هڪ نوجوان جو علم سان عشق
هر وقت علم جي ڳولا ۾ رهندڙ هيءُ نوجوان جنهن رفتار سان پاڻ پنهنجي تربيت ڪري رهيو آهي، جهڙي طرح هُو پنهنجي ذهن کي علم ذريعي وسعت ڏيئي رهيو آهي ۽ جنهن جذبي تحت هُو پنهنجا خيال ڪمپوز ڪري رهيو آهي، اُن کي ڏسي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته، جيڪڏهن کيس ههڙيون حالتون مستقل بنيادن تي ملنديون رهيون، جيڪڏهن سندس علمي پياس واري هاڻوڪي شدت سڀاڻي به برقرار رهي، جيڪڏهن هن ڪجهه ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ ائين نه چيو ته،’منهنجي اڃ اجهائجي وئي، هاڻي وڌيڪ ڇالاءِ پڙهجي،‘ جيڪڏهن هِن نئين دور جي چئلينجز کي سمجهي ورتو ۽ جيڪڏهن هُو پنهنجي زندگيءَ جي سُک ۽ مقصد کي پنهنجي روشن خيالي واري سوچ ۽ علم سان جوڙي، اڳتي وڌندو رهيو ته گهٽ ۾ گهٽ هيءَ ايڪيهين صدي ته هن نوجوان سرمد کوسي ۽ هِن جهڙن ٻين نوجوانن جي ئي هوندي.
سرمد کوسي نه هڪ روايتي نوجوان وانگر پيار ۽ محبت جون ڪهاڻيون لکيون آهن، نه ڪي رومانوي گيت ۽ غزل لکيا آهن، ۽ نه وري انهن سياسي موضوعن تي لکيو آهي، جن جي ذڪر تي مايوسيءَ جا ڪڪر ذهنن تي اوندهه پکيڙي ويندا آهن، پر هن، ننڍي عمر ۾ ئي تعليم جهڙي انتهائي سنجيده موضوع سان گڏ سماجي شعور سان لاڳاپيل انهن موضوعن تي لکيو آهي، جيڪي اجتماعي مفادن وارا آهن، ۽ جن ۾ بيان ڪيل مسئلا جڏهن حل ٿيندا ته، ’هيءَ مِٽي مانُ لهندي،‘ هي ماڻهو مسڪرائيندا، اسان جي ڌرتيءَ جا ساوا ۽ سونا سنگ سدا جهومندا رهندا ۽ ڪنهن به ٻار کي ڪو ڪوسو واءُ نه لڳندو.
هيءُ ڪتاب اڄ جي، خاص طور نوجوان ليکڪن کي پڻ صلاح ڏئي ٿو ته، ٺيڪ آهي ادبي ڪم به ضروري آهن، تخليقي ڪم به اهم آهن، شاعري ڪرڻ به سٺي ڳالهه آهي، ڪهاڻي لکڻ به چڱو ڪم آهي، ناول به لکڻ گهرجي، ڊرامو به تحرير ڪجي، ۽ سوشل ميڊيا به پنهنجي خيالن جي اظهار لاءِ استعمال ڪجي، پر ٻيلي، قومون رڳو انهن موضوعن تي لکڻ سان ناهن جيئنديون ۽ اڳتي وڌنديون، اُنهن جي پيرن ۾ پيل جهالت جا نوڙَ، تعليم ئي ٽوڙي سگهندي آهي. رڳو ادب واري هڪ رخ ۾ نه هلجي، علم واري پاسي به اچجي ۽ اچي ڏسجي انهن بينچن کي، جن تي اسان جا ڪارڙا ڪوجهڙا ٻارڙا استاد جي انتظار ۾ ويٺا آهن، اچي ڏسجي انهن اسڪولن کي، جن جون ڇِتون ناهن، جتي پيئڻ جو پاڻي ناهي، جتي ٽوائليٽ ناهي، جتي بجلي ناهي، جتي اُس اُنهن جو ڇانورو آهي - ۽ اچي ڏسجي اُن ڪاري بورڊ کي، جنهن تي استاد زندگيءَ جو ڪو نئون سبق لکيو به آهي يا اڃا به پراڻي نصاب وارو سبق لکي رهيو آهي؟ تنهن ڪري هيءُ ڪتاب پڙهندڙن کي حقيقي زندگيءَ جي علم ڏانهن وٺي ويندو.
سرمد کوسو جهڙو پنهنجي ڳالهه ٻولهه ۽ عمل ۾ مهذب آهي، اهڙو ئي هُو پنهنجين هِنن لکڻين مان ظاهر ٿئي ٿو. مون جڏهن سندس هيءُ ڪتاب پڙهيو ته تعليم جي مختلف پاسن تي لکيل سندس ليک پڙهي مان سوچڻ لڳس ته، ’شاگرد، استاد، والدين ۽ انتظاميه؛‘ اِهي چار اهڙا ڪردار آهن، جيڪي تعليمي نظام جي ٻيڙيءَ جا اهم حصا آهن. هاڻي جيڪڏهن انهن مان ڪير به ڪمزور ٿيندو ته، تعليم جي ٻيڙي لهرن وچ ۾ لُڏي لَمي، ۽ نيٺ ٻڏي ويندي.
اسان وٽ انگريزي ميڊيم ۾ جديد تعليم جي شروعات گذريل ٽن صدين کان (اُڻويهين صديءَ جي اڌ کان) ٿي آهي، جڏهن کان 1843ع ۾انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو، ۽ جنهن بعد روشن خيال مسلمانن جهڙوڪ: حسن علي آفندي ۽ سندس ساٿي اڳتي آيا، جن سنڌ جي مرڪزي شهر - ڪراچي (ان وقت جي اصل ڪراچي ۽ جيڪا هاڻي پراڻي ڪراچي ليکجي ٿي) ۾ 1885ع ۾ سنڌ مدرسته الاسلام جي نالي سان هڪ بورڊنگ سيڪنڊري اسڪول قائم ڪيو. ان جي اٺين سال 1893ع ۾ وچولي سنڌ ۾ درٻيلي سان واسطو رکندڙ سيد الهندي شاهه نوشهروفيروز ۾ مدرسه اسڪول قائم ڪيو ۽ ان کان 27 سال پوءِ لاڙ ۾- ٽنڊو باگو ۾ 1920ع ۾ مير غلام محمد ٽالپر لارينس مدرسو قائم ڪيو (هن ڪتاب ۾ مير صاحب تي به ليک شامل آهي)، پر انهن ٽنهي تعليمي ادارن کان اڳ ۾ سنڌ جي انگريز سرڪار حيدرآباد شهر ۾ 1858ع ۾ هڪ اسڪول قائم ڪيو هو، جنهن جو مختلف لکتن موجب، ”’حيدرآباد هاءِ اسڪول‘ نالو رکيو ويو هو. اهو هڪ رپورٽ موجب ’نامياري وڪيل نور محمد لاکير 1924ع ۾ برطانوي سرڪار کان ورتو، جنهن بعد ان تي سندس نالو رکيو ويو. ان طرح اهو ’نور محمد هاءِ اسڪول‘ طور سڃاڻپ حاصل ڪري ويو.“ (چون ٿا نور محمد لاکير اصل ۾ ڏوڪري تعلقي جو ڄائو هو.)
پر انهن سڀني تعليمي ادارن کان سڀ کان اول انگريز سرڪار جي، سنڌ ۾ مقرر چيف ڪمشنر (ان وقت سنڌ بمبئي پريزيڊنسي جو حصو هئي، جنهن ڪري انگريزن جي قبضي واري سنڌ ۾ بمبئي پريزيڊنسي جا مجموعي مسئلا گورنر ڏسندو هو ۽ سنڌ جو انتظام هلائڻ لاءِ چيف ڪمشنر مقرر هوندو هو) سر بارٽل فريئر 1855ع ۾ ڪراچي شهر جي صدر واري علائقي ۾ هاڻوڪي ايم اي جناح روڊ تي سنڌ جو پهريون سرڪاري اسڪول قائم ڪيو هو، جنهن تي بعد ۾، سنڌ ۾ تعليمي شعبي سال لاڳاپيل شخصيت نارائڻ جنگن ناٿ وديا جي نالي پٺيان ا نالو رکيو ويو، جيڪو اڄ ’اين جي وي اسڪول‘ جي نالي سان مشهور آهي.
سو اڻويهين صديءَ جي آخري اڌ ۽ ويهين صديءَ جي ابتدائي اڌ ۾، سنڌ جا اهي چند تعليمي ادارا هئا، جن هتي جديد تعليم جي واڌاري لاءِ بنيادي اهميت جو ڪم ڪيو.
انهن کانسواءِ سنڌ جو پهريون ڪاليج، ڊي جي (ديوان ڏيارام ڄيٺمل) سنڌ ڪاليج هو، جيڪو 1887ع ۾ قائم ٿيو هو، پر چون ٿا ته ان وقت جي برٽش انڊيا جي وائسراءِ لارڊ ڊفرن، ڪلڪتي مان اچي سنڌ مدرسي ۽ ڊي جي سنڌ ڪاليج جي عمارتن جي پيڙهه جو پٿر 1887ع ۾ ساڳئي ڏينهن تي رکيو هو.
حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جيئن ته سنڌ اُن وقت بمبئي پريزيڊنسي جو حصو هئي، ۽ ان وقت سنڌ ۾ ڪوبه تعليمي بورڊ يا يونيورسٽي نه هئي، تنهن ڪري، سنڌ مدرسي (ممڪن آهي ته ٻين اسڪولن جا به) شاگرد ميٽرڪ جو امتحان ڏيڻ لاءِ بمبئي ويندا هئا، ڇاڪاڻ جو هن اسڪول جو بمبئي يونيورسٽيءَ سان الحاق ٿيل هو. (هن وقت اسان وٽ 55 سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽيون آهن، جن مان 21 سرڪاري يونيورسٽون آهن. )
سنڌ ۾ پهرين يونيورسٽي – سنڌ يونيورسٽي 1947ع ۾ ڪراچي شهر ۾ قائم ڪئي وئي، جنهن بابت چون ٿا ته اها موجوده ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي عمارت جي هڪ حصي ۾ قائم هئي- ۽ ان جو ڪجهه حصو سنڌ مدرسي ۾ به قائم هو (ان تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آهي)، ان بعد 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽي حيدرآباد منتقل ڪئي وئي ۽ ڪراچيءَ ۾ ’ڪراچي يونيورسٽي‘ قائم ڪئي وئي. ان تبديليءَ جو سبب اهو ڄاڻايو ويو آهي ته، ”جيئن ته ڪراچي شهر کي ان وقت پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو هو، جنهن ڪري سنڌ جي گاديءَ جو درجو حيدرآباد کي ملڻ سبب ’سنڌ يونيورسٽي‘ کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو هو.“
ان سبب تي اسان جي ذهن ۾ هيءَ ڳالهه اچي ٿي ته،”جي ڪراچي شهر کي پاڪستان جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ويو هو، تڏهن به سنڌ يونيورسٽي کي ڪراچي شهر ۾ ئي (ڪراچي يونيورسٽي ٺاهڻ بدران) رهڻ ڏيڻ سان ڇا پئي ٿي سگهيو؟ ۽ ان کي حيدرآباد منتقل ڪرڻ بدران ان جي جاءِ تي جيڪڏهن حيدرآباد ۾ ’حيدرآباد يونيورسٽي‘ ٺاهي وڃي ها، ته ڇا ٿئي ها؟“
سنڌ جو پهريون ميڊيڪل ڪاليج، ڊائو ميڊيڪل ڪاليج هو، جيڪو 1945ع ۾ قائم ڪيو ويو هو. ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي ويب سائٽ تي ان بابت ڏنل ڄاڻ موجب،”1881ع ۾ ڊاڪٽر هوم اسٽيڊ حيدرآباد ۾ جيڪو ميڊيڪل اسڪول قائم ڪيو هو، ان کي ڪاليج ۾ تبديل ڪري ڊائو ميڊيڪل ڪاليج قائم ڪيو ويو. هڪ سال بعد 1946ع ۾ ان کي اين جي وي هاءِ اسڪول جي عمارت ۾ منتقل ڪيو ويو. هن ڪاليج جي قيام ۾ سنڌ سرڪار جي ان وقت جي صحت ۽ ميڊيسن جي وزير ڊاڪٽر هيمنداس آر واڌواڻي ۽ سنڌ جي گورنر سر هِيو ڊائو (Sir Hugh Dow) جون ڪوششون شامل هيون. ان بعد جڏهن ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي پنهنجي عمارت سول اسپتال جي ڀرسان ٺهي ته ان کي ان ۾ منتقل ڪيو ويو.“
ان دور ۾ سنڌ ۾ ان سطح جي ٿيل تعليمي ترقي، خاص طور مٿي ڄاڻايل اسڪولن کي ڏسجي ته، اها ڳالهه سولائيءَ سان سمجهه ۾ اچي ويندي ته سنڌ جا اهي چند اهم تعليمي ادارا ئي هئا، جن جي قيام سان خاص طور سنڌي مسلمان ٻارن انگريزي ميڊيم ۾ جديد ۽ معياري تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ اسان وٽ سياسي، سماجي، علمي۽ ادبي قيادت پيدا ٿيڻ شروع ٿي، جن پنهنجي جديد شعور کي سنڌ جي ٻين ماڻهن تائين پهچايو ۽ انهن سان پاڻ کي جوڙيو. انهن ۾ سرفهرست علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، علامه علي خان ابڙو، محمد ابراهيم جويو، شمشيرالحيدري ۽ ٻيا اهڙا بيشمار ماڻهو هئا، جيڪي رڳو هڪ اداري- سنڌ مدرسته الاسلام مان جديد علم حاصل ڪري، تيار ٿي نڪتا، پوءِ انهن مان ڪِن ويهين صدي ۾ ۽ ڪِن ايڪيهين صديءَ جي شروعاتي ٻن ڏهاڪن تائين به، سنڌ جي ذهنن تي پنهنجي ڏاهپ جا اهڙا نشان ڇڏيا، جيڪي اڄوڪي نسل جي به رهنمائيءَ ڪن ٿا.
انهن سمورين شخصيتن مان چئن شخصيتن جو سنڌ ۾ جديد تعليم ڦهلائڻ ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي، ۽ اهي آهن: علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو، علامه علي خان ابڙو ۽ محمد ابراهيم جويو. علامه آءِ آءِ قاضي پاڪستان جي قيام جي چوٿين سال، 1951۾، ڪراچيءَ مان حيدرآباد منتقل ٿيل سنڌ يونيورسٽي جي ڪئمپس، حيدرآباد مان کڻي ڄامشوري جي ٽڪريءَ تي قائم ڪرائي، اُن کي رابندرناٿ ٽيگور واري شانتي نڪيتن بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن ته ڊاڪٽر دائودپوٽي ۽ علامه علي خان ابڙي سنڌ جي تعليم کاتي ۾ مختلف انتظامي عهدن تي رهي، سنڌ جي ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ وڃي، پنهنجن ٻارن کي معياري تعليم ڏيڻ واري عمل جي نظرداري ڪئي.
هڪ ڀيري ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ حڪيم سنديلو جي رهواسي ۽ بهترين ڪهاڻيڪار ۽ شاعر قربان سنديلي صاحب ڳوٺ بکوديرو (باباءِ سنڌ حيدر بخش جتوئي جو اباڻو ڳوٺ) جي شاگردن جي حاضريءَ واري رجسٽر جي هڪ صفحي جي فوٽو ڪاپي مون ڏانهن موڪلي هئي، جنهن تي ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب، ان اسڪول جي پنهنجي دوري دوران نوٽ لکيو هو. جڏهن ته هڪ ڀيري جديد سنڌي ڪهاڻي جي باني سائين جمال ابڙي صاحب مون کي 1993ع ۾ ماهوار سنڌ سجاڳ، ڪراچي لاءِ انٽرويو ڏيندي ٻڌايو هو ته،”هو به هڪ ڀيري پنهنجي والد علامه علي خان ابڙو سان اٺ تي چڙهي ڪاڇي واري پاسي قائم مسجد اسڪولن جي دوري تي ويو هو.“
سو ڪلهه جا تعليمي ماهر ۽ انتظامي عملدار پنهنجي قوم جي ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ۾ ان طرح جي دلچسپي وٺندا هئا ۽ هاڻي جڏهن اسان جي تعليمي عملدارن وٽ بهترين گاڏيون آهن، سٺي بيجٽ آهي، اسڪولن تائين پهچڻ لاءِ روڊ ٺهيل آهن ۽ سندن انتظامي حدون محدود آهي، پوءِ به انهن مان اڪثر عملدار اسڪولن جي دوري تي نٿا وڃن، سرزمين تي وڃي شاگردن جي تعليمي ڪارڪردگي نٿا جاچين ۽ استادن جي ڪم ۽ ڪردار کي ڏسڻ جي تڪليف نٿا ڪن. تڏهن ئي ته اسان وٽ تعليم، هڪ وڏي عرصي کان هڪ وڏي ڳڻتيءَ جو سبب بڻيل آهي. ڳڻتي انڪري به آهي جو اڄ جي ڊجيٽل دور جي دنيا سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ جي ترقيءَ ۾ جنهن جاءِ تي پهتي آهي، ۽ اها جنهن جاءِ ڏانهن تيزيءَ سان وڃي رهي آهي، اسان جي اها رفتار ناهي، اسان انهن کان گهڻو گهڻو پوئتي آهيون. اسان جو اهو پوئتي رهجي وڃڻ ئي اسان لاءِ انفرادي توڙي اجتماعي سطح تي شڪستون ۽ ناڪاميون کڻي اچي رهيو آهي.
مون پاڻ سنڌ جي تعليمي سرشتي کي ويجهڙائيءَ کان ڏٺو آهي. مون هڪ انتهائي پٺتي پيل ڳوٺ ۾ جنم ورتو، ٻه ٽي ڪلوميٽر پري هڪ ٻئي ڳوٺ ۾ وڃي پرائمري تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ ڇهه ست ڪلوميٽر پري موجود ڏوڪري شهر مان سيڪنڊري ۽ انٽرميڊيئٽ تائين تعليم حاصل ڪئي. تعليم وارا اهي ٻارهن سال (پنج سال پرائمري، پنج سال سيڪنڊري ۽ ٻه سال انٽرميڊيئٽ) مان پنهنجي ڳوٺ جنگياڻي ۾ ئي رهي اسڪول ۽ ڪاليج ويو هئس. ان بعد مون مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنالوجي، ڄامشوري مان گريجوئيشن ڪئي. مون خانگي شاگرد جي حيثيت ۾ سنڌ يونيورسٽي مان بيچلر جي ڊگري ورتي. مون آغا خان يونيورسٽي انسٽيٽوٽ آف ايجوڪيشنل ڊويلپمينٽ (آءِ اِي ڊي) مان اسڪول مئنجمينٽ ۾ ڊپلوما ڪئي، مون ڪراچي جي وفاقي اردو يونيورسٽي مان ماس ڪميونيڪيشن ۾ ماسٽر ڪئي، انڊس يونيورسٽي مان بي اَيڊ ڪئي ۽ سال 1996ع کان 2012 تائين سنڌ مدرسه الاسلام (ان جي يونيورسٽي ٿيڻ کان اڳ ۾) جي ٽيڪنيڪل سيڪشن جي انچارج سان گڏ 2000ع کان 2003 ۽ 2006ع کان 2008ع تائين ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي پرائمري سيڪشن ۽ ڇوڪرن جي سيڪنڊري سيڪشن ۽ ڪاليج جي انچارج جي حيثيت ۾ انتظامي معاملا ڏسڻ سان گڏ مختلف ڪلاسن ۾ شاگردن کي پڙهايو به هو. ٻه چار پيرڊ مون سنڌ مدرسي کي 2012ع ۾ يونيورسٽي جو درجو ملڻ کانپوءِ 2013ع ۾ ان جي ميڊيا اسٽڊيز ڊپارٽمينٽ جي پهرين سال جي شاگردن جا به ورتا هئا.
پنهنجي ان سڄي قصي بيان ڪرڻ جو منهنجو مقصد رڳو اهو آهي ته، مون پرائمري کان اعليٰ تعليمي ادارن تائين، کي ويجهي کان به ڏٺو آهي ۽ انهن جي تعليمي معيار، ماحول، استادن ۽ انتظامي عملدارن جي ڪردار کي ڪنهن حد تائين پرکيو به آهي، تنهن ڪري پنهنجي تعليمي نظام جو حصو ٿي رهڻ دوران مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته، جيڪڏهن تعليمي ادارن جا سربراهه جديد دور جو علم ۽ ادراڪ رکندڙ هوندا، سندن پهرين ۽ آخري ترجيح ٻارن جي معياري تعليم هوندي، وٽن تجربو هوندو ۽ پنهنجي قوم جو درد ۽ ان جي ترقيءَ جو فڪر هوندو ته هو پنهنجي اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي واري ننڍڙي دنيا ۾ رهي به پنهنجن تعليمي ادارن کي آئيڊيل ادارا بڻائي سگهن ٿا. هو ئي استاد جي تدريسي عمل تي نظر رکي، انهن کان سندن فرض جي ادائگيءَ وارو ڪم وٺي سگهن ٿا، هو ئي شاگردن ۾ تعليم ڏانهن سندن دلچسپي پيدا ڪري سگهن ٿا ۽ هو ئي والدين کي پابند ڪري سگهن ٿا ته هو گهرن ۾ پنهنجن ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏين.
سو پنهنجي پڙهائي ۽ پڙهائڻ وارن ڏينهن جي تجربن کي سامهون رکندي جڏهن مون هيءُ ڪتاب پڙهيو ته نوجوان استاد ۽ ليکڪ سرمد کوسي جا خيال پڙهي مان بيحد خوش ٿيس ته، ههڙي دور ۾، جڏهن تعليم ڪاروبار بڻيل آهي، اڪثر استاد، گهوسٽ ٽيچر بڻجي پنهنجا ذاتي ڪاروبار ڪري رهيا آهن ۽ تعليمي عملدار ٻين ڪمن ۽ مصروفيتن ۾ مصروف آهن، تڏهن هيءُ نوجوان ليکڪ نه صرف پنهنجي شاگردن کي جديد انداز ۾ تعليم ڏئي ٿو، انهن جي تربيت ڪري ٿو ۽ انهن جي ڪردارسازي تي ڌيان ڏئي ٿو، پر هو ڊاڪٽر دائودپوٽي، علامه علي خان ابڙي ۽ محمد ابراهيم جويي وانگر، هن ڪتاب وسيلي تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل بنيادي اهميت جي موضوعن تي دل جي سچائيءَ سان لکي شاگردن ۽ استادن کي اهم صلاحون ڏئي ٿو.
سرمد کوسي ماحوليات جي موضوع تي ”ماحولياتي تعليم جي اهميت ۽ اسانجو مستقبل“ جي عنوان سان هڪ اهم ليک لکيو آهي، جيڪو، اڄ سڄي دنيا کي لاحق ماحولياتي خطرن ڏانهن اسان جو ڌيان ڇڪائي ٿو- ۽ اِهو سچ آهي ته اڄ اسان پاڻ، انسانَ، هٿ وٺي هن سموري ڪائنات کي چُوچڙي ڏيئي رهيا آهيون. ٻي ڪابه مخلوق ناهي، جيڪا گلوبل وارمنگ (عالمي تپت) جو سبب بڻجندي هجي ۽ اسان جي ايڪو سسٽم کي تباهه ڪندي هجي، تنهن ڪري جيڪڏهن اسان اڄ پنهنجي ماڻهن سان گڏ پنهنجي ٻارن کي ماحوليات جي بچاءَ بابت ڄاڻ نه ڏني ته، اڳتي هلي اسان جا ايندڙ نسل ماحولياتي تباهيءَ جي نتيجي ۾ جيڪو ڪجهه ڀوڳيندا، اهو ائٽم بمن جي تباهين ۽ اثرن کان وڌيڪ خطرناڪ هوندو. هن نوجوانن کي صلاح ڏني آهي ته هُو به وڌ کان وڌ ٻوٽا پوکين، ڇو ته ان طرح ئي اسان هِن ڌرتيءَ کي رهڻ لائق بڻائي سگهون ٿا.
هن نوجوان ليکڪ زراعت جي تباهيءَ تي به لکيو آهي، جيڪو به هڪ اهم موضوع آهي. ڇاڪاڻ جو اسان جو زرعي معاشرو آهي، جتي پاڻيءَ جي کوٽ سبب اڄ اسان جي زراعت کي به خطرناڪ قسم جا خطرا لاحق آهن. ان جو رڳو هڪ مثال اهو آهي ته 12 ڊسمبر 2018ع تي سنڌ مدرسه يونيورسٽيءَ ۾ منعقد ٿيل هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي سائنس واري وزارت جي ماحوليات بابت چيئرمين ڪاشف اقبال بٽ سنڌو درياهه ۽ گهٽجڻ زرعي پيداوار بابت ڏاڍيون ڇرڪائيندڙ ڳالهيون ڪيون هيون. هن چيو هو ته،” پاڪسان جي آبپاشي نظام جو مڪمل طور دارومدار سنڌو درياهه جي پاڻي تي آهي. ان جي مدد سان پاڪستان جي کاڌ خوراڪ جو 90 سيڪڙو حاصل ٿئي ٿو، ۽ جيڪا پيداوار ملڪ جي جي ڊي پي جو 25 سيڪڙو آهي.“ هن ڇرڪائيندڙ ڳالهه اها ڪئي هئي ته، ”2025ع تائين سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَجي کوٽ 35 سيڪڙو ٿي ويندي، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ 30 ملين ٽن زرعي پيداوار گهٽجي ويندي.“ هن پاڻيءَ جي گهٽجڻ جو سبب، ماحولياتي تبديليءَ سبب گليشئرس جو پگهرجڻ ٻڌايو هو. تنهن ڪري اسان کي ماحوليات جي مسئلي کي تمام گهڻي سنجيدگيءَ سان، عملي طور، وٺڻ گهرجي ۽ پنهنجي ٻارن کي ان مضمون جي تعليم ڏيڻ گهرجي.
هيءُ ڪتاب نوجوانن جي به نمائندگي ڪري ٿو، ڇاڪاڻ جو ليکڪ پنهنجي مضمون” اسان جي نوجوانن کي درپيش مسئلا“ ۾ نوجوانن جي مسئلن جي نشاندهي ڪري ٿو، جن ۾ سندن وڏا مسئلا بيروزگاري ۽ منشيات جو واهپو آهي. هُو خودڪشيءَ واري پنهنجي مضمون ۾ پڻ هِن معاشري جي معاشي ۽ اخلاقي بگاڙ کي ان جو مکيه سبب سمجهي ٿو. سرمد کوسو ته اسڪول وينن ۽ بسن ۾ لڙڪي اسڪول ايندڙ ويندڙ ۽ اڪثر حادثن جو شڪار ٿيندڙ ٻارڙن تي به رتُ رنو آهي.
هن ڪتاب جي ٻين موضوعن ۾ تعليمي ادارن ۾ تحقيق، هم نصابي سرگرمين جي اهميت، امحتانن ۾ ٿيندڙ نقل، اڌ ۾ پڙهائي ڇڏي ويندڙ ٻارن، ٻارن جي نفسيات کي سمجهڻ، ٻارن جي ڪائونسلنگ ۽ مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ وارا موضوع شامل آهن، جن تي جيڪڏهن عمل ٿئي ته اسان جو تعليمي سرشتو ڪافي بهتر ٿي سگهي ٿو.
مجموعي طرح سرمد کوسي پنهنجي هن ڪتاب ۾ آرٽ ۽ سائنس، ٻنهي شعبن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ۽ انهن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. ان سان گڏ هو استادن ۽ والدين کي به عرض ڪري ٿو ته هو پنهنجي ٻارڙن جي تعليم سان گڏ انهن جي ڪردارسازي تي ڌيان ڏين، کين پنهنجا اخلاقي قدر ۽ تهذيبي ورثو سڃاڻڻ جي سکيا ڏين ۽ کين هر قسم جي تعصب کان آجو، روشن خيال ۽ انسان دوست انسان بڻائين. ان طرح هيءُ ڪتاب نوجوانن سان گڏ انهن عملدارن ۽ استادن لاءِ به هڪ گائيڊ بڪ آهي، جيڪي اڄ سنڌ جي نوجوان جي ذهن کي پڙهڻ چاهين ٿا. ان سان گڏ هيءُ ڪتاب رڳو پرائمري تعليم جي حوالي سان اهم ناهي، پر هيءُ اعليٰ ۽ پروفيشنل تعليم جي حوالي سان به اهم آهي.
مان هن ڪتاب ۾ سرمد جا تعليم ۽ ماحوليات بابت ليک پڙهي جڏهن سندس هيءُ ليک ”احساس جو موت“ پڙهيو ته، مون سوچيو ته، هن نوجوان پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪيل سموري بحث جو نتيجو ٽن لفطن واري هن عنوان ”احساس جو موت“ ۾ ئي ڪڍي ڇڏيو آهي. - ۽ جيڪڏهن اسان وٽ احساس هجي ته، اسان اُن مسڪين ٻارڙي جي تعليم لاءِ به سوچيون، جيڪو مال چاري ٿو، جيڪو پنهنجي بابا سان گڏ گرمين سردين ۾ کيتن ۾ ڪم ڪري ٿو، جيڪو ڪارخانن ۾ مزدوري ڪري ٿو ۽ جيڪو روڊن رستن تي بيهي پني ٿو (مان 2 مارچ 2019ع تي هڪ وفد سان گڏ هاليجي ڍنڍ تي ويو هئس ته ٺٽي ڏانهن ويندڙ روڊ کان هاليجي ڍنڍ ڏانهن مڙندڙ لنڪ روڊ کان وٺي ڍنڍ تائين پهچڻ تائين، رستي جي ٻنهي پاسن کان بيٺل ڪيترن ٻارن ۽ عورتن جا خيرات لاءِ هٿ کنيل هئا، جن کي ڏسي مان شديد ذهني تڪليف مان ڪنڌ هيٺ ڪري ويهي رهيو هئس، انهن کي ڏسي نه ٿي سگهيس.) ۽ اسان پنهنجي اُن ٻارڙيءَ لاءِ به سوچيون، جيڪا گهر جي ڪم ڪار ۾ پنهنجي امڙ جو هٿ ونڊائي ٿي، جيڪا کيتن ۾ڪم ڪري ٿي، جيڪا ننڍي عمر ۾ پرڻائي وڃي ٿي ۽ جيڪا جوانيءَ ۾ ئي ڪراڙي ٿي وڃي ٿي.
اڄ، اڳ جي ڀيٽ ۾ علم حاصل ڪرڻ جا ذريعا تمام گهڻا وڌيڪ ۽ سَهنجا ٿي پيا آهن. اڄ اسان ڳوٺ يا شهر جي گهرن ۾ ويهي سيل فون يا ڪمپيوٽر تي انٽرنيٽ جي مدد سان دنيا جهان جي، هر موضوع جي نئين کان نئين ڄاڻ حاصل ڪيون ٿا. انٽرنيٽ ته هڪ گلوبل لائبرري آهي، جنهن تي هر علم جا ڪيئي ڪتاب، ريسرچ جرنل ۽ ٻيو مواد پيو آهي، ان جي مدد سان اسان پاڻ کي باخبر رکڻ سان گڏ پنهنجي شعور، ڄاڻ ۽ علم ۾ واڌارو آڻي سگهون ٿا. اهڙي دور ۾ جيڪڏهن اسان جو استاد نه پڙهائي ۽ اسان جو شاگرد به پڙهڻ ۾ دلچسپي نه وٺي، ته سرمد کوسي جو ڏکارو ٿيڻ جائز آهي.
اڄ اسان وٽ پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولن جو تعداد، سنڌ جي رٿابندي ۽ ترقي واري وزارت جي بيورو آف اسٽيٽسٽڪس پاران 2010-11 ۾ ”اسڪول ايجوڪيشن اسٽيٽسٽڪس سنڌ“ جي عنوان سان جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ هن طرح ڄاڻايو هو،”سنڌ جي شهري توڙي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ 48،914 پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري اسڪول آهن، جن مان 43،875 اسڪول هلي رهيا آهن ۽ باقي 5039 اسڪول بند پيا آهن.“
”پاڪستان ٺهڻ کان ترت پوءِ سڄي پاڪستان ۾ 8413 پرائمري اسڪول، 2191 مڊل اسڪول، 408 هاءِ اسڪول، 46 سيڪنڊري ووڪيشنل اسڪول، 40 آرٽس ۽ سائنس جا ڪاليج ۽ ٻه يونيورسٽيون هيون.“ (حوالو: تعليم واري وفاقي وزارت جي فيڊرل بيورو آف اسٽيٽسٽڪس جي 1959-60 کان 1991-92جي رپورٽ).
اسانجي انهن هزارين تعليمي ادارن ۾ هن وقت وڏي تعداد ۾ استاد ۽ انتظامي عملدار مقرر ٿيل آهن، ان جي باوجود جيڪڏهن اسان جو تعليمي معيار بهتر نٿو ٿئي ته، ان ۾ ڏوهه ڪنهن به صورت ۾ شاگردن جو ناهي، پر اهو ڏوهه وڏي حد تائين استادن، انتظامي عملدارن ۽ شاگردن جي والدين جو آهي. اسان وٽ بس تعليم جي شعبي ۾ هر دور ۾ رڳو نوان نوان ۽ ناڪام تجربا ئي ٿيا آهن. تنهن ڪري، اڄ جڏهن اسان وٽ تعليمي عمل جي نظرداري ۽ نگهباني ڪرڻ اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سولو آهي، پوءِ به جيڪڏهن اسان جا استاد ۽ تعليمي عملدار پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي ڪن ته سرمد کوسي جي مٿن تنقيد جائز لڳي ٿي.
هتي اسان اهو تسليم ڪيون ٿا ته اسان وٽ تعليم جو تناسب اڳ جي ڀيٽ ۾ اڄ تمام گهڻو وڌيو آهي، پر اها به حقيقت آهي ته، تعليمي معيار مايوسيءَ جي حد تائين ڪِريو آهي. اڄوڪي دور ۾ اسان کي جيڪي به ماڻهو ڪاميابي ماڻيل نظر اچن ٿا، يا ڪاميابيون ماڻڻ واري رستي تي هلندڙ آهن، ان ۾ رڳو ۽ رڳو سندن ذاتي ۽ والدين جي دلچسپي، سندن ڪجهه ڪرڻ جو جنون، ڪجهه بڻجڻ جي تمنا ۽ سندن خانداني معاشي تنگدستي جو وڏو عمل دخل آهي.
اسان کي حيرت آهي ته اسان وٽ اڳ ۾ انگريزن ۽ هاڻي آمريڪن (يو ايس ايڊ) ۽ امير ماڻهن جا ٺاهيل خانگي اسڪول هر طرح سان سٺا ليکجن ٿا ۽ اسان جا پنهنجا سرڪاري اسڪول پنهنجي اهميت وڃائي ويٺا آهن، جن جي ناڪاميءَ خانگي اسڪولن جي قيام کي اهڙي طرح جاءِ ڏني آهي، جيئن ناڪام ٿي ويل سرڪاري ريلوي نظام خانگي ٽرانسپورٽ کي ۽ ناڪام سرڪاري اسپتالن، خانگي ڪلنڪس ۽ خانگي اسپتالن کي جاءِ ڏني آهي.
سو هيءُ ڪتاب ڏاڍو وقتائتو آهي، جيڪو اسان کي هڪ دفعو ٻيهر اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو ته اچو ته پنهنجي تعليمي سرشتي جو نئين سر جائزو وٺون، ان کي بهتر کان بهتر بڻائڻ جي انفرادي توڙي اجتماعي سطح تي ڪوشش ڪريون. ايڏي وڏي مايوسيءَ جي به ڳالهه ناهي. ائين به ناهي ته اسانجو تعليمي نظام مڪمل طور اپاهج ٿي چڪو آهي. اڄ به ڪي استاد ۽ عملدار اهڙا آهن، جيڪي آئيڊيل استاد ۽ عملدار جي حيثيت رکن ٿا، جن کي پنهنجي مضمون تي دسترس حاصل آهي، جن کي هڪ کان وڌيڪ ٻوليون اچن ٿيون، جيڪي جديد تدريسي عمل کان واقف آهن، جن کي ٻارن جي نفسيات جو پتو آهي، جيڪي سمجهن ٿا ته اڄوڪي سخت مقابلو کڻي آيل گلوبلائيزيشن واري دور ۾ علم ئي انسان جون اصلي اکيون آهي، جن کي غريب ٻارڙن جي تعليم جو اونو آهي ۽ جيڪي پنهنجي ملڪ جي هر طرح سان ترقي ڏسڻ چاهين ٿا، تڏهن ئي ته هو چاهين ٿا ته پنهنجي قوم جا ٻار ڪنهن کان به پٺتي نه رهن، ڇوته هو سمجهن ٿا ته، جيڪڏهن سندن ٻار بگڙي ويا، اهي اڻپڙهيل رهجي ويا ته سندن پيرن هيٺان زمين سولائيءَ سان نڪري ويندي.
مون کي اميد آهي ته هيءُ ڪتاب هلندڙ ايڪيهين صديءَ کي، اسان لاءِ سئو سيڪڙو علم واري صدي بڻائڻ خاطر، عام راءِ ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ڇاڪاڻ جو هيءُ هڪ نوجوان جو علم سان عشق وارو ڪتاب آهي، جيڪو پڪ آهي ته پنهنجو اثر ڇڏيندو.
انور ابڙو
18 مارچ، 2019ع
ڪراچي