ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪا ۽ شاعرہ سلطانا وقاصيءَ جي نظمن جو مجموعو ”دونھاٽيل درشن“ اوھان اڳيان پيش آھي.
سلطانہ وقاصيءَ سنڌي شاعريءَ ۾ ڪيتريون ئي نيون روايتون قائم ڪيون آھن ۽ نوان تجربا ڪيا آھن. فڪري طور تي ھن اھڙن ڪيترن احساسن جو اظھار ڪيو آھي، جيڪي اڄ تائين سنڌي عورت جي وس کان ٻاھر ھئا ۽ فني طور تي پڻ ھن ھٿرادو لفاظيءَ، عروضي تڪلف ۽ رسمي لفاظيءَ، جڙاءَ ۽ مصنوعيت کان پاسو ڪندي، پنھنجي اڌمن، آسن، امنگن، نفرت ۽ پيار جي احساسن کي اھڙن لفظن جو ويس ڍڪايو آھي جيڪي اسان ۽ ھر ماڻھو عام طور ڳالھائيندا آھيون.
ھي ڪتاب 1984ع ۾ آگم پبلشنگ ايجنسي حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ