تعليم

تِنين کي تعليم جي

ھي ڪتاب تعليمي نظام، تعليمي سڌارن ۽ تعليمي مسئلن بابت سرمد کوسي جي لکيل مختلف مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي. سرمد کوسي جي مضمونن ۽ ڪالمن کي تعليمي تناظر ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. جيڪڏهن والدين، استاد، شاگرد ۽ تعليمي ادارن سان گڏ تعليمي انتظاميا بہ جوڳو ڌيان ڏئي تہ هوند اسان تعليم ترقي ڪري، سڌريل ملڪن سان وڃي ڪلھو ملائي!. أنور ابڙو لکي ٿو تہ ” سرمد کوسي نہ هڪ روايتي نوجوان وانگر پيار ۽ محبت جون ڪهاڻيون لکيون آهن، نہ ڪي رومانوي گيت ۽ غزل لکيا آهن، ۽ نہ وري انهن سياسي موضوعن تي لکيو آهي، جن جي ذڪر تي مايوسيءَ جا ڪڪر ذهنن تي اوندھ پکيڙي ويندا آهن، پر هن، ننڍي عمر ۾ ئي تعليم جھڙي انتهائي سنجيدہ موضوع سان گڏ سماجي شعور سان لاڳاپيل انهن موضوعن تي لکيو آهي، جيڪي اجتماعي مفادن وارا آهن، ۽ جن ۾ بيان ڪيل مسئلا جڏهن حل ٿيندا تہ، ’هيءَ مِٽي مانُ لھندي،‘ هي ماڻھو مسڪرائيندا، اسان جي ڌرتيءَ جا ساوا ۽ سونا سنگ سدا جهومندا رهندا ۽ ڪنھن بہ ٻار کي ڪو ڪوسو واءُ نہ لڳندو“. 

  • 4.5/5.0
  • 13
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرمد کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تِنين کي تعليم جي

زراعت جي تباهي جا تعليمي عمل تي اثر

اسان ان معاشري ۾ ساھ کڻي رھيا آھيون، جنهن معاشري جي 60 سيڪڙو آبادي غربت جي لڪير کان ھيٺ واري اذيت ڀري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. رُڳو پاڻ کي زنده رکڻ لاء به ويچاري انسان کي ڪِيترين ئي خواهشن ۽ حسرتن جي قرباني ڏيڻي ٿي پوي. اسان جي سنڌي سماج جي اڪثر آبادي اڄ به ڳوٺن ۾ رھي ٿي ۽ سندن گذرسفر جو وڏو ذريعو زراعت ۽ چوپايو مال آهي. اسان جا ڳوٺ پنهنجي فطري سونهن سان ته ڀرپور آهن، پر مختلف حڪومتن طرفان ڌيان نه ڏيڻ ڪري اسان جا ڳوٺ بنيادي سھولتن کان به وانجھيل آهن، جن ۾ روڊ رستا، اسپتالون، اسڪول، بجلي، گئس ۽ ٻيون ضرورت جون شيون شامل آهن.
ھونئن ته ھي سڀ مسئلا الڳ الڳ بحث طلب آهن ۽ انهن جي سڌاري لاء سوچجي ۽ عملي ڪم ڪجي، پر ھن ليک ذريعي مان پنهنجي پڙھندڙن سان ھي ڳالهه بحث ھيٺ آڻڻ ٿو چاھيان ته زراعت جي تباهي سان سنڌي سماج جي ٻھراڙي جي ٻار جي تعليم تي ڪھڙا اثر پيا آهن؟؟ ۽ انهن ناڪاري اثرن کي ڪيئن حل ڪجي؟؟
گذريل ڪجهه سالن کان پاڻي جي کوٽ ۽ غيرمنصفاڻي ورڇ جي ڪري سنڌ جي زراعت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي آهي. ان ۾ به خاص طور تي لاڙ وارو علائقو پوڇڙ ۾ ھُئڻ ڪري ھڪ ته زراعت لاء پاڻي نٿو ملي ۽ ٻئي پاسي سمنڊ روزانو سوين ايڪڙ زمين ڳڙڪائيندو اچي.
ان سڄي صورتحال ۾ ھڪ ھاري جيڪو پنهنجي سموري ڪٽنب سميت ٻني ۾ ڏينهن رات محنت ڪري ان اپائي ٿو ۽ پنهنجو پيٽ ڪٽي پنهنجي ٻارن کي اسڪولن ۾ پڙهڻ لاء موڪلي ٿو، ان جي زندگي ڏاڍي ڏکي ٿي پئي آهي. پاڻي جي کوٽ کان سواء زرعي جنسن جا اگھ به گھٽ ڏنا وڃن ٿا. نتيجي ۾ فصل تي کيڙي، ڀاڻ، ٻج ۽ تيل جو خرچ به ويچاري ھاري جي ڳچي ۾ پوي ٿو ۽ ھو نسل در نسل قرض جي چڪي ۾ پيِسجندو رھي ٿو.
پڙهڻ ۽ پڙھائڻ سان تعلق ھئڻ ڪري، مان روز اھڙا کوڙ شاگرد ڏسندو آھيان، جيڪي اسڪول اچڻ ۾ به مجبور ھوندا آهن. کين ڪا سواري به ناهي ملندي جو ھو ڳوٺن مان سفر ڪري ويجھن شھرن ۾ اچي پڙهي سگھن. ڪافي شاگرد اسڪول مان غير حاضر رھندا آهن. جڏهن سبب پڇندا آھيون ته پٽ اسڪول ڇو نٿا اچو ته چوندا سائين مون پنهنجي بابا سان مزدوري پي ڪرائي يا وري لابارو پي ڪيو يا وري ڦُٽين ۽ ٽماٽن جي چوُنڊائي پي ڪئي وغيره وغيره. ان ڪري نه اچي سگھيس ۽ اڃا ڪجهه ڏينهن ٻيا به نه اچي سگھندس. سچ پڇو سندن اھي لفظ ٻڌي جيء جھري پوندو آهي. اھي ٻار، جن جي ھٿن ۾ سٺا سٺا ڪتاب، پينون ۽ ڪاپيون ھجڻ گھرجن اھي معصوم ھٿ پيٽ جي باھ اجھائڻ لاء مزدوري ۾ مشغول آهن.
تعليم ھونئن ئي اسان جي عام ماڻهو جي ترجيحات ۾ ئي ناهي. ويتر زراعت جي تباهي کان پوء ھاري چوي ٿو ته ٻار اسڪول موڪلڻ جيترا پئسا ناھن، سو ڇوڪريون ويھي گھر جو ڪم ڪار ڪن ۽ ڇوڪرا وڃي مزدوري ڪن. مزدوري ڪندا ته پنهنجو پيٽ پاري سگھندا ۽ پڙھندا ته نوڪري ھونئن به نٿي ملي پڙهي ڇا ڪندا....!!!
تعليم ته شعور جو ۽ بري ڀلي ۾ فرق جو نالو آهي، پر طبقاتي سماج ۾ تعليم رڳو نوڪري حاصل ڪرڻ جو نالو آهي. اُن طبقاتي سماج ۾ ئي اميرن لاء تعليم الڳ آهي ۽ غريبن لاء الڳ آهي. سرندي وارا ماڻھو پنهنجي اولاد کي وڏن وڏن خانگي ادارن ۾ داخل ڪرائي ۽ ٽيوشنز پڙھائين ٿا ۽ اتي غريب جي ٻار کي صبح جو نيرن ۾ چانھ جو ڪوپ به نٿو ملي. پيرن ۾ پائڻ لاء بوٽ ته وڏي ڳالهه آهي، پر ڪا موچاري چپل به نٿي ملي. سردي جي موسم جو سيء کان بچڻ لاء ڪا جرسي يا سُئيٽر به ناهي ھوندو. اسڪول جي ڊريس وٺڻ انهن ٻارن لاء وڏي تڪليف آهي. غذائي کوٽ جي ڪري ڪافي شاگرد مختلف بيمارين جو شڪار ٿين ٿا ۽ پنهنجي تعليم جاري نٿا رکي سگھن.
طبقاتي تعليمي نظام ڏسي ڪري اڪثر ٻار نفسياتي مونجهارن جو به شڪار ٿين ٿا ۽ احساس ڪمتري ۾ ھليا وڃن ٿا. ھن سماجي اڻبرابري ۽ ناانصافي جي ڪري ڪيترائي باصلاحيت ٻار ھر سال تعليم کان محروم رھن ٿا ۽ جيڪي ادارن ۾ داخل ٿين ٿا، سي مناسب خرچ نه ملڻ ڪري تعليم اڌ ۾ ڇڏي وڃي مال چارين ٿا يا وري مزدوري ڪن ٿا.
زراعت جي موجوده تباهي عام ماڻهو کي پِنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري غريب لاء اولاد کي اسڪول تي موڪلڻ ۽ سندس خرچ پکو ڏيڻ ۽ ان جي حاضري کي يقيني بڻائڻ بھتر کاڌ خوراڪ جو بندوبست ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو آهي.
ھي اسان جي سماج جو ھڪ تمام وڏو مسئلو آهي، جنهن جا تمام خوفناڪ اثر سامهون اچن پيا ۽ مستقبل ۾ به ايندا. ان جي حل لاء حڪومت کي عملي اپاء وٺڻ گھرجن ۽ سرندي وارين ڌرين کي به اسان جي ھاري ۽ پورھيت طبقي سان گڏجي بيھڻ گھرجي، ان جي ڏکن ۾ ان جو ڀرجھلو ٿيڻ گھرجي ۽ ان سان ٿيندڙ ناانصافي تي آواز اٿارجي. باقي ڪم رڳو ڏيکاء، فوٽو سيشنز ۽ سوشل ميڊيا جي واھ واھ تائين محدود نه ھجن، پر عملي طور به نظر اچن ته ڀلو ٿيندو. اھو ڪرڻ سان سماج ۾ مثبت تبديلي جي روايت جنم وٺندي ۽ اسان جو مستقبل روشن ٿيندي نظر ايندو.

(هي ليک ماهوار همسري رسالي جي ڊسمبر 2018 واري شماري ۾ شايع ٿيو.)