
سنڌ جو شاھ
هي ڪتاب، شاھ لطيف جي موضوعن ۽ ڪردار تي سياسي حالتن ۽ تاريخي روايتن جي پسمنظر ۾ لکيو ويو آهي. هن ڪتاب کي 12 مختلف ڀاڱن ۾ ورهائي پيش ڪيو ويو آهي جن ۾ شاھ لطيف جو حسب نسب، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو زمانو، سُر سريراڳ جو پسمنظر، سر ڪاپائتيءَ جو پسمنظر، 18صديءَ جي سنڌ، ڪلھوڙن جي راڄ جو نمونو، سر کاهوڙيءَ جو پسمنظر، جهوڪ واري لڙائي، سر رامڪليءَ ۾ نوري ۽ ناري جوڳي، ٻڌ ڌرم جا فرقا، جين ڌرم، ڀٽائيءَ جا پنڌ (ڪڇ، ٿر، هنگلاج، ملتان، لاهوت وغيره)، ڀٽائيءَ جو فلسفو ۽ ڀٽائيءَ جا سورما شامل آھن.