شخصيتون ۽ خاڪا

جوڳيئڙا جھان ۾ (مشاھير دادو)

ھن ڪتاب ۾ انگريز دور کان موجودہ دور جي دادو ضلعي (يعني 1998ع تائين جڏھن اڃا ڄامشورو يا قمبر شھدادڪوٽ ضلعو نہ ٺھيو ھو) جي 100 کان مٿي عالمن، اديبن، شاعرن، سياستدانن، دانشورن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن بابت معلومات ۽ تعارف ڏنل آھي.
Title Cover of book جوڳيئڙا جھان ۾ (مشاھير دادو)

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ۽ عالم محمد امين مگسي جو لکيل تحقيقي ڪتاب ”جوڳيئڙا جھان ۾ (مشاھير دادو)“ اوهان اڳيان حاضر آهي.
ھن ڪتاب ۾ انگريز دور کان موجودہ دور جي دادو ضلعي (يعني 1998ع تائين جڏھن اڃا ڄامشورو يا قمبر شھدادڪوٽ ضلعو نہ ٺھيو ھو) جي 100 کان مٿي عالمن، اديبن، شاعرن، سياستدانن، دانشورن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ شخصيتن بابت معلومات ۽ تعارف ڏنل آھي.
ھي ڪتاب علامہ آءِ آءِ قاضي اڪيڊمي ميھڙ پاران 1998ع ۾ ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


[b]محمد سليمان وساڻ
[/b]مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

[b]نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي[/b]