ھي ڪتاب تعليمي نظام، تعليمي سڌارن ۽ تعليمي مسئلن بابت سرمد کوسي جي لکيل مختلف مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي. سرمد کوسي جي مضمونن ۽ ڪالمن کي تعليمي تناظر ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. جيڪڏهن والدين، استاد، شاگرد ۽ تعليمي ادارن سان گڏ تعليمي انتظاميا بہ جوڳو ڌيان ڏئي تہ هوند اسان تعليم ترقي ڪري، سڌريل ملڪن سان وڃي ڪلھو ملائي!. أنور ابڙو لکي ٿو تہ ” سرمد کوسي نہ هڪ روايتي نوجوان وانگر پيار ۽ محبت جون ڪهاڻيون لکيون آهن، نہ ڪي رومانوي گيت ۽ غزل لکيا آهن، ۽ نہ وري انهن سياسي موضوعن تي لکيو آهي، جن جي ذڪر تي مايوسيءَ جا ڪڪر ذهنن تي اوندھ پکيڙي ويندا آهن، پر هن، ننڍي عمر ۾ ئي تعليم جھڙي انتهائي سنجيدہ موضوع سان گڏ سماجي شعور سان لاڳاپيل انهن موضوعن تي لکيو آهي، جيڪي اجتماعي مفادن وارا آهن، ۽ جن ۾ بيان ڪيل مسئلا جڏهن حل ٿيندا تہ، ’هيءَ مِٽي مانُ لھندي،‘ هي ماڻھو مسڪرائيندا، اسان جي ڌرتيءَ جا ساوا ۽ سونا سنگ سدا جهومندا رهندا ۽ ڪنھن بہ ٻار کي ڪو ڪوسو واءُ نہ لڳندو“.
تعليم
تِنين کي تعليم جي
- 0/5.0
- 11
- 2
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب” تِنين کي تعليم جي“ اوهان اڳيان حاضر آهي. ھي ڪتاب تعليمي نظام، تعليمي سڌارن ۽ تعليمي مسئلن بابت سرمد کوسي جي لکيل مختلف مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي.
سرمد کوسي جي مضمونن ۽ ڪالمن کي تعليمي تناظر ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. جيڪڏهن والدين، استاد، شاگرد ۽ تعليمي ادارن سان گڏ تعليمي انتظاميا بہ جوڳو ڌيان ڏئي تہ هوند اسان تعليم ترقي ڪري، سڌريل ملڪن سان وڃي ڪلھو ملائي!. أنور ابڙو لکي ٿو تہ ” سرمد کوسي نہ هڪ روايتي نوجوان وانگر پيار ۽ محبت جون ڪهاڻيون لکيون آهن، نہ ڪي رومانوي گيت ۽ غزل لکيا آهن، ۽ نہ وري انهن سياسي موضوعن تي لکيو آهي، جن جي ذڪر تي مايوسيءَ جا ڪڪر ذهنن تي اوندھ پکيڙي ويندا آهن، پر هن، ننڍي عمر ۾ ئي تعليم جھڙي انتهائي سنجيدہ موضوع سان گڏ سماجي شعور سان لاڳاپيل انهن موضوعن تي لکيو آهي، جيڪي اجتماعي مفادن وارا آهن، ۽ جن ۾ بيان ڪيل مسئلا جڏهن حل ٿيندا تہ، ’هيءَ مِٽي مانُ لھندي،‘ هي ماڻھو مسڪرائيندا، اسان جي ڌرتيءَ جا ساوا ۽ سونا سنگ سدا جهومندا رهندا ۽ ڪنھن بہ ٻار کي ڪو ڪوسو واءُ نہ لڳندو“.
هي ڪتاب 2019ع ۾ پيڪاڪ پبلشرز، ڪراچي پاران ڇپايو ويو آھي. ٿورائتا آھيون سرمد کوسي جا جنھن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪلي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ سرمد کوسو
- ڇپيو ويو 2019
- ڇپائيندڙ پيڪاڪ پرنٽرز اينڊ پبلشرز
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 01/Jan/1970
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 2 ڀيرا