[b]ڪائنات جي سڀني سچائين جي نانءِ
[/b]
لوڪ جا سينا، جڏهن آئينا ٿين ٿا پرين،
بغض ۽ ڪينا بدلجي نگينا ٿين ٿا پرين،
تڏهن حيات جا “تبسم” باقي بچيل سجدا.
جهڪڻ بنا ئي سمجهجن ادا ٿين ٿا پرين.
ڪجهه پنهنجي پاران: همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون
هيءَ مختصر حياتي جنهن ۾ هر نفس کي پنهنجو پنهنجو مقرر ٿيل حصو جيئڻو آهي ۽ منهنجي پنهنجي سوچ موجب ته ان مقرر ٿيل مدي ۾ سندس حصي جو ڪم به متعين ٿيل آهي، ماڻهوءَ کي ان مخصوص ٿيل عرصي دوران ڇا ڇا ڪرڻو آهي ۽ ڇاڇا هو ڪري چڪو آھي، عمر واري پهر جي وند ورڇ ۽ ڪاٽوءَ وارو ليکو، ان جو سيڪنڊن، منٽن، ڏينهن، مهينن ۽ سالن جو ڄم کان موت تائين جو وچور هڪ باشعور ۽ ذميوار فرد کي خوداحتسابيءَ جو بار بار احساس ڏياريندو رهي ٿو ۽ ان خود احتسابيءَ واري عمل کان سواءِ ماڻهوءَ جي زنده رهڻ جو ڪو ڪارج يا اهميت بظاهر نٿي نظر اچي. ائين ئي جنهن خوشبوءَ کان سواءِ گل، بنا روشنيءَ جي بلب يا بغير تصوير جي ٽيليويزن هجي، ڪائنات ۾ نيڪيءَ سان گڏ بدي به پنهنجي قوت جو اظهار ڀرپور نموني ڪندي آئي آهي، ڪند ي رهي ٿي ۽ اهي ٻئي قوتون پنهنجي ڀرپور سگهه سان حريف نفس تي حملي آور ٿينديون رهنديون . ماڻهوءَ جي مٽي ڳوهڻ وقت چوڻي آهي ته چڱائين واري چاڻي ۾ ڪو شيطاني قوت جو رت به رلي ملي ويو هو، جنهن ڪري انساني فطرت ۾ وحشت ۽ سفاڪيت به شامل رهندي اچي ٿي ۽ جنهن ڪري هن ڌرتيءَ تي هيڏا سار ڪلور ۽ هاڃا ڏينهون ڏينهن وحشتن جي نت نون اندازن سان سامهون ايندا رهن ٿا، هي اڄ جون وحشتون، بي رحميون هڪ حساس ۽ آدرشي ماڻهوءَ جي سهپ کان چڙهي ويون آهن، مڃجي ٿو ته تاريخ جا اڳيان صفحا هن اڄوڪن حادثن، المين، ڪلورن ۽ قيسن کان وڌيڪ ڀريا پيا آهن،انساني خود غرضيءَ جون روايتون اڄوڪين بي حسين کان ڪيئي حصا وڌيڪ تاريخ ۾ رقم ٿيل آهن. قبل مسيح ۽ پس مسيح جون خونريزيون اڄوڪن سانحن کان سؤڻيون وڌيڪ هونديون.
تاريخ ۾ جبر، ڏاڍ، ڏمر ۽ انساني تشدد جا انيڪ مثال رقم ٿيل آهن. هڪ ته فاتحن جو مفتوحن تي ظلم، وستيون، واهڻ، آباديون، لٽي تاراج ڪرڻ، شهنشاهن، تاريخي فزاقن هٿان لکين هزارين وسنديون، علمي ادبي ادارا، درسگاهون ساڙيون، لٽيون، ڦريون ۽ تهس نهس ڪيون ويون. مذهبن جي نالي تي به ڪروڙين قهر ٿيندا آيا آهن. انساني آہ زارين جون مذهبي تعصبن، استحصالن، انيائن ۽ خون خرابين خلاف ڪائنات جي ابتدا کان وٺي هيل تائين جون احتجاجي پڪارون، التجائون بي يارومددگارن جي بي وسيءَ وارن پڙاڏن جا ورلاپ هر دور جو حساس قلمڪار، چترڪار ۽ ڪلاڪار محسوس ڪندو ۽ رت رئندو آيو آهي ۽ ان اولا امرن جي ڏهڪائن خلاف پنهنجن پنهنجن لفظن جي اڻت، هنر، فڪر ۽ فهم سان اندر جي ڌڪار ۽ نفرت جا اظهار پڻ ڪندو آيو آهي. هتي مان اها ڳالهه بہ واضح ڪندو هلان ته فنڪار محض فنڪار ۽ قلمڪار صرف قلمڪار ئي هوندو آهي. وقت جو سچو فنڪار پنهنجي نرت، صدا ۽ برش واري ڪلا سان انهن نفرتن جو نماءُ، صرف انجمن ۽ عاليه وارري ڏانءَ سان نه پر موجودہ دور جي شيماڪرمانيءَ ۽ انيلا سُندر جهڙين سُندر نارين جي سُندرتائن واري روپ ۾ به ڪري سگهي ٿو. شيما ڪرمانيءَ جڏهن ڀٽائي رحه کان پوءِ سنڌي ٻولي جي نهايت جامع ۽ عظيم شاعر شيخ اياز سان 1992ع ڌاري سنڌي ادبي سنگت FTC بلڊنگ ۾ شاندار شام رچائي هئي ته دودي چنيسر واري شيخ اياز جي لکيل منظوم نظم تي جنهن نرتيه ڪلا سان تاريخي اوپيرا ۾ پنهنجي انڱ جي لوچ سان لُڇي انهن ڪڌن ۽ ڪروڌي ڪردارن کي ننگو ڪري وائکو ڪيو هو، اهو اڄ به منهنجي ڇا، پر سڀن حاضرين جي ذهنن تي نقش ٿيل هوندو. ساڳي ئي سال دبئيءَ ۾ انيلا سُندر جا، هندستان جي سنڌي سندر نرتڪا آهي. ان جي وڍيو فلم جاچيندي جڏهن پنهنجي سنڌي سماج ۽ سوسائٽيءَ ۾ مروج روادارين، وضعدارن، راج الوقت، رسمن ۽ مختلف ڏڻن ملهائڻ، هوائي جهازن واري دور کان اڳ واپار لاءِ وڻجارن جو ٻيڙن تي اسهڻ ۽ سندس واپس ورڻ جي آس ۾ سندن ونين جون درن ۾ ديدون وجهي ويهڻ، ڏياريءَ، دسهڙي، ناتال ۽ هوليءَ جون رنگين رنگ ڌارائون ۽ ان اڏامندڙ ڌارائن، پچڪارين ۽ چنري ۽ چوليءَ جو رنگ رنگ چٽجي پوڻ، ڏوڪلي، اسي موريءَ راند جا ٺينگ ٽپا، ڇيڄ شادمانا، هزارين هيج کنيون هيءَ ناري ان وڍيو ۾ ٽي ڪلاڪ پنهنجي شاندار پرفارمنس (اداڪاري) ڪندي رهي ۽ اهي ٽي ڪلاڪ ان “سنڌيت جي سرهاڻ” واري عنوان سان هن ڪيسٽ ۾ سنڌ جو هڪ زندھ دور سمايل هو. هن ۽ سندس سٿ، جنهن ۾ سندس ورُ به شامل هو، جو پنهنجي روشنين واري هنر سان اسٽيج جي پردي تي پاڻيءَ جون چلڪندڙ ڇوليون ڏيکاري رهيو هو، جنهن ۾ ٻيڙي جي اسهڻ ۽ ورڻ جا مڪمل تاثر ۽ پويان هڪ وڻجارن جي وڇوڙي جو گيت هوا ۾ ٻريو پئي، جنهن تي انيلا سومهڻين ۽ باکن جو بندر تي بيهي وڻجاري جي اوسيئڙي ۾ ان جي اچڻ واري آس کنيو تر ٻهاريندي نظر اچي رهي هئي. ته ڳالهه پئي ڪيم اهڙن وقتن جي سچن ساهتڪارن جي جيڪي پنهنجي رڳ رڳ ۾ سچايون ڀري جيئندا ۽ دنيا جي ڪج روش تي روز لڇندا مرندا رهن ٿا ۽ پنهنجي پنهنجي ارپيل ڏات سان ان سماجي قدرن جي پرچار ڪندا رهن ٿا، دنيا جي شهنشاهت ۽ اقتدار جي حوس ۾ حڪمرانن جي حڪمن هيٺ صرف رومي ۽ يوناني خدائن جي عتاب ۽ نافرمانين جي سزائن عيوض يا مذهبي اطاعتن جي بغاوت ۾ لکن ڪروڙن معصوم انسانن جو خون وهايو ويندو هو. 169 ق.م قبل مسيح ۾ هڪ يوناني شهنشاهه Antiochus “ اينٽئاڪس” جڏهن مصر کي فتح ڪرڻ ۾ ناڪام ويو ته هن يروشلم تي ڪاهه ڪري هزارن لکن يهودين کي هيڪل سليمانيءَ واري مندر ۾ قتل ڪري انهن جي خون جي ڦوهارن سان هيڪل سليمانيءَ جون ديوارون رنڱي ڇڏيون هيون. ان مذهبي نافرمانيءَ واري تشدد جي ڪارروائي بعد يهودي مذھب تي بندش مڙهي وئي هئي. ڪيترن جيئرن يهودين جي بدن جون هڏيون سوئرن کي کارايون ويون ته اهڙن تاريخي المناڪ ڪربلائن جي پس منظر ۾ اڄوڪي صديءَ جو شاعر يا قلمڪار جڏهن ورق اٿلائي ٿو ته ڄڻ انهن هڏين چٻاڙجڻ جا رڙڪا ۽ تن رومي محلن جي ڀتين تان ٽمندڙ انساني رت جا ريڳاڙا اڃا ۽ اڄ به پنهنجي دل، قلم يا ڪلڪ جي نب تان ڳڙندي محسوس ڪري ٿو. اهڙين ئي موجود عراق ۽ اتحادين، افغانستان، بوسنيا ۽ ويٽنام جنگين ۽ ماضيءَ جي ڪربناڪ ڪٿائن کي محسوس ڪندي منهنجو هن ڪتاب ۾ هڪ طويل نظم “دنيا جو نوحو” به شامل آهي، جنهن ۾ انهن تاريخي سانحن جي محسوسات سان گڏ هاڻوڪي انسان روزمرھ جي وارتائن جي بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم. غمن، خوشين، محرومين، خودڪشين جا الميا، لڳ لاڳاپا ڇڏي ڏور ويندڙن جون پنهنجن وارثن وٽ دردن جون ڇڏيل ڊپازٽون، تاحيات رهندڙ يادن جي خلش، الوداعيون، محبتون، وفائون، جفائون، ميل ميلاپ، وڇوڙا، ياريون، باشون، وقت پٽاندڙ بدلجندڙ محبتن جا قدر، ڌرتيءَ ۽ مٽيءَ جون مهڪارون، ان جي سرهاڻ جو هٻڪارون، مست نظارا، وشال سمونڊ تي سج ۽ چنڊ جرڪندڙ سونا روپا ڪرڻا، حسين ساروڻين جون شامون ۽ راتيون، ان يادگيرين ويلي ڪويل جون آڳ لڳائيندڙ ڪوڪون، ڪنهن پپيهي جي هنيانءُ وڍيندڙ هوا ۾ ٻرندڙ صدا، اهي سڀ ڪيفيتون توڻي جو دنيا جي هر شاعر جا موضوع رهيا آهن ۽ منهنجي پڄاڻان پوءِ به ساڳيون ئي رهنديون ۽ وقت جو قلمڪار انهن موضوعن کي کڻي ڪوتاگري پيو ڪندو رهندو پر فرق رڳو هر دل ۽ هر نظر جي اپٽار يا منظرنگاريءَ جو رهندو آهي.
هي ڪتاب سهيڙڻ مهل سوچيم ته هن ڪتاب ۾ ڪجهه اڳين ڪتابن جا غزل به شامل ڪيان ته جيئن منهنجي جملي غزلن جوڪجهه حصو سهيڙجي هڪ ڪتاب ۾ اچي. جيتوڻيڪ اڃا هن کان به ٻيڻا ٽيڻا ڇپيل ڪتابن جا غزل رهيل آهن. جي حياتيءَ ساٿ ڏنو ته ايندڙڪتابن ۾ شامل ڪندس. منهنجو ايندڙ ڪتاب نظمن جوهوندو، جنهن ۾ ساڳي ئي طرح هن ڪتاب وانگر نئين شاعري ۽ اڳين نظمن جي چونڊ وارو حصو شامل ڪندس. پر اهو سڀ ممڪن آهي هن عمر، هن پساهه جي باقي ھئڻ سان.
شاعر هجڻ ناتي اها آس اٿم ته جيسين جيئرو رهان هن ڌرتيءَ جي خوشحاليءَ، انساني اپ وستين جي سرگذشت جا گوناگون قصا، پيڙائن ۽ بي وفائين جا روڄ راڙا، وفائن جي لمحن جا گيت ڳائيندو رهان. ڇيڄن ۽ شغلن کي پسي من ايئن ئي ڇوليون ڇلندو رهي ۽ آئون پوئين پساهه تائين من جي مشاهدن سان اهو سڀ ڪجه سميٽي پنهنجي سٽن ۾ اوتيندو رهان ۽ اهو سڀ تڏهن ممڪن آهي جڏهن اوهان پنهنجي ڀاڪرن جي ڀرين ۾ سڀني سرجڻهارن کي ڀري ۽ ڀيچي رکندؤ ۽ تن سان گڏ مونسان به اوهان جو چاهه ساڳيو رهندو. استاد بخاريءَ چيو هو ته :
ڪيسوڦل جي ڊگهين قطارن جي شايد،
هيلوڪين بهارن جي ٻارين تي شايد.
حسين پوپٽن جون اڏارون نه ٿينديون،
چنبيلن تي ٻيهر سي شامون نه اينديون،
نه ڪي آڳرن ۾ ڪي رابيل کڙندا،
نه ڪيارين، ڪونڊين ۾ رتن، جوت ڦٽندي.
نه بصري ۽ بغداد جي سرحدن کي،
نه ڪو ڪنھن اَبهم ٻار جي هونگڙين کي،
صبوح جا سويرا ڀليڪار چوندا.
ربابن تي رقص ۽ رباعيون نه ڇڙنديون،
نه صحرا جي خيمن ۾ لڳندا جهميلا،
نه ڪونجون سنجهائن جو ورنديون وڻن ڏي،
نه اوچين کجين کان ستارا تڪيندا.
نه ونين کي پڄنديون وصل جون نويدون،
نه واريءَ کي چمندا ڪتين جا سنيها.
ڇو جو هيل ٻيهر ڪنهن ماريءَ جي مک تي،
انساني آزاديءَ جي بنيادي حق تي،
بمن، بارودن واري موسم وري آ.
ڪروزن ۽ اسڪڊ ميزائلن جي ڄَر سان،
وري ڪا زمين ٽامڻي ٿي ٻري آ.
وري ڪالهه وانگي صفا مروہ وچ ۾،
حياتيون،جياپو، تلاشڻ ڊڪن ٿيون.
وري بيوسيون ڪي، ڪرشما ٿيون چاهن،
نيون بيحسيون ڪربلائون گهرن ٿيون.
او آقا جهانن کي الفت کپي ٿي.
خليجي بازارن ۾ قتلامَ آهن،
ڪيڏا ڪارِزارن ۾ ڪهرام آهن.
لهوءَ ليٿڙيل لاش ٽينڪن ۾ چٿجي،
ضميرن کي ٺوڪي لپاٽون هڻن ٿا،
وڏي واڪ دنيا تي ٿُوڪي چون ٿا.
ڪيسوڦل جي ڊگهين قطارن تي شايد،
هيلوڪين بهارن جي ٻارين تي شايد،
حسين پوپٽن جون اڏارون نه ٿينديون،
چنبيلين تي ٻيهر ڪي شامون نه اينديون.
______
[b]1. هونگڙين = ننڍڙي جا آواز، 2. ڪارِزارن = جنگ جو ميدان[/b]
(عراق ۽ اتحادين آمريڪا، برطانيہ، اسپين ۽ آسٽريليا جي جنگ جي پسمنظر ۾ 2 اپريل 2003ع تي لکيل)
منهنجي جسم واري مٽيءَ جي حصي کي،
تنهنجا ٿورا، جو ڪُن ۽ فَيَڪُونَ ويلي،
پنهنجي وارثي ڏئي تو پنهنجو بڻايو،
نه ڄاڻان نه ڄاڻان تو ڪيڏن جُڳن کان،
منهنجو خاڪي چاڻو تَهن ۾ لڪايو،
منهنجي ڏات ۽ ذات جو تاڃي پيٽو،
آلولين، اُداسين ۽ لوچن جو کيٽو،
چٽين چانڊوڪين، باک، بلبن جون جوتون،
حياتيءَ جي حسناڪين واريون سوچون،
وڇوڙي جا نوحا وصل جا جمالا،
غلاميءَ غريبيءَ جا پٽڪا، پاڄارا،
تاسارن چپن ڪاڻ، سنڌوءَ جي ڌارا،
بکئي پيٽ لئه سنگ، ڪڻڪن جا ٻارا،
منهنجي ڀاڱي ورا بچائي رکيا ها،
صدين کان تو مون لئه سنڀاري رکيا ها،
”تبسم“ جي مٽيءَ پنوڙي تي ڌرتي،
سندس جسم جي هر ذري تي او ڌرتي،
مڃيان ٿو ته اڻ کٽ اڪيچار ٿورا،
مگر تنهنجو تنهن کان اُتم ٿورو آ جو،
منهنجين ڌڙڪنن، دل جي هر دڪدڪي جو،
جياپي، جنون جي سڄي فلسفي جو،
سڄي نيڪ ناميءَ ۽ شهرت جو مرڪز،
غزل، گيت، وائيءَ، هائيڪي جو محور،
سدا سبز گوشي جي سهڻيءَ گهٽيءَ تي،
تنهنجي پاڪ پوترتا واريءَ مٽيءَ تي،
او ڌرتي! جيڪا سونهن سرتي رهي ٿي،
سا سر تي ته منهنجي سڄي شاعريءَ ۾،
سندرتا جون سهسين رنگينيون ڀري ٿي،
وڄن جان وراڪن ۾ گونجون گجي ٿي،
پري کان پُڄي پاس گم ٿي وڃي ٿي،
صبوح شام سوچن ۾ لهرون لڙهي ٿي،
شفق ۾ لهي چاندنين ۾ کِڙي ٿي،
وڙهي ٿي رُسي ٿي، رُسي روئي پئي ٿي،
وڏي ڳالهه منهنجين ڳراٽين وجهڻ تي،
وري ساڳيو مون ساڻ پرچي پوي ٿي،
سِٽن ۾ سڀيتا جون سُرڪيون ڀري ٿي،
تنهنجين سانورين سانجهين ۾ او ڌرتي،
مِٺين منچَلين موسمن ۾ او ڌرتي،
هُڳائن سان پنهنجي حسين بُت کي مهٽي،
سڳنڌن سان وهنجي سُرهاڻيون سجائي،
سنڌوءَ ڀر تي گهاٽا ڊگها وار ڇوڙيون،
گجر، هُرمچي تي نوان ويس پهريون،
ڪَڪوريل انگن کي اُجاريون، هلي ٿي،
چُنيءَ کي ڏندن ۾ چڪي جو تڪي ٿي،
پٽيهر پيرن ۾ جو پايل ٻَڌي ٿي،
۽ توتي جڏهن ڊيل وانگر ٽِلي ٿي،
تڏهن منهنجي اندر جي پاتال ۾ تون،
او ڌرتي! ويتر پختيون پاڙون هڻين ٿي،
تون ادراڪ ۽ احترامن جون زيادھ،
اڃان زور سان مون ۾ ميخون جَڙين ٿي،
تنهن بعد ئي تصوف جا ورد ۽ وظيفا،
مٽيءَ سان ماڻهوءَ جي سنٻنڌ جا سرشتا،
چمين، چاھ، چُسڪين ڳراٽين جا ڪشتا،
نباتن، پتاشن ڳنڍيرين جا ڳُٽڪا،
انوکين ادائن، اشارن جا چُٽڪا،
او منهنجي مٺي سنڌ تون ٿي پوپن ٿي،
جيڏل تيئن جند ساڻ جڙجي پوين ٿي،
تون ايڏا جو اُتساهه آڇيون اچين ٿي،
پساهن سان گڏ پيار پاٻوهه ڏين ٿي،
تڏهن مان ته پنهنجي سڄي شاعريءَ ۾،
پنهنجي آپ بيتيءَ واريءَ ڊائريءَ ۾،
ڳائيندو وڄائيندو لکندو وتان ٿو،
او ڌرتي مان تنهنجي رَخَتِ ڏيندي ڏيندي،
رهندو تنهنجو قرضي مان ٿيندو وڃان ٿو.
______
[i]1. خوبصورتين = حسناڪين 2. اوائلي ڀرت جو نمونو = هُرمچي
[/i]
دنيا جو نوحو
همسفر ھل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون،
ڪي ڳڀا نان، ته ڪي گهر جون ديوارون ٿا ڪيون.
آس جي تاس ۾ جنمن کان اڃايل ماڻهو،
روز دردن جا بيابان لتاڙيندو رهيو،
ڪيترا چنڊ اُلھيا، ڪيترا سورج اُڀريا،
وقت، ڪتين ۽ ستارن کي ڊڪائيندو رهيو،
ڪيتريون موسمون بدليون، ڪيڏيون تهذيبون مٽيون،
درد پوءِ ڀي نه گهٽيو، پوءِ ڀي اداسيون نه کُٽيون،
روم، يونان، مصر، قيصر و ڪسريٰ جا محل،
ڪوھ قافن جون پريون، ديوَ، خزانا دفنيل،
تاج، تختن ۽ طلسمن جون فريبي ڳالهيون،
ريشمي ويس، اُچا طعام، پوشاڪيل ٿالهيون،
ڪا، لٽي ليڙ، ننگي انگ کي اوڍي نه سگهيون،
ڪنهن بکئي پيٽ کي ويلي تي ڳڀو ڏئي نه سگهيون،
تون ۽ مان تن جون ڇو جانان پو پچارون ٿا ڪيون،
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.
مفلسين وارو سڄو سارو سرابن جو سفر،
غربتون جن کي نه فاقن نه بيمارين جو ثمر،
ڪو جياپي جو حُسن، آس نه اُتساهه سُجهي،
ڪمترين ۾ يا غلامين ۾ عمر ڪٽبي رهي،
نامرادين جو تسلسل نه ڪوئي زور ٽٽي،
بيوسيون پَهَڻَ بدَن ميڻ جان پگھرائي وجهن،
جن جوانين کي اداسيون صفا ڇيڙائي ڇڏن،
ڪاوڙين ۾ سي پنهنجا ڳاٽ رَسين تي چاڙهن،
سرد لاشن کي چمي، مائرون موڙون جو ٻڌن،
اهڙن المين ۾ ڪچا ذهن ڪلاٽيون کائن،
غم جي اوٿر ۾ نه منصف نه مسيحا کي مڃن،
باغي ويساهه چَونِ ڪنهن کي ڪوڪارون ٿا ڪيون،
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.
درد دولاب، ڏکن بعضي دلاسن جون ڀريون،
موسمن، ميل ميلاپن ۽ مرادن جون خوشيون،
مست جوڀن جا اکين منجهه سجيل تاج محل،
دلبريون، دوستيون، ديوانگيون، شادين جا شغل،
اوچتو درد جي ڦيٿي ۾ وچڙجي ٿا پون،
عشق اِدراڪ ۽ غم پيٽ جا گڏجي ٿا پون،
عارضي ڪيف تڏهن طيش ۾ سگريٽ ڀري،
موت مادن کي سِرنجن يا پائيپن ۾ جهلي،
بند ڪمري جي ويرانين جا حصا ٿي ٿا پون،
پنهنجي جگرن جون دوائون نه دعائون ماڻن،
رخصتين واريون رباعيون نه وداعيون ماڻن،
اهڙن دردن جون اسان دل ۾ مزارون ٿا ڪيون.
همسفر هل ته هلي چنڊ جو ڦارون ٿا ڪيون.
هي سياست جا سرشتا منافقن جا گروهه،
خان، سلطان، رئيس ۽ نوابن جا انبوهه،
پنهنجين عزتن کي اُتاهان، اُچا خطاب ڏئي،
پنهنجي نطفن کي اعليٰ نسل جا القاب ڏئي،
باگڙين، ڪولهين، جوڳين ۽ جماندارن کي،
ڪڙمي، ڪمدار، آڏن، نوڪرن ۽ راڄن کي،
قسمتن بدلجڻ جون ڪوڙيون آٿتون ڏيئي،
شودرن واريون فيصلن ۾ تهمتون ڏيئي،
ڪن حوازادين جا انگ اُڍيڙيندا رهيا،
هي ڪُتا، ڪا نه ڪا مختياران اُگهاڙيندا رهيا،
ڪن جي مجبورين کي مفلسين جي آرين ۾،
بک جي ڪارائين دردن جي مُڏن ڪرٽن ۾،
چيري ڦاڙي وڍي ٽُڪرن ۾ ڪپي ڀور ڪري،
هڙ جياپي جا وسيلا بنه ڪمزور ڪري،
کانئن ورڪر يا نعريباز جي ونگار وٺن،
اُچي منصب تي پڄي آسرن جا عرصا ڏئي،
سندن عمريون پنهنجي اڳ پوءِ ۾ خرچيندا وتن،
اهڙي مڪار منش تي ملامتون ٿا ڪيون.
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.
ڪنهن به سقراط ڀٽائيءَ نه ڪو برٽينڊرسل،
ٽالسٽاءِ، مارڪس نه لينن نه ونسٽن چرچل،
ڪنهن به رجنيش، مهاوير، گروءَ گوتم کان،
۽ نه ارتقا جي محرڪ عظيم آدم کان،
آڊيسن، مثنوين، چچ نامي شاهنامن کان،
آسمانن جي مقدس الهامي نياپن کان
پنڊتن، پاٺڪن، لوڪن نه راڄ ڌانين کان،
نظرين ۽ نه ڪو مذهب جي فلاسافين کان،
مسجدن، مندرن، چرچن جي چؤديوارن ۾،
سنت، صوفين نه سنياسن جي آستانن ۾،
ڪنهن به آشرم ۾ هي ڪم ذات مطمئن نه رهيو،
نفس بي نفس پنھنجي سوچ ۾ بي چين رھيو،
ڪن پڇاڻن لئه پاتالن ۾ پڪارون ٿا ڪيون،
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.
مذهبن، فرقه بندين، نسل پرستين جا عمل،
ڏوهه ڏهڪاءُ، جي دنيا ۾ آنيائن جا شغل،
مڪتبن، مدرسن، واعظن جي بارگاهن ۾،
رهبرن، مرشدن، راهبن جي خانقاهن ۾،
عدل جي ڪٽهڙي، ڪورٽن ۾ ڪُل ني ٿاڻن ۾،
مجلسن، ادبي نشستن، ڀرين بازارن ۾،
جرم، جنسيات ۽ طبقاتي موضوعن کانسواءِ،
ڪي به اخلاق نه ادراڪ جا افڪار رهيا،
گفتگوئن جا سليقا نه ئي معيار رهيا.
ايشور، الله ۽ پرڀوءَ جي پريچائن کي،
عيدگاهن يا نمازن جي هڙني خطبن کي،
مطلبي مقصدن سان مادي ترجمانيون ڪري،
شرح، تفسير، حديشن جون پٺڀرايون ڏئي،
اُولاامرن جي حوالن سان منحرف ڪوٺي،
فاسقن، آمرن، فسطائين جي ٽولي هٿان،
مور ماڻهن کي هو، مذڪور مِٽائيندا رهيا،
تيل ڪڻڇين يا ڪہ گهاڻن ۾ پيڙائيندا رهيا،
کوڙ سقطراط ۽ منصور مارائيندا رهيا،
اهڙن عملن جون اسان دل سان ڌڪارون ٿا ڪيون.
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.
ڪيتريون عشق ڪهاڻيون ڪتابي ورقن تي،
ڪي رقم ٿيون ته ڪي راوين وٽان رهجي به ويون،
وارتائون، جي اِدارن نه رسالن ۾ ڇپيون،
دوستيون جن کي ڪي پوريون نه پذيرايون مليون،
موقعي مهلن جا ڊگها عرصا انتظار ڪندي،
سنگسارين ۽ سزائن جي وَر چڙهي به ويون،
خنجرن، تيز ڦرن، گولين تيزابن سان،
ڪيترا اُجرا جسم ڪارا ڪري ماريا ويا،
لاش جن جا نه تڏا ۽ نه عذر خواهيون ڪجن،
فاتحائن نه ڪو ڪفنن جون پريشانيون ڪڍن،
ڪيڏارن، مرثين، آهُن نه ڪو اوسارن ۾،
وصل، ورچڻ نه وڇوڙن جي ڪن ترانن ۾،
آڊ، يا لانگ پلي اوپيرا نه ٿيٽر ۾،
عالمي حقن جي خبرن نه پڌرنامن ۾،
کوڙ المين جو نه چرچو نه ڪو پڙلاءُ رهيو،
جن وفائن جو ڪنهن جاءِ نه ورجاءُ رهيو،
تن سچائين جون سڄي عمر سنڀارون ٿا ڪيون.
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.
هارپي واري حياتيءَ جي المناڪ ڪٿا،
بدنصيبين ۽ بکن وارا ڪربناڪ قصا،
هڪ پنهنجي کيت ٻيو حالات کي سانَهر ڏيندي،
عمر سنوتن جي سودائن ۾ گذاريندو رهي،
سک جو ڳولائو اميدن جي ڊگهين ٻارين ۾،
خودفريبين جا زمينن ۾ ٻيجارا پوکي،
پوءِ پارن ۾ آواندن کي واهوندي جو اٿي،
ڳنڍَ ڏيندو ته ڪڏهن ڳنڍَ ورائيندو وتي،
پيهي تي ليٽندي گرمين جي رجيل راتين ۾،
باک جا شعاع بعضي پنهنجا پڪل کيت ڏسي،
جهار هڪليندي پريان ايندي جي آهٽ کي ٻڌي،
ٽِڪَ ٻڌي ٽمڪندڙ تارن جي قطارن کي ڳڻي،
ڌيءَ جي ڏاجي ته ڪڏهن ليپي جي لاڳت جوڙي،
وک کي وائريندي ڊگهيون آسون اڏاريندو رهي،
ديري جي واهتن کڻتن جا انتظار ڪٽي،
نيٺ بٽئيءَ ۾ اڳئينءَ رهت جا وياج ڏئي،
هيلوڪي ڀاڻ ۽ ٻج واري رخت ساڻ کنيون،
خالي ٻاچڪن ۾ سڃائين کي وجهي روئي چوي،
سُکين پهرن جو سَڌون پاڻ اجايون ٿا ڪيون،
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.
ڪاپڙين، ڪوھه ڪشالن ۽ سنياسن جا سفر،
هنگلاجن جي لَڪن، پاهڻن، پنڌن جون پِٿون،
جوڳين جي ساز سرودن، ڏُٿن، ڏهاڳن جون،
ڪينرن، ناد، نفيلن، دفن، دمامن جون،
ڀالوا واريون ڀِٽون، ساڏوهين جون ساروڻيون،
جوڳ، ويراڳ، وڇوڙي، وطن جا اوسارا،
بروي، رپ، رامڪليءَ، يمن آسا، راڻي جا،
سسئيءَ، سهڻيءَ، سورٺ، ليلا، سُر حسينيءَ جا،
ڪاپائتي، ڪيڏاري، ڪاموڏ، ڪارايل جا قصا،
ڪربلا جهيڙيندي آلِ رسول جو قضيو،
ميگهه ملهار، تتر، تاڙي، ابر آگم جون،
هِير، هٻڪار، وڳر، ويس، سُک، سانباهن جون،
ماڻڪن، سمنڊ سيواڪن، کائر جون خوشحاليون،
اوسيئڙن، بندرن، وڻجن ۽ واپارن جا ذڪر،
ساري عالم سميت، سنڌ سڪاريءَ جا فڪر،
ڀٽ ڌڻي تنهنجي کاهوڙين جون کيڪارون ٿا ڪيون.
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿاڪيون.
هي سيه فارم نسل وارا مٽيءَ جا پُتلا،
منڊيلا، مارٽن لوٿر، يا غزنوين جا اياز،
دل ۾ بي لوث وفادارين جا کوڙ کنيون،
نسل در نسل غلامين وارا پنجوڙ کنيون،
حڪمرانن جي ڪُڌن سياهه ڪارنامن کي،
بادشاهت جي غرورن ۾ ڪيل گناهن کي،
جانشينن جا جرم، شوق شاهزادين جا،
شاھي محلن جي ڪنيزن يا حرم خانن جا،
نيرين روشنائين بعضي بلوط پاڇن جا،
ڪي سچا عشق ته ڪي داستان عياشين جا،
پنهنجي سينن ۾ کنيون پنهنجي زبانن کي سبيون،
ڪنهن مؤرخ نه فاتح جي دٻدٻن کان ڊنا،
مسعود ، محمود، قصوريءَ جهڙا باڪو نه بڻيا،
حبشين جهڙيون اسان ڪاٿي سچائيون ٿا ڪريون.
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.
بعضي اونداهه بعضي ضوفشان اُجالن مان،
احتسابن جي زوالن ڪڏهن عروجن مان،
فاتحن، جابرن تاريخي قزاقن جي هٿان،
ڪڏهن شڪست ڪڏهن جيت ڏياريندي رهي،
جيئري دفنايون، ڪنهن کي ماريون جياريندي رهي،
هيءَ مٽي ڇا ڇا عجب رنگ ڏيکاريندي رهي،
زلزلن، آتشي جبلن جي زهري مادن سان،
سيلابي وهڪرن، دريا جي رخ مٽائڻ سان،
روز تهذيبون جوڙي روز مٽائيندي رهي،
وقت جي لاهين چاڙهين مان اُڪاريندي رهي،
هي مٽي ڇا ڇا عجب رنگ ڏيکاريندي رهي،
برپٽن، باغيچن گهاٽين ڇڊِين آبادين جا،
نرم، مضبوط ڪرئہ ارض جي وجودن جا،
ڪِولين، هاٿين، پتڻن، وڻن، پهاڙن جا،
ڪڏهن اُکوڙيون ڪڏهن پير کُپائيندي رهي،
پيٽ ڄاون کي جنم ڏيندي اُجاڙيندي رهي،
پنهنجي وارثن کان ڪئي امتحان وٺندي رهي،
هيءَ مِٽي رنگ ڪڏهن ڍنگ ڏيکاريندي رهي،
ڪي دڙا ورثا ڪري قومي تحفظن ۾ ڏيون،
ميوزمن وارا خفا نسل جي ذمي سونپيون،
بانورجي اسٽويا جي آس پاس ليٽي رهي،
کيس ڇا پهر ته ورثن کي سنڀاليندي اسين،
هن عجوبن جي افاديت کي ڌڪاريندي اسين،
سندس صدين جا يادگار ڀوري خاڪ ڪري،
سمگلرن سان نواردات جا واپار ڪري،
سوداگرين جي هوس ۾ وفائون عاق ڪري،
قومي ڪردار جون پئسن جي لالچن ۾ اچي،
مجرمن وانگي اسين روز لتاڙون ٿا ڪيون،
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.
گونگي پولار جي سيني ۾ صدين جون چيخون،
آٿتن وارا ڪفن پايون دفن ٿينديون رهيون،
رومين، تاتارين، چنگيزي جشن گاهن جا،
نازين، توڙي فرنگين جي قيدي ڪيمپن جا،
خوني شينهن جي ڳياڙين مِرُن جي پيٽن مان،
ڳاڙهين آنڌين، ڪاري پاڻيءَ جي انڌين وادين مان،
روز مجبور غلامن جا گذر ٿيندا رهيا،
بي گناهن جون لهوءَ منجهه لوواڙيل ٻوٽيون،
بنديخانن جي ديوارن تي ريڳاڙيل ٻوٽيون،
سرخ ماسن جا ٽُڪر قاتلن جا داغ کنيون،
ڦرڪندڙ عضوا سفاڪيت وارا سُراغ کنيون،
”و انحن اقرب“ واعدن جي انتظاريءَ ۾،
قالو بليٰ واري قولن جي پاسداريءَ ۾،
پنهنجي ”تذليل“ جا اسباب پڇائيندا رهيا،
روئي خالق کي چَون ڪهڙيون خطائون ٿا ڪيون!؟
همسفر هل ته هلي چنڊ جون ڦارون ٿا ڪيون.
اولمپڪ، آسڪر، تفريح واريون تقريبون،
سونهن سرسين جا جهميلا حسين نارين جا جسم،
عيد، ميڙن يا دسهڙن جا دُهل دمباها،
موسمن بدلجڻ، ڪِن صحتيابين جون خوشيون،
راکين جي ٻڌڻ يا سفرن جي اُسهڻ جا ضامن،
هولين جون رونقون، رنگن جون ڌنڪ ڌارائون،
ڏوڪلي راند، ڏِڻن، ڏياٽين، ڏيارين جا جشن،
شادين، طوهرن جون ٻُڪيون، جهمريون ڇيڄ شرنايون،
جنم موقعن يا عقيقن جون عجب آسيسون،
ويلنٽائين ڏهاڙن جا وچن ورجاڻيون،
سرڪن، ڪارنيوالن ۽ چوڏيلن جا مزا،
سال جي آخري سورج جي الوداعي رسم،
يارين باشين جي گشن، ڊاڙ ڊُشن جا ميلا،
چنڊ راتين جون چوياريون ۽ دوستين جا نشا،
او وَيل ويل ! تنهنجيون روز تنوارون ٿا ڪيون،
همسفر هل ته هلي چنڊ جو ڦارون ٿا ڪيون.
ڪي ڳڀا نان ته ڪي گهر جون ديوارون ٿا ڪيون!
__________
1. اُلهيا = لهي ويا، غروب ٿي ويا.
2. مختياران = پنجاب جي ڳوٺ جو قصو، جنهن ۾ وڏيري نجي فيصلو ڪري مختياران بيبيءَ سان زنا ڪرڻ جو......... ماڻهن کي حق ڏنو ۽ پاڻ به سرعام عزت لٽي، مختياران جي ڀاءُ جو ڏوهه اهو هيو جو هو وڏيري چواڻيءَ ته شودر ۽ ڪم ذات هيو ۽ سندس ڀيڻ سان عشق ڪندو هو.
3. منش = ماڻهو
4. آشرم = مذهبي عبادت جي جاءِ
5. اوسارن = روئڻ ۾ پار ڪڍڻ
6. ورچڻ = ڪڪ ٿيڻ، خفي ٿيڻ
7. (ڪينرن،ناد ،نيفلن، دفن، دمامن) = سازن جا قسم
8. کائر = ٿر جو حصو
9.قصوريءَ= ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي ڪيس جو اهم شايد ۽ ساڳئي ئي ڪيس جو مکيه سرڪاري وڪيل.
10. قزاقن= ڦورو
11. و انحن اقرب = قرآن شريف جي آيت جنهن ۾ پروردگار جو ساهه کان ويجهو هئڻ جو ذڪرآهي.
سفيرانِ حرام (اردو)
اب ڪي تم هم س بچهڙ ڪر جو چلي جائو گي،
اي سفيران حرم يا، بهت آئو گي
ڪن اذيتون سي گذر ڪر هم تقريب وداع،
آپ لوگون سي بڇهڙني ڪي سجاپائي هي،
ڪيسي بتائين ڪي هم ڪتني عزر لي دي ڪر،
اپني اس ضبط ڪو بهلا ڪي ادهر لائي هي،
هان گر درد گران جب بهي تلملايا تو،
اي سفيرانِ حرم ياد بهت آئوگي.
پوه ڪا چاند جهازون ڪي نڊر جسمون پر،
اب ڪي بهي ويسا هي ڪجهه هوشربا اتريگا،
گيليون مين کهڙي لوگون ڪي سسکيون ڪا سمان،
چاند ڪو اب ڪي بهي گرهن سي لڪا جائيگا،
ان بلکتي هوئي آنکهون کي الودائي مين،
اي سفيرانِ حرم ياد بهت آئو گي.
تم ڪو اندوه وفا ڪوئي جلا دي ڪي نه دي،
آبله پاڪسي منزل ڪا پته دي ڪي نه دي،
يه مگر ملي هي ڪي اس صحرانوردي مين تجهي،
تيري ارباب وفا تيري رفيقون ڪي هجوم،
ياس کي طشت لئي دشت اتر بولين گي،
اي سفيرانِ حرم ياد بهت آئو گي.
اب ڪي تم هم سي بڇهڙ ڪر جو چلي جائو گي،
اي سفيرانِ حرم ياد بهت آئو گي.
جن دريچون په ستارون ڪو جلايا تم ني،
ڪهر ڪي دهندلڪون مين چاند دکهايا تم ني،
تيري يادون ڪي نگارش تيري باتون کي فسون،
اس پري خاني مين تعظيم محبت ڪي شگون،
تيرا هم نام ليئي پهر بهي منائين گي مگر،
اي سفيرانِ حرم ياد بهت آئو گي.
هم ابهي فرط رفاقت سي حزين بهي نه هوي،
که مه و سال سي، لمحون ڪي نزع آ پهچي،
گومگو مين هي کهڙي تهي ڪه اپني اهل سفر،
حيرت و ياس ڪي پر چهائيون مين چهوڙ چلي،
هم جو مبهوت ڪهڙي رفتگان ڪو ڪهتي رهي،
اي سفيرانِ حرم ياد بهت آئو گي.
[b]اپني پي آئي اي ڪي ڪجهه دوستون ڪي الوداعي تقريب ڪي موقعي پر پڙهي گئي ڪجهه اشعار.
[/b]
بهٽڪي نيڪ روح اردو
شب گزر جائي گي آئو گي تو ڪيا پائو گي،
بام و بالين په تب تڪ نه چراغان هونگي.
نه ڪسي پاس ڪي تاري نه قمقمي هونگي،
نه ڪهنه شهر ڪي گليون مين زندگي هوگي.
بدنصيب آنگنون ڪا بي در و ديوار وطن،
جن مين ڪجهه باقي اقربا عزيز لاشون ڪي،
هاتهون پائون ڪو سميٽي سڪ رهي هونگي،
يا ڪسي بلي تلي آخري سي سانس لئي،
کتني معصوم تتليان تنون سي لپٽي هوئي،
B-52 ڪي بارودون جنگي جهازون ڪي،
گهن گرج مين هي گهٽي چيخين مرگئي هونگي،
اينٽ سي اينٽ بجادي گئي فصيلون پر،
زرد، ويران جلي دشت اور پهاڙون پر،
هيمنت ڪي چاند ڪي معدوم منقسم سائي،
لهولهان سي گليان مين ابلتي دهوپين،
اور يه پهترائي هوئي انکهين، هوائين، موسم،
جنڪي سرهاني مين عمر بتادي جانان.
ڪتني جنمون سي تيري لمس ڪي تاني بن ڪر،
عشق، ادراڪ، وفا، فهم ڪي فريضي لئي،
پارسائون ڪي دهرم شالون، خانقاهون سي،
شهنشاهون ڪي حرم خانون عيش گاهون سي،
تو هم پرست تنزل نثراد قومون سي،
ننگي روحون ڪي نوالون سي تن ڇپاتي رهي،
ان گنت صديون سي اب تک ڪي ريگزارون مين،
تيري سانسون ڪي مهڪ تيري وجيه مين کهوئي،
تيري رودالي تيري آرزو مين پهرتي رهي،
تيري سرگوشيون کي سرسرابٽين سن ڪر،
تيري واعدي په اپني کوکهه ڪو بچاتي رهي،
کيونڪه اڪ بار تم ني نينوا کي وادي مين،
دجله وفرات ڪناري بابل ڪي گليون مين،
ياد هي توني ڪها تها ڪي ا حوازادي
مين تيري کولهه سي اک پارسا جنم دونگا،
جو نسل اونچ نيچ ذات پات رسمون ڪو،
آمرون، فاتحون، فاشسٽون اور فرعونون ڪو،
خون ڪي هولي هوئي ملعونون ڪو،
حوس کي آگ مين گوند هي حقير لوگون ڪو،
ظلم ڪي آندهيون انياءَ ڪي بگولون ڪو،
اپني للڪار سي اٽهيگا لرزان ڪر ديگا،
اپني پيشوائون ڪي ساري صداقتين لي ڪر،
خدائي ذوالجلال ڪي وسيع دنيا ڪو،
اس جلتي گولي ڪي آتش فشان دهاني ڪو،
همارا سورما بيڻا سورگ ڪرديگا،
دهکتي دنيا ڪي آتش ڪو ماند ڪر ديگا،
ياد هي توني ڪها تها ڪي اي حوازادي،
مين تيري کوهه سي اک پارسا جنم دونگا،
اور مين تيري اسي وعده حسنه ڪو لئي،
دهلتي جوبن کي سڪتي هوئي شبينون مين،
ساري ارمان دهائي اونچي منڊيرون پر،
اندلس، روم، فلورنس کي ذهلانون پر،
قصرالحرم آگروه، کبهي احرامون پر،
ٽوٽي تلوارون، زرده بند، چهلني سينون پر،
هيروشما تو ڪبهي بصره ڪي مکينون پر،
آگ بارود ڪي ڊبيرون شڪسته ڻينڪون پر،
کهيتون، سڙڪون په سڙي سيڪنڙون سي لاشون پر،
سوکهي پياسي سي وه هي کوکهه لئي پهرتي هون.
دشت سي آتي هوئي شهوار لوگون ڪو،
تيري شبيه جيسون سارون هي نرينون ڪو،
ڪبهي دهيلز و دواري په سر جهڪائي هوي،
نوواردون ڪو بڙي حسرتون سي تڪتي هون،
ڪه ڪب ڪو تو يا تيرا ڪوئي پيامبر پهنچي،
جو يه بتائي ڪه مين اپني اس جواني ڪو،
تيري آني ڪي اميدون په ڪب تلڪ رکهون،
تو بتادي ڪه وه کب پارسا جنم لي گا،
ڪب ميري کولهه وفائون ڪي تبرڪات لئي،
اپني اس عهد ساز تخم ڪو جنم دي گي.
جو ان جهلتي هوئي واديون ڪي گليون ڪو،
مائون، بهنون، يا بيوائون ڪي رستي زخمون ڪو،
وه مسيحا ڪي طرح مرهمين لگائيگا،
ان گنت بوکهي بلکتي بتيم بچون ڪي،
وه آنسو پونچهيگا، ڪب ان ڪا مداوا هوگا؟
مين ني مانا ڪه تم عهد ڪي تجديد لئي،
ميري اس والهانه ياس ڪي مدارت ڪو،
ميري تسڪين ڪو ڪبهي لوٽ ڪر تو آئو گي،
صرف اک ڊر هي ڪه تب تڪ نه ايٽمي روحين،
اپني خونخوار شڪم سيري ڪي ارادون سي،
ان گره ارض ڪو اپنا نه نواله ڪردين،
اور ميري همنشين مين اپني کف تاسف کو،
اس هزمت سي کسي زرد و پيشماني تلک،
مين ممڪن هي ڪي اڪ بار بهي لي جانه سڪون،
مين جلي دنيا ڪي اس خاڪ ڪو چٽڪي مين لئي،
تيري دهيلز تلڪ مانگ سجاني ڪو ڪبهي،
ميري محبوب تيري پاس ڪبهي آ نه سکون،
هان مگر تم جوڪبهي صديون ڪي دوراني مين،
بهولي بسري هوئي يادون ڪي گزر گاهون سي،
پهر ڪسي دن ميري ملني ڪو اگر آئو گي،
شب گزر جائي گي آئوگي تو ڪيا پائو گي،
بام و بالين په تب تک نه چراغان هونگي،
نه ڪسي ياس ڪي تاري نه قمقمي هونگي،
نه کهنه شهر ڪي گليون مين زندگي هوگي.
توسان جوڙيل غمن ۽ خوشين جا پهر
توسان جوڙيل غمن ۽ خوشين جا پهر،
توسان جنمن جا ناتا صدن جا سفر
منهنجي بيگاه سجدن جو محور ڀي تون،
دان، دعائن، سکائن جو مرڪز ڀي تون،
منهنجي پهرينءَ ۽ پوئينءَ دعا جو اثر.
مجنون نه ڪو مان ميهر آهيان،
تن جو نه ئي مان ثاني سڏايان،
تنهنجو منهنجو پنهنجو ناتو،
هر عاشق جو پنهنجو کاتو،
نه ليليٰ نه تون ڪا سهڻي آن،
تون “تبسم” جي من مهڻي آن،
جڳ ڇا به چوي افواهن ۾،
منهنجو آڳ تي ماتم جاري آ.
ستارن جي ٽم ٽم تڪيندي مسافر
ستارن جي ٽم ٽم تڪيندي مسافر،
خيالن جي صحرا ۾ گم ٿي ويو آ،
وفائن جي اڻ کٽ مسافت ۾ ٿڪجي،
ڪوي سوچَ ڌارا ۾ گم ٿي ويو آ.
او “تبسم” ڪي اوٿر اُٿي پيا اُتر کان ليئاڪي پئي موسم پيهي ۽ پَتر کان،
ونين جي هٿن تي مُرادن جون مينديون، اميدون سُکائن جا سهرا چون ٿيون.
__________
1- سُريتين = بنا نڪاح جي مرد جي ويهاريل عورت
سُر راڻو
راڻا و راڻا تنهنجي پڄاڻان، ڪنول ڪل ئي ڪوماڻا وي،
ڪاڪ ڪنڌيءَ جا منظر ماڻا، آتڻ ڀي ته اجهاڻا وي.
جن جي پنڌ جا پيرا ليڪيون، جيرا جوش جلايان ٿي،
تن جي رندن تي ڦيرا پايون، سَنڌَ ٿيا ٿم ساڻا وي.
ڪاڪ نگر جي خاڪ اُڏايون، تاڪَ لڳايون وئين منهنجا،
سوڍا تو واريءَ سرداريءَ جا چلڻ ئي ها چوراڻا وي.
جوڀن جن لاءِ جالي ڪاٽيم، پيتم زهر اُداسين جو،
سي ئي ته سرتا سونپيون نڪتا، جند کي نيٺ جهوراڻا وي.
**
ڪنهن ساز سُر، سواد، جو سؤنچو به سڻ ڪڏهن،
هر وقت هر ڪتاب ۾ مرثيا نه ڳولهه تون،
ممڪن آ، هو هجوم ڪا سرڪس يا ڄڃ هجي،
هر ميڙ، گوڙ ۾ رڳو مرتيا نه ڳولهه تون.
**
اڏامون اڃا ڀي چون ٿيون اڏامو،
مگر هي هوائون جهلن ٿيون ته هوريان،
مون کي شو قِ منزل ۽ طوفان کي مستي،
ٻئي زور ڏيون ٿا تون ڏسجانءِ زمانا.
پوتڙي سان پهگر کي اگهندي لڳو ڀڻڪڻ مزور،
جائي مزو آ، جي ڪوئي جوٽي ٿو زندگي،
صافي کي پياڪ چئني ڪنڊن کان جهلي چيو،
بيشڪ نشو آ جي ڪوئي گهوٽي ٿو زندگي.
**
عيد تي ڪيڏارو ٿو بيٺو ڪرين،
يا وڄائين ٿو ڏياريءَ تي ڏَهر،
جي نٿو ڄاڻين مهل جي راڳڻي،
ڇو او مڱڻا ڇو کلائين ٿو شهر.
**
سونهن، ساوڪ جو مزو وٺجي مگر،
وَحشتون من جو ڦِٽائن ٿيون مزو،
ڪوئلين کي چئو نه ڪوڪن ايترو،
ڪُمهليون ڪُن جو ڦِٽائن ٿيون مزو.
**
مچي نه چاههُ ته آڙاهُه ڪهڙي ڪم جو پرين،
نه بڻجي آههَ اهو ساهُه ڪهڙي ڪم جو پرين،
اچين ته آئون ڪئلينڊر ڪٿي هڻي به ڇڏيان،
نه ته هي سالَ گهڙيون ، ماهُه ڪهڙي ڪم جو پرين.