ڪائنات جي سڀني سچائين جي نانءِ
[/b]
لوڪ جا سينا، جڏهن آئينا ٿين ٿا پرين،
بغض ۽ ڪينا بدلجي نگينا ٿين ٿا پرين،
تڏهن حيات جا “تبسم” باقي بچيل سجدا.
جهڪڻ بنا ئي سمجهجن ادا ٿين ٿا پرين.

ڪجهه پنهنجي پاران: همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون

هيءَ مختصر حياتي جنهن ۾ هر نفس کي پنهنجو پنهنجو مقرر ٿيل حصو جيئڻو آهي ۽ منهنجي پنهنجي سوچ موجب ته ان مقرر ٿيل مدي ۾ سندس حصي جو ڪم به متعين ٿيل آهي، ماڻهوءَ کي ان مخصوص ٿيل عرصي دوران ڇا ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڇاڇا هو ڪري چڪو آھي، عمر واري پهر جي وند ورڇ ۽ ڪاٽوءَ وارو ليکو، ان جو سيڪنڊن، منٽن، ڏينهن، مهينن ۽ سالن جو ڄم کان موت تائين جو وچور هڪ باشعور ۽ ذميوار فرد کي خوداحتسابيءَ جو بار بار احساس ڏياريندو رهي ٿو ۽ ان خود احتسابيءَ واري عمل کان سواءِ ماڻهوءَ جي زنده رهڻ جو ڪو ڪارج يا اهميت بظاهر نٿي نظر اچي. ائين ئي جنهن خوشبوءَ کان سواءِ گل، بنا روشنيءَ جي بلب يا بغير تصوير جي ٽيليويزن هجي، ڪائنات ۾ نيڪيءَ سان گڏ بدي به پنهنجي قوت جو اظهار ڀرپور نموني ڪندي آئي آهي، ڪند ي رهي ٿي ۽ اهي ٻئي قوتون پنهنجي ڀرپور سگهه سان حريف نفس تي حملي آور ٿينديون رهنديون . ماڻهوءَ جي مٽي ڳوهڻ وقت چوڻي آهي ته چڱائين واري چاڻي ۾ ڪو شيطاني قوت جو رت به رلي ملي ويو هو، جنهن ڪري انساني فطرت ۾ وحشت ۽ سفاڪيت به شامل رهندي اچي ٿي ۽ جنهن ڪري هن ڌرتيءَ تي هيڏا سار ڪلور ۽ هاڃا ڏينهون ڏينهن وحشتن جي نت نون اندازن سان سامهون ايندا رهن ٿا، هي اڄ جون وحشتون، بي رحميون هڪ حساس ۽ آدرشي ماڻهوءَ جي سهپ کان چڙهي ويون آهن، مڃجي ٿو ته تاريخ جا اڳيان صفحا هن اڄوڪن حادثن، المين، ڪلورن ۽ قيسن کان وڌيڪ ڀريا پيا آهن،انساني خود غرضيءَ جون روايتون اڄوڪين بي حسين کان ڪيئي حصا وڌيڪ تاريخ ۾ رقم ٿيل آهن. قبل مسيح ۽ پس مسيح جون خونريزيون اڄوڪن سانحن کان سؤڻيون وڌيڪ هونديون.
تاريخ ۾ جبر، ڏاڍ، ڏمر ۽ انساني تشدد جا انيڪ مثال رقم ٿيل آهن. هڪ ته فاتحن جو مفتوحن تي ظلم، وستيون، واهڻ، آباديون، لٽي تاراج ڪرڻ، شهنشاهن، تاريخي فزاقن هٿان لکين هزارين وسنديون، علمي ادبي ادارا، درسگاهون ساڙيون، لٽيون، ڦريون ۽ تهس نهس ڪيون ويون. مذهبن جي نالي تي به ڪروڙين قهر ٿيندا آيا آهن. انساني آہ زارين جون مذهبي تعصبن، استحصالن، انيائن ۽ خون خرابين خلاف ڪائنات جي ابتدا کان وٺي هيل تائين جون احتجاجي پڪارون، التجائون بي يارومددگارن جي بي وسيءَ وارن پڙاڏن جا ورلاپ هر دور جو حساس قلمڪار، چترڪار ۽ ڪلاڪار محسوس ڪندو ۽ رت رئندو آيو آهي ۽ ان اولا امرن جي ڏهڪائن خلاف پنهنجن پنهنجن لفظن جي اڻت، هنر، فڪر ۽ فهم سان اندر جي ڌڪار ۽ نفرت جا اظهار پڻ ڪندو آيو آهي. هتي مان اها ڳالهه بہ واضح ڪندو هلان ته فنڪار محض فنڪار ۽ قلمڪار صرف قلمڪار ئي هوندو آهي. وقت جو سچو فنڪار پنهنجي نرت، صدا ۽ برش واري ڪلا سان انهن نفرتن جو نماءُ، صرف انجمن ۽ عاليه وارري ڏانءَ سان نه پر موجودہ دور جي شيماڪرمانيءَ ۽ انيلا سُندر جهڙين سُندر نارين جي سُندرتائن واري روپ ۾ به ڪري سگهي ٿو. شيما ڪرمانيءَ جڏهن ڀٽائي رحه کان پوءِ سنڌي ٻولي جي نهايت جامع ۽ عظيم شاعر شيخ اياز سان 1992ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت FTC بلڊنگ ۾ شاندار شام رچائي هئي ته دودي چنيسر واري شيخ اياز جي لکيل منظوم نظم تي جنهن نرتيه ڪلا سان تاريخي اوپيرا ۾ پنهنجي انڱ جي لوچ سان لُڇي انهن ڪڌن ۽ ڪروڌي ڪردارن کي ننگو ڪري وائکو ڪيو هو، اهو اڄ به منهنجي ڇا، پر سڀن حاضرين جي ذهنن تي نقش ٿيل هوندو. ساڳي ئي سال دبئيءَ ۾ انيلا سُندر جا، هندستان جي سنڌي سندر نرتڪا آهي. ان جي وڍيو فلم جاچيندي جڏهن پنهنجي سنڌي سماج ۽ سوسائٽيءَ ۾ مروج روادارين، وضعدارن، راج الوقت، رسمن ۽ مختلف ڏڻن ملهائڻ، هوائي جهازن واري دور کان اڳ واپار لاءِ وڻجارن جو ٻيڙن تي اسهڻ ۽ سندس واپس ورڻ جي آس ۾ سندن ونين جون درن ۾ ديدون وجهي ويهڻ، ڏياريءَ، دسهڙي، ناتال ۽ هوليءَ جون رنگين رنگ ڌارائون ۽ ان اڏامندڙ ڌارائن، پچڪارين ۽ چنري ۽ چوليءَ جو رنگ رنگ چٽجي پوڻ، ڏوڪلي، اسي موريءَ راند جا ٺينگ ٽپا، ڇيڄ شادمانا، هزارين هيج کنيون هيءَ ناري ان وڍيو ۾ ٽي ڪلاڪ پنهنجي شاندار پرفارمنس (اداڪاري) ڪندي رهي ۽ اهي ٽي ڪلاڪ ان “سنڌيت جي سرهاڻ” واري عنوان سان هن ڪيسٽ ۾ سنڌ جو هڪ زندھ دور سمايل هو. هن ۽ سندس سٿ، جنهن ۾ سندس ورُ به شامل هو، جو پنهنجي روشنين واري هنر سان اسٽيج جي پردي تي پاڻيءَ جون چلڪندڙ ڇوليون ڏيکاري رهيو هو، جنهن ۾ ٻيڙي جي اسهڻ ۽ ورڻ جا مڪمل تاثر ۽ پويان هڪ وڻجارن جي وڇوڙي جو گيت هوا ۾ ٻريو پئي، جنهن تي انيلا سومهڻين ۽ باکن جو بندر تي بيهي وڻجاري جي اوسيئڙي ۾ ان جي اچڻ واري آس کنيو تر ٻهاريندي نظر اچي رهي هئي. ته ڳالهه پئي ڪيم اهڙن وقتن جي سچن ساهتڪارن جي جيڪي پنهنجي رڳ رڳ ۾ سچايون ڀري جيئندا ۽ دنيا جي ڪج روش تي روز لڇندا مرندا رهن ٿا ۽ پنهنجي پنهنجي ارپيل ڏات سان ان سماجي قدرن جي پرچار ڪندا رهن ٿا، دنيا جي شهنشاهت ۽ اقتدار جي حوس ۾ حڪمرانن جي حڪمن هيٺ صرف رومي ۽ يوناني خدائن جي عتاب ۽ نافرمانين جي سزائن عيوض يا مذهبي اطاعتن جي بغاوت ۾ لکن ڪروڙن معصوم انسانن جو خون وهايو ويندو هو. 169 ق.م قبل مسيح ۾ هڪ يوناني شهنشاهه Antiochus “ اينٽئاڪس” جڏهن مصر کي فتح ڪرڻ ۾ ناڪام ويو ته هن يروشلم تي ڪاهه ڪري هزارن لکن يهودين کي هيڪل سليمانيءَ واري مندر ۾ قتل ڪري انهن جي خون جي ڦوهارن سان هيڪل سليمانيءَ جون ديوارون رنڱي ڇڏيون هيون. ان مذهبي نافرمانيءَ واري تشدد جي ڪارروائي بعد يهودي مذھب تي بندش مڙهي وئي هئي. ڪيترن جيئرن يهودين جي بدن جون هڏيون سوئرن کي کارايون ويون ته اهڙن تاريخي المناڪ ڪربلائن جي پس منظر ۾ اڄوڪي صديءَ جو شاعر يا قلمڪار جڏهن ورق اٿلائي ٿو ته ڄڻ انهن هڏين چٻاڙجڻ جا رڙڪا ۽ تن رومي محلن جي ڀتين تان ٽمندڙ انساني رت جا ريڳاڙا اڃا ۽ اڄ به پنهنجي دل، قلم يا ڪلڪ جي نب تان ڳڙندي محسوس ڪري ٿو. اهڙين ئي موجود عراق ۽ اتحادين، افغانستان، بوسنيا ۽ ويٽنام جنگين ۽ ماضيءَ جي ڪربناڪ ڪٿائن کي محسوس ڪندي منهنجو هن ڪتاب ۾ هڪ طويل نظم “دنيا جو نوحو” به شامل آهي، جنهن ۾ انهن تاريخي سانحن جي محسوسات سان گڏ هاڻوڪي انسان روزمرھ جي وارتائن جي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. غمن، خوشين، محرومين، خودڪشين جا الميا، لڳ لاڳاپا ڇڏي ڏور ويندڙن جون پنهنجن وارثن وٽ دردن جون ڇڏيل ڊپازٽون، تاحيات رهندڙ يادن جي خلش، الوداعيون، محبتون، وفائون، جفائون، ميل ميلاپ، وڇوڙا، ياريون، باشون، وقت پٽاندڙ بدلجندڙ محبتن جا قدر، ڌرتيءَ ۽ مٽيءَ جون مهڪارون، ان جي سرهاڻ جو هٻڪارون، مست نظارا، وشال سمونڊ تي سج ۽ چنڊ جرڪندڙ سونا روپا ڪرڻا، حسين ساروڻين جون شامون ۽ راتيون، ان يادگيرين ويلي ڪويل جون آڳ لڳائيندڙ ڪوڪون، ڪنهن پپيهي جي هنيانءُ وڍيندڙ هوا ۾ ٻرندڙ صدا، اهي سڀ ڪيفيتون توڻي جو دنيا جي هر شاعر جا موضوع رهيا آهن ۽ منهنجي پڄاڻان پوءِ به ساڳيون ئي رهنديون ۽ وقت جو قلمڪار انهن موضوعن کي کڻي ڪوتاگري پيو ڪندو رهندو پر فرق رڳو هر دل ۽ هر نظر جي اپٽار يا منظرنگاريءَ جو رهندو آهي.
هي ڪتاب سهيڙڻ مهل سوچيم ته هن ڪتاب ۾ ڪجهه اڳين ڪتابن جا غزل به شامل ڪيان ته جيئن منهنجي جملي غزلن جوڪجهه حصو سهيڙجي هڪ ڪتاب ۾ اچي. جيتوڻيڪ اڃا هن کان به ٻيڻا ٽيڻا ڇپيل ڪتابن جا غزل رهيل آهن. جي حياتيءَ ساٿ ڏنو ته ايندڙڪتابن ۾ شامل ڪندس. منهنجو ايندڙ ڪتاب نظمن جوهوندو، جنهن ۾ ساڳي ئي طرح هن ڪتاب وانگر نئين شاعري ۽ اڳين نظمن جي چونڊ وارو حصو شامل ڪندس. پر اهو سڀ ممڪن آهي هن عمر، هن پساهه جي باقي ھئڻ سان.
شاعر هجڻ ناتي اها آس اٿم ته جيسين جيئرو رهان هن ڌرتيءَ جي خوشحاليءَ، انساني اپ وستين جي سرگذشت جا گوناگون قصا، پيڙائن ۽ بي وفائين جا روڄ راڙا، وفائن جي لمحن جا گيت ڳائيندو رهان. ڇيڄن ۽ شغلن کي پسي من ايئن ئي ڇوليون ڇلندو رهي ۽ آئون پوئين پساهه تائين من جي مشاهدن سان اهو سڀ ڪجه سميٽي پنهنجي سٽن ۾ اوتيندو رهان ۽ اهو سڀ تڏهن ممڪن آهي جڏهن اوهان پنهنجي ڀاڪرن جي ڀرين ۾ سڀني سرجڻهارن کي ڀري ۽ ڀيچي رکندؤ ۽ تن سان گڏ مونسان به اوهان جو چاهه ساڳيو رهندو. استاد بخاريءَ چيو هو ته :

هونءَ ته مٽيءَ جي چپٽي آهيان،
جيئي سنڌ ته سڀڪي آهيان،
سانگين سان گڏ سالگرهه مان،
وڇڙي ويس ته ورسي آهيان.

هن ڪتاب سهيڙڻ ۾ منهنجي وڌ ۾ وڌ مدد ڪندڙ پنهنجي بيماريءَ جي حالت ۾ به منهنجو ڪچيون ڦڪيون لکڻيون اتاري فيئر ڪري مهل سر ڏيڻ ۾ غفلت نه ڪندڙ فقير محمد وفائيءَ ۽ پنهنجي پياري شاعر دوست محترم رکيل مورائيءَ جو نهايت ٿورائتو آهيان، جنهن پڻ سڏ ۾ سڏ ڏئي هن ڪتاب کي اوهان جي هٿن تائين پڄائڻ ۾ منهنجو ڀرپور ساٿ ڏنو.

توهان جو

[b]ع-غ تبسم
[/b]ڪراچي

نظم گيت ۽ غزل

---

نظم گيت ۽ غزل

تنهنجي پايل جي پڙاڏن مان پڳھ، کنوڻين کنيا،
ميگهه واسيا وار تنهنجا سيگهه ۾ سارنگ ڀنو.

موسيقي، موسم ۽ ”تبسم“ ٽئي نشي ۾ چُور ها،
رقص جي رنگين وراڪن رات کي ويتر رنڱيو.


چوڏهينءَ رات چڪور اڏاميو آڪاش ڏي،
چاڙهي “تبسم“ چنڊ کي ڪڪرين چِکَ چوڪور،
چانڊوڪين جو چور، وٿين سان وڙهندو رهيو.

او آقا ! تنهنجي ڪرشمي سازي، سويرو سج مان ڦٽي رهيو آ

او آقا ! تنهنجي ڪرشمي سازي، سويرو سج مان ڦٽي رهيو آ،
او لوڪو ! اڀ ڏي نظر ته ڦيريو شعاع ننڊ مان اٿي رهيو آ.

اوندهه وادين جو دلدلن مان سموري شب جو سفر لتاڙيون،
پهاڙ، ٽڪريون، جهڙاليون ڪڪريون اڪاريون سورج وري رهيو آ.

ندين جا گهونگهٽ کنيون نظارا حسين رخن کي مٺيون ڏين ٿا،
۽ منظرن کي ڳراٽيون پائڻ ڪو آسمان کان اچي رهيو آ.

منَهنَ ڇنَن چؤدڳن يا چؤنرن، تڙن تي تِڙڪي جو پهريون پاڇو،
ننگر، اتر، لاڙ، ڪاڇي وارو، ذرو ذرو واسجي رهيو آ.

واهيري جي ور ڇڏيون پکيئڙا نه ڄاڻان ڪنهن پر اڏار ڪن ٿا،
تنهنجي آڌار تي ڇڏيون پکن کي وڳر اُتاهون وڃي رهيو آ.

پاتال جي پنگهٽن تي ڪنگڻن ۽ پايلن جو ٻُرن صدائون،
ڇنن ڇنن ڇن وڄن ٿيون واديون، وراڻيون سُرتال ڏئي رهيو آ.

گلابي، ناسي، نيرن رنگن سان نفيس غنچن جون سبز ٻاريون،
ڪلين جو جوڀن ڪيارين مان، ليئاڪيون لامون لڏي رهيو آ.

وِشال ساگرَ ۽ آبشارن جي تيز لهرن تي روپا ڪرڻا،
شفاف جهرڻن جي وهڪرن جو رَبابُ ”تبسم“ وڄي رهيو آ.

______
[b]1. آڌار = سهارو، 2. اُتاهون = مٿانهون، 3. رَبابُ = ساز جو قسم.[/b]

نيون ڪربلائون

ڪيسوڦل جي ڊگهين قطارن جي شايد،
هيلوڪين بهارن جي ٻارين تي شايد.
حسين پوپٽن جون اڏارون نه ٿينديون،
چنبيلن تي ٻيهر سي شامون نه اينديون،
نه ڪي آڳرن ۾ ڪي رابيل کڙندا،
نه ڪيارين، ڪونڊين ۾ رتن، جوت ڦٽندي.
نه بصري ۽ بغداد جي سرحدن کي،
نه ڪو ڪنھن اَبهم ٻار جي هونگڙين کي،
صبوح جا سويرا ڀليڪار چوندا.
ربابن تي رقص ۽ رباعيون نه ڇڙنديون،
نه صحرا جي خيمن ۾ لڳندا جهميلا،
نه ڪونجون سنجهائن جو ورنديون وڻن ڏي،
نه اوچين کجين کان ستارا تڪيندا.
نه ونين کي پڄنديون وصل جون نويدون،
نه واريءَ کي چمندا ڪتين جا سنيها.
ڇو جو هيل ٻيهر ڪنهن ماريءَ جي مک تي،
انساني آزاديءَ جي بنيادي حق تي،
بمن، بارودن واري موسم وري آ.
ڪروزن ۽ اسڪڊ ميزائلن جي ڄَر سان،
وري ڪا زمين ٽامڻي ٿي ٻري آ.
وري ڪالهه وانگي صفا مروہ وچ ۾،
حياتيون،جياپو، تلاشڻ ڊڪن ٿيون.
وري بيوسيون ڪي، ڪرشما ٿيون چاهن،
نيون بيحسيون ڪربلائون گهرن ٿيون.
او آقا جهانن کي الفت کپي ٿي.
خليجي بازارن ۾ قتلامَ آهن،
ڪيڏا ڪارِزارن ۾ ڪهرام آهن.
لهوءَ ليٿڙيل لاش ٽينڪن ۾ چٿجي،
ضميرن کي ٺوڪي لپاٽون هڻن ٿا،
وڏي واڪ دنيا تي ٿُوڪي چون ٿا.
ڪيسوڦل جي ڊگهين قطارن تي شايد،
هيلوڪين بهارن جي ٻارين تي شايد،
حسين پوپٽن جون اڏارون نه ٿينديون،
چنبيلين تي ٻيهر ڪي شامون نه اينديون.

______
[b]1. هونگڙين = ننڍڙي جا آواز، 2. ڪارِزارن = جنگ جو ميدان[/b]

(عراق ۽ اتحادين آمريڪا، برطانيہ، اسپين ۽ آسٽريليا جي جنگ جي پسمنظر ۾ 2 اپريل 2003ع تي لکيل)

ڌرتي، سرتي

او ڌرتي ! مان تنهنجي رَخَتِ ڏيندي ڏيندي،
رهندو تنهنجو قرضي مان ٿيندو وڃان ٿو.

منهنجي جسم واري مٽيءَ جي حصي کي،
تنهنجا ٿورا، جو ڪُن ۽ فَيَڪُونَ ويلي،
پنهنجي وارثي ڏئي تو پنهنجو بڻايو،
نه ڄاڻان نه ڄاڻان تو ڪيڏن جُڳن کان،
منهنجو خاڪي چاڻو تَهن ۾ لڪايو،
منهنجي ڏات ۽ ذات جو تاڃي پيٽو،
آلولين، اُداسين ۽ لوچن جو کيٽو،
چٽين چانڊوڪين، باک، بلبن جون جوتون،
حياتيءَ جي حسناڪين واريون سوچون،
وڇوڙي جا نوحا وصل جا جمالا،
غلاميءَ غريبيءَ جا پٽڪا، پاڄارا،
تاسارن چپن ڪاڻ، سنڌوءَ جي ڌارا،
بکئي پيٽ لئه سنگ، ڪڻڪن جا ٻارا،
منهنجي ڀاڱي ورا بچائي رکيا ها،
صدين کان تو مون لئه سنڀاري رکيا ها،
”تبسم“ جي مٽيءَ پنوڙي تي ڌرتي،
سندس جسم جي هر ذري تي او ڌرتي،
مڃيان ٿو ته اڻ کٽ اڪيچار ٿورا،
مگر تنهنجو تنهن کان اُتم ٿورو آ جو،
منهنجين ڌڙڪنن، دل جي هر دڪدڪي جو،
جياپي، جنون جي سڄي فلسفي جو،
سڄي نيڪ ناميءَ ۽ شهرت جو مرڪز،
غزل، گيت، وائيءَ، هائيڪي جو محور،
سدا سبز گوشي جي سهڻيءَ گهٽيءَ تي،
تنهنجي پاڪ پوترتا واريءَ مٽيءَ تي،
او ڌرتي! جيڪا سونهن سرتي رهي ٿي،
سا سر تي ته منهنجي سڄي شاعريءَ ۾،
سندرتا جون سهسين رنگينيون ڀري ٿي،
وڄن جان وراڪن ۾ گونجون گجي ٿي،
پري کان پُڄي پاس گم ٿي وڃي ٿي،
صبوح شام سوچن ۾ لهرون لڙهي ٿي،
شفق ۾ لهي چاندنين ۾ کِڙي ٿي،
وڙهي ٿي رُسي ٿي، رُسي روئي پئي ٿي،
وڏي ڳالهه منهنجين ڳراٽين وجهڻ تي،
وري ساڳيو مون ساڻ پرچي پوي ٿي،
سِٽن ۾ سڀيتا جون سُرڪيون ڀري ٿي،
تنهنجين سانورين سانجهين ۾ او ڌرتي،
مِٺين منچَلين موسمن ۾ او ڌرتي،
هُڳائن سان پنهنجي حسين بُت کي مهٽي،
سڳنڌن سان وهنجي سُرهاڻيون سجائي،
سنڌوءَ ڀر تي گهاٽا ڊگها وار ڇوڙيون،
گجر، هُرمچي تي نوان ويس پهريون،
ڪَڪوريل انگن کي اُجاريون، هلي ٿي،
چُنيءَ کي ڏندن ۾ چڪي جو تڪي ٿي،
پٽيهر پيرن ۾ جو پايل ٻَڌي ٿي،
۽ توتي جڏهن ڊيل وانگر ٽِلي ٿي،
تڏهن منهنجي اندر جي پاتال ۾ تون،
او ڌرتي! ويتر پختيون پاڙون هڻين ٿي،
تون ادراڪ ۽ احترامن جون زيادھ،
اڃان زور سان مون ۾ ميخون جَڙين ٿي،
تنهن بعد ئي تصوف جا ورد ۽ وظيفا،
مٽيءَ سان ماڻهوءَ جي سنٻنڌ جا سرشتا،
چمين، چاھ، چُسڪين ڳراٽين جا ڪشتا،
نباتن، پتاشن ڳنڍيرين جا ڳُٽڪا،
انوکين ادائن، اشارن جا چُٽڪا،
او منهنجي مٺي سنڌ تون ٿي پوپن ٿي،
جيڏل تيئن جند ساڻ جڙجي پوين ٿي،
تون ايڏا جو اُتساهه آڇيون اچين ٿي،
پساهن سان گڏ پيار پاٻوهه ڏين ٿي،
تڏهن مان ته پنهنجي سڄي شاعريءَ ۾،
پنهنجي آپ بيتيءَ واريءَ ڊائريءَ ۾،
ڳائيندو وڄائيندو لکندو وتان ٿو،
او ڌرتي مان تنهنجي رَخَتِ ڏيندي ڏيندي،
رهندو تنهنجو قرضي مان ٿيندو وڃان ٿو.
______
[i]1. خوبصورتين = حسناڪين 2. اوائلي ڀرت جو نمونو = هُرمچي
[/i]

دنيا جو نوحو

همسفر ھل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون،
ڪي ڳڀا نان، ته ڪي گهر جون ديوارون ٿا ڪيون.

آس جي تاس ۾ جنمن کان اڃايل ماڻهو،
روز دردن جا بيابان لتاڙيندو رهيو،
ڪيترا چنڊ اُلھيا، ڪيترا سورج اُڀريا،
وقت، ڪتين ۽ ستارن کي ڊڪائيندو رهيو،
ڪيتريون موسمون بدليون، ڪيڏيون تهذيبون مٽيون،
درد پوءِ ڀي نه گهٽيو، پوءِ ڀي اداسيون نه کُٽيون،
روم، يونان، مصر، قيصر و ڪسريٰ جا محل،
ڪوھ قافن جون پريون، ديوَ، خزانا دفنيل،
تاج، تختن ۽ طلسمن جون فريبي ڳالهيون،
ريشمي ويس، اُچا طعام، پوشاڪيل ٿالهيون،
ڪا، لٽي ليڙ، ننگي انگ کي اوڍي نه سگهيون،
ڪنهن بکئي پيٽ کي ويلي تي ڳڀو ڏئي نه سگهيون،
تون ۽ مان تن جون ڇو جانان پو پچارون ٿا ڪيون،
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.

مفلسين وارو سڄو سارو سرابن جو سفر،
غربتون جن کي نه فاقن نه بيمارين جو ثمر،
ڪو جياپي جو حُسن، آس نه اُتساهه سُجهي،
ڪمترين ۾ يا غلامين ۾ عمر ڪٽبي رهي،
نامرادين جو تسلسل نه ڪوئي زور ٽٽي،
بيوسيون پَهَڻَ بدَن ميڻ جان پگھرائي وجهن،
جن جوانين کي اداسيون صفا ڇيڙائي ڇڏن،
ڪاوڙين ۾ سي پنهنجا ڳاٽ رَسين تي چاڙهن،
سرد لاشن کي چمي، مائرون موڙون جو ٻڌن،
اهڙن المين ۾ ڪچا ذهن ڪلاٽيون کائن،
غم جي اوٿر ۾ نه منصف نه مسيحا کي مڃن،
باغي ويساهه چَونِ ڪنهن کي ڪوڪارون ٿا ڪيون،
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.

درد دولاب، ڏکن بعضي دلاسن جون ڀريون،
موسمن، ميل ميلاپن ۽ مرادن جون خوشيون،
مست جوڀن جا اکين منجهه سجيل تاج محل،
دلبريون، دوستيون، ديوانگيون، شادين جا شغل،
اوچتو درد جي ڦيٿي ۾ وچڙجي ٿا پون،
عشق اِدراڪ ۽ غم پيٽ جا گڏجي ٿا پون،
عارضي ڪيف تڏهن طيش ۾ سگريٽ ڀري،
موت مادن کي سِرنجن يا پائيپن ۾ جهلي،
بند ڪمري جي ويرانين جا حصا ٿي ٿا پون،
پنهنجي جگرن جون دوائون نه دعائون ماڻن،
رخصتين واريون رباعيون نه وداعيون ماڻن،
اهڙن دردن جون اسان دل ۾ مزارون ٿا ڪيون.
همسفر هل ته هلي چنڊ جو ڦارون ٿا ڪيون.

هي سياست جا سرشتا منافقن جا گروهه،
خان، سلطان، رئيس ۽ نوابن جا انبوهه،
پنهنجين عزتن کي اُتاهان، اُچا خطاب ڏئي،
پنهنجي نطفن کي اعليٰ نسل جا القاب ڏئي،
باگڙين، ڪولهين، جوڳين ۽ جماندارن کي،
ڪڙمي، ڪمدار، آڏن، نوڪرن ۽ راڄن کي،
قسمتن بدلجڻ جون ڪوڙيون آٿتون ڏيئي،
شودرن واريون فيصلن ۾ تهمتون ڏيئي،
ڪن حوازادين جا انگ اُڍيڙيندا رهيا،
هي ڪُتا، ڪا نه ڪا مختياران اُگهاڙيندا رهيا،
ڪن جي مجبورين کي مفلسين جي آرين ۾،
بک جي ڪارائين دردن جي مُڏن ڪرٽن ۾،
چيري ڦاڙي وڍي ٽُڪرن ۾ ڪپي ڀور ڪري،
هڙ جياپي جا وسيلا بنه ڪمزور ڪري،
کانئن ورڪر يا نعريباز جي ونگار وٺن،
اُچي منصب تي پڄي آسرن جا عرصا ڏئي،
سندن عمريون پنهنجي اڳ پوءِ ۾ خرچيندا وتن،
اهڙي مڪار منش تي ملامتون ٿا ڪيون.
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.

ڪنهن به سقراط ڀٽائيءَ نه ڪو برٽينڊرسل،
ٽالسٽاءِ، مارڪس نه لينن نه ونسٽن چرچل،
ڪنهن به رجنيش، مهاوير، گروءَ گوتم کان،
۽ نه ارتقا جي محرڪ عظيم آدم کان،
آڊيسن، مثنوين، چچ نامي شاهنامن کان،
آسمانن جي مقدس الهامي نياپن کان
پنڊتن، پاٺڪن، لوڪن نه راڄ ڌانين کان،
نظرين ۽ نه ڪو مذهب جي فلاسافين کان،
مسجدن، مندرن، چرچن جي چؤديوارن ۾،
سنت، صوفين نه سنياسن جي آستانن ۾،
ڪنهن به آشرم ۾ هي ڪم ذات مطمئن نه رهيو،
نفس بي نفس پنھنجي سوچ ۾ بي چين رھيو،
ڪن پڇاڻن لئه پاتالن ۾ پڪارون ٿا ڪيون،
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.

مذهبن، فرقه بندين، نسل پرستين جا عمل،
ڏوهه ڏهڪاءُ، جي دنيا ۾ آنيائن جا شغل،
مڪتبن، مدرسن، واعظن جي بارگاهن ۾،
رهبرن، مرشدن، راهبن جي خانقاهن ۾،
عدل جي ڪٽهڙي، ڪورٽن ۾ ڪُل ني ٿاڻن ۾،
مجلسن، ادبي نشستن، ڀرين بازارن ۾،
جرم، جنسيات ۽ طبقاتي موضوعن کانسواءِ،
ڪي به اخلاق نه ادراڪ جا افڪار رهيا،
گفتگوئن جا سليقا نه ئي معيار رهيا.
ايشور، الله ۽ پرڀوءَ جي پريچائن کي،
عيدگاهن يا نمازن جي هڙني خطبن کي،
مطلبي مقصدن سان مادي ترجمانيون ڪري،
شرح، تفسير، حديشن جون پٺڀرايون ڏئي،
اُولاامرن جي حوالن سان منحرف ڪوٺي،
فاسقن، آمرن، فسطائين جي ٽولي هٿان،
مور ماڻهن کي هو، مذڪور مِٽائيندا رهيا،
تيل ڪڻڇين يا ڪہ گهاڻن ۾ پيڙائيندا رهيا،
کوڙ سقطراط ۽ منصور مارائيندا رهيا،
اهڙن عملن جون اسان دل سان ڌڪارون ٿا ڪيون.
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.

ڪيتريون عشق ڪهاڻيون ڪتابي ورقن تي،
ڪي رقم ٿيون ته ڪي راوين وٽان رهجي به ويون،
وارتائون، جي اِدارن نه رسالن ۾ ڇپيون،
دوستيون جن کي ڪي پوريون نه پذيرايون مليون،
موقعي مهلن جا ڊگها عرصا انتظار ڪندي،
سنگسارين ۽ سزائن جي وَر چڙهي به ويون،
خنجرن، تيز ڦرن، گولين تيزابن سان،
ڪيترا اُجرا جسم ڪارا ڪري ماريا ويا،
لاش جن جا نه تڏا ۽ نه عذر خواهيون ڪجن،
فاتحائن نه ڪو ڪفنن جون پريشانيون ڪڍن،
ڪيڏارن، مرثين، آهُن نه ڪو اوسارن ۾،
وصل، ورچڻ نه وڇوڙن جي ڪن ترانن ۾،
آڊ، يا لانگ پلي اوپيرا نه ٿيٽر ۾،
عالمي حقن جي خبرن نه پڌرنامن ۾،
کوڙ المين جو نه چرچو نه ڪو پڙلاءُ رهيو،
جن وفائن جو ڪنهن جاءِ نه ورجاءُ رهيو،
تن سچائين جون سڄي عمر سنڀارون ٿا ڪيون.
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.

هارپي واري حياتيءَ جي المناڪ ڪٿا،
بدنصيبين ۽ بکن وارا ڪربناڪ قصا،
هڪ پنهنجي کيت ٻيو حالات کي سانَهر ڏيندي،
عمر سنوتن جي سودائن ۾ گذاريندو رهي،
سک جو ڳولائو اميدن جي ڊگهين ٻارين ۾،
خودفريبين جا زمينن ۾ ٻيجارا پوکي،
پوءِ پارن ۾ آواندن کي واهوندي جو اٿي،
ڳنڍَ ڏيندو ته ڪڏهن ڳنڍَ ورائيندو وتي،
پيهي تي ليٽندي گرمين جي رجيل راتين ۾،
باک جا شعاع بعضي پنهنجا پڪل کيت ڏسي،
جهار هڪليندي پريان ايندي جي آهٽ کي ٻڌي،
ٽِڪَ ٻڌي ٽمڪندڙ تارن جي قطارن کي ڳڻي،
ڌيءَ جي ڏاجي ته ڪڏهن ليپي جي لاڳت جوڙي،
وک کي وائريندي ڊگهيون آسون اڏاريندو رهي،
ديري جي واهتن کڻتن جا انتظار ڪٽي،
نيٺ بٽئيءَ ۾ اڳئينءَ رهت جا وياج ڏئي،
هيلوڪي ڀاڻ ۽ ٻج واري رخت ساڻ کنيون،
خالي ٻاچڪن ۾ سڃائين کي وجهي روئي چوي،
سُکين پهرن جو سَڌون پاڻ اجايون ٿا ڪيون،
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.

ڪاپڙين، ڪوھه ڪشالن ۽ سنياسن جا سفر،
هنگلاجن جي لَڪن، پاهڻن، پنڌن جون پِٿون،
جوڳين جي ساز سرودن، ڏُٿن، ڏهاڳن جون،
ڪينرن، ناد، نفيلن، دفن، دمامن جون،
ڀالوا واريون ڀِٽون، ساڏوهين جون ساروڻيون،
جوڳ، ويراڳ، وڇوڙي، وطن جا اوسارا،
بروي، رپ، رامڪليءَ، يمن آسا، راڻي جا،
سسئيءَ، سهڻيءَ، سورٺ، ليلا، سُر حسينيءَ جا،
ڪاپائتي، ڪيڏاري، ڪاموڏ، ڪارايل جا قصا،
ڪربلا جهيڙيندي آلِ رسول جو قضيو،
ميگهه ملهار، تتر، تاڙي، ابر آگم جون،
هِير، هٻڪار، وڳر، ويس، سُک، سانباهن جون،
ماڻڪن، سمنڊ سيواڪن، کائر جون خوشحاليون،
اوسيئڙن، بندرن، وڻجن ۽ واپارن جا ذڪر،
ساري عالم سميت، سنڌ سڪاريءَ جا فڪر،
ڀٽ ڌڻي تنهنجي کاهوڙين جون کيڪارون ٿا ڪيون.
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿاڪيون.

هي سيه فارم نسل وارا مٽيءَ جا پُتلا،
منڊيلا، مارٽن لوٿر، يا غزنوين جا اياز،
دل ۾ بي لوث وفادارين جا کوڙ کنيون،
نسل در نسل غلامين وارا پنجوڙ کنيون،
حڪمرانن جي ڪُڌن سياهه ڪارنامن کي،
بادشاهت جي غرورن ۾ ڪيل گناهن کي،
جانشينن جا جرم، شوق شاهزادين جا،
شاھي محلن جي ڪنيزن يا حرم خانن جا،
نيرين روشنائين بعضي بلوط پاڇن جا،
ڪي سچا عشق ته ڪي داستان عياشين جا،
پنهنجي سينن ۾ کنيون پنهنجي زبانن کي سبيون،
ڪنهن مؤرخ نه فاتح جي دٻدٻن کان ڊنا،
مسعود ، محمود، قصوريءَ جهڙا باڪو نه بڻيا،
حبشين جهڙيون اسان ڪاٿي سچائيون ٿا ڪريون.
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.

بعضي اونداهه بعضي ضوفشان اُجالن مان،
احتسابن جي زوالن ڪڏهن عروجن مان،
فاتحن، جابرن تاريخي قزاقن جي هٿان،
ڪڏهن شڪست ڪڏهن جيت ڏياريندي رهي،
جيئري دفنايون، ڪنهن کي ماريون جياريندي رهي،
هيءَ مٽي ڇا ڇا عجب رنگ ڏيکاريندي رهي،
زلزلن، آتشي جبلن جي زهري مادن سان،
سيلابي وهڪرن، دريا جي رخ مٽائڻ سان،
روز تهذيبون جوڙي روز مٽائيندي رهي،
وقت جي لاهين چاڙهين مان اُڪاريندي رهي،
هي مٽي ڇا ڇا عجب رنگ ڏيکاريندي رهي،
برپٽن، باغيچن گهاٽين ڇڊِين آبادين جا،
نرم، مضبوط ڪرئہ ارض جي وجودن جا،
ڪِولين، هاٿين، پتڻن، وڻن، پهاڙن جا،
ڪڏهن اُکوڙيون ڪڏهن پير کُپائيندي رهي،
پيٽ ڄاون کي جنم ڏيندي اُجاڙيندي رهي،
پنهنجي وارثن کان ڪئي امتحان وٺندي رهي،
هيءَ مِٽي رنگ ڪڏهن ڍنگ ڏيکاريندي رهي،
ڪي دڙا ورثا ڪري قومي تحفظن ۾ ڏيون،
ميوزمن وارا خفا نسل جي ذمي سونپيون،
بانورجي اسٽويا جي آس پاس ليٽي رهي،
کيس ڇا پهر ته ورثن کي سنڀاليندي اسين،
هن عجوبن جي افاديت کي ڌڪاريندي اسين،
سندس صدين جا يادگار ڀوري خاڪ ڪري،
سمگلرن سان نواردات جا واپار ڪري،
سوداگرين جي هوس ۾ وفائون عاق ڪري،
قومي ڪردار جون پئسن جي لالچن ۾ اچي،
مجرمن وانگي اسين روز لتاڙون ٿا ڪيون،
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.

گونگي پولار جي سيني ۾ صدين جون چيخون،
آٿتن وارا ڪفن پايون دفن ٿينديون رهيون،
رومين، تاتارين، چنگيزي جشن گاهن جا،
نازين، توڙي فرنگين جي قيدي ڪيمپن جا،
خوني شينهن جي ڳياڙين مِرُن جي پيٽن مان،
ڳاڙهين آنڌين، ڪاري پاڻيءَ جي انڌين وادين مان،
روز مجبور غلامن جا گذر ٿيندا رهيا،
بي گناهن جون لهوءَ منجهه لوواڙيل ٻوٽيون،
بنديخانن جي ديوارن تي ريڳاڙيل ٻوٽيون،
سرخ ماسن جا ٽُڪر قاتلن جا داغ کنيون،
ڦرڪندڙ عضوا سفاڪيت وارا سُراغ کنيون،
”و انحن اقرب“ واعدن جي انتظاريءَ ۾،
قالو بليٰ واري قولن جي پاسداريءَ ۾،
پنهنجي ”تذليل“ جا اسباب پڇائيندا رهيا،
روئي خالق کي چَون ڪهڙيون خطائون ٿا ڪيون!؟
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.

اولمپڪ، آسڪر، تفريح واريون تقريبون،
سونهن سرسين جا جهميلا حسين نارين جا جسم،
عيد، ميڙن يا دسهڙن جا دُهل دمباها،
موسمن بدلجڻ، ڪِن صحتيابين جون خوشيون،
راکين جي ٻڌڻ يا سفرن جي اُسهڻ جا ضامن،
هولين جون رونقون، رنگن جون ڌنڪ ڌارائون،
ڏوڪلي راند، ڏِڻن، ڏياٽين، ڏيارين جا جشن،
شادين، طوهرن جون ٻُڪيون، جهمريون ڇيڄ شرنايون،
جنم موقعن يا عقيقن جون عجب آسيسون،
ويلنٽائين ڏهاڙن جا وچن ورجاڻيون،
سرڪن، ڪارنيوالن ۽ چوڏيلن جا مزا،
سال جي آخري سورج جي الوداعي رسم،
يارين باشين جي گشن، ڊاڙ ڊُشن جا ميلا،
چنڊ راتين جون چوياريون ۽ دوستين جا نشا،
او وَيل ويل ! تنهنجيون روز تنوارون ٿا ڪيون،
همسفر هل ته هلي چنڊ جو ڦارون ٿا ڪيون.
ڪي ڳڀا نان ته ڪي گهر جون ديوارون ٿا ڪيون!

__________

1. اُلهيا = لهي ويا، غروب ٿي ويا.
2. مختياران = پنجاب جي ڳوٺ جو قصو، جنهن ۾ وڏيري نجي فيصلو ڪري مختياران بيبيءَ سان زنا ڪرڻ جو......... ماڻهن کي حق ڏنو ۽ پاڻ به سرعام عزت لٽي، مختياران جي ڀاءُ جو ڏوهه اهو هيو جو هو وڏيري چواڻيءَ ته شودر ۽ ڪم ذات هيو ۽ سندس ڀيڻ سان عشق ڪندو هو.
3. منش = ماڻهو
4. آشرم = مذهبي عبادت جي جاءِ
5. اوسارن = روئڻ ۾ پار ڪڍڻ
6. ورچڻ = ڪڪ ٿيڻ، خفي ٿيڻ
7. (ڪينرن،ناد ،نيفلن، دفن، دمامن) = سازن جا قسم
8. کائر = ٿر جو حصو
9.قصوريءَ= ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي ڪيس جو اهم شايد ۽ ساڳئي ئي ڪيس جو مکيه سرڪاري وڪيل.
10. قزاقن= ڦورو
11. و انحن اقرب = قرآن شريف جي آيت جنهن ۾ پروردگار جو ساهه کان ويجهو هئڻ جو ذڪرآهي.

سفيرانِ حرام (اردو)

اب ڪي تم هم س بچهڙ ڪر جو چلي جائو گي،
اي سفيران حرم يا، بهت آئو گي
ڪن اذيتون سي گذر ڪر هم تقريب وداع،
آپ لوگون سي بڇهڙني ڪي سجاپائي هي،
ڪيسي بتائين ڪي هم ڪتني عزر لي دي ڪر،
اپني اس ضبط ڪو بهلا ڪي ادهر لائي هي،
هان گر درد گران جب بهي تلملايا تو،
اي سفيرانِ حرم ياد بهت آئوگي.
پوه ڪا چاند جهازون ڪي نڊر جسمون پر،
اب ڪي بهي ويسا هي ڪجهه هوشربا اتريگا،
گيليون مين کهڙي لوگون ڪي سسکيون ڪا سمان،
چاند ڪو اب ڪي بهي گرهن سي لڪا جائيگا،
ان بلکتي هوئي آنکهون کي الودائي مين،
اي سفيرانِ حرم ياد بهت آئو گي.
تم ڪو اندوه وفا ڪوئي جلا دي ڪي نه دي،
آبله پاڪسي منزل ڪا پته دي ڪي نه دي،
يه مگر ملي هي ڪي اس صحرانوردي مين تجهي،
تيري ارباب وفا تيري رفيقون ڪي هجوم،
ياس کي طشت لئي دشت اتر بولين گي،
اي سفيرانِ حرم ياد بهت آئو گي.
اب ڪي تم هم سي بڇهڙ ڪر جو چلي جائو گي،
اي سفيرانِ حرم ياد بهت آئو گي.
جن دريچون په ستارون ڪو جلايا تم ني،
ڪهر ڪي دهندلڪون مين چاند دکهايا تم ني،
تيري يادون ڪي نگارش تيري باتون کي فسون،
اس پري خاني مين تعظيم محبت ڪي شگون،
تيرا هم نام ليئي پهر بهي منائين گي مگر،
اي سفيرانِ حرم ياد بهت آئو گي.
هم ابهي فرط رفاقت سي حزين بهي نه هوي،
که مه و سال سي، لمحون ڪي نزع آ پهچي،
گومگو مين هي کهڙي تهي ڪه اپني اهل سفر،
حيرت و ياس ڪي پر چهائيون مين چهوڙ چلي،
هم جو مبهوت ڪهڙي رفتگان ڪو ڪهتي رهي،
اي سفيرانِ حرم ياد بهت آئو گي.

[b]اپني پي آئي اي ڪي ڪجهه دوستون ڪي الوداعي تقريب ڪي موقعي پر پڙهي گئي ڪجهه اشعار.
[/b]

بهٽڪي نيڪ روح اردو

شب گزر جائي گي آئو گي تو ڪيا پائو گي،
بام و بالين په تب تڪ نه چراغان هونگي.
نه ڪسي پاس ڪي تاري نه قمقمي هونگي،
نه ڪهنه شهر ڪي گليون مين زندگي هوگي.
بدنصيب آنگنون ڪا بي در و ديوار وطن،
جن مين ڪجهه باقي اقربا عزيز لاشون ڪي،
هاتهون پائون ڪو سميٽي سڪ رهي هونگي،
يا ڪسي بلي تلي آخري سي سانس لئي،
کتني معصوم تتليان تنون سي لپٽي هوئي،
B-52 ڪي بارودون جنگي جهازون ڪي،
گهن گرج مين هي گهٽي چيخين مرگئي هونگي،
اينٽ سي اينٽ بجادي گئي فصيلون پر،
زرد، ويران جلي دشت اور پهاڙون پر،
هيمنت ڪي چاند ڪي معدوم منقسم سائي،
لهولهان سي گليان مين ابلتي دهوپين،
اور يه پهترائي هوئي انکهين، هوائين، موسم،
جنڪي سرهاني مين عمر بتادي جانان.
ڪتني جنمون سي تيري لمس ڪي تاني بن ڪر،
عشق، ادراڪ، وفا، فهم ڪي فريضي لئي،
پارسائون ڪي دهرم شالون، خانقاهون سي،
شهنشاهون ڪي حرم خانون عيش گاهون سي،
تو هم پرست تنزل نثراد قومون سي،
ننگي روحون ڪي نوالون سي تن ڇپاتي رهي،
ان گنت صديون سي اب تک ڪي ريگزارون مين،
تيري سانسون ڪي مهڪ تيري وجيه مين کهوئي،
تيري رودالي تيري آرزو مين پهرتي رهي،
تيري سرگوشيون کي سرسرابٽين سن ڪر،
تيري واعدي په اپني کوکهه ڪو بچاتي رهي،
کيونڪه اڪ بار تم ني نينوا کي وادي مين،
دجله وفرات ڪناري بابل ڪي گليون مين،
ياد هي توني ڪها تها ڪي ا حوازادي
مين تيري کولهه سي اک پارسا جنم دونگا،
جو نسل اونچ نيچ ذات پات رسمون ڪو،
آمرون، فاتحون، فاشسٽون اور فرعونون ڪو،
خون ڪي هولي هوئي ملعونون ڪو،
حوس کي آگ مين گوند هي حقير لوگون ڪو،
ظلم ڪي آندهيون انياءَ ڪي بگولون ڪو،
اپني للڪار سي اٽهيگا لرزان ڪر ديگا،
اپني پيشوائون ڪي ساري صداقتين لي ڪر،
خدائي ذوالجلال ڪي وسيع دنيا ڪو،
اس جلتي گولي ڪي آتش فشان دهاني ڪو،
همارا سورما بيڻا سورگ ڪرديگا،
دهکتي دنيا ڪي آتش ڪو ماند ڪر ديگا،
ياد هي توني ڪها تها ڪي اي حوازادي،
مين تيري کوهه سي اک پارسا جنم دونگا،
اور مين تيري اسي وعده حسنه ڪو لئي،
دهلتي جوبن کي سڪتي هوئي شبينون مين،
ساري ارمان دهائي اونچي منڊيرون پر،
اندلس، روم، فلورنس کي ذهلانون پر،
قصرالحرم آگروه، کبهي احرامون پر،
ٽوٽي تلوارون، زرده بند، چهلني سينون پر،
هيروشما تو ڪبهي بصره ڪي مکينون پر،
آگ بارود ڪي ڊبيرون شڪسته ڻينڪون پر،
کهيتون، سڙڪون په سڙي سيڪنڙون سي لاشون پر،
سوکهي پياسي سي وه هي کوکهه لئي پهرتي هون.
دشت سي آتي هوئي شهوار لوگون ڪو،
تيري شبيه جيسون سارون هي نرينون ڪو،
ڪبهي دهيلز و دواري په سر جهڪائي هوي،
نوواردون ڪو بڙي حسرتون سي تڪتي هون،
ڪه ڪب ڪو تو يا تيرا ڪوئي پيامبر پهنچي،
جو يه بتائي ڪه مين اپني اس جواني ڪو،
تيري آني ڪي اميدون په ڪب تلڪ رکهون،
تو بتادي ڪه وه کب پارسا جنم لي گا،
ڪب ميري کولهه وفائون ڪي تبرڪات لئي،
اپني اس عهد ساز تخم ڪو جنم دي گي.
جو ان جهلتي هوئي واديون ڪي گليون ڪو،
مائون، بهنون، يا بيوائون ڪي رستي زخمون ڪو،
وه مسيحا ڪي طرح مرهمين لگائيگا،
ان گنت بوکهي بلکتي بتيم بچون ڪي،
وه آنسو پونچهيگا، ڪب ان ڪا مداوا هوگا؟
مين ني مانا ڪه تم عهد ڪي تجديد لئي،
ميري اس والهانه ياس ڪي مدارت ڪو،
ميري تسڪين ڪو ڪبهي لوٽ ڪر تو آئو گي،
صرف اک ڊر هي ڪه تب تڪ نه ايٽمي روحين،
اپني خونخوار شڪم سيري ڪي ارادون سي،
ان گره ارض ڪو اپنا نه نواله ڪردين،
اور ميري همنشين مين اپني کف تاسف کو،
اس هزمت سي کسي زرد و پيشماني تلک،
مين ممڪن هي ڪي اڪ بار بهي لي جانه سڪون،
مين جلي دنيا ڪي اس خاڪ ڪو چٽڪي مين لئي،
تيري دهيلز تلڪ مانگ سجاني ڪو ڪبهي،
ميري محبوب تيري پاس ڪبهي آ نه سکون،
هان مگر تم جوڪبهي صديون ڪي دوراني مين،
بهولي بسري هوئي يادون ڪي گزر گاهون سي،
پهر ڪسي دن ميري ملني ڪو اگر آئو گي،
شب گزر جائي گي آئوگي تو ڪيا پائو گي،
بام و بالين په تب تک نه چراغان هونگي،
نه ڪسي ياس ڪي تاري نه قمقمي هونگي،
نه کهنه شهر ڪي گليون مين زندگي هوگي.

توسان جوڙيل غمن ۽ خوشين جا پهر

توسان جوڙيل غمن ۽ خوشين جا پهر،
توسان جنمن جا ناتا صدن جا سفر

منهنجي بيگاه سجدن جو محور ڀي تون،
دان، دعائن، سکائن جو مرڪز ڀي تون،
منهنجي پهرينءَ ۽ پوئينءَ دعا جو اثر.

زيب، زينت، سڳيون سينڌ سرما ڀي تون،
هار، دهريون سريون، ويس وينڍا ڀي تون،
موڙ، ميندين، خوشين ديد جا ديدَور.

منهنجي سونين سَنجهائن جو سپنو ڀي تون،
رڻ تتين ۾ ڀنل واءُ جهوٽو ڀي تون.
مون لئه آرهڙ جي سيڪن ۾ جهڙ جاڪڪر.

آس، املاڪ، اَڌِڪار آسيس ڀي،
عرض، ادراڪ، اتساهه، وسواس ڀي،
آتما جي اُمنگن جا اُجرا سَحرَ.

ڇيڄ، شوخيون، شغل، شادمانا ڀي تون،
ساٺ، سينگار، ڳڻ، ڳيچ، ڳانا ڀي تون،
ماڻ، مڳين سندا عاشقيءَ جا فَخُر.

توکان وڇڙي ٻران جونَ وانگي جَلان،
تنهنجي ڇاتيءَ لڳي ٺار ٿي آئون ٺران،
بعضي “تبسم” لئه آڙاھُ بعضي ڇَپرَ.

_____
1- دهريون = زيور جو قسم
2- املاڪ = ملڪيت
3- اَڌِڪار = حق
4- وسواس= اعتبار، يقين
5- آتما = روح.

چانڊوڪين ۾ اڪيلي چري ڇوڪري

چانڊوڪين ۾ اڪيلي چري ڇوڪري
نيڻ ڪَجليا ڪيون ڇال ڇلندي وتي،
اوپري پوپري، ائنٿري ڇوڪري،
وار ڇوڙيون گهٽائن سان گهمندي وتي.

ڄاڻي واڻي الائي بي خبريءَ منجهان،
ڪهڪشائن جي ڀُل ۾ يا نازن وچان،
منهنجي پنبڻين مٿان پير رکندي وتي.

اٽڪلن سان اول، دل تي دستڪ ڏئي،
ڌڙڪنن ۾ ڪا جهٽ آهلڻ جو چئي،
دل جهروڪن ۾ جهاتيون پئي وجهندي وتي.

ساهه سرهاڻ ۾ موج موسم ڪري،
خوشبوئن سان ڪٺو ناچ “تبسم” ڪري،
هِير هُٻڪار جي هيج هلندي وتي.

_________
1. ڪَجليا = ڪجل لڳل
2- ائنٿري = کيچلي
3- هيج = خوش جهوم.

خمار ۾ ٻڏل گهڙيون،

خُمار ۾ ٻڏل گهڙيون،
هزارين حسن جون پريون،
متل، رتل آ ميڪدو،
عجب سرور ٿم چڙهيو،
ڪران ٿو آئٽجان ٿو مان،
وٺو، متان ڪِري پوان!
پيئان ٿو اڄ ڀريون ڀريون...

قدم قدم تي مي ڪشي،
صراحين سان سرڪشي،
رندن جون مست ٽوليون،
غبار سيني ۾ کنيون،
ڪنهن آجپي جي آس ۾،
گلاس ڪنن ڪرڪيون،
سرشتي جي سڌار تي،
سماج جي بگاڙ تي،
بغاغا، هُل بحث ڪري،
دليل ڏئي ڌُڪا هڻي،
پيئن کڻي ڀري ڀري،
وفا، وصال يار جي،
عمر جي پهرين پيار جي،
ٿي کين جو خلش اُٿي،
ته ٿي پون ذريون ذريون،
پيئان ٿو اڄ ڀريون ڀريون..

زماني جون شڪايتون،
هزارين غم حِڪايتون،
ڏکن ۽ ڪَرب جا قصا
سڀن جي مختلف ڪٿا
نشن ۾ ڀڻڪندا وتن،
ٿِڙن ڪِرن، ڪِري اُٿن،
مون واري پيگ کي جهلي،
چُڪو چُڪو سڀئي وجهن،
هَوس ۾ تنهن کانپوءِ ڀي،
مان پنهنجو ڌار ٿو ڀريان،
پتو ئي ڪين ٿو پوي،
ته ڇِت، يا مان پيو ڦِران،
ڀتين، ڪنڊن جي آڍ وٺي،
ٿاٻڙجي، ٿِڙڪندي بچي،
ميخانو مس ڇڏيو اٿم،
وڃان ٿو پنهنجو دڳ وتيون،
پيئان ٿو اڄ ڀريون ڀريون...

ڌيري ڌيري هَلُ ! او چنڊ ڌيري ڌيري هَلُ،

ڌيري ڌيري هَلُ ! او چنڊ ڌيري ڌيري هَلُ،
رات جي ريشمي رستن تي منهنجو ماضي آ وکريل.

جهولِن جيجل ماءُ جون جهوليون،
ڇلڪن ٻوليءَ واريون ڇوليون،
لولين جوهر لفظ اڃان ڀي، ڇاتيءَ تي ڇاپيل.

پيار وفا جا پهريان زمانا،
ٻانهون ويهاڻا، وار وڇاڻا،
مُرڪون ميلا رنجَ، رُسامان، سڀ ڪجهه ٿم سانڀيل.

جوڀن وارا پُور پون ٿا،
نيارا ٿي نير ٽمن ٿا،
چُهنڊيون، چپٽيون، سينڍون، گانا، شودن وارو شغل.

وقت جهروڪن مان جهلڪي ٿو،
اڄ سارو اندر اُٿلي ٿو،
“تبسم” جي عڪس کي اڀ تان، اڄ ته نه ڪر اوجهل.

عشق اهڙو ڪو اوکو ٿيندو آ،

عشق اهڙو ڪو اوکو ٿيندو آ،
ڏونگر کان ڀي ڏکيو هوندو آ.

مان نه پئي ڄاتو،
بيٺي برن ۾ وليون ويڙهن،
واري، وڇون، واسينگ وڪوڙن،
انتظارن ۾ پٿر ٿبوآ.

مان نه پئي ڄاتو.
کاڄ خوشيون، سُکَ سڀ وڇڙن ٿا،
مُرڪون، مزا، موقعا وسرن ٿا.
اهڙين جدائين تي رت رووئبو آ.

مان نه پئي ڄاتو.
آس جي “تبسم” اوڙاهن ۾،
سوداءَ جي اونهن سمونڊن ۾،
ماسُ چَم تان سڄو روڙبو آ،
مان نه پئي ڄاتو،

ڪڏهن منهنجي گهر ۾ اچي ڏس ته اکيون

ڪڏهن منهنجي گهر ۾ اچي ڏس ته اکيون
تنهنجن اهتمامن ۾ ڪيئن پيهجن ٿيون،
اميدون عمر جي ڪنارن تي بيهي،
ڊگهن انتظارن ۾ ڪيئن پيهجن ٿيون.

اچي ڏس ته منهنجون ڪل ئي ڪائناتون،
وڌي تنهنجي قدمن کي ڪيئن سجدا ڪن ٿيون،
۽ قدمن ته ڇا تنهنجي وک وک جي در کي،
چمي آجيائن ۾ ڪيئن پيهجن ٿيون.

۽ واقعي اوسيئڙن جي هن موسمن ۾،
اوجانان جي سچ پچ اچي ٿو پئين تون،
اهو سوچيندي سڀ عمر جون ن ڄاڻان،
خوشيون سيسراٽين ۾ ڪيئن پيهجن ٿيون.

“تبسم” جي توريءَ اداسين جي دنيا،
وڇوڙن، ويسُورن سودائن جي دنيا،
تون پهچين ته پوءِ ڏس اُمنگون بدلجي،
جمالن ۽ جهمرين ۾ ڪيئن پيهجن ٿيون.

سِڪ سوز فراق جي سُورن ۾،

سِڪ سوز فراق جي سُورن ۾،
توکان وڇڙڻ جي ويسُورن ۾،
هن! عيد جي شغلن، ميلن ۾،
منهنجو آڳ تي ماتم جاري آ.

لوڪ کان پنهنجي لوڇ لڪايان،
منهن تي زوريءَ مُرڪ سجايان،
لونءَ لونءَ پنهنجي لاتِ بڻائي،
شهرت اُڇلي ڇيريون پايان.
سور وڇوڙا صدما ڳائي،
ناچو بڻجي نغما ڳائي،
ڪوڪارون ڪيان سڏڪارن ۾،
منهنجو آڳ تي ماتم جاري آ.

هير جو ڪوئي جهوٽُو بڻجي،
مينديءَ وارو ٻوٽو بڻجي،
سهڻي مان تنهنجي سينڌ سجايان،
چمڪان چڳن ۾ چوٽو بڻجي.
بعضي خوشبو بڻجي کنڊران ٿو،
ڪڏهن آجيان خاطر اڏارن ٿو،
ويٺو وره وسايان واٽن ۾،
منهنجو آڳ تي ماتم جاري آ.

مجنون نه ڪو مان ميهر آهيان،
تن جو نه ئي مان ثاني سڏايان،
تنهنجو منهنجو پنهنجو ناتو،
هر عاشق جو پنهنجو کاتو،
نه ليليٰ نه تون ڪا سهڻي آن،
تون “تبسم” جي من مهڻي آن،
جڳ ڇا به چوي افواهن ۾،
منهنجو آڳ تي ماتم جاري آ.

ستارن جي ٽم ٽم تڪيندي مسافر

ستارن جي ٽم ٽم تڪيندي مسافر،
خيالن جي صحرا ۾ گم ٿي ويو آ،
وفائن جي اڻ کٽ مسافت ۾ ٿڪجي،
ڪوي سوچَ ڌارا ۾ گم ٿي ويو آ.

عجب رات! آسن نراسن ۾ گم آ،
افق پنهنجي اونهن سناٽن ۾ گم آ،
هجومن هوندي هيڪلائين ۾ گم آ،
ڪوي پنهنجي ڪوتا ۾ گم ٿي ويو آ.

عجب رات ! آسُن نراسن ۾ گم آ،
اُفق پنھنجي اونھن سناٽن ۾ گم آ،
ھجومن ھوندي ھيڪلائين ۾ گم آ،
ڪَويپنھنجي ڪوتا ۾ گم ٿي ويو آ.

ڊسمبر جي سردين ۾ ٿڙڪن ٿيون لهرون،
اُجالن ڏي اُڀري اُڏامن ٿيون لهرون،
ڳِراٽين لاءِ ڪنهن کي تلاشن ٿيون لهرون،
سمنڊ هورا کورا ۾ گم ٿي ويو آ.

اڙي چنڊ عڪسن جا اولا نه ڪر تون،
شمعدان ٿي ڇولين تي نه ٻَرُ تون،
ڪويءَ کي ڪي ٻيون دلربائيون نه گهرجن،
هو پنهنجي محبوبا ۾ گم ٿي ويو آ.

قطارون ۾ ڪتين ستارن جون بتيون،
ڪناري تي ڪيارين ۽ بلبن جو بتيون،
ٻرن ۽ وسامن بَتيلن جون بتيون،
سمان ڪنهن سندرتا ۾ گم ٿي ويو آ.

______
1- ڪوي = شاعر
2- سندرتا = خوبصورتي

سهيڙي سهيڙي ٿڪو آهيان جيون

سهيڙي سهيڙي ٿڪو آهيان جيون،
جيون آ، جو مون کان نٿو ميڙجي،
انوکن آلاپن جا پيڇا ڪيان ٿو،
مگر ساز مون کان نٿو ڇيڙجي.

اڏامي ٿو اُڀ تي ڏسان ٿو پکيءَ کي،
ڪا آڇ ڳولهي بعضي تلاشي سکيءَ کي،
هوائن نه ڄاتيون سندس ڀاونائون،
نه دک ويلي جو مونکان ووڙجي.

ڪيڏارن سان ڪونتل دلين جون ڪٿائون،
دُکن هاڻيون، ديپڪ سُرن ۾ صدائون،
نه سونهون نه سرتو نه جڳ آشنايون،
رِڻن جي سفر ۾ ڪنهن سان روئجي.

هي گونگيون زبانون ۽ ٻوڙا زمانا،
دکن ۽ دلاسن جا جهونا فسانا،
جُڳن کان وڇوڙن جا ساڳيا ترانا،
پراڻين ڪهاڻين کي ڇا ڦولهجي.

______

1- ڀاونائون = خاهشون، محبتون
2- ڪيڏارن = ماتم ورو سر، ويڙ غم سان ڀريل راڳ، جنهن ۾ قتل جو ذڪر اچي.
3- ڪونتل = دوستيون
4 آشنايون = سينگاريل ، سجايل.

تنهنجين يادگيرين جا ٽانڊا دکن ٿا

تنهنجين يادگيرين جا ٽانڊا دُکن ٿا،
او من ميت، توريءَ اداسين جا ڪيڏا،
نگاهن ۾ اڻ کٽ ستارا بَکنِ ٿا.

تنهائين ۾ هيءُ رات سگريون ٻري ٿي،
اوهيرا ڪيون يادگيري لهي ٿي،
پڙاڏا عجب مون کي آواز ڏين ٿا.

سناٽن جي دامن ۾ سڏڪن هوائون
صدائن ۾ سهڪن سوين التجائون،
او وڻجارا ! تنهنجا وڇوڙا وڍن ٿا.

ٽانڊاڻا آڌيءَ جو بي منزل اُڏاڻا،
اونداهين ڳلين ۾ پرينءَ جا پُڇاڻا،
پريشان رستن تي پاڇا ڦرن ٿا.

اُماوس ۾ اڏري اوسيئڙن جي موسم،
اداسين مان گهُوري ڪوهيڙن جي موسم،
او “تبسم” ويرانين مان سڏڪا ورن ٿا.

_____
1- اوهيرا = هوا جي زور تي مينهن جو اڇل.

ڪلاچيءَ جي ڪُنَ مان ڪهاڻي ٿو ڳولهي

ڪَلاچيءَ جي ڪُنَ مان ڪهاڻي ٿو ڳولهي،
اوهيرن نه ڪو کيس آنڌين جو اونو،
هي گهاتو اڃا گهرو پاڻي ٿو ڳولهي.

ڪوهيڙن ڪُنن کي ورانگهيون وَرن ٿا،
پري کان پکيئڙا اڏاميو پڄن ٿا،
کانڊاڻو کَرن مان کانڀاڻي ٿو ڳولهي.

ڪلهن ساڻ ڪينر ۽ ڪشڪول لايون،
ڪو ڪَن ڦاڙُ گيڙوءَ رتا پوش پايون،
ڪنهن سهڻيءَ، سسئيءَ جهڙي کاڻي ٿو ڳولهي.

صدين کان سُڻي ٿو، پتڻ جون پڪارون،
پر انهن پنڌن جون انوکيون اُڪارون،
سفر ڪاڻ سنگتي سکاڻي ٿو ڳولهي.

ڪالهوڪن ڪاڍن کي صبوح شام ساري،
هي آڍو آڌين تائين ڪانڊين کي ٻاري،
اوائل جي گم ٿيل آکاڻي ٿو ڳولهي.

_________
1- گهاتو = سمنڊ ۾ مڇيءَ جو شڪار ڪندڙ
2- ڪينر = ساز
3- کاڻي = ڏکويل
4- سکاڻي = ٻيڙياتو
5- ڪاڍن = اڪير، سڪ
6- آڍو = ڪُراڙو، پوڙهو.

وفا پسند هيو هو، وفا پرست نه هو!

وفا پسند هيو هُو، وفا پرست نه هو!
رُڃن ۾ ڪيئن هلي ها، سفر جو سخت نه هو.

سمنڊ جو شور هيو، سمنڊ خود پري هو اڃان،
هِراسجي ويو سندس حوصلن تي ضبط نه هو.

گلابي مند جو ڀؤنرو اُڏاڻو موسم سان،
گُلن کي ويندي چيون ويو، ”نِباهه شرط نه هو.“

مجسمي ساز کي فرهاد ٽوڪي چيو آخر،
“فن تراش ۾ هاڻي اڳوڻو خبط نه هو.”

سفر کُٽڻ کان اڳي ڇانورن ۾ ويهي رهيو،
مُهمجُو ٽولي جو هي فيصلو دُرست نه هو !

سدائين کِڙندو سدا سينورن ۾ ڇڻندو رهيو،
ڪراڙ جو هي ڪنول، پو ڀي دل شڪست نه هو!

زماني ڀَڙڪو ڏئي ڪنهن جي پذيرائي ڪئي،
مان ڪَنايو ته بهرحال منهنجي سمت نه هو.

اسان الائي ته ڪنهن ڪنهن جو اُڻيوسي جيون،
اسان جي پنهنجي حياتيءَ تي ڪوئي ڀرت نه هو.

جُڳن کان پردي نشين پاڻُ سڃاڻيندي ٿڪو،
ثبات ۾ به سندس عڪس هئا، خود ته نه هو.

تعلقات، تڪلُف، تميزداريون ڀي،
زماني دار هو “تبسم” ڪنهين جو دوست نه هو.

________

1- هِراسجي = خوف ۾ اچي ويو
2- مُهمجُو = مشڪلاتن کي منهن ڏيڻ وارو معرڪي باز
3- ثبات = بيهڪ مضبوطي، وجود.

ويران موسمن ۾ ماتام منهنجا رستا

ويران موسمن ۾ ماتام منهنجا رستا،
سنسان سانجهين ۾ ڪُهرام منهنجا رستا.

هڪ مند هجي ته ان جو ماتم ڪري مسافت،
هر موسمن ۾ ٿين ٿا، نيلام منهنجا رستا.

ڪن آٿتن جي آڌر وسرام جي بهاني،
رُڪجي بيهي رهن ٿا، هربام منهنجا رستا.

سارا سُڃاڻ وارا، سنگ ميل ئي کنيون ويو،
بي نانءُ وجود منهنجو، بي نام منهنجا رستا.

پَن ڇَڻ جي زردين ۾، توکي نه آئڙيا پر،
تنهنجن تصورن ۾، گلفام منهنجا رستا.

سانجهين جي دنگ ڀرسان سڏڪي بيهي رهن ٿا،
اونداھُ ٿا لنوائن، هر شام منهنجا رستا.

هن راهه ويندي، رمتي، ٿڦڪي چيو لِڦُن کي،
اڻ کٽ مفاصلن ۾، آرام منهنجا رستا.

صدين جي لمبي پنڌ ۾، سٽجي ٿو پئي مسافر،
ڪيئن ڄِڀ ڪڍيون پيا هِن، هر لامَ منهنجا رستا.

تون ڀي ته ڄاڻي واڻي، هيءَ مند ڪيون ٿي موٽين،
سُڌ ٿئي سَرءُ ۾ ٿين ٿا، قتلام منهنجا رستا.

سوچن جي تسلسل ۾، سينڍيون سلام ڪن ٿا،
بي وقتي آجيان لئه، بدنام منهنجا رستا.

هڪ پيچري جو سوچي، سَوَ پيچرا اُڪاريم،
منزل جي آگهين ۾، اِلهام منهنجا رستا.

منهنجي عاشقيءَ جو مڪمل هِڪ سِٽَ ۾ هينئن قصو آ،
آغاز کان اڳيئي، انجام منهنجا رستا.

منهنجو سمورو ماضي، تنهنجي ياد جو تسلسل،
منهنجي حافظي جا محرڪ، پيغام منهنجا رستا.

خاموش وادين ۾، پايل ڪري پڙاڏا،
ھر پاسي کان ڪنائن، ھم نامِ منھنجا رستا.

“تبسم” نه توڙ پهتو، ڪو ڀي سِرو سفر جو،
توڙي جو همسفر ها، هر گام منهنجا رستا.

_______
1- وسرام = ٿڪ ڀڄڻ، ساهي پٽڻ
2- رمتي = رستي ويندڙ
3- آگهين = اڳواٽ خبر پوڻ، ڄاڻ
4- گام = وک

چانڊوڪيءَ ۾ ميت، جيئن تو، گيت ڪو ڇيڙيو نئون

چانڊوڪيءَ ۾ ميت، جيئن تو، گيت ڪو ڇيڙيو نئون،
مرڪندي سنگيتَ سهڻيءَ، رات جوگهونگهٽ کنيو.

تنهنجي پايل جي پڙاڏن مان پڳهَ، کنوڻين کنيا،
ميگهه واسيا وار تنهنجا، سيگهَه ۾ سارنگ ڀِنو.

مُرڪندي مينڍون ڏئي، سينڍيو تو چُپ ٿيل ساز کي،
تيور ۽ ڪومل سُرن، سوسٽ ڀري سرگم هنيو.

گفتگو آروهي ۽ اَمِروهي خاموش پرين،
سپتڪن آلاپ کي چپڙن منجهان چائي چميو.

وادي سمواديءَ سُرن جي دادلي آهين سکي،
ديسَ، دُرگا، مالڪوس ۽ ماروا توکي مڃيو.

مئي جو ماٽو، اڻ مندائتو، مان نه ڄاتو، ڪيئن کليو!؟
مي پياڪن کي ڪُمهلو ڪنهن پتو منهنجو ڏنو.

موسيقي، موسم ۽ ”تبسم“ ٽئي نشي ۾ چورُ ها!
رقص جي رنگين وراڪن رات کي ويتر رنڱيو.

______

1- ميگهه = مينهن،برسات
2- سيگهَه = جلدي تڪڙ ۾،
3- سيگهَه = ڳائڻ مهل، ننڍي تان هڻڻ، جنهن سر تان ڳائڻ شروع ڪجي، مرڪن ڏئي وري ساڳئي سر تي موٽي اچڻ
4- سوسٽ = هارمونيم جي سُرن جي ترتيب،
5. سپتڪن = تيور ۽ ڪومل سر کانسواءِ راڳڻيءَ جي شڪل يا خاڪو نه ٺهندو آهي.
6. ديسَ، دُرگا، مالڪوس ۽ ماروا = ڪل راڳڻين جا نالا
7- ڪُمهلو= بي مهلو ، اوچتو.

لاشن کي ايڌي هوم ۾ ڇڏيون هليو ويو

لاشن کي ايڌي هوم ۾ ڇڏيون هليو ويو،
تدفين جو وقت ڪاٿي هو مصروف لوڪ کي.

اڳ ۾ ايڏيون ڪٿي هيون، ڏسندي وڌي ويون،
بي رحمين جون عادتون ماڻهو ملوڪ کي.

ڪردار جي زوال جو مڃجي ته مُک سبب،
لوڪن ٻڌڻ ڇڏي ڏنو اند جي ووڪَ کي.

ناصح ته خود معيار جي پستين ۾ پيو ڪري،
ڪهڙا مثال ڏيندو بلندين جا خلق کي.

پروردگار ! نرگسيت واري فريب کان،
باقي ڀي دم بچائج، ”تبسم“ جي ڪِلڪَ کي.

______

1- ايڌي هوم = عبدالستار ايڌي، جو خيراتي ادارو
2- تدفين = ڪفن، دفن ڪرڻ
3- ووڪَ = دانهن ، رڙ.

ڪو عجب رستو آ، جنهن تي سدا ڀليو آهيان

ڪو عجب رستو آ، جنهن تي سدا ڀليو آهيان،
عمر وکن تي رکي، عمر ڀر رُليو آهيان.

ليڙون لباس، پِٿون پيرَ، جسم شل منهنجو،
شايد ته عشق جي آوھِ ۾ اچي ويو آهيان.

هو اجنبي هو، قطعي آشنا نه هو منهنجو،
دل جو ضد آ، ته نه اڳ ڀي ساڻس مليو آهيان.

سي حَسين عڪس جي هلندي نظر جهٽي ورتا،
انهن جا پيڇا ڪندي، ڊوڙندي، ٿڪو آهيان.

هڪ ته سي واٽون جن جي منزل جي ڄاڻ َهجي،
۽ ٻيو بي سمت سفرَ، جن ۾ مان منجهيو آهيان.

بي ربطيون ڳالهيون سڻي درگذر ڪجو مون کي،
دنيا جي گڙش ۾ بي ضبط ٿي پيو آهيان.

جي منهنجا ٽهڪ ٿو سارين سو منهنجو ماضي هو،
حال هي ٿم جو ”تبسُمَ“ لئه سِڪي مئو آهيان.

_______

1- گڙش = هجوم
2- تبسُمَ = مرڪ

خبر ناهي وڇوڙن جي اڃان ڪيسين رهي موسم

خبر ناهي وڇوڙن جي اڃان ڪيسين رهي موسم،
اکين ۾ انتظارن جي ڪيڏو عرصو ڪڙهي موسم.

ڏکن جي برفباريءَ ۾ ته هاڻي ساهُه ٿو نڪري،
ڪو آهي کيس ايلازي ته اڳتي ڀي رڙهي موسم.

وڇوڙا پَلوَ ۾ ويڙهيون خزان جون ڏاڪڻيون ٺاهي،
مان بي وطني جي ڀتين تي چؤطرفن کان چڙهي موسم.

عيدن شغلن جي موقعن تي سنڀاليون وارَ صدمن جا،
اچي منهنجي اعصابن تي هميشه ٿي لهي موسم.

وِساريون ويٺي آ وينگس، مگر رياڪار ڌُر بڻجي،
سهيليءَ سان نٿي اَٽڪي، اسان سان ٿي وڙهي موسم.

“تبسم” واري تختيءَ جي اڳيان پويان به گهر آهن،
واري سان ڇو نٿي تن جا، پَتا نالا پڙهي موسم.

____
1- اعصابن = عضوا
2- رياڪار = طرف وٺندڙ، ڌر.

دَردُ گهٽ آهي يا گهڻو آهي

دَردُ گهٽ آهي يا گهڻو آهي،
زندگيءَ کي ته گهارِڻو آهي.

شام ٿيندي ڇُهاؤ ڳولهن ٿا،
بند بلبن کي ٻارڻو آهي.

هيل هيڪانت ۾ لٿو ٿو وڃان،
دوستن کي ٻڌائڻو آهي.

نڙگهٽن کي وڍي لَتون نه رکو،
ڪوس، گهر جو ڀي قاعدو آهي.

هڪڙو ديوداس هڪڙي پارُو هئي،
سُکين وقتن جو هاواڻو آهي.

ڪو پهرُ ڇانورو گهران ٿو جو،
هاڙهه جو سج لنوائڻو آهي.

موسمون اچڻيون وڃڻيون هن سرتا!
موسمن تي ته نه ڀاڙڻو آهي.

جيستائين آهيون جهانن مان،
ڌانڌلين کي ڌڪارڻو آهي.

محبتن جي حسين تحفن کي،
دوستين ۾ ورھائڻو آھي.

موسمن جا اثر آوس ليڪن!
لَهس کان گهر بچائڻو آهي.

تنهنجي دردن کي پوئين دم تائين،
بدنظر کان بچائڻو آهي.

رات اُجري يا سانجهه ڌُنڌ هجي،
پاڻ کي ڏيئو ٻارڻو آهي.

ڇا تجربن ۽ ڇا حيات ڏنو،
جو مليو سو سنڀالڻيو آهي،

نرتڪين کي سڏيو ڪي طُولَ رکو،
اڄ “تبسم“ ريجهائڻو آهي.

_______
1- ديوداس ۽ پارُو = ديوداس ۽ پارو عشقيه داستان جا ٻه مکيه ڪردار
3- هاواڻو = افواه

مند بارش، هوائون ڳولهن ٿيون

مند بارش، هوائون ڳولهن ٿيون،
ويندڙن کي صدائون ڳولهين ٿيون.

مان سندس ماضي هان ڪو چَئيس وڃي،
کيس ساڳيون وفائون ڳولهن ٿيون.

بدگمانيون مفاصلا، مون کي،
ڪهڙيون ڪهڙيون سزائون ڳولهن ٿيون.

واءُ جهوٽن ۾ ميڻ جهِمڪي ٿي،
باک کي التجائون ڳولهن ٿيون.

هُنَ وَيلَ پَهر جان وساري ڇڏيو،
هن کي اڄُ ڀي پڇائون ڳولهن ٿيون.

درَ، درين مان پڙاڏا سڏڪن ٿا،
ڪنهن کي “تبسم” غفائون ڳولهن ٿيون.

حسين چهرن جي سُرخين ۾ دکن جا پهر ٿا جاڳن

حسين چهرن جي سُرخين ۾ دکن جا پهر ٿا جاڳن،
اداسين جا وڳا پهريون سمورا شهر ٿا جاڳن.

دريءَ کي ٽيڪ ڏئي شاعر سموري رات ٿو سوچي،
سماجن جي مزاجن ۾ بلا جا قهر ٿا جاڳن.

سَرءُ جي چنڊ کي روڪيو نه اڄ جي رات اورانگهي،
اُماوس جي سناٽن ۾ عمر جا زهر ٿا جاڳن.

بيابانن کي چئو پنهنجن سفاڪين ۾ ڪميون آڻن،
سرابن کي اُڪارڻ لئه سراپيل سحر ٿا جاڳن.

سدائين ياد جو اوٿر کنيون هر مند ٿي موٽي،
پذيراين ۾ شاعر جا سمورا فڪر ٿا جاڳن.

الهن تلهن جي اُڻ تڻ ۾ عجب حالت بڻي گهر جي،
بعضي گهر جو ڌڻي بعضي پَٽِيون ۽ پَڃر ٿا جاڳن.

عمر جي نٽهڻن خاطر لُٽائي ڇانورا پنهنجا،
نما شامن جي پاڇن ۾، وهيءَ جا ڍڪر ٿا جاڳن.

دلاسن ڪاڻ دل کولي تنهنجو دامن پسايان پر،
تنهنجي آٿت جي دلبي مان جرح جا پٿر ٿا جاڳن.

ازل کان پيار پهرن جون آسيون ساهه ۾ سانڀي،
سنياسين جي صدائن ۾ وفا جا وکر ٿا جاڳن.

پنهنجون محروميون ميڙيون گهڻا ڏينهن ٿيا گذاري ويو،
چون ٿا پر “تبسم ” جا اڃان ڀي شعر ٿا جاڳن.

______

1- اُماوس = اونداهه
2- سفاڪين = سختيون
3- سراپيل = ڀؤ ۾ ورتل
4- پذيراين = استقبال، اهتمام.

مُنهنجا حسين خواب ستارا نه ٿي سگهيا !

مُنهنجا حسين خواب ستارا نه ٿي سگهيا !
بي نُور زندگيءَ جا سويرا نه ٿي سگهيا !

مروت ۾ تو الائي ڪه سچ ۾ رکيو عزيزُ،
تنهنجي اٿاھ دل جا اندازا نه ٿي سگهيا !

ڪشتيءَ جو سمنڊ جو، يا هوائنُ جو ڏوهه هو!؟
ٻڏندڙ کي بهرحال ڪنارا نه ٿي سگهيا !

ساري عمر اکين ۾ رهيون جهُڙ جون موسمون،
نيڻن جي بارشن جا نيسارا نه ٿي سگهيا !

پنڇي لڇي قفس مان مرهم گهري رهيو هو،
قاتل مزاج لوڪَ کان پوپا نه ٿي سگهيا !

دل جي مٿان “تبسم” دَر دَر ِدانهي ٿڪو پر،
دل سان سندس اڃان ڪي نبيرا نه ٿي سگهيا !

____

1- اٿاھ = ڳوڙهو ، گهرو،
2- پوپا = ڪپڙي يا ڪپهه جا ٽڪر زخمن تي رکبا آهن.

آزمائش ۾ جان ڏئي ويٺس

آزمائش ۾ جان ڏئي ويٺس،
عشق جو امتحان ڏئي ويٺس.

زندگي تنهنجي نانءِ هئي تڏهن،
زندگيءَ تي ايمان ڏئي ويٺس.

تون خوشين جي جهانَ کي ماڻين،
مان ته پنهنجو جھانُ ڏئي ويٺس.

موت ۽ زندگيءَ جي خانن مان،
موت سامهون نشان ڏئي ويٺس.

تو ته مقطع جي ارپنا پئي گهري،
توکي پورو ديوان ڏئي ويٺس.

تنهنجي چاهت وجود هو منهنجو،
مڪين نه رهيو مڪان ڏئي ويٺس.

دوستي جنهن تي ماڻ هو “تبسم”
تنهن ڀَرم جو گمان ڏئي ويٺس.

هي ڪنهن جو گهر آ، منهنجي رستي تي

هي ڪنهن جو گهر آ، منهنجي رستي تي،
روز محشر آ، منهنجي رستي تي.

روز گذران ٿو، روز پڄران ٿو،
ڪو عجب درُ آ، منهنجي رستي تي.

بخت کي ڊوڙي پهچجي ليڪن،
وقت کي ورُ آ، منهنجي رستي تي.

دل جي ڪاڙهن کي ڇانورا گهرجن،
سخت اوٻرُ آ، منهنجي رستي تي.

مان ته موذن جبين جهڪائي ڇڏي،
منهنجو منبر آ، منهنجي رستي تي.

پيلن بلبن جون زرد ويرانيون،
درد منظر آ، منهنجي رستي تي.

ڪنهن عزہدار کي تلا شي ٿو،
ڪو نوحه گر آ منهنجي رستي تي.

لڙڪ ازخود لهو ٿي ڇلڪن ٿا،
درد جو جَرُ آ، منهنجي رستي تي.

اي حياتي ! ٻه پهر ترس اڃان،
ڪو پيامبر آ، منهنجي رستي تي.

سونهن َساوڪَ کي ماڻجي ليڪن،
هڪ سُڪل ٿر آ، منهنجي رستي تي.

واءُ، واچوڙو ٿي پڄان هان پر،
غم جو اوٿر آ، منهنجي رستي تي.

گند ڍيرين مان کاڄُ ڳولهي ٿو،
ڪوئي ڇوڪر آ، منهنجي رستي تي.

مان سڄي شهر کي ٻُهاريان ٿو،
جو تنهنجو تَرُ آ، منهنجي رستي تي.

بدنصيبن جون بارشون “تبسم”
جن جو نيڪر آ، منهنجي رستي تي.

_______

1- موذن = بانگ ڏيندڙ
2- عزہدار = ماتم ڪندڙ، غم ۾ شريڪ
3- نوحه گر = نوحا پڙهندڙ
4- پيامبر= نياپو آڻيندڙ

پِرهه جو ڳلين مان پُڪارون ڪيون ويو،

پِرهه جو ڳلين مان پُڪارون ڪيون ويو،
ڪو جوڳي انوکيون صدائون ڏيون ويو.

درين جي وِٿين، گهَرَ جي ننڍڙين ڀِتين کان،
عجب نينهن وارا نياپا رکيون ويو.

او لوڪو! عجب ڪاپڙي هو جو مون کي،
جهلي پاپڙين کان کسيون دل کنيون ويو.

الائي ته رمتي کي ڪهڙا رَمل ها،
عمل ساڻ جندڙيءَ ۾ جنتر جڙيون ويو.

اَسر جو آهستي ڪڙي کي وڄايون،
ڳُجهن ۾ ڳالهايون موهيون دل مُنڊيون ويو.

ڀنڀرڪيءَ جو منهنجيءَ سيرانديءَ کان ڀڻڪيو،
تِهان پوءِ منهنجيون ننڊون ئي نيون ويو.

الستيءَ آلاپن جا ورلاپ “تبسم“
ڪُوڪاريون ڪنن ۾ شوڪاريون ڇڏيون ويو.

تنهنجي ٻانهن جون پناهون گهرجن

تنهنجي ٻانهن جون پناهون گهرجن،
سخت سانوڻ ۾ گهَٽائون گهرجن.

پينو ناهيون نه تاڪَ ٻيڪڙ تون،
دردمندن کي دوائون گهرجن.

اڻ ڏٺل واٽ جي سناٽن ۾،
سانجهه پهتي آ صدائون گهرجن.

هڪ نه ٻي حادثي ۾ الجهي رهي،
هن سَڙيءَ عمر کي ساهيون گهرجن.

ڪهڪشان ۽ نه ڪا ڪتي اُڀَ ۾،
دربدر آهيان دِشائون گهرجن.

سونهن چاهيان ٿو سونهن ماڻيان ٿو،
عاشقيءَ ڪاڻ غذائون گهرجن.

پنهنجي نيڻن کي چُمڻ ڏي مونکي،
هِن شرابيءَ کي صَراحيون گهرجن.

تنهنجي “تبسم” کي رِڻَ مسافت ۾،
آٿتون ۽ ڪي دُعائون گهرجن.

______

1- دِشائون = طرف

خوف جو عالم آ تنهنجي شهر ۾

خوف جو عالم آ تنهنجي شهر ۾،
زندگي ماتم آ تنهنجي شهر ۾.

درد کائيندو، لهو پيئندو وتي!
هي عجب آدم آ تنهنجي شهر ۾.

کِڙڪين مان خواب ٿڙڪن ٿا پيا،
ننڊ ڇو نادم آ تنهنجي شهر ۾.

رات دردن جي صدائن ۾ ڀنل،
چاندني مدهم آ تنهنجي شهر ۾.

ڪاوڙين ۾ ڦاهيون ٿو گهُرندو وتي،
لوڪُ ڇو برهم آ تنهنجي شهر ۾.

منصفن جي مندُن مان راڄيا،
جان کي جوکمُ آ تنهنجي شهر ۾.

ڳوٺ واسي! تنهن کي تون تڙيون نه ڏي،
هڪڙو ئي “تبسم” آ تنهنجي شهر ۾.

______

1- نادم = پشِمان، لڄي
2- برهم = ڏمريل، ڪاوڙيل
3- راڄيا= اي راڄ ڌڻي
4- جوکم = ڀؤ، خوف
5- تڙيون = دڙڪا، دهمان.

تو وٽان خوشبو پڳي، چيم : ” اُڏي آجيان ڪيان “

تو وٽان خوشبو پڳي، چيم : ” اُڏي آجيان ڪيان .”
واءُ چيو : “پر يار جي، ساهن ڇهڻ جي آ منع .”

چيڙهه چوٽين ۾ هٿن ۾، پاند جون ٽُڪريون، ڏسي،
چيائين : “سڪ وندين کي سُرخين جي هڻڻ جي آ منع ”

ڪانءُ ڪانس تي لنويو ۽ هيانءَ ۾ روڻيون پيون،
جهورين جهڄندي چيو : “ڪُوڪن ڪرڻ جي آ منع ”

آهٽن جي آس تاڻي رات پر رئندي رهي،
پرهه کي اوندهه چيو : “توکي اچڻ جي آ منع”

عشق ۾ آليون اکيون، لازم ڀنل دامن کپي،
ورنه ڪنهن ڀي دم زنيءَ، دعويٰ ڪرڻ جي آ منع.

درد جا اوٿر گهليا، دل چيو : “دل کولي رئان”
عشق چيو : “روئڻ ته ڇا، آهن ڀرڻ جي آ منع”

تولئه سنبريس پئي ته سنڌَ سنڌَ کي سيڻن چيو:
“ گهر ۾ ويٺل وياءَ کي، سينڱارجڻ جي آ منع”

چَوِرايائين غم تي “تبسم” ڀل مناسب روئجي،
درد جي پَڳَهن تي پر، لوٽين ٻڌڻ جي آ منع.

سوچي سوچي آخر مان ٿڪجي پيو آهيان

سوچي سوچي آخر مان ٿڪجي پيو آهيان،
الائي انهن کي اڃان ڇو ٿو ساريان.

ڊگهين يادگيرين جا برپٽ ته جهاڳيم،
منجهيو هان پرينءَ جو ويڙهو ڪيئن ورانگهيان.

ڀورا، ڪارا، بادل، ڪو پل بيهه جيسين،
ٿڌن ڇانورن ۾ تَتل عمر ٺاريان.

او چنڊ تنهنجي اُجرن اُجالن کي پڄندي،
ڪا جهٽ ڏس ته ويهي ڪٿي ٿڪ ڀڃان مان.

پِٿُن، پاهڻن جوڪو ويسور ڪونهي،
سفر جي رڳو طي ڪا منزل ڪيان مان.

رُڻاٺيل اکين ۾ اُداسين جا اوٿر،
وڇوڙن جا هيڏا مان رڻ ڪيئن اڪاريان.

آڌيءَ رات ڌاران ڪنهن وڄندڙ گهُگهوءَ جي،
پڙاڏن مان دردن جون پاڙون ٿو ڳولهيان.

ٻڌان ٿو پريان وڻ تي ڪويل ٿي ٻولي،
سوچيان ٿو سي ڪُوڪون، سُڻان يا لنوايان؟

هوائو نه “تبسم” کي هيڪل ڇڏيو جو،
ڊڄي ٿو ته ڊپ ۾ نه مان هيانءُ هاريان.

ڪا پَڪي دوستي، زندگي ٿي گهري

ڪا پَڪي دوستي، زندگي ٿي گهري،
عاشقي، ڌَر تَتي، زندگي ٿي گهري.

ريشمي چاندنيون، شبنمي روشنيون،
ڪهڪشان ۽ ڪتي، زندگي ٿي گهري.

ڪنهن نديءَ جو ڪپر، ڪو پرين همسفر،
عشق جي اَڌُ رتي، زندگي ٿي گهري.

ماڻهئا! ميڻ کي واءُ ويجهو نه رک،
جهِمڪندڙ مُنهن - بتي زندگي ٿي گهري.

رات جون راڳڻيون پَلَ خوشيون ناچڻيون،
واءُ خوشبوءَ وتي، زندگي ٿي گهري.

ناسي، ڪارا ڪڪر رنگ رتوليل پهر،
سُک جي “تبسم” پتي، زندگي ٿي گهري.

____
1- رتي = ماپ يا تور جي پيمائش واري ڳڻپ جيئن ماسو، تولويا رتي وغيره.

وڇڙڻ کانپوءِ دردُ رُئاري ته ڇا ڪجي؟

وڇڙڻ کانپوءِ دردُ رُئاري ته ڇا ڪجي؟
چنڻگن مٿان ڪو تيل جي هاري ته ڇا ڪجي؟

ڪانڌين کان ويندي ويندي حياتي پُڇڻ لڳي،
ڪنهن ويلَ جي هُو سيڻُ ڌُتاري ته ڇا ڪجي؟

دونهان متا، ڀڀڙ ٻَريا ۽ خاڪ ٿي به ويا،
وسميل ڍِڳين کي واءُ اڏري ته ڇا ڪجي؟

پاهڻَ ڪري پروڻَ، بَرن ۾ ڊُڪون ڀري،
ڪنهن کي جي نينهن ايئن نِکاري ته ڇا ڪجي؟

تُند تيزُ واچوڙن اڳيان “تبسم” ڏيئا رکيون،
روشنين جي آس ۾ جي گذاري ته ڇا ڪجي؟

وساري، نئينءَ دل لڳيءَ ۾ لڳي ويو

وساري، نئينءَ دل لڳيءَ ۾ لڳي ويو،
اسان کيس ساري، عمر ٿا گذاريون.

ملي چيائين مون کي سڃاتل لڳو ٿا،
تتل شيخون هن منهنجي دل ۾ کُپايون.

روئي ٿا سُمهون ۽ رڙي اک ٿي پٽجي،
ساڀيائن کان ٻيڻيون ننڊن ۾ سنڀارون.

تنهنجا، توسان گڏ پنهنجا فوٽو پئي جاچيا،
ته آنڌي هٿن مان وئي البم ڇڏايون.

اسان هُن کي چاهيو، اسان جو ئي ڪم آ،
ته پنهنجي وڍيءَ کي، ڇا مرهم ٿا لايون.

اجالن، انڌيرن سنجها، چانڊوڪين جون.
نه ڀانئن ٿيون هاڻي، اسان کي پُڪارون.

سڃاڻي نه ڄاڻي اُها هن جي مرضي،
اسان پنهنجي “تبسم” وفا ٿا نڀايون.

خوابن جو حسين چنڊ جي ساڀيان ۾ گهر اچي

خوابن جو حسين چنڊ جي ساڀيان ۾ گهر اچي،
مند، رات جي آغوش ۾ مدهوش ٿي مچي.

محبوب جي يادن جونشو، لوڇ اندر جي،
ڄڻ مِينهن ۾ ڪو مور مگن ڌُن ٻڌي نچي.

هُن سينڌ تان ٿيان گهور يا گُل کي مَٺيون ڏيان،
محبوب جي چوٽيءَ ۾ جَڙيل ڪيئن نه ٿو جچي.

ڌڙڪن ۾ دردَ، سَردُ پهر چنڊ رات جا،
سانول جي سار ڄر ڪا ڪيون پئي اندر پچي.

موسم جا واس، ڪيف ۽ ڪينواس سوچ جا،
نِينهن جي وَرونهن ريج ڪيون رڳن ۾ رچي.

“تبسم“ ڪو کيس چئي ته ڪڏهن ساريندو ڪري،
هِڏڪي نه ته ڀي، سَٽَ ته ڪڏهن ساهَه کي اچي.

وفائون تلا ٿيندي وکري پياسين

وفائون تلا ٿيندي وکري پياسين،
حياتي لتاڙيندي زخمي ٿي پياسين.

لِڦُن کي لنوائي، وکون وَر کنيون پر،
پهاڙن ڏي گهُوري پگهر جي پياسين.

مِٺوءَ وانگي مينڍن ۾ ٻوليو اسان سان،
اسان لوڪَ لهجن ۾ وڍجي پياسين.

گُلن کي جو خارن جي سنگت کان روڪيو،
ته رهندو ڪنڊن جي نظر ۾ ٿي پياسين.

اڪيلائين جي رفاقت جا عادي،
هُجومن ۾ پهچي دهلجي پياسين.

تتل سج هو سِر َ تي، سفر جو جنون هو،
نِمن هيٺان پهتاسين ٿڪجي پياسين.

تبسم کان “تبسم” جي اصليت نه پڇجو،
چيو عشق “رنڱبين! ته رنڱجي پياسين”

هُن جي حسين بدن جون حسناڪيون بي تحاشا

هُن جي حسين بدن جون حسناڪيون بي تحاشا
هر مُرڪَ لار جهڙي، چَپ چاشنيون پتاشا.

ڪنهن باکَ ڌاري پنهنجون پلڪُون کڻي ڪري هوءَ،
آرس ڀڄي ته موسم، انگ انگ تي ڏئيس بوسا.

لهجن جي تازگيءَ ۾ هٻڪارون هير جهڙيون،
احساسَ گفتگوءَ جا آرهڙ ۾ ڇانوَ پاڇا.

هڪ دل چوي ته هن کي سِج، چنڊَ، ڪتين سان ڀيٽيان،
ٻي دل نندي پرينءَ جي سونهن کي ڀي ڪٿبو آ ڇا.

پهچي ته آجياڻا، سهسين سنگيت ڳائن،
مجمعا لڳائي “تبسم” ڇا ڇا وجهي تماشا.

________

1- حسناڪيون = رنگينيون
2- آرهڙ = اونهاري جي گرمي

ڪڏهن هِن حياتيءَ، ڪڏهن تو روئاريو

ڪڏهن هِن حياتيءَ، ڪڏهن تو روئاريو،
عمر ڀر عجب، ڪشمڪش ۾ گذاريو.

پيڙائن کي چئو ڪا پوئين شب ته ناهي،
اڃان جيئرو هان، ڪو ڌيرج ته ڌاريو.

وصل جي اڃا آس ناهي وساڻي،
اڃان آجيان چئي ڪا مشعل ته ٻاريو.

الائي پرينءَ ڪيئن ڌتاريا مگر مان،
پنهنجن ڀاڪرن کي مسين چپ ڪرايو.

او! تارن ڀري رات تنهنجي پڄاڻان،
نهارن ۾ ڪوڀي نه منظر سمايو.

جهميلن، جَڳتَ جي نه ميلاگرين ۾،
نه “تبسم” توکي رونقن ۾ وساريو.

______
1- ڌيرج = صبر، حوصلو.

فاصلن ۾ شام ٿيندي پئي وڃي

فاصلن ۾ شام ٿيندي پئي وڃي،
قاتلن ۾ شام ٿيندي پئي وڃي.

ڪجهه وفا جي ياد ڪجهه پڇتاءُ ها،
ساروڻين ۾ شام ٿيندي پئي وڃي.

دردوندن کي سنڀاليو، جو سندن،
بوتلن ۾ شام ٿيندي پئي وڃي.

سج ُتڪي سِڙھُ کولجو اي ناکئو،
ساحلن ۾ شام ٿيندي چئي وڃي.

نٽهڻن ۾ سوچيون ٿا ڊاٻو ڪيون،
فيصلن ۾ شام ٿيندي پئي وڃي.

يادگيرين جي پتڻ تي بيهندي،
بارشن ۾ شام ٿيندي پئي وڃي.

هل ته وستين جي دنگن وٽ ئي پڄون،
جهنگلن ۾ شام ٿيندي پئي وڃي.
______

1. ناکئو= ٻيڙي ھلائڻ وارو

وفا جي ابتدا کانپوءِ وفا، جي انتها ناهي

وفا جي ابتدا کانپوءِ وفا، جي انتها ناهي،
سزا جي امتحان کانپوءِ سزا جي انتها ناهي.

هميشه هُو پُڄُي مون وٽ، پڇي ٿو مرض جو ڪارڻ،
هميشه سوچيان ٿو هُن وٽ، ادا جي انتها ناهي.

رڳو اُجهڪو ٻڌي منهنجو، مون جيان مرجهائجي ويو آ،
جي اڳتي ڀِي سُڻي سانولُ، ڪَٿا جي انتها ناهي.

نچان ٿو، نينهن ڳايان ٿو، ڇڄان ٿو ڇيريون پائي،
چون ٿا تون اڃا چئين ٿي، وفا جي انتها ناهي.

خريدارن جي صِف ۾ مان، سُري سامهون وڃي بيٺس،
وفا جو ڪَچُ پَسي چيائين، “بَها جي انتها ناهي.”

ڪاريگر آءُ! وَڍ انگڙا بڻائج يار جان بوتو،
متان سمجهي ته نِسبت ۾، اسان جي انتها ناهي.

نوان ماڻهو، نئون آهين، نٿو ڄاڻين تون شهرين کي،
سندن پِرڪار پُڇ مون کان، دغا جي انتها ناهي.

ٻڌو ٿم ٻاڙو ٿو ٻولين، هڻي مَسَ ميلُ منزل جو،
ڪَسارن جان نه هلُ رمتا، ڏِسا جي انتها ناهي.

جڏهن ڪنهن طعي ڪيو “تبسم” وفائون ڪرڻيون ئي ناهن،
تنهن کي دل جي اڃان تانگهي، خطا جي انتها ناهي.

ڪوئلين کي چئو ڪا ته ڪُوڪار ڪن

ڪوئلين کي چئو ڪا ته ڪُوڪار ڪن،
شهرَ وارين خاموشين مان ڊپ ٿو لڳي.

در، ديوارن، ڳلين جي اُداسين نه پر،
دل کي ويڙهيل ويرانين مان ڊپ ٿو لڳي.

اُڀ جي پيلن، ڦڪن چنڊ ڪرڻن سان گڏ،
زرد موسم جي پاڇن مان ڊپ ٿو لڳي.

اي هوائو هلو ڪاته هُوڪار َ ٿي،
سانت وارن سناٽن مان ڊپ ٿو لڳي.

دل جي تنهائين ڀؤ مان ڀڻڪيو پئي،
هن غفا جي گونجارن مان ڊپ ٿو لڳي.

وحشتن، خودڪشين، خُون خبرن کانسوءِ،
ارتقا جي دعوائن مان ڊپ ٿو لڳي.

هنجَ ڀڙڪا، ٽهوڪا نه ڪُرلاءَ هِن،
هِن اُساٽيل اُڏارن مان ڊپ ٿو لڳي.

ٽاڪ شو ۾ ڳهيلن ڳالهايو پئي،
حاڪمن جي مزاجن مان ڊپ ٿو لڳي.

بي سبب ڇو تون ساگر ڙي خاموش آن!؟
تنهنجي ماٺن ارادن مان ڊپ ٿو لڳي.

او “تبسم“ تون مامن ۾ مينديون نه ڏي،
سنئون سڌو چئه سرابن مان ڊپ ٿو لڳي.

_____

1- ارتقا = انساني ترقيءَ جو شروعاتي دور.

اوهان جي ديد لئه دل جون دِشائون منتظر آهن

اوهان جي ديد لئه دل جون دِشائون منتظر آهن،
دِل مضطر جون بيتابيون چمڻ لئه چشم تر آهن.

اکٽ اَدراڪ جون اوتون الک اِتهاس جا اوٿر،
اوهان کي دَينِ آ داتا اَگهيا اڀرا وکر آهن.

دلين جي نسبتن آڏو وضع داين جي ڇا وقعت،
روادارين جي مصلحت کان عقيدا بالاتر آهن.

اوهان جي شهر جون ڳليون، ڳلين جي سونهن جا منظر،
جهان ديديءَ جو سُنهن مون کي، جهان کان اعليٰ تر آهن.

قريني سان قطاريان ٿو، سفر پنهنجي سفيني جو،
اوهان جي نگھبانين جون، نويدون همسفر آهن.

ٻانهن کي پر َبڻائي مان، ڪيان پرواز يثرب ڏي،
اوهان جي نُدرتن جا جِت، نِظارا ديده ور آهن.

ڏئي تفصيل تهمت جو، پڇيو ڪاتب ته “ڪو چارو”
چيم “سامهون سيه ڪمليءَ سان منهنجا چاره گر آهن”

شوريده دل جي شورش کي، شڪيبائيءَ جون تسڪينون،
سڀن پاسن کان پهتيون پر، اوهان جا ٻيا اثر آهن.

ڪڏهن قصداً ٿي ڪوهاتي، ڪڏهن ڪنهن نامه بر دلبيو،
پشيمانيءَ جي پلڪن تي مداين جا مڪر آهن.

______

1- مضطر = پريشان
2- اکٽ = بيشمار
3- دَينِ = مهرباني
4- نُدرتن = خوبيون، سٺايون
5- شوريده = پريشان، غمن ۾ ورتل
6- شڪيبائيءَ = صبر، خاموش
7- قصداً = ڄاڻي واڻي.

هي عورت جا عظمت جو مينار آهي

هي عورت جا عظمت جو مينار آهي،
خدا جي خُدائيءَ جو اظهار آهي.

وفا هُن جي عادت ۽ ايثار جذبو،
سراسر صداقت سان سرشار آهي.

علم سوجهرو آ، علم روشني آ،
جهالت لاءِ جيڏل جو هٿيار آهي.

رڳو انفرادي نه پر قومي قسمت،
مَٽائڻ ۾ ملڪي مددگار آهي.

ڪٿي ڀيڻ، نياڻي، ڪٿي گهر ڌياڻي،
ڪٿي ماءُ جو اعليٰ ڪردار آهي.

سُچيتائين سان سنواري ٿي دنيا،
اگر ناري سياڻي سمجهدار آهي.

گهريلو يا “تبسم” اهم معاملن ۾،
سڀن سلسلن ۾ حصيدار آهي.

____
سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن طرفان ڇپايل “پرڀات صورتخطيءَ ” بالغن واري ڪتاب جي ٽائيٽل لاءِ سندس گذارش تي لکيل هيءَ شعر ادي دلشاد مرزا جي آواز ۾ ريڪارڊ ڪيو ويو آهي، جيڪو فائونڊيشن جي اسڪولن ۾ تراني طور هر صبوح واري اسيمبليءَ ۾ ڳايو ويندو.

هڪ وڇوڙن جون هيڏيون ويون سرحدون

هڪ وڇوڙن جون هيڏيون ويون سرحدون،
تنهن مٿان هن عمر بي وفا جون ٺڳيون.

تيستائين حياتي اَجل کي رسي،
جيستائين وِکون تنهنجي در تي پُڳيون.

ليکجڻ ۾ بظاهر وڏا فاصلا،
ماپجن ها ته تنهنجيون آنائون رڳيون.

اي زمانا تون مون لئه ڏکارو نه ٿي،
مون جِيان ٺوڪرون ڪيترن کي لڳيون.

منهنجي هوندي ڙ چنڊ چلولايون نه ڪر،
هن جون چوٽيون، تون بعضي چُمين ٿو چڳون.

شال تنهنجو به ڪنهن ناٿ سان نينهن لڳي،
شال توکي به “تبسم” منجهائن مَڳيون.

تنها مسافرين ۾، هيءَ رات ٿڪجي پئي آ

تنها مسافرين ۾، هيءَ رات ٿڪجي پئي آ،
غم جي مُفاصلن ۾، هيءَ رات ٿڪجي پئي آ.

هر ساهه جي سَفر ۾، سَوَ آسون ڪَرَ کڻن ٿيون،
هِن خواهشن جي بَنَ ۾، هي رات ٿڪجي پئي آ.

آواز ڏيندي ڏيندي، ڪنهن سونهين کي سڏيندي،
مون سان رُلي پنڌن ۾، هيءَ رات ٿڪجي پئي آ.

فٽ پاٿ تي لتڙجي، هڏڪين ۾ عمر گهاري،
غربت جي چادرن ۾، هيءَ رات ٿڪجي پئي آ.

خانه بدوش ٽوليون، سرحد ٽپڻ گهُرن ٿيون،
بي منزلن جي ڳُڻَ ۾، هيءَ رات ٿڪجي پئي آ.

واپس وطن ڏي ورندي، هر پل ائين لڳو ڄڻ،
ڀونوچ جي ساحلن ۾، هيءَ رات ٿڪجي پئي آ.

چنڊ سان ڪڏهن ڪَتين سان نظرون ملايون پئي آن،
تنهنجين الولين ۾، هيءَ رات ٿڪجي پئي آ.

او رات جا مسافر! او چنڊ! اُڀ نگر جا،
گَهِرين اُداسين ۾ هيءَ رات ٿڪجي پئي آ.

سيدن فرات ڪپ تي پھچي پڙاءُ ڪيو آ،
تنهن بعد کان خيمن ۾ هيءَ رات ٿڪجي پئي آ.

هي ريگذار واٽون، ويڇا مسافتن جا،
اڻڄاڻ منزلن ۾، هيءَ رات ٿڪجي پئي آ.

“تبسم” طويل شب جو هر پل ائين لڳو ڄڻ،
آڪاش جي اکين ۾ هيءَ رات ٿڪجي پئي آ.

_______

1- سونهين = واقفڪار، سڃاتل
2- واپس وطن ڏي ورندي = ٻه مهينا کن آمريڪا ۾ گذاري واپس ملڪ ورندي جهاز ۾ هي ٻه سٽون تري آيون.
3- فرات ڪپ تي پنهنجي پڙاءُ = ڪربلا موليٰ جي واقعي کان متاثر ٿي هيءَ بند لکيل.

ابتدائون عظيم ٿينديون هن،

ابتدائون عظيم ٿينديون هن،
ارتقائون عظيم ٿينديون هن.

خواب ڪي ڀي وڏا ناهن ٿيندا،
ساڀيائون عظيم ٿينديون هن.

ڪنهن وڏي ڪارنامي لئه اُن جون،
محرڪاتون عظيم ٿينديون هن.

قوم جو فرد ڀي اهم آ پر،
قومي سوچون عظيم ٿينديون هن.

ڪي ديوارون، وِريون ٿين ٿيون ۽،
ڪي ديوارون، عظيم ٿينديون هن.

ٻيڙا لهرن جي وَر چڙهيا ڇا ٿيو،
مَن! اُڪارون عظيم ٿينديون هن.

دوستين جي نفيس ناتن ۾،
وضع داريون عظيم ٿينديون هن.

گنهگارن جي چوڪڙين ۾ رهي،
پارسايون عظيم ٿينديون هن.

ڪاپڙيءَ ڪالهه هٿ وڌائي چيو:
“ڪي سخائون عظيم ٿينديون هن”

ڪن عزيزن جي ڀيٽ ۾ ڪڏهن،
آشنايون عظيم ٿينديون هن.

قومي ڪاڄن ۾ قومي ورڪر جون،
ارپنائون عظيم ٿينديون هن.

من ميلاپن جي فاصلن جون ڪڏهن،
انتظاريون عظيم ٿينديون هن.

انقلابن جي سفر ۾ “تبسم”
آجپايون عظيم ٿينديون هن.

_____

1- ديوارون = چين جي ديوار ڏانهن اشارو، جا ٻوڏن کان بچاءُ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ وقت م کنئي وئي هئي ۽ جا دنيا جي ڊيگهه ويڪر ۾ وڏي ديوار آهي.

تنهنجي شهر جي ڳلين ۾، پنهنجي زندگي ٿو ڳولهيان

تنهنجي شهر جي ڳلين ۾، پنهنجي زندگي ٿو ڳولهيان،
تنهنجي عشق جي قصن ۾، پنهنجي عاشي ٿو ڳولهيان.

ووڙيان ٿو، وِرد ڪيان ٿو، تون سُڻين ٿي مان رَڙان ٿو،
تون ڪا شاعري پئي سمجهين، مان سچي پچي ٿو ڳولهيان.

سونهن، سَچَ، وفا جي پيچن، پاڳل ڪري پڇاڙيو،
سوچن جي مان دنگن تي، ديوانگي ٿو ڳولهيان.

جا عمر لئه اَرپبي هئي، جنهن ۾ جان آڇبي هئي،
جا نه جوڙي ٽوڙبي هئي، سا مان دوستي ٿو ڳولهيان.

سونهن ۾ واسو وٺڻ لئه، سٽ ڏئي بتي وسايم،
سرتيءَ کي چيم ڙي سرتي، مان اگربتي ٿو ڳولهيان.

لُونءَ لُونءَ کي لارَ هئي، جا تندُ تندُ تلاش ۾ هئي،
ڌڙڪن جي دِڪِدِڪَن ۾، سا مان نغمگي ٿو ڳولهيان.

سي جنون جي شدتن ۽ آداب جا زمانا،
اڄ ڀي انهن ڏينهن جي، آوارگي ٿو ڳولهيان.

منهنجو ھُو حسين ماضي، هُو منهنجا عظيم ورثا،
جي اوجهَل ويا اَثاثا، سي وري وري ٿو ڳولهيان.

در تي ڪڏهن مان گهرَ جي آڏو جبين جهڪائي،
تنهنجي چؤڪٺن تي دفنيل، پنهنجي بندگي ٿو ڳولهيان.

تون ته سنڌ آهين سرِتي! تون لَڄا جي مورتي آن،
تنهنجي اَوڍ ڪاڻ اَڇڻ، اجرڪُ لُنگي ٿو ڳولهيان.

آئيني کي چيم، ”آئينا ‘تبسم’ ۾ ڇا ٿو جاچين!،“
چيائين ”وهيءَ جي پوڙها، تو ۾ تازگي ٿو ڳولهيان.”

هي منهنجا زخم هِن جانان، هِنن کي مرهمون گهرجن

هي منهنجا زخم هِن جانان، هِنن کي مرهمون گهرجن،
خزائن جي ويرانين کي، گُلن جون سمون گهرجن.

اُجالن ڪاڻ ڄاڻان ٿو، مشعلون ممڪن ئي ڪونهن،
مگر جهيڻين بتين کي ڀي، ته ٽمڪڻ لئه وٽيون گهرجن.

هجومن سان هلي ماڻهو هجومن کان الڳ ڏسجي،
اهڙي هيڪانت ماڻڻ لئه، عمر جون رياضتون گهرجن.

ڪڏهن هن جي ٿُڏن ۾ تون ڪڏهن هو ليٿڙي تو وٽ،
زماني کي هلائڻ لاءِ هزارين حِرفتون گهرجي.

وڏن بنگلن جي بيهڪ کي ٻاهر جو ڏيک آ جيڏو،
اوڏيون ان جي مڪينن کي دلين جون وسعتون گهرجن.

دکن کي مسلسل ڀوڳي اداسيون ڪُڙجي پيون آهن،
غمن جي لاڳيتي ڪيفيت کي ٿوريون ساهيون گهرجن.

رَوين جي شرمساري اندر ۾ ئي رهي ڇا ٿيو،
ڪنهن غلطيءَ کي قبولڻ لئه، چپن جون حرڪتون گهرجن.

هاڻوڪين عاشقين وارا، عجب رَويا جُڙيا آهن،
انائون ڀي نه ڇڏجن ۽ نه ڪي رسوائيون گهرجن.

دنيا جي سرحدن تي باه ٻرندڙ جنگ جا سورج!
تون ٺرندين يا وسامڻ لاءِ اڃان توکي صديون گهرجن!؟

هي ڀؤنرن جو نگر آهي، سنڀالي کِڙندي ڪر مُکڙي،
هِنن نسلن کي خيچل لئه، شوداڻيون حرڪتون گهرجن.

هزارين خواهشيون جن لئه دعائون خود ٿيون ليلائن،
صرف منگتن کي جهولين جي جهلڻ جون ترڪيبون گهرجن.

هيڏانهن هي تانپورو ۽ هوڏانهن پيل هارمونيم آ،
سنجها جو وقت آ گائِڪَ، هنن کي آڱريون گهرجن.

ارسطوءَ يا پڪاسو جي اهل ڪا اهليت ڪانهي،
تاريخن ۾ جيئڻ لئه من، ماڻهوءَ کي منطقون گهرجن.

وفائن جون تقاضائون صرف سوڀون ناهن “تبسم”
امر ٿيندڙ ڪهاڻين کي پڄاڻيون درديليون گهرجن.

___________

1- تانپورو = تارن وارو ساز

بهار جي آجيان

اسانجين ڀتين تي وليون ويس پايون جولانن ۾ جهومي جمالا چون ٿيون،
خرامان خرامان ڪليون ڪيارين، مان بهاران بهاران ترانا چون ٿيون.

اُڏامي اُڏامي نچن واءُ جهوٽا، ٻَروٽا سرهاڻين کي پائن ڳراٽيون،
بولاٽيون کائينديون ڪِرن پربتن تان، نشيليون نديون گيت گانا چون ٿيون.

نوان نينهن نياپا پڳا نازنين کي، سراپا غزل جا حسين بند ٿي پئي،
ڪمهليون ڦيراٽيون ڏئي آرسيءَ تي، سَکيون ساڙ مان کيس ڇاڇا چون ٿيون.

چُنيون چيٽ تان سرڪي سرنهن جي، ڦڪن سبز فصلن جا گهونگهٽ، کڻن ٿيون،
حسين پنگهٽن تي ٽِلن آپسرائون “صدائن ۾ سهسين سنيها چون ٿيون”

خلائن جون اڏندڙ الهڙ دوشيزائون، هوائون به هن رُت ۾ ديوانيون ٿين ٿيون،
سُريتين جي ڊپ کان چڪورن کي چنبڙي، ٻکي چاندنيون کين جانان چون ٿيون.

پٽيهر جسم سان پريون پربتن تي سريون جن جي رخ تي جهلن جهومڪين کي،
وريتين جي مُکَ تي وُٺي جون هوائون، منڊا پائي مينڍن ۾ موراچون ٿيون.

نغارن جا سڀ تال جهپ تال ٿي پيا ۽ ناتال ڀانيون نظارا نچي پيا،
گلابن جي گِلمن تي جهنڪارون جهومن، فريبي گهڙيون ڪي فسانا چون ٿيون.

چئي ڏيو! چئي ڏيو چٽين چاندين کي ته ڌرتيءَ به پنهنجي گلابي بدن جي،
عنابي اُره تي بوهي مُڱَ اُپايا چنبيليون انهن کي مڱيندا چون ٿيون.

گُلابي ڪراين ۾ گَجرا سجايون، پرينءَ جي ڳليءَ ۾نچي، مُگرا پايون،
ڪا ناترِ نفيلون وڄائي ۽ ڳائي، سهيليون سندس ڪُڍَ وَراڻا چون ٿيون.

او “تبسم” ڪي اوٿر اُٿي پيا اُتر کان ليئاڪي پئي موسم پيهي ۽ پَتر کان،
ونين جي هٿن تي مُرادن جون مينديون، اميدون سُکائن جا سهرا چون ٿيون.
__________
1- سُريتين = بنا نڪاح جي مرد جي ويهاريل عورت

سُر راڻو

راڻا و راڻا تنهنجي پڄاڻان، ڪنول ڪل ئي ڪوماڻا وي،
ڪاڪ ڪنڌيءَ جا منظر ماڻا، آتڻ ڀي ته اجهاڻا وي.

جن جي پنڌ جا پيرا ليڪيون، جيرا جوش جلايان ٿي،
تن جي رندن تي ڦيرا پايون، سَنڌَ ٿيا ٿم ساڻا وي.

ڪاڪ نگر جي خاڪ اُڏايون، تاڪَ لڳايون وئين منهنجا،
سوڍا تو واريءَ سرداريءَ جا چلڻ ئي ها چوراڻا وي.

جوڀن جن لاءِ جالي ڪاٽيم، پيتم زهر اُداسين جو،
سي ئي ته سرتا سونپيون نڪتا، جند کي نيٺ جهوراڻا وي.

ڪو ته ڪمهلو ايندو نيندو، ماڳ تي پنهنجيءَ مومل کي،
سومل وارا سانگ سٽاڻا “تبسم” ڄاڻ اگهاڻا وي.

چئوسٽا

اڌرات ڪنهن وڇير جي ڪنڌ جو ٻڌل چڙو،
برسات جي ٽم ٽم ۾ گهڙامنجيءَ رکيل گهڙو،
ڪمري مان نڪري تن جي به ٻڌ راڳڻي ڪڏهن،
اي شخص پنهنجي خول ۾ بند ٿو رهين ڇڙو.

**

هن پڇيو ڪيترو پڙهيل آهين،
کيس ڊگري هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيم،
هن پڇيو ڪيترو ڪڙهيل آهين،
کيس سِگري هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيم.

**
ڪنهن ساز سُر، سواد، جو سؤنچو به سڻ ڪڏهن،
هر وقت هر ڪتاب ۾ مرثيا نه ڳولهه تون،
ممڪن آ، هو هجوم ڪا سرڪس يا ڄڃ هجي،
هر ميڙ، گوڙ ۾ رڳو مرتيا نه ڳولهه تون.

**

اڏامون اڃا ڀي چون ٿيون اڏامو،
مگر هي هوائون جهلن ٿيون ته هوريان،
مون کي شو قِ منزل ۽ طوفان کي مستي،
ٻئي زور ڏيون ٿا تون ڏسجانءِ زمانا.

**

لَهوءَ لَهوءَ ۾ ليٿڙيل ڪو سِجُ آرسيءَ لٿو،
ته ڪَر موڙي ڪيلاش کان ڪا سانجهَه مُرڪندي لٿي،
۽ ڪيف ۾ ذرو ذرو لڳو ته رقصُ پيو ڪري،
جڏهن جو جهانجهريون ٻَڌي، هوءَ نِرتڪي نِمي اٿي.

**

پوتڙي سان پهگر کي اگهندي لڳو ڀڻڪڻ مزور،
جائي مزو آ، جي ڪوئي جوٽي ٿو زندگي،
صافي کي پياڪ چئني ڪنڊن کان جهلي چيو،
بيشڪ نشو آ جي ڪوئي گهوٽي ٿو زندگي.

**

عيد تي ڪيڏارو ٿو بيٺو ڪرين،
يا وڄائين ٿو ڏياريءَ تي ڏَهر،
جي نٿو ڄاڻين مهل جي راڳڻي،
ڇو او مڱڻا ڇو کلائين ٿو شهر.

**

سونهن، ساوڪ جو مزو وٺجي مگر،
وَحشتون من جو ڦِٽائن ٿيون مزو،
ڪوئلين کي چئو نه ڪوڪن ايترو،
ڪُمهليون ڪُن جو ڦِٽائن ٿيون مزو.

**

مچي نه چاههُ ته آڙاهُه ڪهڙي ڪم جو پرين،
نه بڻجي آههَ اهو ساهُه ڪهڙي ڪم جو پرين،
اچين ته آئون ڪئلينڊر ڪٿي هڻي به ڇڏيان،
نه ته هي سالَ گهڙيون ، ماهُه ڪهڙي ڪم جو پرين.

**

مون کي ايئن ٿي لڳو رات چانڊوڪين،
تنهنجي چوٽيءَ چُڳن ۾ ٽُٻيون ٿي هنيون،
مان لُڇيس پئي ته ڪو گيتُ، وائي لکان،
پر سِٽُون تُنهنجي وارنَ ۾ وِچڙيون رهيون.

اڳينءَشاعريءَ مان ڪجهه چونڊ غزل

---

جنون، جوش جذبا جوالا ڪنداسين

جنون، جوش جذبا جوالا ڪنداسين،
ٻوٽيون ماس ٻاري مشعالا ڪنداسين،
رڳو پڪ پرين ڏي تون پنهنجي اچڻ جي،
اسان تي ڇڏي ڏي ته ڇا ڇا ڪنداسين.

تبسم

جيون تماشو آهي ۽ جوڀن تماشبين

جيون تماشو آهي ۽ جوڀن تماشبين،
پاڇولا عڪس يادون ۽ درپن تماشبين.

هيڏي وشال سمونڊ جي ڇولي ڇڏي وَئي،
ڪَپ تي ڪَکن ۽ رَيت جي مُٺ کن تماشبين.

تسين ٻه لڙڪ هجر جو نقشو چِٽي وَيا،
جيسين نظر جي ڪَرب کي سمجهن تماشبين.

اڄ رات خواهشن جا نه زندان کولجو،
ڪنهن قتل جي تلاش ۾ آهن تماشبين.

مان زندگيءَ جي گيت جو مقطع چيو پئي،
تاڙيون هُجومَ، هُوڪرا سڀ هن تماشبين.

تيسين نِھار جون ٻئي قنديليون ٻارجو،
جيسين خواب پيچرا هٿ ڪن تماشبين.

اوٿر کي چئجو! ايتريون يادون نه وائري،
“تَبسُمَ” جي تانگهه تي متان ٽهڪن تماشبين.

آرائين تنهنجا جهولَ، نياپا بهار جا

آرائين تنهنجا جهولَ، نياپا بهار جا،
ٻُر ٻُر ٻُرن ٿا ٻول، ترانا بهار جا.

موسم جي دَرَ دَرين کان مُگر مانُ ٿا ٻُجهن،
پهتا پَري کان رولَ. پيادا بهار جا.

روهيڙا سجَ اُهاءَ ۾، ڪُونڀٽَ ڪڪوريا،
گهونگهٽ ۾ مرڪ مول، نگينا بهار جا.

آڪاش جي ڪَٺار تي ڪتين جا قافلا،
تون جُهولِ چَنڊُ ڍول، هي جهولا بهار جا.

هن سونهن جي واکاڻ جا ماڻهن کان علاوه،
دَر دَر وجهي ويا ڦُول ضميما بهار جا.

برکا جي چوڪٺن تي بُوندن جون آهٽون،
رنگَ بُو ۾ پل رَتول، قرينا بهار جا.

ڌرتيءَ جي پالڪيءَ تي ڱجِرن سان گُل پريون،
نيڻن ۾ نينهن وَڙولَ، نشانا بهار جا.

موسم هوا جي ڪَڇَ تي کنيون تڇَ اچي لٿي،
لَڇ ساوڪن جا ميلَ، جهَميلا بهارجا.

سهسين حسين خوابَ ستارن جي سيجَ تي،
وينگس ڪا نئين نويلَ، وڇاڻا بهار جا.

چاهت جا ٽاڪا “تبسم” جوڀن جي آر َسان،
ٽاڪِن وَنين جا ٽولَ بهانا بهار جا.

_____

1- آرائين = مالهي
2- اهاءُ= روشني، سوجهرو
3- ڪڪوريا = رچي ڳاڙهو ٿيڻ،
4-ڪَٺار = ڪنارو،
5- ضميما = ڪنهن خاص موقعي لاءِ ڇاپو ڪرڻ،
6- ميل = مفاصلي جي ڳڻتپ، ميل ڪوهه.

سوچن جي سرحدن تي ليڪا ها اوپرا

سوچن جي سرحدن تي ليڪا ها اوپرا.
ساگر جي خاموشين ۾ سُڏڪا ها اوپرا.

هُن ڀي نه چيو،نه ڪي هِنَ، ٽاڪيو وڏي بٽڻ کي،
هو ٻئي اَنا جي دنگ تي، بيٺا ها اوپرا.

ڳاڙهين اڇين اکين مان، ناسي پئي نير ٽميا،
اڄ وسوسن جا هُن وٽ، اُجهڪا ها اوپرا.

هن چيو : “هو دير ورندو.”، هن چيو : “توهان جي مرضي“
هڪ ٻئي سان اڄ ٻنهن جا، لهجا ها اوپرا.

هو ويو ته در ڀيڪوڙي، ليٽي رَهي پڌر ۾،
گهر جي اُداسين جا، نقشا ها اوپرا.

هُوءَ داغ ساڻُ خود ڀي، ڄرڪِي پئي آگ ۾،
سڪ جي ڄرانين جا، سيڪا ها اوپرا.

جيئن هو اَويلو پهتو، هن نوٽ ڪيو ته هُن جي،
ٽاءِ بوٽ جي ڳنڍين، جا گهيرا ها اوپرا.

ٻئي چُپ هئا، ٻنهن پئي، ڇت کي رڳو نهاريو!
ڀر ۾ هئا مگر هو، ڪيڏا ها اوپرا.

ڪا دير کِڙڪي کولي، هُوءَ چنڊ ۾ کُپي وَئي،
پَن ڇَڻ ۾ چاندنيءَ جا، ريلا ها اوپرا.

هُوءَ سوچي سوچي “تبسم” گُم ٿي وئي خلا ۾،
جذبن جي وهڪرن جا، ويڇا ها اوپرا.

______________

1- داغ = ڀاڄي رڌڻ لاءِ سڀ کان اول گيهه ۽ بصر جي ڀڃڻ واري عمل کي داغ چئبو آهي.

ڪا دلفريب زندگي نظر ۾ پيهجي وئي،

ڪا دلفريب زندگي نظر ۾ پيهجي وئي،
هُوءَ ڪير هئي جا آئي، دل نگر ۾ پيهجي وئي.

جمال جوت سان جُڙيون هزارين پدمڻيون پريون،
لٿي جو هُوءَ جل پري اندر ۾ پيهجي ويئي.

هيءَ آرسي کڻو اڳيان، هٽايو ساريون روشنيون،
هوءَ عڪس، سوجهرا کڻي پَڌَر ۾ پيهجي وئي.

هي ڏامرن جا روڊ جن تي زندگيون رَوان دوان،
۽ عُمر جا ڪنهن بلب يا پٿر ۾ پيهجي وئي.

هميشه پنهنجي گهر ڇو مان، اچان ٿو ايڏي دير سن،
هوءَ سوچي سوچي اَڻ لَکي فڪر ۾ پيهجي وئي.

شاديءَ جي رات جو وَڳو ۽ جهَمڪيون ٽرئنڪ ۾ رکي،
صبح جو پنهنجي گهوٽ واري گهر ۾ پيهجي وئي.

ھيءَ گهر جي ڇت جا مينھن ۽ نہ سيءَ کي جهلي سگهي،
اُنھيءَ کي ھوُءَ تڪي تڪي پتر ۾ پيھجي وئي.

ڪاوڙجي ڌار ٿي سُتس ته هوءَ الائي ڪنهن مهل،
سُري پُري اُٿي وري به ڀر ۾ پيهجي وئي.

لڦن کي چُمندي چيم ته سخت آهي زندگي،
هُوءَ مُرڪي جنڊ جي نئين چڪر ۾ پيهجي وئي.

مهيني ٻن جي لاءِ “غفار” اُڌار ڇو نه ٿو وٺين،
مان کيس خار ۾ ڏٺو پگهَر ۾ پيهجي وئي.

اسان آڳر ۾ جيڪڏهن هوائن جي رکي رُخَ تي

اسان آڳر ۾ جيڪڏهن هوائن جي رکي رُخَ تي،
جلايون ميڻ بتيون ٿا ته ان ۾ ڏوهه ڪنهن جو آ.

خزائن ۾ گهُمون ٿا پيا سجائي خواب چيٽن جا،
ڪيريءَ ۾ ڦُولَ ڦوليون ٿا ته ان ۾ ڏوهه ڪنهن جو آ.

بيٺل آٻوڏ ٻارنَ ۾ مگر پوءِ ڀي اسان ماڻهو،
ڪو ٻُنگ ٻيجارو ڇٽيون ٿا ته ان ۾ ڏوهه ڪنهن جو آ.

وَسي پئي زور سان “تبسم“ ڪڏهن کان خُونَ جي بارش،
جي کِڙڪي پوءِ به کوليون ٿا ته ان ۾ ڏوهه ڪنهن جو آ.

مان سونهن جي سُرور جا خمارَ ٿو کنيون وتان

مان سونهن جي سُرور جا خمارَ ٿو کنيون وتان،
غماز، گهُنڊ، گهُورَ جا غُبار ٿو کنيون وتان.

هُڳاءُ هيرون ياد جون ۽ خواهشون ڇُهاءُ جون،
اٿاهَه، ڪيف آس جا قرار ٿو کنيون وتان.

ڪڏهن ڪو مَرڪَ جو مزو، ڪڏهن نِهار جو،
هينئين ۾ هيج حُسن جا هزار ٿو کنيون وتان.

وڇوڙي تي وسامجان ملين ته واءُ ٿي نچان،
هي تاڻ هو تراوتون، ٻئي تار ٿو کنيون وتان.

نه ٻُڌ تون دل جو دِڪدِڪو ڪناءِ ڌڙڪنون رُڳو،
مان ساهه ساهه ۾ سندءِ سنڀار ٿو کنيون وتان.

نه پُڇ تون نينهن جو نشو رڳو مزو آ زندگي،
جُنون، شوق، شاعري خرارَ ٿو کنيون وتان.

مفاصلن جون سرحدون نه قيد سِڪ ڪري سگهيون،
وڇوڙي مند جا مزا ملهار ٿو کنيون وتان.

نچن، مچن ٿيون ڇيريون ۽ راڳڻيون رچن پيون،
نوان نوان مان نينهن جا نکار ٿو کنيون وتان.

گُلاب، گيت، چاندين، ڪتين ۾ چاهه چيٽَ جا،
اکين ۾ عڪس سُونهن جا انبار ٿو کنيون وتان.

تون دلبريءَ ۾ مست، مان الست عاشقيءَ ۾،
تون راحتون جدا، مان ڪيف ڌار ٿو کنيون وتان.

“تبسم“ ڪا سُرڪ سار َ جي ۽ رُت ولين ڦلار جي،
هيءُ جند جهوليندي وتي بهار ٿو کنيون وتان.

چاهُه آهي ڪو چرچو ته ناهي پرين

چاهُه آهي ڪو چرچو ته ناهي پرين،
شعاع آهي ڪو شعلو ته ناهي پرين.

ڇو تو ڇوڙي ڇڏيون ڇيريون پير َمان،
ساز سهڪيو آ، سُڏڪيو ته ناهي پرين.

پيار پاڇو نه آ دَرَ، دريءَ بَلبَ جو،
تانگهه سياري جو تِڙڪو ته ناهي پرين.

سونهن جون ساعتون مَن ڳڻيندو نه ڪر،
مُحبتن جو ڪو ماپو ته ناهي پرين.

ٻانهن سان ٻارَ وانگر اُگهي ٿو ڇڏين،
هي ڪو بازاري بوسو ته ناهي پرين.

سِڪَ جو ڪاسو، ڪَپي بعضي لَپ ٿو ڏئين،
پيار ٻاجهر جو ٻورو ته ناهي پرين.

پيار خيرات وانگر تون ڏيندو نه ڪر،
دل ڪا جهولي يا ڪِستو ته ناهي پرين.

تون وسارڻ گهرين ۽ وساري ڇڏين،
عِشقُ آ راند رونئشو ته ناهي پرين!

هر ڪا ساڀيان محلُ ماڻي، ممڪن نه آ،
سڀ ڪو راجا جو سپنو ته ناهي پرين.

ها “تبسم“ جو ئي پر اٽل سمجهجانءِ،
هي ڪنهن ڀِت ڇِت جو پاڇو ته ناهي پرين.

نيرَ ٻُڪ ۾ اوهان جهليو ته مڃان

نيرَ ٻُڪ ۾ اوهان جهليو ته مڃان،
مَچ هٿن ۾ کڻي کلو ته مڃان.

نيڻ پڄريا پگهر پھاڙ ڏنا،
هاڙهه جهوٽا ڪندا هلو ته مَڃان.

دل جو ڌَڌِڪو لنوايو ٿا مَڃيم،
اک جو اوٿر مگر الو ته مڃان.

جيئن پِچي پَڄري ٽهڪ ڏيون ٿا اسان،
تيئن توهان ڀي ڪري ڏسو ته مڃان.

آڳ چڻنگن نه چوچڙين کي چئو،
جِندُ جوتون ڪري جَلو ته مڃان.

هٿ بتي، بلب يا ڏيئو ڇا ٿيو،
شوق شعلا ڪري ڇُلو ته مڃان.

هُونئن ته محبت گهڻو مزو آ مگر،
تاڻَ طوفان ۾ لهو ته مَڃان.

ڪاوا، ڪنڊا، تتا، تکا “تبسم”
مُرڪندا مهڪندا، ملو ته مڃان.

بند اکين ۾ روشني سُڏڪي

بند اکين ۾ روشني سُڏڪي،
تيز جهوٽن ۾ هَٿ بَتي سُڏڪي.

ڪنهن بتيلي جو جهمڪندڙ ڏيئو،
جيئن وسميو ته ڪا ڪتي سُڏڪي.

ڪنهن شڪاريءَ ڪٿي شڪار ڪيو،
بند مُٺ ۾ ڪا پوپٽي سڏڪي.

نائڪا جي نحيف پيرن ۾،
رات گهنگھرن جي بيوسي سُڏڪي.

در تان جهُوٽي هوا هلي به وَئي،
يادگيرين جي آرتي سُڏڪي.

هوءَ جواني جا ڪنهن جي ٿي نه سگهي!
تنهن جي ارٿيءَ مٿان ستي سُڏڪي.

ڪنهن نه ڄاتو ته ڪير هو “تبسم”!
هن پڄاڻان پئي دوستي سُڏڪي.

__________

1- ارٿيءَ = جنازي کي کڻڻ لاءِ ڪاٺيءَ جي ٺهيل ڪائي هندي لفظ.

مان خزائن جي فصل کي چيٽ افسانا ڏنا

مان خزائن جي فصل کي چيٽ افسانا ڏنا،
گهاوَ پوپٽ جان اڏاريم خواب اوجاڳا ڏنا.

عاشقيءَ جي خفت ۾ ساري عُمر جو بانڪپن،
ڪُجهه ڦُريو آوارگين ڪُجهه دوستن دوکا ڏنا.

چاهنائن جي سر ۾ محبتن جون خواهشون،
جيئن مان طلبيون، تيئين هُن فاصلا ٻيڻا ڏنا.

هن دُکن جون ساوڪون ازخود ته مَنَ ناهن ڦُٽيون،
دل مان بعضي اک مان، سوڪهڙن کي آواندا ڏنا.

قافلي سان گڏ رهي چٿرون ڪيم پئي واٽ تي،
قافلي کان ڌار ٿي ڪيڏا مان هرجاڻا ڏنا.

سوجهرن جي سرحدن تائين پُڳي رَٿَ رات جي،
گهات ۾ بيٺل اُجالن ٻاٽَ کي ڪُٽڪا ڏنا.

روز اک رُسندي رهي، پُڇندي رهي لُڇَ جو سبب!
مان ڪُڇان اُن کان اڳي سُڏڪن وٺي ڀڙڪا ڏنا.

موڪلائيندڙ صَديءَ کي الوداعي گيت ۾،
وحشتن، بُک، ماڻهپي دل کولي پاراتا ڏنا.

ڏورُ، هُو جو ڏور ڪو ٽانڊاڻو ٿو ٽِمڪيو وتي،
تاري واريءَ اَهل تنهن کي ڪيترا صدما ڏنا.

منزل جي چاهه ۾ رستا ڪڏهن ماپيا نه ها،
شوق پيو ٿڪجي ته پوءِ ڏيکاوَ تن ڪيڏا ڏنا.

ڪجهه ڦِڪا گُل، يادگيريون سال جي تَڇَ تي رکي،
هر جنم ڏِڻ تي اچي هُن ساڳيا ئي تحفا ڏنا.

توتائين پهچڻ جا جانان سهنجا سڀ گَس مگر!
تو الائي ڇو پُڄڻ جا ڏَسَ وَٺي اَهنجا ڏنا.

ڪنهن چيو رولاڪ ڪنهن “تبسم” ته ڪنهن رُسوا چيو،
حُسن جي حُسناڪين اعزاز ها ڇاڇا ڏنا.