سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر ۽ نثر نگار شيخ اياز جي شاعريءَ جو ڇپيل پھريون مجموعو ”ڀونر ڀري آڪاس“ اوھان اڳيان پيش آھي.
هن شعري مجموعي ۾ شيخ اياز جي 1947ع کان اڳ ۽ 1947ع کان پوءِ ڏهن پندرهن سالن جي شاعري شامل آهي. هن ڪتاب ۾ شيخ اياز، هڪ طرف سنڌ جي قديم شعري هيئتن يعني بيت، دوهي، واين ۽ گيتن تي مشتمل پنهنجي جديد شاعري پيش ڪئي آهي، ٻئي طرف نظم، آزاد نظم، غزل ۽ قطعي جي صنفن تي لکيل پنهنجو ڪلام پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ اياز جي بيتن جي هيئت ڪلاسيڪي شاعريءَ جي بيت جهڙي آهي، پر ان جي موضوعن ۾ جدت آهي. سندس واين جي هيئت ۽ موضوعَ، قديم واين کان جداگانہ ۽ جديد آهن. سندس دوهن ۽ گيتن جو موضوع بہ ڪلاسيڪي دوهن ۽ گيتن کان وسيع آهي. غزل جي فارسي روايتن کان هٽي، اياز ان کي سنڌي روايتن سان رڱي پيش ڪيو آهي. ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1962ع ۾ ڇپيو ھيو جنهن تي ان وقت جي حڪومت پابندي وڌي هئي. ٻيو ڇاپو 1989ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جون جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي