اول ٻار جي نفسيات کي سمجھو، پوءِ ان کي پڙهايو!
ان حوالي سان مان سمجهان ٿو تـ هڪ استاد جو اهم ڪردار آهي تـ هو ٻار جي نفسيات کي سمجهي ۽ ان مطابق هن جي تربيت ڪري. مون اهو محسوس ڪيو آهي تـ اڪثر استاد ٻار جي نفسيات کي سمجهي ناهن سگهندا آهن ۽ اتان کان ئي تعليمي ۽ تربيتي عمل ۾ مسئلا پيدا ٿيڻ شروع ٿيندا آهن، ان ڪري ٻار جي شخصيت، ڪردار ۽ سماجي رويو جڙڻ يا ٽٽڻ شروع ٿيندو آهي. هڪ استاد کي ٻار جي واڌ ويجهه، ذهني سطح ۽ ضرورتن کي سٺي نموني سمجهڻ گهرجي.
منهنجي خيال ۾ هي ڪجهه بنيادي ڳالهيون آهن، جيڪي ٻار جي نفسيات جي حوالي سان استادن کي ذهن ۾ رکڻ گهرجن.
1. ھر ٻار جو مختلف هجڻ:
استاد کي سڀ کان پهرين تـ اها ڳالهـ ذهن ۾ رکڻ گهرجي تـ هر ٻار منفرد، مختلف ۽ اهم هوندو آهي. هر ٻار جون صلاحيتون مختلف هونديون آهن. هر ٻار کي پنهنجو پنهنجو ڪردار نڀائڻو پوندو. سڀ شاگرد تـ انجنيئر ۽ ڊاڪٽر نـ ٿيندا. کين دنيا جي ٻين فيلڊز ۾ بـ وڃڻو آهي. ان ڪري هر ٻار کي ان جي صلاحيتن آڌار پڙهايو ۽ سيکاريو وڃي. استاد هر ٻار کي اهو محسوس ڪرائي تـ توهان اهم آهيو ۽ ڪنهن کان بـ گهٽ ناهيو. ان ڪري استاد کي ڪلاس روم جو ماحول بـ اهڙو رکڻو پوندو جو هر ٻار بهتر طريقي سان سکي ۽ سمجهي سگهي. ان ڪري استاد کي پڙهائڻ جا مختلف ۽ جديد طريقا استعمال ڪرڻا پوندا. جنهن سان هو هر ٻار کي چڱي طرح سمجهي ۽ پڙهائي سگهندو.
2. ٻار جي حساسيت جو خيال رکڻ:
ٻار ڏاڍو حساس هوندو آهي، هو استاد جي هر عمل کي نوٽ ڪندو آهي. شاگرد پنهنجي استادن جي ڪاپي بـ ڪندا آهن تـ اسان بـ پنهنجي استاد جهڙا ٿيون. ٻارن کي جڏهن دڙڪا ۽ ڇڙٻون ملنديون آهن تـ هو مايوس ٿي ويندا آهن. اسان جيڪڏهن ٻار کي " توهان " بجاءَ " تون " چئي سڏ ڪندا آهيو، تـ ٻار پنهنجي چهري جي تاٽر سان محسوس ڪرائيندو آهي تـ مون کيس توهان جي بدران تون ڪري سڏيو ويو آهي. ان ڪري استاد اهڙو رويو رکي جو سندس شاگردن جو اعتماد وڌي ۽ هو ذهني ۽ نفسياتي طور مضبوط ٿين.
3. شاگردن جي همت افزائي ڪرڻ:
هر ماڻهو اهو چاهيندو آهي تـ منهنجي تعريف ٿئي، ان ڪري ٻار بـ پنهنجي تعريف چاهيندو آهي. استاد پاران سندس همت افزائي لاءِ چيل ٻـ لفظ يا ڪو ننڍڙو انعام بـ وڏي اهميت رکندو آهي. ٻار کي اهو هرگز نـ چيو وڃي تـ “تون ڪمزور آهين، تون پڙهي نٿو سگهين يا وري تون ڪجهـ بـ نٿو ڪري سگهين، يا وري فلاڻو شاگرد تو کان هوشيار آهي، تون تـ صفا نٿو پڙهين.” انهن لفظن سان حساس ٻار احساس ڪمتري جو شڪار ٿي مايوسين جي ور چڙهي ٿا وڃن. ان ڪري استاد هر بار کي همٿائي ۽ کيس ننڍي ننڍي ڪوشش تي شاباش ڏيڻ گهرجي.
4. شاگردن جي رهنمائي ڪرڻ:
استاد کي گهرجي تـ بار جي رهنمائي ڪري. کيس سوچڻ، سمجهڻ، سوال ڪرڻ ۽ اختلاف راءِ رکڻ جو ڀرپور موقعو فراهم ڪري. استاد جو رويو جمهوري هجڻ گھرجي. ان سان هر ٻار ۾ اعتماد پيدا ٿيندو ۽ هو ڪلاس جي هر سرگرمي ۾ شوق سان حصو وٺندو. استاد پنهنجي ڳالهه يا نظريو ڪڏهن بـ ٻار ٿي مڙهي نـ، پر هن کي پنهنجي سوچ پيدا ڪرڻ جو ماحول ڏي. اڪثر استاد چاهيندا آهن تـ سندن شاگرد بـ انهن وانگر سوچين يا عمل ڪن. ايتري تائين جو اهو ڪرڻ لاءِ هو ٻار تي سختي بـ ڪندا آهن جيڪو رويو صحيح ناهي. منهنجي خيال ۾ ڪامياب استاد تـ اهو اهي جو سندس شاگرد هن کان هر حوالي سان اڳتي هجن.
5. شاگردن جي ڪردار سازي ڪرڻ:
تعليم رڳو ڄاڻ تائين محدود ناهي پر ڄاڻ سان گڏوگڏ سٺي ڪردار جو هئڻ بـ ضروري آهي. ان ڪري استاد جيڪڏهن شاگرد جي نفسيات کي ذهن ۾ رکي تربيت ڪندو تـ ٻار جو ڪردار سٺو ۽ مثبت ٿيندو. هو اڳتي هلي هن سماج جو هڪ بهتر فرد ٿيندو. استاد کي پنهنجي شاگردن سان پيار، عزت ۽ پنهنجائپ وارو ورتاءِ رکڻ گهرجي. ان ورتاءِ سان بـ ٻار جي نفسيات تي هاڪاري اثر پوندا ۽ هو بـ ٻين جي نفسيات ۽ احساسن جو قدر ڪندو.
(هي ليک ڪاوش اخبار جي مڊويڪ مئگزين ۾ 14 مارچ 2018 تي شايع ٿيو.)