سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران خوبصورت شاعر رحمت پيرزادي جي شاعريءَ جو مجموعو ”خمار گيت چاندني“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون.
رحمت پيرزادي جو ھي ڪتاب جنھن ۾ شاعريءَ جا جھڙوڪر سمورا اسم آھن ۽ رحمت جيڏو پاڻ سٻاجهڙو آھي تيڏي ئي سندس شاعريءَ ۾ ٻاجھہ، سونھن، سرت ۽ سچائي پويل آھي. سندس غزل ۾ پختگي ۽ عروضي پابندين ۾ پڻ مضبوطي آھي. سندس نظم احساساتي آھن ۽ سندس گيت موسيقيءَ سان ڀرپور آھن.
ھي ڪتاب 2012ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ پاران ڇپايو ويو، جنھن جي پي ڊي ايف ڪاپي ڪرزمہ ويب جي ٿورن سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي