جمال ابڙي پنھنجي آتم ڪٿا ۾ ھڪ ھنڌ لکيو ھو تہ ”آءُ بہ جاڳي پوندس، جڏھن سنڌ آزادي ٿيندي !، ھي منھنجي قبر جو ڪتبو آھي.“ 897 صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب ۾ جمال ابڙي جي حياتيءَ جو احوال، ڪھاڻين جو مجموعو ”پِشو پاشا“، جمال ابڙي جا لکيل 10 مضمون، سندس لکيل 6 ڪتابن جا مھاڳ، جمال ابڙي جا خط، 10 انٽرويو، جمال ابڙي سان ملھايل شام جو احوال، جمال ابڙي تي لکيل 15 تنقيدي مضمون، ادريس جتوئيءَ جو لکيل مونوگراف، جمال ابڙي جي شخصيت ۽ فن تي رئوف نظاماڻيءَ جو لکيل مقالو، جمال ابڙي جي شخصيت ھمعصرن جي نظر ۾ (37 مضمون)، تعزيتي ايڊيٽوريل، تعزيتي خط ۽ تعزيتي ڪتاب جا ورق شامل آھن.
شخصيتون ۽ خاڪا
آءُ بہ جاڳي پوندس جمال ابڙو
- 0/5.0
- 3
- 1
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران سنڌي ٻوليءَ جي نامياري ڪھاڻيڪار ۽ اديب جمال ابڙي جي ڪھاڻين، مھاڳن، مضمونن، انٽرويوز، تنقيدي مضمونن ۽ سندس شخصيت تي لکيل مضمونن جو مجموعو ”آءُ بہ جاڳي پوندس جمال ابڙو“ اوھان اڳيان پيش آھي، جنھن جو سھيڙيندڙ بدر ابڙو آھي.
جمال ابڙي پنھنجي آتم ڪٿا ۾ ھڪ ھنڌ لکيو ھو تہ ”آءُ بہ جاڳي پوندس، جڏھن سنڌ آزادي ٿيندي !، ھي منھنجي قبر جو ڪتبو آھي.“ 897 صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب ۾ جمال ابڙي جي حياتيءَ جو احوال، ڪھاڻين جو مجموعو ”پِشو پاشا“، جمال ابڙي جا لکيل 10 مضمون، سندس لکيل 6 ڪتابن جا مھاڳ، جمال ابڙي جا خط، 10 انٽرويو، جمال ابڙي سان ملھايل شام جو احوال، جمال ابڙي تي لکيل 15 تنقيدي مضمون، ادريس جتوئيءَ جو لکيل مونوگراف، جمال ابڙي جي شخصيت ۽ فن تي رئوف نظاماڻيءَ جو لکيل مقالو، جمال ابڙي جي شخصيت ھمعصرن جي نظر ۾ (37 مضمون)، تعزيتي ايڊيٽوريل، تعزيتي خط ۽ تعزيتي ڪتاب جا ورق شامل آھن.
ھي ڪتاب 2009ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي وتايي جي گهر جي سھڪار سان اوھان اڳيان پيش آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.