شخصيتون ۽ خاڪا

سندي جوڳيان ذات

ھن ڪتاب ۾ جامي چانڊيي لڳ ڀڳ چاليھ اھم شخصيتن تي لکيو آھي، جن سنڌ جي فڪري، علمي، ادبي ۽ سياسي اڏاوت ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. ھُن لکڻ مھل علم، ادب، سوچ، فڪر ۽ عمل ۾ تخليقي عنصر کي اھم سمجهيو آھي. جامي چانڊيي جن ڪردارن جو ذڪر ڪيو آھي، سي دراصل سماج جا وڏا ڪردار آھن، ھر ڪردار پنھنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. جامي چانڊيو لکي ٿو: ”ھيءُ ڪتاب انھن ماڻھن بابت آھي، جن ڪنھن نہ ڪنھن طرح مون کي زندگيءَ جي مختلف موقعن تي اتساھيو آھي“. 

Title Cover of book Sandi Jogyan Zaat

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري دانشور، نقاد، ڪالم نگار ۽ مضمون نگار جامي چانڊيي جو سنڌ جي مھان شخصيتن تي لکيل فڪري ۽ ادبي مضمونن جو مجموعو ”سندي جوڳيان ذات“ اوھان اڳيان پيش آھي.  
ھن ڪتاب ۾ جامي چانڊيي لڳ ڀڳ چاليھ اھم شخصيتن تي لکيو آھي، جن سنڌ جي فڪري، علمي، ادبي ۽ سياسي اڏاوت ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. ھُن لکڻ مھل علم، ادب، سوچ، فڪر ۽ عمل ۾ تخليقي عنصر کي اھم سمجهيو آھي. جامي چانڊيي جن ڪردارن جو ذڪر ڪيو آھي، سي دراصل سماج جا وڏا ڪردار آھن، ھر ڪردار پنھنجي الڳ سڃاڻپ رکي ٿو. جامي چانڊيو لکي ٿو: ”ھيءُ ڪتاب انھن ماڻھن بابت آھي، جن ڪنھن نہ ڪنھن طرح مون کي زندگيءَ جي مختلف موقعن تي اتساھيو آھي“. 
ھي ڪتاب پيڪاڪ پرنٽرز ۽ پبلشرز، ڪراچي پاران 2016ع ۾ ڇپايو ويو آھي ، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون جامي چانڊيي صاحب جا جنھن ڪتاب جي پي ڊي ايف ڪاپي موڪلي ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ اپلوڊ ڪرڻ جي اجازت ڏني.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي