سنڌ سلامت پاران
اڪبر سومري جو ھي ناول ضياءَ الحق جي مارشل لا واري دور جي پس منظر ۾ ڀارتي صحافڻ ڇوڪريءَ ۽ هڪ سنڌي نوجوان جي وچ ۾ عشق تي مشتمل آهي. ناول رومانس سان گڏ ضياءُ الحق جي ڊراڪولائي دور جي ڪاري باب تان پردو کڻي ٿو، جنهن ۾ ليکڪ ايم. آر. ڊيءَ سميت مختلف عقوبت جو نھايت ئي سليس نموني هڪ ڪھاڻيءَ واري انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي. هن ڪتاب جا ٻہ اکر ليکڪ پاڻ لکيا آهن. ڪتاب جي ارپنا شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد بينظير ڀٽو کي ڪيل آهي. هي ناول 42 ننڍڙن عنوانن ۾ ورهايل آهي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1998ع ۾ جڏھن تہ ٻيو ۽ سڌاريل ڇاپو ڪويتا پبليڪيشن پاران 2009ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..
[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]