بدر ابڙو

Author Name

رک ڪهاڻيڪار جمال ابڙي جي فرزند ۽ علامه علي خان ابڙي جي پوٽي نامياري ليکڪ، صحافي، لغت نويس ۽ محقق بدر ابڙي جي پئدائش 19 ڊسمبر 1953 تي لاڙڪاڻي ۾ ٿي. شروعاتي تعليم لاڙڪاڻي، خيرپور، ٽنڊي الهيار ۽ سجاول مان ورتائين. مئٽرڪ ماڊل اسڪول حيدرآباد مان 1969ع ۾ ڪيائين ۽ انٽر کان پوءِ ڪراچيءَ مان بي ڪام جي ڊگري حاصل ڪيائين. ادبي گهراڻي سان تعلق سبب 1973ع کان مختصر ڪهاڻيون لکڻ سان آغاز ڪندي، سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي گڏجاڻين ۾ دلچسپي سان شريڪ ٿيندو رهيو. هن وقت تائين بدر ابڙي جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ ”تنقيد نگاري“ (1985ع)، ”رني ڪوٽ“ (1989)، ”هنگلاج ۽ لاهوت“ (تحقيق: 1992ع ۾)، ”رياست جهنگل جي آکاڻي“ (ڪهاڻيون: 1992)، ”جيل جي ڊائري“ (1994)، ”سنڌوءَ جو سفر“ (1994)، ڀڳوانن جي ڀونءِ (نيپال جو سفر نامو) 1996، ”رني ڪوٽ“ (اردوءَ ۾: 1997ع)، ”ماڻهو“ (1998)، ”سنڌ جو شاهه“ (2000ع) شامل آهن. ان کان علاوه سندس تحقيقي سفرناما به ڇپائيءَ هيٺ آهن، جن ۾ ”کيرٿر جو سفر“ جا پنج جلد، ”ڪوهستان جو سفر“، ”سنڌ ۾ پٿرن تي قديم نقاشي“، ”منڇر گاج دنيا“ ”ڪُتي جي قبر ڏانهن“ ۽ ”سيوهڻ جي تاريخ“ شامل آهن.

بدر ابڙي ويجهي ماضيءَ کان آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچيءَ ۾ پڻ فرض نڀايا آهن، جتي پروجيڪٽ ايڊيٽر جي حيثيت سان اهم انگلش- سنڌي ڊڪشنرين جي تياريءَ ۾ ڪردار ادا ڪيو اٿس. بدر ابڙو تحقيق ۽ آرڪيالاجيءَ سان دلچسپيءَ سببِ مختلف ماڳن جا سفر ڪندو رهي ٿو. هن وقت سندس رهائش ڪراچيءَ ۾ آهي.

سنڌسلامت ڪتاب گهر تي بدر ابڙو جا ڪُل 9 ڪِتاب موجود آھن


بدر ابڙو جا ڪتاب

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون، سھيڙيندڙ : بدر ابڙو

ھي ڪتاب پي.ڊي.ايف ۽ ٽيڪسٽ ۾ موجود آھي
علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون
سھيڙيندڙ : بدر ابڙو
جيل جي ڊائري، ليکڪ : بدر ابڙو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
جيل جي ڊائري
ليکڪ : بدر ابڙو
ڀڳوانن جي ڀونءِ نيپال، ليکڪ : بدر ابڙو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ڀڳوانن جي ڀونءِ نيپال
ليکڪ : بدر ابڙو
ھنگلاج ۽ لاھوت، ليکڪ : بدر ابڙو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
ھنگلاج ۽ لاھوت
ليکڪ : بدر ابڙو
پيھي منجه پاڻ، ليکڪ : بدر ابڙو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
پيھي منجه پاڻ
ليکڪ : بدر ابڙو
جڏھن سنڌ ۾ باھ ٻري (1983ع ايم آر ڊي جي ڪھاڻي)، مصنف : بدر ابڙو

ھي ڪتاب صِرف پي.ڊي.ايف ۾ موجود آھي
جڏھن سنڌ ۾ باھ ٻري (1983ع ايم آر ڊي جي ڪھاڻي)
مصنف : بدر ابڙو
2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ