سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرناما نگار الطاف شيخ جو سفرنامو ”اوھريا جي عميق ڏي“ اوھان اڳيان پيش آھي. ھن ڪتاب ۾ بئنڪاڪ، ھانگ ڪانگ، سينگاپور، انڊونيشيا ۽ ملائيشيا جي سفر جو احوال موجود آهي. الطاف شيخ انھن ملڪن جي پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين ملڪن سان ڀيٽ ڪئي آهي.
مھاڳ ۾ علي احمد بروھي لکي ٿو تہ ”الطاف شيخ کي سنڌ جو ٻارُ ٻارُ سڃاڻي. جديد سنڌ جو ”سنڌ باد“، بلڪہ سنڌ جو ”سيلاني سفير“ آھي، جو ديس ديس ۾ سندس سِڪ جو سنيھو پھچائيندو رھي ٿو.“
ھن ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1992ع ۾ ۽ ٻيو ڇاپو 1998ع ۾ نيو فيلڊس پبليڪيشن پاران ڇپايو ويو، جنھن جي اسڪين ڪاپي ڪرزمہ ويب جي ٿورن سان حاضر آھي.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com
نوٽ: ھن ڪتاب جي صرف پي ڊي ايف ڪاپي موجود آھي