سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري ليکڪ ظفر عباسيءَ جي ڪھاڻين جو مجموعو ”ٽين دنيا“ اوھان اڳيان حاضر آھي. خاڪي جويو لکي ٿو:
”ظفر کي اسان ھڪ اديب ۽ ڪھاڻيڪار جي حيثيت ۾ ھن دنيا کي سونھن بخشائڻ وارن ذھين انسانن مان ڳڻي سگهون ٿا، ڇو تہ سندس اڪثر ڪھاڻين مان اسان کي محسوس ٿئي ٿو تہ ھن کي ٻھڪندڙ انسانيت ۽ چنڊ کان سھڻي ڌرتيءَ سان اڻ مَيو پيار آھي.“
ھي ڪتاب 1995ع ۾ نيو ٿنڪرس فورم حيدرآباد پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي حاضر آھي. اسان ٿورائتا آھيون پڙھندڙ نسل (پ ن) ۽ وتايي جي گهر جي دوستن جا جن ھن ڪتاب کي پي ڊي ايف ۾ محفوظ ڪيو..
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي