سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران ايڊوڪيٽ رسول بخش انڙ جو لکيل ڪتاب ”1973ع جو آئين ۽ پاڪستان جي مختصر آئيني تاريخ“ اوھان اڳيان پيش آھي.
ھن اھم ڪتاب ۾ مختصر طور گورنمينٽ آف انڊيا ائڪٽ 1935ع کان قرداد پاڪستان ۽ 1955ع جي مغربي پاڪستان ائڪٽ ۽ 1973ع جي آئين ۽ ان کانپوءِ جي ترميمن جو ذڪر آھي. ساڳي وقت اھا ڳالھ بہ سامھون اچي ٿي تہ 1973ع جي آئين ۾ سنڌ ڇا ڇا نہ وڃايو آھي. ڪتاب کي ڪل يارنھن حصن ۾ ورھايو ويو آھي جنھن ۾ ڪيئي باب شامل ڪيا ويا آھن.
ھي ڪتاب 2006ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جون جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي