سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرناما نگار الطاف شيخ جو سفرنامو ”سي ٻيڙيون رکين ٻاجه سين“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھي ڪتاب ٽن حصن ۾ ورھايل آھي، پھرين ۾ سفرناما ڳالھ جي انداز ۾ بيان ڪيل آھن، ٿوري گهڻي جرنلزم واري رپورٽنگ ۽ تاريخ جاگرافي واري ڪٿا پڻ شامل آھي. ٻئي حصي ۾ افسانوي رنگ آھي ۽ ٽئين ۾ ڊائري نمونو آھي.
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1972ع ۾ ڇپيو. ھن ڪتاب جو ٽيون ڇاپو1997ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ڪرزمہ ويب جي ٿورن سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي