سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران فقير يار محمد پيرزادي جو لکيل ڪتاب ”شاھ لطيف جي شرح (فقيراڻي انداز ۾)“ اوھان اڳيان پيش آھي. زندگيءَ جي آخري سالن ۾ بيمار هوندي بہ فقير يار محمد، شاھ جي رسالي جي شرح لکي هئي، جيڪا ستار پيرزادي، مرتب ڪري ان جا ڪجهه سر ڇپرايا ۽ ڪتاب کي بدر ابڙي جي صلاح سان ”فقيراڻي شرح“ جو نالو ڏنو ويو هو.
فقير يار محمد، عام ٻهراڙيءَ جي هڪ غريباڻي گهر جو فرد هجڻ ناتي جيئڻ لاءِ ڪيترائي جتن ڪيا. اَڌُ وهي پنهنجي ۽ پنهنجي ڪهول لاءِ ڪيترائي ڌنڌا ۽ ڪرتون ڪري، عيش عياش ڪري، جڏهن پنجاهه سالن جو سفر طئہ ڪيو تہ ڪنهن موڙ تي هن کي عشق جي ڪاري ڪَانَ گهايل ڪري ورتو. جنهن درد ۽ الم جي عالم ۾ هن شاھ جي رسالي ۾ پناھ ڳولي لڌي. پناھ بہ اهڙي، جهڙوڪر هي ستن ڪوٽن اندر بي اونو ٿي، بنا ڪنهن اُلڪي جي، عشق جا ڪيئي رنگ پسي رهيو هو، ڪڏهن فراق، ڪڏهن وصال، ڪڏهن اميد، ڪڏهن نااميديءَ وارين ڪيفيتن مان گذري هن جو مسڪن سدا بهار واديءَ ۾ هميشہ لاءِ جڙي ويو. هن جي زبان تي جڏهن ڪڏهن لطيف جو بيت، ان جون اڪيچار معنائون ۽ ڪيئي رنگ سانول جا پسڻ ۾ پورو. جڏهن انسان جي بيقرار روح کي قرار ملندو آهي، ته هو ٿانيڪو ٿي، زندگيءَ جي رازن کي پائي، ڏاڍي ڌيرج ۽ سُک سان، ڏکي سُکي زندگيءَ کي سر سبز باغ جيان ڀائيندو آهي. اهو ئي سبب هو جو هن پنهنجي باقي زندگيءَ کي انسان جي شيواداري لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي.
ھي ڪتاب 1999ع ۾ سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچي پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جون جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي