تعليم

تِنين کي تعليم جي

ھي ڪتاب تعليمي نظام، تعليمي سڌارن ۽ تعليمي مسئلن بابت سرمد کوسي جي لکيل مختلف مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي. سرمد کوسي جي مضمونن ۽ ڪالمن کي تعليمي تناظر ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. جيڪڏهن والدين، استاد، شاگرد ۽ تعليمي ادارن سان گڏ تعليمي انتظاميا بہ جوڳو ڌيان ڏئي تہ هوند اسان تعليم ترقي ڪري، سڌريل ملڪن سان وڃي ڪلھو ملائي!. أنور ابڙو لکي ٿو تہ ” سرمد کوسي نہ هڪ روايتي نوجوان وانگر پيار ۽ محبت جون ڪهاڻيون لکيون آهن، نہ ڪي رومانوي گيت ۽ غزل لکيا آهن، ۽ نہ وري انهن سياسي موضوعن تي لکيو آهي، جن جي ذڪر تي مايوسيءَ جا ڪڪر ذهنن تي اوندھ پکيڙي ويندا آهن، پر هن، ننڍي عمر ۾ ئي تعليم جھڙي انتهائي سنجيدہ موضوع سان گڏ سماجي شعور سان لاڳاپيل انهن موضوعن تي لکيو آهي، جيڪي اجتماعي مفادن وارا آهن، ۽ جن ۾ بيان ڪيل مسئلا جڏهن حل ٿيندا تہ، ’هيءَ مِٽي مانُ لھندي،‘ هي ماڻھو مسڪرائيندا، اسان جي ڌرتيءَ جا ساوا ۽ سونا سنگ سدا جهومندا رهندا ۽ ڪنھن بہ ٻار کي ڪو ڪوسو واءُ نہ لڳندو“. 

  • 4.5/5.0
  • 13
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book تِنين کي تعليم جي

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب” تِنين کي تعليم جي“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب تعليمي نظام، تعليمي سڌارن ۽ تعليمي مسئلن بابت سرمد کوسي جي لکيل مختلف مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي.
سرمد کوسي جي مضمونن ۽ ڪالمن کي تعليمي تناظر ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. جيڪڏهن والدين، استاد، شاگرد ۽ تعليمي ادارن سان گڏ تعليمي انتظاميا بہ جوڳو ڌيان ڏئي تہ هوند اسان تعليم ترقي ڪري، سڌريل ملڪن سان وڃي ڪلھو ملائي!. أنور ابڙو لکي ٿو تہ ” سرمد کوسي نہ هڪ روايتي نوجوان وانگر پيار ۽ محبت جون ڪهاڻيون لکيون آهن، نہ ڪي رومانوي گيت ۽ غزل لکيا آهن، ۽ نہ وري انهن سياسي موضوعن تي لکيو آهي، جن جي ذڪر تي مايوسيءَ جا ڪڪر ذهنن تي اوندھ پکيڙي ويندا آهن، پر هن، ننڍي عمر ۾ ئي تعليم جھڙي انتهائي سنجيدہ موضوع سان گڏ سماجي شعور سان لاڳاپيل انهن موضوعن تي لکيو آهي، جيڪي اجتماعي مفادن وارا آهن، ۽ جن ۾ بيان ڪيل مسئلا جڏهن حل ٿيندا تہ، ’هيءَ مِٽي مانُ لھندي،‘ هي ماڻھو مسڪرائيندا، اسان جي ڌرتيءَ جا ساوا ۽ سونا سنگ سدا جهومندا رهندا ۽ ڪنھن بہ ٻار کي ڪو ڪوسو واءُ نہ لڳندو“.
هي ڪتاب 2019ع ۾ پيڪاڪ پبلشرز، ڪراچي پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون سرمد کوسي جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.


محمد سليمان وساڻ
 مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ارپنا

مان پنهنجو هي پيار جو پورهيو،
دنيا جي مظلوم ٻارن، شاگردن ۽ نوجوانن
کي ارپيان ٿو.
جيڪي تمام گھڻيون تڪليفون
۽ محروميون ڏسڻ باوجود پنهنجي
روشن مستقبل لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن.
مان سندن حوصلي ۽ محنتن مان پراميد آهيان.

اداري پاران

مادري ٻوليءَ جي اهميت جي باري ۾، ڏکڻ آفريڪا جي آزاديءَ واري اڳواڻ نيلسن منڊيلا چيو آهي ته ”جيڪڏهن توهان ڪنهن سان اهڙي ٻوليءَ ۾ ڳالهايو ٿا، جيڪا هو سمجھي ٿو ته اها ڳالهه هن جي دماغ ۾ ويندي، پر اوهان ان سان سندس ماءُ ٻوليءَ ۾ ڳالهائيندا ته اها هن جي دل ۾ ويندي.“ اهوئي سبب آهي ته عالمي ادارن ٻولين کي ”ڀائيچاري، عالمي اتحاد ۽ ثقافتن جي ميلاپ جو ذريعو قرار ڏنو آهي.“
سندن موقف آهي ته ٻوليون فطري جذبن جو اظهار آهن، انهن جي قدر ڪرڻ سان قومن وچ ۾ ڀائيچاري ۽ سهپ جا جذبا وڌن ويجھن ٿا ۽ هڪ ٻئي کي سمجھڻ ۾ آساني ٿئي ٿي. نتيجي ۾ امن واري ماحول کي هٿي ملي ٿي. اداران جو اهو به چوڻ آهي ته: ٻولين سان نفرت معنيٰ قومن سان نفرت جي برابر آهي.‘
اسان جي حاڪمن کي اهو ضرور سوچڻ گھرجي ته قومن جون ٻوليون هزارين سالن جو سفر ڪري پوءِ ئي ڪنهن منزل تي رسن ٿيون. انهن کي سرڪاري نوٽيفڪيشن وسيلي ميساري نٿو سگھجي! نه ڪي انهن کي ڪن قاعدن ۾ قيد ڪري ٿو سگھجي! ٻوليون ۽ ٻوٽا فطرت جو اظهار آهن، خود قرآن شريف ۾ به اهڙو ذڪر آهي ته ”اوهان کي مختلف قبيلن ۾ ورهايو ويو ته جيئن اوهان جي الڳ سڃاڻپ ٿئي ٿي!“ ظاهر آهي ته قرآن شريف جي نازل ٿيڻ کان اڳ عرب ڪيترن ئي قبيلن ۾ ورهايل هئا، جن جون ٻوليون ۽ رسم الخط الڳ الڳ هئا. موجوده عربي جيڪا اسلام ۽ قرآن جي زبان بڻي، اُها سبائي قبيلي جي زبان هئي.
اسان جي نوجوان ليکڪ مانواري سرمد کوسي، سنڌ ۾ تعليم جي نهايت اهم موضوعن/ مسئلن تي لکي نوجوان نسل کي سجاڳي جو سڏ ڏنو آهي.
انهن مان ڪي مکيه مسئلا هيٺين ريت آهن.

• ٻارن کي بنيادي تعليم مادري ٻولي ۾ ڏيڻ
• ٻار جي نفسيات کي سمجھڻ
• اسڪولن ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ جي اهميت
• ماحولياتي تعليم جي اهميت
• نوجوانن کي درپيش مسئلا
• سرڪاري نوڪري کان سواءِ روزگار جا وسيلا
• ڪاپي ڪلچر جي خاتمي لاءِ ڪوشش
• سائنسي ۽ فني تعليم جي اهميت
• يونيورسٽين کي جديد تعليم ۽ تحقيق طرف توجھه ڏيڻ گھرجي
• بهترين استادن کي مان ڏيڻ گھرجي......... وغيره

مٿيان موضوع اهڙا آهن، جن کي تعليمي تناظر ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. جيڪڏهن والدين، استاد، شاگرد ۽ تعليمي ادارن سان گڏ تعليمي انتظاميا به جوڳو ڌيان ڏئي ته هوند اسان تعليم ترقي ڪري، سڌريل ملڪن سان وڃي ڪلهو ملائي! ڏٺو وڃي ته اسان جي ويجھي ماضيءَ ۾ سنڌ جي تعليم ننڍي کنڊ ۾ ممتاز حيثيت رکندڙ هئي. پاٽ ۽ شڪارپور شهرن ۾ تعليمي تناسب 95 سيڪڙو هو ۽ هاڻي جيتوڻيڪ وسيلا به وڌي ويا آهن، مجموعي طور شعوري سطح ۾ به واڌ اچي ويئي آهي، اسڪول به سڏ پنڌ تي موجود آهن. پوءِ به اسان جو تعليمي تناسب پنجاب ۽ خيبرپختون خواهه صوبي کان گھٽ ڇو آهي؟
ٻئي طرف اها به حقيقت آهي ته جنهن قوم جي تعليمي حيثيت گھٽ هوندي، اها قوم زندگي جي هر شعبي ۾ پست هوندي عمل سوچ، ڪردار، قومي ٻڌي وغيره. مطلب ته ان ۾ هر سماجي برائي جو عنصر موجود هوندو. اهوئي سبب آهي ته سماج سڌار انسانن ۽ مستقبل جو فڪر رکندڙ عالمن هميشه تعليم کي اهم پئي ڄاتو آهي. خود اسلام جو فلسفو به ان اصول تي آڌاريل آهي. حضور پاڪﷺکي پهريون حڪم ”اقرء“ (پڙهو) جو ٿيو.
اڄ جيڪڏهن ادي سرمد کوسي جھڙا سُڄاڻ نوجوان انهن موضوعن تي دل جي گھراين سان لکن ٿا ته يقينن ان جو اثر به ٿيندو، ڇاڪاڻ ته جڏهن نوجوان نسل ڪنهن مقصد هاصل ڪرڻ لاءِ ور کجيندو آهي ته هو اوس منزل کي رسندو آهي. اهڙن نوجوانن کي گھرجي ته هو سڄي سنڌ ۾ تعليمي سجاڳي وارو پروگرام کڻي ميدان تي اچن. اميد ته اهڙين ڪوششن جا سٺا نتيجا نڪرندا.
تعليمي سجاڳي لاءِ اسان جو ادارو، تعليم کاتي، استادن، شاگردن توڙي نوجوان نسل سان گڏ آهي. اسان جي ڪوشش هوندي ته ان پيغام کي ڀرپور انداز ۾ سڄي سنڌ اندر ڦهلايون.


ڊاڪٽر آفتاب ابڙو
چيئرمين
پيڪاڪ پبلشرس

پنھنجي پاران

پنهنجي ڪتاب لاء مان، اڄ ھي ٻه لفظ لکندي خوشي محسوس ڪري رھيو آھيان ۽ مان سمجھان ٿو ته منهنجي ھي تمام ننڍڙي ڪاوش ڪجهه ماڻهن جي احساسن جي ترجماني ضرور ثابت ٿيندي.
مون، 2004ع کان لکڻ جي شروعات ڪئي جڏھن مان انٽر ڪلاس پاس ڪيو ھو. لکڻ لاء دل ته ان کان اڳ به چوندي ھئي، جڏھن پنهنجي ننڍپڻ ۾ ٻاراڻا رسالا "ارچڪ مرچڪ" ۽ "ٻارن جي دنيا" پڙھندو ھئس. پر خبر ناھي ڇو؟ چاھيندي به مان انھن رسالن ۾ نه لکي سگھيس.
سو 2004 ۾ ھڪ ڏينهن منهنجي سئوٽ خالد، مون کي چيو ته ڪاوش اخبار جي ھائيڊ پارڪ واري صفحي ۾ مختلف مسئلن تي مواد لکي موڪل. اھو به چيائين ته مان مواد پوسٽ ڪرڻ لاء لفافو به وٺي آيو آھيان، تون رڳو لکڻ شروع ڪر. مون به وڌندڙ آدمشماري واري اشو تي مواد لکي ان وقت کيس ڏنو، جيڪو ھن ڪاوش وارن کي پوسٽ ڪري ڇڏيو. ان ڳالهه کي چار پنج ڏينهن گذري ويا ۽ مون کي به ڳالهه ذھن تان لھي وئي ھئي، ان وقت خالد ئي مون کي ٻڌايو ته مواد ڇپجي ويو آھي ۽ اخبار کڻي منهنجي سامھون رکيئين. مان اخبار ۾ پنهنجو لکيل مواد ڏسي ڏاڍو خوش ٿيس ۽ ان کان پوء مون ۾ وڌيڪ لکڻ جو جذبو پيدا ٿيو.
ان کان پوء جيئن ئي 2005ع ۾ يونيورسٽي ۾ داخلا ملي ته ان وقت مون مختلف سماجي اشوز تي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ تيزي سان لکڻ شروع ڪيو. ان وقت عبرت مئگزين جو ايڊيٽر مرتضيٰ سيال صاحب ھو، جنهن سان منهنجي ڪا به سڃاڻپ يا ملاقات نه ھُئي پر ان باوجود به سيال صاحب منھنجي لکڻين کي تمام سھڻي نموني پنهنجي رسالي ۾ شايع ڪندو ھو. ان وقت مواد لکي پوسٽ ڪري ڇڏبو ھو ۽ ڪجهه ڏينهن کان پوء رسالي ۾ شايع ٿي ويندو ھو. ان سان مون کي وڌيڪ لکڻ جو حوصلو مليو.
2008ع ۾ يونيورسٽي پاس ڪرڻ کانپوء نوڪري حاصل ڪرڻ وارن چڪرن ۾ لکڻ وارو سلسلو صفا بيھي رھيو. اندر ۾ ويٺل ليکڪ ھر وقت اھو چوندو رھندو ھو ته پنهنجي چوڌاري ٿيندڙ واقعن بابت پنھنجا مشاھدا ۽ تجربا لکندو ڪر پر مون ۾ به سُستي اھڙي پيدا ٿي جو لکڻ ڇڏي ڏنم.
منهنجي لکڻ جو وڏو محرڪ، منهنجي بيحد حساس طبيعت آھي. جيڪا ڪنهن به مظلوم تي ظلم ٿيندو ڏسي ڏکاري ٿي ٿي پوي ۽ نتيجي ۾ ان ظلم خلاف ڪاغذن تي لکت جي صورت ۾ منھنجو احتجاج رڪارڊ ٿي ٿو وڃي. منهنجي لکڻين جو محور سنڌ ۽ مظلوم سنڌي ماڻهو آھن، جن سان سدائين ويساھ گھاتيون ٿينديون رھيون آھن.
2014 ۾ مون کي سرڪاري نوڪري ملي ٿي ۽ مون کي سنڌ جي ھڪ تاريخي اسڪول خانبھادر مير غلام محمد ٽالپر ھائير سيڪنڊري اسڪول ٽنڊو باگو ۾ سائنس ٽيچر طور پڙھائڻ جو موقعو ملي ٿو. جنھن اسڪول جو پھريون استاد ناميارو تعليمدان ۽ ٻاراڻي ادب جو وڏو نالو محمد صديق مسافر ھو. ان دوران مون غريب شاگردن کي تمام ويجھي کان ڏٺو. سندن مسئلن کي نه رڳو نوٽ ڪيم پر وس آھر مختلف پروگرامن ۾ شاگردن جي مسئلن تي ڳالھايم ۽ انھن کي ٻين جي اڳيان به پيش ڪيم. ٻارن جا اھي سور، مون کي پنھنجا سور محسوس ٿيڻ لڳا. ڪنهن شاگرد کي ڪلاس ۾ مرجھايل ويٺو ڏسي، منھنجو اندر به بيچين ٿي پوندو آھي. سوچيندو آھيان ته شايد ھن ويچاري سان ڪير وڙھيو آھي، ان ڪري ھي مايوس آھي يا وري ھن کي خرچي جا پئسا ناھن مليا يا ناشتو نه ڪري آيو آھي يا وري ڪو ٻيو گھريلو مسئلو اٿس وغيره وغيره. سو دل ۾ اھو خيال به ايندو ھو ته شاگردن جي انھن مسئلن تي لکان پر پوء به لکي نه سگھندو ھئس. ان دوران منھنجو بيحد پيارو دوست وفا مولا بخش مون کي چوندو رھيو ته يار لکندو ڪر. ساڻس ھا ڪيم ۽ سوچيم ته ٻين اشوز سان گڏ ڇو نه پھرين خاص طور تي شاگردن جي مختلف مسئلن تي لکجي. وفا مولابخش مون کي اھو به چيو ته مواد لکي انور ابڙي صاحب کي موڪل، جيڪو ڪاوش دنيا ۽ ڪاوش مڊويڪ مئگزين جو ايڊيٽر آھي ۽ ڏاڍو پيارو ماڻھو آھي. سو مون ھڪ مضمون لکي ورتو ته پاڻ سان فيس بڪ تي دوست ٿيل انور ابڙي صاحب کي ھڪ ڏينهن مئسيج ڪيم ته سائين مان تعليمي اشوز تي ڪجهه ليک توھان کي رسالي لاء موڪلڻ ٿو چاھيان. انور صاحب مئيسيج جي جواب ۾ لکيو ته "ادا موڪلي ڏيو". پوء مون اھي مضمون انور ابڙي صاحب کي موڪلي ڏنا جيڪي ھُن ڏاڍي سھڻي ۽ شاندار انداز ۾ رسالي ۾ شايع ڪيا. انھن مضمونن جي شايع ٿيڻ سان مون کي ھڪ نئين سڃاڻپ ملي ۽ مختلف رسالن مون سان رابطو ڪري، مواد موڪلڻ جو چيو. انور ابڙي صاحب منهنجي ڪچين ڦڪين لکڻين ڏاڍو سھڻو ڇپي، انھن جا خوبصورت عنوان ڏئي، انھن مضمونن کي ھڪ نئون روپ ڏئي ڇڏيو. انور ابڙي صاحب جي ان فراخدلي ۽ نوجوانن کي ھمٿائڻ واري جذبي جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گھٽ آھي. ان سان گڏوگڏ ٻين مھربانن ۾ منهنجي لکڻين کي ڏاڍي زبردست انداز ۾ ڇپيو، مان انھن جو به ٿورائتو آھيان. انھن ۾ ھمسري رسالي جي ايڊيٽر مانواري ميڊم زاھده ابڙو صاحبه جو به مان بيحد ٿورائتو آھيان، جنھن پنھنجي رسالي ۾ منھنجا مضمون شايع ڪيا. مان پياري اختر حفيظ جو به ٿورائتو آھيان، جنھن سنڌ ايڪسپريس اخبار جي سنڊي مئگزين ۾ مون کي جڳهه ڏني. مان پياري واحد پارس ھيسباڻي جو به ٿورائتو آھيان، جنھن عبرت اخبار جي ادبي صفحي تخليقڪار ۾ منھنجو مواد شايع ڪيو.
انھن سڀني جڳھن تي جڏھن منھنجا مضمون شايع ٿيڻ شروع ٿيا ته پڙھندڙن ان جي ڏاڍي سٺي موٽ ڏني. منهنجي شاگردن به مون کي اھو ٻڌايو ته اسان اخبار توھان جي مضمون جي ڪري وٺندا آھيون ۽ ان کي پڙھندا آھيون. اھي لفظ ٻڌي مون کي اھو اطمينان ٿيندو ھو ته جنھن لاء لکان ٿو انھن تائين اھا شي پھچي پئي ۽ اھي اھو پڙھي موٽ به ڏين پيا. ڪڏهن ڪڏھن مضمون ۾ دير ٿيندي هئي ته چوندا ھئا، سر اسان توھان جي مضمون جي انتظار ۾ ھئاسين.
ان حوالي سان ھڪ ڏينهن ھڪ شاگرد مون کان پڇيو ته سر توهان جا مضمون پڙھندا آھيون. ڇا توهان جو ڪو ڪتاب ڇپيل آھي؟ جيڪڏھن ھجي ته ٻڌايو، اسان پڙھنداسين. ان کان پوء مون کي ان ڪتاب جو خيال آيو. جڏهن ڪتاب بابت پنهنجي دوستن سان ڳالهه ڪيم ته انھن به ھمٿايو. اھڙي طرح مون مختلف جڳھن ۽ موقعن تي شايع ٿيل تعليمي مضمونن مان 25 چونڊ ليک جمع ڪري ان کي ڪتابي صورت ڏني آھي. مون ھن مضمونن ذريعي مظلوم شاگردن ۽ نوجوانن جي نمائندگي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. سنڌ جي تعليم جي حوالي سان انگن اکرن ساڻ گھڻو ڪجهه لکيو ويو آھي. گذريل ڪجهه سالن ۾ تعليمي مضمونن جي صورت ۾ ڪجهه ڪتاب شايع به ٿيا آھن، جيڪو يقينن ھڪ وڏو ڪم آھي پر پوء به مون کي اھا کوٽ محسوس ٿيندي رھي آھي ته تمام سادي ۽ سولي ٻولي ۾ شاگردن جي بنيادي اشوز کي اجاگر نٿو ڪيو وڃي. جيڪو ھڪ عام پڙھندڙ، خاص طور اسان جي ڳوٺن ۾ رھندڙ والدين ۽ شاگردن جي نمائندگي ڪري سگھي ۽ کين اھو سندن آواز ئي محسوس ٿئي. سو مون ان حوالي سان ھي ھڪ تمام ننڍڙي ڪوشش ڪئي، جنھن ذريعي شاگردن جو آواز انتظاميه سميت والدين ۽ استادن تائين پھچي سگھي. تعليم ھڪ تمام وڏو موضوع آھي پر مون اسان جي غريب شاگرد جي بنيادي تعليمي مسئلن کي بحث ھيٺ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ان سان گھٽ ۾ گھٽ اھي مسئلا اسان جي بحث ۾ ته ايندا. جڏھن بحث ۾ ايندا ته پوء انھن کي حل ڪرڻ جا طريقا به سامھون ايندا. مون ھن ڪتاب ۾ به انھن مسئلن جي سببن سان گڏ گڏ ان جي حل لاء وس وارن کي گذارشون به ڪيون آھن.
منهنجي خواهش آهي ته منھنجو ھي پيار جو پورھيو وڌ کان وڌ شاگردن ۽ نوجوانن جي ھٿن تائين پھچي ۽ مختلف اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي لائيبررين تائين پھچي.
مان پنهنجي سمورن پڙھندڙن جو ٿورائتو رھندس، جيڪي مون کي پنهنجي ھن ڪتاب بابت قيمتي رايو ڏيندا. سندن تجويزون منهنجي اکين تي، جيڪي مون کي وڌيڪ ۽ بھتر ڪم ڪرڻ تي اتساھينديون.
مان ھڪ ڀيرو ٻيھر محترم انور ابڙي صاحب جو ٿوائتو آھيان جو پاڻ سندن قيمتي وقت مان وقت ڪڍي، منهنجي ڪتاب جو تمام سھڻو مھاڳ لکي ڏنو اٿن. ان سان گڏ، مان سنڌ جي معياري پبليڪيشن، پيڪاڪ پبلشرز اينڊ پرنٽرز جي سرواڻ ڊاڪٽر آفتاب ابڙي صاحب، سندن لائق فرزند پياري قمر آفتاب جو به احسانمند آھيان جو پاڻ سنڌ جي شاگردن جي مفاد ۾ ھن ڪتاب کي شايع ڪري،سندن اشوز کي پڙھندڙن تائين پھچايو آھي. مان، ڪتاب جو سھڻو ٽائٽل ٺاھي ڏيڻ تي نعيم ديسوالي صاحب جو به ٿورائتو آھيان.
مان، پنھنجي پياري دوست وفا مولابخش صاحب جو به احسانمند آھيان، جيڪو نه رڳو ھن ڪتاب جي ڇپائي واري مرحلي ۾ منھنجو ٻانھن ٻيلي رھيو پر ڪتاب تي پنھنجو قيمتي رايو به ڏنو اٿس، جيڪو ڪتاب جي بئڪ ٽائٽل تي موجود آھي. مان پنهنجي پياري دوست عبدلحفيظ احمداڻي صاحب جو به ٿورائتو آھيان، جنھن ڪتاب جو خوبصورت نالو تجويز ڪيو.
مان پنهنجي بيحد پيارن ڀائُرن منصور ۽ ھالار جي پيار جو به قرضدار آھيان، جن جون قيمتي صلاحون ھن ڪتاب جو حصو آھن. منهنجي امان ۽ بابا جي اٿاهه پيار ۽ دعائن جو ته ڪو نعمل بدل ئي ناھي. جن سدائين منهنجي نالائقين جي بدلي مون کي پيار ۽ دعائن سان نوازيو آھي. آخر ۾ مان سموري ڪائنات جي پالڻھار جو به شڪر گذار آھيان، جنھن مون ۾ ٻه اکر لکڻ جي سگھ پيدا ڪئي.


سرمد کوسو
بدين، سنڌ
16، مارچ 2019

هڪ نوجوان جو علم سان عشق

هِن نوجوان سرمد کوسي جا هينئر تائين مون سان ٽي تعارف ٿيا آهن: پهريون تڏهن ٿيو هو، جڏهن هُو پنهنجي ڳوٺ مان هلي حيدرآباد ويو هو، جتان، گاڏي کاتي مان ڪويتا جي بڪ شاپ تان منهنجو ناول ”هڪ مهمان ڇوڪري“ خريدي، پنهنجي ڳوٺ وڃي، اُهو پڙهي، اُن تي پنهنجي راءِ لکي هئائين. سندس ٻيو تعارف اهو ٿيو هو ته، هن نوجوان ڪجهه سال اڳ تعليم جي موضوع تي لکڻ شروع ڪيو، ۽ مون سندس اهي ليک ڪاوش مڊويڪ مئگزين ۽ ڪاوش دنيا ۾ شايع ڪيا (جيڪي هِن ڪتاب ۾ به شامل آهن)- ۽ سندس ٽيون تعارف هن ڪتاب ”تِنين کي تعليم جي“ ذريعي ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ هُو ملڪن ۽ قومن کي سڌارڻ، سنوارڻ، ترقي وٺرائڻ ۽ مهذب بڻائڻ وارو - تعليم جو انتهائي اهم موضوع کڻي آيو آهي.
هر وقت علم جي ڳولا ۾ رهندڙ هيءُ نوجوان جنهن رفتار سان پاڻ پنهنجي تربيت ڪري رهيو آهي، جهڙي طرح هُو پنهنجي ذهن کي علم ذريعي وسعت ڏيئي رهيو آهي ۽ جنهن جذبي تحت هُو پنهنجا خيال ڪمپوز ڪري رهيو آهي، اُن کي ڏسي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته، جيڪڏهن کيس ههڙيون حالتون مستقل بنيادن تي ملنديون رهيون، جيڪڏهن سندس علمي پياس واري هاڻوڪي شدت سڀاڻي به برقرار رهي، جيڪڏهن هن ڪجهه ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ ائين نه چيو ته،’منهنجي اڃ اجهائجي وئي، هاڻي وڌيڪ ڇالاءِ پڙهجي،‘ جيڪڏهن هِن نئين دور جي چئلينجز کي سمجهي ورتو ۽ جيڪڏهن هُو پنهنجي زندگيءَ جي سُک ۽ مقصد کي پنهنجي روشن خيالي واري سوچ ۽ علم سان جوڙي، اڳتي وڌندو رهيو ته گهٽ ۾ گهٽ هيءَ ايڪيهين صدي ته هن نوجوان سرمد کوسي ۽ هِن جهڙن ٻين نوجوانن جي ئي هوندي.
سرمد کوسي نه هڪ روايتي نوجوان وانگر پيار ۽ محبت جون ڪهاڻيون لکيون آهن، نه ڪي رومانوي گيت ۽ غزل لکيا آهن، ۽ نه وري انهن سياسي موضوعن تي لکيو آهي، جن جي ذڪر تي مايوسيءَ جا ڪڪر ذهنن تي اوندهه پکيڙي ويندا آهن، پر هن، ننڍي عمر ۾ ئي تعليم جهڙي انتهائي سنجيده موضوع سان گڏ سماجي شعور سان لاڳاپيل انهن موضوعن تي لکيو آهي، جيڪي اجتماعي مفادن وارا آهن، ۽ جن ۾ بيان ڪيل مسئلا جڏهن حل ٿيندا ته، ’هيءَ مِٽي مانُ لهندي،‘ هي ماڻهو مسڪرائيندا، اسان جي ڌرتيءَ جا ساوا ۽ سونا سنگ سدا جهومندا رهندا ۽ ڪنهن به ٻار کي ڪو ڪوسو واءُ نه لڳندو.
هيءُ ڪتاب اڄ جي، خاص طور نوجوان ليکڪن کي پڻ صلاح ڏئي ٿو ته، ٺيڪ آهي ادبي ڪم به ضروري آهن، تخليقي ڪم به اهم آهن، شاعري ڪرڻ به سٺي ڳالهه آهي، ڪهاڻي لکڻ به چڱو ڪم آهي، ناول به لکڻ گهرجي، ڊرامو به تحرير ڪجي، ۽ سوشل ميڊيا به پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ استعمال ڪجي، پر ٻيلي، قومون رڳو انهن موضوعن تي لکڻ سان ناهن جيئنديون ۽ اڳتي وڌنديون، اُنهن جي پيرن ۾ پيل جهالت جا نوڙَ، تعليم ئي ٽوڙي سگهندي آهي. رڳو ادب واري هڪ رخ ۾ نه هلجي، علم واري پاسي به اچجي ۽ اچي ڏسجي انهن بينچن کي، جن تي اسان جا ڪارڙا ڪوجهڙا ٻارڙا استاد جي انتظار ۾ ويٺا آهن، اچي ڏسجي انهن اسڪولن کي، جن جون ڇِتون ناهن، جتي پيئڻ جو پاڻي ناهي، جتي ٽوائليٽ ناهي، جتي بجلي ناهي، جتي اُس اُنهن جو ڇانورو آهي - ۽ اچي ڏسجي اُن ڪاري بورڊ کي، جنهن تي استاد زندگيءَ جو ڪو نئون سبق لکيو به آهي يا اڃا به پراڻي نصاب وارو سبق لکي رهيو آهي؟ تنهن ڪري هيءُ ڪتاب پڙهندڙن کي حقيقي زندگيءَ جي علم ڏانهن وٺي ويندو.
سرمد کوسو جهڙو پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۽ عمل ۾ مهذب آهي، اهڙو ئي هُو پنهنجين هِنن لکڻين مان ظاهر ٿئي ٿو. مون جڏهن سندس هيءُ ڪتاب پڙهيو ته تعليم جي مختلف پاسن تي لکيل سندس ليک پڙهي مان سوچڻ لڳس ته، ’شاگرد، استاد، والدين ۽ انتظاميه؛‘ اِهي چار اهڙا ڪردار آهن، جيڪي تعليمي نظام جي ٻيڙيءَ جا اهم حصا آهن. هاڻي جيڪڏهن انهن مان ڪير به ڪمزور ٿيندو ته، تعليم جي ٻيڙي لهرن وچ ۾ لُڏي لَمي، ۽ نيٺ ٻڏي ويندي.
اسان وٽ انگريزي ميڊيم ۾ جديد تعليم جي شروعات گذريل ٽن صدين کان (اُڻويهين صديءَ جي اڌ کان) ٿي آهي، جڏهن کان 1843ع ۾انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، ۽ جنهن بعد روشن خيال مسلمانن جهڙوڪ: حسن علي آفندي ۽ سندس ساٿي اڳتي آيا، جن سنڌ جي مرڪزي شهر - ڪراچي (ان وقت جي اصل ڪراچي ۽ جيڪا هاڻي پراڻي ڪراچي ليکجي ٿي) ۾ 1885ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام جي نالي سان هڪ بورڊنگ سيڪنڊري اسڪول قائم ڪيو. ان جي اٺين سال 1893ع ۾ وچولي سنڌ ۾ درٻيلي سان واسطو رکندڙ سيد الهندي شاهه نوشهروفيروز ۾ مدرسه اسڪول قائم ڪيو ۽ ان کان 27 سال پوءِ لاڙ ۾- ٽنڊو باگو ۾ 1920ع ۾ مير غلام محمد ٽالپر لارينس مدرسو قائم ڪيو (هن ڪتاب ۾ مير صاحب تي به ليک شامل آهي)، پر انهن ٽنهي تعليمي ادارن کان اڳ ۾ سنڌ جي انگريز سرڪار حيدرآباد شهر ۾ 1858ع ۾ هڪ اسڪول قائم ڪيو هو، جنهن جو مختلف لکتن موجب، ”’حيدرآباد هاءِ اسڪول‘ نالو رکيو ويو هو. اهو هڪ رپورٽ موجب ’نامياري وڪيل نور محمد لاکير 1924ع ۾ برطانوي سرڪار کان ورتو، جنهن بعد ان تي سندس نالو رکيو ويو. ان طرح اهو ’نور محمد هاءِ اسڪول‘ طور سڃاڻپ حاصل ڪري ويو.“ (چون ٿا نور محمد لاکير اصل ۾ ڏوڪري تعلقي جو ڄائو هو.)
پر انهن سڀني تعليمي ادارن کان سڀ کان اول انگريز سرڪار جي، سنڌ ۾ مقرر چيف ڪمشنر (ان وقت سنڌ بمبئي پريزيڊنسي جو حصو هئي، جنهن ڪري انگريزن جي قبضي واري سنڌ ۾ بمبئي پريزيڊنسي جا مجموعي مسئلا گورنر ڏسندو هو ۽ سنڌ جو انتظام هلائڻ لاءِ چيف ڪمشنر مقرر هوندو هو) سر بارٽل فريئر 1855ع ۾ ڪراچي شهر جي صدر واري علائقي ۾ هاڻوڪي ايم اي جناح روڊ تي سنڌ جو پهريون سرڪاري اسڪول قائم ڪيو هو، جنهن تي بعد ۾، سنڌ ۾ تعليمي شعبي سال لاڳاپيل شخصيت نارائڻ جنگن ناٿ وديا جي نالي پٺيان ا نالو رکيو ويو، جيڪو اڄ ’اين جي وي اسڪول‘ جي نالي سان مشهور آهي.
سو اڻويهين صديءَ جي آخري اڌ ۽ ويهين صديءَ جي ابتدائي اڌ ۾، سنڌ جا اهي چند تعليمي ادارا هئا، جن هتي جديد تعليم جي واڌاري لاءِ بنيادي اهميت جو ڪم ڪيو.
انهن کانسواءِ سنڌ جو پهريون ڪاليج، ڊي جي (ديوان ڏيارام ڄيٺمل) سنڌ ڪاليج هو، جيڪو 1887ع ۾ قائم ٿيو هو، پر چون ٿا ته ان وقت جي برٽش انڊيا جي وائسراءِ لارڊ ڊفرن، ڪلڪتي مان اچي سنڌ مدرسي ۽ ڊي جي سنڌ ڪاليج جي عمارتن جي پيڙهه جو پٿر 1887ع ۾ ساڳئي ڏينهن تي رکيو هو.
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جيئن ته سنڌ اُن وقت بمبئي پريزيڊنسي جو حصو هئي، ۽ ان وقت سنڌ ۾ ڪوبه تعليمي بورڊ يا يونيورسٽي نه هئي، تنهن ڪري، سنڌ مدرسي (ممڪن آهي ته ٻين اسڪولن جا به) شاگرد ميٽرڪ جو امتحان ڏيڻ لاءِ بمبئي ويندا هئا، ڇاڪاڻ جو هن اسڪول جو بمبئي يونيورسٽيءَ سان الحاق ٿيل هو. (هن وقت اسان وٽ 55 سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽيون آهن، جن مان 21 سرڪاري يونيورسٽون آهن. )
سنڌ ۾ پهرين يونيورسٽي – سنڌ يونيورسٽي 1947ع ۾ ڪراچي شهر ۾ قائم ڪئي وئي، جنهن بابت چون ٿا ته اها موجوده ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي عمارت جي هڪ حصي ۾ قائم هئي- ۽ ان جو ڪجهه حصو سنڌ مدرسي ۾ به قائم هو (ان تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي)، ان بعد 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد منتقل ڪئي وئي ۽ ڪراچيءَ ۾ ’ڪراچي يونيورسٽي‘ قائم ڪئي وئي. ان تبديليءَ جو سبب اهو ڄاڻايو ويو آهي ته، ”جيئن ته ڪراچي شهر کي ان وقت پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو هو، جنهن ڪري سنڌ جي گاديءَ جو درجو حيدرآباد کي ملڻ سبب ’سنڌ يونيورسٽي‘ کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو هو.“
ان سبب تي اسان جي ذهن ۾ هيءَ ڳالهه اچي ٿي ته،”جي ڪراچي شهر کي پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو هو، تڏهن به سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي شهر ۾ ئي (ڪراچي يونيورسٽي ٺاهڻ بدران) رهڻ ڏيڻ سان ڇا پئي ٿي سگهيو؟ ۽ ان کي حيدرآباد منتقل ڪرڻ بدران ان جي جاءِ تي جيڪڏهن حيدرآباد ۾ ’حيدرآباد يونيورسٽي‘ ٺاهي وڃي ها، ته ڇا ٿئي ها؟“
سنڌ جو پهريون ميڊيڪل ڪاليج، ڊائو ميڊيڪل ڪاليج هو، جيڪو 1945ع ۾ قائم ڪيو ويو هو. ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي ويب سائٽ تي ان بابت ڏنل ڄاڻ موجب،”1881ع ۾ ڊاڪٽر هوم اسٽيڊ حيدرآباد ۾ جيڪو ميڊيڪل اسڪول قائم ڪيو هو، ان کي ڪاليج ۾ تبديل ڪري ڊائو ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪيو ويو. هڪ سال بعد 1946ع ۾ ان کي اين جي وي هاءِ اسڪول جي عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو. هن ڪاليج جي قيام ۾ سنڌ سرڪار جي ان وقت جي صحت ۽ ميڊيسن جي وزير ڊاڪٽر هيمنداس آر واڌواڻي ۽ سنڌ جي گورنر سر هِيو ڊائو (Sir Hugh Dow) جون ڪوششون شامل هيون. ان بعد جڏهن ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي پنهنجي عمارت سول اسپتال جي ڀرسان ٺهي ته ان کي ان ۾ منتقل ڪيو ويو.“
ان دور ۾ سنڌ ۾ ان سطح جي ٿيل تعليمي ترقي، خاص طور مٿي ڄاڻايل اسڪولن کي ڏسجي ته، اها ڳالهه سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندي ته سنڌ جا اهي چند اهم تعليمي ادارا ئي هئا، جن جي قيام سان خاص طور سنڌي مسلمان ٻارن انگريزي ميڊيم ۾ جديد ۽ معياري تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان وٽ سياسي، سماجي، علمي۽ ادبي قيادت پيدا ٿيڻ شروع ٿي، جن پنهنجي جديد شعور کي سنڌ جي ٻين ماڻهن تائين پهچايو ۽ انهن سان پاڻ کي جوڙيو. انهن ۾ سرفهرست علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، علامه علي خان ابڙو، محمد ابراهيم جويو، شمشيرالحيدري ۽ ٻيا اهڙا بيشمار ماڻهو هئا، جيڪي رڳو هڪ اداري- سنڌ مدرسته الاسلام مان جديد علم حاصل ڪري، تيار ٿي نڪتا، پوءِ انهن مان ڪِن ويهين صدي ۾ ۽ ڪِن ايڪيهين صديءَ جي شروعاتي ٻن ڏهاڪن تائين به، سنڌ جي ذهنن تي پنهنجي ڏاهپ جا اهڙا نشان ڇڏيا، جيڪي اڄوڪي نسل جي به رهنمائيءَ ڪن ٿا.
انهن سمورين شخصيتن مان چئن شخصيتن جو سنڌ ۾ جديد تعليم ڦهلائڻ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي، ۽ اهي آهن: علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، علامه علي خان ابڙو ۽ محمد ابراهيم جويو. علامه آءِ آءِ قاضي پاڪستان جي قيام جي چوٿين سال، 1951۾، ڪراچيءَ مان حيدرآباد منتقل ٿيل سنڌ يونيورسٽي جي ڪئمپس، حيدرآباد مان کڻي ڄامشوري جي ٽڪريءَ تي قائم ڪرائي، اُن کي رابندرناٿ ٽيگور واري شانتي نڪيتن بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن ته ڊاڪٽر دائودپوٽي ۽ علامه علي خان ابڙي سنڌ جي تعليم کاتي ۾ مختلف انتظامي عهدن تي رهي، سنڌ جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ وڃي، پنهنجن ٻارن کي معياري تعليم ڏيڻ واري عمل جي نظرداري ڪئي.
هڪ ڀيري ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ حڪيم سنديلو جي رهواسي ۽ بهترين ڪهاڻيڪار ۽ شاعر قربان سنديلي صاحب ڳوٺ بکوديرو (باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جو اباڻو ڳوٺ) جي شاگردن جي حاضريءَ واري رجسٽر جي هڪ صفحي جي فوٽو ڪاپي مون ڏانهن موڪلي هئي، جنهن تي ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب، ان اسڪول جي پنهنجي دوري دوران نوٽ لکيو هو. جڏهن ته هڪ ڀيري جديد سنڌي ڪهاڻي جي باني سائين جمال ابڙي صاحب مون کي 1993ع ۾ ماهوار سنڌ سجاڳ، ڪراچي لاءِ انٽرويو ڏيندي ٻڌايو هو ته،”هو به هڪ ڀيري پنهنجي والد علامه علي خان ابڙو سان اٺ تي چڙهي ڪاڇي واري پاسي قائم مسجد اسڪولن جي دوري تي ويو هو.“
سو ڪلهه جا تعليمي ماهر ۽ انتظامي عملدار پنهنجي قوم جي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۾ ان طرح جي دلچسپي وٺندا هئا ۽ هاڻي جڏهن اسان جي تعليمي عملدارن وٽ بهترين گاڏيون آهن، سٺي بيجٽ آهي، اسڪولن تائين پهچڻ لاءِ روڊ ٺهيل آهن ۽ سندن انتظامي حدون محدود آهي، پوءِ به انهن مان اڪثر عملدار اسڪولن جي دوري تي نٿا وڃن، سرزمين تي وڃي شاگردن جي تعليمي ڪارڪردگي نٿا جاچين ۽ استادن جي ڪم ۽ ڪردار کي ڏسڻ جي تڪليف نٿا ڪن. تڏهن ئي ته اسان وٽ تعليم، هڪ وڏي عرصي کان هڪ وڏي ڳڻتيءَ جو سبب بڻيل آهي. ڳڻتي انڪري به آهي جو اڄ جي ڊجيٽل دور جي دنيا سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ جي ترقيءَ ۾ جنهن جاءِ تي پهتي آهي، ۽ اها جنهن جاءِ ڏانهن تيزيءَ سان وڃي رهي آهي، اسان جي اها رفتار ناهي، اسان انهن کان گهڻو گهڻو پوئتي آهيون. اسان جو اهو پوئتي رهجي وڃڻ ئي اسان لاءِ انفرادي توڙي اجتماعي سطح تي شڪستون ۽ ناڪاميون کڻي اچي رهيو آهي.
مون پاڻ سنڌ جي تعليمي سرشتي کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو آهي. مون هڪ انتهائي پٺتي پيل ڳوٺ ۾ جنم ورتو، ٻه ٽي ڪلوميٽر پري هڪ ٻئي ڳوٺ ۾ وڃي پرائمري تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ ڇهه ست ڪلوميٽر پري موجود ڏوڪري شهر مان سيڪنڊري ۽ انٽرميڊيئٽ تائين تعليم حاصل ڪئي. تعليم وارا اهي ٻارهن سال (پنج سال پرائمري، پنج سال سيڪنڊري ۽ ٻه سال انٽرميڊيئٽ) مان پنهنجي ڳوٺ جنگياڻي ۾ ئي رهي اسڪول ۽ ڪاليج ويو هئس. ان بعد مون مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالوجي، ڄامشوري مان گريجوئيشن ڪئي. مون خانگي شاگرد جي حيثيت ۾ سنڌ يونيورسٽي مان بيچلر جي ڊگري ورتي. مون آغا خان يونيورسٽي انسٽيٽوٽ آف ايجوڪيشنل ڊويلپمينٽ (آءِ اِي ڊي) مان اسڪول مئنجمينٽ ۾ ڊپلوما ڪئي، مون ڪراچي جي وفاقي اردو يونيورسٽي مان ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽر ڪئي، انڊس يونيورسٽي مان بي اَيڊ ڪئي ۽ سال 1996ع کان 2012 تائين سنڌ مدرسه الاسلام (ان جي يونيورسٽي ٿيڻ کان اڳ ۾) جي ٽيڪنيڪل سيڪشن جي انچارج سان گڏ 2000ع کان 2003 ۽ 2006ع کان 2008ع تائين ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي پرائمري سيڪشن ۽ ڇوڪرن جي سيڪنڊري سيڪشن ۽ ڪاليج جي انچارج جي حيثيت ۾ انتظامي معاملا ڏسڻ سان گڏ مختلف ڪلاسن ۾ شاگردن کي پڙهايو به هو. ٻه چار پيرڊ مون سنڌ مدرسي کي 2012ع ۾ يونيورسٽي جو درجو ملڻ کانپوءِ 2013ع ۾ ان جي ميڊيا اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ جي پهرين سال جي شاگردن جا به ورتا هئا.
پنهنجي ان سڄي قصي بيان ڪرڻ جو منهنجو مقصد رڳو اهو آهي ته، مون پرائمري کان اعليٰ تعليمي ادارن تائين، کي ويجهي کان به ڏٺو آهي ۽ انهن جي تعليمي معيار، ماحول، استادن ۽ انتظامي عملدارن جي ڪردار کي ڪنهن حد تائين پرکيو به آهي، تنهن ڪري پنهنجي تعليمي نظام جو حصو ٿي رهڻ دوران مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته، جيڪڏهن تعليمي ادارن جا سربراهه جديد دور جو علم ۽ ادراڪ رکندڙ هوندا، سندن پهرين ۽ آخري ترجيح ٻارن جي معياري تعليم هوندي، وٽن تجربو هوندو ۽ پنهنجي قوم جو درد ۽ ان جي ترقيءَ جو فڪر هوندو ته هو پنهنجي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي واري ننڍڙي دنيا ۾ رهي به پنهنجن تعليمي ادارن کي آئيڊيل ادارا بڻائي سگهن ٿا. هو ئي استاد جي تدريسي عمل تي نظر رکي، انهن کان سندن فرض جي ادائگيءَ وارو ڪم وٺي سگهن ٿا، هو ئي شاگردن ۾ تعليم ڏانهن سندن دلچسپي پيدا ڪري سگهن ٿا ۽ هو ئي والدين کي پابند ڪري سگهن ٿا ته هو گهرن ۾ پنهنجن ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏين.
سو پنهنجي پڙهائي ۽ پڙهائڻ وارن ڏينهن جي تجربن کي سامهون رکندي جڏهن مون هيءُ ڪتاب پڙهيو ته نوجوان استاد ۽ ليکڪ سرمد کوسي جا خيال پڙهي مان بيحد خوش ٿيس ته، ههڙي دور ۾، جڏهن تعليم ڪاروبار بڻيل آهي، اڪثر استاد، گهوسٽ ٽيچر بڻجي پنهنجا ذاتي ڪاروبار ڪري رهيا آهن ۽ تعليمي عملدار ٻين ڪمن ۽ مصروفيتن ۾ مصروف آهن، تڏهن هيءُ نوجوان ليکڪ نه صرف پنهنجي شاگردن کي جديد انداز ۾ تعليم ڏئي ٿو، انهن جي تربيت ڪري ٿو ۽ انهن جي ڪردارسازي تي ڌيان ڏئي ٿو، پر هو ڊاڪٽر دائودپوٽي، علامه علي خان ابڙي ۽ محمد ابراهيم جويي وانگر، هن ڪتاب وسيلي تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل بنيادي اهميت جي موضوعن تي دل جي سچائيءَ سان لکي شاگردن ۽ استادن کي اهم صلاحون ڏئي ٿو.
سرمد کوسي ماحوليات جي موضوع تي ”ماحولياتي تعليم جي اهميت ۽ اسانجو مستقبل“ جي عنوان سان هڪ اهم ليک لکيو آهي، جيڪو، اڄ سڄي دنيا کي لاحق ماحولياتي خطرن ڏانهن اسان جو ڌيان ڇڪائي ٿو- ۽ اِهو سچ آهي ته اڄ اسان پاڻ، انسانَ، هٿ وٺي هن سموري ڪائنات کي چُوچڙي ڏيئي رهيا آهيون. ٻي ڪابه مخلوق ناهي، جيڪا گلوبل وارمنگ (عالمي تپت) جو سبب بڻجندي هجي ۽ اسان جي ايڪو سسٽم کي تباهه ڪندي هجي، تنهن ڪري جيڪڏهن اسان اڄ پنهنجي ماڻهن سان گڏ پنهنجي ٻارن کي ماحوليات جي بچاءَ بابت ڄاڻ نه ڏني ته، اڳتي هلي اسان جا ايندڙ نسل ماحولياتي تباهيءَ جي نتيجي ۾ جيڪو ڪجهه ڀوڳيندا، اهو ائٽم بمن جي تباهين ۽ اثرن کان وڌيڪ خطرناڪ هوندو. هن نوجوانن کي صلاح ڏني آهي ته هُو به وڌ کان وڌ ٻوٽا پوکين، ڇو ته ان طرح ئي اسان هِن ڌرتيءَ کي رهڻ لائق بڻائي سگهون ٿا.
هن نوجوان ليکڪ زراعت جي تباهيءَ تي به لکيو آهي، جيڪو به هڪ اهم موضوع آهي. ڇاڪاڻ جو اسان جو زرعي معاشرو آهي، جتي پاڻيءَ جي کوٽ سبب اڄ اسان جي زراعت کي به خطرناڪ قسم جا خطرا لاحق آهن. ان جو رڳو هڪ مثال اهو آهي ته 12 ڊسمبر 2018ع تي سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ ۾ منعقد ٿيل هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي سائنس واري وزارت جي ماحوليات بابت چيئرمين ڪاشف اقبال بٽ سنڌو درياهه ۽ گهٽجڻ زرعي پيداوار بابت ڏاڍيون ڇرڪائيندڙ ڳالهيون ڪيون هيون. هن چيو هو ته،” پاڪسان جي آبپاشي نظام جو مڪمل طور دارومدار سنڌو درياهه جي پاڻي تي آهي. ان جي مدد سان پاڪستان جي کاڌ خوراڪ جو 90 سيڪڙو حاصل ٿئي ٿو، ۽ جيڪا پيداوار ملڪ جي جي ڊي پي جو 25 سيڪڙو آهي.“ هن ڇرڪائيندڙ ڳالهه اها ڪئي هئي ته، ”2025ع تائين سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَجي کوٽ 35 سيڪڙو ٿي ويندي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ 30 ملين ٽن زرعي پيداوار گهٽجي ويندي.“ هن پاڻيءَ جي گهٽجڻ جو سبب، ماحولياتي تبديليءَ سبب گليشئرس جو پگهرجڻ ٻڌايو هو. تنهن ڪري اسان کي ماحوليات جي مسئلي کي تمام گهڻي سنجيدگيءَ سان، عملي طور، وٺڻ گهرجي ۽ پنهنجي ٻارن کي ان مضمون جي تعليم ڏيڻ گهرجي.
هيءُ ڪتاب نوجوانن جي به نمائندگي ڪري ٿو، ڇاڪاڻ جو ليکڪ پنهنجي مضمون” اسان جي نوجوانن کي درپيش مسئلا“ ۾ نوجوانن جي مسئلن جي نشاندهي ڪري ٿو، جن ۾ سندن وڏا مسئلا بيروزگاري ۽ منشيات جو واهپو آهي. هُو خودڪشيءَ واري پنهنجي مضمون ۾ پڻ هِن معاشري جي معاشي ۽ اخلاقي بگاڙ کي ان جو مکيه سبب سمجهي ٿو. سرمد کوسو ته اسڪول وينن ۽ بسن ۾ لڙڪي اسڪول ايندڙ ويندڙ ۽ اڪثر حادثن جو شڪار ٿيندڙ ٻارڙن تي به رتُ رنو آهي.
هن ڪتاب جي ٻين موضوعن ۾ تعليمي ادارن ۾ تحقيق، هم نصابي سرگرمين جي اهميت، امحتانن ۾ ٿيندڙ نقل، اڌ ۾ پڙهائي ڇڏي ويندڙ ٻارن، ٻارن جي نفسيات کي سمجهڻ، ٻارن جي ڪائونسلنگ ۽ مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ وارا موضوع شامل آهن، جن تي جيڪڏهن عمل ٿئي ته اسان جو تعليمي سرشتو ڪافي بهتر ٿي سگهي ٿو.
مجموعي طرح سرمد کوسي پنهنجي هن ڪتاب ۾ آرٽ ۽ سائنس، ٻنهي شعبن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ انهن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. ان سان گڏ هو استادن ۽ والدين کي به عرض ڪري ٿو ته هو پنهنجي ٻارڙن جي تعليم سان گڏ انهن جي ڪردارسازي تي ڌيان ڏين، کين پنهنجا اخلاقي قدر ۽ تهذيبي ورثو سڃاڻڻ جي سکيا ڏين ۽ کين هر قسم جي تعصب کان آجو، روشن خيال ۽ انسان دوست انسان بڻائين. ان طرح هيءُ ڪتاب نوجوانن سان گڏ انهن عملدارن ۽ استادن لاءِ به هڪ گائيڊ بڪ آهي، جيڪي اڄ سنڌ جي نوجوان جي ذهن کي پڙهڻ چاهين ٿا. ان سان گڏ هيءُ ڪتاب رڳو پرائمري تعليم جي حوالي سان اهم ناهي، پر هيءُ اعليٰ ۽ پروفيشنل تعليم جي حوالي سان به اهم آهي.
مان هن ڪتاب ۾ سرمد جا تعليم ۽ ماحوليات بابت ليک پڙهي جڏهن سندس هيءُ ليک ”احساس جو موت“ پڙهيو ته، مون سوچيو ته، هن نوجوان پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪيل سموري بحث جو نتيجو ٽن لفطن واري هن عنوان ”احساس جو موت“ ۾ ئي ڪڍي ڇڏيو آهي. - ۽ جيڪڏهن اسان وٽ احساس هجي ته، اسان اُن مسڪين ٻارڙي جي تعليم لاءِ به سوچيون، جيڪو مال چاري ٿو، جيڪو پنهنجي بابا سان گڏ گرمين سردين ۾ کيتن ۾ ڪم ڪري ٿو، جيڪو ڪارخانن ۾ مزدوري ڪري ٿو ۽ جيڪو روڊن رستن تي بيهي پني ٿو (مان 2 مارچ 2019ع تي هڪ وفد سان گڏ هاليجي ڍنڍ تي ويو هئس ته ٺٽي ڏانهن ويندڙ روڊ کان هاليجي ڍنڍ ڏانهن مڙندڙ لنڪ روڊ کان وٺي ڍنڍ تائين پهچڻ تائين، رستي جي ٻنهي پاسن کان بيٺل ڪيترن ٻارن ۽ عورتن جا خيرات لاءِ هٿ کنيل هئا، جن کي ڏسي مان شديد ذهني تڪليف مان ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو هئس، انهن کي ڏسي نه ٿي سگهيس.) ۽ اسان پنهنجي اُن ٻارڙيءَ لاءِ به سوچيون، جيڪا گهر جي ڪم ڪار ۾ پنهنجي امڙ جو هٿ ونڊائي ٿي، جيڪا کيتن ۾ڪم ڪري ٿي، جيڪا ننڍي عمر ۾ پرڻائي وڃي ٿي ۽ جيڪا جوانيءَ ۾ ئي ڪراڙي ٿي وڃي ٿي.
اڄ، اڳ جي ڀيٽ ۾ علم حاصل ڪرڻ جا ذريعا تمام گهڻا وڌيڪ ۽ سَهنجا ٿي پيا آهن. اڄ اسان ڳوٺ يا شهر جي گهرن ۾ ويهي سيل فون يا ڪمپيوٽر تي انٽرنيٽ جي مدد سان دنيا جهان جي، هر موضوع جي نئين کان نئين ڄاڻ حاصل ڪيون ٿا. انٽرنيٽ ته هڪ گلوبل لائبرري آهي، جنهن تي هر علم جا ڪيئي ڪتاب، ريسرچ جرنل ۽ ٻيو مواد پيو آهي، ان جي مدد سان اسان پاڻ کي باخبر رکڻ سان گڏ پنهنجي شعور، ڄاڻ ۽ علم ۾ واڌارو آڻي سگهون ٿا. اهڙي دور ۾ جيڪڏهن اسان جو استاد نه پڙهائي ۽ اسان جو شاگرد به پڙهڻ ۾ دلچسپي نه وٺي، ته سرمد کوسي جو ڏکارو ٿيڻ جائز آهي.
اڄ اسان وٽ پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جو تعداد، سنڌ جي رٿابندي ۽ ترقي واري وزارت جي بيورو آف اسٽيٽسٽڪس پاران 2010-11 ۾ ”اسڪول ايجوڪيشن اسٽيٽسٽڪس سنڌ“ جي عنوان سان جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ هن طرح ڄاڻايو هو،”سنڌ جي شهري توڙي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ 48،914 پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري اسڪول آهن، جن مان 43،875 اسڪول هلي رهيا آهن ۽ باقي 5039 اسڪول بند پيا آهن.“
”پاڪستان ٺهڻ کان ترت پوءِ سڄي پاڪستان ۾ 8413 پرائمري اسڪول، 2191 مڊل اسڪول، 408 هاءِ اسڪول، 46 سيڪنڊري ووڪيشنل اسڪول، 40 آرٽس ۽ سائنس جا ڪاليج ۽ ٻه يونيورسٽيون هيون.“ (حوالو: تعليم واري وفاقي وزارت جي فيڊرل بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي 1959-60 کان 1991-92جي رپورٽ).
اسانجي انهن هزارين تعليمي ادارن ۾ هن وقت وڏي تعداد ۾ استاد ۽ انتظامي عملدار مقرر ٿيل آهن، ان جي باوجود جيڪڏهن اسان جو تعليمي معيار بهتر نٿو ٿئي ته، ان ۾ ڏوهه ڪنهن به صورت ۾ شاگردن جو ناهي، پر اهو ڏوهه وڏي حد تائين استادن، انتظامي عملدارن ۽ شاگردن جي والدين جو آهي. اسان وٽ بس تعليم جي شعبي ۾ هر دور ۾ رڳو نوان نوان ۽ ناڪام تجربا ئي ٿيا آهن. تنهن ڪري، اڄ جڏهن اسان وٽ تعليمي عمل جي نظرداري ۽ نگهباني ڪرڻ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سولو آهي، پوءِ به جيڪڏهن اسان جا استاد ۽ تعليمي عملدار پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي ڪن ته سرمد کوسي جي مٿن تنقيد جائز لڳي ٿي.
هتي اسان اهو تسليم ڪيون ٿا ته اسان وٽ تعليم جو تناسب اڳ جي ڀيٽ ۾ اڄ تمام گهڻو وڌيو آهي، پر اها به حقيقت آهي ته، تعليمي معيار مايوسيءَ جي حد تائين ڪِريو آهي. اڄوڪي دور ۾ اسان کي جيڪي به ماڻهو ڪاميابي ماڻيل نظر اچن ٿا، يا ڪاميابيون ماڻڻ واري رستي تي هلندڙ آهن، ان ۾ رڳو ۽ رڳو سندن ذاتي ۽ والدين جي دلچسپي، سندن ڪجهه ڪرڻ جو جنون، ڪجهه بڻجڻ جي تمنا ۽ سندن خانداني معاشي تنگدستي جو وڏو عمل دخل آهي.
اسان کي حيرت آهي ته اسان وٽ اڳ ۾ انگريزن ۽ هاڻي آمريڪن (يو ايس ايڊ) ۽ امير ماڻهن جا ٺاهيل خانگي اسڪول هر طرح سان سٺا ليکجن ٿا ۽ اسان جا پنهنجا سرڪاري اسڪول پنهنجي اهميت وڃائي ويٺا آهن، جن جي ناڪاميءَ خانگي اسڪولن جي قيام کي اهڙي طرح جاءِ ڏني آهي، جيئن ناڪام ٿي ويل سرڪاري ريلوي نظام خانگي ٽرانسپورٽ کي ۽ ناڪام سرڪاري اسپتالن، خانگي ڪلنڪس ۽ خانگي اسپتالن کي جاءِ ڏني آهي.
سو هيءُ ڪتاب ڏاڍو وقتائتو آهي، جيڪو اسان کي هڪ دفعو ٻيهر اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته اچو ته پنهنجي تعليمي سرشتي جو نئين سر جائزو وٺون، ان کي بهتر کان بهتر بڻائڻ جي انفرادي توڙي اجتماعي سطح تي ڪوشش ڪريون. ايڏي وڏي مايوسيءَ جي به ڳالهه ناهي. ائين به ناهي ته اسانجو تعليمي نظام مڪمل طور اپاهج ٿي چڪو آهي. اڄ به ڪي استاد ۽ عملدار اهڙا آهن، جيڪي آئيڊيل استاد ۽ عملدار جي حيثيت رکن ٿا، جن کي پنهنجي مضمون تي دسترس حاصل آهي، جن کي هڪ کان وڌيڪ ٻوليون اچن ٿيون، جيڪي جديد تدريسي عمل کان واقف آهن، جن کي ٻارن جي نفسيات جو پتو آهي، جيڪي سمجهن ٿا ته اڄوڪي سخت مقابلو کڻي آيل گلوبلائيزيشن واري دور ۾ علم ئي انسان جون اصلي اکيون آهي، جن کي غريب ٻارڙن جي تعليم جو اونو آهي ۽ جيڪي پنهنجي ملڪ جي هر طرح سان ترقي ڏسڻ چاهين ٿا، تڏهن ئي ته هو چاهين ٿا ته پنهنجي قوم جا ٻار ڪنهن کان به پٺتي نه رهن، ڇوته هو سمجهن ٿا ته، جيڪڏهن سندن ٻار بگڙي ويا، اهي اڻپڙهيل رهجي ويا ته سندن پيرن هيٺان زمين سولائيءَ سان نڪري ويندي.
مون کي اميد آهي ته هيءُ ڪتاب هلندڙ ايڪيهين صديءَ کي، اسان لاءِ سئو سيڪڙو علم واري صدي بڻائڻ خاطر، عام راءِ ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ڇاڪاڻ جو هيءُ هڪ نوجوان جو علم سان عشق وارو ڪتاب آهي، جيڪو پڪ آهي ته پنهنجو اثر ڇڏيندو.

انور ابڙو
18 مارچ، 2019ع
ڪراچي

مادري ٻولي، تعليم ۽ ٻار

---

اول ٻار جي نفسيات کي سمجھو، پوءِ ان کي پڙهايو!

نفسيات، جنهن جو انسان جي ڪردار ۽ شخصيت تي وڏو اثر هوندو پر اسان جي معاشري ۾ ان اهم شعبي کي ڪا اهميت ناهي. اسان پنهنجي روزمره جي ڪارونهوار ۾ بـ ڪنهن شخص جي نفسيات جو خيال ناهيون ڪندا. نتيجي ۾ اسان جو سڄو سماج نفسياتي مونجهارن جو شڪار آهي. ڏاڍو ڏک ٿئي ٿو جو اسان جي تعليمي ادارن ۾ بـ ٻارن جي نفسيات جو خيال نٿو ڪيو وڃي. ٻار جي حساسيت جو ڪو قدر نٿو ڪيو وڃي. ان ڪري اڪثر ٻار ننڍي وهي ۾ ئي پنهنجو اعتماد وڃائي ويهندا آهن. پنهنجيون ڳالهيون ۽ مسئلا ڪنهن سان ونڊي ناهن سگهندا ۽ سندن شخصيت بگڙي ويندي آهي. تعليمي ادارن ۾ ٻارن جي تربيت ٿيندي آهي، اتي نفسيات جي تمام گهڻي اهميت آهي، ڇو تـ اهي ٻار ئي سڀاڻي جي سماج جا ڪارگر فرد ٿيندا.
ان حوالي سان مان سمجهان ٿو تـ هڪ استاد جو اهم ڪردار آهي تـ هو ٻار جي نفسيات کي سمجهي ۽ ان مطابق هن جي تربيت ڪري. مون اهو محسوس ڪيو آهي تـ اڪثر استاد ٻار جي نفسيات کي سمجهي ناهن سگهندا آهن ۽ اتان کان ئي تعليمي ۽ تربيتي عمل ۾ مسئلا پيدا ٿيڻ شروع ٿيندا آهن، ان ڪري ٻار جي شخصيت، ڪردار ۽ سماجي رويو جڙڻ يا ٽٽڻ شروع ٿيندو آهي. هڪ استاد کي ٻار جي واڌ ويجهه، ذهني سطح ۽ ضرورتن کي سٺي نموني سمجهڻ گهرجي.
منهنجي خيال ۾ هي ڪجهه بنيادي ڳالهيون آهن، جيڪي ٻار جي نفسيات جي حوالي سان استادن کي ذهن ۾ رکڻ گهرجن.

1. ھر ٻار جو مختلف هجڻ:
استاد کي سڀ کان پهرين تـ اها ڳالهـ ذهن ۾ رکڻ گهرجي تـ هر ٻار منفرد، مختلف ۽ اهم هوندو آهي. هر ٻار جون صلاحيتون مختلف هونديون آهن. هر ٻار کي پنهنجو پنهنجو ڪردار نڀائڻو پوندو. سڀ شاگرد تـ انجنيئر ۽ ڊاڪٽر نـ ٿيندا. کين دنيا جي ٻين فيلڊز ۾ بـ وڃڻو آهي. ان ڪري هر ٻار کي ان جي صلاحيتن آڌار پڙهايو ۽ سيکاريو وڃي. استاد هر ٻار کي اهو محسوس ڪرائي تـ توهان اهم آهيو ۽ ڪنهن کان بـ گهٽ ناهيو. ان ڪري استاد کي ڪلاس روم جو ماحول بـ اهڙو رکڻو پوندو جو هر ٻار بهتر طريقي سان سکي ۽ سمجهي سگهي. ان ڪري استاد کي پڙهائڻ جا مختلف ۽ جديد طريقا استعمال ڪرڻا پوندا. جنهن سان هو هر ٻار کي چڱي طرح سمجهي ۽ پڙهائي سگهندو.

2. ٻار جي حساسيت جو خيال رکڻ:
ٻار ڏاڍو حساس هوندو آهي، هو استاد جي هر عمل کي نوٽ ڪندو آهي. شاگرد پنهنجي استادن جي ڪاپي بـ ڪندا آهن تـ اسان بـ پنهنجي استاد جهڙا ٿيون. ٻارن کي جڏهن دڙڪا ۽ ڇڙٻون ملنديون آهن تـ هو مايوس ٿي ويندا آهن. اسان جيڪڏهن ٻار کي " توهان " بجاءَ " تون " چئي سڏ ڪندا آهيو، تـ ٻار پنهنجي چهري جي تاٽر سان محسوس ڪرائيندو آهي تـ مون کيس توهان جي بدران تون ڪري سڏيو ويو آهي. ان ڪري استاد اهڙو رويو رکي جو سندس شاگردن جو اعتماد وڌي ۽ هو ذهني ۽ نفسياتي طور مضبوط ٿين.

3. شاگردن جي همت افزائي ڪرڻ:
هر ماڻهو اهو چاهيندو آهي تـ منهنجي تعريف ٿئي، ان ڪري ٻار بـ پنهنجي تعريف چاهيندو آهي. استاد پاران سندس همت افزائي لاءِ چيل ٻـ لفظ يا ڪو ننڍڙو انعام بـ وڏي اهميت رکندو آهي. ٻار کي اهو هرگز نـ چيو وڃي تـ “تون ڪمزور آهين، تون پڙهي نٿو سگهين يا وري تون ڪجهـ بـ نٿو ڪري سگهين، يا وري فلاڻو شاگرد تو کان هوشيار آهي، تون تـ صفا نٿو پڙهين.” انهن لفظن سان حساس ٻار احساس ڪمتري جو شڪار ٿي مايوسين جي ور چڙهي ٿا وڃن. ان ڪري استاد هر بار کي همٿائي ۽ کيس ننڍي ننڍي ڪوشش تي شاباش ڏيڻ گهرجي.

4. شاگردن جي رهنمائي ڪرڻ:
استاد کي گهرجي تـ بار جي رهنمائي ڪري. کيس سوچڻ، سمجهڻ، سوال ڪرڻ ۽ اختلاف راءِ رکڻ جو ڀرپور موقعو فراهم ڪري. استاد جو رويو جمهوري هجڻ گھرجي. ان سان هر ٻار ۾ اعتماد پيدا ٿيندو ۽ هو ڪلاس جي هر سرگرمي ۾ شوق سان حصو وٺندو. استاد پنهنجي ڳالهه يا نظريو ڪڏهن بـ ٻار ٿي مڙهي نـ، پر هن کي پنهنجي سوچ پيدا ڪرڻ جو ماحول ڏي. اڪثر استاد چاهيندا آهن تـ سندن شاگرد بـ انهن وانگر سوچين يا عمل ڪن. ايتري تائين جو اهو ڪرڻ لاءِ هو ٻار تي سختي بـ ڪندا آهن جيڪو رويو صحيح ناهي. منهنجي خيال ۾ ڪامياب استاد تـ اهو اهي جو سندس شاگرد هن کان هر حوالي سان اڳتي هجن.

5. شاگردن جي ڪردار سازي ڪرڻ:
تعليم رڳو ڄاڻ تائين محدود ناهي پر ڄاڻ سان گڏوگڏ سٺي ڪردار جو هئڻ بـ ضروري آهي. ان ڪري استاد جيڪڏهن شاگرد جي نفسيات کي ذهن ۾ رکي تربيت ڪندو تـ ٻار جو ڪردار سٺو ۽ مثبت ٿيندو. هو اڳتي هلي هن سماج جو هڪ بهتر فرد ٿيندو. استاد کي پنهنجي شاگردن سان پيار، عزت ۽ پنهنجائپ وارو ورتاءِ رکڻ گهرجي. ان ورتاءِ سان بـ ٻار جي نفسيات تي هاڪاري اثر پوندا ۽ هو بـ ٻين جي نفسيات ۽ احساسن جو قدر ڪندو.

(هي ليک ڪاوش اخبار جي مڊويڪ مئگزين ۾ 14 مارچ 2018 تي شايع ٿيو.)

ٻارن کي بنيادي تعليم مادري ٻولي ۾ ڏيڻ گهرجي

اها چوڻي مشهور آهي تـ جنهن قوم وٽ ٻولي آهي، سان هڪ زنده قوم آهي، اها قوم پنهنجي خيالن جو اظهار آساني سان ڪري سگهي ٿي. پوءِ اهو اظهار ڳالهائڻ جي صورت ۾ هجي يا وري لکڻ جي صورت ۾ هجي. ٻولي اظهار جو ذريعو آهي. ٻولي ذريعي اسان پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت جو پرچار ڪري سگهون ٿا. اسان کي فخر هجڻ گهرجي جو اسان وٽ پنهنجي ٻولي آهي. جنهن کي پنهنجي الفا بيٽ آهي، جنهن ۾ شاهـ لطيف جهڙو شاعر ۽ مفڪر موجود آهي. اسان وٽ پنهنجي سنڌي ٻولي ۾ تمام شاهڪار ادب موجود آهي. ڀٽائي سميت ٻين مفڪرن بـ سنڌي قوم کي وڏو مقام ڏنو، پر اتي هڪ سوال ٿو پيدا ٿئي تـ اسان اڄوڪي دور م پنهنجي ٻولي کي ڪيتري اهميت ڏيون ٿا؟
منهنجي خيال م اسان جي اڪثريت پنهنجي ٻولي بجاءِ ٻين ٻولين کي وڌيڪ اهميت ڏني آهي، هر ٻولي ڪارائتي آهي پر اسان کي پنهنجي مادري زبان سان وڌيڪ انسيت هجڻ گهرجي، ڇو تـ اها ٻولي اسان پنهنجي ماءِ جي جهولي ۾ ۽ سندس لولي ۾ ٻڌندا ۽ ان مان سکندا آهيون. ان ڪري ضروري آهي تـ اسان پنهنجي شاگردن ۽ ٻارن کي گهٽ ۾ گهٽ بنيادي تعليم پنهنجي مادري ٻولي ۾ ڏيون تـ جيئن هو آساني سان شين کي سمجهي سگهن. ٻيون ٻوليون تـ ٻار پڙهي ٿو، پر انهن ۾ سندس تخليقي صلاحيتون ايتريون نروار نٿيون ٿين، جيتريون پنهنجي مادري ٻولي ۾ ٿين ٿيون. دنيا ۾ انهن قومن ئي ترقي ڪئي آهي، جيڪي پنهنجي تعليم مادري ٻولي وسيلي ڏين ٿا. چين جو ملڪ ان جو وڏو مثال آهي.
اسان وٽ جيڪي سنڌي ڪجهه پئسي ڏوڪڙ وارا ٿيا، تـ اهي ٻهراڙيون ڇڏي اچي شهرن ۾ رهيا، اتي پنهنجي ٻارن کي وڏن خانگي اسڪولن ۾ داخلا وٺي ڏنن. نتيجي ۾ جيڪو ٻار ڳوٺ ۾ پنهنجي ٻولي ڳالهائيندو هو، سو شهر ۾ اچي پنهنجي ٻولي وساري شهري بابو ٿي ويو. ڇو تـ وڏن شهرن جا اڪثر خانگي اسڪول سنڌي نٿا پڙهائين. جيڪو نـ رڳو هڪ بيڪار عمل آهي پر وڏو ڏوهـ پڻ آهي. شهرن ۾ رهندڙ سنڌي ماڻهن کان اسان جي ڳوٺن ۾ رهندڙ هارين ۽ پورهيتن پنهنجي ٻولي جو بچاءِ ڪيو آهي، جو هو ان کي ڳالهائين ٿا، لکن ٿا، پڙهن ٿا ۽ پنهنجي ٻولي سان پيار ڪن ٿا.
انهي ڪري اسان سڀني کي پنهنجي ٻارن کي لازمي طور تي پنهنجي سنڌي ٻولي ۾ تعليم ڏيارڻ گهرجي. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ سنڌي مضمون لکڻ، سنڌي خطاطي، ڪهاڻي لکڻ، سنڌي ۾ تقريرون ڪرڻ، گيت ۽ بيت ٻڌائڻ جا مقابلا ڪرايا وڃن تـ جيئن شاگردن ۾ پنهنجي ٻولي لاءِ چاهـ پيدا ٿئي، جيڪڏهن اسان پنهنجي ٻولي جو قدر نـ ڪيو تـ اهو بـ اسان جي تباهي جو هڪ وڏو سبب هوندو.

( هي ليک عبرت مئگزين جي نومبر 2007 واري شماري ۾ شايع ٿيو).

فني تعليم جي اھميت

اڄ جو دور سائنس، ٽيڪنالاجي، علم ۽ فن جو دور آهي. ٽيڪنالاجي جي اھميت کان اڄ جو تقريبن ھر انسان فائدو به وٺي ٿو ته ان جي اثر ھيٺ به آهي ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي اھميت کان به واقف آهي. اڄ جو ھر شعبو ٽيڪنالاجي کانسواء اڌوروآهي. ان ڪري تعليمي عمل ۾ فني تعليم جي وڏي اھميت آهي.
ان تعليم ذريعي اسان معاشري جي افراد قوت وڌائي سگھون ٿا. سکيا ورتل ۽ ڪنهن نه ڪنهن ھنر ۾ مھارت رکندڙ ماڻهو ملڪ جي ترقي ۾ تمام گھڻي اھميت رکن ٿا. تنھنڪري اڄ جي تعليمي نظام ۾ تجرباتي ۽ فني تعليم تي ڌيان ڏيڻ گھرجي. نظرياتي Theoritical تعليم سان گڏوگڏ فني تعليم ۽ ھنري سکيا جا ڪورسز به ضروري آهن. جيڪي ھڪ ته شاگردن جي تخليقي سوچ کي وسيع ۽ سگھارو ڪن ٿا ۽ ان سان گڏوگڏ ڪنهن به شعبي ۾ ڊگري مڪمل ڪرڻ کانپوء شاگرد بيروزگار نٿو رھي. ڇو ته کيس خبر ھوندي آهي ته عملي طور تي شيون ڪيئن ٿينديون آهن. ان ڪري ھن وٽ ھنر ۽ سکيا ھجڻ ڪري ھو پنهنجو روزگار ڪري سگهي ٿو. ان سان معاشري ۾ ان فرد کي عزت به ملي ٿي ۽ ملڪ ۾ تربيت يافته ماڻهو جو اضافو ٿئي ٿو.
فني تعليم ۾ ھڪڙا ڪورسز ڏھين ڪلاس پاس ڪرڻ کانپوء ٿيندا آهن جن لاء داخلا پوليٽيڪنيڪل ڪاليجز ۾ ورتي ويندي آهي. ٻيا ڪورسز وري ٻارھين ڪلاس پاس ڪرڻ کانپوء ٿيندا آهن ۽ اھڙي طرح گريجيوئيشن ٿيندي ويندي آهي. پوء ان جي بنياد تي ڪنهن مخصوص فيلڊ ۾ ماسٽرس ڪبي آهي. ان سان اھو فائدو ٿئي ٿو ته اھو شاگرد پنهنجي روزمرھ جي پڙھائي سان گڏ ڪنهن ٽيڪنيڪل ڪورس ۾ به سرٽيفيڪٽ حاصل ڪري ٿو وٺي ۽ اھو ٽيڪنيڪل ڪم يا ھنر سکي ٿو وٺي.
فني تعليم ۾ انجنيئرنگ, ٽيڪنالاجي, مينيجمينٽ, آرڪيٽيڪچر, ٽائون پلاننگ, فارميسي, ھوٽل مينيجمينٽ, آرٽس ۽ ڪرافٽز سان گڏوگڏ ڪمپيوٽر جا ڪورسز, فلم ۽ سائونڊ ايڊيٽنگ جا ڪورسز وغيره اچي وڃن ٿا. انهن مختلف ڪورسز ۾ نوجوان تربيت وٺي سٺو روزگار حاصل ڪري سگھن ٿا.
فني تعليم جيئن ته ووڪيشنل تعليم جي ھڪ شاخ آهي جيڪا عملي طور تي واپار, ڪامرس, زراعت, انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل ۾ ڪم ڪري ٿي.
ٽيڪنالاجي اسان جي زندگي کي آسان بڻايو آهي. ان ڪري ٽيڪنيڪل تعليم حاصل ڪري ماڻهو ملڪ جي ترقي ۽ ان جي اقتصادي صورتحال کي بھتر ڪري سگهجي ٿو.
ٽيڪنالاجي کي استعمال ڪرڻ ته آسان آهي پر ان کي تيار ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه آهي. ان ڪري حڪومت کي اھڙا ادارا ٺاهڻا پوندا جتي ماڻهن کي مختلف شعبن ۾ سکيا ڏني وڃي. جيڪي اڳ ۾ اھڙي قسم جي تعليم ڏيندڙ ادارا آهن ته انهن کي به بھتر ڪرڻ جي ضرورت آهي. اتي ٽيچنگ ۽ ٻيو اسٽاف مقرر ڪري ڪم ڪيو وڃي.
ان سان گڏوگڏ مان اھا گذارش به ڪندس ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ موجود سائنسي تجربيگاھن کي فنڪشنل ڪيو وڃي ته جيئن انهن ۾ شاگرد تجربا ڪري پنهنجي سائنسي سوچ کي سگھارو ڪن.

(هي ليک ماهوار همسري رسالي جي جنوري 2019 واري شماري ۾ شايع ٿيو.)

اسڪولن ۾ ڪيريئر ڪائونسلنگ جي اهميت

ڪنهن بـ معاشري جي ترقي ۾ نوجوانن جو وڏو ڪردار هوندو آهي، پر انتهائي ڏک سان لکڻو ٿو پوي تـ اسان جو نوجوان ٽئلنٽ موقعا نـ ملڻ ۽ صحيح رهنمائي نـ هجڻ ڪري بيروزگاري جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. اسان وٽ نوڪري پيشـ نوجوانن جي گهڻائي بـ پنهنجي پيشي مان خوش ناهي هوندي، هر ٽن نوجوانن مان هڪ تـ اسان کي پنهنجي نوڪري مان بيزار نظر ايندو. هونئن بـ جتي نوجوانن لاءِ راندين جا ميدان ۽ لائيبرريون نـ هونديون، اتي نوجوانن ذهني ۽ جسماني طور بيمارين جي ور چڙهيل هوندا آهن.
مان جڏهن ان مسئلي تي سوچيندو آهيان تـ آخر ائين ڇو آهي جو گهڻا نوجوان پنهنجي پيشي مان بيزار آهن تـ مون کي وڏو سبب سندن ڪيريئر ڪائونسلنگ جو نـ هجڻ لڳندو آهي. مون ذاتي تجربي ۾ کوڙ شاگرد ڏٺا آهن جيڪي انٽر پاس ڪرڻ کان پوءِ سوچيندا آهن تـ هاڻي ڇا ڪجي؟ پوءِ سندن مائٽ، استاد يا دوست جيڪا صلاح ڏيندا آهن، هو ها ۾ ها ملائي، انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ داخلا وٺندا آهن ۽ اهو ناهن سوچيندا تـ ان فيلڊ ۾ زندگي کين گذاري آهي ۽ ڪم کين ڪرڻو آهي. اها جيئن تيئن ڪري حاصل ڪيل ڊگري هٿ ۾ اچڻ کان پوءِ وري اهو نوجوان نوڪري حاصل ڪرڻ لاءِ پريشان هوندو آهي. نتيجي ۾ ايم بي اي ڪيل نوجوان اسڪول ۾ پيو پڙهائيندو آهي ۽ انجنيئرنگ جي ڊگري ورتل پيو صحافت ڪندو آهي. اسان وٽ مختلف شعبن ۾ ڪم جو معيار بـ ان ڪري بهتر ناهي جو مناسب ماڻهو مناسب جڳهه تي ڪم ڪندي نظر نٿو اچي. ڪي نوجوان تـ مرڳو يونيورسٽي مان ڊگري وٺي پوءِ صلاحون وٺندا آهن تـ هاڻي ڇا ڪن؟ ان ڪري هنن کي وڏي پريشاني جو منهن ڏسڻو ٿو پوي ۽ پوءِ هو مطمئن ناهن ٿيندا تـ هر ڇهين مهيني پيا فيلڊ ۽ ادارا تبديل ڪندا آهن. منهنجي خيال ۾ انهن مسئلن کان بچڻ جو بهترين حل هي آهي تـ ٻارن جي هاءِ اسڪول جي تعليم دوران ئي ڪيريئر ڪائونسلنگ ڪئي وڃي تـ جيئن ڪاليج تائين پهچندي کين مختلف شعبن جي ڄاڻ بـ ملي وڃي ۽ هو پنهنجي مزاج موجب پنهنجي پسند جي فيلڊ جي چونڊ ڪري وٺن تـ جيئن کين يونيورسٽي ۾ داخلا لاءِ بـ مسئلو نـ ٿئي ۽ نوڪري بـ آساني سان ۽ سندن مزاج وٽان ملي سگهي. انهي ۾ استاد جو اهم ڪردار آهي تـ هو ٻار جي نفسيات موجب تربيت ڪري ۽ ٻار کي سندس پسند جي فيلڊ ۾ وڃڻ لاءِ هر جائز ۽ گهربل مدد ۽ رهنمائي ڪري. ان سان گڏوگڏ والدين تي بـ فرض ٿئي ٿو تـ هو پنهنجي مرضي ٻارن تي مڙهين نـ پر ٻارن جي سندن پسند جي فيلڊ ۾ وڃڻ لاءِ راهه هموار ڪن، تـ جيئن ٻار سڪون سان پڙهي بـ سگهي ۽ سماج جو بهتر فرد ٿي سگهي. اسان وٽ وڏو ظلم تـ اهو ٿيندو آ جو ٻار کي رڳو ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ٿيڻ بابت ٻڌايو ويندو آهي، ٻين شعبن جي کين ڄاڻ ئي ناهي ڏني ويندي.
هر ٻار منفرد ۽ خاص آهي، ان ڪري ان جي نفسيات جو خيال ڪرڻ لازمي آهي. ڪي ٻار هر ڪنهن کان پيا صلاحون وٺندا آهن ۽ پوءِ کين ڪڏهن صحيح صلاحون ملنديون آهن ۽ ڪڏهن وري غلط. ڪي ٻار وري اهڙا هوندا آهن جو هو پنهنجيون ڪمزوريون ۽ خواهشون ڪنهن سان بـ ناهن ونڊيندا. نتيجي ۾ اهڙن ٻارن جو ٽئلنٽ اندر ئي اندر ۾ مري وڃي ٿو. ان ڪري استادن ۽ والدين جي اها ذميواري ٿئي ٿي تـ هو ٻار لاءِ آسانيون پيدا ڪن، جيئن هو مايوسي جو شڪار نـ ٿين.
حڪومت کي بـ ان سلسلي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ڪريئر ڪائونسلر اسڪول ۽ ڪاليج سطح تي مقرر ڪرڻ گهرجن، جيڪي شاگردن جي رهنمائي ڪري سگهن تـ جيئن مڪمل منصوبابندي سان انساني وسيلن کي استعمال ڪيو وڃي. جيڪڏهن ائين نـ ڪيو ويو تـ پوءِ اهي انساني وسيلا ضايع ٿيندا رهندا، جيڪو فردن ۽ قوم جو وڏو نقصان آهي.

(هي ليک ماهوار همسري رسالي جي مارچ 2018 واري شماري ۾ شايع ٿيو)

ايندڙ حڪومت کي تعليم جي بھتري لاءَ ڪجھ گذارشون

سموري ملڪ سميت سنڌ ۾ 25 جولاءِ تي اليڪشن ٿي چڪي، عوام پنھنجا نمائندا چونڊيا، جيڪي ڪجھ ڏينھن ۾ اسيمبلين ۾ وڃي پنھنجي پنھنجي عھدي جو حلف کڻندا. عوام کي حڪومت مان وڏيون اميدون آھن ۽ ھئڻ بـ کپن تـ ايندڙ حڪومت بيروزگاري، بدامني، لاقانونيت، توانائي جي بحران، زراعت جي تباھي، تعليم ۽ صحت جي تباھي سميت انيڪ مسئلن کي حل ڪندي.
اڄ ھتي اسان تعليم جي شعبي جي حوالي سان ايندڙ حڪومت کي ڪجھ گذارشون بـ ڪنداسين ۽ ڪجھ اھم مسئلن کي بحث ھيٺ بـ آڻينداسين. اسان تعليم جي شعبي کي ٽن حصن ۾ ورھائي سگھون ٿا، جنھن ۾ ھڪ حصو پرائمري يا بنيادي تعليم، ٻيو حصو سيڪنڊري ۽ ھائير سيڪنڊري تعليم ۽ ٽيو حصو ٽرشري تعليم يعني يونيورسٽي جي تعليم. اسان ھر ھڪ حصي تي الڳ الڳ بحث ڪنداسين ۽ ان ۾ موجود مسئلن جو بـ ذڪر ڪنداسين ۽ ان سان گڏوگڏ انھن مسئلن جي حل لاءَ وس آھر صلاحون بـ ڏينداسين.

1. پرائمري تعليم
پرائمري تعليم ٻار جو تعليمي بنياد ھوندو آھي، جتان ھو پنھنجو تعليمي سفر شروع ڪندو آھي. اھو سفر ٻار لاءَ خوشگوار بـ ٿي سگھي ٿو تـ ساڳي وقت خوفناڪ ۽ اڻوڻندڙ بـ ثابت ٿي سگھي ٿو. ان جو سڄو دارومدار ان ڳالھ تي آھي تـ اسان تعليم ادارن ۾ ٻارن کي ماحول ڪھڙو ٿا ڏيون؟ ڇا ٻار کي سڀ بنيادي سھولتون ملن ٿيون؟ مون اھو مشاھدو ڪيو آھي تـ سنڌ جي اڪثر اسڪولن خاص طور تي ٻھراڙي جي اسڪولن ۾ ٻارن وٽ اسڪول جو تصور ايڏو سٺو ناھي. ٻار اسڪول وڃڻ کان لنوائيندا آھن. گھڻن ٻارن کي اسڪول کان نفرت ھوندي آھي. اسان ڪڏھن اھو سوچيو آھي تـ اھو آخر ائين ڇو آھي؟ نـ تـ اسڪول تـ ايڏا وڻندڙ ھجڻ گھرجن جو ٻار اسڪول ويندي خوشي محسوس ڪري. منھنجي خيال ۾ ان جو سبب اھو اھي جو ٻار کي بنيادي سھولتون ئي نٿيون ملن. جنھن ۾ فرنيچر، بلنڊنگ، بجلي، باٿ روم وغيرھ. اڪثر اسڪولن ۾ استادن جي بـ کوٽ آھي. ان ڪري اسڪول ۾ ٻار گھڻا ھجڻ ڪري ھڪ استاد انھن کي بھتر نموني نٿو پڙھائي سگھي. نتيجي ۾ ڪٿي ڪٿي استاد تنگ ٿي ٻارن تي سختي بـ ڪن ٿا. ان ڪري ٻارن ۾ دلچسپي گھٽجي ٿي وڃي. ٻيو تـ ڪافي وقت کان ساڳيا ۽ مدي خارج ڪورس وارا ڪتاب ٻارن کي پڙھايا وڃن ٿا، جن ۾ اڄ جي دور جي حوالي سان ڪابـ خاص ڳالھ ناھي. چار چار ڪتابن کي ملائي ھڪ وڏو ڪتاب ٺاھيو ٿو وڃي، جنھن کي ڏسي ٻار ڊڄي ٿو وڃي تـ ھيڏو وڏو ڪتاب ڪيئن پڙھندس؟؟
ان ڪري مان حڪومت کي اھا گذارش ڪندس تـ اسڪولن کي بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن تـ جيئن اھي ٻارن لاءِ ھڪ وڻندڙ جاءِ جو ڏيک ڏين. ڪورس کي اپگريڊ ڪري ان ۾ جدت آندي وڃي جيڪو اڄ جي دور مطابق ھجي. جتي جتي استادن جي کوٽ آھي، ان کي پورو ڪيو وڃي. اڳ موجود استادن جا تربيتي ورڪشاپ ڪرايا وڃن، جن ۾ انھن کي پڙھائڻ جا نوان طريقا ۽ ٻار جي نفسيات کي سمجھڻ بابت ٽريننگ ڏني وڃي. پرائمري اسڪولن ۾ بـ ڪلاس سسٽم ھلايو وڃي. ھڪ استاد سڀ سبجيڪٽ نـ پيو پڙھائي پر ھڪ سبجيڪٽ الڳ الڳ استاد پڙھائي. ان سان ٻارن جي ڄاڻ ۾ بـ اضافو ٿيندو ۽ انھن ۾ دلچسپي پيدا ٿيندي. ان سان گڏوگڏ استاد تي بـ وڌيڪ بوجھ نـ ٿيندو. ممڪن ٿي سگھي تـ ٻار کي ڪمپيوٽر جي تعليم بـ ڏجي تـ جيئن ھن ۾ دلچسپي پيدا ٿيڻ سان گڏوگڏ ڪمپيوٽر بابت ڄاڻ بـ وڌندي. منھنجي خيال ۾ ان قسم جون تبديليون ڪري پرائمري تعليم کي بھتر ڪري سگھجي ٿو.

2. سيڪنڊري ۽ ھائير سيڪنڊري تعليم
تعليم جي شعبي جي ھن حصي ۾ ھاءِ اسڪول ۽ ڪاليج اچي ٿا وڃن. ھاءِ اسڪول ۽ ڪاليج کي الڳ الڳ سبجيڪٽ اسپيشلسٽز جي ضرورت ھوندي آھي. ھنن تعليمي ادارن ۾ ٻار پنھنجو پروفيشنل ڪيرئير ٺاھڻ طرف روان دوان ھوندو آھي. اتي ھن کي مخصوص سبجيڪٽس جا استاد ئي ناھن ملندا. مون اھو نوٽ ڪيو اھي تـ اسان وٽ خاص طور تي ڪاليجن ۾ سائنس جي سبجيڪٽز جا استاد نـ ھئڻ برابر ھوندا آھن. نتيجي ۾ آرٽس وارا استاد سائنس جا سبجيڪٽ پيا پڙھائيندا آھن. ان سان انھن استادن سان بـ ناانصافي آھي جو ھو کوٽ ۾ پنھنجو سبجيڪٽ پڙھائڻ بجاءِ ٻيو سبجيڪٽ پيا پڙھائين ۽ ٻار سان بـ ناانصافي آھي جو ھو سائنس جو اھم سبجيڪٽ صحيح طريقي سان نٿو پڙھي سگھي. ھتي ھڪ ٻيو بـ اھم مسئلو آھي جو ھنن ادارن ۾ نائين ڪلاس کان وٺي ٻارھين تائين امتحان مختلف امتحاني بورڊ وٺن ٿا. جيڪي پنھنجو ڪم درست نٿا ڪن ۽ نتيجي ۾ ڪاپي سميت ڪرپشن جا ٻيا قسم جنم وٺن ٿا. امتحاني بورڊ رڳو ڪمائي جو ذريعو بڻيل آھن. جيڪي بھتر طريقي سان ٻارن کان امتحان بـ نٿا وٺي سگھن. نتيجي ۾ ٻار ڪاپي جو سھارو وٺن ٿا ۽ سندن صلاحيتون تي بـ ناڪاري اثر پون ٿا. حڪومت کي گھرجي تـ سائنس جي سبجيڪٽز جا استاد مقرر ڪيا وڃن. بورڊ جي امتحاني طريقيڪار کي بـ بھتر ڪيو وڃي تـ جيئن شاگرد ڪاپي جھڙي برائي جو سھارو نـ وٺن. ڪورس کي بـ جديد بڻايو وڃي. خاص طور تي سائنس جي سبجيڪٽز فزڪس، ڪيميسٽري، بائيولاجي ۽ رياضي کي دلچسپ ۽ اڄ جي دور جو بڻايو وڃي.

3. ٽرشري يا يونيورسٽي جي تعليم
انٽر ڪرڻ کانپوءِ شاگرد ڪنھن نـ ڪنھن پروفيشنل يونيورسٽي ۾ داخلا وٺندو آھي تـ جيئن ھو پنھنجي ڪيريئر کي بھتر ڪري سماج ۾ ھڪ ڪارگر فرد جو ڪردار ادا ڪري سگھي. پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي جو اسان وٽ اڪثر شاگرد يونيورسٽي جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ بيروزگاري جي درد مان گذرڻو ٿو پوي. مون نوٽ ڪيو آھي تـ ان جو اھم سبب اھو آھي جو يونيورسٽيون رڳو مال ڪمائڻ پويان آھن. ان ڪري حد کان وڌيڪ داخلائون ڪن ٿيون. ان ڪري سندن زور تحقيق تي گھٽ پر رڳو ڊگريون ورھائڻ تي آھي. ظاھر آھي يونيورسٽيون ھونديون ئي تحقيق جي لاءَ آھن سو اتي تحقيق تـ ٿئي نٿي. ان ڪري ڊگري حاصل ڪيل شخص کي بـ ڪجھ ناھي ايندو. حڪومت کي گھرجي تـ اھا يونيورسٽين کي پابند ڪري تـ اھي داخلائون موجود وسيلن ۽ سھولتن موجب ڏين. تحقيق تـي وڌيڪ زور ڏين. سفارش ڪلچر کي ختم ڪن. شاگردن کي مواد جديد دور جو پڙھايو وڃي تـ جيئن شاگردن ۾ اعتماد پيدا ٿئي ۽ سندن ليڊرشپ واريون صلاحيتون بھتر ٿين. سائنس جي سبجيڪٽز ۾ پڙھندڙ شاگردن کي تجربيگاھن ۾ تجربا ڪرايا وڃن تـ جيئن ھو پريڪٽيڪلي شين کي سمجھي سگھن.
اھي منھنجي مشاھدي م ايندڙ ڪجھ مسئلا ۽ انھن جا حل آھن، جن تي عمل ڪري تعليمي بھتري آڻي سگھجي ٿي. ڇو تـ تعليم کان سواء سنڌي سماج جو سڌارو ممڪن ناھي. اسان ھونئن ئي تعليم جي ميدان ۾ دنيا تـ ٺھيو پر ملڪي سطح تي بـ سڀني کان پويان آھيون. ان ڪري منھنجي گذارش آھي تـ ايندڙ حڪومت پنھنجي ترجيحن ۾ تعليم کي سڀني کان مٿي رکي تـ جيئن اسان جو معاشرو بھتري طرف سفر ڪري سگھي..

(ھي ليک روزاني سنڌ ايڪسپريس اخبار جي سنڊي ميگ ۾ 5 آگسٽ 2018 تي شايع ٿيو)

ماحولياتي تعليم جي اھميت ۽ اسان جو مستقبل

اسان پنهنجي ماحول کي جنهن تيزي سان تباهه ۽ برباد ڪيو آهي، ان مان اھا ڳالهه صاف ظاهر آهي ته اسان ڪڏهن به اھو نه سوچيو ھو ته ڪو پاڻي به ختم ٿيندو، وڻ ۽ ٻوٽا به ڪو ختم ٿيندا، ڇا جيت ۽ جانور به ختم ٿيندا؟؟!! اسان تمام بيدردي سان پاڻي جو استعمال ڪري نه رڳو ان جي کوٽ واري عذاب کي ڀوڳي رھيا آھيون، پر اسان موجود پاڻي کي به گدلو ڪري غلاظتن سان ڀري ڇڏيو آهي. جنهن ۾ ڪارخانن ۽ اسپتالن جي گند کان ويندي شھرن جي ڊرينيج کي به ان پاڻي ۾ ملائي، مختلف بيمارين کي دعوت ڏني پئي وڃي. ان بيدردي جو نتيجو اھو نڪتو آهي جو ھاڻي اسان پاڻي جي ڦڙي لاء پريشان آھيون. زراعت لاء ته پاڻي ملڻ مشڪل ٿي پيو آهي، پر ھاڻي ته ماڻهن جي پيئڻ لاء به پاڻي ناهي.
اھڙي طرح اسان پنهنجي چوڌاري، وڻن ۽ ٻوٽن به ڏاڍي بيرحمي سان وڍي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان به اسان جو ساھ سوڙھو ٿيندو پيو وڃي ۽ اسان اڃا به بيخبري ۽ مظلوميت جي عالم ۾ پيا ھلون. ڪو وقت ھوندو جو اسان وٽ وڏا وڏا ٻيلا ھوندا ھئا، ھر طرف ساوڪ ئي ساوڪ ھوندي ھئي. ان ڪري سڄو ايڪو سسٽم بھتر ھوندو ھو. برساتون به پنهنجي وقت تي پونديون ھيون، سردي به پنهنجي وقت تي ڀرپور ايندي ھئي ۽ اھڙي طرح گرمي به پنهنجي معمول تي ٿيندي ھئي. پر جڏھن کان اسان وڻن کي وڍڻ شروع ڪيو آهي ۽ ان جي جڳهه تي ڪارخانا ۽ فيڪٽريون ٺاهڻ شروع ڪيون آهن، تڏهن کان ماحولياتي گندگي عروج تي آهي. ان سان گڏوگڏ اسان وڻ پوکڻ به ڇڏي ڏنا آهن ۽ ان جو نتيجو اھو نڪتو آهي ته برساتون به نٿيون پون ۽ جيڪڏهن پون ٿيون ته ٻوڏ ۽ طوفان جي شڪل اختيار ڪري ٿيون وڃن. ھاڻي جيڪڏهن ھاري ٻني ۾ ڪم پيا ڪندا آهن ۽ جڏهن ڪم ڪري ٿڪجي پوندا آهن ۽ سندن دل چوندي آهي ته گھڙي کن ساھي کڻجي ته انهن ھارين کي ٻني ۾ ويھڻ لاء ڇانورو ناهي ملندو، ڇو ته انهن خود ئي وڻن کي وڍي تھس نھس ڪري ڇڏيو آهي. ھي اسان جي جياپي جي حوالي سان تمام خوفناڪ صورتحال آهي. جنهن جي باري ۾ اسان جي عام ماڻهو کي نه ڪا خبر آهي ۽ نه وري ڪو فڪر آهي.
اھڙي طرح ڪيترن ئي جانورن، جيتن ۽ پکين جا نسل به اسان ماري ختم ڪري ڇڏيا آهن، جيڪي اسان جي جيئاپي لاء تمام ضروري ھئا. ھڪ ته اسان بيرحمي سان شڪار ڪري مختلف جانور ۽ پکي ماري ڇڏيا آهن ۽ ٻيو ته اسان پاران پيدا ڪيل ماحولياتي آلودگي ۾ به ڪافي جانور ۽ پکي مري ويا آهن. ان سان گڏوگڏ زراعت ۾ فصلن تي تمام گھڻين دوائن جو استعمال به ان تباهي جو سبب آهي. اھا تباهي رڳو جانورن نه انسانن جي صحت تي تمام ھاڃيڪار اثر ڇڏي ٿي.
ان سموري تباهي کان بچڻ لاء ضروري آهي ته اسان پنهنجي ماڻهن ۾ ماحول جي حفاظت ۽ صفائي بابت آگاھي ڦھلايون ۽ ان سان گڏوگڏ شاگردن کي ماحول بابت ليڪچر ڏجن.
ھن ليک ذريعي حڪومت کي به اھا گذارش ڪندس ته Environmental Education جي سبجيڪيٽ کي پرائمري سطع کان لازمي ڪري نصاب ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن شاگردن کي ننڍپڻ کان اھا تعليم ملي سگهي. ان سبجيڪيٽ جا استاد به ڀرتي ڪيا وڃن جن جي ڊگري Environmental Sciences ۾ ھجي. ائين ڪرڻ سان ڪافي بھتري اچي سگهي ٿي.
ھن وقت حد اھا آهي، جو پاڪستان جو شھر لاھور فضائي آلودگي جي ڪري دنيا جو پھريون نمبر شھر آهي، جيڪا تمام ڳڻتي جوڳي حالت آهي۔ ڇو ته اسان نه رڳو معاشرتي پر ملڪي سطح تي به انهن ڳالهين تي ڌيان ناهي ڏنو. ملڪي اين جي اوز به رڳو ماحول جي نالي ۾ پراجيڪٽ وٺي، مال کاڌا۔ باقي ماحول جي حفاظت ڪرڻ بجاء تباهي ڪئي آهي. ملڪي پاليسيون ٺاھيندڙ مختلف وزير ۽ ڪامورا به ڄڻ ان تباهي کان لاتعلق بڻيل آهن. جن جا مستقبل ۾ اڃا وڌيڪ ڀيانڪ نتيجا نڪرندا.
عالمي ادارو يونيسڪو جنهن جو ڪم عالمي ليول تي امن ۽ ڀائيچارو قائم ڪرڻ آهي، ان پاران به جيڪي ماحولياتي تعليم جا جيڪي مقصد بيان ڪيا ويا آهن اھي ھي آهن
1: ماڻهن کي ماحول بابت آگاھي ڏيڻ
2: ماحولياتي مسئلن کي سمجھائڻ
3: انهن ماحولياتي مسئلن جا حل ڳولڻ
4: ٽيڪنالاجي جو درست ۽ مناسب استعمال ڪرڻ
5: پرائمري کان يونيورسٽي سطع تائين environmental studies کي تعليم ۽ نصاب جو حصو بڻائڻ.
6: ماڻهن کي ماحول دوست ۽ ماحول سان پيار ڪندڙ بڻائڻ.
7: ماحولياتي بھتري لاء عملي اپاء وٺڻ.
سو اھڙي قسم جون آگاھي جون عملي مھمون ھلائي، اسان نه رڳو پنهنجي ماحول کي بچائي سگھون ٿا پر پنهنجي مستقبل کي به بچائي سگھون ٿا.

(هي ليک، ماهوار همسري رسالي جي فيبروري، 2019 واري شماري ۾ شايع ٿيو).

زراعت جي تباهي جا تعليمي عمل تي اثر

اسان ان معاشري ۾ ساھ کڻي رھيا آھيون، جنهن معاشري جي 60 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان ھيٺ واري اذيت ڀري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. رُڳو پاڻ کي زنده رکڻ لاء به ويچاري انسان کي ڪِيترين ئي خواهشن ۽ حسرتن جي قرباني ڏيڻي ٿي پوي. اسان جي سنڌي سماج جي اڪثر آبادي اڄ به ڳوٺن ۾ رھي ٿي ۽ سندن گذرسفر جو وڏو ذريعو زراعت ۽ چوپايو مال آهي. اسان جا ڳوٺ پنهنجي فطري سونهن سان ته ڀرپور آهن، پر مختلف حڪومتن طرفان ڌيان نه ڏيڻ ڪري اسان جا ڳوٺ بنيادي سھولتن کان به وانجھيل آهن، جن ۾ روڊ رستا، اسپتالون، اسڪول، بجلي، گئس ۽ ٻيون ضرورت جون شيون شامل آهن.
ھونئن ته ھي سڀ مسئلا الڳ الڳ بحث طلب آهن ۽ انهن جي سڌاري لاء سوچجي ۽ عملي ڪم ڪجي، پر ھن ليک ذريعي مان پنهنجي پڙھندڙن سان ھي ڳالهه بحث ھيٺ آڻڻ ٿو چاھيان ته زراعت جي تباهي سان سنڌي سماج جي ٻھراڙي جي ٻار جي تعليم تي ڪھڙا اثر پيا آهن؟؟ ۽ انهن ناڪاري اثرن کي ڪيئن حل ڪجي؟؟
گذريل ڪجهه سالن کان پاڻي جي کوٽ ۽ غيرمنصفاڻي ورڇ جي ڪري سنڌ جي زراعت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي آهي. ان ۾ به خاص طور تي لاڙ وارو علائقو پوڇڙ ۾ ھُئڻ ڪري ھڪ ته زراعت لاء پاڻي نٿو ملي ۽ ٻئي پاسي سمنڊ روزانو سوين ايڪڙ زمين ڳڙڪائيندو اچي.
ان سڄي صورتحال ۾ ھڪ ھاري جيڪو پنهنجي سموري ڪٽنب سميت ٻني ۾ ڏينهن رات محنت ڪري ان اپائي ٿو ۽ پنهنجو پيٽ ڪٽي پنهنجي ٻارن کي اسڪولن ۾ پڙهڻ لاء موڪلي ٿو، ان جي زندگي ڏاڍي ڏکي ٿي پئي آهي. پاڻي جي کوٽ کان سواء زرعي جنسن جا اگھ به گھٽ ڏنا وڃن ٿا. نتيجي ۾ فصل تي کيڙي، ڀاڻ، ٻج ۽ تيل جو خرچ به ويچاري ھاري جي ڳچي ۾ پوي ٿو ۽ ھو نسل در نسل قرض جي چڪي ۾ پيِسجندو رھي ٿو.
پڙهڻ ۽ پڙھائڻ سان تعلق ھئڻ ڪري، مان روز اھڙا کوڙ شاگرد ڏسندو آھيان، جيڪي اسڪول اچڻ ۾ به مجبور ھوندا آهن. کين ڪا سواري به ناهي ملندي جو ھو ڳوٺن مان سفر ڪري ويجھن شھرن ۾ اچي پڙهي سگھن. ڪافي شاگرد اسڪول مان غير حاضر رھندا آهن. جڏهن سبب پڇندا آھيون ته پٽ اسڪول ڇو نٿا اچو ته چوندا سائين مون پنهنجي بابا سان مزدوري پي ڪرائي يا وري لابارو پي ڪيو يا وري ڦُٽين ۽ ٽماٽن جي چوُنڊائي پي ڪئي وغيره وغيره. ان ڪري نه اچي سگھيس ۽ اڃا ڪجهه ڏينهن ٻيا به نه اچي سگھندس. سچ پڇو سندن اھي لفظ ٻڌي جيء جھري پوندو آهي. اھي ٻار، جن جي ھٿن ۾ سٺا سٺا ڪتاب، پينون ۽ ڪاپيون ھجڻ گھرجن اھي معصوم ھٿ پيٽ جي باھ اجھائڻ لاء مزدوري ۾ مشغول آهن.
تعليم ھونئن ئي اسان جي عام ماڻهو جي ترجيحات ۾ ئي ناهي. ويتر زراعت جي تباهي کان پوء ھاري چوي ٿو ته ٻار اسڪول موڪلڻ جيترا پئسا ناھن، سو ڇوڪريون ويھي گھر جو ڪم ڪار ڪن ۽ ڇوڪرا وڃي مزدوري ڪن. مزدوري ڪندا ته پنهنجو پيٽ پاري سگھندا ۽ پڙھندا ته نوڪري ھونئن به نٿي ملي پڙهي ڇا ڪندا....!!!
تعليم ته شعور جو ۽ بري ڀلي ۾ فرق جو نالو آهي، پر طبقاتي سماج ۾ تعليم رڳو نوڪري حاصل ڪرڻ جو نالو آهي. اُن طبقاتي سماج ۾ ئي اميرن لاء تعليم الڳ آهي ۽ غريبن لاء الڳ آهي. سرندي وارا ماڻھو پنهنجي اولاد کي وڏن وڏن خانگي ادارن ۾ داخل ڪرائي ۽ ٽيوشنز پڙھائين ٿا ۽ اتي غريب جي ٻار کي صبح جو نيرن ۾ چانھ جو ڪوپ به نٿو ملي. پيرن ۾ پائڻ لاء بوٽ ته وڏي ڳالهه آهي، پر ڪا موچاري چپل به نٿي ملي. سردي جي موسم جو سيء کان بچڻ لاء ڪا جرسي يا سُئيٽر به ناهي ھوندو. اسڪول جي ڊريس وٺڻ انهن ٻارن لاء وڏي تڪليف آهي. غذائي کوٽ جي ڪري ڪافي شاگرد مختلف بيمارين جو شڪار ٿين ٿا ۽ پنهنجي تعليم جاري نٿا رکي سگھن.
طبقاتي تعليمي نظام ڏسي ڪري اڪثر ٻار نفسياتي مونجهارن جو به شڪار ٿين ٿا ۽ احساس ڪمتري ۾ ھليا وڃن ٿا. ھن سماجي اڻبرابري ۽ ناانصافي جي ڪري ڪيترائي باصلاحيت ٻار ھر سال تعليم کان محروم رھن ٿا ۽ جيڪي ادارن ۾ داخل ٿين ٿا، سي مناسب خرچ نه ملڻ ڪري تعليم اڌ ۾ ڇڏي وڃي مال چارين ٿا يا وري مزدوري ڪن ٿا.
زراعت جي موجوده تباهي عام ماڻهو کي پِنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري غريب لاء اولاد کي اسڪول تي موڪلڻ ۽ سندس خرچ پکو ڏيڻ ۽ ان جي حاضري کي يقيني بڻائڻ بھتر کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي.
ھي اسان جي سماج جو ھڪ تمام وڏو مسئلو آهي، جنهن جا تمام خوفناڪ اثر سامهون اچن پيا ۽ مستقبل ۾ به ايندا. ان جي حل لاء حڪومت کي عملي اپاء وٺڻ گھرجن ۽ سرندي وارين ڌرين کي به اسان جي ھاري ۽ پورھيت طبقي سان گڏجي بيھڻ گھرجي، ان جي ڏکن ۾ ان جو ڀرجھلو ٿيڻ گھرجي ۽ ان سان ٿيندڙ ناانصافي تي آواز اٿارجي. باقي ڪم رڳو ڏيکاء، فوٽو سيشنز ۽ سوشل ميڊيا جي واھ واھ تائين محدود نه ھجن، پر عملي طور به نظر اچن ته ڀلو ٿيندو. اھو ڪرڻ سان سماج ۾ مثبت تبديلي جي روايت جنم وٺندي ۽ اسان جو مستقبل روشن ٿيندي نظر ايندو.

(هي ليک ماهوار همسري رسالي جي ڊسمبر 2018 واري شماري ۾ شايع ٿيو.)

ٻارن ۽ نوجوانن کي وڻن سان پيار ڪرڻ سيکارجي

اڄڪلهه سموري دنيا ۾ گلوبل وارمنگ ۽ ماحولياتي تبديليون ڳڻتي جوڳي صورتحال اختيار ڪري چڪيون آهن. ڌرتي جي گولي جو گرمي پد روز بروز وڌي پيو, جيڪو جاندارن جي جياپي لاء تڪليفون پيدا ڪري پيو. زھريلي مادن جي استعمال جي ڪري زمين کان مٿي 20 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي موجود اوزون جو تھ به تباهه ٿي رھيو آهي, جيڪو انتھائي خطرناڪ آهي.
دنيا جا سڌريل ملڪ صنعتون جام ھئڻ ڪري زھريليون گئسون خارج ڪري دنيا جي ماحول کي آلودگي جي نظر ڪن پيا پر انهن جي ان عمل جو وڌيڪ نقصان اسان جھڙا معاشرا ٿا ڀوڳين, جتي ڪو به نظام ناھي. سڌريل ملڪن وٽ سٺو نظام ۽ بھتر انفرا اسٽرڪچر ھجڻ ڪري ڪنهن طوفان, زلزلي يا وري ڪنهن ٻوڏ جي صورت ۾ نقصان تمام ٿورو ٿيندو آهي. اسان وٽ ڪو نظام ناهي, ان ڪري اسان وٽ خوشگوار برسات به عذاب ٿي پوندي آهي.
ان سڄي تباهي جو وڏو سبب وڻن ۽ جھنگلات جو وڍجڻ آهي. اسان وڻ پوکيون ته نٿا پر جيڪي وڻ موجود آهن انهن کي به وڍي ختم ڪري ڇڏيو آهي. وڻن جي اھميت بابت اسڪولن, ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي نوجوانن باقاعدي ٻڌائجي ۽ عملي طور وڻ پوکي ۽ انهن جي سارسنڀال ڪرڻ جي ضرورت آهي, ڇو ته اھي ٻار ۽ نوجوان ھن معاشري جو مستقبل آهن.
منهنجي خيال ۾ وڻن جي اھميت کي اجاگر ڪرڻ لاء تعليمي ادارن ۾ وڻڪاري جون مھمون شروع ڪجن جيڪي رڳو فوٽو سيشن ۽ تصويري نمائش تائين محدود نه ھجن. اتي شاگردن کي اھو احساس ڏيارجي ته توهان کي پوکيل ٻوٽن کي نپائي وڏن وڻن ۾ تبديل ڪرڻو آهي, تڏهن ئي اسان جو مقصد حاصل ٿيندو. ان سان گڏوگڏ ادارن ۾ ماحولياتي تبديلين ۽ وڻن جي اھميت تي سيمينار ڪرائڻ گھرجن. ماحوليات جي ماھرن جا ليڪچر ڪرايا وڃن. پنهنجي گھرن ۾ ڪچن گارڊن کي ھٿي ڏجي. شاگردن کي مختلف باغن جا اسٽڊي ٽوئر ڪرائجن ته جيئن کين اھو احساس ٿئي ته وڻن جي موجودگي ڪيڏي نه خوشگوار ۽ دلفريب آهي.
بھار جي موسم ۾ ٻارن جا وڻن جي ڇانو ۾ به ڪلاس وٺي سگھجن ٿا جنهن سان کين وڻن جو احساس ۽ فطرت سان ويجهو ٿيڻ جو موقعو ملندو. اڄ جي جديد دور ۾ نوجوان رڳو مختلف شين جي پويان لڳل آهي پر فطرت سان پيار ڪرڻ ھن ڇڏي ڏنو آهي.
حڪومت کي منهنجي اھا اپيل ھوندي ته اھا انوائيرومينٽل سائنس جي سبجيڪيٽ کي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ نصاب جو حصو بڻائي ۽ ان جا انسٽرڪٽر مقرر ڪري ته جيئن ٻارن ۾ اھو احساس ۽ ڄاڻ ننڍي عمر کان ئي پيدا ٿئي. اخبارن ۽ رسالن کي ماحوليات تي مواد شايع ڪرڻ گھرجي, سلجھيل ماڻهن کي سوشل ميڊيا تي ان ڳالهه کي ھٿي ڏيڻ لاء لکڻ ۽ عملي ڪم ڪرڻ گھرجي. مختلف ٽي وي چئنلز وڻن ۽ جھنگلات جي بچاء بابت ڊاڪيومينٽريز ۽ پروگرام نشر ڪرڻ گھرجن. ماحوليات تي ڪم ڪندڙ مختلف اين جي اوز ۽ سرڪاري ادارن کي به سنجيدگي سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.ان سان گڏوگڏ ٻارن کي ڊسڪوري يا نيشنل جيوگرافڪ يا وري اينيمل پلينيٽ جھڙا چينل ڏسڻ لاء به اتساھجي.
منهنجي خيال ھيٺين سطح کان اھڙيون ڪوششون وٺڻ سان ماحول جي بھتري ممڪن آهي. ڇو ته انهي سان ئي اسان جو مستقبل وابستـ آهي. نه ته ائين سدائين جي لاء اسان پاڻي, ڇانوري ۽ سڪون لاء تڙپندا رھنداسين ۽ زلزلن, طوفانن ۽ ٻوڏن جي ور چڙھندا رھنداسين. ھاڻي وقت اچي ويو آهي ته ان حوالي سان عملي ڪوششون وٺجن.


(هي ليک ماهوار همسري رسالي جي اپريل 2018 واري شماري ۾ شايع ٿيو)

ٻارن کي پيار بـ ڏيو ۽ انهن جي عزت بـ ڪريو!

ٻار معاشري جي سڀ کان معصوم, پياري ۽ سچي تخليق آهي. ٻار, جنهن جي دل ۾ ڪو ساڙ حسد ناهي هوندو. اهو ئي ٻار هن بيرحم سماج ۾ سڀ کان وڌيڪ تڪليف ڀوڳي ٿو. هو اهو گلاب آهي جنهن کي اڪثر لتاڙيو وڃي ٿو. ٻارن جي حسرتن ۽ خواهشن جو هتي قتل ڪيو وڃي ٿو. انهي معصوم ٻار کان جبري پورهيو به ڪرايو ٿو وڃي, کيس جنسي ڏاڍائي جو شڪار به بڻايو ٿو وڃي. سندس معصوم عملن تي به کيس ماريو ۽ ڪٽيو ٿو وڃي. اهو ئي ٻار ڪڏهن ڪڏهن وڏن کان اهڙا سوال پڇي کين لاجواب ڪري ڇڏيندو آهي, جيڪي وڏن جي ذهن ۾ ڪڏهن آيا به نه هوندا. ان ٻار کي اسان جو معاشرو ئي ڪوڙ ڳالهائڻ سيکاري ٿو. وڏن کي نشيدار شيون واپرائيندو ڏسي اهو ٻار به نشو ڪري ٿو. لالچ ۽ لوڀ به هي معاشرو ئي ٻار کي سيکاري ٿو. مان ته ائين چوندس ته ٻارن سان پيار به ڪيو وڃي ۽ گڏوگڏ ان جي عزت به ڪئي وڃي. هي ڳالهه به مون کي عجيب لڳندي آهي ته جڏهن به ڪو عمر جو وڏو ماڻهو ڪو غلط ڪم ڪندا آهن ته چيو ويندو آهي ته صفا ٻاراڻيون حرڪتون پيو ڪرين........ غلط ڪم ته وڏي عمر وارا وڌيڪ ٿا ڪن. ٻار ويچاري جون ته معصوم هجتون هونديون آهن. پنهنجي امڙ بابي ۽ استاد سان ايترو پيار ڪير به نه ڪندو هوندو جيترو اهو ٻار ڪري ٿو. , مان اسڪول وڃي صبح صبح کلندڙ گلڙن جا چهرا ڏسي , تازو ۽ توانو ٿي ويندو آهيان. ائين لڳندو اٿم ته ڪنهن ٿڌڙي هير جو جهونٽو منهنجي اندر مان گذري ويندو آهي.
اسان جو ٻار تمام گهڻو باصلاحيت آهي پر ڏاڍو ڏک ٿيندو اٿم جڏهن ان ٻار کي بکن ۾ پاهه, بيمارين ۾ ورتل, ڪنو پاڻي پيئندي, مارون کائيندي, , ذلتون سهندي, ڦاٽل ڪپڙن ۽ پيرن ۾ جتي بغير ڏسندو آهيان. ٻار پيار جو طلبگار آهي بس...... هو پيار جي ٻولي سمجهي ٿو ۽ پيار جا گيت گنگنائي ٿو. ٻار اسان جو مستقبل آهن, انهن جي عزت ڪريو. هي اهي گلاب آهن جن جي سهڻي نموني پالنا ڪئي وڃي ته هي دنيا کي من موهيندڙ خوشبوء سان مهڪائي ڇڏيندا.

(هي ليک ٻارن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان لکيو ويو، جيڪو ڪاوش اخبار جي مڊويڪ مئگزين ۾ 27 ڊسمبر 2017 تي شايع ٿيو).

احساسن جو موت

اڄ جي تيز رفتار ھلندڙ دنيا ۾ احساس ۽ قدر تمام تيزي سان ختم ٿيندا پيا وڃن. اڄ جي ماده پرست سماج ۾ ماڻهن ۽ انهن جي احساسن جي اھميت ناهي، اھميت آهي ته رڳو شين جي جيڪي اسان استعمال ڪري اُڇلي ٿا ڇڏيون.
اھا ڳالهه ايتري انتھا تي وڃي پھتي آهي، جو ھاڻي ماڻهن کي به شين وانگر استعمال ڪيو ٿو وڃي ۽ ڪم نڪرڻ کانپوء شين وانگر انهن کي اُڇلائي ٿو ڇڏجي.
ننڍن سان پيار، وڏن جو ادب، وقت جي پابندي، سچائي، ايمانداري، خوش اخلاقي سميت سمورا قدر ۽ خوبصورت روايتون ماضي جو حصو ٿي، رڳو ڪتابن تائين محدود ٿي ويون آهن، عملي طور تي اھي قدر اڻلڀ ٿي پيا آهن. ھر طرف اسان کي ڪو نه ڪو تماشو نظر اچي ٿو. ڪير ڪنهن مان خوش ناهي. سھپ ۽ رواداري واري خوبصورت روايت به اسان جي سماج مان تيزي سان موڪلائيندي پئي وڃي. ننڍي ننڍي ڳالهه تي ماڻهو ماڻهو کي مارڻ لاء تيار ٿي ٿا وڃن.
ٻين کي ايذائڻ ۾ به ماڻهن ايڏي انتھا ڪري ڇڏي آهي، جو جيڪڏهن ھٿن سان ڪنهن کي ايذائي نٿا سگھن ته زبان سان لفظن جا تير ھڻي سامهون واري شخص کي زخمي ضرور ڪن ٿا. چوندا آهن ته تلوار جا زخم ته ڇٽي سگهن ٿا پر زبان جا ڏنل زخم مرڻ گھڙي تائين رھندا، نـ وسرندا ۽ سدائين لاء درد جو سامان ٿي پوندا آهن.
معاشري جا اھي انتھائي رويا ڏسي، ڪافي حساس دل ۽ امن پسند ماڻهو خاموشي اختيار ڪري، تنھائي واري زندگي گذارڻ لڳا آهن. ڏاڍي افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اھا افسوسناڪ صورتحال رڳو اڻپڙھيل ماڻهن جي ناهي پر پڙھيل لکيل ۽ سلجھيل ماڻهن جا رويا به تمام ڏکوئيندڙ آهن. اسان رڳو جائزو پنهنجي اديبن جو وٺون ته اُھي ڇا پيا ڪن؟؟ اُھي اديب سماج ۾ مثبت تبديلي آڻيندڙ شخص ھوندا آهن پر اسان وٽ اھي به تخليقي ڪم ڪرڻ بجاء ھڪٻئي تي الزام لڳائڻ ۾ پورا آهن. اسان جي علمي ادبي ادارن کي به اھڙن ماڻهن پنهنجي ذاتي انائن جي ڪري تباهه ڪري ڇڏيو آهي، نتيجي ۾ انهن ادارن ۾ به سماجي ڀلائي لاء ڪم نه ٿيڻ برابر ٿئي پيو.
سو، ھن وقت اسان جو سماج جنهن تيزي سان اھي سڀئي سٺايون وڃائي پيو، سا ڏاڍي افسوسناڪ صورتحال آهي ۽ ان جا مستقبل ۾ اڃا به تمام خوفناڪ نتيجا نڪرندا.
مان ھن ليک ذريعي پنهنجي استاد دوستن کي به صلاح ڏيندس ته توهان پنهنجي شاگردن جي اھڙي تربيت ڪيو جو اُھي انهن قدرن ۽ اسان جي سُھڻين روايتن جي پاسداري ڪن. ڇو ته اِھي روايتون تاريخي طور تي اسان جو قيمتي ورثو رھيون آهن. اھي شاگرد ئي سڀاڻي اسان جي معاشري جي مختلف ادارن کي سنڀاليندا. اڄ جيڪڏهن اسان ھنن کي سچائي، ايمانداري، خوش اخلاقي، وڏن جو ادب ۽ ننڍن سان پيار سميت سڀني سٺين روايتن جو درس ڏينداسين ته اڳتي ھلي ھو سماج جا حساس ۽ ڪارائتا فرد ٿيندا، جيڪي ٻين جي حقن ۽ احساسن جو خيال رکندا.
احساس ناهي ته پوء ڊاڪٽر، انجنيئر سميت ھر شعبي جو ماڻهو رڳو پئسا ٺاھيندڙ روبوٽ کانسواء ڪجهه به ناهي. ان ڪري شاگردن جي اخلاقي تربيت تمام ضروري آهي.
ان سان گڏوگڏ اسان جي سلجھيل دوستن ۽ اديبن تي به اھو فرض ٿئي ٿو ته ھو احساسن جي قدر جي پرچار ڪن. اھڙي قسم جا ليک لکن يا مختلف پروگرام ترتيب ڏين جو ان ۾ ماڻهن کي اھڙي قسم جو شيون سکڻ جو موقعو ملي.
اسان اھي ننڍا ننڍا سٺا ڪم ڪري پنهنجي معاشري کي خوشگوار بڻائي سگھون ٿا، جيڪو سھپ، ڀائپي ۽ امن جو مثال ھوندو. ان طرح اسان پنهنجي معاشري جي حساس ماڻهن کي به احساس محرومي مان ڪڍي وينداسين ۽ اهي به اسان جي سماج ۾ تنھا رھڻ بجاء پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ شروع ڪندا.


(هي ليک روزاني عبرت اخبار جي ادبي صفحي تخليقڪار ۾17 ڊسمبر 2018 تي شايع ٿيو.)

اسان جي نوجوانن کي درپيش ايندڙ مسئلا

ڪنھن بـ سماج جي ترقي ۾ ان سماج جي نوجوانن جو ڪردار ھوندو آھي ۽ اھو بـ چيو ويندو آھي تـ قومن جي تقدير نوجوانن جي ھٿن ۾ ھوندي آھي. ھڪ تـ انھن وٽ ڪم ڪرڻ جو جذبو موجود ھوندو آھي ۽ ٻيو تـ انھن وٽ توانائي ۽ ڀرپور صلاحيتون موجود ھونديون آھن. اسان جي ملڪ جي ڪل آبادي جو تقريبن 63 سيڪڙو فردن 25 سالن جي عمر اندر اچي ٿو. ان جو مطلب تـ ھن ملڪ جي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي مشتمل آھي پر تمام افسوس ۽ تڪليف سان لکڻو ٿو پوي تـ اسان جو نوجوان ھن وقت انيڪ مسئلن جي ور چڙھيل اھي ۽ کيس ڪا بـ بھتر رھنمائي نـ پئي ملي. نتيجي ۾ نوجوان يا تـ ذھني مريض ٿي زندگي گذارين ٿا يا وري خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو اجھائي ٿا ڇڏين.
نوجوانن جو وڏو انگ ھجڻ ڪري ھڪ تـ انھن کي بنيادي تعليم بـ نٿي ملي. پر ان باوجود بـ ڪافي نوجوان پنھنجي محنت ڪري يونيورسٽين ۾ داخلا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ٿا وڃن. پر اتي کين نـ تـ بھتر طريقي سان سيکاريو يا پڙھايو ٿو وڃي ۽ نـ ئي کين اڳتي نڪرڻ جا موقعا يا رھنمائي فراھم ڪجي ٿي. نتيجي ۾ اھي نوجوان ڊگريون وٺي بيروزگاري جو طوق پنھنجي ڳچي ۾ وجھي زندگي گذارين ٿا ۽ نااھلي جا طعنا سھندا وتن ٿا.
وڏو ظلم اھو بـ آھي، اسان وٽ ادارا تباھ حال لڳا پيا آھن، جن ۾ اھا صلاحيت ئي ناھي جو ھو سماج کي ڪارائتا فرد ڏئي سگھن. ٻيو تـ ڪنھن بـ اداري جو مثال وٺو، اتي جيڪي ماڻھو اڳ موجود آھن، سي سينيارٽي جي نالي ۾ نوجوانن کي اسپيس ڏيڻ لاءِ تيار ناھن. کين اھا خبر آھي تـ انھن انيڪ مسئلن باوجود اڄ جو نوجوان تمام باصلاحيت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ مھارت رکندڙ آھي پر ان سان گڏوگڏ کين اھو بـ پتو آھي تـ جيڪڏھن اھو نوجوان ادارن ۾ اچي ويو تـ سندن سالن کان موجود بادشاھت ختم ٿي ويندي. توھان ڪھڙو بـ ادارو کڻو پوءِ اھو يونيورسٽي ھجي يا وري ڪھڙي بـ کاتي جو ڪو بـ ادارو ھجي اتي سالن کان موجود مافيائون ادارن کي تباھ ڪري رھيون آھن ۽ نوجوانن کي داخلائن، ڊگرين، نوڪرين ۽ انٽرويوز جي نالي ۾ روز پريشان ۽ خوار ڪرڻ جو سلسلو روز جاري ساري آھي.
اسان جي نوجوان غربت جي چڪي ۾ بـ پيسجندو رھي ٿو. اسان جو سماج زرعي سماج آھي ۽ ان جي آبادي جو وڏو حصو ڳوٺن ۾ رھي ٿو. اسان جا ڳوٺ ڪافي عرصي کان بنيادي سھولتن کان واجھيل آھن، جنھن ڪري نوجوانن کي اڳتي نڪرڻ جا موقعا نٿا ملن. ٻيو وري گذريل ڪجھ سالن کان ھٿ وٺي سنڌ جي زراعت کي تباھ ڪيو ويو آھي. نوجوان، جن جو معاشي ذريعو صرف زراعت آھي، انھن جي زندگي وڏي عذاب مان گذري رھي آھي. پاڻي جي ھٿرادو کوٽ پيدا ڪري، فصلن جي مختلف جنسن جا اگھ ڪيرائي، زرعي دوائون ۽ ڀاڻ مھانگا ڪري وڏو عذاب پيدا ڪيو ويو آھي. جنھن جو وڏو نشانو نوجوان بڻجي پيو، جيڪو ٻنين ۾ محنت ڪري ان اپائي ٿو ۽ نتيجي ۾ کيس مايوسي ۽ بک پلئـ پوي ٿي. ان ڪري اسان جو نوجوان ھن وقت بيروگاري ۽ معاشي تنگي کي منھن ڏئي رھيو آھي.
اسان جي ٻھراڙين ۾ يا انھن جي ويجھو ڪي ڪارخانا يا وري فيڪٽريون بـ قائم نٿيون ڪيون وڃن جو انھن ۾ نوجوانن کي نوڪري ملي سگھي ۽ ھو پنھنجي روزي روٽي جھڙا ٿي سگھن، نـ وري ڪي ھنري مرڪز ٺاھيا ٿا وڃن، جتي نوجوانن کي مختلف ھنري سکيائون ڏنيون وڃن.
ٻيو تـ والدين ۽ معاشري جو اسان جي نوجوانن تي ايترو دٻاءِ ھوندو آھي، جو ھو پنھنجو ذاتي ڪو ننڍڙو فيصلو بـ ناھن ڪري سگھندا ۽ اھو ئي چيو ويندو آھي تـ ھي ڪلھوڪا ٻار ٿا زندگي جا اھم فيصلا ڪن.؟؟؟
انھن سڀني ڳالھين جي ڪري نوجوان پريشان ٿي ڪري نشي واريون شيون واپرائين ٿا، جنھن ۾ گٽڪو، سگريٽ ۽ ٻيون بـ اھڙي قسم جون شيون اچي وڃن ٿيون. جن نوجوانن کي جسماني توڙي ذھني طور معذور ڪري ڇڏيو آھي. ان ڪري نوجوان سماج ۾ ڪو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ کان رھجي ٿا وڃن ۽ ھر وقت نشي واري حالت ۽ پريشاني جي عالم ۾ رھن ٿا. انھن سڀني پريشانين جو ڀوائتو منظر تڏھن سامھون ايندو آھي، جڏھن ھو زندگي کان تنگ ٿي خودڪشي ڪري زندگي جو ڏيئو اجھائي ٿا ڇڏين...
انھن نوجوانن ۾ بـ وري ڇوڪرن جي ڀيٽ ۾ ڇوڪريون وڌيڪ مسئلن جو شڪار آھن. اڃا تائين ڪافي ھنڌن تي انھن کي انسان ئي تسليم نٿو ڪيو وڃي. ڇوڪرين جو وڏو تعداد ھر سال اسڪولن ۾ وڃڻ کان رھجو وڃي. جيڪڏھن ڪجھ ڇوڪريون انٽرميڊئيٽ ڪري ٿيون وڃن تـ انھن کي اڳتي پڙھڻ جي اجازت نٿي ملي ۽ نتيجي ۾ ھو پنھنجي زندگي جي ارمانن کي اندر ۾ دفن ڪريو ڇڏين.
ھن آرٽيڪل ذريعي مون رڳو اھو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تـ اسان جي سماج کي نوجوانن جو قدر ڪرڻ گھرجي. ان ڏس ۾ والدين، استادن، سرڪاري ادارن ۽ يونيورسٽين کي باقائدھ حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، نـ رڳو جوڙڻي پوندي پر ان تي عمل بـ ڪرڻو ۽ ڪرائڻو پوندو تـ جيئن نوجوان پريشانين کان بچي، خودڪشيون ڪرڻ بجاءِ زندگي سان پيار ڪن ۽ ھن معاشري کي زندھ معاشرو بڻائڻ ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگھن.

(هي ليک روزاني سنڌ ايڪسپريس اخبار جي سنڊي ميگ ۾ 4 نومبر 2018 تي شايع ٿيو.)

سرڪاري نوڪري کان سواءِ روزگار جا ذريعا

اسان جو معاشرو انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهي. پوءِ اهو ڪرپشن هجي، وڌندڙ آدمشماري هجي، زراعت جي تباهي هجي، بجلي جي لوڊشيڊنگ هجي، تعليمي ادارن جي تباهي يا وري صحت جي سهولتن جي اڻهوند هجي. اتي اسان جي ماڻهو لاءِ روزگار بـ وڏو مسئلو ٿي پيو آهي، خاص طور تي نوجوان طبقي لاءِ اهو ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي. ماڻهن لاءِ ٻـ ويلا ماني حاصل ڪرڻ بـ زندگي جي وڏين حاصلاتن کان گهٽ ناهي. جتي وسيلن جي ڀينگ، ميرٽ جو قتل، پنهنجا نوازي، سفارشون، رشوتون، سياسي مداخلتون عروج تي هجن، اتي غريب نوجوان لاءِ روزگار جون سموريون راهون بند ٿي ويون آهن. جنهن جي ڪري نوجوان زهني مريض ٿي پيا آهن ۽ غلط طريقن سان پنهنجي پيٽ جي باهـ وسائڻ لاءِ مجبور آهي.
طبقاتي سماج ۾ تعليم جو مقصد بـ شعور حاصل ڪرڻ نـ پر تعليم صرف نوڪري حاصل ڪرڻ ۽ گذر سفر جي ذريعي طور سمجهي وڃي ٿي. نوجوان ڊگريون هٿن ۾ کنيو وتن مختلف آفيسن اڳيان ڌڪا کائيندا يا وري روڊن تي احتجاج ڪندا. توهان ڪيڏيون بـ شعور جون ڳالهيون ڪيو پر هنن لاءِ پيٽ ۽ ماني وڏو مامرو آهي. بقول شيخ اياز جي تـ
سدا آهي ساهـ کي ڳڀي جي ڳولا، ڍو بنا ڍولا ناهي ساڃاهـ سونهن جي.....
پر چوندا آهن تـ جتي مسئلا گهڻا هوندا آهن، اتي انهن جا حل ۽ موقعا بـ وڌيڪ هوندا آهن. نوجوان پنهنجي ذهانت، محنت ۽ هٿ جي هنرن سان ڪافي ڪم ڪري روزگار جا باعزت موقعا حاصل ڪري سگهن ٿا. ان لاءِ هنن کي هنن کي وڏيرن پويان نوڪرين لاءِ ڊوڙڻو نـ پوندو پر مستقل مزاجي۽ محنت سان پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪرڻو پوندو. منهنجي خيال ۾ پڙهيل لکيل نوجوانن لاءِ هيٺ ذڪر ڪيل ڪم، روزگار جو بهترين ذريعو ٿي سگهن ٿا.
1.ٻارن کي ٽيوشن ڏيڻ : نوجوان پنهنجي پنهنجي سبجيڪٽس ۾ مهارت رکن ٿا ۽ کين پڙهائڻ سان چاهـ آهي تـ هو اهو ڪم ڪري پنهنجي ڄاڻ ۾ بـ اضافو ڪري سگهن ٿا ۽ سٺو پئسو بـ ڪمائي سگھن ٿا.
2؛ ڪمپيوٽر ٽيوٽر: جن نوجوانن کي ڪمپيوٽر تي مهارت آهي تـ هو ڪمپيوٽر سيکارڻ واري ڪنهن سينٽر تي ٽيوٽر طور ڪم ڪري سگهن ٿا يا وري انهن وري جي معاشي حالت ڪجهـ بهتر آهي تـ هو پنهنجو سينٽر بـ شروع ڪري سگهن ٿا. ان سان بـ هو سٺا پئسا ڪمائي سگهن ٿا.
3ويب ڊزائنر ۽ ڪمپوزر: ويب ڊزائنگ ۽ ڪمپوزنگ ۾ مهارت رکندڙ نوجوان ڊزائننگ ۽ ويب ڊولپنگ جا مختلف پروجيڪٽس ۽ اسائنمينٽس ڪري سگهن ٿا. ان مان بـ کين سٺا پئسا ملي سگهن ٿا.
4. فوٽوگرافي: اڄڪلهـ سوشل ميڊيا جو دور آهي، هر پروگرام ۽ تقريب جي فوٽوگرافي لازمي هوندي آهي. فوٽوگرافي ۾ شوق رکندڙ نوجوان فوٽوگرافي ڪري پنهنجي روزگار سان گڏ پنهنجي آرٽ کي وقت ڏئي سگهن ٿا.
5. اليڪٽريشن جو ڪم : جيڪي نوجوان بجلي سان لاڳاپيل ڪم سٺي طريقي سان ڪري سگهن ٿا، اهي ان ڪم کي پنهنجي روزگار جو ذريعو بڻائي سگهن ٿا. اڄڪلهـ فرج، ايئرڪنڊيشنر، جنريٽر يا اهڙي قسم جون ٻيون شيون ٺاهيندڙ نوجوانن جي وڏي گهرج آهي.
6. ڊرائيوننگ انسٽرڪٽر: نوجوان ڊرائيونگ جو لائسن پاڻ سان رکن ٿا ۽ سٺي ڊرائيونگ ڪن ٿا. اهي ڊرائيونگ سيکاري پنهنجو روزگار ڪري سگهن ٿا.
7. ڪپڙن جي سلائي جو ڪم ڪرڻ: ڪافي نوجوان درزڪو ڪم سٺي نموني ڪري ويندا آهن. مان ذاتي طور تي ڪيترائي اهڙا نوجوان سڃاڻان ٿو، جيڪي پنهنجي پڙهائي سان گڏ درزڪو ڪم ڪن ٿا ۽ اهي ٻڌائين ٿا تـ ان سان اسان پنهنجي پڙهائي جو خرچ بـ ڀري ويندا اهيون ۽ گهر جو گاڏو بـ هلائي ويندا آهيون.
8. چوپايو مال پالڻ: هي ڪم اهي نوجوان سٺي نموني ڪري سگهن ٿا، جيڪياسان جي ڳوٺن سان واسطو رکن ٿا. ننڍي پئماني تي ئي، نوجوان ٻـ چار جانورن جو واڙو ٺاهي. ان جي صحيح سار سنڀال ڪري ان جو کير يا کير مان ٺهندڙ ٻيون شيون ٺاهي، مارڪيٽ ۾ وڪڻي پئسا ڪمائي سگهن ٿا. ننڍا جانور گهٽ پئسن ۾ خريد ڪري، انهن تي ڪجهـ وقت محنت ڪري انهن کي وڏو ڪري وڪڻي بـ سٺو ناڻو ڪمائي سگهن ٿا. منهنجي ذاتي مشاهدي مان اهرا ڪافي نوجوان گذريا آهن، جيڪي جانورن جو ڪاروبار ڪن ٿا. هو پڙهيا لکيا بـ آهن ۽ پنهنجو حساب ڪتاب، نفعو نقصان بهتر نموني سمجهن ٿا ۽ فضيلت ڀري زندگي گذاري رهيا آهن.
هي تـ منهنجي ذهن ۽ مشاهدي ۾ ايندڙ ڪجهـ ننڍا ڪم آهن، جيڪي نوجوانن لاء روزگار جو ذريعو ٿي سگهن ٿا. ان کان علاوه ٻيا بـ ان جهرا ڪم ٿي سگهن ٿا. بس ضرورت ان ڳالهـ جي آهي تـ نوجوان پاڻ ۾ اعتماد پيدا ڪن. ڪنهن ڪم کي مهڻو يا عيب نـ سمجهن. پنهنجي هٿ جي پورهئي ۾ ڪو بـ عيب ناهي پر ان ۾ انسان جي عزت ۽ خودداري آهي. وڏيرڪي سماج ۾ رهي ڪري اسان جي نوجوان جي ذهنيت ۾ وڏيرڪي ٿي وئي آهي، هو هلڪي ڦلڪي ڪم کي عيب سمجهي ٿو ۽ بيروزگاري ۽ نااهلي جا مهڻا سهندو ٿو وتي. تنهن ڪري نوجوانن کي انهي سوچ مان نڪرڻو پوندو. ائين ڪرڻ سان هو بهتر زندگي بسر ڪري سگهي ٿو. مختلف ڪاروبارن ۾ پڙهيل لکيل نوجوان جيڪڏهن موجود هوندو تـ اهي ڪم بـ سليقي ۽ بهتر نموني ٿيندا....

(هي ليک ماهوار همسري رسالي جي جولاءِ 2018 واري شماري ۾ شايع ٿيو.)

تعليم اڌ ۾ ڇڏي ويندڙ ٻار

ٻار جيڪو معصوم, حساس ۽ تمام پيارو ھوندو آهي. تعليم ان جو بنيادي حق آهي پر بدقسمتي سان اسان جي سماج ۾ اڪثر ٻار ان بنيادي حق کان محروم آهن. ٻارن جي تعليم حاصل نه ڪرڻ جا سبب ته تمام گھڻا آهن پر اڄ اسان ان ڳالهه جو جائزو وٺنداسين ته جيڪي ٻار اسڪول تائين ته پھچن ٿا ۽ پوء اتان ھو تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڇو وڃن ٿا؟؟
اھو ھڪ تمام اھم مسئلو آهي پر ان تي ڌيان تمام گھٽ ڏنو وڃي ٿو. سڄو زور ان ڳالهه تي ھوندو آهي ته بس ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. منهنجي خيال ۾ ٻارن جو تعليم اڌ ۾ ڇڏڻ جا ھيٺيان اھم سبب آهن.

1. بيروزگاري:
اسان جي سماج ۾ بيروزگاري انتھا تي پھتل آهي. اھڙي سماج ۾ تعليم کي شعور جو ذريعو نه پر رڳو روزگار جو ذريعو سمجھيو ٿو وڃي. ان ڪري ٻارن جي پڙهڻ جو مقصد معنىٰ رڳو روزگار حاصل ڪرڻ, باقي ڪل خير. آدمشماري وڌي وڃڻ ڪري ماڻهن لاء روزگار جا موقعا به گھٽ ٿي ويا آهن. نتيجي ۾ ھر ماڻهو کي نوڪري نٿي ملي. اسان وٽ نوڪري جو مقصد شعور حاصل ڪري زندگي کي سمجھي فضيلت ڀريو انسان ٿيڻ ناهي پر رڳو روزگار حاصل ڪرڻ آهي. مون اڪثر اھڙا والدين ڏٺا آهن جيڪي ھي ڳالهه چوندا آهن ته "پنهنجي وڏي پٽ کي انٽر ڪرايم پر نوڪري نه مليس, ھاڻي ٻني جو ڪم يا مزدوري به نٿو ڪري. ان کان ته منھنجو ننڍو پٽ سٺو آهي جيڪو پڙھيو ته ھڪ اکر به نه پر پوء به ٻني جو ڪم ڪري ٿو, مال لاء گاھ ڪري ٿو ۽ اھڙي طرح ڪجهه نه ڪجهه ڪمائي وٺي ٿو. سو ھي جيڪو سڀني ۾ ننڍو پٽ اٿم, ان کي ھاڻي اسڪول نه موڪليندس, ٻـ درجا پڙھيو اھي کوڙ آهن. ھاڻي ھلي ٻني جو ڪم ڪري."

2. غربت:
غربت سبب به ڪافي والدين ٻارن جو روزمرھ جو خرچ ڀري نٿا سگھن. ان ڪري به ھو ٻار کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ٿا ڇڏين يا وري اسڪول جي پڙھائي ۽ امتحانن دوران به مزدوري تي لڳائي ڇڏين ٿا. نتيجي ۾ ٻار جو سال ضايع ٿيو وڃي ۽ ھو پڙھائي اڌ ۾ ڇڏيو ڏي. غربت ڪري ڪافي والدين ٻار کي روزاني واري خرچي به ناھن ڏئي سگھندا ۽ اھو ٻار ٻين کي شيون کائيندي ڏاڍي حسرت مان ڏسندو آهي ۽ پوء خرچي نه ملڻ کي بھانو بڻائي اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏيندو آهي. والدين به خرچي جا پئسا نه ھجڻ ڪري ھن کي ڪجهه به ناھن چوندا.

3. اسڪولن ۾ بنيادي سھولتن جو نه ھجڻ:
ڪافي اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون به ناھن ھونديون, جنهن ۾ بلڊنگ جو نه ھجڻ, صفائي جو انتظام نه ھجڻ, واش رومز جو نه ھجڻ, بجلي جو نه ھجڻ, استادن جي کوٽ, فرنيچر جي کوٽ وغيره. نتيجي ۾ ٻار اسڪول وڃڻ ڇڏيو وڃن. توهان پاڻ اندازو لڳايو جيڪڏهن ھڪ ٻار کي حاجت لاء جڳهه نه ملي ۽ ھو اسڪول جو مڪمل وقت ان تڪليف کي برداشت ڪري ته يقينن ھو وري اسڪول نه ويندو. اھڙي حالت ۾ ڪو ويچارو ٻار حاجت ڪپڙن ۾ ڪري ٿو ڇڏي ته ان تي سڀ چٿر ڪن ٿا. ان طرح ھو نفسياتي دٻاء ۾ وقت گذاري ٿو. جنهن سان ھن جو صلاحيتون مريو وڃن.

4. معياري تعليم جو نه ملڻ:
مدي خارج نصاب, ڪافي استادن جي صحيح تربيت نه ھجڻ ۽ غلط امتحاني طريقيڪار جي ڪري به ٻارن کي معياري تعليم ناهي. ان ڪري ٻارن جي اسڪول مان دلچسپي ختم ٿيو وڃي ۽ ھو پڙھائي اڌ ۾ ڇڏيو ڏي. اھڙي طرح طبقاتي سماج ۾ سرندي واري جو ٻار ته مھانگن خانگي اسڪولن ۾ پڙهي اڳيان نڪري ٿو وڃي ۽ غريب جو ٻار اتي ئي رھجي ٿو وڃي ۽ نتيجي ۾ والدين جي به اھا نفسيات ٺهي ٿي وڃي ته ھاري جو ٻار, ھاري ئي ٿيندو, ڪھڙو وري آفيسر ٿيندو. معنىٰ آفيسر رڳو اميرن جا ٻار ٿيندا.

5. ٽرانسپورٽ جو نه ھجڻ:
ڳوٺن جا اڪثر ٻار ڳوٺن ۾ سھولتون نه ھجڻ ڪري شھرن جي اسڪولن ۾ پڙهڻ ايندا آهن پر انهن کي وقت سر ڪا سواري ناهي ملندي جو ھو اسڪول پھچي سگهن. ٽرانسپورٽر به انهن ٻارن سان جانورن وارو سلوڪ ڪندا آهن. کين ويھڻ لاء جاء ناھن ڏيندا, بسن جي ڇتين ٿي ويھاريندا آهن. پوء ڀلين سردي ھجي يا گرمي. کين وڌيڪ ڪرايو ڏيڻ لاء به تنگ ڪيو ويندو آهي. ڪافي ٻار ان ڪري حادثن جو شڪار ٿي زندگي وڃايو ويھن. اھڙي حالت مان گذري ھو اسڪول روزاني دير سان پھچن ٿا. ان ڪري اسڪول انتظاميا کين واپس گھر موڪليو ڇڏي يا کين سزا ملندي آهي ۽ يا وري روزانو سندن پھريان ٻـ ڪلاس ھليا ويندا آهن. انهن سڀني سورن کان تنگ ٿي ٻار اسڪول ڇڏي ٿا وڃن.
ھي ته ڪجهه سبب آهن يقينن ٻيا به ڪافي سبب ھوندا جنهن ڪري ٻار پڙهڻ ڇڏيو ڏين. ھي ھڪ تحقيق طلب موضوع آهي. جنهن تي وڏي ڪم جي ضرورت آهي ته ڪيترا ٻار بنيادي تعليم حاصل ڪن ٿا, ڪيترا سيڪنڊري تعليم حاصل ڪن ٿا, ڪيترا ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا. ان ۾ به وري نياڻين جي تعليم جو ڇا تناسب آهي.....
تعليمي ادارن کي بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن ۽ شاگردن جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن ته جيئن غريبن جو اولاد به تعليم حاصل ڪري سگھن. باقي نه ته اھي ويچارا مڙئي حاصل ڪيل مئٽرڪ ۽ انٽر جي سرٽيفيڪٽن سميت پنهنجي حسرتن ۽ خواهشن کي به اندر ۾ دفن ڪريو ڇڏين. خدارا معصوم ٻارن جي حسرتن ۽ خواھشن کي مرڻ نه ڏيو. ھي اسان جو سماجي فرض آهي ته نه رڳو اسڪول کان ٻاھر ٻارن کي اسڪول ۾ آڻيون پر جيڪي اڳ ۾ اسڪولن ۾ موجود آهن, انهن جي به پرگھور لھون. اھو نيڪي جو ڪم ڪرڻ سان اسان پنهنجو مستقبل بچائي سگھون ٿا.

(ھي ليک سنڌ ايڪسپريس اخبار جي سنڊي ميگ ۾ 22 جولاءِ 2018 تي شايع ٿيو).

روڊ حادثن جو شڪار ٿيندڙ معصوم شاگردن بابت سوچيو!

ڪجهه ڏينهن اڳ جيئن ئي فيس بڪ کوليم ته جيڪا پھرين پوسٽ ڏسڻ ۽ پڙهڻ لاء ملي، ان منھنجو جيء جھوري ڇڏيو. اھا پوسٽ ھئي ته “پنگريو ھاء اسڪول جو اٺين ڪلاس جو شاگرد روڊ حادثي ۾ چنگچي ھيٺ اچي فوت ٿي ويو. ان پوسٽ ۾ ان ٻار جي لاش جي به تصوير ھئي، جيڪو رت ۾ لال ٿيل ھو. اھا تصوير ڏسي سوچيم ته ھن ٻار جا والدين ھن جو لاش ڏسي ڪيڏي نه ڪربناڪ صورتحال ۽ شديد درد مان گذرندا هوندا...؟؟!!”
انهيَ سان گڏ منهنجي ذھن تي ھڪ ياد به تري آئي ته جڏهن مان، ھاء اسڪول ۾ پڙھندو ھئس ۽ اسان پنهنجي ڳوٺ کان ڪافي سفر ڪري پوء اسڪول پھچندا ھئاسين. ان سفر دوران بس جي ڪنڊيٽر ۽ ڊرائيور جو اسان سان ورتاء نفرت وارو ھوندو ھو. بس ۾ سيٽون خالي ھونديون ھيون، تڏهن به اسان کي زوري چوندا ھئا ته “بس جي ڇت تي وڃي ويھو.”
خير! اسان ته ان وقت مجبوري ۾ وڃي ويھندا ھئاسين ۽ ڪڏهن بس دير ڪندي ھئي ته اسان به اسڪول دير سان پھچندا ھئاسين ۽ پوء اسڪول انتظاميا جا دڙڪا برداشت ڪرڻا پوندا ھئا. ان ڪري اسان ڪيئن به ڪري بسن ۽ ڊاٽسنن ۾ جانورن وانگر ڌڪجي سڪجي اسڪول ايندا ھئاسين. دل ۾ اھو ئي ڊپ ھوندو ھو ته ڪٿي اسڪول ته دير ٿي ته استاد سختي ڪندا ۽ جيڪڏهن واپسي ۾ گھر دير پھتاسين ته مائٽ سخت پڇاڻو ڪندا...
ھاڻي جڏهن مان پاڻ استاد آھيان ۽ اڄ به ويچارن عام شاگردن کي ساڳين سورن ۾ ڏسان ٿو ته دل ويتر ڏکاري ٿي ٿي پوي.
دنيا ترقي جون منزلون طئي ڪري وڃي آسمانن تي پھتي آهي ۽ اسان وٽ اڄ به تعليم کي سڌارڻ جون وڏيون ڳالهيون ٿين ٿيون پر شاگردن کي بنيادي سھولتون جيڪي واش روم کان ويندي ڪلاس روم تائين به ميسر ناھن، انھن معصوم شاگردن لاءِ سفري سھولتن جو نه ھجڻ به ھڪ وڏو مسئلو آھي!
سفري سھولتون نه ھجڻ ڪري ڪيترائي شاگرد پڙهڻ ڇڏي ٿا وڃن، يا وري وڏي اذيت مان گذري پوء اسڪول يا واپس گھر پھچن ٿا يا وري مٿي ذڪر ڪيل شاگرد وانگر ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي وڃن ٿا.
اسڪول ڊسيپلين ۾ وقت جي پابندي تي زور ڏنو ويندو آهي، جيڪو ڪنهن حد تائين ته ٺيڪ آهي پر ان ۾ انھن ٻارن کي رعايت ڏيڻ گھرجي، جيڪي پري کان اچن ۽ اسان جي ڳوٺن ۾ نه ڪي سٺا روڊ ۽ رستا آهن ۽ نه وري گاڏيون آهن، جيڪي وقت سِر ٻارن کي اسڪول پھچاين. نتيجي ۾ اسڪول وقت تي پھچڻ جي ڊپ ۾ ٻار ويچارا گاڏين جي ڇتن تي ويھي، يا انهن جي چاڙھين تي لڙڪي پوء اسڪول پھچن ٿا ۽ ان سفر دوران ھو ڪيترن ئي اڻوڻندڙ ورتائن کي برداشت ڪن ٿا. وري جي اسڪول تي پھچندي دير ٿي ته اسڪول ۾ استادن جي سختي. پوء ان حالت ۾ ويچاري ٻار جي پڙھائي متاثر ٿئي ٿي.
ڪافي مائٽ به ٻارن کان سخت پڇاڻو ڪندا آهن ته اسڪول تان واپس وقت تي ڇو نه پھتا. اھو مائٽ جو پڇڻ فرض آهي پر ان وقت انهن کي اھو به ذھن ۾ رکڻ گھرجي ته گاڏيون به وقت سر ناھن ملنديون. ٻار تي سختي ڪندا ته ٻار يا اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏيندو يا وري ڪنهن خطرناڪ طريقي سان سفر ڪري پھچندو، جنهن ۾ سندس زندگي خطري ۾ ھوندي ۽ ھو حادثي جو شڪار به ٿي سگھي ٿو.
حڪومت کي گھرجي تـ اھا جڏهن ٻارن کي بنيادي سھولتون ڏيڻ جي منصوبابندي ڪري ٿي ته ان وقت ٽرانسپورٽ جي سھولت کي به ان ۾ شامل ڪري ڇو ته ھي به ھڪ تمام وڏو مسئلو آهي. مان استادن کي به ھٿ ادب جا ٻڌي گذارش ٿو ڪريان، ته پري کان ايندڙ ٻارن کي ٽائيم جي ڪجهه رعايت ڏيو. ته جيئن ھو بغير ڪنهن ڊپ جي اسڪول اچن ۽ پنهنجي پڙھائي تي ڌيان ڏئي سگھن.محترم والدين کي به اھا گذارش ڪندس ته خدارا پنهنجي ٻارن سان پيار ڪريو ۽ انهن تي اجائي سختي نه ڪريو. توهان جي سختي ۾ خدا نه ڪري ڪٿي ھو پنهنجي زندگي نه وڃائي ويھن.
ھڪ استاد ۽ علم جي شاگرد ھئڻ جي ناتي مان اھو سمجھان ٿو ته اسان جڏهن ٻارن جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪنداسين ۽ کين بھتر ماحول ڏينداسين تڏهن ھو سٺا شاگرد ۽ اڳتي ھلي معاشري جا سٺا فرد ٿيندا جيڪي بھتر معاشرو اڏڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.

(ھي ليک ڪاوش اخبار جي رسالي ڪاوش دنيا ۾ 21 آڪٽوبر 2018 تي شايع ٿيو)

تعليم ۽ ھم نصاب سرگرميون

---

ڪاپي ڪلچر جا سبب ۽ ان جي خاتمي لاءِ ڪجهه تجويزون

سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ جڏهن بـ بورڊ جا امتحان شروع ٿيندا آهن تـ اهي خبرون عام ٿي وينديون آهن تـ ڪاپي کي روڪيو ويندو، سخت قدم کنيا ويندا، پوليس ۽ رينجرز کي امتحاني سينٽرن تي مقرر ڪيو ويندو، ڪامورا تعليمي سينٽرن جو دورو ڪندا، امتحاني بورڊ بـ پنهنجون ويجيلنس ٽيمون جوڙي موڪليندو، جيڪي اوچتا ڇاپا هڻي ڪاپي روڪائيندا. ميڊيا ۾ بـ اهي خبرون هلنديون رهنديون آهن تـ سنڌ جي امتحاني سينٽرن تي ڪاپي جي ڌم رهي، هيترا هيترا شاگرد امتحان ۾ ڪاپي ڪندي سوگها ڪيا ويا......
مڃون ٿا ڪاپي ڪرڻ ۽ ڪرائڻ تمام خراب عمل آهي، جيڪو نـ ٿيڻ گهرجي، پر جيترو زور ڪاپي کي روڪڻ تي ڏنو ٿو وڃي، ايترو جيڪڏهن ڪاپي ٿيڻ جي سببن تي ڏنو وڃي تـ منهنجي خيال ۾ ڪافي بهتر نتيجا ملي سگهن ٿا. ان ڳالهـ تي تمام گهٽ ڌيان ڏنو ٿو وڃي تـ ڪاپي ڇو ٿي ٿئي؟
منهنجي خيال ۾ ڪجهـ بنيادي سبب هي آهن، جنهن جي ڪري امتحان ۾ ڪاپي ٿئي ٿي.

1. ناڪاره امتحاني نظام:
اسان وٽ اڃا تائين سالياني امتحان وارو سرشتو پيو هلي، جڌهن تـ سڌريل ملڪن ۾ سيميسٽر سسٽم يا وري مڊ ٽرم امتحان ورتو ٿو وڃي، جيڪو هتي اسان وٽ يونيورسٽين ۾ رائج آهي. پر اسڪول ۽ ڪاليج ليول تي اڄ بـ سالياني امتحان وارو سرشتو هلي پيو، جنهن ڪري امتحان دير سان هئڻ ڪري شاگرد محنت گهٽ ٿو ڪري، ٻيو تـ سمورو ڪورس کيس هڪ ئي وقت ياد ڪري هڪ ئي امتحان ڏيڻو ٿو پوي. هڪ ئي وقت هڪ هڪ سبجيڪٽ جا 20، 20 باب ياد ڪرڻ آسان ناهن. نتيجي ۾ شاگرد ڪاپي جو سهارو وٺي ٿو. بورڊ سوالناما بـ اهڙا ٿو ٺاهي جيڪي نـ ئي مقرر وقت ۾ مڪمل ٿين ٿا ۽ نـ ئي ايترو مواد ٻار کان ياد ٿئي ٿو..

2. مدي خارج نصاب:
اسان وٽ جيڪو نصاب پڙهايو ويو وڃي، اهو بـ تمام پراڻو آهي، ٽن چئين پيڙهين کان اهو نصاب هلندو پيو اچي، اسان جي نصاب ۾ اهو بـ پڙهايو پيو وڃي تـ ريڊيو اڃا معجزو آهي. دنيا ترقي ڪري خبر ناهي ڪٿي وڃي پهتي آهي، اسان جا شاگرد اڃا تائين پراڻو ۽ غيردلچسپ نصاب پڙهڻ تي مجبور آهن. ٻيو تـ ڪورس تمام ڊگهو تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو هڪ اڪيڊمڪ سيشن جي اٺن مهينن ۾ مڪمل ڪرائڻ تمام مشڪل آهي. مثال طور: نائين ۽ ڏهين ڪلاسن جي بائيولاجي جي سبجيڪٽ ۾ 19 باب آهن، ڪيميسٽري ۾ 18 باب آهن، فزڪس ۾ 19 باب آهن، ميٿميٽڪس ۾ 15 باب آهن. هاڻي توهان سوچيو ڇا اهو ممڪن آهي جو ايترو مواد ٻار هڪ سال ۾ سمجهي ياد ڪري امتحان ڏئي ويندو؟ ان مشڪلات جي ڪري شاگرد ڪاپي جو سهارو وٺي ٿو.

3. استادن جي کوٽ:
ڪافي اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ آهي، جنهن ڪري ٻارن جي پڙهائي نٿي ٿئي. خاص طور سائنس جي سبجيڪٽس جا استاد تـ تمام ٿورا آهن. اڄڪلهـ دور ئي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو آهي ۽ بدقسمتي سان اسان جو شاگرد سائنس پڙهي ئي نٿو!!! اهو ويچارو دنيا سان ڪهڙو مقابلو ڪندو. جيستائين امتحان جي ڳالهـ آهي تـ ظاهر آهي اهڙي حالت ۾ ڪاپي ڪرڻ تي ئي مجبور ٿيندو..
خاص طور شاگرد سائنس جي سبجيڪٽس ۾ ڪاپي ڪري ٿو ۽ گهڻا ٻار فيل بـ سائنس جي سبجيڪٽس ۾ ٿين ٿا...

4. بنيادي تعليم بهتر نـ هئڻ :
ٻار جي بنيادي تعليم بـ جيڪڏهن بهتر ناهي تـ هو وڏن ڪلاسز ۾ اچي پريشان ٿي ويندو آهي. بنياد ڪمزور هئڻ ڪري هو احساس ڪمتري ۽ نفسياتي مونجهارن جو شڪار ٿئي ٿو. هو آساني سان لکي پڙهي ۽ سادي جوڙ ڪٽ بـ نٿو ڪري سگهي تـ هن وٽ آخري حل ڪاپي ئي بچي ٿو. ان حالت ۾ هو پاڻ کي پنهجي ڪلاس فيلوز جي وچ ۾ شرمندو محسوس ڪندو آهي....

5. انتظامي لاپرواهي:
انتظامي لاپرواهي ڪري ڪافي اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون ئي ناهن، پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي، واش روم ناهي، فرنيچر ناهي، بلڊنگ ناهي، بجلي ناهي. اهڙي حالت ۾ ٻار ڪيئن پڙهي سگهندو؟؟؟ ڪاپي نـ ڪندو تـ ٻيو ڇا ڪندو؟؟ ڪامورا امتحان دوران تـ امتحاني سينٽنرس جو دورو ڪن ٿا پر باقي سڄو سال گم ٿي ويندا آهن، ڪڌهن بـ اسڪول وڃي اهو معلوم نـ ڪندا تـ ٻارن ۽ استادن سان ڪو مسئلو تـ ناهي؟؟ اهي صاحب جيڪڏهن بنيادي مسئلا حل ڪري ڏين تڏهن بـ تعليمي عمل ڪافي بهتر ٿي وڃي... پر افسوس جو انهن جي نظر ۾ اهو هڪ فضول ڪم آهي...

6. والدين جي عدم دلچسپي:
والدين جي اڪثريت بـ ٻارن تي توجهـ نٿي ڏي. گهڻن والدين وٽ تعليم ترجيحات ۾ شامل ئي ناهي. ٻار دڪان تي ويهي ڪاروبار ڀل پيو سنڀالي ، اسڪول نـ ويو تـ خير آهي... اها سوچ عام آهي، والدين امتحان دوران سفارشون ڪرائيندا تـ سان جي اولاد جي پارت آهي، مطلب ڪاپي ڪرايوس. پر اهي ساڳي مائٽ سڄو سال پنهنجي اولاد جي تعليم جو پچڻ نـ ايندا تـ اها ڪهڙي حال ۾ آهي، ٻار پڙهي ٿو يانـ؟ اسڪول اچي ٿو يا نـ ؟؟وغيره وغيره..... ان رويي ڪري ٻار پڙهائي ڱي اهميت نٿو ڏي ۽ ڪاپي ڪري امتحان پاس ڪرڻ کي ئي پنهنجو ڪل مقصد سمجهي ٿو.....

منهنجي خيال ۾ اهي ڪجهـ بنيادي سسب آهن جن ڪري ڪاپي ٿئي ٿي...
انهن مسئلن ڱي حل ڪرڻ لاء هيٺيان قدم کنيا وڃن تـ بهتري اچي سگهي ٿي...

• امتحان جو سرشتو تبديل ڪيو وڃي، سيميٽر سسٽم ڪيو وڃي، حاضري تي بـ مارڪون رکيون وڃن. ان سان شاگرد ريگيولر ٿيندو. ٻيو تـ جنهن جي حاضري پوري نـ هجي ان کي امتحان ۾ نـ ويهاريو وڃي. ان ۾ انتظاميـ ۽ بورڊ جي عملدارن کي قدم کڻڻا پوندا...
• نصاب کي جديد دور جي تقاضائن موجب تيار ڪيو وڃي، جيڪو دلچسپ ۽ مقرر وقت تي مڪمل ٿيڻ جوڳو هجي....
• استادن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي، خاص طور سائنس جي سبجيڪٽس جا استاد مقرر ڪيا وڃن...
• ٻارن جي پرائمري تعليم تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي، جنهن سان ٻار جو بنياد سٺو ٿيندو ۽ هو اڳتي پنهنجي تعليم بهتر انداز ۾ مڪمل ڪري سگهندو..
• تعليمي ادارن ۾ بنيادي سهوليتون مهيا ڪيون وڃن جيئن ٻار صحيح پڙهي سگهن..
• والدين پنهنجي ترجيحات ۾ تعليم کي شامل ڪن، استادن سان تعاون ڪن، پنهنجي ٻارن جي خبر چار وٺن، تـ جيئن سندس اولاد بهتر نموني تعليم مڪمل ڪري سگهي....

(هي ليک ڪاوش اخبار جي مڊويڪ مئگزين ۾ 15 نومبر 2017 تي شايع ٿيو)

سائنس جي دور ۾ سائنس جي تعليم کان پري اسان جا تعليمي ادارا

اڄ جي دنيا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دنيا آهي. اڄڪلهـ ان قوم کي ئي ڪامياب سمجهيو وڃي ٿو، جيڪا سائنس جي ميدان ۾ اڳڀري آهي. ان قوم کي ئي عزت جي نگاهـ سان ڏٺو وڃي ٿو، جيڪا مختلف ايجادون ڪري انسانن جي ڀلي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، پوءِ اهي مختلف موذي مرضن جا علاج هجن يا وري ڪمپيوٽر جي شعبي ۾ حيرت انگيز ڪارناما هجن.
ان تناظر ۾ جيڪڏهن اسان پنهنجو جائزو وٺنداسين تـ اسانجو بطور هڪ قوم ۽ سماج طور (چند مثالن کي ڇڏي) رويو ۽ مزاج سدائين غيرسائنسي رهيو آهي. اسان سائنس کي نـ صحيح طريقي سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ نـ ئي سائنس اسان جي سماج کان هضم ٿئي ٿي. نتيجي ۾ اسان وٽ سائنسدان تـ پري جي ڳالهـ آهي پر سائنسي سوچ بـ جنم ناهي وٺي سگهي. تعليمي ادارا ڪنهن بـ معاشري جي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جو ڪردار ادا ڪندا آهن. هاڻي اسان جيڪڏهن اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين جانچي ڏسنداسين تـ ان حوالي سان ڪاري وارا ڪک نظر ايندا. اسان وٽ تعليمي ادارن ۾ سائنس کي ڪيتري اهميت آهي؟ سائنس پڙهائي ڪيئن ٿي وڃي؟ استادن، شاگردن، والدين ۽ سڄي سماج جو سائنس ڏانهن ڪهڙو رويو آهي؟ منهنجي خيال ۾ اهي تمام وڏا سوال آهن، جن تي سوچڻ جي ضرورت آهي.
منهنجي خيال ۾ هيٺيان ڪجهـ سبب آهن جن جي ڪري اسان وٽ سائنس کي صحيح اهميت ناهي ملي سگهي..

1. تعليمي ادارن ۾ تجربيگاهن جي تباهي
سائنس اهو علم آهي، جنهن جو بنياد تجربن ۽ مشاهدن تي آهي. سائنس جي مختلف سبجيڪٽن ۽ موضوعن کي سمجهڻ لاءَ تجربا تمام ضروري آهن ۽ ان سان شاگردن ۾ ٽيڪنالاجي بابت دلچسپي پيدا ٿئي ٿي. انتھائي ڏک سان لکڻو ٿو پوي ته اسان وٽ ھٿن سان تجربيگاھن کي تباهه ڪيو ويو آهي. اتي نه ئي سائنسي سامان خريد ڪيو ٿو وڃي ۽ نه ئي تجربا ڪيا ٿا وڃن. ان حوالي سان سنڌ جي يونيورسٽين جي به حالت افسوسناڪ آهي. اتي به تجرباتي ڪم ٿيڻ جي برابر ٿئي ٿو, رڳو ڪاپي پيسٽ ڪري مدي خارج تحقيقي جرنل ٺاھيا ٿا وڃن, جن جو ڪو به سماجي ڪارج ناھي هوندو.

2. سائنس جي استادن جي کوٽ:
اسان جي اسولن ۽ ڪاليجن ۾ استادن جي کوٽ ته سدائين رھي آهي پر جيڪي استاد موجود آهن انهن ۾ به وري سائنس پڙھائڻ وارا تمام ٿورا آهن. اتي اھو به سوال جنم وٺي ٿو ته جيڪي استاد موجود آهن, اھي پڙھائين ڪيئن ٿا؟ ۽ ڪيترن وٽ سائنس جي مضمونن سان لاڳاپيل ڊگريون آهن؟ جيڪي سائنس پڙھائين ٿا اھي پنهنجي سوچ ۾ ڪيترا سائنٽيفڪ آهن؟ ان سببن جي ڪري ڪافي اسڪولن ۾ سائنس پڙھائي ئي نٿي وڃي.

3. مدي خارج سائنسي نصاب:
اسان وٽ ڪافي وقت کان اھي ساڳيا مدي خارج ڪورس پڙھايا پيا وڃن, جن جي اڄ جي دور ۾ ڪا به اھميت ناھي. اڄڪلهه سائنس جي ميدان ۾ ڇا پيو وھي واپري, ان حوالي سان اسان جي شاگردن کي ڪو به مواد نٿو ملي.

4. امتحانن ۾ پريڪٽيڪلز جون مارڪون گھٽ ڪرڻ:
اسان وٽ امتحانن جو طريقيڪار به عجيب آهي. اسان وٽ سائنس جي ڪيتري اھميت آهي, ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيميسٽري, فزڪس ۽ بائيولاجي جي ھر سبجيڪيٽ جي ھڪ سئو مارڪن ۾ پريڪٽيڪلز جون صرف 15 مارڪون رکيل آهن. ان مان اھو واضع نتيجو نڪري ٿو ته پريڪٽيڪلز جي ڪا به اھميت ناھي. جيڪي مارڪون رکيل به آهن ته اھي وري ائين ئي سفارشن تي ڏنيون وڃن ٿيون.

5. سائنسي ادب ۽ ڪتابن جي کوٽ:
اسان وٽ ھر سال شاعري يا ٻين صنفن جا ته سوين ڪتاب ڇپايا ٿا وڃن پر سائنس جي موضوعن تي تمام ٿورا ڪتاب ملندا. هڪ ٻـ ادارا آهن، جيڪي اهو ڪم ڪن ٿا پر اهو بـ ماڻهن تائين صحيح طرح نٿو پهچي. اسان جي اديبن ۽ پڙهڻ لکڻ وارن ماڻهن کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گھرجي. انگريزي ۽ ٻين ٻولين مان سائنسي مواد ترجمو ڪري ڇپايو وڃي, مختلف رسالا ڪڍيا وڃن جيڪي شاگردن تائين پھچايا وڃن.

6. سائنسي سرگرمين جي کوٽ:
اسان وٽ اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين مختلف پروگرام ۽ سيمينار ٿين ٿا پر ان ۾ سائنس سان لاڳاپيل پروگرام بلڪل به ناھن. جيڪي ادبي ميلا لڳن ٿا, انهن ۾ به سائنسي ادب تي ڪو به سيشن ناھي ھوندو ۽ ان حوالي سان نه وري ڪو ڪارنر ھوندو آهي. پر تازو ان سلسلي ۾ ٻـ حوصلـ افزا سرگرميون ٿيون آهن، جن مان هڪ لاڙڪاڻي ۾ سائنس ميلو ۽ ٻي مٺي شهر ۾ سائنس ميلو لڳڻ واريون آهن. انهن ميلن کي جيڪڏهن ٻين شهرن تائين وڌايو وڃي تـ ان طرح بـ اسان وٽ سائنس ڏانهن هڪ لاڙو پيدا ٿيندو.

7. ڪمپيوٽر جو نه ھجڻ:
ڪمپيوٽر اڄڪلهه تعليم جو اھم حصو آهي, جنهن ذريعي جديد طريقي سان پڙھائي سگهجي ٿو پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ھن دور ۾ به اسان جا گهڻا استاد, شاگرد ۽ والدين ڪمپيوٽر جي استعمال کان بيخبر آهن.
سائنس, جيڪا وقت جي ضرورت آهي, ان جي اھميت کي اجاگر ڪرڻ لاء مون وٽ ڪجهه تجويزون آهن جيڪي پڙھندڙن سان ونڊ ڪجن ٿيون. مون کي اھا اميد آهي ته جيڪڏهن انهن صلاحن تي غور ڪيو وڃي ته ڪافي بھتري اچي سگهي ٿي.

• تعليمي ادارن ۾ تجربيگاھن کي فنڪشنل ڪيو وڃي جتي شاگرد کي باقائدھ تجربا سيکاريا وڃن.
• سائنس جا استاد مقرر ڪيا وڃن ۽ انهن جا ان حوالي سان وقت به وقت تربيتي ڪورس ڪرايا وڃن.
• ڪورس نوان ۽ دلچسپ تيار ڪيا وڃن جن ۾ تصويرون ۽ ٻيو مواد رنگين ڏنو وڃي جيئن شاگردن ۾ دلچسپي پيدا ٿئي.
• امتحاني مارڪن ۾ پريڪٽيڪلز جي مارڪن کي وڌايو وڃي ۽ اھي ميرٽ تي ڏنيون وڃن.
• سائنسي ادب کي ھٿي ڏني وڃي, ان حوالي سان مختلف رسالا ۽ ڪتاب شايع ڪيا وڃن.
• سائنسي مواد کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري شاگردن تائين پھچايو وڃي.
• سائنسي ميلا لڳرايا وڃن جن ۾ ان حوالي سان مختلف سيشنس رکيا وڃن.
• تعليمي ادارن ۾ سائنس جي اھميت جي حوالي سان ورڪشاپ ۽ پروگرام ڪرايا وڃن.

( هي ليک ڪاوش اخبار هي مڊويڪ مئگزين ۾ 21 فيبروري 2018 تي شايع ٿيو).

رياضي جو سبجيڪٽ شاگردن کي مشڪل ڇو لڳندو آھي؟؟

حساب تـ مٿي جو سور آھن...، اھي رياضي جا وڏا وڏا حساب حل ڪرڻ اسان جي وس کان ٻاھر آھن....، انھن جو اسان جي زندگي ۾ ڪو بـ ڪارج ناھي... وغيرھ وغيرھ ... ان قسم جا ڪافي جملا ۽ ڳالھيون اسان کي روز اڪثر شاگردن کان ٻڌڻ لاءِ ملن ٿيون، جن ۾ اھو ئي ذڪر ھوندو آھي تـ رياضي اسان کي سمجھ ۾ نٿي اچي. ڪڏھن توھان ان اھم مسئلي تي سوچيو آھي تـ آخر ائين ڇو آھي؟؟ ھن مضمون ذريعي اسان ان اھم مسئلي جي سببن ۽ انھن جي حل تي بحث ڪنداسين. ان مسئلي جا کوڙ سبب ٿي سگھن ٿا پر منھنجي خيال ۾ ان جا بنيادي سبب ۽ ان جا حل ھي آھن.

1. رياضي ڏانھن اسان جو نفسياتي لاڙو
مون اھو نوٽ ڪيو آھي تـ رياضي جي باري ۾ اھو بغير ڪنھن سوچڻ سمجھڻ ۽ دليل جي، اھو رايو عام ھوندو آھي تـ اھو سبجيڪٽ سمجھڻ ھر ڪنھن جي وس جي ڳالھ ناھي. اھي جملا ٻڌي گھڻن شاگردن جو اھو سبجيڪٽ پڙھڻ کان اڳ ئي ارواح ئي کڄي ويندو آھي. ڏٺو وڃي تـ ھن ڪائنات جو بنياد ئي مئٿميٽڪس تي آھي. ڌرتي جو سج جي چوڌاري گھمڻ، موسمن جو تبديل ٿيڻ، روزمرھ جو زندگي سان لاڳاپيل ڪاروھنوار سڀ ان سبجيڪٽ تي ئي بنياد رکي ٿو.

2. رياضي پڙھائڻ جو غلط طريقو
اسان وٽ تدريسي عمل ۾ رڳو ٻن صلاحيتن تي زور ھوندو آھي، اھي آھن لکڻ ۽ پڙھڻ (ضروري ناھي تـ اھو لکڻ ۽ پڙھڻ تخليقي ھجي). جڏھن تـ سوچڻ، سمجھڻ، ٻڌڻ ۽ تجزيو ڪرڻ جي صلاحيتن تي تمام گھٽ يا ڪابـ توجھ نٿي ڏني وڃي. نتيجي ۾ حسابن کي بـ ٿئيوري وانگر رڳو ڪاپي جي پنن تي اتاريو ويندو آھي. سڄو زور ان ڳالھ تي ھوندو اھي تـ بس حساب جو جواب صحيح اچي. باقي اھو حساب ٿيو ڪيئن؟ اھو تمام گھٽ شاگرد سمجھي سگھندا آھن ۽ تمام گھٽ استاد سمجھائي سگھندا آھن. ٻيو تـ اسان وٽ اڃا تائين پڙھائڻ جا اھي پراڻا طريقا رائج آھن، جن تحت پڙھائي ٻارن جي تخليقي صلاحيتن کي ختم ڪيو ويندو رھيو آھي. شاگردن کي گروپن جي صورتن ۾ ورھائي مختلف سرگرميون ڪرائي سمجھايو وڃي تـ ھو دلچسپي سان سمجھي سگھن ٿا. ٻارن کي ٻڌائجي تـ مئٿس کن سواءِ ڪو بـ ماڻھو ڊاڪٽر، انجنيئر، استاد، سائنسدان، فلسفي، ميوزيشن ، رازو، واڍو، ھاري، دڪاندار، بورچي ۽ ڪاروباري ماڻھو نٿو ٿي سگھي جيستائين کيس رياضي نٿي اچي. ڇو تـ انھن سڀني کي پنھنجي پنھنجي ڪم کي مڪمل ۽ ڪارائتو بڻائڻ لاءِ مئٿس جي ضرورت پوي ٿي.
ايستائين جو ننڍڙو جيت بـ حسابن جي اھميت کان واقف آھي. پوءِ اھو ڪوريئڙو ھجي جيڪو وڏي مھارت سان پنھنجي ڄار ٺاھي ٿو يا وري ماکي جي مک ڇو نـ ھجي جيڪا گلن جو رس چوسي مقرر وقت تي مٺي ماکي تيار ڪري ٿي. جانورن جي چرپر ۽ واڌ ويجھ جو دارومدار بـ ان سبجيڪٽ جي بنياد تي آھي.
ان سان گڏوگڏ شاگردن کي سندن ننڍي ننڍي ڪاميابي تي يا رياضي جو ڪو حساب حل ڪرڻ تي ساراھجي، انعام ڏجي تـ جيئن ھن ۾ وڌيڪ محنت جو جذبو پيدا ٿئي ۽ ان سبجيڪٽ لاءِ چاھ پيدا ٿئي.

3. مدي خارج نصاب
اسان جو نصاب تمام ڊگھو، مدي خارج ۽ غير دلچسپ آھي. ان کي بھتر ڪرڻ جي تمام گھڻي ضرورت آھي. ان لاءِ رياضي جي ڪورس ۾ وڌ کان وڌ رنگين تصويرون، چارٽ، گراف، پزل گيم جھڙيون رانديون ۽ سرگرميون شامل ڪيون وڃن تـ جيئن شاگرد شوق سان پڙھن. مختلف ٽاپڪس جي نسبت سان ڪمپوٽر تي بـ مواد تيار ڪيو وڃي، جيڪو سي ڊيز جي صورت م ھجي. اھو بـ شاگردن کي ڏسيو وڃي تـ جيئن کين اھي ٽاپڪس وڌيڪ سٺي نموني سمجھ ۾ اچن.

4. والدين پاران ٻارن جي ھمٿ افزائي نـ ڪرڻ
اڪثر پڙھيا لکيا والدين بـ ٻارن تي اھو نفسياتي دٻاءِ وجھندا آھن تـ امتحان ۾ پوزيشن ضرور کڻو ۽ مئٿس ۾ مارڪون گھٽ ٿا کڻو. اھي وڌيڪ اچڻ گھرجن. يا وري ھيئن چوندا تـ رياضي ڏکيو سبجيڪٽ آھي، ان ۾ جام محنت ڪريو. ھو ڏکيو سبجيڪٽ چئي يا وري پوزيشن کڻڻ جو چئلينج ڏئي، ٻارن لاءِ مسئلا پيدا ڪري ٿا ڇڏين. ان سان گڏ ٻار لاءِ استادن کان اجائي ھوم ورڪ جي بـ گھر ڪندا اھن تـ جيئن ٻار مصروف رھي. يا وري اضافي ٽيوشنز بـ ٻار کي ڏنيون وينديونم اھن تـ جين ھن جي مئٿس سٺي ٿئي، پر منھنجي خيال م اھي سڀ ڳالھيون ٻار تي اضافي بوجھ پيدا ڪن ٿيون ۽ ڪافي ٻار ان صورتحال ۾ مايوس ٿي ٿا وڃن. ان ڪري والدين کي بـ پنھنجي ٻارن جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي بجاءِ ان جي ھمٿ افزائي ڪرڻ گھرجي تـ جيئن ھو بغير ڪنھن ڊپ جي رياضي پڙھي سگھن. مان يقين سان چوان ٿو تـ جڏھن ٻار مان ڊپ ختم ٿي ويو تـ پوءِ ھو ڪافي تخليقي ۽ ڪارائتا ڪم ڪري سگھي ٿو.

5. سماجي جاڳرتا ۽ ڪائونسلنگ جو نـ ھجڻ
اسان وٽ ھر ڪني ڪم جي پرچار تمام تيزي سان ۽ گھڻائي ۾ ڪئي ويندي آھي پر ڪنھن سٺي تعليمي ۽ شعوري سرگرمي جي پرچار تـ بلڪل نـ ڪئي ويندي آھي پر مرڳو ان جي رستا روڪ ڪئي ويندي آھي. ان ڪري اھڙي قسم جي ورڪشاپس ۽ جاڳرتا مھمن جي تمام گھڻي ضرورت آھي، جن جي ذريعي ھر تعليمي ۽ شعوري سرگرمي سميت خاص طور تي مئٿس جي حوالي سان سٺن تعليمدانن ۽ ٽرينرز جا سيشنز ڪرايا وڃن، جن ۾ مختلف ادارن جا شاگرد حصو وٺن. ان ڏس ۾ يونيورسٽين کي پنھنجو ڪردار ادا ڪندي اھڙي قسم جا پروگرام ڪرائڻ گھرجن.
ھي تعليم سان لاڳاپيل ھر فرد جو فرض آھي تـ ھو اسان جي شاگردن جي ان بنيادي تعليمي مسئلي کي سنجيدھ وٺي ۽ ان کي حل ڪرڻ لاءِ جاکوڙي. مون کي اميد آھي تـ ھن مضمون ذريعي اسان گھٽ ۾ گھٽ ان مسئلي تي سوچ ويچار ضرور ڪنداسين ۽ اھا بـ اميد ٿو ڪيان تـ سوچ ويچار سان گڏ عملي طور تي بـ مثبت قدم وڌائينداسين.

(ھي ليک سنڌ ايڪسپريس اخبار جي سنڊي ميگ ۾ 16 سيپٽمبر 2018 تي شايع ٿيو)

تعليم ۾ نصابي ۽ ھم نصابي سرگرمين جي اھميت

تعليم ھڪ گھڻ پاسائون عمل آھي، جنھن ۾ مختلف سرگرمين جي پنھنجي پنھنجي اھميت آھي. انھن مختلف سرگرمين نصابي توڙي ھم نصابي سرگرمين سان شاگردن کي تمام گھڻا فائدا ٿي سگھن ٿا. اسان وٽ عام طور تي تعليم ان کي ئي سمجھيو ۽ چيو ويندو آھي تـ استاد پڙھائي ۽ شاگرد پڙھي. جڏھن تـ اسان وٽ اڪثر ائين ٿيندو آ جو استاد پيو ڳالھائيندو، پڙھندو ۽ لکندو آھي. ٻار خاموش ٿي پيا ان کي ڏسندا آھن. ھو پيا رڳو ھا ۾ ھا ملائيندا آھن ۽ پڙھايل مواد طوطي وانگر پيا رٽيندا آھن، ان سان گڏوگڏ بغير سمجھن جي لکڻ تي بـ زور ھوندو آھي. ان سڄي عمل ۾ سوچڻ، سمجھڻ، شاگرد پاران سوال ڪرڻ يا پنھنجو خيال پيش ڪري ڪلاس ۾ حصو وٺڻ نـ ھجڻ برابر ھوندو آھي. ان ڪري تعليمي عمل ۾ اھو ضروري آھي تـ شاگرد کي ڪلاس ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جو موقعو ڏجي. سوال پڇڻ تي کيس ھمٿائجي ۽ ساراھجي. ان سان اھو ٿيندو تـ ٻار ھر ڳالھ غور ۽ دلچسپي سان ٻڌندو ۽ ذھن ۾ ڪو سوال ھوندس تـ پڇندو. ان لاءَ اسان مختلف قسمن جون نصابي توڙي ھم نصابي سرگرميون ڪرائي تعليم جي معيار کي بھتر ڪري سگھون ٿا.
ھاڻي جيڪڏھن ان کي نصابي حوالي سان ڏسنداسين تـ منھنجي خيال ۾ ھيٺيون ڪجھ سرگرميون ڪرائي اسان تعليمي عمل ۾ شاگردن جي دلچسپي وڌائي سگھون ٿا. ڇو تـ تعليم ھاڻي چائلڊ سينٽرڊ آھي. ان ڪري شاگردن جي شموليت وڌ کان وڌ ھئڻ ضروري آھي.

• ڪنھن کي ٽاپڪ کي سمجھائڻ کان پھرين شاگردن کان ان بابت پڇجي تـ ڇا توھان ان بابت اڳ ۾ ٻڌو يا پڙھيو آھي؟ ان سان بـ ڪجھ شاگرد جواب ڏيڻ شروع ڪندا ۽ ان بابت سوچيندا.
• شاگردن کي گروپن جي صورت ۾ ورھائي، انھن جا پاڻ ۾ بحث ڪرايا وڃن ۽ انھن گروپن جي وچ ۾ سوالن جوابن جا مقابلا بـ ڪرائي سگھن ٿا. ان سان بـ ٻار دلچسپي وٺندا.
• شاگردن کي مختلف اسائينمينٽس ڏنيون وڃن جيڪي ھو مڪمل ڪري پوءِ ڪلاس ۾ ٻين جي سامھون پيش ڪن.
• شاگردن کان مختلف نصابي ٽاپڪس تي پريزنٽيشنز ورتيون وڃن تـ جيئن انھن جي اعتماد ۾ اضافو ٿئي.
• شافردن کان مختلف چارٽ ۽ تصويرون ٺھرايون وڃن.
• اسڪولن ۾ موجود تجربيگاھن کي فنڪشنل ڪيو وڃي، جتي شاگردن کي تجربا ڪري مختلف ٽاپڪس سمجھايا وڃن. ان سان سندن سائنسي سوچ ۾ بـ اضافو ٿيندو ۽ سندن مشاھدي جي سگھ ۾ بـ واڌارو ٿيندو.
• اسان وٽ عام طور تي غير نصابي سرگرمين کي تمام گھٽ اھميت ڏني ويندي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ڪنھن جي بـ شخصيت ٺاھڻ ۽ تربيت لاءِ نصابي ۽ عير نصابي سرگرمين جي اھميت برابر آھي.
• اسان ھيٺيون ڪجھ ھم نصابي سرگرميون ڪرائي شاگردن جي ذھني توڙي جسماني تربيت ڪري سگھون ٿا.
• شاگردن ۾ تقريري مقابلا ڪرايا وڃن، ان سان گڏ سوالن جوابن ۽ بيت بازي جا بـ مقابلا ڪرايا وڃن.
• گيت ڳائڻ، تصويرون ٺاھڻ، لطيفا ٻڌائڻ جا بـ مقابلا ڪرايا وڃن.
• لائيبرري ۾ ڪتاب پڙھڻ جي عادت وجھجي، ان لاءِ ضروري آھي تـ اسڪولن ۾ موجود لائيبررين کي آباد ڪجي ۽ جتي لائيبرريون ناھن، اتي ڪوشش ڪري قائم ڪيون وڃن. ان سان شاگرد ڪتاب دوست ٿيندو.
• مختلف راندين جا مقابلا ڪرايا وڃن. ھر ڪلاس جو روز ھڪ ڪلاس راندين جو ھجن گھرجي. ان سان شاگرد جسماني طور تندرست ٿيندا. ظاھر آھي جسماني طور تندرست ھوندا تـ ذھني ۽ نفسياتي طور بـ تندرست ھوندا ۽ ڪافي بيمارين کان بـ بچي پوندا.
• تعليمي ادارن ۾ مختلف ڏھاڙا ملھايا وڃن، جيئن لطيف ڊي، اقبال ڊي، جشن آزادي، ٻارن جو ڏينھن، استادن جو ڏينھن وغيرھ. اھي ڏينھن ملھائڻ سان بـ شاگردن جي ڄاڻ سان گڏ اعتماد ۾ بـ اضافو ٿيندو. ھاڻي ڪافي ادارن ۾ اھا سٺي روايت پئي آھي تـ ھو اھي ڏينھن ھر سال ملھائين ٿا.

اھي منھنجي ذھن ۾ ايندڙ ڪجھ سرگرميون آھن، يقينن اھي طرح ٻيون بـ ڪافي سرگرميون ٿي سگھن ٿيون، جن کي عملي طور ڪم آڻي اسان بااعتماد ۽ ڪارائتا انسان پيدا ڪري سگھون ٿا. ھن ڳالھين کي بحث ھيٺ آڻڻ جو مقصد رڳو اھو ھو تـ ھن سڄي تعليمي عمل ۾ شاگردن کي شامل ڪجي. اھي شاگرد ئي اسان جو مستقبل آھن.


(ھي ليک روزاني سنڌ ايڪسپريس اخبار جي سنڊي ميگ ۾ 26 آگسٽ 2018 تي شايع ٿيو).

تعليم جي ٻيڙي تارڻ بجاءِ ٻوڙڻ واري پاليسي!؟

اسان جي سرڪار سڳوري تعليم ۾ بهتري آڻڻ جي نالي ۾ ڪافي تبديليون ڪري رهي آهي، پر انهن تبديلين مان هڪ بـ تبديلي تعليم کي راس نـ آئي آهي. تازو هڪ شاگرد دشمن تبديلي “نائين درجي جو امتحان ختم ڪرڻ” جي نالي ۾ ڪئي وئي آهي. جڏهن تـ ڪاليج جي يارهين ۽ ٻارهين ڪلاسن جو گڏيل امتحان وٺڻ جون بـ تياريون هلندڙ آهن. اسان وٽ تعليم جي ٻيڙي تـ اڳ ئي ٻڏڻ تي آهي، پر هن منصوبابندي ذريعي اها ٻيڙي ترڻ بجاءِ ويتر غرق ٿي ويندي، هينئر تعليم نالي ماتر آهي، پوءِ اها بـ نـ رهندي. انهي سسٽم کي لاڳو ڪرڻ سان منهنجي خيال ۾ شاگردن کي جيڪي نقصان پهچندا، اهي هي آهن.

1. شاگردن کي ٻن سالن جا پيپر هڪ ئي وقت ڏيڻ ۾ تمام گهڻي مشڪل ٿيندي، ڇو تـ لاڳيتو 10 پيپر ڏيڻ مشڪل ڪم آهي.
2. نائين ڪلاس ۾ شاگرد بورڊ جو پهريون امتحان ڏيندو آهي، انهي ڪري هن تي نفسياتي دٻاءِ هوندو آهي ۽ مٿان وري 10 پرچا گڏ ٿين تـ اهو شاگرد لاءِ نائين ڪلاس جو امتحان نـ پر سي ايس ايس جو امتحان ٿي ويندو.
3. لاڳيتو ڏهن پرچن جي ڪري شاگردن تي نفسياتي دٻاءِ رهندو.
4. سست شاگردن کي وڌيڪ سستي ڪرڻ جو موقعو ملندو تـ امتحان ٻن کان پوءِ ٿيندا، سو جڏهن امتحان جا ڏينهن ويجها ايندا، تڏهن تياري ڪنداسين.
5. ٻن سالن کان پوءِ امتحان ٿيڻ ڪري شاگرن کان نائين ڪلاس جي پڙهائي وسري ويندي.
6. هڪ ئي وقت ٻن ڪلاسن جي سبجيڪٽن جي تياري ڪرڻ وقت شاگرد مونجهاري جو شڪار ٿيندو تـ پهرين ڪهڙي ڪلاس جي پيپرن جي تياري ڪريان؟!
7. ٻنهي ڪلاسن جا امتحان، هڪ ئي وقت تي ٿيڻ سان شاگرد اندازو لڳائي نـ سگهندو تـ ڪهڙي ڪلاس ۾ سندس ڪيتريون مارڪون اينديون. نـ تـ اڳ ۾ نائين ڪلاس جي نتيجي مان شاگرد اندازو لڳائي وٺندو هو تـ کيس سٺو گريڊ کڻڻ لاءِ ڪيتريون مارڪون گهربل آهن.
8. ان امتحان جي ڪري شاگرد ڪاپي جو سهارو وٺندا.
9. گهڻو ڪورس هجڻ ڪري شاگردن جي پڙهائي مان دلچسپي ختم ٿي ويندي.
10. پروفيشنل يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ اهو شرط آهي تـ شاگرد جون 60 سيڪڙو مارڪون هجڻ ضروري آهن، پر اهڙي امتحاني طريقي جي ڪري ڪافي شاگرد 60 سيڪڙو کان گهٽ مارڪون کڻندا، نتيجي ۾ هو يونيورسٽين ۾ داخلا حاصل نـ ڪري سگهندا.
11. امتحاني بورڊن ۾ رشوت جي بازار گرم ٿيندي، ماڻهو من پسند نتيجن لاءِ پئسا ڏئي مارڪون وٺندا.
12. ان سان پڙهڻ واري محنتي شاگرد جو حق مرندو ۽ ان جو وڏو نقصان ٿيندو.

ان ڪري حڪومت کي فيصلو واپس وٺڻ گهرجي. ٻن سالن کان پوءِ امتحان نـ پر هر ڇهن مهينن تي سيميسٽر امتحان ورتو وڃي، استادن جا تربيتي ورڪشاپ ڪرايا وڃن. بورڊ مان رشوت کي ختم ڪيو وڃي تـ جيئن تعليمي بهتري اچي سگهي ۽ شاگردن جو ڀلو ٿئي.

(هي ليک ڪاوش اخبار ۾ 25 سيپٽمبر 2005 تي شايع ٿيو، جيڪو ان وقت جي امتحاني پاليسي بابت لکيو ويو هو)

يونيورسٽيون، مسئلا صلاحون

---

اعليٰ تعليمي ادارا شاگرد دوست ڪڏهن بڻجندا؟

اسان وٽ تعليم جي شعبي کي جنهن بـ رخ کان ڏٺو وڃي تـ اهو انيڪ مسئلن جو شڪار ملندو. شاگردن جي اڪثريت سندن پرائمري تعليم ئي اڌ ۾ ڇڏي ٿا ڏين، جنهن جا انيڪ سبب آهن. اهڙي ماحول ۾ تمام گهٽ شاگرد يونيورسٽين تائين رسائي حاصل ڪري سگهن ٿا. پر انهن شاگردن جي بـ صحيح رهنمائي نـ ٿيڻ ۽ ڪيرئير ڪائونسلنگ نـ هجڻ ڪري، انهن کي بـ انيڪ مسئلن جو منهن ڏسڻو ٿو پوي. منهنجي خيال ۾ يونيورسٽين ۾ ايندڙ نون شاگردن کي جيڪي مسئلا ڏسڻا ٿا پون، انهن مان ڪجهـ هي آهن.

1. سينئر شاگردن پاران ريگنگ:
يونيورسٽين ۾ جيئن ئي نئون سال شروع ٿيندو آهي تـ نون ايندڙ شاگردن جي آجيان ريگنگ سان ڪئي ويندي آهي. جيڪا سندن ئي سينئرس ڪندا آهن. ريگنگ هلڪي ڦلڪي مذاق مستي تائين هجي تـ ٺيڪ آ پر ڪي ڪي شاگرد صفا انتها ڪري ڇڏيندا آهن. شاگردن کان ڪلام ڳارايا ويندا آهن، ڊانسون ڪرايون وينديون آهن ۽ ٻيون عجيب فرمائشون ڪيون وينديون آهن. ڪافي حساس شاگرد اها ريگنگ ڏسي يونيورسٽي ۾ پڙهڻ تان ئي هٿ کڻي ويندا آهن. جيڪو هڪ غلط عمل آهي. هئڻ تـ ائين گهرجي جو اتي موجود سينئر شاگرد، نون ايندڙ شاگردن جي هر حوالي سان رهنمائي ڪن تـ جيئن هو پنهنجي پڙهائي ۾ دلچسپي وٺي سگهن.

2. پسند جو شعبو نـ ملڻ:
اڪثر شاگردن کي سندن چوائس جو شعبو ناهي ملندو پوءِ هو جيڪو شعبو مليو، ان ۾ فيس جمع ڪرائي وڃي داخلا وٺندا آهن. ان جي نتيجي ۾ هو يونيورسٽي جا شاگرد تـ ٿي ويندا آهن پر پڙهڻ ۾ سندن دلچسپي ناهي رهندي ۽ يا تـ وري داخلا اڌ ۾ ڇڏي، وري ايندڙ سال جي لاءِ پسند جي شعبي جي ڪوشش ۾ لڳي ٿا وڃن. وري ايندڙ سال بـ جي ناڪام ٿيندا آهن تـ مايوسين جو شڪار ٿي ويندا آهن.

3. ڪيريئر ڪائونسلنگ نـ هجڻ:
ڪيريئر ڪائونسلنگ نـ هئڻ ڪري اڪثر شاگردن کي انٽر جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ بـ اها خبر ناهي هوندي تـ کين يونيورسٽي ۾ ڪهڙي شعبي ۾ داخلا وٺڻي آهي. پوءِ جتي هنن جا دوست يا والدين چوندا آهن، اتي ئي داخلا وٺندا آهن. اسان وٽ هڪ ظلم اهو بـ آهي جو شاگردن کي رڳو ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي باري ۾ ٻڌايو ويندو آهي ۽ ٻين شعبن جي تـ هنن کي خبر ئي ناهي هوندي. ان لاءِ استادن ۽ والدين کي گهرجي تـ هو شاگردن کي ٻين شعبن جي معلومات بـ ڏين ۽ ان ۾ اپلاءِ ڪرڻ لاءِ همٿائين.

4. استادن پاران رهنمائي جي کوٽ:
يونيورسٽين ۾ استاد بـ شاگردن جي اها رهنمائي ناهن ڪندا جنهن جي هنن کي ضرورت هوندي آهي، هو صرف ڪلاس وٺڻ تائين محدود هوندا آهن. هنن کي شاگردن جي رهنمائي ڪرڻ گهرجي، خاص طور تي ٻهراڙين کان ايندڙ شاگردن کي سندن رهنمائي ۽ شفقت جي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي. ان دوران هو سندن ڀيٽ شهر جي شاگردن سان ڪندا آهن، جيڪي وڌيڪ سهولتون هجڻ ڪري هنن کان اڳتي هوندا آهن. نتيجي ۾ هو احساس ڪمتري جو شڪار ٿي ٿا وڃن. ڪافي شاگرد پڙهڻ بـ ڇڏيو وڃن.

5. رهائش جا مسئلا:
شاگردن جي اڪثريت کي، جيڪي خاص طور ٻهراڙين مان ٻين شهرن ۾ موجود اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وڃن ٿا. انهن سان سڀ کان وڏو مسئلو رهائش جو هوندو آهي. ڪيترين يونيورسٽين ۾ تـ هائي هاسٽلون رهيون ئي ناهن. اڪثر نون قائم ٿيل يونيورسٽين ۾ بـ هاسٽلون ناهن ۽ باقي جن چند يونيورسٽين ۾ هاسٽلون آهن، انهن ۾ ايتري گنجائش ناهي هوندي جو سڀ داخلا ورتل شاگرد رهي سگهن. نتيجي ۾ ويچارا شاگرد مجبوري مان نامناسب جاين تي هڪٻئي جا پارٽنر بڻجي وڃي رهن آهن. جتي هڪ تـ آس پاس جو ماحول سندن حق ۾ ناهي هوندو، ۽ ٻيو تـ سندن خرچ بـ وڌيڪ ايدو آهي، جيڪو غريب شاگردن جا والدين ڳرين فيس سان گڏ ادا ناهن ڪري سگهندا. نتيجي ۾ اهڙن مسڪين شاگردن جي تعليم متاثر ٿيندي آهي. تنهن ڪري اهو تمام ضروري آهي يونيورسٽين ۽ ٻين اعليٰ تعليمي ادارن پاران ضرورتمند شاگردن کي رهائش جي سهولت مهيا ڪري ڏني وڃي.
تنهنڪري شاگردن جا اهي مسئلا حل ڪرڻ جي ذميواري تـ اعليٰ تعليمي ادارن جي آهي، ان سان گڏ سرڪار پڻ انهن تي نظر رکي ۽ جيڪڏهن يونيورسٽي انتظاميا شاگردن جي مسئلا حل نٿي ڪري تـ سرڪار انهن يونيورسٽين خلاف ڪاروائي ڪري. گڏوگڏ شاگردن کي بنيادي سهولتون ڏيارڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان گڏ استادن، والدين ۽ شاگردن جي بـ ذميواري بڻجي ٿي تـ اهي ان بابت آواز اٿارين. ڇاڪاڻ جو اسان جا شاگرد سڪون سان بنا پريشاني جي پنهنجي تعليم حاصل ڪندا تـ يقينن هو پنهنجي سبجيڪٽ جا ماهر بڻجي نڪرندا ۽ اڳتي هلي پنهنجي سماج جي بهتر اڏاوت ۾ هٿ ونڊائيندا.

( هي ليک ڪاوش اخبار جي مڊويڪ مئگزين ۾ 31 جنوري 2018 تي شايع ٿيو)

اسان جي مادرعلمين کي تحقيق تي بـ ڌيان ڏيڻ گھرجي

ڪنھن بـ سماج جي جوڙجڪ ۾ ان جي تعليمي ادارن جو تمام وڏو ڪردار ھوندو آھي. تعليمي ادارا سماج لاء سدائين اتساھ جو سبب رھيا آھن. انھن تعليمي ادارن جو انسان جي ڪردارسازي ۾ بـ اھم حصو آھي. انھن ادارن مان پڙھي لکي ڪافي ماڻھو سماج جا ڀرجھلا ٿي بيٺا آھن ۽ مختلف شعبن ۾ پنھنجيون خدمتون سرانجام ڏئي رھيا آھن. ھر حساس فرد کي پنھنجي تعليمي ادارن سان انسيت ۽ پيار ھوندو آھي، جتي ھن پنھنجو ننڍپڻ يا جواني گذاري آھي. انھن تعليمي ادارن ۾ ھر اداري جي پنھنجي پنھنجي اھميت آھي پر انھن ۾ بـ يونيورسٽين جي اھميت تمام گھڻي آھي. ڇو تـ يونيورسٽي ئي اھا جڳھ آھي جتي ڪنھن بـ علم کي وڏي سطح تي پڙھڻ ۽ سمجھڻ جا موقعا موجود ھوندا آھن. يونيورسٽين مان ئي پڙھي ماڻھو پنھنجي پنھنجي فيلڊ ۾ ڪنھن نـ ڪنھن ڪم ۾ مصروف ٿي ويندو آھي. يونيورسٽيون اھي تعليمي ادارا آھن، جتي تحقيق جا در کلن ٿا. اتي رھي انسان وڏي سطح تي سوچڻ ۽ سمجھڻ شروع ڪري ٿو.
اسان وٽ ڪجھ ڏينھن اڳ حيدرآباد امتحاني بورڊ سميت ٻيا بورڊ بـ انٽر ڪلاس جا امتحاني نتيجا پڌرا ڪري چڪا آھن. انھي جو اھو مطلب تـ سنڌ ۾ ھر سال وانگر ھن سال بـ يونيورسٽين ۾ داخلائون شروع ٿيڻ واريون آھن. جن لاءِ مختلف يونيورسٽين ۾ داخلا لاءِ پري انٽري امتحان ٿي ويا آھن ۽ ڪن يونيورسٽين ۾ ھاڻي اھي ٽيسٽون ٿيڻ واريون آھن.
شاگرد ھن وقت يونيورسٽين جا فارم جمح ڪرائڻ ۾ مصروف آھن. يقينن انھن مان چونڊجي آيل شاگردن جا ايندڙ جنوري کان يونيورسٽي جا ڪلاسز ھلڻ شروع ٿي ويندا. ھاڻي ان موقعي تي ھر سال وانگر منھنجي ذھن ۾ ڪجھ سوال اٿن ٿا. دل چوي ٿي تـ ھن ليک ذريعي انھن سوالن کي اسان جي باشعور دوستن جي بـ اڳيان رکجي.
پھرين ڳالھ تـ اسان جون يونيورسٽيون ھر سال بي انتھا داخلائون ڪن ٿيون. جتي ڪلاس ۾ گنجائش ۽ سھولتون 50 شاگردن جيتريون آھن، اتي اسان وٽ ھر شعبي جي ھر بئچ ۾ 200 جي لڳ ڀڳ داخلائون ڪيون وڃن ٿيون. ان ۾ بـ وري ڪافي شعبن ۾ شام جو بـ ڪلاسز ھلن ٿا. ان جو مطلب تـ ھر سال ھر شعبي ۾ تمام گھڻا شاگرد ڊگريون وٺي نڪرن ٿا. ھاڻي سوال اھو ٿو پيدا ٿئي تـ ايتريون داخلائون ڇو ٿيون ڪيون وڃن؟ ان جو مقصد معاشري کي پڙھيا لکيا فرد ڏيڻ آھي يا رڳو پئسا ڪمائڻ آھي؟ ڇا يونيورسٽيون پنھنجي انھن سڀني شاگردن کي سھولتون ڏيڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿيون؟ ڇا ايترا سارا ڊگريون وٺي نڪرندڙ شاگرد پنھنجيون معاشي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءَ انھن ڊگرين جي بنياد تي نوڪريون حاصل ڪري سگھندا آھن؟ ڇا يونيورسٽين مان تعليم پرائي نڪرندڙ شاگرد سماج لاءَ ڪارگر فرد ثابت ٿين ٿا؟ ڇا يونيورسٽين ۾ ايتري تعداد م داخل ٿيندڙ شاگردن کي تحقيق ڪرائي ۽ سمجھائي ٿي وڃي؟
يقينن ان جھڙا ٻيا بـ ڪافي سوال ٿي سگھن ٿا. منھنجي خيال م مٿي ذڪر ڪيل سوالن جو جواب نـ ۾ ئي آھي. ڇو تـ يونيورسٽيون حد کان وڏيڪ داخلائون ڪري رڳو پئسا ٿيون ڪمائين. نتيجي ۾ اھي شاگردن کي گھربل سھولتون مھيا ڪرڻ جي قابل ئي ناھن. ان جو مثال گذريل سال شاگردن ۽ خاص طور شاگردياڻين کي ھاسٽل ۾ جڳھ جو نـ ملڻ آھي. ھاڻي جڏھن يونيورسٽي جي ھاسٽل ۾ شاگردن لاءِ رھڻ جو ئي بندوبست ناھي تـ داخلا ڏئي ماڻھن کي ڇو پريشان ڪيو ويندو آھي؟
وري جن کي ھاسٽلن ۾ داخلا ملي بـ ٿي تـ انھن کي بـ سھولتن جي اڻھوند کي منھن ڏيڻو ٿو پوي. اھڙي حالتن ۾ ڪو شاگرد تعليم حاصل ڪيئن ٿو ڪري سگھي؟ توھان پاڻ اندازو لڳائي سگھو ٿا.
ان کان پوءَ ڪلاسن ۾ پڙھائي لاء اڃا تائين بليڪ بورڊ پيو استعمال ٿئي. اڄ کان 30 سال اڳ وارو سيليبس پيو پڙھايو وڃي. اڪثر استادن جي پڙھائڻ جا طريقا بـ 30 سال اڳ وارا ئي آھن، اڄ بـ تحقيق ڪرائڻ ۽ شاگردن جي رھنمائي ڪرائڻ بجاءِ رڳو شاگردن کي اسائينميٽون ڏيڻ تي زور آھي، جن مان سکڻ لاءِ ڪجھ بـ نٿو ملي. ھئڻ تـ ائين گھرجي جو سماج ۾ موجود مختلف مسئلن تي يونيورسٽين ۾ باقائدي تحقيق ٿيڻ گھرجي. يونيورسٽيون اھڙا گريجيوئيٽ پيدا ڪن جيڪي سماج ۾ عملي طور پنھنجو مثبت ڪردار ادا ڪري سگھن.
يونيورسٽين جي امتحاني سسٽم تي بـ سوال اٿندا رھيا آھن تـ من پسند شاگردن کي يا وري سفارشي شاگردن کي مارڪون ملن ٿيون يا وري اھي ئي پاس ٿي ڊگريون وٺن ٿا. باقي جنھن شاگرد جي ڪا سفارش ناھي تـ ان کي مختلف طريقن سان رلايو ٿو وڃي. يونيورسٽين ۾ نوڪريون بـ اڪثر من پسند ماڻھن کي ٿيون ملن جڏھن تـ عام ماڻھو لاءِ ڪا بـ گنجائش
ناھي.
اھڙي حالت ۾ يونيورسٽين مان ڊگريون وٺي نڪرندڙ شاگردن جي اڪثريت کي پنھنجي شعبي جي ڄاڻ ئي ناھي ھوندي. مڙئي ڊگري حاصل ڪرڻ جھڙوڪر سماجي فرض ٿي پيو آھي. ان جي نتيجي ۾ اڪثر نوجوان بيروزگاري ۾ زندگي گذارين ٿا ۽ ڪنھن بـ ڪم جا نٿا رھن. يونيورسٽين کي ھر سال ڪريئر ڪائوسلنگ جا ورڪشاپس ڪرائڻ گھرجن، جن ۾ مختلف اسڪولن ۽ ڪاليجن جا شاگرد شريڪ ٿين تـ يونيورسٽي ۾ داخلا وٺڻ کان پھرين سندن دماغ ۾ موجود سوالن جا جواب کين ملي وڃن. ان سان اھو ٿيندو تـ ھو پنھنجي پسند جي شعبي م داخلا حاصل ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏيندا.
استادن کي بـ گھرجي تـ ھو شاگردن جي بھتر رھنمائي ڪن ۽ کين تحقيق طرف متوجـھ ڪن. ان سان اھو فائدو ٿيندو تـ اسان جون يونيورسٽيون رڳو ڊگريون ڏيڻ جا دڪان ۽ جاھلن جون فوجون تيار ڪرڻ واري تعارف مان بدلجي تحقيق جا مرڪز ٿي وينديون، جتان پڙھي لکي ڪو بـ فرد ڪارگر سماجي فرد ٿي نڪرندو.. جيڪو سماج جي مسئلن کي پنھنجي تحقيق ۽ سائنسي سوچ ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. اھڙو فرد شخصي فائدي کان سڄي سماج جي فائدي کي اھميت ڏيندو ۽ انسان دوست ثابت ٿيندو.
ھاڻي اھو وقت اچي ويو آھي جو اسان جي يونيورسٽين جي انتظاميا کي ان طرف سنجيدگي سان سوچڻو پوندو. ان سان گڏوگڏ اسان جي يونيورسٽين جي معزز استادن کي بـ پنھنجي ذاتي فائدن، عھدن ۽ مراعتن کان مٿانھون ٿي پوري معاشري جي بھتري لاءَ سوچڻو پوندو. نـ رڳو سوچڻو پوندو پر ان تي عمل بـ ڪرڻو پوندو. باقي نـ تـ اسان دنيا ۾ تـ تعليم ۽ شعورجي کوٽ ھئڻ ڪري اڳ ئي خوار ۽ خراب ٿيون پيا. ھن ليک ذريعي مان اھا اميد ٿو ڪيان تـ اسان جون يونيورسٽيون ۽ ان سان لاڳاپيل فرد، پوءِ اھي چاھي انتظامي عملدار ھجن يا استاد ھجن، شاگرد ھجن يا انھن جا والدين ھجن، اديب ۽ باشعور ماڻھو ھجن يا عام عوام ھجي. اھي سڀ ان طرف ڌيان ڏيندا. ڇو تـ اھو اسان سڀني جو گڏيل فرض آھي.

(ھي ليک سنڌ ايڪسپريس اخبار جي سنڊي ميگ ۾ 7 آڪٽوبر 2018 تي شايع ٿيو.)

سنڌ يونيورسٽيءَ جي پارت ڪنهن کي ڪجي؟

تازو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ باٽني جي پروفيسر ۽ اسٽوڊنٽس افيئرس آفيسر بشير احمد چنڙ کي يونيورسٽي ڪيمپس اندر قتل ڪيو ويو آهي. جيڪو هڪ دردناڪ ۽ مذمت جوڳو عمل آهي. تعليمي ادارا پڙهڻ، لوچڻ ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ هوندا آهن، نه ڪي جنگ جو ميدان، جتان روز لاش کنيا وڃن.
هتي گذريل پنجن ستن سالن کان هر سال هڪ نه هڪ شاگرد جو لاش نڪري ٿو. هاڻي اها ڳالهه وڃي پروفيسرن تائين پهتي آهي. سنڌي شاگرد، جن لاءِ ڪراچي جي تعليمي ادارن جا دروازا ته اڳ ۾ ئي بند آهن ۽ واحد سنڌ يونيورسٽي ئي آهي، جتي سنڌي شاگردن جو وڏو تعداد پڙهي ٿو، ان ۾ وري لاقانونيت عروج تي آهي ته پوءِ ٻُڌايو ته ڪيئن سنڌي شاگرد ۽ نوجوان اڳتي نڪري دنيا جي چيئلنجز جو مقابلو ڪري سگهندا.!؟ هر ساڃاهه وند کي ان سوال تي ضرور سوچڻ گهرجي. هڪ سازش تحت هٿ وٺي سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪيو پيو وڃي. جنهن ملڪ جي تعليمي ادارن ۾ قلم ۽ ڪتاب جي جڳهه تي بندوقن ۽ بارود جو راڄ هجي، اتي ڪهڙا ذهن پيدا ٿي سگهن ٿا؟ اهو اسان کان هاڻي لڪل ناهي.
سنڌ يونيورسٽي جنهن کي هاڻي هڪ نئين مهم جوئي تحت ننڍڙن ڪئمپسز ۾ ورهايو ويو آهي. جنهن ۾ لاڙ ڪيمپس بدين، ميرپورخاص ڪيمپس ۽ دادو ڪيمپس شامل آهن.
هر سال هر ضلعي لاءِ الڳ ڪيمپس ٺهي ٿو ته پوءِ آخر مين ڪيمپس ڄامشورو ڪنهن جي لاءِ آهي؟! انهن ننڍڙن ڪيمپسز ۾ وري سهولتن جي اڻهوند ۽ قابل استادن جي وڏي کوٽ آهي. اهڙي صورتحال ۾ اتي هڪ شاگرد پنهنجي يونيورسٽي سطح جي تعليم ڪيئن پوري ڪندو؟ هي هاڻي تعليمي ادارا گهٽ بلڪه ڪاروبار جو مرڪز وڌيڪ لڳن ٿا، جتي ڳاٽي ٽوڙ فيون وٺي، نتيجي ۾ نااهلن جي فوج تيار ڪري انهن کي ڊگريون ڏنيون ٿيون وڃن، جيڪي اڳتي هلي سنڌ ۽ سنڌ يونيورسٽي جو نالو به بدنام ڪن ٿا.
ڏاڍي ڏک جهڙي ڳالهه آهي جو علامه آء آء قاضي جي ٺاھيل هن اداري جو هي ڏکوئيندڙ حال آهي. پنهنجي سامهون استادن ۽ شاگردن جا قتل ٿيندو ڏسي، قاضي صاحب به روئي پيو هوندو ۽ چوندو هوندو ته "منهنجي سنڌ يونيورسٽي جي پارت اٿو.“


(هي ليک افيئر مئگزين جي جنوري 2012ع واري شماري ۾ شايع ٿيو)

خودڪشيون ڪندڙ اسان جو مستقبل

تازو لمس يونيورسٽي ڄامشورو جي ھاسٽل مان ھڪ شاگرد جو لاش مليو آهي. جنهن جي تحقيقي رپورٽز جي بنياد تي اھو نتيجو ڪڍيو ويو ته اھو خودڪشي جو واقعو آهي. ان کان سال کن اڳ سنڌ يونيورسٽي جي گرلس ھاسٽل مان ھڪ شاگردياڻي جو لاش مليو جنهن لاء به اھو چيو ويو ته اھا خودڪشي آهي. اھڙي طرح ڪافي وقت کان اھو سلسلو ھلندو ٿو رھي ۽ ختم ٿيڻ بجاء ويتر وڌندو ٿو وڃي. ڪجهه ڏينهن ماڻهن سوشل ميڊيا تي بحث ڪن ٿا يا وري اھي خبرون پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ رھن ٿيون. پر ان کان پوء ڪير به ان ڳالهه تي نٿو سوچي ته آخر اھڙا واقعا ٿين ڇو ٿا؟ سو به اعليٰ تعليمي ادران ۾، جتي سنڌ جو مستقبل وڏيون اميدون کڻي پھچي ٿو.
انهن ڳالهين مان صاف ظاهر آهي ته اسان جي تعليمي ادارن کي ھڪ منظوم سازش تحت تباهه ڪري اسان جي نوجوانن کي تباهي ۽ مايوسي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسايو پيو وڃي. جتان ان جو نڪرڻ مشڪل ٿي پيو آهي.
ھڪ ته يونيورسٽين ۾ شاگردن جي حفاظت جو ڪو جوڳو نظام ڪونهي ٻيو وري اتي موجود اختيارين جي به سڄو سال ڪرسي تي ويڙهه ھوندي آهي باقي ٻيو مڙئي خير. شاگرد پڙھن يا نه پڙھن ان سان اتي موجود اختيارين جو ڪھڙو تعلق. ھنن کي ته ھر مھيني وڏيون وڏيون پگھارون ۽ مراعتون ملنديون رھن ٿيون. سي ڇو اھو سوچين ته ھڪ عام جو اولاد سٺي تعليم حاصل ڪري.
خودڪشين جو ھڪ وڏو سبب پروفيسرن پاران ڪافي شاگردن کي امتحان ۾ فيل ڪرڻ يا وري مارڪن لاء تنگ ڪرڻ به ھوندو آهي. ان ۾ به وري شاگردياڻيون وڌيڪ ڀوڳين ٿيون. ھڪ ته اسان جي سماج ۾ عورتن جي تعليم اڳ ۾ ئي نه ھجڻ برابر آهي ۽ مٿان وري اھڙي قسم جون حرڪتون ۽ ظلم ڪيا ويندا ته پوء شاگرد ڪٿان پڙھندا. نيٺ ڪافي حساس شاگرد مايوس ٿي خودڪشي جو رستو اختيار ڪن ٿا. جيڪو اسان جي سماج لاء خوفناڪ آهي.
ان کانسواء والدين جو رويو به ڪافي نوجوانن جي خودڪشي جو سبب بڻجي ٿو. والدين کي گھرجي ته ھو ٻار جي بھتر تربيت ڪن. کيس ڪنهن به محرومي جو احساس ٿيڻ نه ڏين. ان سان دوستي رکن، ان سان ڪچھريون ڪن. ته جيئن ٻار اڪيلائي جو شڪار نه ٿئي ۽ اڳتي ھلي ڪو اھڙو انتھائي قدم نه کڻي. والدين ڪوشش ڪري ٻارن جون جائز خواھشون پوريون ڪن ۽ سندن فضول خواهشن بابت کين پيار سان سمجھائين.
نوجوانن کي به پنهنجي اندر صبر ۽ برداشت جو مادو پيدا ڪرڻو پوندو. ٿوري ٿوري ڳالهه تي جذباتي ٿي پنهنجي زندگي کي ختم ڪرڻ ڪا علقمندي ناهي. نوجوانن کي اھو به سوچڻو پوندو ته والدين جون ڪيڏيون اميدون ھنن سان لاڳاپيل آهن جيڪي سڀ ان قدم سان سيڪنڊن جي اندر تباهه ۽ برباد ٿيو وڃن.
اسان جي تعليمي ادارن جو به اھو فرض آهي ته ھو رڳو نصابي تعليم تائين محدود نه رھن پر ھر ممڪن ڪوشش ڪري ٻارن جي ڪردار سازي تي ڌيان ڏين. ان سان اھو ٿيندو ته ننڍي ھوندي کان ئي ٻار جي شخصيت ۾ سڀئي سٺيون ڳالهيون اينديون وينديون.
معاشري جي ھر فرد کي ان اھم مسئلي بابت آگاھي جي ضرورت آهي. ان ڪري سماج جي باشعور ماڻهن تي وڏي ذميواري ٿئي ٿي ته ھو پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن. ان کان به وڌيڪ ذميواري استادن، والدین ۽ ادارن جي آهي ته ھو پنهنجو ڪردار ادا ڪري اسان جي مستقبل کي خودڪشيون ڪرڻ کان بچائين.

(هي ليک لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز جي شاگرد جي هاسٽل اندر ٿيندڙ ڀوائتي موت تي لکيل).

ٻري جن ٻاري

---

اسان کي پنهنجن بهترين استادن کي مان ڏيڻ گهرجي

5 آڪٽوبر تي سڄي دنيا ۾ استادن جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ عظيم استادن کي ڀيٽائون پيش ڪيون وڃن ٿيون ۽ مختلف پروگرام ترتيب ڏنا ويا. عظيم ڏاهي ارسطو استاد جي شان ۾ ڪيڏا نـ سهڻا لفظ چيا آهن تـ "ٻارن کي سٺي تعليم ۽ تربيت ڏيندڙ استاد ، والدين کان بـ وڌيڪ عظيم آهي، ڇو تـ والدين ٻار کي جنم ڏنو آهي پر ان کي سهڻي نموني زندگي گذارڻ جو آرٽ استاد ڏي ٿو."
اسان وٽ اڄڪلهـ استاد تي گهڻو ڪجهـ ڳالهايو ٿو وڃي، ماڻهو جذبات ۾ اچي استادن کي تعليم جي تباهي جو ذميوار بـ قرار ڏين ٿا. ان ماحول ۾ مون اهو محسوس ڪيو تـ ڇو نـ اهو بـ لکجي تـ، ائين بـ ناهي، تـ سنڌ سٺن استادن کان خالي آهي، اڄ بـ اسان وٽ بهترين استاد موجود آهن، جيڪي بغير ڪنهن لوڀ لالچ جي خاموشي سان پنهنجو فرض سرانجام ڏئي رهيا آهن. اسان کي اهڙن اتساهيندڙ ڪردارن کي منظر عام تي آڻڻ گهرجي جو اڄ جو نوجوان انهن مان متاثر ٿي هڪ بهتر فرد ٿي سگهي.
مون جنهن استاد کي هڪ بهترين استاد طور ڏٺو، مان چاهيان ٿو تـ ان جي توهان سان اڄ ملاقات ڪرائجي ۽ کين خراج تحسين بـ پيش ڪجي .ان بهترين استاد جو نالو سائين هيرو مل آهي، جيڪو واقعي پنهنجي نالي وانگر، پنهنجي شخصيت ۾ بـ هيرو آهي. هيرو مل کي ڏسي يقين سان اهو چئي سگهجي ٿو تـ اسان جي معاشري ۾ اڄ بـ کوڙ سارا عظيم استاد پنهنجو فرض سرانجام ڏئي قوم جي ٻچن جو مستقبل سنواري رهيا آهن. سائين هيرو مل 1985 ۾ سندس نوڪري جي شروعات کان وٺي اڄ تائين سنڌ جي عظيم درسگاهـ خانبهادر مير غلام محمد خان ٽالپر گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول ٽنڊوباگو ۾ پنهنجيون خدمتون ڏئي رهيا آهن. ان سموري عرصي دوران سائين وٽان ڪيترائي شاگرد پڙهي ۽ پرائي نڪتا جيڪي هن وقت زندگي جي مختلف شعبن ۾ مثبت ڪم ڪري رهيا آهن. اهي سمورا شاگرد ، سائين جو ذڪر تمام پيارن لفظن ۾ ڪن ٿا ۽ سائين کي نوڙي سلام ڪن ٿا.
سائين هيرو مل ڀٽائي جو عاشق آهي، سندس گفتگو ۾ ڀٽائي لازمي شامل هوندو آهي، سائين پنهنجي شاگردن ۽ دوستن کي هميشـ مرڪون ۽ پيار آڇيندو آهي. درسي تعليم سان گڏوگڏ شاگردن جي ڪردارسازي بـ ڪندو آهي. جنهن جي اڄڪلهـ وڏي ضرورت آهي. هيرو مل هڪ بهترين ٽرينرر بـ آهي، مختلف ٽيچرس ٽريننگز ۾ ماسٽر ٽرينر بـ رهيو آهي. پاڻ شهيد بينظير ڀٽو يوٿ ڊويلپمينٽ پروگرام ۾ ٻن سان ماسٽر ٽرينر بـ رهيا آهن. اسڪول ۾ مختلف پروگرامن جي تياري جي سلسلي ۾ استاد توڙي شاگرد سائين کان رهنمائي وٺندا آهن. سندن انداز نهايت ئي پيار پاٻوهـ ۽ پنهنجائپ وارو هوندو آهي. سائين جا هٿ اکر بـ موتي داڻن جهڙا آهن. اسٽيج تي تقرير جو بـ بهترين فن اٿن. سندن تقرير کي ڀٽائي ، فيض ، غالب ۽ استاد بخاري جا شعر وڏيڪ وڻندڙ ۽ موهيندڙ ڪري ٿا چڌين.

سدائين پيار ۽ مرڪن سان ڀليڪار ڪندڙ سائين هيرومل جي سنڌي ادب ۾ ماسٽرس ڪيل آهي، اڪثر ڀٽائي پڙهندو رهندو آهي. هڪ ڀيري پڇيومانس تـ سائين هن وقت ڀٽائي کان علاوه ڇا پيا پڙهو؟ پاڻ جواب ڏنائون تـ سرمد حقيقت اها آهي تـ ڀٽائي پڙهڻ کانپوء ٻيو ڪجهـ پڙهڻ جي ضرورت ئي محسوس نٿي ٿئي....
دعا آهي تـ سائين ائين علم جي روشني، محبتون، مرڪون ۽ پيار وکيريندو رهي. شال سنڌ جي هر تعليمي اداري کي اهڙا استاد نصيب ٿين. ان سان گڏوگڏ اهو بـ عرض ڪندس تـ اسان جي پڙهيل لکيل دوستن کي اهڙن گمنام ڪردارن کي منظر عام تي آڻڻ گهرجي تـ جيئن مايوسي جي هن عالم ۾ اسان جي نوجوانن کي اتساهـ ملي سگهي ۽ ماڻهن جي دلين ۾ استاد جي عزت جو جذبو پيدا ٿئي.

( هي ليک ڪاوش اخبار جي مڊويڪ مئگزين ۾ استادن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان 11 آڪٽوبر، 2017 تي شايع ٿيو).

"شعور جا بنياد رکندڙ شخص" - خانبھادر مير غلام محمد ٽالپر

دنيا ۾ ھر روز ڪيترائي ماڻهو جنم وٺن ٿا ۽ ڪيترائي ھي جھان ڇڏين ٿا، پر دنيا ۾ تمام ٿورا ماڻهو اھڙا ھوندا آهن، جيڪي سدائين لاء امر ٿي ويندا آهن ۽ عوام جي دلين ۾ سدا زنده رھندا آهن. پنهنجي لاء ته ھر شخص جيئي ٿو پر اھي تمام ٿورا ماڻهو "ٻين ڪاڻ جيئڻ" واري راھ تي ھلڻ وارا راھي آهن.
انهن تمام ٿورن ماڻهن ۾ لاڙ جي ضلعي بدين جي تعلقي ٽنڊي باگي جي مير غلام محمد ٽالپر جو شمار به ٿئي ٿو. مير غلام محمد ٽالپر اڄ کان گھڻو وقت اڳ اھو سوچي ورتو ھو ته سماج جي دردن جو درمان تعليم آهي. سندن تڪليفن جو حل تعليم سواء ممڪن ناهي. ان سوچ جي بنياد تي مير صاحب اڄ کان نوانوي سال اڳ لارينس مدرسي جو بنياد رکيو. مان ان کي رڳو ھڪ مدرسو نٿو سمجھان پر منهنجي خيال ۾ اھو ان خطي ۾ شعور جو بنياد ھو. جيڪو بنياد عاليشان ۽ مضبوط عمارت وانگر پنھنجون پاڙون پڪيون ڪندو اڳتي وڌندو رھيو آهي. انھي شعور جي لاٽ مان انيڪ ماڻهو روشني وٺي پنهنجي ذاتي زندگي سان گڏ معاشري ۾ به پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رھيا آهن.
مير صاحب کي لاڙ جو سرسيد به چيو ويندو آهي ۽ ان عظيم ڪارنامي جي ڪري مير صاحب کي "خانبھادر" جي لقب سان به نوازيو ويو. مير صاحب کي "لاڙ جو ابو" به سڏيو ٿو وڃي. مان ذاتي طور تي ان راء جو آھيان ته مير صاحب جي ليول جا ماڻهو پوري انسانيت جو سرمايو آهن. انهن ماڻهن کي ذاتين، علائقن، ملڪن ۽ قومن جي دائري تائين محدود نه ڪجي. ڇو ته انھن شخصيتن انهن سمورين ڳالهين کان مٿانهون ٿي، انسانذات جي ڀلي ۽ فلاح لاء پاڻ پتوڙيو.
مير صاحب جو شروع ڪيل لارينس مدرسو ھن وقت ھائر سيڪنڊري اسڪول طور ڪم ڪري رھيو آهي. ان ۾ ھن 2200 شاگرد ڇھين ڪلاس کان ٻارھين ڪلاس تائين تعليم حاصل ڪري رھيا آهن. مان پاڻ لاء اھو اعزاز ٿو سمجھان ته مون کي ان تاريخي اداري ۾ استاد طور خدمتون سرانجام ڏيڻ جو موقعو مليو آهي. مون کي پنهنجي شاگردن جي چھرن ۾ مير صاحب جو چھرو نظر ايندو آهي. مون کي ائين لڳندو آهي ته مير صاحب اڄ به اسڪول جي ڪاريڊورز ۾ چھل قدمي ڪري رھيو ۽ پنهنجي اولاد کي ڏسي رھيو آهي. مير صاحب کي ذاتي ڪو به اولاد نه ھو پر مير صاحب چوندو ھو ھن اسڪول ۾ پڙھندڙ ھر شاگرد منھنجو اولاد آهي.
12 فيبروري تي ھر سال مير صاحب جي ورسي ملھائي ويندي آهي ۽ ان جي تقريب مير صاحب جي قائم ڪيل اسڪول ۾ منعقد ڪئي ويندي آهي. ايندڙ سال مير صاحب جي ھن شعور جي بنياد کي ھڪ صدي مڪمل ٿي ويندي. منهنجي اھا خواهش آهي ته اھو سال پوري سنڌ ۾ تعليمي جاڳرتا جي سال طور ملھايو وڃي ۽ مير صاحب سان منسوب ڪيو وڃي. سڄي سنڌ ۾ مير صاحب جي نالي سان تعليمي ڪانفرنسون شروع ڪيون وڃن. سنڌ جي سمورين يونيورسٽين ۽ تعليمي ادارن ۾ تعليمي سيمينار منعقد ڪيا وڃن ته جيئن اسان جو نوجوان نسل اھڙن عظيم ماڻهن جي شخصيت سان شناسا ٿئي ۽ اتساھ وٺي، تعليم پرائي سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪن. ان سان گڏوگڏ مير صاحب جي سالياني سار ھر باشعور ماڻهو کان اھو سوال به ڪري ٿو ته توهان سماج جي ڀلائي لاء ڪيترو ڪم ڪيو آهي؟ جيڪڏهن ناهي ڪيو ته ضرور ڪريو. ان سان ئي مير صاحب جي ڪيل خدمتن جو ڪجهه حق ادا ٿي سگهي ٿو.

(هي ليک مير غلام محمد ٽالپر جي 12 فيبروري 2019 تي منعقد ٿيندڙ ورسي جي حوالي سان لکيو ويو)

بئڪ ٽائيٽل پيج