تعليم

تِنين کي تعليم جي

ھي ڪتاب تعليمي نظام، تعليمي سڌارن ۽ تعليمي مسئلن بابت سرمد کوسي جي لکيل مختلف مضمونن ۽ ڪالمن جو مجموعو آھي. سرمد کوسي جي مضمونن ۽ ڪالمن کي تعليمي تناظر ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. جيڪڏهن والدين، استاد، شاگرد ۽ تعليمي ادارن سان گڏ تعليمي انتظاميا بہ جوڳو ڌيان ڏئي تہ هوند اسان تعليم ترقي ڪري، سڌريل ملڪن سان وڃي ڪلھو ملائي!. أنور ابڙو لکي ٿو تہ ” سرمد کوسي نہ هڪ روايتي نوجوان وانگر پيار ۽ محبت جون ڪهاڻيون لکيون آهن، نہ ڪي رومانوي گيت ۽ غزل لکيا آهن، ۽ نہ وري انهن سياسي موضوعن تي لکيو آهي، جن جي ذڪر تي مايوسيءَ جا ڪڪر ذهنن تي اوندھ پکيڙي ويندا آهن، پر هن، ننڍي عمر ۾ ئي تعليم جھڙي انتهائي سنجيدہ موضوع سان گڏ سماجي شعور سان لاڳاپيل انهن موضوعن تي لکيو آهي، جيڪي اجتماعي مفادن وارا آهن، ۽ جن ۾ بيان ڪيل مسئلا جڏهن حل ٿيندا تہ، ’هيءَ مِٽي مانُ لھندي،‘ هي ماڻھو مسڪرائيندا، اسان جي ڌرتيءَ جا ساوا ۽ سونا سنگ سدا جهومندا رهندا ۽ ڪنھن بہ ٻار کي ڪو ڪوسو واءُ نہ لڳندو“. 

  • 4.5/5.0
  • 13
  • 3
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • سرمد کوسو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book تِنين کي تعليم جي

تعليم اڌ ۾ ڇڏي ويندڙ ٻار

ٻار جيڪو معصوم, حساس ۽ تمام پيارو ھوندو آهي. تعليم ان جو بنيادي حق آهي پر بدقسمتي سان اسان جي سماج ۾ اڪثر ٻار ان بنيادي حق کان محروم آهن. ٻارن جي تعليم حاصل نه ڪرڻ جا سبب ته تمام گھڻا آهن پر اڄ اسان ان ڳالهه جو جائزو وٺنداسين ته جيڪي ٻار اسڪول تائين ته پھچن ٿا ۽ پوء اتان ھو تعليم اڌ ۾ ڇڏي ڇو وڃن ٿا؟؟
اھو ھڪ تمام اھم مسئلو آهي پر ان تي ڌيان تمام گھٽ ڏنو وڃي ٿو. سڄو زور ان ڳالهه تي ھوندو آهي ته بس ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. منهنجي خيال ۾ ٻارن جو تعليم اڌ ۾ ڇڏڻ جا ھيٺيان اھم سبب آهن.

1. بيروزگاري:
اسان جي سماج ۾ بيروزگاري انتھا تي پھتل آهي. اھڙي سماج ۾ تعليم کي شعور جو ذريعو نه پر رڳو روزگار جو ذريعو سمجھيو ٿو وڃي. ان ڪري ٻارن جي پڙهڻ جو مقصد معنىٰ رڳو روزگار حاصل ڪرڻ, باقي ڪل خير. آدمشماري وڌي وڃڻ ڪري ماڻهن لاء روزگار جا موقعا به گھٽ ٿي ويا آهن. نتيجي ۾ ھر ماڻهو کي نوڪري نٿي ملي. اسان وٽ نوڪري جو مقصد شعور حاصل ڪري زندگي کي سمجھي فضيلت ڀريو انسان ٿيڻ ناهي پر رڳو روزگار حاصل ڪرڻ آهي. مون اڪثر اھڙا والدين ڏٺا آهن جيڪي ھي ڳالهه چوندا آهن ته "پنهنجي وڏي پٽ کي انٽر ڪرايم پر نوڪري نه مليس, ھاڻي ٻني جو ڪم يا مزدوري به نٿو ڪري. ان کان ته منھنجو ننڍو پٽ سٺو آهي جيڪو پڙھيو ته ھڪ اکر به نه پر پوء به ٻني جو ڪم ڪري ٿو, مال لاء گاھ ڪري ٿو ۽ اھڙي طرح ڪجهه نه ڪجهه ڪمائي وٺي ٿو. سو ھي جيڪو سڀني ۾ ننڍو پٽ اٿم, ان کي ھاڻي اسڪول نه موڪليندس, ٻـ درجا پڙھيو اھي کوڙ آهن. ھاڻي ھلي ٻني جو ڪم ڪري."

2. غربت:
غربت سبب به ڪافي والدين ٻارن جو روزمرھ جو خرچ ڀري نٿا سگھن. ان ڪري به ھو ٻار کي اسڪول وڃڻ کان روڪي ٿا ڇڏين يا وري اسڪول جي پڙھائي ۽ امتحانن دوران به مزدوري تي لڳائي ڇڏين ٿا. نتيجي ۾ ٻار جو سال ضايع ٿيو وڃي ۽ ھو پڙھائي اڌ ۾ ڇڏيو ڏي. غربت ڪري ڪافي والدين ٻار کي روزاني واري خرچي به ناھن ڏئي سگھندا ۽ اھو ٻار ٻين کي شيون کائيندي ڏاڍي حسرت مان ڏسندو آهي ۽ پوء خرچي نه ملڻ کي بھانو بڻائي اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏيندو آهي. والدين به خرچي جا پئسا نه ھجڻ ڪري ھن کي ڪجهه به ناھن چوندا.

3. اسڪولن ۾ بنيادي سھولتن جو نه ھجڻ:
ڪافي اسڪولن ۾ بنيادي سھولتون به ناھن ھونديون, جنهن ۾ بلڊنگ جو نه ھجڻ, صفائي جو انتظام نه ھجڻ, واش رومز جو نه ھجڻ, بجلي جو نه ھجڻ, استادن جي کوٽ, فرنيچر جي کوٽ وغيره. نتيجي ۾ ٻار اسڪول وڃڻ ڇڏيو وڃن. توهان پاڻ اندازو لڳايو جيڪڏهن ھڪ ٻار کي حاجت لاء جڳهه نه ملي ۽ ھو اسڪول جو مڪمل وقت ان تڪليف کي برداشت ڪري ته يقينن ھو وري اسڪول نه ويندو. اھڙي حالت ۾ ڪو ويچارو ٻار حاجت ڪپڙن ۾ ڪري ٿو ڇڏي ته ان تي سڀ چٿر ڪن ٿا. ان طرح ھو نفسياتي دٻاء ۾ وقت گذاري ٿو. جنهن سان ھن جو صلاحيتون مريو وڃن.

4. معياري تعليم جو نه ملڻ:
مدي خارج نصاب, ڪافي استادن جي صحيح تربيت نه ھجڻ ۽ غلط امتحاني طريقيڪار جي ڪري به ٻارن کي معياري تعليم ناهي. ان ڪري ٻارن جي اسڪول مان دلچسپي ختم ٿيو وڃي ۽ ھو پڙھائي اڌ ۾ ڇڏيو ڏي. اھڙي طرح طبقاتي سماج ۾ سرندي واري جو ٻار ته مھانگن خانگي اسڪولن ۾ پڙهي اڳيان نڪري ٿو وڃي ۽ غريب جو ٻار اتي ئي رھجي ٿو وڃي ۽ نتيجي ۾ والدين جي به اھا نفسيات ٺهي ٿي وڃي ته ھاري جو ٻار, ھاري ئي ٿيندو, ڪھڙو وري آفيسر ٿيندو. معنىٰ آفيسر رڳو اميرن جا ٻار ٿيندا.

5. ٽرانسپورٽ جو نه ھجڻ:
ڳوٺن جا اڪثر ٻار ڳوٺن ۾ سھولتون نه ھجڻ ڪري شھرن جي اسڪولن ۾ پڙهڻ ايندا آهن پر انهن کي وقت سر ڪا سواري ناهي ملندي جو ھو اسڪول پھچي سگهن. ٽرانسپورٽر به انهن ٻارن سان جانورن وارو سلوڪ ڪندا آهن. کين ويھڻ لاء جاء ناھن ڏيندا, بسن جي ڇتين ٿي ويھاريندا آهن. پوء ڀلين سردي ھجي يا گرمي. کين وڌيڪ ڪرايو ڏيڻ لاء به تنگ ڪيو ويندو آهي. ڪافي ٻار ان ڪري حادثن جو شڪار ٿي زندگي وڃايو ويھن. اھڙي حالت مان گذري ھو اسڪول روزاني دير سان پھچن ٿا. ان ڪري اسڪول انتظاميا کين واپس گھر موڪليو ڇڏي يا کين سزا ملندي آهي ۽ يا وري روزانو سندن پھريان ٻـ ڪلاس ھليا ويندا آهن. انهن سڀني سورن کان تنگ ٿي ٻار اسڪول ڇڏي ٿا وڃن.
ھي ته ڪجهه سبب آهن يقينن ٻيا به ڪافي سبب ھوندا جنهن ڪري ٻار پڙهڻ ڇڏيو ڏين. ھي ھڪ تحقيق طلب موضوع آهي. جنهن تي وڏي ڪم جي ضرورت آهي ته ڪيترا ٻار بنيادي تعليم حاصل ڪن ٿا, ڪيترا سيڪنڊري تعليم حاصل ڪن ٿا, ڪيترا ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا. ان ۾ به وري نياڻين جي تعليم جو ڇا تناسب آهي.....
تعليمي ادارن کي بنيادي سھولتون ڏنيون وڃن ۽ شاگردن جا بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن ته جيئن غريبن جو اولاد به تعليم حاصل ڪري سگھن. باقي نه ته اھي ويچارا مڙئي حاصل ڪيل مئٽرڪ ۽ انٽر جي سرٽيفيڪٽن سميت پنهنجي حسرتن ۽ خواهشن کي به اندر ۾ دفن ڪريو ڇڏين. خدارا معصوم ٻارن جي حسرتن ۽ خواھشن کي مرڻ نه ڏيو. ھي اسان جو سماجي فرض آهي ته نه رڳو اسڪول کان ٻاھر ٻارن کي اسڪول ۾ آڻيون پر جيڪي اڳ ۾ اسڪولن ۾ موجود آهن, انهن جي به پرگھور لھون. اھو نيڪي جو ڪم ڪرڻ سان اسان پنهنجو مستقبل بچائي سگھون ٿا.

(ھي ليک سنڌ ايڪسپريس اخبار جي سنڊي ميگ ۾ 22 جولاءِ 2018 تي شايع ٿيو).