ڪتاب جِي فھرست

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري قومپرست سياستدان، مفڪر، اديب ۽ ڏاھي سائين جي ايم سيد جي شخصيت، سياست ۽ نظريي بابت عبدالخالق جوڻيجو صاحب جي لکيل مضمونن جو مجموعو ”جي ايم سيد ۽ سنڌ جو مستقبل“ اوھان اڳيان پيش آھي. عبدالخالق جوڻيجي جو ھي ڪتاب جي ايم سيد خلاف الزام تراشين، بھتان بازين، ڪردار ڪشيءَ تي ٻڌل مضمونن، ڪالمن ۽ ڪوڙين ڪھاڻين جي اڻکُٽ سلسلي جي جواب ۾ لکيل مضمونن جو مجموعو آھي جيڪي مختلف اخبارن ۾ ڇپيا آھن.
ھو لکي ٿو تہ ھن ملڪ جا جي ايم سيد مخالف، سنڌ مخالف حڪمران ھجن، انھن جي ھلايل سيد مخالف مھم جو حصو ٿيندڙ قلمڪار، صحافي ۽ دانشور ھجن يا قومي تحريڪ ۾ حڪمرانن ۽ ڦورو قوتن جا (شعوري يا لاشعوري) ساٿاري سياستدان توڙي سيد جا وفادار دوست انھن جڏھن بہ جي ايم سيد جي ڪردار ڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي يا مونجهارا پيدا ڪرڻ جا حربا ھلايا آھن تہ مون بحيثيت قومي ڪارڪن ۽ سيد جي شاگرد انھن کي جواب ڏيڻ پنھنجو فرض سمجهيو آھي. ان کان علاوہ سيد جي سنڌ دوست، عوام دوست ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ واري عالمگير فڪر ۽ پيغام جي بدلجندڙ وقت ۽ حالتن مطابق تشريح ۽ تشھير لاءِ بہ مون پنھنجي صلاحيت ۽ وت وس آھر قلم کنيو آھي.
ھي ڪتاب سنڌ پروگريسو پبلشرز ڪراچي پاران 2017ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي وٽان ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ