سائنس جي دور ۾ سائنس جي تعليم کان پري اسان جا تعليمي ادارا
ان تناظر ۾ جيڪڏهن اسان پنهنجو جائزو وٺنداسين تـ اسانجو بطور هڪ قوم ۽ سماج طور (چند مثالن کي ڇڏي) رويو ۽ مزاج سدائين غيرسائنسي رهيو آهي. اسان سائنس کي نـ صحيح طريقي سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ نـ ئي سائنس اسان جي سماج کان هضم ٿئي ٿي. نتيجي ۾ اسان وٽ سائنسدان تـ پري جي ڳالهـ آهي پر سائنسي سوچ بـ جنم ناهي وٺي سگهي. تعليمي ادارا ڪنهن بـ معاشري جي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جو ڪردار ادا ڪندا آهن. هاڻي اسان جيڪڏهن اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين جانچي ڏسنداسين تـ ان حوالي سان ڪاري وارا ڪک نظر ايندا. اسان وٽ تعليمي ادارن ۾ سائنس کي ڪيتري اهميت آهي؟ سائنس پڙهائي ڪيئن ٿي وڃي؟ استادن، شاگردن، والدين ۽ سڄي سماج جو سائنس ڏانهن ڪهڙو رويو آهي؟ منهنجي خيال ۾ اهي تمام وڏا سوال آهن، جن تي سوچڻ جي ضرورت آهي.
منهنجي خيال ۾ هيٺيان ڪجهـ سبب آهن جن جي ڪري اسان وٽ سائنس کي صحيح اهميت ناهي ملي سگهي..
1. تعليمي ادارن ۾ تجربيگاهن جي تباهي
سائنس اهو علم آهي، جنهن جو بنياد تجربن ۽ مشاهدن تي آهي. سائنس جي مختلف سبجيڪٽن ۽ موضوعن کي سمجهڻ لاءَ تجربا تمام ضروري آهن ۽ ان سان شاگردن ۾ ٽيڪنالاجي بابت دلچسپي پيدا ٿئي ٿي. انتھائي ڏک سان لکڻو ٿو پوي ته اسان وٽ ھٿن سان تجربيگاھن کي تباهه ڪيو ويو آهي. اتي نه ئي سائنسي سامان خريد ڪيو ٿو وڃي ۽ نه ئي تجربا ڪيا ٿا وڃن. ان حوالي سان سنڌ جي يونيورسٽين جي به حالت افسوسناڪ آهي. اتي به تجرباتي ڪم ٿيڻ جي برابر ٿئي ٿو, رڳو ڪاپي پيسٽ ڪري مدي خارج تحقيقي جرنل ٺاھيا ٿا وڃن, جن جو ڪو به سماجي ڪارج ناھي هوندو.
2. سائنس جي استادن جي کوٽ:
اسان جي اسولن ۽ ڪاليجن ۾ استادن جي کوٽ ته سدائين رھي آهي پر جيڪي استاد موجود آهن انهن ۾ به وري سائنس پڙھائڻ وارا تمام ٿورا آهن. اتي اھو به سوال جنم وٺي ٿو ته جيڪي استاد موجود آهن, اھي پڙھائين ڪيئن ٿا؟ ۽ ڪيترن وٽ سائنس جي مضمونن سان لاڳاپيل ڊگريون آهن؟ جيڪي سائنس پڙھائين ٿا اھي پنهنجي سوچ ۾ ڪيترا سائنٽيفڪ آهن؟ ان سببن جي ڪري ڪافي اسڪولن ۾ سائنس پڙھائي ئي نٿي وڃي.
3. مدي خارج سائنسي نصاب:
اسان وٽ ڪافي وقت کان اھي ساڳيا مدي خارج ڪورس پڙھايا پيا وڃن, جن جي اڄ جي دور ۾ ڪا به اھميت ناھي. اڄڪلهه سائنس جي ميدان ۾ ڇا پيو وھي واپري, ان حوالي سان اسان جي شاگردن کي ڪو به مواد نٿو ملي.
4. امتحانن ۾ پريڪٽيڪلز جون مارڪون گھٽ ڪرڻ:
اسان وٽ امتحانن جو طريقيڪار به عجيب آهي. اسان وٽ سائنس جي ڪيتري اھميت آهي, ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيميسٽري, فزڪس ۽ بائيولاجي جي ھر سبجيڪيٽ جي ھڪ سئو مارڪن ۾ پريڪٽيڪلز جون صرف 15 مارڪون رکيل آهن. ان مان اھو واضع نتيجو نڪري ٿو ته پريڪٽيڪلز جي ڪا به اھميت ناھي. جيڪي مارڪون رکيل به آهن ته اھي وري ائين ئي سفارشن تي ڏنيون وڃن ٿيون.
5. سائنسي ادب ۽ ڪتابن جي کوٽ:
اسان وٽ ھر سال شاعري يا ٻين صنفن جا ته سوين ڪتاب ڇپايا ٿا وڃن پر سائنس جي موضوعن تي تمام ٿورا ڪتاب ملندا. هڪ ٻـ ادارا آهن، جيڪي اهو ڪم ڪن ٿا پر اهو بـ ماڻهن تائين صحيح طرح نٿو پهچي. اسان جي اديبن ۽ پڙهڻ لکڻ وارن ماڻهن کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گھرجي. انگريزي ۽ ٻين ٻولين مان سائنسي مواد ترجمو ڪري ڇپايو وڃي, مختلف رسالا ڪڍيا وڃن جيڪي شاگردن تائين پھچايا وڃن.
6. سائنسي سرگرمين جي کوٽ:
اسان وٽ اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين مختلف پروگرام ۽ سيمينار ٿين ٿا پر ان ۾ سائنس سان لاڳاپيل پروگرام بلڪل به ناھن. جيڪي ادبي ميلا لڳن ٿا, انهن ۾ به سائنسي ادب تي ڪو به سيشن ناھي ھوندو ۽ ان حوالي سان نه وري ڪو ڪارنر ھوندو آهي. پر تازو ان سلسلي ۾ ٻـ حوصلـ افزا سرگرميون ٿيون آهن، جن مان هڪ لاڙڪاڻي ۾ سائنس ميلو ۽ ٻي مٺي شهر ۾ سائنس ميلو لڳڻ واريون آهن. انهن ميلن کي جيڪڏهن ٻين شهرن تائين وڌايو وڃي تـ ان طرح بـ اسان وٽ سائنس ڏانهن هڪ لاڙو پيدا ٿيندو.
7. ڪمپيوٽر جو نه ھجڻ:
ڪمپيوٽر اڄڪلهه تعليم جو اھم حصو آهي, جنهن ذريعي جديد طريقي سان پڙھائي سگهجي ٿو پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته ھن دور ۾ به اسان جا گهڻا استاد, شاگرد ۽ والدين ڪمپيوٽر جي استعمال کان بيخبر آهن.
سائنس, جيڪا وقت جي ضرورت آهي, ان جي اھميت کي اجاگر ڪرڻ لاء مون وٽ ڪجهه تجويزون آهن جيڪي پڙھندڙن سان ونڊ ڪجن ٿيون. مون کي اھا اميد آهي ته جيڪڏهن انهن صلاحن تي غور ڪيو وڃي ته ڪافي بھتري اچي سگهي ٿي.
• تعليمي ادارن ۾ تجربيگاھن کي فنڪشنل ڪيو وڃي جتي شاگرد کي باقائدھ تجربا سيکاريا وڃن.
• سائنس جا استاد مقرر ڪيا وڃن ۽ انهن جا ان حوالي سان وقت به وقت تربيتي ڪورس ڪرايا وڃن.
• ڪورس نوان ۽ دلچسپ تيار ڪيا وڃن جن ۾ تصويرون ۽ ٻيو مواد رنگين ڏنو وڃي جيئن شاگردن ۾ دلچسپي پيدا ٿئي.
• امتحاني مارڪن ۾ پريڪٽيڪلز جي مارڪن کي وڌايو وڃي ۽ اھي ميرٽ تي ڏنيون وڃن.
• سائنسي ادب کي ھٿي ڏني وڃي, ان حوالي سان مختلف رسالا ۽ ڪتاب شايع ڪيا وڃن.
• سائنسي مواد کي سنڌي ۾ ترجمو ڪري شاگردن تائين پھچايو وڃي.
• سائنسي ميلا لڳرايا وڃن جن ۾ ان حوالي سان مختلف سيشنس رکيا وڃن.
• تعليمي ادارن ۾ سائنس جي اھميت جي حوالي سان ورڪشاپ ۽ پروگرام ڪرايا وڃن.
( هي ليک ڪاوش اخبار هي مڊويڪ مئگزين ۾ 21 فيبروري 2018 تي شايع ٿيو).