ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ڪتاب ”ساھڙ جا سينگار اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب نامور عالم، اديب، مفڪر ۽ قومپرست سياستدان سائين جي. ايم. سيد مرتب ڪيو، جيڪو مرتب ڏانھن علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ جي لکيل خطن تي مشتمل آهي.
ڪتاب جي شروع ۾ علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ جا جي. ايم. سيد ڏانهن هڪ سنڌي ۽ ٻن انگريزيءَ ۾ لکيل خطن جا عڪس ڏنا ويا آهن. ڪتاب ۾ نامور قانوندان الهه بخش بروهيءَ پاران خطن متعلق تعارفي خط جو سنڌي ترجمو بہ شامل ڪيو ويو آهي. ڪتاب بابت پيش لفظ مرتب جو لکيل آهي. هي ڪتاب پنجن بابن تي مشتمل آهي. پهرين باب ۾ علامه آءِ. آءِ. قاضي ۽ ايلسا قاضيءَ جو تعارف ڪرايو ويو آهي. ٻئين باب ۾ 1929ع کان 1945ع تائين علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ پاران جي. ايم. سيد ڏانهن لکيل خط شامل آهن.، جيڪي ڪجهه سنڌيءَ ۾ هئا ۽ اڪثر انگريزيءَ ۾ هئا، جن جو سنڌي ترجمو شامل ڪيو ويو آهي. ٽئين باب ۾ 1946ع کان 1947ع تائين جا خط شامل آهن، جيڪي بہ ڪجهه سنڌيءَ ۾ هئا ۽ ڪجهه انگريزيءَ ۾ هئا، جن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي. چوٿين باب ۾ ٽي مضمون شامل آهن.، جن مان ٻہ مختلف وقتن تي علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ پاران جي. ايم. سيد کي ۽ هڪ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ کي تقرير واسطي لکي ڏنا ويا هئا. پنجين باب ۾ ’علامه قاضي صاحب جو پيغام، مقام ۽ اسان جون ڏانهس جوابداريون‘ جي عنوان سان سائين جي. ايم. سيد جو مضمون شامل آهي.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو 1969ع ۾، ٻيو ڇاپو 2007ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇاپيو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ