اعليٰ تعليمي ادارا شاگرد دوست ڪڏهن بڻجندا؟
1. سينئر شاگردن پاران ريگنگ:
يونيورسٽين ۾ جيئن ئي نئون سال شروع ٿيندو آهي تـ نون ايندڙ شاگردن جي آجيان ريگنگ سان ڪئي ويندي آهي. جيڪا سندن ئي سينئرس ڪندا آهن. ريگنگ هلڪي ڦلڪي مذاق مستي تائين هجي تـ ٺيڪ آ پر ڪي ڪي شاگرد صفا انتها ڪري ڇڏيندا آهن. شاگردن کان ڪلام ڳارايا ويندا آهن، ڊانسون ڪرايون وينديون آهن ۽ ٻيون عجيب فرمائشون ڪيون وينديون آهن. ڪافي حساس شاگرد اها ريگنگ ڏسي يونيورسٽي ۾ پڙهڻ تان ئي هٿ کڻي ويندا آهن. جيڪو هڪ غلط عمل آهي. هئڻ تـ ائين گهرجي جو اتي موجود سينئر شاگرد، نون ايندڙ شاگردن جي هر حوالي سان رهنمائي ڪن تـ جيئن هو پنهنجي پڙهائي ۾ دلچسپي وٺي سگهن.
2. پسند جو شعبو نـ ملڻ:
اڪثر شاگردن کي سندن چوائس جو شعبو ناهي ملندو پوءِ هو جيڪو شعبو مليو، ان ۾ فيس جمع ڪرائي وڃي داخلا وٺندا آهن. ان جي نتيجي ۾ هو يونيورسٽي جا شاگرد تـ ٿي ويندا آهن پر پڙهڻ ۾ سندن دلچسپي ناهي رهندي ۽ يا تـ وري داخلا اڌ ۾ ڇڏي، وري ايندڙ سال جي لاءِ پسند جي شعبي جي ڪوشش ۾ لڳي ٿا وڃن. وري ايندڙ سال بـ جي ناڪام ٿيندا آهن تـ مايوسين جو شڪار ٿي ويندا آهن.
3. ڪيريئر ڪائونسلنگ نـ هجڻ:
ڪيريئر ڪائونسلنگ نـ هئڻ ڪري اڪثر شاگردن کي انٽر جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ بـ اها خبر ناهي هوندي تـ کين يونيورسٽي ۾ ڪهڙي شعبي ۾ داخلا وٺڻي آهي. پوءِ جتي هنن جا دوست يا والدين چوندا آهن، اتي ئي داخلا وٺندا آهن. اسان وٽ هڪ ظلم اهو بـ آهي جو شاگردن کي رڳو ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ جي باري ۾ ٻڌايو ويندو آهي ۽ ٻين شعبن جي تـ هنن کي خبر ئي ناهي هوندي. ان لاءِ استادن ۽ والدين کي گهرجي تـ هو شاگردن کي ٻين شعبن جي معلومات بـ ڏين ۽ ان ۾ اپلاءِ ڪرڻ لاءِ همٿائين.
4. استادن پاران رهنمائي جي کوٽ:
يونيورسٽين ۾ استاد بـ شاگردن جي اها رهنمائي ناهن ڪندا جنهن جي هنن کي ضرورت هوندي آهي، هو صرف ڪلاس وٺڻ تائين محدود هوندا آهن. هنن کي شاگردن جي رهنمائي ڪرڻ گهرجي، خاص طور تي ٻهراڙين کان ايندڙ شاگردن کي سندن رهنمائي ۽ شفقت جي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي. ان دوران هو سندن ڀيٽ شهر جي شاگردن سان ڪندا آهن، جيڪي وڌيڪ سهولتون هجڻ ڪري هنن کان اڳتي هوندا آهن. نتيجي ۾ هو احساس ڪمتري جو شڪار ٿي ٿا وڃن. ڪافي شاگرد پڙهڻ بـ ڇڏيو وڃن.
5. رهائش جا مسئلا:
شاگردن جي اڪثريت کي، جيڪي خاص طور ٻهراڙين مان ٻين شهرن ۾ موجود اعليٰ تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وڃن ٿا. انهن سان سڀ کان وڏو مسئلو رهائش جو هوندو آهي. ڪيترين يونيورسٽين ۾ تـ هائي هاسٽلون رهيون ئي ناهن. اڪثر نون قائم ٿيل يونيورسٽين ۾ بـ هاسٽلون ناهن ۽ باقي جن چند يونيورسٽين ۾ هاسٽلون آهن، انهن ۾ ايتري گنجائش ناهي هوندي جو سڀ داخلا ورتل شاگرد رهي سگهن. نتيجي ۾ ويچارا شاگرد مجبوري مان نامناسب جاين تي هڪٻئي جا پارٽنر بڻجي وڃي رهن آهن. جتي هڪ تـ آس پاس جو ماحول سندن حق ۾ ناهي هوندو، ۽ ٻيو تـ سندن خرچ بـ وڌيڪ ايدو آهي، جيڪو غريب شاگردن جا والدين ڳرين فيس سان گڏ ادا ناهن ڪري سگهندا. نتيجي ۾ اهڙن مسڪين شاگردن جي تعليم متاثر ٿيندي آهي. تنهن ڪري اهو تمام ضروري آهي يونيورسٽين ۽ ٻين اعليٰ تعليمي ادارن پاران ضرورتمند شاگردن کي رهائش جي سهولت مهيا ڪري ڏني وڃي.
تنهنڪري شاگردن جا اهي مسئلا حل ڪرڻ جي ذميواري تـ اعليٰ تعليمي ادارن جي آهي، ان سان گڏ سرڪار پڻ انهن تي نظر رکي ۽ جيڪڏهن يونيورسٽي انتظاميا شاگردن جي مسئلا حل نٿي ڪري تـ سرڪار انهن يونيورسٽين خلاف ڪاروائي ڪري. گڏوگڏ شاگردن کي بنيادي سهولتون ڏيارڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن سان گڏ استادن، والدين ۽ شاگردن جي بـ ذميواري بڻجي ٿي تـ اهي ان بابت آواز اٿارين. ڇاڪاڻ جو اسان جا شاگرد سڪون سان بنا پريشاني جي پنهنجي تعليم حاصل ڪندا تـ يقينن هو پنهنجي سبجيڪٽ جا ماهر بڻجي نڪرندا ۽ اڳتي هلي پنهنجي سماج جي بهتر اڏاوت ۾ هٿ ونڊائيندا.
( هي ليک ڪاوش اخبار جي مڊويڪ مئگزين ۾ 31 جنوري 2018 تي شايع ٿيو)