ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران شاعر ۽ اديب رفيق احمد جعفريءَ جو ھندستان بابت لکيل سفرنامو ”اکيون پسي آئيون“ اوھان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون.
اها جون 2006ع جي ڳالهه آهي جڏهن سنڌي ساهتيه اڪيڊمي نئين دهلي پاران سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سِگا)، اديبن ۽ قلمڪارن سان گڏ ڪي ٽي اين جي 25 ڄڻن جي وفد کي هندستان اچڻ جي دعوت ڏني وئي. هر هنڌ کين پيار پاٻوهه ۽ محبتيون مليون. ان وفد ۾ رفيق احمد جعفري به شامل هيو. پاڻ واپس اچي ان سفر کي لکيائون ۽ ايئن سندن سفرنامي جو ڪتاب ”اکيون پَسيِ آئيون“ ڇپجي ويو. هن سفرنامي ۾ دهلي، جئپور، ڪلڪتي، آگري، اجمير شريف، دارجلنگ ۽ ٻين مقامن جي ڊائري شامل آهي.
ھي ڪتاب سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران 2006ع ۾ ڇپايو ويو آهي، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي حاضر آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ