ھنگلاج ۽ لاھوت, ليکڪ : بدر ابڙو

ھنگلاج ۽ لاھوت

پسند ڪيو ويو

ڪِتاب : ھنگلاج ۽ لاھوت
ليکڪ : بدر ابڙو
ڪيٽيگري : تاريخ، فلسفو ۽ سياست
ڇپيندڙ : سنگم پبليڪيشن
شايع ٿيڻ جو سال : 1991
شامل ڪيو ويو : 2021-02-13
ڏِٺو ويو : 0 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو : 6 ڀيرا
ھنگلاج ۽ لاھوت ٻئي مذھبي، روحاني ۽ عقيدت جي حوالن کان مشھور آھن ۽ ٻنھي سان ڪيئي ڪھاڻيون، قصا ۽ ڏند ڪٿائون مشھور آھن. انھن ئي ڏند ڪٿائن جي پسمنظر ۾ بدر ابڙي ھي سفر ڪري مشاھدا ماڻي ۽ ڪيترن ئي ڪتابن مان معلوماتي مواد گڏ ڪري ھي تحقيقي ڪتاب لکيو آھي. ڪتاب ۾ انھن پوتر ماڳن بابت جيڪي بہ ديومالائي ڪھاوتون، ڪھاڻيون، ڏند ڪٿائون يا نيم تاريخي وقعا کيس معلوم ٿيا سي قلمبند ڪيا اٿس. ھن ڪتاب کي 36 بابن ۾ ورھايو ويو آھي. 11 بابن ۾ ھنگلاج ديوي ۽ انھن جي ياتار جو احوال آھي، 7 بابن ۾ لاھوت لامڪان جو ذڪر ۽ 8 بابن ۾ مختلف قومن ۽ ملڪن جا ”تخليق“ بابت رايا ۽ خيال ۽ پوين ٻن بابن ۾ سنڌو ماٿري جي ڏند ڪٿا ۽ ڪن طاقتور ھستين بابت معلومات لکي اٿس. ان واٽ تي موجود تيرٿ جون جايون ۽ تڪيا جيڪي بہ مليا اٿس اھي ڪتاب جو حصو آھن.

ليکڪ جا ٻيا ڪتاب

لاڳاپيل ڪِتاب

ڪيٽيگري تاريخ، فلسفو ۽ سياست مان ڪُجهہ وڌيڪ ڪِتاب

2021 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ