شخصيتون ۽ خاڪا

منھنجو تخليقي سفر

ڪتاب ”منھنجو تخليقي سفر“ خير النساءِ جعفريءَ جي ڪھاڻين، تقريرن، انٽرويوز، مھاڳن، تحريرن ۽ ھندستان جي سفر تي مشتمل آھي. خير النساءِ جعفري سنڌي ادب ۾ جنھن بيباڪي ۽ حقيقت پسنديءَ سان لکيو آھي، ان حوالي سان ڪي ٿورڙا لکڻ وارا ھوندا جيڪي سندس ھمسري جي دعويٰ ڪري سگهن. سندس فن ۾ زندگي، نواڻ ۽ اعتماد جي نڪتل خوشبوءِ ڪيتري عرصي تائين نئين ٽھيءَ جي سوچن کي واسيندي رھي آھي. 

Title Cover of book منھنجو تخليقي سفر

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪا خير النساءِ جعفري جي ڪھاڻين، تقريرن، انٽرويوز، مھاڳن، تحريرن ۽ ھندستان جي سفر تي مشتمل ڪتاب ”منھنجو تخليقي سفر“ اوھان اڳيان پيش آھي.  
خير النساءِ جعفري سنڌي ادب ۾ جنھن بيباڪي ۽ حقيقت پسندي سان لکيو آھي، ان حوالي سان ڪي ٿورڙا لکڻ وارا ھوندا جيڪي سندس ھمسري جي دعويٰ ڪري سگهن. سندس فن ۾ زندگي، نواڻ ۽ اعتماد جي نڪتل خوشبوءِ ڪيتري عرصي تائين نئين ٽھيءَ جي سوچن کي واسيندي رھي آھي. 
ھي ڪتاب 1992ع ۾ سنڌيڪا اڪيڊمي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جون جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com


نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي