الطاف شيخ ڪارنر

هي ٻيٽ هي ڪنارا

ھن ڪتاب جو موضوع بنيادي طور تي دنيا جي مختلف ٻيٽ ۽ ڪنارا ۽ اتي رھندڙن ماڻھن متعلق آھي. ھي ڪتاب ڪنھن ھڪ سفر جو داستان ناھي پر ھي سندس زندگيءَ جي سڀني ڪيل سفرن جو نچوڙ آھي. ھي ڪتاب سنڌي پڙھندڙ لاءِ ڄڻ ٻيٽن متعلق معلومات جو ھڪ خزانو آھي، گڏوگڏ ڪراچيءَ جي تفصيلي ذڪر سان گڏ اتي موجود اھم ٻيٽ منھوڙي متعلق پڻ معلومات ڏني وئي آھي.

  • 4.5/5.0
  • 13
  • 1
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ڇاپو 1
Title Cover of book هي ٻيٽ هي ڪنارا

سنڌ سلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري سفرناما نگار الطاف شيخ جو سفرنامو ”ھي ٻيٽ ھي ڪنارا“ اوھان اڳيان پيش آھي. 
ھن ڪتاب جو موضوع بنيادي طور تي دنيا جي مختلف ٻيٽ ۽ ڪنارا ۽ اتي رھندڙن ماڻھن متعلق آھي. ھي ڪتاب ڪنھن ھڪ سفر جو داستان ناھي پر ھي سندس زندگيءَ جي سڀني ڪيل سفرن جو نچوڙ آھي. ھي ڪتاب سنڌي پڙھندڙ لاءِ ڄڻ ٻيٽن متعلق معلومات جو ھڪ خزانو آھي، گڏوگڏ ڪراچيءَ جي تفصيلي ذڪر سان گڏ اتي موجود اھم ٻيٽ منھوڙي متعلق پڻ معلومات ڏني وئي آھي..
ھي ڪتاب 2006ع ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آھيون عبداللطيف انصاريءَ جا جنھن ڪتاب کي نئين سر ڪمپوز ڪيو آھي.


محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام

sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com

ليکڪ طرفان

سمنڊ ۽ جھازي دنيا جون ڳالھيون کوڙ. جھاز ھلائيندي سمنڊ تي يا ڪناري تي پنھنجن ئي خيالن ۾ ويٺي ويٺي ياد اچيو وڃن ۽ دل چاھيندي آھي تي پنھنجن پڙھندرن لاءِ لکيون وڃن. لکڻ بعد ڪجھھ اخبارن ۽ ڪتابن ۾ ڇپجن ٿيون، ڪجھھ مون وٽ اڌ گابري صورت ۾ آھن ۽ ڪجھھ مختلف ملڪن ۾ رھجي ويل آھن.
ملائيشيا مان ھوائي جھاز رستي موٽڻ مھل اھو سوچيو ھوم تھ باقي سامان: ڪتاب، ڪپڙا ۽ پنھنجي انجنيئرنگ (Marine) جا ليڪچر ۽ ٻيو سامان ان وقت ھوائي جھاز ۾ کڻي موٽڻ بدران ڪڏھن پاڻيءَ جي جھاز ۾ کڻي ايندس. اڄ پورا ڏھھ سال ٿي ويا آھن وري ملائيشيا وڃڻ نھ ٿيو آھي. ھر سال ملائيشيا وڃڻ جو سوچيندو آھيان پر نھ اوڏانھن پاڻيءَ جي جھاز کي وٺي وڃڻ جي ڊيوٽي ٿي لڳي ۽ نھ ھوائي جھاز رستي وڃڻ جو پروگرام ٺھي ٿو. اھو آھي داڻي پاڻيءَ جو حساب.
ان کان بھ گھڻو اڳ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ اسپين جي ھڪ ٻيٽ لاس پاماس تي (جيڪو Cannary ٻيٽ بھ سڏجي ٿو) بيمار ٿيڻ تي ھڪ جھاز تان لاٿو ويو ھوس. چاق ٿيڻ تي ٻئي جھاز جي جلدي پروگرام نھ ھجڻ ڪري مونکي باءِ ايئر اھو ٻيٽ ڇڏڻو پيو. نتيجي ۾ باقي سامان اتي ئي ڪنھن سڃاڻي واقفڪار وٽ کڻي رکيم. ۽ منھنجو (يعني جنھن بھ جھاز تي منھنجي ڊيوٽي لڳي ٿي) ان جو وري خوبصورت ٻيٽ لاس ماس تي وڃڻ نھ ٿيو. ڪجھھ ڏينھن اڳ منھنجي ھڪ واقفڪار پنھنجي جھاز رستي منھنجو سامان موڪلڻ جي آڇ ڪئي.
”ھاڻ ان سامان جي ڪھڙي ضرورت؟“ مون چيومانس، ”جن امتحانن لاءِ ڪتاب ورتا ھئم اھي بھ ڪڏھن ڪو پاس ٿي ويا. ان ڪري نھ ڪتاب جي ضرورت آھي ۽ نھ انھن بيل باٽمڊ پتلونن جي جن جو انھن ڏينھن ۾ فئشن ھو. ھا البت ھٿ جا لکيل انگريزي يا سنڌي ۾ مضمون ھجن تھ اھي موڪلي ڏي.“
ھمراھھ اھي پنا موڪلي ڏنا. مون سمجھيو ٿورا پنا ھوندا پر ايترو مواد آھي جو پريس واري پراڻي ڇپائي تي ھڪ ننڍڙو ڪتاب ٿي وڃي پر اڄڪلھھ جي ڪمپيوٽر واري ڇپائيءَ تي 50 کن صفحا مس ٿين. گھڻو تڻو ٻيٽن جو احوال آھي جيڪو اڄ بھ (گھٽ ۾ گھٽ مونکي) دلچسپ لڳي ٿو ۽ انھن مضمونن ۾ سڌارو آڻڻ سان گڏ ڪجھھ وڌيڪ مضمون لکي ڪتاب جيترو مواد گڏ ڪيو اٿم. بيحد مقبول ۽ خوبصورت انگريزي رسالي INDUS جو جو نوجوان پبلشر امير ابڙو ھن کي ڇپائڻ ٿو چاھي. آئون ان کي پنھنجي خوش قسمتي سمجھان ٿو تھ فيروز ميمڻ (نيو فيلڊس)، علي نواز گھانگھرو (روشني) ۽ امير ابڙو (انڊس) جھڙا قابل، محنتي ۽ Creative طبيعت جا مشھور پبلشر منھنجا ڪتاب سھڻي ۽ خوبصورت نموني سان ڇپي رھيا آھن. اھو سندن پيار ۽ خلوص آھي جو ڪيترن ڪتابن ۾ ھنن نقصان برداشت ڪيو آھي پر ڇپائي جي معيار کي ھيٺاھون نھ ڪيو آھي.

الطاف شيخ
-1 آڪٽوبر 2001

سفر ۽ سامونڊي

سنڌيءَ ۾ جڏھن بھ سفر نامن لکڻ جو ذڪر ايندو آھي تھ ان وقت ئي ذھن ۾ الطاف شيخ جو نالو گونجڻ لڳندو آھي. ڄڻ تھ پڙھندڙ لاءِ سفر ناما ۽ الطاف شيخ اٽڪل ساڳي ڳالھھ پيا آھن. الطاف جيتوڻيڪ ڪھاڻيون بھ لکيون آھن پر سندس پڙھندڙ لاءِ اھي بھ ھڪ لحاظ کان سفر ناما ئي آھن.
مجموعي طور تي سنڌي ماڻھو تي اِھو ڏوھھ مڙھڻ صحيح ناھي تھ سندس لاءِ پنھنجو گھر ۽ ڳوٺ ڇڏڻ ھڪ ناممڪن ڳالھھ رھي آھي. جيڪڏھن ائين ھجي ھا تھ ھن وقت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ اھڙن جو وجود نھ ھجي ھا جن جا ابا ڏاڏا ورھين اڳ اتي اچي آباد ٿيا ھئا. جن ماڻھن وٽ سمنڊ ھجي ۽ واپار جون ڏانءُ ھـُـجي انھن لاءِ دنيا ڪيئن ٿي اوپري ٿي سگھي. بھر حال اِھا ڳالھھ پنھنجي جاءِ تي آھي تھ اِنھن ماڻھن پنھنجي تجربن کي قلمبند ڪري سنڌ جي ماڻھن تائين ناھي پھچايو.
سفرنامن جي ھر دور ۽ ھر ملڪ جي ماڻھن لاءِ وڏي اھميت رھي آھي. ھن وقت جيتوڻيڪ خبرچار ۽ اچ وڃ جي ذريعي ۾ آيل انقلاب جي ڪري دنيا ننڍي ٿي ويئي آھي ۽ ڪابھ ڪنڊ ماڻھن کان لـِـڪل نھ رھي آھي پر سفر جي اھميت مختلف سببن جي ڪري ساڳي طرح موجود آھي جيئن ابن بطوطھ ۽ مارڪو پولو جي وقت ۾ ھـُـئي ڇاڪاڻ تھ سفرنامن جو واسطو رڳو مـُـلڪن ۽ علائقن جي عام معلومات سان ناھي پوندو پر انھن جو تعلق ماڻھن جي سڄي زندگي، اٿڻي ويھڻي، لباس، ٻولي، روين مطلب تھ ھر پاسي سان ھوندو آھي. جديد ٽيڪنالاجي جي ھڪ وڏي خامي اِھا ٻڌائي وڃي ٿي تھ اِھا ماڻھن جي ھڪ ٻئي سان ذاتي تعلق ۽ واسطي کي گھٽ ۾ گھٽ ڪري ڇڏي ٿي. ايستائين تھ فرد ڄڻ پنھنجي سڄي ماحول کان ئي لاتعلق ٿيو وڃي. سفرناما ان تعلق کي جاري رکڻ ۾ ھڪ اِھم ڪردار ادا ڪن ٿا. اِھي ھڪ علائقي جي ماڻھن تائين ٻين علائقن جي ماڻھن جي رسمن، رواجن، سوچن، احساسن، جذبن ۽ زندگي گذارڻ جي طور طريقن کي پھچائڻ جو ڪم ڪن ٿا. مطلب تھ اِھي مختلف علائقن جي ماڻھن وچ ۾ لاڳاپي ۽ پـُـل جو ڪم ڏين ٿا. ان ڳالھھ جي ضرورت اڄ جي دنيا ۾ اڃا وڌي ويئي آھي. ڇاڪاڻ تھ مشين جي ترقي نھ رڳو ماڻھن جي انفراديت ۽ اڪيلائپ ۾ واڌارو آندو آھي پر دنيا جي مختلف ملڪن جي ماڻھن ۾ پڻ فاصلن کي وڌائي ڇڏيو آھي. انھن فاصلن کي سفر نامن ذريعي ڪنھن حد تائين گھٽائي سگھجي ٿو جيڪو ڪم ٻئي ميڊيا ذريعي اڃا تائين نھ ٿي سگھيو آھي.
ماڻھوءَ جي لاءِ دنيا ھڪ تجس واري جاءِ رھي آھي. ھـُـو ھميشھ ان جي اسرار ۽ رموز کي سمجھڻ جي جستجو ڪندو رھيو آھي. پر سـُـٽ کي جيئن ھن کولڻ جي ڪوشش ڪئي آھي تئين اھو وڌيڪ منجھندو ويو آھي. ھر ڪنھن پنھنجي سمجھاڻي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آھي پر انھيءَ ڳولا جو سلسلو ختم ناھي ٿيو پر اڃا جاري آھي. سفر پڻ اِنھيءَ سڄي جستجو ۽ ڳولا جو ھڪ اھم حصو آھي. اِھا انسان جي ھڪ ذھني ڪيفيت آھي جيڪا اڄ شروع نھ ٿي آھي جڏھن مواصلات جي ذريعن ۾ آيل انقلاب سفر لاءِ وڏيون سھولتون پيدا ڪري ڇڏيون آھن پر اِھو روز ازل کان جاري آھي جڏھن ماڻھو اڃا پاڻ سنڀالڻ جھڙو ئي مـَـس ٿيو ھو ۽ ھڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين پھچڻ ۾ ڏينھن ۽ مھينا لڳي ويندا ھئا ۽ اِھا بھ پـَـڪ نھ ھوندي ھئي تھ آيا مسافر سفر جا ڪشالا ڪڍي وڃي پار پوندو يا نھ پر بھرحال سفر پوءِ بھ جاري رھيو.
سياح جي حيثيت ھميشھ ھڪ اھم ماڻھوءَ جي ھوندي آھي. نھ رڳو پنھنجي مـُـلڪ جي ماڻھن لاءِ پر انھن ماڻھن لاءِ بھ جن جي ملڪن ۾ ھو سياحت لاءِ ويندو آھي. ان جو سبب اِھو ھوندو آھي تھ ھڪ سفر متعلق دلچسپ ۽ عجيب و غريب داستان ۽ ڪھاڻيون ھونديون آھن ۽ ٻيو تھ ھـُـو ڄڻ ٻنھي ملڪن لاءِ ھڪ سفير ۽ رابطي واري ماڻھوءَ جو ڪم ڪندو آھي. ابن بطوطھ ۽ مارڪو پولو ٻيئي جن جن مـُـلڪن ۾ گھمڻ خاطر ويا اتان جي حاڪمن نھ رڳو سندن عزت افزائي ڪئي پر اِھي اتي وڏن اِھم عـُـھدن تي پڻ فائز رھيا. عام ماڻھن لاءِ انھن سياحن جون زباني ۽ لکت ۾ ڳالھيون ئي ٻين ملڪن کي سمجھڻ جو ھڪ اھم ذريعو ھيون. انھن جي صحيح يا غلط ھئڻ جي پرک لاءِ ڪابھ ڪسوٽي موجود نھ ھئي. جيڪڏھن انھن ڪوھھ قاف کي پرين، جنن ۽ ديون جو ديس ڪري ٿي پيش ڪيو تھ عام ماڻھوءَ کي اِھو قبول ڪرڻو ٿي پيو ۽ صدين تائين ان تصور سان گڏ رھڻو ٿي پيو جيستائين موجودھ دور ۾ کيس اتان جي ماڻھن متعلق اکين ڏٺي ثابتي نھ ٿي ملي تھ اھي بھ سندس جھڙائي ماڻھو آھن رڳو قدبت ۽ رنگ ثابتي نھ آھي. ان سان گڏوگڏ سياحت جو اِھو مواد تاريخدانن لاءِ پڻ ھڪ اِھم ذريعو رھيو آھي. ان دور جي رسم رواجن، رھڻي ڪھڻي ۽ حڪومتي نظام متعلق اِنھن مان اھم معلومات حاصل ٿي سگھي ٿي.
الطاف شيخ جا ھيستائين پنجاھھ کان وڌيڪ ڪتاب ڇپجي چـُـڪا آھن، انھن ۾ جيتوڻيڪ ڪجھھ ڪھاڻين جا ڪتاب بھ شامل آھن پر گھڻائي سفر نامن جي آھي. اِھي رڳو ڪتاب نھ آھن پر اِھي سندس ٽيھھ چاليھھ سالن جي لاڳيتي سفر جو نچوڙ آھن. ممڪن آھي تھ سياحت سندس شوق ھـُـجي پر اِھا سڄي ڳالھھ شوق کان ڪـُـجھھ اڳتي جي آھي. الطاف ھڪ ميرين انجنيئر يا سولي سنڌيءَ ۾ ائين کڻي چئجي تھ ھڪ جھازي آھي. ان ڪري سفر ڪرڻ يا نھ ڪرڻ سندس ھٿ ۾ ناھي. ھــُو اِھا چونڊ ڪرڻ ۾ آزاد ناھي ڪھڙي پاسي وڃجي ۽ ڪھڙي پاسي نھ وڃجي. سفر ۾ رھڻ ۽ سفر ڪرڻ سندس مجبوري آھي. ائين کڻي چئجي تھ اِھو مٿس مڙھيل ھڪ ڪم آھي. ظاھر ڳالھھ آھي تھ ھــُو ھميشھ اِنھي سڀ ڪجھھ کي انجوائي نھ ڪندو ھوندو ۽ بيزار بھ ٿيندو ھوندو پر اِھو سڀ ڪجھھ ذاتي ڪيفيتن جي قطع نظر سنڌي پڙھندڙ کي ڄڻ گھر ويٺي سندس سفر نامن وسيلي دنيا جي اڪثر ملڪن جي جھلڪ ڏسڻ جو موقعو ملي ويو آھي. الطاف ان سڄي عرصي ۾ لکڻ جو عمل لاڳيتو جاري رکيو آھي. ان جو سبب سندس پڙھندڙن جو ريسپانس بھ آھي. منھنجي خيال ۾ ھو سنڌيءَ جي انھن ليکڪن مان ھڪ آھي جن جا ڪتاب گھڻو وڪرو ٿين ٿا ۽ ان ڪري بھ گھڻا پبلشر ان ڪوشش ۾ ھوندا آھن تھ الطاف شيخ جي ڪتابن کي ڇپائجي.
الطاف شيخ جي سفرنامن تي نظر وجھجي ٿي تھ خبر پئي ٿي تھ اٽڪل سڀني جو واسطو سمنڊ، بندرگاھن ۽ سامونڊي جيوت سان آھي. سمنڊ تخليقڪارن ۽ ليکڪن لاءِ ھميشھ سـُـڪون، اتساھھ ۽ آٿت جو ذريعو رھيو آھي. سمنڊ جنھن ۾ ھڪ انوکي دنيا لڪل آھي، جيڪو ڌرتي جي اٺ حصن مان پنج حصا والاري ٿو ۽ جيڪو خشڪي تي رھندڙ ماڻھن کي ھڪ ٻئي کان ڌار بھ ڪري ٿو ۽ ھڪ ٻئي سان ملائي بھ ٿو، ماڻھوءَ کي روز اول کان پاڻ ڏانھن ڇڪيندو رھيو آھي. شايد ان ڪري بھ جو زندگيءَ جي شروعات ئي اِتان ٿي آھي ۽ اھا پنھنجي اصل ڏانھن ڇڪبي رھي ٿي.
الطاف رڳو سفر ناما لکندڙ ھڪ ليکڪ ناھي جيڪو سپاٽ نموني ھڪ رپورٽر وانگر جيڪي ڏسي ان کي جيئن جو تئين بيان ڪندو وڃي. سندس واسطو ڪھاڻي لکڻ سان رھيو آھي ۽ ساڳي وقت شاھھ لطيف جي شاعري سندس لکڻين ۾ اِئين سمائجي ويندي آھي جو ائين ڀائنبو آھي تھ ھـُـو لطيف جي سر سامونڊيءَ جو ئي ھڪ وڻجارو آھي. ٿلھي ليکي سندس سفر نامن جون اِھي خاصيتون ڄاڻائي سگھجن ٿيون.

-1 سندس لکڻ ۾ رواني ۽ سادگي آھي، ٻولي دلچسپ ۽ ڪھاڻيءَ جو مزو رکندڙ آھي جنھن سان پڙھندڙ جي دلچسپي برقرار رھي ٿي.
-2 پرڏيھي شين ۽ ماڻھن جي پنھنجي ملڪ جي شين ۽ ماڻھن سان ڀيٽ جنھن سان ليکڪ ۽ پڙھندڙ ۾ ھڪ جانبدار لاڳاپو برقرار رھي ٿو.
-3 انداز بيان کي دلچسپ ٺاھڻ لاءِ شھري، ڏيھي ۽ پرڏيھي واقعن ۽ ٽوٽڪن جو استعمال.

الطاف جي سفرنامن تي ھڪ اعتراض اِھو ڪيو ويندو آھي تھ ھـُـو انھن ۾ وڌاءُ کان ڪم وٺندو آھي ۽ گھڻيون اھڙيون ڳالھيون ۽ واقعا پيش ڪندو آھي جيڪي حقيقت ۾ ائين ناھن ھوندا پر اِھو اعتراض رڳو الطاف تائين محدود ناھي. اِھو ساڳيو اعتراض اٽڪل سفر ناما لکندڙ سڀني ليکڪن تي ڪيو ويو آھي. مارڪوپولو ۽ ابن بطوطھ جھڙا سياح بھ ان اعتراض کان بچيل ناھن. مارڪوپولو تي سندس پنھنجي مـُـلڪ ۾ اِھي اعتراض ڪيا پيا وڃن تھ ھـُـن پنھنجي ڪتابن ۾ گھڻيون ڳالھيون رڳو ٻــُـڌ سـُـڌ جي بنياد تي شامل ڪيون ھيون جڏھن تھ ھـُـو انھن جاين تي پاڻ ھلي نھ ويو ھو. اِھو ساڳيو اعتراض سنڌي ۽ ٻين ٻولين جي سفر نامن تي پڻ ڪيو ويو آھي. ان لحاظ کان منھنجي خيال ۾ اسان کي ڪجھھ ڳالھين کي ضرور ڌيان ۾ رکڻ گھرجي.
سفر جو تجربو ھر ماڻھوءَ لاءِ ھڪجھڙو نھ ھوندو آھي. ان تجربي جو دارومدار مختلف ڳالھين تي ھوندو آھي. انھن ۾ سفر جي نوعيت، پرڏيھھ ۾ رھڻ وارو عرصو، اتي ميل جول رکندڙ ماڻھن جو حلقو ۽ ماڻھوءَ جو پنھنجو پس منظر اھم حيثيت رکن ٿا. مثال طور ڪو ماڻھو پڙھڻ لاءِ پرڏيھھ وڃي ٿو ۽ اتي سندس سڄو وقت ڪيمپس ۾ گذري ٿو تھ ظاھر آھي تھ وٽس پنھنجي لکڻ لاءِ گھڻو مواد نھ ھوندو. ساڳيو دليل امر جليل پاران ان وقت ڏنو ويو ھو جڏھين کيس ھڪ ڪورس جي سلسلي ۾ آمريڪا جي ڪنھن يونيورسٽي ۾ ڪـُـجھھ وقت گذارڻو پيو ھو. سندس چوڻ ھو تھ جيئن تھ سڄو وقت ڪيمپس ۾ ئي گذرندو ھو ان ڪري وٽس سفر نامي لکڻ جھڙي ڪا ڳالھھ ئي نھ ھئي. ساڳي طرح جيڪڏھن ڪو ماڻھو ٿوري عرصي لاءِ ڪنھن ملڪ ۾ وڃي ٿو تھ سندس مشاھدو ۽ تجربو محدود رھي ٿو ۽ ھو ان ملڪ جي پوري زندگي جي احاطي ڪرڻ کان قاصر رھي ٿو. ان ريت سفر نامو لکندڙ جيڪڏھن ڪو شاعر ۽ ڪھاڻيڪار آھي تھ سندس سفر نامي ۾ وڌاءُ ۽ ٻولي جي چاشني ضرور شامل ھوندي. اِھا ڳالھھ ان ماڻھوءَ جي سفر نامي ۾ شامل نھ ھوندي جنھن جو واسطو سائنس، تاريخ ۽ ٻين سماجي علمن سان ھوندو. ان ريت ساڳيو سفر ٻن ماڻھن لاءِ مختلف حيثيت رکندو آھي. اِھو مصروفيت ۽ موضوعيت جي باھمي ميلاپ ھوندو آھي جنھن ۾ ساڳي شيءَ جو اثر ۽ ردعـِمل ٻين ماڻھن لاءِ مختلف ھوندو آھي.
الطاف جي لاءِ جيئن اڳ ذڪر ڪيو ويو آھي تھ ھو ساڳي وقت ڪھاڻي ۽ شاعري سان بھ واسطو رکي ٿو ان ڪري سندس سفر نامن ۾ بھ انھن جو اثر ھئڻ لازمي امر آھي. ان سان انھن جي اھميت ۾ گھٽتائي نھ ٿي اچي پر ادب ۾ اھا ساڳي حيثيت والارين ٿا جيڪا ابن انشاءَ ۽ مستنصر حسين تارڙ جي سفر کي اڙدو ادب ۾ حاصل آھي.
الطاف جي لاءِ ٻيو مسئلو اِھو آھي تھ ڪنھن مـُـلڪ ۾ سندس ٽڪاءُ سندس پنھنجي مرضيءَ کان وڌيڪ اتي جھاز جي ترسڻ واري وقت تي ھوندو آھي. جيئن ھـُـو پاڻ لکي ٿو تھ ھر بندرگاھھ تي پھچڻ وقت جھازي اِھا دعا گھرندا آھن تھ شل بندرگاھھ جي مزدورن جي ھڙتال ٿي پئي يا جھاز خراب ٿي پئي تھ جيئن کين اتي وڌيڪ ترسڻ ۽ شھر گھمڻ جو موقعو ملي وڃي. ڇاڪاڻ تھ ھاڻ جھازن جي ھلڻ جو دارومدار اڳين دؤر وانگر ھمرائن جي رخ تي نھ پر جھاز جي انتظاميا ۽ بندرگاھھ جي حالتن تي ھوندو آھي. ان ڪري کانئس ابن بطوطھ ۽ مارڪوپولو جي سفر نامن جي گھرائي ۽ تفصيل جي توقع رکڻ صحيح نھ ٿيندو. ھو پنھنجي وقت ۽ طبيعت آھر ان مـُـلڪ جي ماڻھن سان ملي ٿو ۽ جايون گھمي ٿو ۽ پوءِ انھن کي پنھنجي لکڻ جي ڏانءُ سان ماڻھن تائين پھچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. اھڙيءَ ريت پڙھندڙ کي اتان جي زندگيءَ جي ھڪ جھلڪ ملي ٿي ۽ منجھس انھن کي وڌيڪ ڄاڻڻ جي جستجو پيدا ٿئي ٿي. اھڙي ريت گھڻن ماڻھن لاءِ الطاف جا سفر ناما پرڏيھھ وڃڻ لاءِ ھڪ سونھين جو ڪم ڏيڻ لڳا ھئا. ماڻھو انھن ملڪن مان گھمي اچڻ کان پوءِ پنھنجن واقفڪارن سان اِھو ذڪر ڪندا ھئا تھ سندن ان سنڌي دڪاندار يا واپاريءَ سان بھ ملاقات ٿي جنھن جو الطاف شيخ پنھنجي سفر نامي ۾ ذڪر ڪيو آھي.
”ھي ٻيٽ، ھي ڪنارا “الطاف جو نئون ڪتاب آھي پر اِھو پڻ سندس سڄي سفر جي ھڪ ڪڙي آھي. ان ڪتاب تي مھاڳ لکڻ لاءِ جڏھن ھـُـن مون کي فون ڪيو تھ ان اڪيلي ملاقات جي يادگيري ڏياريائين جيڪا ورھين اڳ ھلال پاڪستان ۾ فقير محمد لاشاري وٽ ساڻس ٿي ھئي. اِھا ملاقات مـُـون کي تھ ياد ھئي پر مونکي اھا توقع نھ ھئي تھ الطاف کي بھ اھا ملاقات ساڳي طرح ياد ھوندي. ڪتاب جو مسودو مون کي ڪتاب جي پبلشر امير ابڙو وٽان مليو.
الطاف جي ھن ڪتاب جو موضوع بنيادي طور تي دنيا جي ٻيٽن ۽ اتي رھندڙن ماڻھن متعلق آھي. اِھو ڪتاب ڪنھن ھڪ سفر جي داستان ناھي پر اِھو سندس زندگي جي سڀني ڪيل سفرن جو نچوڙ آھي. اِھو ڪتاب سنڌي پڙھندڙ لاءِ ڄڻ ٻيٽن متعلق معلومات جو ھڪ خزانو آھي.
انھن ٻيٽن جي اھميت ان وقت کان وڌڻ لڳي آھي جڏھن کان اِھا ڳالھھ دنيا تسليم ڪئي آھي تھ سمنڊ تي راڄ ڪندڙ جوئي دنيا تي راڄ ھوندو. ھن وقت جنھن نموني سان انسان قدرتي وسيلن جو بيجا استعمال شروع ڪيو آھي تيئن وڌيڪ وسيلن ھٿ ڪرڻ لاءِ سندس ھٻڇ وڌي رھئي آھي. گذريل زماني ۾ زرخيز زمينون، درياءُ جا ڪنارا ۽ چراگاھھ، ڪاھھ ڪندڙن لاءِ ڇڪ جو باعث ھوندا ھئا. ساڳي طرح ھاڻي انھن شين ۾ تيل، گيس ۽ ٻي معدنيات سان مالا مال سامونڊي ٻيٽ شامل ٿي ويا آھن. اھڙا ٻيٽ جتي انسان جي رھڻ لاءِ حالتون سازگار ناھن پر اھي ٻيٽ پنھنجي قدرتي وسيلن جي ڪري مختلف مــُـلڪن ۾ متنازعھ بڻيل آھن. اِھو تنازعو ھڪ پاسي ايران ۽ نار جي مـُـلڪن ۾ آھي تھ ٻئي پاسي چين ۽ سندس پاڙيسري مـُـلڪن جي وچ ۾ آھي.
ھن ڪتاب ۾ ٻيٽن متعلق نھايت تفصيلي معلومات ڏني وئي آھي ۽ گڏوگڏ ڪراچي جي تفصيلي ذڪر سان گڏ اتي موجود اھم ٻيٽ منھوڙي متعلق پڻ معلومات ڏني وئي آھي. بھر حال ڪتاب پڙھڻ سان ڪجھھ ڳالھين جي ضرور گھٽتائي محسوس ٿئي ٿي. ليکڪ جو گھڻو زور ٻيٽن متعلق جاگرافيائي معلومات تي آھي. انھن ٻيٽن تي رھندڙ ماڻھن جو ذڪر نھ ھئڻ برابر آھي. مالديپ ۽ ماريشـس وغيره جي سلسلي ۾ ليکڪ جيڪڏھين اھڙي معلومات ڏني بھ آھي تھ اھا بھ رڳو انھن ماڻھن متعلق آھي جيڪي ننڍي کنڊ مان لڏي اتي پھتا ھـُـئا. اتان جي مقامي ماڻھن متعلق معلومات نھ ھئڻ برابر آھي. ٻي ڳالھھ تھ انھن مقامي ماڻھن متعلق سندس نڪتھءِ نظر اھو ساڳيو گھٽ سمجھڻ وارو آھي جيڪو اتان جي آبادڪار جو آھي. ساڳي طرح سنگاپور جي ذڪر ۾ سڄو زور ”اگھاڙي پيرن کان امير بينڪر “واري ھمراھھ تي ڏنو ويو آھي جيڪا ڳالھھ ڪجھھ ھنڌن تي اجائي ڊيگھھ ۽ بور ڪندڙ محسوس ٿئي ٿي. ان جي بجاءِ جيڪڏھين ليکڪ انھن ٻيٽن تي رھندڙ ماڻھن جي زندگي، رسم و رواج ۽ طور طريقن متعلق معلومات ڏئي ھا تھ يقينا پڙھندڙن لاءِ اڃا وڌيڪ دلچسپيءَ جو باعث ھـُـجي ھا.
ڪراچيءَ جو ذڪر ۾ منھنجي خيال ۾ تھ الطاف ٽالپرن سان گھڻي رعايت ڪري ويو آھي. ٽالپرن کي ڪراچيءَ جو اونو پورو سارو ھو. ساڳي وقت کين ڪراچيءَ جي تجارتي ۽ فوجي اھميت جي خبر ھئي ۽ نھ ئي ان ڳالھھ جو ذڪر ھو تھ ڪراچيءَ وڃائڻ جو مطلب سنڌ تان ھٿ کڻڻ ٿيندو. الطاف ان ڳالھھ جو ذڪر ڪيو آھي تھ انگريزن ڪراچيءَ تي 1839ع ۾ يعني سنڌ فتح ڪرڻ کان چار سال اڳ قبضو ڪيو ھو. ميرن پاران ان ڳالھھ کي ڪا اھميت نھ ڏني ويئي ھئي ۽ نھ ئي انگريزن کان ڪراچي واپس وٺڻ لاءِ ڪا ڪوشش ورتي ويئي. سندن لاءِ ڪراچي ھڪ غير اھم علائقن ۾ ھو جيڪو خان آف قلات وٽ ھــُجي، ميرن وٽ ھجي يا انگريزن وٽ سندن صحت تي ڪو فرق نھ ٿي پيو.
بھر حال”ھي ٻيٽ، ھي ڪنارا“ رڳو سفر ڪٿا ناھي پر اِھو ھڪ تحقيقي ڪم پڻ آھي جيڪو رڳو الطاف شيخ جي ڪتابن ۾ ئي ھڪ واڌارو ناھي پر سنڌي پڙھندڙن لاءِ پڻ ھڪ ڪارائتي شيءَ آھي.

رئوف نظاماڻي

دنيا جا ڏھھ وڏا ٻيٽ

1. گرين لئنڊ (ڊئنمارڪ)
2. نيو گني (پاپئا نيو گني ۽ ايريان جايا)
3. بورنيو (ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ برونائي)
4. مئڊا گاسڪر (آفريڪا)
5. بئفن (ڪئناڊا)
6. سماترا (انڊونيشيا)
7. ھونشو (جپان)
8. برطانيھ (U.K)
9. ايلسميئر (ڪئناڊا) ۽
10. وڪٽوريا (ڪئناڊا).

ٻيٽ سونھن ۽ سڃ جي علامت

منھنجي جھاز تي گھمڻ لاءِ جيڪي منھنجا سڃاڻا اچن ٿا اھي ٻين سوالن سان گڏ دنيا جي ٻيٽن جو پڻ پڇن ٿا. اسانجي (ھندي سنڌي توڙي چيني ۽ عربي) ديومالائي ڪھاڻين يا ٻارن جي آکاڻين ۾ اسان ننڍپڻ کان ٻيٽن جو ذڪر ٻڌون ٿا.
حسين ۽ خوبصورت پري ڪوھھ قاف جبل تي نھ تھ ڪنھن ٻيٽ تي ضرور رھي ٿي. راھھ وڃايل ٻيڙيءَ وارا جنھن ٻيٽ تي پھتا اھو خبر پيئي تھ ٻيٽ نھ پر ھڪ وڏي وھيل مڇي ھئي. جھاز ٻڏڻ بعدجھاز جا ڪجھھ خوش نصيب مسافر غوطا کائي کائي جنھن ٻيٽ تي پھتا اھو ھڪ خوبصورت ڌرتي جو ٽڪرو ھو جنھن تي دنيا جي ھر ميوي جا وڻ ھئا. جتي جون انگ اگھاڙيون خوبصورت ڇوڪريون گلن جا ھار کڻي انھن بکايل اڃايل جھازي مسافرن کي ککر وانگر چھٽي ويون. ملڪ جي بادشاھھ سلامت چورن جا يا پنھنجي Over ambitious وزير جا ترا ڪڍڻ لاءِ ھن کي ھڪ اھڙي ويران ٻيٽ تي موڪلي ڇڏيو جتي سڃ پئي واڪا ڪيا. جتي کائڻ لاءِ ڪجھھ نھ ھو، جنن ڀوتن کان علاوھ ڪنھن بني بشر جو نالو نھ ھو. ڪنھن ناکئي، خلاصي، مھاڻي ماڇيءَ جو ھن ٻيٽ تي اچڻ تھ ڇا پر پري پري کان لنگھھ بھ نٿي ٿيو.
انگريز بھ خونين، چورن ۽ ٻين ڏوھارين کي سزا ڏيڻ خاطر ٻيٽن تي موڪليندا ھئا. (پنھنجن انگريز گورن کي آسٽريليا ڏي ۽ ھندستاين کي ڪاري پاڻي يعني انڊمان ۽ نڪوبار ٻيٽن تي). اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ اھي مڙيئي جڳھيون اڄ خوبصورت ٿي پيون آھن ۽ دنيا جا ٽوئرسٽ ڏوڪڙ خرچ ڪري انھن ھنڌن تي گھمڻ لاءِ وڃن ٿا. پر ان زماني ۾ - اڄ کان سئو ڏيڍ سئو سال اڳ اھي ٻيٽ ويران ۽ تباھھ حال ھئا يعني اڄ جا پڊعيدن، ڏيپار جا ۽ بدين تلھار ھئا. بھرحال دنيا جا ٻيٽ جتي سونھن، سوڀيا ۽ رومانيت جي علامت پئي رھيا آھن اتي سڃ، ڀينگ، خوف ۽ خطري جي پڻ نشاني رھيا آھن.

جپان ٻيٽن جو جھڳٽو آھي

ٻيٽ ڇا آھي؟ زمين جو اھو ٽڪرو جنھن جي چوڌاري پاڻي ھجي. يعني ڍنڍ جي ابتڙ ٿيو. ڇو جو ڍنڍ پاڻيءَ جو اھو ٽڪرو آھي جنھن جي چوڌاري زمين ھجي. اسان جي دنيا جي گولي تي پاڻي ايڏو آھي (تقريبا ٽي حصا ڌرتي پنج حصا سمنڊ) جو خلا، چنڊ، مريخ يا ٻئي ڪنھن تاري يا سياري تان اسان جي دنيا ھڪ ٻيٽ ٿي لڳي. ايشيا، يورپ ۽ آفريڪا کنڊ ڏسو يا آمريڪا ڪئناڊا- ان جي چوڌاري پاڻي ئي پاڻي (سمنڊ) آھي ۽ اھڙي صورت ۾ سڄو سارو آفريڪا کنڊ بھ ٻيٽ آھي تھ ڪئناڊا، USA کان وٺي وچ آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا بھ ٻيٽ آھي. آسٽريليا کنڊ تھ صاف صاف ٻيٽ آھي. جاگرافي جي قانون موجب سڄي ساري کنڊ کي ڇڏي باقي زمين جا حصا جن جي چوڌاري پاڻي آھي (سمنڊ جو کارو يا درياھھ جو مٺو) اھو ٻيٽ آھي. ڪيترن دريائن جي وچ ۾ بھ ننڍا وڏا ٻيٽ ٿين ٿا. جيئن ندي چائو فرايا تي بئنڪاڪ شھر آھي ان جي ڇوڙ وٽ ھڪ ٻيٽ بئنگ لين (Bang Len) تي ٿائيلينڊ جي بادشاھھ جو محلات آھي. ھونءَ دنيا جو وڏي ۾ وڏو دريائي ٻيٽ الحادو (20 ھزار چورس ڪلوميٽر پکيڙ جو) برازيل ۾ آھي جيڪو اتي جي ھڪ ندي Araguaia جي ٻن شاخن جي وچ ۾ آھي.
دنيا جا ڪي ملڪ اھڙا آھن جن کي ھڪ نھ ٻھ- ھزارين ٻيٽ آھن. بلڪ اھي ملڪ انھن ٻيٽن جا جھڳٽا آھن جيئن انڊونيشيا، فلپين، وغيره. آئون پنھنجن شاگردن کي انھن ٻيٽن لاءِ ھميشھ شيشي جي ٿانو جو مثال ڏيئي ٻڌائيندو آھيان تھ ھٿ مان ڪرڻ تي ان جا ٽڪرا ٽڪرا سڄي ڪمري ۾ پکڙجيو وڃن ۽ پوءِ انھن ٽڪرن ۾ ڪي وڏا ھوندا آھن تي ڪي ننڍا تھ ڪي بنھھ ننڍڙا ڇيتون ڇيتون. انڊونيشيا ۽ فلپين جھڙن ملڪن جا ھزارين ٻيٽ بھ ائين سمنڊ ۾ پکڙيل آھن. جن مان ڪي جاوا، سماترا، بورنيو، لوزان ۽ مندانائو جھڙا وڏا آھن تھ ڪي تمام ننڍا ننڍا. ڪي تھ وري ايڏو ننڍا آھن جن تي ٻھ کٽون مس پون. ڪن تي آدم زاد آھي تھ ڪي ويران جنگل يا رڻ پٽ آھن. ڪي سمنڊ جي سطح کان ايترو تھ معمولي مٿي آھن جو وير چڙھڻ تي ڏينھن ۾ ٻھ دفعا ٻڏيو وڃن. چانڊوڪي راتين ۾ سڄي رات گم رھن ٿا. (چوويھھ ڪلاڪن ۾ ٻھ دفعا سمنڊ اڀامي ٿو يعني High Tide ٿئي ٿي ۽ ٻھ دفعا سـُـسي ٿو يعني Low Tide ٿئي ٿي. جڏھن سڄو چنڊ ڌرتيءَ جي مٿان اچي ٿي تھ چنڊ جي ڪشش ڪري سمنڊ اڃان بھ گھڻو اڀامي ٿو يعني منجھس وڏيون ڇوليون پئدا ٿين ٿيون) جپان پڻ ڏٺو وڃي تھ ٻيٽن جو جھڳٽو آھي جنھن جا چار ٻيٽ؛ ھڪيدو، ھونشو، شڪاڪو ۽ ڪيوشو وڏا آھن. ھونشو ٻيٽ تي ٽوڪيو، ڪوبي، اوساڪا ۽ نگويا جھڙا مشھور شھر آھن. انھن ٻيٽن کان علاوه اوڪيناوا جھڙا سوين جپاني ٻيٽ جيڪي سائيز ۽ اھميت ۾ گھٽ آھن پئسفڪ سمنڊ جي اتر ۽ ڏکڻ ۾ ھزارين ميلن تائين پکيڙيا پيا آھن. اتر ۾ جپان ۽ روس جا ڪجھھ ٻيٽ ائين گڏ مڏ ٿي ويا آھن جو اڃان تائين فيصلو نھ پيو ٿي سگھي تھ ڪھڙي ملڪ جا آھن. دنيا جي مختلف سمنڊن تي يتيم ٻارن وانگر ھزارين لاوارث ٻيٽ آھن جن جو ڪو سنئون سبتو ڌڻي سائين نظر نٿو اچي.اتي رھندڙ غريب عوام زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن لاءِ واجھائيندو رھي ٿو. پيئڻ جي پاڻي، بجلي ۽ دوا درمل جھڙين معمولي سھوليتن لاءِ اھڙن ٻيٽن جا رھاڪو ڀروارن ملڪن جي حڪومتن کي ٻاڏائيندا رھن ٿا پر ھو ڪن لاٽار ئي ڪندا رھن ٿا. جنھن وقت انھن ٻيٽن مان ڪنھن قيمتي ڌاتو يا تيل نڪرڻ جي خبر پوي ٿي تھ پوءِ ھر ملڪ ان جو مالڪ بنجيو وڃي. جيئن ويجھڙائي ۾ ڏکڻ چيني سمنڊ جي ھڪ ٻيٽ اسپرئٽلي (Spratlay I) تي ڀروارن ملڪن جو ڦڏو ٿي پيو آھي. ھن ٻيٽ جي مليٽري اھميت ۽ تيل نڪرڻ ڪري ھاڻ چين، ملائيشيا، فلپين، ويٽنام ۽ انڊونيشيا ان تي پنھنجي مالڪيءَ جو حق ڏيکارڻ لڳا آھن.

دنيا جو سڀ کان وڏو ٻيٽ

دنيا جي کنڊن (آفريڪا، آسٽريليا وغيره) کي ڇڏي دنيا جا ڏھھ وڏا ٻيٽ ڳڻيا وڃن تھ سڀ ۾ وڏو ٻيٽ گرين لئنڊ (Green land) آھي. گرين لئنڊ فقط نالي ۾ Green يعني سائو آھي پر برف جي ڪري کير جھڙو اڇو آھي. ھن ٻيٽ جو 85فيصد سال جا ٻارھن ئي مھينا برف سان ڍڪيل رھي ٿو ۽ سياري جا اٺ نو مھينا تھ سڄو برف ۾ پوريو پيو آھي ۽ ڪٿي ڪٿي تھ ان برف جا تھھ ٽي ٽي ميل اونھا آھن. گرين لئنڊ اتر قطب جي ويجھو، اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آھي. ھي ٻيٽ ڊئنمارڪ جي قبضي ۾ آھي. سندس پکيڙ ٻاويھھ لک چورس ڪلوميٽر آھي. ان حساب سان گرين لئنڊ پنھنجي اصلي ملڪ ڊئنمارڪ کان 44 دفعا وڏو آھي ڇو جو ڊئنمارڪ جي پکيڙ اڌ لک چورس ڪلوميٽرن کان بھ گھٽ آھي. ٻارھو ئي برفباري ٿيڻ ڪري گرين لئنڊ ۾ تمام گھٽ عوام رھي ٿو- اٽڪل ستر اسي ھزار کن ماڻھو. انھن مان وڏو تعداد ھتي جا مڪاني ماڻھو آھن جيڪي ايسڪيموز سڏجن ٿا ۽ رھڻ لاءِ ھو جيڪي برف جا گول گھر ٺاھين ٿا انھن جو نالو اگلو (Igloo) آھي جنھن نالي سان اسان جي ملڪ جي آئس ڪريم مشھور آھي.
گرين لئنڊ جيتوڻيڪ ڊئنمارڪ جو ٻيٽ آھي پر اھو ڊئنمارڪ يا يورپ کنڊ کان وڌيڪ ڪئناڊا جي ويجھو آھي. سندس گاديءَ جو ھنڌ گوڊٿاب (Godthaab) آھي جيڪو ڪئناڊا جي سينٽ جان جھڙن بندرگاھن کي ويجھو آھي جتي اسان کي اونھاري جي موسم ۾ ڪيترائي دفعا جھاز وٺي وڃڻو پيو ٿي. خاص ڪري نيويارڪ پھچي پوءِ اتر ڏي ڪئناڊا وڃڻو پوندو ھو جتان پوءِ ڊئنمارڪ، ناروي يا انگلينڊ پھچڻ سولو ٿيندو ھو. جن ماڻھن يا گھٽ ۾ گھٽ جھازين ان روٽ route وارو سفر ڪيو ھوندو يا ھڪ عام ماڻھو دنيا جي نقشي کي سامھون رکندو تھ ھن کي ناروي وارن جي اھا ڳالھھ مڃڻ ۾ دير نھ لڳندي تھ (آمريڪا) اسپين جي رھاڪو ڪولمبس جي ڳولڻ کان 500 سال اڳ ناروي پاسي جي جھازين (Vikings) ڳولي لڌي ھئي جن کي- يعني وائيڪنگ کي يورپ جا ماڻھو کڻي ڦورو ۽ ڌاڙيل سمجھن پر ھو پنھنجن ماڻھن (نارويجن) لاءِ بھترين جھازران (Navigators)ھئا. نقشي ۾ ڏسڻ سان صاف ظاھر ٿئي ٿو تھ ناروي، آئسلينڊ، گرين لئنڊ ۽ ڪئناڊا ھڪ ٻئي جي ويجھو ويجھو آھن ۽ ناروي جي جھازين لاءِ پنھنجين ٻيڙين ذريعي ڪئناڊا ۽ آمريڪا پھچڻ ائين ھو جيئن ڪچي جي ماڻھن لاءِ درياھھ ٽپڻ. پر ناروي جي جھازين انھن مسافرين جي (جيڪي ھنن لاءِ ھڪ عام ڳالھھ ھئي) ڪولمبس وانگر اشتھار بازي نٿي ڪئي ۽ نھ علي الاعلان ڍنڍورو پٽيو ٿي. ان ڪري اڄ جو نارويجن باشندو حق بجانب آھي جڏھن ھو ڪاوڙ مان چوي ٿو تھ آمريڪا ۾ پھرين اسپين جو ڄٽ ڪئيپٽن ڪولمبس نھ پر اسان جو نارويجن ليف ارڪسن پھتو ھو. ھا اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ ڪولمبس پھريون شخص ھو جنھن ان بابت پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ ماڻھو اڄ ڏينھن تائين ان غلط فھميءَ ۾ آھن تھ ڪولمبس ڪو وڏو ڄاڻو مڙس ھو.
ھو ڪولمبس کي ڄٽ ڪئپٽن يا جاھل Navigator چوڻ ۾ بھ غلط نھ آھن جو ڪولمبس اسپين جي بادشاھھ کي خرچ ڪرائي وڏو جھاز ۽ مدد لاءِ ماڻھو وٺي چڱو مڙس ٿي ايسٽ انڊيز- يعني انڊونيشيا، ملايا جھڙن ملڪن لاءِ نڪتو ھو تھ اجھو ٿو جھاز کي لونگن، ڦوٽن ۽ ڪارين مرين سان ڀرائي موٽان پر رستو نھ ملڻ ڪري ڀلجي وڃي آمريڪا جي بھاما، ڪيوبا، ھائتي ۽ ٽرنيڊاڊ ٻيٽن کان نڪتو (جنھن کي پوءِ ويسٽ انڊيز جو نالو ڏنو ويو.) ھاڻ ڪيڏانھن ايسٽ انڊيز ۽ ڪيڏانھن ويسٽ انڊيز. اھو تھ چڱو جو دنيا بال وانگر گول آھي پر جيڪڏھن واقعي رومال وانگر چورس ۽ سڌي سنواٽي لسي ھجي ھا (جيئن سائنس جي ترقي کان اڳ ماڻھن سمجھيو ٿي) تھ ھي نڀاڳو ڪولمبس پاڻ سان گڏ جھاز ۽ خلاصين کي بھ ڌڪو کارائي ھا- يعني جھاز رومال جي آخري ڇيڙي تائين پھچي خلا ۾ ڪري پوي ھا.

پاپئا معنيٰ گھنڊي وار

گرين لئنڊ کانپوءِ ٻئي نمبر تي وڏو ٻيٽ نيو گني (New Guinea) آھي جيڪو آسٽريليا جي ويجھو پئسفڪ سمنڊ ۾ آھي. نيو گني ٻيٽ جي پکيڙ اٺ لک کن چورس ڪلوميٽر آھي يعني اسانجي پاڪستان جيڏو آھي. نيوگني ٻيٽ ٻن حصن ۾ ورھايل آھي. ساڄي پاسي وارو اڌ پاپئا نيوگني سڏجي ٿو ۽ ھڪ آزاد ملڪ آھي. کاٻي پاسي وارو ايريان جايا ھيستائين تھ انڊونيشيا جي ھٿ ۾ ھو پر ھن سال (2000-01)، اتي رھندڙ عيسائين ۽ مسلمانن جي خونريز جھڳڙن بعد آسٽريليا ۽ ٻين طاقتور ملڪن جي اکين ڏيکارڻ تي انڊونيشيا حڪومت کي ھن کي خودمختياري ڏيڻي پئي. نئين دنيا جي ڳولھا ۾ ھي ٻيٽ پھرين پورچوگالين ۽ اسپيني جھازين کي نظر آيو. اسپين ۽ پورچوگال ٻئي پاڙيسري يورپي ملڪ آھن. ڊچ ۽ انگريزن وانگر ھنن ملڪن جا ماڻھو بھ سٺا جھازي ھئا ۽ ويا ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي قبضو ڪندا. ان کان اڳ ۾ سمنڊن تي مسلمانن جو راڄ ھو ۽ ڪنھن يورپيءَ کي خواب خيال ۾ بھ نھ ھو تھ مسلمان سمنڊ لتاڙي آفريڪا کان يورپ ھلي ايندا ۽ اسپين، پورچوگال ۽ فرانس جي ڪجھھ حصن تي بنو اميھ خاندان جو ست سؤ سال کن قبضو رھندو. ان بعد يورپين اھو ئي نتيجو ڪڍيو تھ دنيا تي ان جي حڪومت رھندي جن جي حڪومت سمنڊن تي رھندي ۽ سمنڊن تي انھن جو راڄ ھوندو جيڪي جھاز رانيءَ ۾ ڀڙ ھوندا. ويھين صديءَ جي اڌ تائين سڄي ايشيا، آفريڪا ۽ آمريڪا تي يورپي ملڪن جو قبضو ٿي ويو- ڪو ھڪ ٻھ ملڪ سيام (ٿائلنڊ) جھڙو يورپين يا انگريزن جي ڪالوني ٿيڻ کان بچي ويو. بھرحال انڊونيشيا جي ٻيٽن جي ھن قطار ۾ سڀ کان ھن وڏي ٻيٽ نيوگني تي جڏھن پورچوگالي ۽ اسپيني پھتا تھ ھن ٻيٽ جي مڪاني ماڻھن جا گـُـھنڊي وار ڏسي پورچوگالين ان جو نالو پاپئا (Papua) رکيو معنيٰ گھـنڊي وار ۽ اسپيني ماڻھن نيو گني رکيو. ھن ٻيٽ جي کاٻي پاسي (يعني الھندي پاسي) واري اڌ تي 1828ع ۾ ڊچن قبضو ڪيو ۽ ساڄي پاسي (يعني اڀرندي پاسي) وارو باقي اڌ جيڪو آسٽريليا پاسي آھي اھو جرمني ۽ انگلينڊ ورھائي کنيو. ڪجھھ عرصي کانپوءِ انگلينڊ پنھنجي حصي جو ٻيٽ آسٽريليا حوالي ڪيو جن پھرين وڏي لڙائيءَ بعد جرمنن کي ڀڄائي انھن جو حصو بھ پنھنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ اڌ جنھن جو نالو ايريان جايا ھو اھو 1963۾ انڊونيشيا حوالي ٿيو. ان کان اڳ نھ فقط ايريان جايا تي پر انڊونيشيا جي سڀني ٻيٽن (جاوا، سماترا، بالي وغيره وغيره) تي ڊچن (يعني ھالنڊ وارن) جو قبضو ھو جيئن 1947 کان اڳ سڄي انڊو پاڪ تي انگريزن جي حڪومت ھئي. آسٽريليا وارن پنھنجي حصي واري اڌ ٻيٽ (پاپئا نيو گني) کي 1975 ۾ آزاد رياست جو درجو ڏنو ۽ باقي اڌ يعني اريان جايا کي بھ انڊونيشيا کان کسرائي خودمختيار بنايو جنھن جو ذڪر شروع ۾ لکي آيو آھيان.

بورنيو جي باھھ مينھن ئي وسائي

گرين لئنڊ ۽ نيو گني بعد ٽئي نمبر تي وڏو ٻيٽ بورنيو آھي. بورنيو ٻيٽ فلپين جي ٻيٽن کان بلڪل ھيٺ ڏکڻ ۾ پئسفڪ سمنڊ ۾ آھي. بورنيو ٻيٽ سان وابستھ قصا ڪھاڻيون انگريزن توڙي چيني، انڊين ٻين ماڻھن تمام گھڻا لکيا آھن. ھن ٻيٽ جي بئڪ گرائونڊ ۾ ڪيترائي افسانا ۽ ناول آھن. ملائيشيا کان جڏھن واپس آيو ھوس تھ مون وٽ بھ ڊزن کن اھڙا ڪتاب ھئا جيڪي نيوز لائين رسالي ۾ ان وقت ڪم ڪندڙ حسن مجتبيٰ ۽ نفيسھ شاھھ کي ڏئي آيس جيڪي ان ٻيٽ تي ڪنھن اخباري assignment جي سلسلي ۾ وڃي رھيا ھئا.
بورنيو ٻيٽ جي پکيڙ سوا ست لک چورس ڪلوميٽر آھي. بورنيو ٻيٽ تي ڪـَـئين مڪاني حاڪمن ۽ راجائن جي حڪومت رھي جن مان ھڪ انگريز بھ ھو جيڪو سفيد راجا (White Raja) سڏبو ھو. ٻيٽ جو وڏو اڌ انڊونيشيا جو حصو آھي ۽ ڪالمينتان (Kalimantan) سڏجي ٿو. اتر ۾ رياستون سباح ۽ سراواڪ ملائيشيا جي تيرھن رياستن مان ٻھ آھن ۽ اھي ٻھ رياستون مشرقي (East) ملائيشيا سڏجي ٿو باقي مغربي ملائيشيا ٿائيلينڊ ۽ سنگاپور جي وچ ۾ آھي. جنھن ۾ باقي يارھن رياستون: پينانگ، ملاڪا، جوھور، پيراق، ترنگانو وغيره آھن. ملاڪا جي مئرين اڪيڊمي ۾ مونکي اٺ نو سال پڙھائڻ جو موقعو مليو ھو ۽ پينانگ ۽ پورٽ ڪلانگ (سيلنگور رياست) ۾ سامونڊي زندگي وارن ڏينھن ۾ جھاز وٺي اچڻو پوندو ھو.
بورنيو ٻيٽ تي مشرقي ملائيشيا جي ٻن رياستن: سباح ۽ سراواڪ جي وچ ۾ ھڪ ٻي آزاد رياست برونائي آھي جيڪو ملڪ پيٽرول ۽ گئس جي ڪري دنيا جو امير ترين ملڪ مڃيو وڃي ٿو. برونائي تي سڌي يا اڻ سڌي طرح انگريزن جي حڪومت ھئي. 1984 ۾ برونائيءَ کي خودمختياري ملي.
ھن پاسي مينھن تمام گھڻو پوي ٿو. سڄو بورنيو ٻيٽ جنگل ۽ گھاٽن ٻيلن سان ڀريو پيو آھي ۽ وڻ، گاھھ ۽ وليون ايڏيون پراڻيون، وڏيون ۽ گھاٽيون آھن جو ماڻھوءَ جو ڪن ڪن ھنڌن تان لنگھڻ ناممڪن آھي. وڻن جون چوٽيون ھڪ ٻئي سان ائين مليون پيون آھن جو منجھند مھل بھ ھنن ٻيلن مان لنگھندي اونداھھ رھي ٿي. ٽنڊو قيصر ۾ تھ فقط ھڪ وڻ (نم جو) سؤ سال پراڻو آھي پر بورنيو ٻيٽ تي تھ لکين وڻ پراڻا آھن جيڪي لڳاتار مينھن ڪري وڌندا وڃن ٿا. ھتي جا ٻيلا (بارشي ٻيلا) Rain Forests سڏجن ٿا. اھڙي گھاٽي ساوڪ ۾ ڪيترن ئي قسمن جا جيت جڙا، جـَـڙيون ٻوٽيون، پکي پکڻ ۽ مرون جانور رھن ٿا. مختلف شين جو علم حاصل ڪرڻ يا ھتي جي ٻوٽن مان دوائن لاءِ تت ڪڍڻ لاءِ يورپ ۽ آمريڪا جي يونيورسٽين جا شاگرد Ph.D لاءِ کوجنائون ڪرڻ اچن ٿا. پکين ۾ ھڪ پکي جيڪو تمام وڏي قدبت جو ۽ سھڻو ٿئي ٿو جنتي پکي (Brid of Paradise) سڏجي ٿو. ان کان علاوه ھارن بل (Horn Bills) وڏا واڏ طوطا جن کي ملئي زبان ۾ ڪاڪا توئا ۽ انگريزي ۾ ڪاڪئٽو سڏجي ٿو ڌارين ماڻھن لاءِ ڪشش جو باعث آھن. جانورن ۾ ھڪ خاص قسم جو ڀولڙو اورانگ اتان (Orang Utan) جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو تھ انسان ذات سان تمام گھڻو ملي ٿو، ھن ٻيٽ بورنيو تي ئي نظر اچي ٿو.
ڪڏھن ڪڏھن بارش نھ پوڻ ۽ سخت گرمي ڪري ھتي جي ٻيلن ۾ باھھ بھ لڳيو وڃي ۽ پوءِ اھا باھھ وسائڻ انسان ۽ ھيليڪاپٽر جي وس جي ڳالھھ نھ آھي. ان باھھ کي قدرت ئي مينھن وسائي ختم ڪري سگھي ٿي. ملائيشيا ۾ جن ڏينھن ۾ آئون ھوس تھ مشرقي ملائيشيا جي بورنيو واري رياست سراواڪ جي جنگل کي ھڪ دفعي اچي باھھ لڳي. يارھن ڏينھن ٻيلا سڙندا رھيا پوءِ ٻارھين ڏينھن مينھن وسڻ تي باھھ وسامي. ان بعد اندازو ڪيو ويو تھ سنگاپور ٻيٽ جيڏو علائقو سڙي رک ٿي ويو. پر اھو آھي تھ مينھن جي لڳاتار وسڻ ڪري اھي علائقا وري سر سبز ٿيو وڃن.

ليمور مئڊاگاسڪر جو خاص جانور آھي

دنيا جي وڏن ٻيٽن ۾ چوٿين نمبر تي مئڊا گاسڪر ٻيٽ آھي جيڪو ڪجھھ عرصو اڳ ملاگاسيءَ جي نالي سان پڻ سڏيو ويو پئي. ھن ٻيٽ جي پکيڙ ڇھھ لک کن چورس ڪلوميٽر آھي. ھي ٻيٽ ھندي وڏي سمنڊ ۾ آفريڪا جي ويجھو آھي بلڪ آفريڪا جي ملڪ موزمبق جي سامھون آھي. موزمبق ۽ ھن ٻيٽ جي وچ ۾ جيڪو سمنڊ جو حصو آھي اھو موزمبق چئنل سڏجي ٿو. ممباسا يا دارلسلام بندرگاھن مان نڪرڻ وقت جھاز کي ھن چئنل مان وٺي ڪيپ ٽائون يا ڪيپ آف گڊ ھوپ پار ڪرڻي پوندي ھئي. ڪراچيءَ مان سڌو نڪرڻ وارا جھازي بھ ھي چئنل ڏئي اڳتي وڃن ٿا. ھونءَ تھ ھن پاسي سمنڊ ايڏو خراب رھي ٿو جو ڪڏھن ڪڏھن ھن چئنل مان جھاز اڪارڻ وارن جي بھ حالت خراب ٿي ويندي آھي. پر تڏھن بھ ٻاھرين پاسي يعني ھندي وڏو سمنڊ ڏئي ھلڻ کان وري بھ ھي موزمبق چئنل غنيمت سمجھيو وڃي ٿو. ھي ٻيٽ ڊيگھھ ۾ ڏيڍ ھزار ڪلوميٽر کن ٿيندو ۽ ٽيھھ ڪلوميٽر رفتار واري جھاز کي ھي چئنل پار ڪرڻ ۾ ٻھ ڏينھن لڳيو وڃن. موزمبق جي منھن وٽ ”ڪرمورو“ نالي ننڍا ٻيٽ آھن ۽ ساڄي پاسي يعني اڀرندي طرف دنيا جا مشھور ۽ مختصر ٻيٽ موريشس آھن.
ھي ٻيٽ (مئڊا گاسڪر) ڪنھن ملڪ جو حصو نھ پر سنگاپور وانگر الڳ ٿلڳ ملڪ آھي. آدمشماري ھڪ ڪروڙ کن اٿس ۽ ڪيتريون ئي مڪس قومون رھن ٿيون. ھي ٻيٽ جيتوڻيڪ آفريڪا جي ويجھو آھي (اٽڪل 400 ڪلوميٽرن جي فاصلي ٿي ٿيندو پر ڏکڻ آفريڪا توڙي اوڀر آفريڪا جي ملڪن کان بلڪل نرالو آھي. تواريخدانن مطابق ھن ٻيٽ تي سڀ کان پھريان ماڻھو اڄ کان ٻھ ھزار سال کن اڳ يعني حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ڏينھن ۾ آيا ۽ اھي آفريڪا جي ڪنھن ملڪ بدران ملايا (اڄ جي ملائيشيا) ۽ انڊونيشيا جا ھئا جن ھتي پھچي ميرينا نالي سلطنت قائم ڪئي جن جي زبان مالاگاسي (جنھن جو بنياد ملئي ۽ پئسفڪ ٻيٽن جي زبانن مان آھي) اڄ بھ سڄي ٻيٽ تي ھلي ٿي. آفريڪا جا ماڻھو پنھنجي مرضيءَ سان ھن ٻيٽ تي نھ آيا پر ھي ملئي ۽ انڊونيشي ماڻھو آفريڪا کنڊ تان زالون ۽ غلام وٺي آيا. بعد ۾ ڪجھھ عرب، چيني ۽ ننڍي کنڊ جا ماڻھو بھ واپار خاطر ھتي اچي رھي پيا. 1500ع سن کانپوءِ انگريزن ۽ فرينچن آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو پر مئڊا گاسڪر جي Merina سلطنت ايترو تھ منظم ھئي جو ھو وڏي عرصي تائين يورپين جا ڏند کٽا ڪندا رھيا. بھر حال آخر ۾ ڪجھھ عرصي لاءِ ھي ٻيٽ فرينچ حڪومت جو حصو ٿي رھيو ۽ اڄ بھ ھن ٻيٽ جا امير ۽ وڏا ماڻھو پاڻ ۾ فرينچ ڳالھائيندي فخر محسوس ڪن ٿا.
مئڊا گاسڪر ٻيٽ نما ملڪ جي گاديءَ وارو ھنڌ انتاناناري وو (Antananarivo) آھي جيڪو حيدرآباد جيڏو وڏو شھر آھي ۽ 15 لک آدمشماري اٿس. ٻئي نمبر تي وڏا شھر توماسينا ۽ مھاجنگا آھن جيڪي ٻئي بندرگاھھ آھن. ملڪ جي قومي زبان ملاگاسي ۽ فرينچ آھي پر انگريزي بھ ڳالھائي وڃي ٿي. فرانس کان کيس آزادي 1960۾ ملي. گھڻي آدمشماري ۽ بيڪار قسم جي سياسي نظام ۽ حڪومت ڪري ملڪ جي معاشي حالت تباھھ ٿي وئي آھي. ملڪ جو رڳو زور امداد ۽ قرض حاصل ڪرڻ تي ٿي پيو آھي. ملڪ کي پنھنجي ھوائي ڪمپني Air Madagascar آھي پر ان جا حال بھ پورا سارا آھن. ايئرفرانس، ايئرو فلوٽ ۽ ايئرموريشس جا ھوائي جھاز بھ ھفتي ۾ ھڪ دفعو ھن ٻيٽ تي مسافر کڻي اچن ٿا.
مئڊا گاسڪر جي خاص ايڪسپورٽ لؤنگ ۽ ڪافي آھي جنھن مان ھو غير ملڪي ناڻو ڪمائين ٿا. جيئن ڪئنگرو جانور آسٽريليا جو خاص جانور آھي ۽ ڪيوي پکي نيوزيلئنڊ جو تيئن ھتي جو خاص جانور ليمور (Lemur) آھي جنھن جون ھتي 33 جنسون آھن ۽ اھو جانور ھن ٻيٽ جي ئي خصوصيت آھي. مئڊاگاسڪر جو ٻيٽ پاڪستان وانگر دنيا جي اتر اڌ گول ۾ ھجڻ بدران ڏکڻ اڌ گول ۾ آھي يعني جڏھن اسان وٽ سيارو آھي تھ ھن ٻيٽ تي اونھارو ۽ جون جولاءِ جھڙن مھنن ۾ جڏھن اسان وٽ ۽ اتر اڌ گول Northern Hemisphere جي ٻين ملڪن ۾ گرمي ٿئي ٿي تھ مئڊاگاسڪر ۾ سخت سيءَ.

ڪئناڊا ڪتريل پني وانگر آھي

گرين لئنڊ، نيو گني، بورنيو ۽ مئڊاگاسڪر بعد پنجين نمبر تي وڏو ٻيٽ بئفن (Baffin) آھي. بئفن ٻيٽ ڪئناڊا جو اتراھون حصو آھي ۽ اتر ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آھي. دنيا جي نقشي ۾ ڏسبو تھ آمريڪا (USA) ھڪ يڪو ٽڪرو (Piece)آھي. ان مٿان اتر ۾ ڪئناڊا آھي. ڪئناڊا ان پني وانگر لڳي ٿو جيڪو ڪو ڪوئو يا اڏوھي ڪـُـتري وئي ھجي ۽ ان ڪتريل پني جا ٽڪرا کائڻ بدران اتي ئي ڇڏيل ھجن ۽ اھي ڪتريل پني جا ننڍا وڏا سوين ذرڙا ڪئناڊا جا ٻيٽ آھن. انھن ٻيٽن ۾ سڀ کان وڏو ٻيٽ بئفن آھي جيڪو دنيا جو پنجين نمبر تي وڏي ۾ وڏو ٻيٽ آھي. سندس پکيڙ پنج لک چورس ڪلوميٽر آھي. تمام گھڻو اتر ۾ ھجڻ ڪري ٻارھوئي سخت برف باري ۽ ٿڌ رھي ٿي. ڪئناڊا ۾ ھونءَ ئي ماڻھو گھٽ آھن پر ھنن اتراھن ٻيٽن ۾ تھ اڃان بھ گھٽ آھن. پوءِ اتي جي ڪارخانن ۽ بندرگاھن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ماڻھن جي ضرورت پوي ٿي ۽ جڏھن اھڙي ٿڌ ۾ ڏکيا ۽ ھيٺائين درجي جا ڪم ھنن جا پنھنجا مڪاني ماڻھو بھ نٿا ڪن تھ ڪئناڊا جي حڪومت آفريڪا ۽ ايشيا جي غريب ملڪن مان ماڻھن کي اميگريشن جي لالچ ڏئي گھرائي ٿي ۽ دنيا کي اھو ئي ٻڌائين ٿا تھ ھو انسانيت خاطر سريلنڪا جي دربدر تاملن کي، صدام جي ظلم ھيٺ آيل عراقين کي، سوماليا جي ڏڪارين کي اجھو، اٽو ۽ لـَـٽو ڏئي رھيا آھن. جيڪو اصل ۾ ان نيڪيءَ پيٺيان ھنن جو پنھنجو مقصد، سستا مزور ھٿ ڪرڻ، آھي. جيئن اسان وڏيرو ڦٽيءَ جي چونڊي، ڀاڄي ڀتي پوکرائڻ ۽ ٻيا ھيٺاھين درجي جا سستي اگھھ تي ڪم وٺڻ لاءِ پنھنجي زمين تي، ضرورت مطابق، ھڪ مقرر تعداد باگڙي ڀيلن جو رکي ٿو. ھن جي ڪا باگڙي ڀيلن سان مائٽي يا ھمدردي ناھي پر ھنن کي گھر ٺاھي رھڻ جي اجازت ڏيڻ پويان سـَـستي مزوري حاصل ڪرڻ آھي. اھو ئي حال ھنن ملڪن جو آھي. بئفن ۽ ڪئناڊا جي ٻين ڀروارن ٻيٽن وڪٽوريا، ڊيوان (Devon) ۽ بئنڪ جي پاري جھڙي ٿڌ ۽ اونداھن ڏينھن ۾ اسان جي ٽي دنيا جا ماڻھو مڪاني ماڻھن کان وڌيڪ نظر اچن ٿا.
ڪئناڊا جي بئفن ٻيٽ ۽ ڊئنمارڪ جي گرين لئنڊ ٻيٽ جي وچ ۾ ايترو فاصلو آھي جيترو ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ ۽ ان وچ واري سمنڊ جو اڌ حصو ڪافي ويڪرو ۽ اونھو آھي ۽ ھڪ قسم جو خليج ٺاھي ٿو جيڪو ”خليج بئفن“ سڏجي ٿو جيئن بنگلاديش ۽ ڪلڪتي وارو سمنڊ خليج ٺاھي ٿو ۽ خليج بنگال سڏجي ٿو. ڪئناڊا پاسي ھڪ ٻيٽ کان ٻئي ٻيٽ تي پھچڻ لاءِ آسان سواري فيري آھي. ٻيٽن جي وچ ۾ (سمنڊ ۾) سوين فيريون ھلن ٿيون. انھن فيرين تي اسان جي ملڪ جا ڪيترائي مئرين انجنير ۽ نيويگيٽر (Navigators) ڪم ڪن ٿا. ھونءَ بھ سمنڊ ۾ جھاز ھلائڻ صحرا ۾ ڀٽڪڻ آھي ۽ ھنن چئنلن ۾ فيري ھلائڻ ائين آھي جئين حيدرآباد کان سنڌ يونيورسٽي تائين ٽئڪسي ھلائڻ- يعني رستو بھ صاف ۽ لسو، مسافر بھ پڙھيل ڳڙھيل ۽ سلجھيل- رستي تي خرابي ٿي پوي تھ مدد ڪرڻ ۽ ٽئڪسي ٺاھي ڏيڻ لاءِ ڪيتريون ئي سواريون ھر وقت لنگھندي نظر اچن ٿيون. سڀ کان وڏي ڳالھھ تھ کلئي سمنڊ وارا نھ لوڏا ۽ لھرون آھن ۽ نھ وري طوفان ۽ Sea Sickess جي مصيبت.

دنيا جو نائون ۽ ڏھون ٻيٽ پڻ ڪئناڊا ۾ آھي

ڪئناڊا جي ھن ٻيٽ بئفن ڀرسان ٻيا بھ ڪيترائي اھم ٻيٽ آھن. دنيا جي ڏھن وڏن ٻيٽن ۾ ڪئناڊا جو ھي ٻيٽ تھ پنجين نمبر تي اچي ٿو ان کان علاوھ نائين نمبر وارو ٻيٽ ايلسميئر Ellesmere ۽ ڏھين نمبر تي وڪٽوريا پڻ ڪئناڊا جا ٻيٽ آھن. ايلسميئر بئفن ٻيٽ کان بھ گھڻو اتر ۾ آھي جتي ٻارھوئي برف رھي ٿي جنھن تي اڇا برفاني رڇ آھن يا اسڪيموز ۽ سندن ٿلھي بج وارا ڪتا. ھن ٻيٽ جي پکيڙ ٻھ لک سترھن ھزار چورس ڪـلوميٽر آھي اھڙي طرف وڪٽوريا ٻھ لک چورس ڪلو ميٽر آھي. جيڪو ايلسميئر جيترو کڻي گھڻو اتر قطب ۾ نھ آھي پر تڏھن بھ الاسڪا کان گھڻو مٿي اتر ۾ آھي. يعني سائبيريا جي ختم ٿيڻ بعد آھي. ھن سال سائبيريا جي ڏاکڻن علائقن ۾ بھ ڪاٽو چاليھھ (-40) ڊگريون ٿڌ رھي. سال جو وڏو حصو خبر ئي نھ پوندي آھي تھ ھي ٻيٽ ڪٿي ختم ٿئي ٿو ۽ سمنڊ ڪٿان شروع ٿئي ٿو ڇو جو سمنڊ جو پاڻي بھ برف ٿيو ھوندو آھي. ماڻھو ۽ جانور جيئن ٻيٽ مٿان پيا ھلندا آھن تيئن سمنڊ مٿان. مڇين ڦاسائڻ لاءِ بھ سمنڊ جي مٿان کڏ کوٽي ڳڙکو ٺاھي پوءِ ھيٺ پاڻيءَ ۾ مڇي ڦاسائڻ جو ڪانٽو ڦٽو ڪن يا لنگھندڙ مڇيءَ کي ڀالي سان مارين. ٿڌ ٿيڻ ڪري سمنڊ جو مٿيون حصو برف ٿيو وڃي پر ھيٺ سمنڊ رھي ٿو ۽ سمنڊ جي مخلوق ھھڙي ٿڌ ۾ بھ ھيٺ صحيح سلامت ھلندي رھي ٿي. دنيا جي ھر شيءَ ٿڌي ٿيڻ ڪري ڄمي ٿي، سـُـسي ٿي ۽ ڳري ٿئي ٿي. ھڪ پاڻي اھڙي شيءَ آھي جيڪو ٿڌ ۾ ڄمي ضرور ٿو پر سسڻ ۽ ڳري ٿيڻ بدران ڦونڊي ٿو ۽ ھلڪو ٿئي ٿو. ان ۾ ڏٺو وڃي تھ قدرت طرفان انسان ذات لاءِ ڀلائي آھي. جيڪڏھن پاڻي بھ برف ٿيڻ تي سسي ھا ۽ برف ڳري ٿئي ھا تھ پوءِ سمنڊ جي مٿاھن تھن جو پاڻي برف جون ڇپون بنجڻ بعد ترڻ بدران ھيٺ تر وڃي وٺن ھا ۽ انھن ميلن جا ميل سمنڊ جي حصي جون مڇيون برف جي ڇپن ھيٺان چپجي مري وڃن ھا.
دنيا جي ڏھن وڏن ٻيٽن مان ست ٿي ويا باقي ٽي ھن ريت آھن ڇھين نمبر تي سماترا ٻيٽ آھي، ستين تي ھونشو (Honshu) ۽ اٺين تي برطانيا.

انڊونيشيا جو جاوا، سماترا ۽ بالي ٻيٽ

سماترا ٻيٽ جي پکيڙ سوا چار لک چورس ڪلو ميٽر آھي. سماترا بورنيو وانگر انڊونيشيا جو ٻيٽ آھي. دراصل ڪي ملڪ ٻيٽن جا جھڳٽا آھن جيئن تھ انڊونيشيا، فلپين ۽ جپان وغيره. بنگلاديش جي ھيٺان اندامان ۽ نڪوبار ٻيٽن کان وٺي انڊونيشيا جا ٻيٽ شروع ٿين ٿا ۽ آسٽريليا تائين ھليا وڃن ٿا. شيشي جي ڀڳل جڳ جي ٽڪرن وانگر ننڍا وڏا ھندي ۽ پيسفڪ سمنڊ ۾ پکڙيا پيا آھن. سماترا ٻيٽ جي شروع واري ڪنڊ آچيح وارو علائقو سڏجي ٿو جتي ڪنھن زماني ۾ آچيح سلطنت وڏي طاقتور حڪومت ھئي. انگريزن ۽ ڊچن بھ ملايا ۽ انڊونيشيا تي قبضو ڪرڻ لاءِ پھرين ھن علائقي ۾ ديرو ڄمايو. ملاڪا، پينانگ ۽ سنگاپور تھ گھڻو پوءِ نقشي تي ظاھر ٿيا. سو سماترا ٻيٽ جي ھن شروع واري علائقي کان وٺي انڊونيشيا جي آخري ٻيٽن مالوڪو (Maluku) ۽ ايريان جايا تائين ڊگھائيءَ جو حساب لڳايو وڃي تھ مفاصلو ڇھھ ھزار ڪلوميٽر ٿئي ٿو. ھڪ ھنڌ ويھي انھن سڀني ٻيٽن تي حڪومت ڪرڻ ۽ انتظاميھ کي سنڀالڻ ڪو سولو ڪم ناھي- يعني ڪراچيءَ کان اسلام آباد تائين چار چڪر ٿيا. تپيدارن جو تھ ماپون ڪندي ۽ ڍلون اوڳاڙيندي سر ويندو ھوندو. سرڪاري آفيسرن کي ٽيپ ڏيڻي ھجي تھ کين ڪئپيٽل جڪارتا مان مالوڪو يا ايران جايا موڪلي ڇڏجي جيڪي جايون ڪاري پاڻيءَ کان گھٽ ناھن.
انڊونيشيا جي گاديءَ وارو ھنڌ جڪارتا جنھن ٻيٽ تي آھي ان جو نالو جاوا آھن، سماترا ٻيٽ بعد جاوا ٻيٽ آھي. جاوا سماترا جي اڌ کان بھ ننڍو آھي پر آدمشماريءَ جي حساب سان تمام گھڻو ڳتيل آھي. دنيا ۾ مسلمانن جو سڀ کان وڏو تعداد انڊونيشيا ۾ آھي ۽ ھن ٻيٽ (جاوا) تي رھي ٿو. جاوا جي اڀرندي پڇ وٽ انڊونيشيا جو ھڪ بيحد رومانوي ۽ خوبصورت ٻيٽ سورابايا (Surabaya) آھي. رومانوي ان خيال کان تھ ھن ٻيٽ جي پس منظر ۾ ڪيترائي قصا، ڪھاڻيون ۽ ناول لکيل آھن. ان ٻيٽ جي ڀرسان ھڪ ٻيو ننڍڙو ۽ اوتروئي رومانٽڪ ٻيٽ بالي آھي جنھن تي سڄو سال دنيا جا ماڻھو گھمڻ لاءِ ايندا رھن ٿا. بالي واحد ٻيٽ يا ھنڌ آھي جتي جي ماڻھن جو ھندو ڌرم سان واسطو آھي. جنرل ناليج جي سوالن ۾ اڪثر اھو پڇيو ويندو آھي تھ ھندستان کان علاوھ اھو ڪھڙو ملڪ آھي جتي جو سرڪاري مذھب ھندو ڌرم آھي. ۽ اھو انڊونيشيا جو ھي ٻيٽ بالي آھي. بھر حال ھتي دنيا جي ڇھين نمبر وڏي ٻيٽ سماترا جي ڳالھھ ھلي رھي ھئي جنھن جي پھاڙي سلسلي کي صاف موسم ۾ روزانو پنھنجي گھر جي بالڪني ۽ آفيس جي ڏاکڻي دريءَ مان ڏسندو ھوس. ملاڪا ۾ جتي آئون اٺ سال کن رھيس اتي منھنجو گھر سمنڊ (ملاڪا ڳچي سمنڊ) جي ڪناري تي ھو ۽ سمنڊ جي ان سوڙھي پٽي (Malacca Stait) جنھن جو نالو ملائيشيا جي شھر ملاڪا تان پيو، جي پرئين ڀر ھن ٻيٽ جو ڪنارو ھو. ھي ٻيٽ ايڏو وڏو آھي جو سڄو ملائيشيا (ويسٽ ملائيشيا) ٿائلنڊ جي پکيٽ، سونگڪلا ۽ ھاديائي شھرن کان سنگاپور تائين ھن جو اڌ جيترو ٿو ٿئي.

جپان ٻيٽن جو گلدستو آھي

دنيا جي ڏھن وڏن ٻيٽن ۾ باقي ٻھ رھجي ويا آھن جن مان ستين نمبر تي ھونشو آھي. ھونشوءَ جو نالو ٻڌي توھان کي بھ ھوشو ياد ايندو ھوندو ۽ توھان بھ سوچيندا ھوندا تھ ھن ٻيٽ جو واسطو شايد سنڌ ھند سان ھجي پر ھن ٻيٽ جو واسطو جپان سان آھي بلڪ جنھن کي اسان جپان چئون ٿا ۽ جپان جي جن اھم شھرن سان اسانجو گھڻو واسطو پوي ٿو جھڙوڪ: ٽوڪيو، يوڪوھاما، اوساڪا، ڪوبي، ڪواساڪي، نگويا، ڪيوٽو، تويوھاشي، ھيميجي ويندي ھيروشيما وغيره، اھي سڀ ھن ٻيٽ تي آھن. جپان دراصل چئن وڏن ٻيٽن ۽ سوين ننڍن ٻيٽن جو گلدستو آھي. اھي چار وڏا ٻيٽا ھي آھن: اتر ۾ ھڪيدو، ان بعد ھي ھونشو جيڪو سڀ ۾ وڏو آھي، ان بعد شڪاڪو ۽ پوءِ ڪيوشو. ھي ٻيٽ پئسفڪ سمنڊ ۾ آھن. ھونشو ٻيٽ جي پکيڙ سوا ٻھ لک کن چورس ڪلوميٽر آھي.
اٺين نمبر تي وڏو ٻيٽ برطانيھ آھي جنھن ۾ انگلنڊ ۽ اسڪاٽلئنڊ اچيو وڃن ٿا. ھن ٻيٽ جي پکيڙ 2 لک 18 ھزار چورس ڪلوميٽر آھي. برطانيھ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آھي. کاٻي پاسي واري ٻيٽ جو اتراھون ننڍو حصو بيلفاسٽ آھي ۽ باقي آئرلئنڊ. برطانيھ جي ساڄي پاسي وارو سمنڊ اتر سمنڊ (North Sea) سڏجي ٿو. يورپ کنڊ جا ملڪ: ھالنڊ، بيلجم ۽ فرانس ھن ٻيٽ کي سڀ کان ويجھو آھن ۽ انھن ملڪن ۽ انگلنڊ جي وچ ۾ جيڪو سمنڊ جو سوڙھو حصو آھي اھو انگلش چئنل سڏجي ٿو. انگلنڊ کان انھن ملڪن ڏي يا يورپ جي ٻين ملڪن ڏي وڃڻ لاءِ روزانو ڪيتريون فيريون (ننڍا مسافر جھاز) ھلن ٿا. ھاڻ تھ فرانس ۽ انگلنڊ جي وچ۾ سمنڊ اندران سرنگھھ بھ ٺاھي وئي آھي جنھن ذريعي گاڏيون انگلش چئنل ڪراس ڪندويون رھن ٿيون.
ڀؤنچ سمنڊ (Mediterranean) کان انگلنڊ ويندي رستي تي ھڪ ڏيڊ ڏينھن جي سفر جيترو خيلج بسڪي (Bay of Biscay) اچي ٿو. سمنڊ جو ھي حصو اڪثر خراب رھي ٿو ۽ ڪڏھن ڪڏھن ان حصي تان جھاز ھلائڻ ۾ اھو ڏينھن ڏيڊ ڪافي منھن مٿو پٽڻو پوي ٿو ۽ شروع جا سال بي آف بسڪي وٽان لنگھندي مون جھڙا ڪيترائي جھازي الٽيون ڪرڻ کان جيڪو وقت فرصت ملندي ھوندي ان ۾ سامونڊي نوڪري ڇڏڻ جو ”پڪو“ پھھ ڪندا ھوندا.
برطانيھ دنيا جي ڏھن وڏن ٻيٽن مان ضرور آھي پر ڪو اھڙو وڏو ملڪ بھ نھ آھي. ٻھ اڍائي لک چورس ڪلوميٽر ڇا آھي جتي فقط پاڪستان ان کان چئوڻو وڏو (8 لک چورس ڪلوميٽر) آھي ۽ ھندستان پاڪستان (سڄي ننڍي کنڊ) جي پکيڙ چاليھھ لک چورس ڪلوميٽر آھي پر انگلنڊ وارن عقل ۽ سامونڊي طاقت ذريعي اسان جھڙن ڪئين ڏورانھن ملڪن تي قبضو ڪري ورتو. ۽ انگريزن جو اھو چوڻ حق بجانب ھو تھ ھنن جي حڪومت تان سج لھي ئي نٿو. ھانگ ڪانگ، سنگاپور، ملائيشيا ۾ غروب ٿئي ٿو تھ انڊيا، سلون ۾ تھ آھي. اتي لھي ٿو تھ آسٽريليا، نيوزيلئنڊ، ڪينيا يوگنڊا ۾ تھ آھي يا نائيجيريا، سوڊان ۽ گھانا ۾ تھ آھي ۽ اتي لھي ٿو تھ ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ٻي پار ڪئناڊا ۾ تھ آھي. ھٽلر ٻائيتال نھ مچائي ھا تھ انگريزن جي حڪومت تان سج تھ ڇا چنڊ تارا بھ نھ لھن ھا.

وطن ورڻ جي وائي ڪريو

دنيا ۾ ننڍا وڏا ٻيٽ کوڙ، انھن جون سچيون ۽ ڪوڙيون ڳالھيون ۽ قصا بھ کوڙ، گھڻو ڪري ڪيترن ٻيٽن جون حقيقتون ۽ خيالي ڳالھيون ٻڌائڻ وارا سامونڊي جھازي ٿين. جن ۾ ننڍين ٻيڙين ۽ بتيلن وارن ناکئن، مھاڻن کان سڙھ تي ھلندڙ ڪاٺ جي ۽ انجڻين تي ھلندڙ آفت جيڏن لوھي جھازن جا جھاز ران ۽ مسافر اچي وڃن ٿا. اڄ جا جھاز ھلائيندڙ ھڪڙا آھن، انھن جھازن جو روٽ مقرر ڪرڻ ۽ مختلف بندرگاھن ۾ وڃڻ ۽ نھ وڃڻ جو فيصلو ڪندڙ ٻيا آھن جيڪي ڪناري تي آفيسن ۾ ويھي نفعي نقصان جو سوچي فيصلو ڪن ٿا ۽ جھاز وارن ڏي (Communication) جي مختلف ذريعن معرفت نياپا ڪن ٿا جيڪي حڪم جي حيثيت رکن ٿا ۽ وڏا صاحب وچئين ٽيا آھن جيڪي جھازن جا مالڪ آھن يا حڪومت پاڻ آھي. جھاز طاقتور انجڻين ڪري تکو ھلن ٿا. مٿن سامونڊي لھرون ۽ ھوائون اثر نٿيون ڪن. مقرر وقت تي بندرگاھن ۾ پھچيو وڃن. بندرگاھھ ماڊرن ھجڻ ڪري سامان لاھڻ چاڙھڻ جو ڪم جلدي اڪليو وڃي پورٽ قاسم جھڙن بندرگاھن ۾ بھ چانورن سان ڀريل جھاز ٻن ڏينھن ۾ خالي ٿيو وڃي. جھاز جي مالڪن جي بھ اھائي خواھش رھي ٿي تھ جھاز بندرگاھھ ۾ بيٺو نھ رھي ان کان ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ سامان ڍوئي ھلندو ئي رھي، ھلندو ئي رھي.
اڳئين زماني ۾ ائين نھ ھو. ٻيڙيون يا ٻيڙا يا ڪاٺ جا ننڍا جھاز سڙھن تي ھلندا ھئا ۽ ھوائن جي رحم وڪرم تي ھئا. ھوا لڳي ٿي تھ ھليا ٿي، نٿي لڳي تھ وچ سمنڊ ۾ بيھي رھيا ٿي ۽ ھوا جي رخ مطابق جھاز مقرر بندرگاھن ڏي ويا ٿي. سياري ۾ اتر جون ھوائون لڳنديون ھيون تھ گلف ۽ عربستان کان جھاز ديبل، مانڊوي، ڀاءُنگر، صورت، بمبئي، گوا، ڪاليڪٽ، ٽرائي ويندرم (سنڌ ھند) جي بندرگاھن مان ٿيندا لنڪا(سلون /سري لنڪا) پھچندا ھئا. ھو وچ سمنڊ مان ھلڻ بدران ڪنارو ڏئي ھلندا ھئا ۽ منزل تي پھچڻ بعد موٽڻ ھنن جو ھٿ ۾ نھ ھوندو ھو. ھنن کي ھوائن جي رخ بدلجڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو ھو ۽ پوءِ ھنن کي موسم بدلجڻ جي انتظار ۾ ٻھ ٽي مھنا بھ لڳي ويندا ھئا. اھو وقت ھو پنھنجن ٻيڙن /جھازن جي ٺاھھ جوڙ ۾ لڳائيندا ھئا. ڀڳي ٽٽي صحيح ڪندا ھئا. ڪاٺ جون چپڙيون ھڻي ڪليون ٺوڪي پاڻيءَ جي سيمي کي روڪيندا ھئا. جھاز جي ٻاھرين جسم تي چنبڙيل سپون ۽ سامونڊي ڪينئان صاف ڪري ڪاٺ کي لسو ڪندا ھئا ۽ تيل جا مک ڏئي پنھنجن ٻيڙن کي چلڪائيندا ھئا. پکين (خاص ڪري Sea Gulls ) جون وٺيون لڳل ۽ ڦاٽل سڙھن کي ڌوئندا ھئا ۽ چتيون ھڻي سيبو ڪندا ھئا. ڪيترا تھ اھو عرصو مڪاني زميندارن وٽ ھارپو ڪندا ھئا. يعني ھوائن جو رخ صحيح ٿيڻ تي سامونڊي سفر ڪندا ھئا باقي وقت ٻني ٻارو. موافق ھوائون لڳڻ تي جھاز جي ڪئپٽن (ناکئي) جي رڙ پئي پوندي ھئي تھ بابا پرايو ملڪ ڇڏي، وطن ورڻ جي وائي ڪريو. پوءِ ڪي ڏينھن ڏينھن ڳڻڻ وارا پھرين سڏ تي پھچي ويندا ھئا. ڪي پنھنجي ٻني ٻاري ۽ ھارپي جو زميندار کان حساب چڪائڻ ۾ ڪجھھ ڏينھن لڳائي ڇڏيندا ھئا ۽ ڪي عاشق مزاج پنھنجي وطن جي زالن کي وساري مڪاني عورتن سان شادي ڪري ان بندرگاھھ جا ٿي ويندا ھئا. رستي جي مسافري ۽ ڪم ڪار لاءِ جھاز جي ناکئي کي مجبورن انھن پاران ٻيا وطني ڳولڻا پوندا ھئا يا اتي جا مڪاني مزور ڀاڙي تي کڻي لنگر کڻڻو پوندو ھو.

جنھن جي ھٿ ۾ قطب نما اھو جھاز جو ناکئو

ھي لفظ ناکئو بھ خوب آھي جيڪو اسان وٽ سنڌ ۽ ڪڇ ڀوڄ ۾ عام استعمال ٿئي ٿو جيڪو فارسيءَ جي لفظ ناخدا تان ٺھيل آھي. نائو معني ٻيڙي ۽ ناخدا (نائو +خدا) معنا ٻيڙي کي سنئين راھھ تي ھلائيندڙ- يعني ڪئپٽن. انھن ڏينھن ۾ اھي ٻيڙا فقط ڪئپٽن (Navigators) ئي ھلائيندا ھئا. انجڻيون تھ اڃان ايجاد ئي نھ ٿيون ھيون جو جھازن تي اسانجھڙا انجنيئر (Marine Engineers)رکيا وڃن. ۽ ان دور ۾ ناکئو (ڪئپٽن) نھ فقط Navigator ھو پر ان جھاز/ ٻيڙي جو مالڪ (Ship Owner) ۽ جھاز ۾ چڙھيل سامان جو واپاري (Consignee) بھ پاڻ ھوندو ھو. يعني ھو ھڪ قسم جي ٿري-ان-ون (Three in One) نموني جي شيءَ ھو. شاھھ لطيف جي بيتن ۾ استعمال ٿيل لفظ ”وڻجارو“ ان جي ڪافي ويجھو آھي ۽ اھو لفظ ان قسم جي Three in one شخصيت لاءِ آھي.
بھرحال اڄ جي مشغول جھازيءَ کي بندرگاھھ ۾ ايترو وقت نٿو ملي جو کڻي ٽٿ پيسٽ وٺي يا خط پوسٽ ڪري. ٽيھھ سال اڳ جڏھن اسان جھازن تي چڙھياسين جھاز کڻي ماڊرن ۽ تيز ھئا پر بندرگاھن ۾ ڪم ايڏو سـُـست ھليو ٿي (جنھن جي اسانکي خوشي آھي ۽ ھر جھازيءَ جو اھو خواب ھوندو آھي تھ سندس جھاز جڏھن بندرگاھھ ۾ پھچي تھ بندرگاھھ ۾ ڪم ڪندڙ مزورن جي ھڙتال ھجي جيئن ھن کي بندرگاھھ ۾ گھڻي کان گھڻو وقت گھمڻ ۽ آرام لاءِ ملي) جو جدي، دمام ۽ لنڊن لورپول جھڙن بندرگاھن ۾ بھ جھاز مھينا ترسيو ٿي. ۽ جڏھن جھاز سڙھ تي ھوا جي لڳڻ تي ھلندا ھئا تڏھن تھ جھاز وارن کي بندرگاھن ۾ مھنن جا مھنا ترسڻ لاءِ ملي ويندا ھئا ۽ پوءِ وقت گذارڻ لاءِ مڪاني ۽ ٻين ملڪن کان آيل جھازين سان ملي خبرون چارون ۽ قصا ڪھاڻيون ڪندا ھئا. ان دور ۾ جھاز ڪاٺ جا ۽ ننڍا ھوندا ھئا ۽ ھر بندرگاھھ ۽ ھر ٻيٽ تي پھچي ويندا ھئا. اڄ جا جھاز تھ فقط مقرر بندرگاھن ۾ وڃن ٿا. اڳ جي زماني ۾ سواءِ قطب نما (اتر ڏيکاريندڙ سئيءَ واري) دٻليءَ جي سمنڊ تي رستو ڳولڻ لاءِ نھ نقشا (Charts) ھئا نھ ريڊيو (Path Finder) نھ رڊار. تڏھن Sattelite جھڙين شين جو تھ ڪو سوچي بھ نٿي سگھيو. واسڪو ڊيگاما وٽ ڪو انڌو منڊو نقشو ھو ۽ ھن ڪيپ آف گڊ ھوپ ان نقشي ذريعي سلامتيءَ سان اڪري تھ ھو خوشيءَ وچان ڪپڙن ۾ نھ پئي ماپيو. ساڻس ڪم ڪندڙ خلاصي جيڪي سمنڊ جي ڇتين لھرن کان بيزار ٿي پنھنجي وطن (پورچوگال) ورڻ جو پھھ ڪري رھيا ھئا تن جي ھر وقت اھا ڪوشش ھئي تھ ڪو بل لڳي تھ ان واسڪوما جو اھو نقشو چوري ڪجي ۽ ان ذريعي واپس موٽجي. يعني انھن ڏينھن ۾ جنھن جي ھٿ ۾ قطب نما يا نقشو ھوندو ھو اھو جھاز جو ناکئو سمجھيو ويندو ھو. ھوڏانھن واسڪو ڊيگاما کي بھ کڙڪ پئجي وئي تھ ھي نڀاڳا مون کي انڊيا تائين سفر پورو ڪرڻ نھ ڏيندا ۽ نقشو ڦرڻ لاءِ ماڳھين منھنجو خون ڪندا. ان ڊپ کان ھن سڀني اڳيان نقشي جا ٽڪرا ٽڪرا ڪري سمنڊ ۾ اڇلي ڇڏيو ۽ سڀ سڌا ٿي ھن جي چوڻ مطابق ھلڻ لڳا.
ان زماني ۾ سامونڊي رستو ڀلجڻ تھ ڪا ڳالھھ ئي نھ ھئي. ھڪ بندرگاھھ بدران ٻئي مان نڪرڻ عام ڳالھھ ھوندي ھئي يا اصلي بندرگاھھ ۾ پھچڻ کان اڳ پنھنجي ٻيڙي کي ڏھن بندرگاھن مان گھمائيندا ويندا ھئا ۽ بندرگاھھ بھ ڪي اڄ جا بندرگاھھ نھ ھوندا ھئا جن تي ڌڪا ۽ ڪرينون ھجن، لائيٽ ھائوس ۽ بيڪن وارا buoyھجن، ڪسٽم ۽ اميگريشن پوليس ھجي. بس پيٽارو ۽ ٻڍاپور، ھالا پراڻا ۽ ڊڀري جھڙا دريائي قسم جا بندرگاھھ ھئا ۽ ڪئپٽن (ناکئا) بھ اھڙا ئي ڪولمبس جھڙا ھئا جنھن کي آخر تائين خبر نھ پيئي تھ چڱو مڙس اوڀر ڏي (انڊيا، انڊونيشيا) ڏي پيو وڃي يا اولھھ ڏي (بھاما، ڪيوبا ڏي)! ڪي تھ وري ناکئا ۽ خلاصي ڄاڻي واڻي ڪنھن رومانٽڪ ٻيٽ تي ترسي پوندا ھئا ۽ ويندا ھئا شاديون ڪندا ۽ ٻار ڄڻيندا ۽ پوءِ دل ڀرجڻ تي وطن واپس موٽي اچي پنھنجي اصلي زال ۽ جھاز جي مالڪ کي اھو ٻڌائيندا ھئا تھ طوفان لڳڻ تي ھنن کان رستو خطا ٿي ويو. جھاز ڀڄي پيو ۽ ھو ھڪ ويران ٻيٽ تي وڃي نڪتا. اھڙن جھازين جي رومانوي ڪھاڻين ۽ زندگين کان ڪئين دور دراز جا ٻيٽ مشھور آھن.

ڪاري پاڻي (عمر قيد) وارا ٻيٽ

ھتي اسان ننڍي کنڊ جي ويجھڙائي وارن ٻيٽن جو ذڪر ڪنداسين. سڀ کان پھرين انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن جو جن اسانجي ننڍي کنڊ جي ماڻھن لاءِ ڪا رومانيت تھ نٿي رکي پر ھنن لاءِ اھي ٻيٽ خوف ۽ خطري، ڏوھھ ۽ ڏھڪاءَ جي علامت ھئا. اھي ٻيٽ تاريخ ۾ ڪاري پاڻيءَ جي نالي سان مشھور آھن. انگريز پنھنجي حڪومت ۾ وڏن ڌاڙيلن ۽ قاتلن کي سزا طور ھنن ڏورانھن ٻيٽن تي موڪلي ڇڏيندا ھئا جتان سندن ورڻ جي ڪا اميد نھ ھوندي ھئي. ان کان علاوھ اھي وطن جي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙڻ وارا پروانا جن مان انگريز حاڪمن کي سندن حڪومت لـُـڏڻ جو ڊپ ھوندو ھو، انھن آزادي جي جدوجھد ڪندڙن ۽ باغي سياستدانن کي پڻ انگريز سزا خاطر ڪاري پاڻي (يعني انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن تي) موڪليندا ھئا. ھنن ٻيٽن تان ڀڄڻ مشڪل ڪم ھو. پوليس جو سخت پھرو ھو. ٻيٽن جي اوس پاس وارو سمنڊ (تڏھن بھ ۽ اڄ بھ) شارڪ مڇين کان بدنام ھو. شارڪ مڇي سڀ ۾ خطرناڪ آھي ۽ بکايل حالت ۾ ماڻھن تي بھ حملو ڪري ٿي. ھي ٻيٽ چوڌاري گھاٽن ٻيلن ۽ جھنگلن (Rain Forest) سان ڇانئيل ھئا جتي جا اصل جنگلي باشندا- خاص ڪري جاراوا قبيلي جا ماڻھو (تڏھن بھ ۽ اڄ بھ) آدمخور قسم جا ھئا. اڄ جي دور ۾ بھ ھنن ٻيٽن تي گھمڻ لاءِ ايندڙ سياحن کي جنگلن مان اڪيلو لنگھڻ جي سختيءَ سان منع آھي. ھنن ماڻھن جي علائقن مان ھلندڙ بس ۾ ھر وقت پوليس جو گارڊ وھي ٿو جيئن شھري ۽ ڌاريان ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ تائين حفاظت سان سفر ڪري سگھن ۽ ھنن جنگلي ماڻھن (جاراوائن) جي ور نھ چڙھن جيڪي ھر وقت جانورن سان گڏ ماڻھن کي پڻ مارڻ جي تاڙ ۾ رھن ٿا.
ھندستان جي نقشي کي ڏسبو تھ ھن جي کاٻي پاسي بھ سمنڊ آھي تھ ساڄي پاسي (اوڀر ۾) بھ سمنڊ آھي. کاٻي پاسي يعني اولھھ پاسي وارو سمنڊ جيڪو ڪاليڪٽ، گوا، سورت، ڪراچي ۽ ايران، گلف، عمان ۽ يمن جي بندرگاھن کي ڇھي ٿو عربي سمنڊ سڏجي ٿو ۽ ھوڏانھن اوڀر پاسي وارو سمنڊ جيڪو مدراس، ڪلڪتي، بنگلاديش جي بندرگاھن (چالنا ۽ چٽگانگ)، برما جي بندرگاھھ ينگون (رنگون) کي ڇھي ٿو اھو خليج بنگال (Bay of Bangal) سڏجي ٿو. ھي ٻئي سمنڊ (عربي سمنڊ ۽ خليج بنگال) ھندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) جا حصا آھن. ھندي وڏو سمنڊ (بحر ھند) ساڄي پاسي ملائيشيا ۽ انڊونيشيا تائين پکڙيل آھي ۽ ھيٺ آسٽريليا تائين ھليو وڃي ٿو ۽ کاٻي پاسي آفريڪا جو اوڀر وارو سڄو ڪنارو ڇھي ڏکڻ آفريڪا جي ڪيپ ٽائون شھر وٽ ائٽلانٽڪ سمنڊ سان وڃيو ملي. ھڪ طرف کان ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ ٻئي پاسي کان ھندي وڏو سمنڊ جڏھن ڏکڻ آفريڪا جي ھيٺئين پوڇڙ وٽ ٽڪرائجن ٿا تھ تمام وڏيون لھرون پئدا ٿين ٿيون ۽ صدين کان سمنڊ جو ھي حصو جيڪو Cape of Good Hope سڏجي ٿو جھازين لاءِ خوفناڪ پئي رھيو آھي.

نھ وڏيون ويرون نھ ڪڙڪيدار ڪـُـن

بھر حال ڪراچيءَ کان چٽگانگ ۽ ڪلڪتي ويندي يا ينگون ۽ ملائيشيا ويندي واٽ تي سري لنڪا (سلون) جي ٻيٽ کي ضرور ڦيرو ڪرڻو پوي ٿو. ڪراچي کان ڪولمبو (سري لنڪا) ويندي عربي سمنڊ ۾ ٻيٽن جا ٻھ مشھور جھڳٽا آھن. ھڪ ڪاليڪٽ جي سامھون وارا ٻيٽ جن کي اسين لڪشادويپ (Lakshadweep) ٻيٽ سڏيون ٿا (۽ انگريزي ۾Laccadive ٻيٽ) جيڪي انڊيا جي ملڪيت آھن. ٻيٽن جو ٻيو جھڳٽو لڪشادويپ ٻيٽن جي بلڪل ھيٺان (اٽڪل پنج سؤ کن ميل ڏکڻ ۾) ۽ ڪولمبو جي کاٻي پاسي (اٽڪل ٽي سؤ کن ميل اولھھ ۾) آھي. ھي مالديپ ٻيٽ آھن جن جو انگريزي نالو Maldives وڌيڪ مشھور آھي. مالديپ آزاد ملڪ جي حيثيت ۾ ٻيٽ آھن ۽ گاديءَ جي شھر جو نالو مالي آھي. ھنن غريب پر بيحد خوبصورت ٻيٽن جو احوال اڳتي ھلي ڪنداسين.
ھن وقت انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن لاءِ اسان کي خليج بنگال واري سمنڊ ڏي اچڻو پوندو. ھي ٻيٽ جيتوڻيڪ انڊيا جي ملڪيت آھن پر نقشي ۾ ڏسڻ سان ئي معلوم ٿئي ٿو تھ اھي ننڍي کنڊ جي ڪنھن بھ حصي کي ايترو يجھو نھ آھن جيترو ٿالئنڊ (پکيٽ کان 300 ميل کن ٿيندا) ۽ انڊونيشيا جي سماترا ٻيٽ کي ويجھو آھن. ڪولمبو کان ھندستان يا بنگلاديش (جيڪو پڻ انگريزن جي ڏينھن ۾ ھندستان جو حصو ھو) جي ڪنھن بھ بندرگاھھ ڏي ويندي ھي ٻيٽ نظر نٿا اچن باقي رنگون (برما) ويندي وقت انڊامان ٻيٽ وٽان لنگھڻو پوي ٿو ۽ چين، جپان، ڪوريا ۽ ھانگ ڪانگ وغيره ڏي وڃڻ لاءِ پڻ (توڙي ملائيشيا جي بندرگاھن: پينانگ، پورٽ ڪلانگ ملاڪا لاءِ يا سنگاپور لاءِ) ملاڪا واري ڳچي سمنڊ ۾ گھڙڻو پوي ٿو جيڪو سماترا ٻيٽ جي آچيح واري علائقي کان شروع ٿئي ٿو. ھر جھازي چاھي بنگلاديش ۽ ڪلڪتي کان اچي يا ڪولمبو کان ھو نڪوبار ٻيٽن کي ڌيان ۾ رکي ٿو. ھن کي جي نڪوبار ٻيٽ نظر اچي ويا معنيٰ ھو صحيح رستو وٺيو پيو اچي ۽ پوءِ نڪوبار ٻيٽن جي جھڳٽي جي آخري ٻيٽ وٽ پھچي پنھنجي جھاز جو رخ ملاڪا واري ڳچي سمنڊ (Malacca Strait) ڏي موڙي ٿو. جيڪڏھن ھو خراب موسم ۽ طوفانن ۾ آھي تھ اھي فقط نڪوبار ٻيٽن تائين آھن. ملاڪا ڳچي سمنڊ درياھھ وانگر سوڙھو سمنڊ آھي جنھن جي ساڄي پاسي سماترا (انڊونيشيا) آھي تھ کاٻي پاسي ملائيشيا جي سر زمين. سوڙھي سامونڊي لنگھھ ڪري منجھس کلئي سمنڊ واريون نھ وڏيون ويرون آھن ۽ نھ ڪڙڪيدار ڪـُـن.

ڪاري پاڻي وارن ٻيٽن وٽان سڀني جھازن جو لنگھھ ٿئي ٿو

انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن جي جملي پکيڙ اٺ ھزار چورس ڪلوميٽر آھي. برما جي اراوادي (Irrawady)ندي جتي سمنڊ ۾ اچيو ڇوڙ ڪري يا کڻي ائين چئجي تھ اراوادي نديءَ جي منھن کان انڊامان جو پھريون ٻيٽ ايترو پري آھي جيترو ڪراچيءَ کان حيدرآباد- اٽڪل 200کن ڪلوميٽر. ھي ٻيٽ دراصل سمنڊ ۾ موجود جبلن جا مٿاھان حصا آھن يعني جيڪڏھن ان علائقي جو سمنڊ سڪي وڃي تھ ھي ٻيٽن وارو ھنڌ جبلن جي قطار ڏسڻ ۾ اچي پر اٿاھھ پاڻيءَ ڪري جبلن جون اھي چوٽيون ٻيٽن جي صورت ۾ نظر اچن ٿيون. ھنن جبلن جو سلسلو برما جي اراڪان يوماس (Arakan Yomas) جبلن جي قطار سان وڃيو ملي.
سڀ کان اتر ۾ جيڪي انڊامان جا ٻيٽ آھن اھي ٻن حصن ۾ ورھايل آھن Greater Andaman ۽ Little Andaman ۽ پوءِ انھن جي چوڌاري سوين ننڍا ننڍا ٻيٽ آھن. اونھي سمنڊ ۾ جتي ھي ٻيٽ رستو وڃايل سامونڊي مسافرن لاءِ اجھو ۽ آسرو آھن اتي جھاز ھلائيندڙ لاءِ خطرو پڻ. ڇو جو ڪي ڪي ٻيٽ خاص ڪري ننڍا ۽ گھٽ مٿاھينءَ وارا وڏي وير اچڻ تي پاڻيءَ اندر ڍڪجيو وڃن ۽ پراڻن ڏينھن ۾ جڏھن ڏسڻ جو واحد ذريعو دوربين ھئي ناکئا ڀلجي پوندا ھئا ۽ پنھنجي ڪاٺ جي ڪمزور جھاز کي ٻيٽ مٿان چاڙھي ويندا ھئا. ھينئر رڊار ۽ ٻين آلاجات (Navigational Aids) ڪري ٽيھھ چاليھھ ميل سمنڊ جي مٿان ۽ اندر ڏورانھين شيءَ اسڪرين تي ڏسي سگھجي ٿي پر گھڻي ڀريل جھاز، وڏي رفتار ۽ طاقتور momentum ڪري جھاز کي اھڙي سنھي ڪاتر وارن ٻيٽن کان پاسو ڪرائي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ وڏي خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پوي ٿو. ھڪ جھاز ھلائيندڙ کي نھ فقط رستي جي انھن مصيبتن (ٻيٽن) کان پاسو ڪرڻو آھي پر ٻيٽن جي اوس پاس سوين بيٺل يا ھلندڙ ٻيڙين کي بچائڻ بھ جھاز وارن جو ڪم آھي. ان کان علاوه جتي ڪٿي لڳل مڇين ڦاسائڻ جي ڄارين کان بھ پاسو ڪرڻو پوي ٿو. ڪيترن ھنڌن تي مڇين ڦاسائڻ وارا پاڻ ھليا ويندا آھن ڄاريون (Fishing Nets) سمنڊ ۾ اڇلي ويندا آھن جن جي ڄاڻ لاءِ مقرر سگنل (نشاني) سمنڊ مٿان تاري ڇڏيندا آھن يعني ھن ھنڌ تي ڄاريون وڌل آھن. طاقتور جھاز (يعني ڪـَـل تي ھلندڙ جھاز) ھنن کان پاسو ڪن. جھاز جيتوڻيڪ تيز رفتار ٿئي ٿو پر ڪوبھ جھاز ڪنھن ٻيڙي يا مڇين جي ڄاريءَ کي نقصان رسائي ڀڄي نٿو سگھي. ٻيڙيءَ وارا ان جھاز جو نالو نھ پڙھڻ تي بھ اھو جھاز ٻڌرائي سگھي ٿو. ان لاءِ حادثي جو فقط وقت ياد رکڻ ڪافي آھي. جھاز جي مختلف ھنڌن تان لنگھڻ جا وقت نوٽ ڪيا وڃن ٿا ان مان ڏوھاري جھاز جي خبر پئجي سگھي ٿي. مثال طور انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن وٽ جھازن جي آمدرفت جي سھوليت لاءِ بيڪن (Beacon) ٻرندڙ وسامندڙ بتيون ۽ بئاءِ (Buoy) جن ۾ پڻ بتيون ٿين، ٻيٽن جي آس پاس اونھي سمنڊ ۾ لڳل رھن ٿا. جھاز جي انھن ويجھو لنگھڻ تي يعني مدد حاصل ڪرڻ تي انھن جو نالو درج ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جي مالڪ کي ان سھوليت حاصل ڪرڻ جو بل موڪليو وڃي ٿو. ڪراچيءَ کان ھانگ ڪانگ وڃڻ تائين ھڪ جھاز کي رستي تي ڪيترن ئي اھڙين بتين Navigational Lights جي في ڏيڻي پوي ٿي. انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽ ھندي سمنڊ ۾ اھڙي ھنڌ تي آھن جو ذري گھٽ سڀني جھازن کي اتان لنگھڻو پوي ٿو ۽ ان جي ڪمائي انڊيا کي ملي ٿي. انڊامان يا نڪوبار ٻيٽ اڪرڻ بعد سنگاپور پھچڻ لاءِ فقط ٽي ڏينھن کن ملاڪا ڳچي سمنڊ وارا لڳن ٿا. سنگاپور پھچڻ سان سنگاپور جو مڪاني ايجنٽ نڪوبار ۽ ملاڪا ڳچي سمنڊ ۾ لڳل بتين جو بل پنھنجي جھاز پاران وصول ڪري ٿو ۽ انھن ملڪن ڏي في موڪلي ٿو جن جھازن جي مدد لاءِ اھي لڳرايون آھن.

1789۾ انڊامان ٻيٽ سزا جي ڪالوني ٿيا

انڊامان ۽ نڪوبار ٻيٽن جي جھڳٽي ۾ ڪي ڪي ٻيٽ چڱا اتاھان آھن. ڪجھھ ٻيٽن جا ڪجھھ حصا ڪوھھ مري ۽ ايوبيا وانگر يا دادوءَ جي گورک ھل (ٽڪريءَ) وانگر مٿاھان آھن. گھڻي کان گھڻي اتاھين 700 ميٽر آھي. بارش جام پوي ٿي ان ڪري ساوڪ تمام گھڻي آھي. ھنن ٻيٽن جي گاديءَ جو ھنڌ يا ڪمرشل شھر پورٽ بليئر (Port Blair) آھي جيڪو بندرگاھھ پڻ آھي. ھن ٻيٽن ڏي انگريزن پنھنجي دور حڪومت ۾ ڌيان ڏنو. انگريزن جي نھ فقط ننڍي کنڊ تي حڪومت ھئي پر ملائيشيا ۽ سنگاپور پاسي پڻ ۽ ھنن جو اوڏانھن ايندي ويندي ھنن ٻيٽن انڊامان ۽ نڪوبار وٽان لنگھھ ٿيو ٿي ۽ کين انھن جي جاگرافيائي ۽ سامونڊي اھميت جي ڄاڻ پئجي وئي.
انڊامان ٻيٽن جي پورٽ بليئر تي ھڪ تمام اھم موسمي (meterological) اسٽيشن پڻ آھي. ھينئر جيڪو ڀوڄ ڪڇ ۾ وڏو زلزلو آيو ان بابت صحيح ڄاڻ پڻ ھن اسٽيشن ذريعي معلوم ٿي سگھي. اھا اسٽيشن 1868 ع ۾ انگريزن ٺھرائي. انڊامان ٻيٽن جو ھي اھم شھر (پورٽ بليئر) ھوائي ۽ پاڻيءَ جي جھاز جي ريگيولر سروس ذريعي ڪلڪتي سان ڳنڍيل آھي. سترھين صديءَ جي آخر ڌاري جڏھن انگريزن ھنن ٻيٽن جو جائزو ورتو تھ جنگلن ۾ موجود جنگلي قسم جي ماڻھن کان علاوھ ڪناري وارن علائقن ۾ برما جي مـَان ‘Mon’ قبيلي جا ماڻھو ھئا يا ڪمبوڊيا پاسي جا. انگريز ھنن ٻيٽن کي ڏيھھ نيڪالي ڏيڻ وارن لاءِ بھتر سمجھيو. ان خيال کان 1789ع ۾ انڊامان ٻيٽ کي سزا جي ڪالوني قرار ڏنو ويو. پورٽ بليئر ۾ وڏي پئماني جي ڏوھارين لاءِ جيل ٺھرايو ويو جنھن جي عمارت اڄ ڏينھن تائين قائم آھي. 1857 واري سپاھي ميوٽني (بغاوت) بعد سياسي ماڻھن کي بھ ھن ٻيٽ تي سزا طور موڪليو ويو. بھرحال اھي ماڻھو انگريزن لاءِ باغي ضرور ھئا پر اسان ماڻھن لاءِ ملڪ جي آزادي لاءِ جدوجھد ڪرڻ وارا ھئا ۽ اڄ ھن جيل کي ڏسي جتي ننڍي کنڊ جي ماڻھن کي پنھنجن انھن ليڊرن جي قربانيءَ جو قدر ٿئي ٿو اتي انگريزن کي ضرور شرمساري ٿيندي ھوندي.

انڊامان ھاڻ ساوڪ ۽ سونھن، سک ۽ سڪون کان مشھور آھن

ٻي جنگ عظيم ۾ ھنن ڪاري پاڻي وارن ٻيٽن تي 1942 کان 1945 تائين جپانين جو قبضو رھيو ۽ انھن ان جيل خاني کي قائم نھ رکيو. 1947ع ۾ انڊوپاڪ جي آزادي بعد (اٽڪل 1950 ڌاري) اھي ننڍي کنڊ جا ماڻھو جيڪي برما، ملائيشيا ۽ پاڪستان ۾ رھيل ھئا ۽ جن کي سمجھھ ۾ نھ پئي آيو تھ ڪٿي رھجي سي ھن ٻيٽ تي اچي رھيا. اڄ 50 کان مٿي سالن گذرڻ بعد ھي ٻيٽ اھي خوف ۽ خطري جي علامت نھ رھيا آھن جنھن لاءِ”ڪارو پاڻي“ لفظ استعمال ٿيو ٿي ۽ جتي جيڪو ويو ٿي وري موٽيو نٿي. اڄ ھي ٻيٽ ساوڪ ۽ سونھن، سڪون ۽ سانت ۾ دنيا جا بھترين ۽ خوبصورت ٻيٽ آھن. جتي جا رھاڪو گھڻو ڪري پوک جو ڪم ڪن ٿا. زمين ڀلي آھي. مينھن جو پاڻي جام آھي. ڪنھن بھ قسم جي آلودگي (Pollution) نھ آھي. ھنن ٻيٽن جو خاص فصل ناريل، ڪافي ۽ رٻڙ آھي. پنھنجي کائڻ لاءِ چانور پوکيا وڃن ٿا. ٻيلن ۾ پيدا ٿيندڙ شيون: کونئر، لاک، ماکي، ڇوڏو ۽ جڙيون ٻوٽيون (herbs) ٻاھر ايڪسپورٽ ڪيا وڃن ٿا. آدم شماري ٻھ لک کن ٿيندي جن ۾ گھڻي ڀاڱي انھن جو اولاد آھي جيڪي ڌاڙي ۽ قتل جھڙن ڏوھن جي سزا ڀوڳڻ لاءِ ھتي آيا ھئا ۽ ھتي ئي رھي پيا. ھينئر سڀ امن امان ۽ سڪون سان رھن ٿا. بلڪ دنيا جي ڪيترن امير ملڪن جا ماڻھو ھنن ٻيٽن تي رھڻ ۾ پنھنجي خوش نصيبي سمجھن ٿا.
گھڻو اڳ ھڪ بنگالي بورچي گوميز نالي ڪولمبو (سري لنڪا) ۾ مليو. پاڻ پورٽ بليئر (انڊامان ٻيٽ) ڏي وڃي رھيو ھو جتي ھو ھڪ ھوٽل جو وڏو بورچي (Chef) آھي. پاڻ ٻڌائين تھ ھو ڪرسچن آھي ۽ سندس ڏاڏو پورچو گالي ھو ۽ ڏاڏي بنگالڻ يا بھارڻ. پاڻ 25 سالن جو ھو تھ دبئي ۾ ھڪ ھوٽل البوستان ۾ ڪم ڪيائين ان بعد ايڪسيلشر ھوٽل ۾ بورچي ٿي رھيو. ان بعد پنھنجي ڳوٺ ڪلڪتي موٽي آيو جتي اوبيراءِ گرانڊ ھوٽل ۾ ڪم ڪيائين. ”سعودي عرب جي بادشاھھ فھد جي ھڪ ويجھي مائٽ کي پنھنجي نئين محل لاءِ ڪم ڪار وارن جي ضرورت پئي جنھن لاءِ ھن جو نمائندو ڪلڪتي مان چونڊ ڪرڻ آيو ۽ آئون چونڊجي ويس. منھنجي ماني ان عرب شھزادي کي ايڏي تھ وڻندي ھئي جو ھو لنڊن، پئرس جتي بھ وڃي رھندو ھو اتي مونکي پاڻ سان رکندو ھو. اھو مون لاءِ سٺو تجربو ھو ۽ آئون عربي بھ سکي ويس. ان بعد گلف ايئر ھوائي ڪمپنيءَ جي ھوائي جھازن جي ماني ٺاھڻ واري عملي جو سپروائيزر ٿي رھيس.“
"اھو تھ سڀ ڪجھھ صحيح آھي" ، مون کيس چيو، " پر زندگيءَ جي آخري ڏينھن ۾ ڪاري پاڻيءَ جو رخ ڪرڻ جو ڇا مقصد؟"
" ڪارو پاڻي ھو يا ھوندو"، ھن کلندي وراڻيو. "اڄ انڊامان جھڙو پر سڪون ٻيٽ دنيا جي تختي تي نھ آھي. خاص ڪري مون لاءِ ۽ منھنجي ڪٽنب لاءِ. پورٽ بليئر ۾ تمام وڏي عيسائي ڪميونٽي رھي ٿي. ھڪ وڏو چرچ ۽ اسڪول ويجھڙائيءَ ۾ ٺھي راس ٿيو آھي جتي منھنجو پٽ پڙھي ٿو. ھو ميوزڪ جو بھ شوقين آھي ۽ چرچ ۾ ھار مونيم وغيره وڄائي ٿو. منھنجي زال ڪلاسيڪل ناچ جي پروفيسر آھي ۽ ھتي اھو سيکاري ٿي. سو منھنجو سڄو ڪٽنب ھتي رھي ٿو. منھنجا ۽ زال جا ماءُ پيءُ ڪلڪتي رھن ٿا ۽ جڏھن دل چوندي آھي انھن وٽ ھليا ويندا آھيون يا گھمڻ لاءِ ھيڏانھن ڪولمبو ھليا ايندا آھيون. ٻنھي پاسي ھر ھفتي ڪو نھ ڪو مسافر جھاز يا فيري ھلندي رھي ٿي".

لکديپ ٻيٽن جو تعداد ھڪ لک ناھي

ڪراچيءَ مان جڏھن لنگر کڻي اسان ڪولمبو ڏي روانا ٿيندا آھيون تھ ڪولمبو تائين جي ٻن اڍائي ڏينھن جي سامونڊي سفر ۾ کاٻي پاسي ھر وقت انڊيا جي سرزمين ھوندي آھي ڇھھ اٺ ڪلاڪن ۾ سجاول، ٺٽو، بدين وارو پاڪستاني علائقو پورو ٿي پوءِ ڀوڄ ۽ ڪڇ (گجرات) شروع ٿي ويندو آھي ۽ ڏينھن اڌ بعد بمبئي ۽ مالابار ڪوسٽ (ملباري ڪنارو) شروع ٿيندو آھي جتي جي رھاڪن کي اسين ملباري سڏيون ٿا (پاڪستان توڙي ملائيشيا ۾ ھي ماڻھو ننڍي پئماني جي واپار ۽ تجارت کان مشھور آھن). اڳتي ھلي گوا جو بندرگاھھ اچي ٿو ۽ ڪراچي ڇڏڻ کان 45-40 کن ڪلاڪن بعد انڊيا جو ھڪ ٻيو مشھور بندرگاھھ ڪاليڪٽ اچي ٿو. ان کان ٻھ اڍائي ڪلاڪ کن اڳ جھاز جي ساڄي پاسي يعني اولھھ ڏي ننڍا ٻيٽ شروع ٿين ٿا جن جو ڪل تعداد 36 چيو وڃي ٿو ۽ انھن مان ڏھاڪو کن ڪي مس آھن جن تي ماڻھو ڇيڻو رھن ٿا باقي ٻيا ايترو ننڍا ۽ ھيٺاھان آھن جو سمنڊ جي ڇول اچڻ تي ٻڏيو وڃن. ڪنھن جي ڪا ٻيڙي ٻڌل آھي يا ھنڌ بسترو رکيل آھي تھ اھو بھ لڙھيو وڃي. يا اھم ٻيٽن کان ايترو پري ۽ ويران آھن جو اڃان انھن تي ڪو رھڻ جي ھمت نٿو ڪري. انھن سڀني ٻيٽن جي جيڪڏھن ايراضي جوڙ ڪئي وڃي تھ ڪل پکيڙ 50 کن چورس ميل مس ٿيندي. ھنن ٻيٽن جو ھندي ۽ ڏکڻ ھندستان جي زبانن ۾ نالو لڪشادويپ آھي ۽ انگريزي ۾ Laccadive. ڪنھن زماني ۾ سنڌي واپارين جو ۽ اڄ بھ اسانجا سنڌي ۽ مڪران ڪوسٽ جا بلوچ، بروھي مھاڻا ھنن ٻيٽن تائين وڃيو نڪرن ۽ سندن سنڌيءَ ۾ نالو لکديپ آھي. بھرحال سڀني زبانن ۾ معنيٰ ساڳي آھي ھڪ لک ٻيٽن جو جھڳٽو. خير ٻيٽن جو صحيح تعداد تھ مٿي لکي آيو آھيان جيڪو اڄ جي دور ۾ ھيلي ڪاپٽر يا ھوائي جھاز ذريعي ڳڻڻ ڪو ڏکيو ڪم ناھي پر پراڻي زماني جي جھازرانن سؤ ميلن تي پکڙيل ھي ٻيٽ ڏسي (جيڪي ان وقت چپوئن ۽ سڙھن تي ھلندڙ ٻيڙين ذريعي ڳڻڻ ناممڪن ڳالھھ ھو)، سمجھيو ھوندو تھ بيشمار ٻيٽ آھن ۽ ان گھڻائيءَ کي سؤ يا ھزار قرار ڏيڻ بدران ھڪ لک چيائون ۽ اھڙي طرح ھنن ٻيٽن جو نالو " ھڪ لک ٻيٽ" پئجي ويو. ھڪ ملين يا ڪروڙ بھ چئي سگھيا ٿي پر انھن ڏينھن ۾ ھڪ لک بھ وڏو ۽ سوچ کان ٻاھر تعداد ھو.
ھڪ جھاز تي مون سان ڪم ڪندڙ ھڪ مڪراني خلاصيءَ جو ھر ھڪ سان جھڳڙو رھيو ٿي. جھاز جي ٻين خلاصين سان تھ ڇا بندرگاھھ ۾ جھاز پھچندو ھو تھ اتي جي مڪاني ماڻھن سان بھ وڙھي ايندو ھو. جسم جو صفا سنھو سڪل ھو. بس ڪاوڙ جو تکو ھو. زور ٺلھو گاريون ڏيڻ تي ھوندو ھوس. سندس جھازي ساٿين جي دعائن سان (جن کي پڻ بيحد گھڻو تپايو ھئائين)ھر بندرگاھھ ۾ موچڙا کائي ايندو ھو. ڪٿي ٽنگ ڀڃائي تھ ڪٿي ٻانھھ ڀڃائي پاڻ کڻائي ايندو ھو پوءِ ٻيا ٽوڪيندا ھئس تھ چوندو ھو: " مڙيئي خير آھي آئون بھ کين ( يعني موچڙا ھڻڻ وارن کي) لک سؤ گارين جو ڏيئي آيو آھيان." ٻيون شيون ھن لاءِ سون ھزارن ۾ ھوندويون ھيون. پگھار بھ تن ڏينھن ۾ سـَـون ۾ ملندو ھوس پر جڏھن ڪنھن سان وڙھندو ھو (وڙھڻ مان مطلب اھو ئي تي اڳلو کيس ٺاھوڪي مار ڏيندو ھو، پاڻ فقط گاريون) تھ ان فائيٽ جي ڪھاڻي جھاز وارن کي ٻڌائي پنھنجو پاڻ کي ھيرو قرار ڏيڻ ۾ ھر وقت اھو چوندو ھو تھ مون کين لک سؤ گارين جو ڏنو. ھن لاءِ گھڻائيءَ جو انگ لک سؤ (يعني ڪروڙ) ھوندو ھو پوءِ گاريون کڻي ڏھھ ڏئي يا ويھھ. سو ھتي بھ ھڪ لک ٻيٽ مان مطلب تمام گھڻا ٻيٽ آھي.
ھوڏانھن ھن مون واري جھاز جي مڪراني خلاصيءَ کي سندس جھاز جا ساٿي چوندا ھئا: " گـُـلو گاريون تھ لک سؤ ڏنئي پر ھنن مان ڪنھن ھڪ جي آڱر بھ نھ ڀڳئي تون مٿو ڦاڙائي پاڻ کڻائي پيو اچين."
مڪراني زبان ۾ ڪچي گار ڏئي چوندو ھو: " ھنن جي ٽنگ ٻانھن نھ ڀڳي پر کين ڇٽيءَ جو کير ياد اچي ويو ھوندو."
ھاڻي گلوءَ (سندس نالو گلو ھو) جون مڪراني زبان ۾ ڏنل گاريون خبر ناھي ڪولمبو، ڪوالالمپور، ڪولون يا ڪوريا جي ڪھڙي سنگھاليءَ، ملئيءَ، چينيءَ يا ڪورين سمجھيون ھونديون جن کي ڇٽيءَ جو کير ياد آيو ھوندو. ٽنگ يا ٻانھن ڀڃائي يا مٿو ڦاڙائي سڄي واٽ گلو ڪنجھندو ھلندو ھو. آخر ٿائلنڊ جي بندرگاھھ بئنڪاڪ ۾ گلوءَ کي ڪنھن اھڙو جوڊو ڪراٽو ھنيو جو پاڻ کڻائي جھاز تائين بھ نھ پھچي سگھيو. اتي جي مڪاني اسپتال ۾ ڊگھي عرصي جي علاج لاءِ داخل ڪيو ويو ۽ جھاز بنا گلوءَ جي Sail ڪري ويو. گلوءِ (ھڪ ماڻھوءَ) جي گھٽ ٿيڻ ڪري باقي ٻين خلاصين تي ڪم جو لوڊ ضرور وڌي ويو پر سڀني سک جو ساھھ کنيو تھ گلوءَ جي روز ڦڏن مان جان ڇٽي.

پھرين مڇي مسجد ۾ پھچائين ٿا

بھر حال ھتي پاڻ لکديپ (Laccadive) ٻيٽن جي ڳالھھ ڪنداسين جيڪي ٻيٽ ھندستان جي مغربي ڪناري کان 400 کن ڪلوميٽر پري عربي سمنڊ ۾ آھن. ھنن ٻيٽن مان ڏھاڪو کن تي جيڪي ماڻھو رھن ٿا انھن جو اڌ لک بھ ڪو مس آھي. ھي ٻيٽ انڊيا حڪومت جي قبضي ۾ آھن ۽ ڪوچين کي ويجھو ھجڻ ڪري اتان ريگيولر فيري سسٽم آھي. ٻيٽ تي رھندڙن جو وڏو تعداد مسلمانن جو آھي جيڪي سني فرقي جي شافعي مڪتب فڪر جا آھن.
لکديپ ٻيٽن تي سياحن جي اچڻ جي گھڻي ھمت افزائي نٿي ڪئي وڃي ان ڪري ھي ٻيٽ اڄ بھ ماٺ ۾ ۽ پر سڪون آھن. جيڪي ھن ٻيٽ تي رھن ٿا انھن جي پاڻ ۾ مٽي مائٽي ۽ ڄاڻ سڃاڻ آھي. ورلي ڪو انڌو منڊو چوريءَ جو قصو ٿئي ٿو نھ تھ ھر ھڪ آرام سان رھيو پيو آھي. صاف سٿرا ۽ ننڍا ننڍا ٻيٽ آھن جن جي چوڌاري خوبصورت ڪنارا (beaches) ۽ نيري رنگ جو آسمان ۽ سمنڊ آھي. بقول ڪنھن سياح جي:
“Lakshadweep is the safest and most tranquil place in the World – No Crime, no noise, no dogs and no poisonous snakes either.”
ٻيون وصفون: گھٽ ڏوھھ، گھٽ گوڙ، ڪتن جو نھ ھجڻ تھ ڪيترن ئي ٻين ٻيٽن تي بھ آھي ويندي ملائيشيا جا اھي ڳوٺ جتي مسلمان رھن ٿا رول يا پالتو ڪتا نظر نٿا اچن. بھر حال لکديپ جھڙي خط استوا جي ويجھو ٽراپيڪل قسم جي ٻيٽ تي جتي مينھن ۽ گھم ٻارھوئي ھجي، ڏيڏر، ڪوئا جام ھجن اتي نانگن جو نھ ھجڻ واقعي حيرت جھڙي ڳالھھ آھي.
ھي ٻيٽ جيتوڻيڪ انڊيا جو حصو چيا وڃن ٿا، انڊيا جي ويجھو آھن، ڪجھھ ريتون رسمون ھندو ڪلچر ۽ ڌرم جون آھن تھ بھ گھڻيون ڳالھيون مختلف پڻ آھن. اسلامي رنگ ۾ ھجڻ ڪري ھتي ذات نيات ۽ اڇوتپائيءَ جو چڪر ناھي جيڪو ٻھ اڍائي سؤ کن ميل سامھون، سمنڊ جي ٻئي پار ملبار ڪوسٽ ۽ ڏکڻ ھندستان ۾ آھي. اسلام ھتي گھڻو اڳ ستين صديءَ ۾ آيو. عربن ۽ ھندستاني مسلمانن جي سڱابنديءَ ڪري ھتي جا ماڻھو سھڻا لڳن ٿا جيتوڻيڪ ھنن ٻيٽن تي ڪمائيءَ جا ذريعا محدود ھجڻ ڪري غربت ڏاڍي آھي. ڪپڙو گندي بھ سادو پھرين ٿا پر ھر وقت صاف سٿرو ۽ ڌوتل ھوندن. عورتون ساڙھي ۾ نظر اينديون مرد سفيد ڌوتين ۾. گھڻي مينھن ڪري ھتي سوٽ يا شلوار کان گوڏ ۽ ڌوتي سولي رھي ٿي جنھن کي گھڻي مينھن يا گپ مان ھلڻ وقت گوڏن وٽان موڙي مٿي ڪري سگھجي ٿو.
ھتي جا ماڻھو ناريلن جي پوک ڪن يا ناريلن جي وڻ سان واسطو رکندڙ شين مان ٻھارا ۽ تڏا تونئريون ٺاھين يا مڇيون مارين. سالن کان اڄ بھ اھو وھنوار ھلندو اچي تھ مھاڻا ڦاسايل مڇين مان پھرين مڇي مسجد ۾ پھچائين پوءِ ڀلي امام کائي يا ھو ڪنھن ٻئي غريب غربي کي ڏئي.

مالديپ ٻيٽ مالھا مثل آھن

ننڍي کنڊ جي اوس پاس انڊامان، نڪوبار ۽ لکديپ ٻيٽن کان علاوھ ھڪ ٻيو ٻيٽن جو جھڳٽو مالديپ ٻيٽن جي نالي پڻ آھي جنھن کي مالديو Maldives بھ سڏين. ھي ٻيٽ قدرتي سونھن، موسم ۽ ڌرتيءَ کان الڳ ٿلڳ ھجڻ ڪري دنيا جي ٽوئر سٽن لاءِ (خاص ڪري جپان ۽ يورپ جي ملڪن جي ماڻھن لاءِ) جيڪي پنھنجي شھر جي گوڙ گھمسان کان ڀڄي ڪنھن ماٺ مٺوڙي واري جاءِ تي ڪجھھ ڏينھن گذارڻ چاھين ٿا، بھترين جاءِ آھي.
مالديپ ٻيٽ عربي سمنڊ يا خليج بنگال بدران صحيح معنيٰ ۾ ھندي وڏي سمنڊ ۾ آھن. اھي ڪولمبو (سري لنڪا) کان 640 ڪلوميٽر پري آھن. ڪولبمو کان ھوائي جھاز جي اوٽ موٽ ٽڪيٽ ست ھزار رپيا کن آھي. سنگاپور کان بھ مالديپ ٻيٽن لاءِ ڊائريڪٽ اڏام آھي پر اھا تمام مھنگي آھي. اوٽ موٽ جو ڀاڙو اٽڪل 40ھزار رپيا آھي.
مالديپ ٻيٽن جي جھڳٽي ۾ اٽڪل ٻھ ھزار کن ننڍا وڏا ٻيٽ آھن جن مان 215 اھڙا آھن جن ۾ ماڻھو رھن ٿا. ٻيا ٻيٽ ائين خالي آھن جن تي فقط گھاٽا ٻيلا، جانور ۽ پکي پکڻ آھن يا وري ڪجھھ اھڙا آھن جن تي ڪجھھ بھ نھ آھي. سال جو وڏو حصو سمنڊ ۾ ٻڏل رھن ٿا. ھنن ٻيٽن بابت ھڪ ٻي ڳالھھ اھا آھن تھ مالديپ ٻيٽ (Maldives)ھڪ ھنڌ ھجڻ بدران سمنڊ ۾ پري پري تائين پکڙيل آھن. خط استوا جي اتر کان اٽڪل6 ڊگريون ويڪرائي ڦاڪ (Latitude) کان شروع ٿي خط استوا کان ٿورو ھيٺ تائين ھليا وڃن ٿا. اتراھين ٻِيٽ کان آخري ڏاکڻو ٻيٽ 900 ڪلوميٽر پري آھي. سڀ ٻيٽ ننڍا ننڍا آھن. سڀ ۾ وڏي ٻيٽ جي ڊيگھھ 6 ڪلوميٽر آھي. ھي ٻيٽ ڪنھن ملڪ جي ملڪيت ھجڻ بدران پاڻ ھڪ ملڪ جي حيثيت رکن ٿا جنھن جي گاديءَ جو ھنڌ مالي (Male)آھي. جنھن ٻيٽ تي ھي شھر مالي آھن ان جي ڊيگھھ فقط ھڪ ميل (ڏيڍ ڪلوميٽر کن) آھي. ملڪ جو، يعني ھنن ٻيٽن تي پھچڻ لاءِ جيڪو بين الاقوامي ھوائي اڏو آھي اھو الڳ ٻيٽ تي آھي ۽ اھو ٻيٽ بھ ايترو ننڍو آھي جو ان تي فقط ھوائي اڏو آھي ۽ ھوائي جھازن جي مسافرن لاءِ ماني سپلاءِ ڪرڻ لاءِ ڪجھھ بورچيخانا آھن. مسافر ھوائي جھاز مان لھي مختلف لانچن ۾ يا ڊوميسٽڪ اڏامن ۾ مختلف ٻيٽن ڏي روانا ٿيو وڃن. 1972ع کانپوءِ ٽوئرزم وڌائڻ لاءِ 55 نيون ھوٽلون- ھر ٻيٽ تي ھڪ ھڪ، ٺھرايون ويون آھن، ان کان علاوھ ٽوئرسٽن لاءِ ننڍا گھر، ساديون ۽ سستيون ھوٽلون پڻ ڪيترن ئي ٻيٽن تي آھن- خاص ڪري سمنڊ جي ڪناري تي ننڍيون وڏيون Huts ٺھيل آھن. سمنڊ تھ خير چوڌاري ئي ٿيو. ٻيٽ جي وچ تي ٺھيل گھر يا ھوٽل جي کڏ تي بيھي ڏس تھ چوڌاري سمنڊ ۽ ٻيا ٻيٽ نظر اچن ٿا. ھنن ٻيٽن جي سمنڊ ۾ پوزيشن ائين آھي جيئن ھار ۾ موتي پوئيل ھجن. ھنن ٻيٽن لاءِ ڪنھن خوب لکيو آھي:
“Satered across the equator like jewels flung into the sapphire depths of the Indian Ocean lie the Maldives.

جتي ڪٿي مسجد ۾ نمازي نظر اچن ٿا

مالديپ ٻيٽن جو حال بھ جپان وانگر رھيو آھي. ھتي جا ماڻھو سڀني کان الڳ ٿلڳ ۽ اڪيلا پنھنجي ۾ مگن رھڻ چاھين ٿا. ھو گھڻي ماڊر نزم ۽ ٻين قومن جي ڪلچر کي پنھنجي سان مڪس ڪرڻ نٿا چاھين. ٽوئرزم ھڪ انڊسٽري ٿي پئي آھي ۽ ڪمائيءَ خاطر ھو ڌارين جو آڌر ڀاءُ ڪن ٿا. ھر مسافر کي ايئرپورٽ تي لھڻ شرط ھڪ مھني جي ويزا مليو وڃي پر مھينو کن گھمڻ بعد ھو جتان آيو آھي اوڏانھن روانو ٿي وڃي. ڀلي ڪو انڊين ھجي يا سري لنڪن، آمريڪن ھجي يا دبئي ڪويت جو شيخ، ھو ڪنھن بھ مالديپ جي ٻيٽ تي زمين خريد ڪري نٿو سگھي. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ ڪجھھ ھوٽلون ۽ ھوائي ڪمپنيون ڌارين ملڪن جا ماڻھو ھلائي رھيا آھن پر انھن کي بھ ھتي ھميشھ رھڻ جي شھريت نھ آھي.
مالديپ جا ٻيٽ خط استوا وٽ ھجڻ ڪري انھن تي ڏينھن رات ۾ ڪو خاص فرق ناھي. مينھن گھڻا پون ٿا سال ۾ اٽڪل ھڪ سؤ انچ کن. ٽيمپريچر بھ سڄو سال 27 ڊگريون رھي ٿو ڪا ھڪ ٻھ ڊگري ھيٺ مٿي ٿئي ٿو. ھتي جا رھاڪو مڪس قومن جا آھن. گھڻي ڀاڱي ڏکڻ ھندستان جا دريويدن آھن ۽ ٻئي نمبر تي عرب ۽ سري لنڪا جا سنھالي. بھرحال ھي سڀ گھڻو گھڻو اڳ آيا. ھنن ٻيٽن تي جيڪا زبان ڳالھائي وڃي ٿي ان جو نالو ديويھي (Divehi) آھي جيڪا سري لنڪا (سلون) جي سنھالي زبان سان گھڻو ملي ٿي. ھونءَ بھ سلون ئي ھڪ واحد ملڪ آھي جيڪو ھنن ٻيٽن کي ويجھو آھي. ماضيءَ ۾ جيڪي اوسي پاسي جي ملڪن جون قومون يا يورپي ايندا رھيا سي گھڻي ڀاڱي سلون ۾ رھڻ بعد ھيڏانھن آيا. سنھاليءَ کان علاوھ ھتي جي زبان ۾ ڪيترائي لفظ عربي، ھندي ۽ انگريزيءَ جا پڻ آھن. عربن جو پڻ ھن ٻيٽ تي وڏو اثر آھي جن جا ٻيڙا آفريڪا يا ھند سنڌ کان ھنن ٻيٽن ڏي ايندا رھيا ٿي ۽ ٻارھين صديءَ ۾ ھن ٻيٽ تي اسلام آيو. ھتي جا ماڻھو ملائيشيا جي ماڻھن وانگر عربستان کان آيل عرب واپارين جي اخلاق مان متاثر ٿي ھنن جو مذھب (اسلام) اختيار ڪيو. اڄ مالديپ جو سرڪاري طرح مذھب اسلام آھي ۽ ھتي جا ماڻھو سني فرقي سان تعلق رکن ٿا. جتي ڪٿي مسجد ۽ نمازي نظر اچن ٿا. گادي واري شھر مالي (جنھن ۾ ملڪ جو صدر رھي ٿو) ۾ سونھري گنبذ واري مسجد پري کان نمايان آھي ۽ ھتي ڏنل تصوير ۾ پڻ صاف نظر اچي رھي آھي. ھن مسجد جي سوني گنبذ لاءِ چون ٿا تھ لبيا جي قذافيءَ ٺھرايو.
مالديپ ٻيٽن جي گادي وارو شھر مالي جيڪو ھڪ ميل کن ڊگھي ٻيٽ تي آھي ھوائي جھاز جي لھڻ وقت اڳيان بندرگاھھ ۽ ان ۾ بيٺل ٻيڙيون نظر اچن ٿيون. سوني قبي واري مسجد پڻ نظر اچي ٿي.

مالديپ ٻيٽن تي پور چوگالين ۽ ڊچن بعد انگريزن قبضو ڪيو

مالديپ جي سڀني ٻيٽن جي ايراضي جوڙ ڪئي وڃي تھ ٽي سؤ کن چورس ڪلو ميٽر ٿيندي. ملڪ جو سڪو رفيو (Rufiyaa) آھي جيڪو پڪ ننڍي کنڊ (ھندستان پاڪستان ۽ سلون) جي رپئي مان نڪتل لفظ آھي. بھر حال ھتي جي رپئي ۾ اسان وانگر سؤ پئسا يا سري لنڪا جي رپئي وانگر سؤ سينٽ ھجڻ بدران سؤ لاريون (Larees) آھن. ملڪ جو نالو Islamic Republic of Maldives آھي. 1968ع واري آئين مطابق پنجن سالن لاءِ ملڪ جو صدر چونڊيو ويندو آھي جيڪو حڪومت ۽ رياست جو مک مڃيو وڃي ٿو. ھن جي مدد لاءِ ڪابينا ھوندي آھي. ڪابينا جا وزير مجلس اڳيان جوابدھ ھوندا آھن.مجلس ۾ 48 ميمبر ٿين ٿا جن مان 8 صدر صاحب چونڊيندو آھي باقي 40 عوام ذريعي چونڊيا ويندا آھن.
مالديپ ٻيٽن جي ماڻھن جا خاص ڌنڌا مڇي مارڻ، جھاز سازي (ڪاٺ جون ٻيڙيون ٺاھڻ)، جھاز راني (سندن بھ جھاز آھن ۽ ڌارين ملڪن جي جھازن تي بھ نوڪريون ڪن. ھتي جا رھاڪو بنگالين وانگر سٺا ۽ چئيوان آھن)، ڪپڙي ۽ فرنيچر جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪن، زمين جي کوٽ ھجڻ ڪري ڪا خاص پوک نٿي ٿئي سواءِ ناريلن ۽ بصر پٽاٽي جي. کاڌي جون شيون سري لنڪا ۽ انڊيا مان درآمد ڪيو وڃن ٿيون.
مشھور سياح ابن بطوطھ چوڏھين صديءَ ۾ ھنن ٻيٽن تي پڻ آيو ۽ ھتي ڪافي عرصو جج ٿي رھيو. سندس سفرنامي مطابق انھن ڏينھن ۾ ھنن ٻيٽن تي الدين (ديدي) خاندان جي سلطان جي حڪومت ھئي.
يورپي قومن ۾ پورچاگالي پھريان ھئا جيڪي ھتي آيا. ھنن 1518ع ۾ پنھنجي بيٺڪ قائم ڪئي جيڪا ڏھھ سال کن ھلي. ان بعد سترھين صديءَ ۾ مالديپ جا ٻيٽ ڊچ حاڪمن جي حفاظت ھيٺ ھئا جن جي سري لنڪا (سلون) تي بھ حڪومت ھئي. 18صديءَ جي آخر ڌاري سري لنڪا ۽ مالديپ انگريزن حوالي ٿي ويو جن ھنن جا سلون ۽ مالديو نالا رکيا. ڏاھن انگريزن ھندستان وانگر ھتي بھ جيڪي وڻيو ٿي اھو ڪيائون ٿي پر ظاھري طرح ھنن اھوئي اعلان ڪيو ٿي تھ مالديپ ٻيٽ اتي جي سلطان جي ھٿ ھيٺ آھن. 1953 ۾ سلطانپائي ختم ڪئي وئي پر ھڪ سال بعد اھو سلسلو وري شروع ڪيو ويو. 1956 ع ۾ انگريزن گان (Gan) نالي ٻيٽ تي ھوائي بيس قائم ڪيو.
مالديپ ٻيٽن جي جھڳٽي مان ھڪ ٻيٽ ھولولي تي فقط ايئرپورٽ آھي.

مالديپ ٻيٽ تي پنھنجن طرفان حملو

24 جولاءِ 1965 ع تي مالديپ کي برطانيھ طرفان خود مختياري ملي. ھي ڏينھن ھتي نئشنل ھاليڊي طور ملھايو وڃي ٿو. 1966 ع ۾ مالديپ UNO جو ميمبر ٿيو ۽ 1982ع ۾ برٽش ڪامن ويلٿ ۾ شامل ٿيو.
1986ع ۾ ملڪ ۾ ريفرنڊم ڪرائي سلطانيت ختم ڪئي وئي ۽ ريپبلڪ جو ڍانچو ٺاھيو ويو. امير ابراھيم ناصر ملڪ جو پھريون صدر 1978ع تائين قائم رھيو. ان بعد عبدالقيوم ٿيو ۽ اڃان تائين ھلندو اچي. وچ ۾ عبدالله لطفي نالي واپاريءَ سري لنڪا کان ڀاڙي جا غنڊا وٺي سندس محل تي حملو ڪيو. ڪجھھ سپاھي مارجي ويا پر انقلاب ڪامياب نھ ٿيو. مالي شھر جي گھٽي ۾ صدر جي دشمن کي انگوڇو پارائي اگھاڙي پير سرگس ڪرائي وئي. ھيءَ اسي واري ڏھاڪي جي ڳالھھ آھي. مون وٽ ان جون تصويرون بھ ھيون. ٿي سگھي ٿو ڪتاب ڇپجڻ تائين ملي وڃن ۽ ڇپي سگھجن. انڊيا جا نيول جھاز ان ئي وقت پھچي ويا. سڀني واھھ واھھ ڪئي ۽ مالديپ ٻيٽن کي ھندستان جو ٿورائتو ٿي رھڻو پيو. ھندستاني فوج واپس وڃڻ وقت گھڻي انگھھ پئي ڪئي. غريب ۽ ڪمزور مالديپ حڪومت ۽ ان جي پوليس ۽ بيحد مختصر فوج ھر ھر کلي پئي خدا حافظ ڪيو. (دل ۾ پڪ چئي رھيا ھوندا تھ ھاڻ ٽرو، ھڪڙن کي ڪڍي وري توھان وھندائو ڇا؟) اتي رھندڙ منھنجو ھڪ پاڪستاني دوست ھر وقت مونکي ياد ڏياريندو رھيو تھ پنجاپي فلمن ۾ بھ ائين ئي ٿيندو آھي. ھيرو صاحب ھيروئن کي محلي جي غندن کان ضرور بچائيندو آھي پر ھوءَ منجھائنس سڄي عمر ڦاسي ويندي آھي. سو ھتي بھ دال ۾ ڪجھھ ڪارو آھي. بھر حال انڊيا وارا پنھنجن جھازن تي لڳل بندوقن توبن کي ڍڪي آخر جتان آيا ھئا اوڏانھن موٽي ويا پر مالديپ وارا لڪل "نياپو" سمجھي ويا تھ ھن تر جو ڏاڍو مڙس ڪير آھي جيڪو جنھن کي چاھي ھڙپ ڪري سگھي ٿو. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ ڪشمير جو ھڏو سندس ڳچيءَ ۾ ڦاسي پيو آھي. ڪيترن جي وات تي اھو بھ ھو تھ مالديپ ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ واري لطفيءَ کي ضرور انڊيا طرفان آشيرواد مليل ھوندي نھ تھ ائين ڪيئن ھمت ڪري سگھي ھا. ڪن (انڊيا سان واسطو رکندڙ پريس) ھميشھ وانگر ان بلوي ۾ پاڪستان جو بھ ھٿ ڏيکاريو.

منھنجا پٽ! ھاڻ ھنن ٻيٽن جو والي وارث آئون آھيان

مالديپ تي حملو ڪندڙ ھي ھمراھھ عبدالله لطفي جيڪو اصل ۾ ھنن ٻيٽن جو ئي رھاڪو آھي، ھن کان ھڪ دفعو اڳ بھ صدر کي مارڻ جي رٿ رٿي آيو ھو. انھن ڏينھن ۾ مالديپ جو پھريون صدر ابراھيم ناصي ھو (جيڪو اڄ ڪلھھ سنگاپور ۾ رھي ٿو) پر ان وقت ڪامياب نھ ٿيو.

ايئرپورٽ تي سندس سامان مان پستول نڪري آيو جيڪو ھو ھڪ گڏيءَ ۾ لڪائي آڻي رھيو ھو. کيس ان ڏوھھ ۾ جيل جي سزا ملي. ان بعد ھو ڪولمبو وڃي رھيو ۽ ھينئر جيڪي 75 کن تامل ڌاڙيل پاڻ سان آندا ھئائين انھن لطفيءَ جي ڪولمبو واري پولٽري فارم تي ٽريننگ وتي ھئي. ھڪ وڏي “Progress Light” نالي مال بردار جھاز ۾ ڪولمبو کان چڙھي، مالي ٻيٽ جي ويجھو آڌي رات جو لنگر اچي ڪيرايو. فجر مھل جڏھن جامع مسجد جو ٻانگو مناري جا 167ڏاڪا چڙھي ٻانگ ڏيڻ وارو ھو تھ ھي ننڍين ٻيڙين ذريعي ٻيٽ تي ڪاھي پيا ۽ جيڪو سامھون آين ٿي ان کي ماريائون ٿي. مسجد جو امام بھ شھيد ٿي ويو. صدر صاحب ڪنھن ڳجھي ھنڌ تي لڪي ويو ان کي ڳولي نھ سگھيا. فرسٽريشن ۾ ھنن پنجاھھ ماڻھن کي اغوا ڪيو جن ۾ وزير مواصلات احمد مجتبيٰ بھ ھو. انھيءَ دوران انڊيا طرفان ڏيڍ ھزار کن فوجي ھولولي Hulule ھوائي اڏي تي انڊين ايئر فورس جي جھاز ۾ پھچي ويا. 18ڪلاڪ وٺ وٺان ھلي پر ھن ٻيٽ جا ماڻھو ڄڻ تھ خواب مان جاڳي پيا تھ ھي ٻيٽ جيڪو صدين کان سڪون جو علائقو سمجھيو ويو ٿي ان تي ڪنھن بھ وقت ڪجھھ بھ ٿي سگھي ٿو. غريب ملڪ جنھن لاءِ پوليس رکڻ بھ وڏي خرچ جي ڳالھھ آھي ان کي مجبور ٿي بحري فوج (Navy) رکڻي پيئي جيئن اھڙي امرجنسي ٿي پوي تھ منھن ڏئي سگھجي.
ٻھ ڳالھيون ھن وقت بھ ياد اچي رھيون آھن: جھلجڻ بعد لطفيءَ کان جڏھن ڀڇيو ويو تھ ڇا تو سمجھيو ٿي تھ ستر اسي ماڻھن ۽ ڪجھھ بندوقن جي مدد سان تون ملڪ جو تختو اٿلائي صدر ٿي سگھئين ٿي؟ جواب ۾ وراڻيائين (Why not) (ڇونھ)
18ڪلاڪن جي ڀڄ ڀڄان ۽ حملي ۾ جنھن ۾ شروع ۾ تھ سندن ئي سوڀ نظر اچي رھي ھئي لطفي پنھنجي پھرين زال جي گھر پڻ ويو ۽ پنھنجي پٽ کي چيو: " فڪر نھ ڪر منھنجا پٽ! اڄ کانپوءِ توکي جنھن ملڪ ۾ پڙھڻ جي اسڪالرشپ کپي اھا توکي ملي سگھي ٿي. ھاڻ ھنن ٻيٽن جو والي وارث آئون آھيان." ۽ واقعي والي وارث لطفي ٿي وڃي ھا پر قدرت چونڊيل صدر عبدالقيوم کي بچائي ورتو.

ھنن ٻيٽن تي ابن بطوطا بھ آيو تھ مارڪو پولو بھ

مالديپ سامونڊي تانگھن ڪنارن (Beaches) ۽ انھن جي صاف ۽ سفيد ريتيءَ کان مشھور آھن. ھنن ٻيٽن تي سادگي واري زندگي آھي جيڪا ھتي جا ماڻھو پسند ڪن ٿا. ھو گھڻو ماڊرن ۽ شھري زندگي کان پاسو ڪن ٿا. غربت ۽ ڪمائي جي ٻين ذريعن نھ ھجڻ ڪري ھنن ٽوئرزم کي قبول ڪيو آھي تھ ڌارين ملڪن جا ماڻھو سندن ٻيٽ تي گھمڻ لاءِ اچن پر دلئون نٿا چاھين تھ ڪو ٻاھران اچي سندن Life Style کي ڊسٽرب ڪري. ان ھوندي بھ ڪوشش ڪئي اٿن تھ سياح ۽ مسافر ڪن چند ٻيٽن تان گھمي ڦري ھليا وڃن. مڪاني ماڻھن جو گھڻو لاڙو مذھب ڏي آھي. جتي ڪٿي مسجد نظر اچي ٿي ۽ ماڻھن جو سڄو ڏينھن مسجدن ڏي اچڻ وڃڻ عام آھي. مختلف ٻيٽن تي ڌارين سياحن لاءِ ڪجھھ ھوٽلن تي انھن ۾ رھندڙن کي شراب ملي ٿو باقي ڪنھن بھ مڪاني يا ڌارئين کي شراب آڻڻ جي سختي سان منع آھي. ايئرپورٽ ۽ بندرگاھھ ۾ ٻاھران آيلن جي سامان جي سختيءَ سان چيڪنگ ٿئي ٿي ۽ شراب ۽ نشي وارين شين کان علاوھ سوئر مان ٺھيل مختلف شين جي آڻڻ تي بھ سختيءَ سان پابندي آھي.
ھندي وڏي سمنڊ ۾ چون ٿا تھ 700 کن مڇين جا مختلف قسم آھن جن مان ڪي ڪھڙي ايشيائي يا آفريڪي ملڪ ۾ نظر اچن ٿيون تھ ڪي ڪھڙي ۾. پر مالديپ ٻيٽ اھو ھنڌ آھي جتي انھن جون ذري گھٽ سڀ جنسون ملن ٿيون. ھنن ٻيٽن جا شروع وارا رھاڪو جيتوڻيڪ سري لنڪا پاسي جا ٻِڌ ڌرم سان واسطو رکندڙ ھئا پر ٻارھينءَ صديءَ کانپوءِ گھڻائي مسلمانن جي ئي نظر اچي ٿي. اڄ بھ ڪيتريون ئي پراڻيون مسجدون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون جن مان ھڪ 1656 جي ٺھيل آھي. ھن ٻيٽ تي ڪيترائي مسافر پراڻي زماني کان ھلي ملي گھمڻ خاطر، جھاز ڀڄڻ ۽ ٻڏڻ تي يا رستو ڀلجڻ تي ھيڏانھن ايندا رھيا. پراڻي زماني جي سياحن ھنن ٻيٽن جو نالو مالھا ديـِـو (Maladiv) رکيو جنھن جي معنيٰ ٻيٽن جو ھار آھي. ھونءَ بھ ھي ٻيٽن جو جھڳٽو گھڻو مٿي کان ڏسجي ٿو تھ ھار وانگر لڳي ٿو. ابن بطوطا کان علاوھ ٻيا بھ ڪيترائي مشھور سياح، تاريخدان ۽ ليکڪ ھنن ٻيٽن تي آيا. ھڪ ٻيو مشھور سياح جيڪو ھتان کان اچي نڪتو اھو يورپ جو مارڪو پولو آھي. مارڪو پولو ھنن ٻيٽن کي “The flower of the indies” سڏيو آھي. مڪاني ماڻھو ھنن ٻيٽن کي اڄ ڪلھھ "ديـِـويھي راجي" (ٻيٽ واري سلطنت) سڏين ٿا. جيتوڻيڪ سڀني ٻيٽن جي جملي آدمشماري ڪا ٻھ لک مس آھي پر ڪمائيءَ جا ڪي خاص ذريعا نھ ھجڻ ڪري ھي ملڪ دنيا جي غريب ترين ملڪن مان ھڪ آھي. پئسي ڏوڪڙ ۾ بھ تھ ٽيڪنيڪل معلومات ۾ بھ.

ابن بطوطا حج جي ارادي سان گھران نڪتو

مالديپ ٻيٽن جي ذڪر دور ان دنيا جي ٻن مشھور ۽ آڳاٽن سياحن: ابن بطوطا ۽ مارڪو پولو جا نالا آيا آھن. ھتي ھنن چوڏھين ۽ تيرھين صديءَ جي سفر ڪندڙن (travelers) جو مختصر احوال ڏيڻ بي محل نھ ٿيندو.
ابن بطوطھ ھڪ مسلمان سياح ھو. سندس نالو ابو عبدالله محمد ھو پاڻ 1304ع سن ۾ موراڪو (مراڪش) جي شھر طنج (Tangier) ۾ ڄائو ڏٺو وڃي تھ ھي ھمايون ۽ بابر جھڙن مغل بادشاھن کان بھ گھڻو اڳ ڄائو ۽ ان وقت جي دنيا جو سير ڪيائين. ابن بطوطھ جو جنھن خاندان سان تعلق ھو اھي وقت جا قاضي (فيصلا ڪندڙ) ھئا. پاڻ بھ قاضي (جج) ھو. 21سالن جي ڄمار ۾ ھو حج ڪرڻ لاءِ مڪي ڏي روانو ٿيو. گھران نڪرڻ وقت ھن جو ارادو فقط مذھبي ڊيوٽي (حج جي ادائگي) ۽ اوڀر جي عالمن وٽان علم پرائڻ ھو. پر پوءِ گھر کان ٻاھر نڪرڻ بعد ھن کي ملڪ ملڪ گھمڻ جو شوق پيدا ٿي پيو ۽ فيصلو ڪيائين تھ جيتريقدر ٿي سگھندو دنيا جا گھڻي کان گھڻا علائقا گھمندس. ھن جو ڪيترن ئي شاھي درٻارن ۾ آڌرڀاءُ ڪيو ويو. ھن مسلمانن جو ھڪ ھڪ ملڪ گھميو ۽ اٽڪل سٺ کن بادشاھن، حاڪمن ۽ راجائن ۽ ڪيترن ئي راڻين سان مليو ۽ پنھنجو سفر نامون قلمبند ڪيو. سندس ڪتاب (سفرنامون) اڄ ڇھھ سؤ سال گذرڻ بعد بھ ساڳي شوق سان پڙھيو وڃي ٿو.
ابن بطوطھ گھران نڪرڻ وقت اولھھ ۽ اتر آفريڪا جي ملڪن مان ٿيندو دمشق، بغداد پھتو. دمشق ۾ ڏٺائين تھ خليفھ وليد مسجد جي ٻاھران شھر جا اھم نوٽري پبلڪ اسٽال ٺاھيو ويٺا ھئا. ھر ھڪ وٽ ڇھھ کن شاھد موجود ھئا جيڪو ڇوڪرو ڇوڪري شاديءَ لاءِ آيو ٿي تھ ھن في وٺي اتي جو اتي نڪاح نامون تيار ڪري ڏنو ٿي. کين قاضي طرفان اجازت مليل ھئي. ھي ائين ھو جيئن اڄ ڪلھھ مغربي ملڪن ۾ سول مئريجون (شاديون) ٿين ٿيون.
بغداد کان مديني ۽ مڪي واري رستي " ضرب زبيدھ" تي جتي ڪٿي مسافرن جي لاءِ پاڻيءَ جو بندوبست ٿيل ھو جيڪو خليفي ھارون رشيد جي زال زبيدھ طرفان ھو. اڄ بھ ان رستي ۾ ڪا ورلي تبديلي آئي آھي.
حج دوران ابن بطوطھ بيمار ٿي پيو ۽ ھن طواف ۽ سعي پيرين پنڌ ڪرڻ بدران امير جي گھوڙي تي چڙھي ڪئي. (سعي صفا ۽ مرواھ ٽڪرين جي وچ ۾ ست ڦيرا ڪرڻ کي سڏجي ٿو) يمن ۾ ابن بطوطھ زابد شھر ۾ رھيو جيڪو انھن ڏينھن ۾ اتي جو ٻيو نمبر وڏو شھر ھو. ايران ۾ ابن بطوطھ ابو سعيد سان مليو جيڪو ايران جي منگول گھراڻي جو آخري خان ھو. ھن وائسراءِ جي خاتون جي حاضري اچي ڀري جيڪا آغا سڏي وئي ٿي. خاتون ابن بطوطھ کي پئسا ۽ سواري لاءِ گھوڙو سوغات طور ڏنو. ابن بطوطھ کي شيراز شھر جا ماڻھو بيحد نيڪ ۽ سچار لڳا.

مالديپ ٻيٽن تي ابن بطوطھ قاضي ٿي رھيو

ايران بعد بطوطھ ڪجھھ عرصو ترڪيءَ ۾رھيو جتي ويجھڙائيءَ ۾ عثمانلي (Ottaman Empire) جي سلطنت شروع ٿي ھئي. بھر حال ابن بطوطھ وچ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن مان ٿيندو ھندستان پھتو. دھليءَ ۾ سلطان محمد ابن تغلق سندس آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ کيس دھليءَ جو وڏو قاضي مقرر ڪيو. دھليءَ ۾ اٺ سال رھڻ بعد 1342ع ۾ کيس سلطان جي سفير جي حيثيت سان چين موڪليو ويو. رستي تي ھندن کيس ماريو ٿي پر ھو پنھنجي جان بچائي وٺي ڀڳو.
ھڪ سامونڊي سفر ۾ سندس جھاز ڪاليڪٽ (ملبار ڪوسٽ) وٽ ڀڄي پيو. ڪجھھ ڏينھن اتي رھڻ بعد ھو مالديپ ٻيٽ ڏي ھليو آيو. مالديپ ٻيٽ لاءِ ابن بطوطا لکي ٿو تھ: " مالديپ ٻيٽ جا رھاڪو سڀ مسلمان آھن. اھي نيڪ ۽ پرھيز گار آھن. ھنن جي زالن پنھنجن وارن کي ڦڻي ڏئي ھڪ پاسي سينڌ ڪڍي ٿي. ھنن ٻيٽن جي گھڻي ڀاڱي زالن ڪپڙي جي ٽڪر (گوڏ) سان فقط ھيٺيون ڌڙ ڍڪيو ٿي مٿيون حصو اگھاڙو رکيو ٿي"
ابن بطوطھ ھن ٻيٽ (مالديپ) تي ٻھ سال کن قاضي ٿي رھيو. ان عرصي دوران ھن (بقول سندس) ٻيٽ جي عورتن کي گھٽ ۾ گھٽ سندس درٻار ( ڪورٽ) ۾ اگھاڙو ٿي اچڻ کان سختيءَ سان منع ڪري ڇڏي. ان کان وڌيڪ ٻي ڪنھن ڳالھھ تي ھن جي ھلي بھ ڪانھ ٿي.
ابن بطوطھ پنھنجي احوال ۾ مالديپ ٻيٽن بابت لکيو آھي تھ ھن جي ڏينھن ۾ ھنن ٻيٽن جي حاڪم خديجا نالي عورت ھئي ڇو تھ سلطانن جي خاندان ۾ انھن ڏينھن ۾ ڪوبھ مرد ماڻھو نھ ھو. قاضيءَ کي وڏي عزت جي نگاھھ سان ڏٺو ويو ٿي ۽ ھن جي ڏنل ھر فتوا شاھي حڪم برابر ھئي. بلڪ ان معاملي ۾ حاڪم کان بھ وڌيڪ قاضيءَ جي آرڊرن جي پوئواري ڪئي وئي ٿي. شاھي خاندان کي پنھنجي ھڪ ھزار کن سپاھين جي فوج ھئي جنھن جي رڪروٽنگ ٻاھران ڪئي وئي ٿي. (گھڻو ڪري سري لنڪا مان ماڻھو گھرايا ويندا ھوندا جو اھو ئي ملڪ مالديپ ٻيٽن کي ويجھو آھي).

ابن بطوطھ مالديپ بعد بنگال، برما، سيام ۽ سماترا روانو ٿيو

قاضي صاحب يعني ابن بطوطھ مالديپ ۾ بھ اتي جي ھڪ مڪاني عورت سان شادي ڪئي. ٻن سالن بعد وري اڳتي جي سفر لاءِ نڪتو. 1344ع ۾ سندس جھاز ھندي سمنڊ ۾ ھلندي طوفان جي ور چڙھي ويو ۽ سلون کان اچي نڪتو. سلون جو بادشاھھ غير مسلم ھو پر ھن کي فارسي آئي ٿي، ابن بطوطھ پنھنجي سفرنامي ۾ لکيو آھي تھ ھن ابن بطوطھ جھڙي پڙھيل ڳڙھيل ۽ علم جي ڄاڻ رکندڙ سياح جي وڏي دل سان آجيان ڪئي ۽ کيس آدم جبل جي چوٽيءَ ڏسڻ لاءِ پنھنجا خاص ماڻھو شامل ڪري ڏنا. اڄ ڪلھھ ان جبل جي چوٽيءَ تي پھچڻ سولو ڪم ٿي پيو آھي پر ساڍا ڇھھ سؤ سال اڳ نھ بجلي ھئي نھ رستا ٺھيل ھئا. ھي اھو جبل آھي جنھن لاءِ چيو وڃي ٿو تھ جنت مان نڪرڻ وقت حضرت آدم ھن جبل تي لٿو ھو.
سري لنڪا بعد ابن بطوطھ سلھٽ (اڄ ڪلھھ بنگلاديش جو شھر) کان وڃي نڪتو. اتي ھن جي ملاقات طبريز جي شيخ جلال دين سان ٿي. بنگال بعد ابن بطوطھ برما جي ڪناري واري شھرن ۾ گھمندو رھيو. اتان پوءِ ھو يا سمنڊ ذريعي يا سيام (ٿائلنڊ) ۽ ملايا جي خشڪي واري رستي کان ٿيندو سماترا ٻيٽ کان وڃي نڪتو جيڪو اڄ ڪلھھ انڊونيشيا جو وڏي ۾ وڏو ٻيٽ آھي. سماترا جي سلطان ابن بطوطھ کي نئون جھاز ڏنو. (انھن ڏينھن جا جھاز ڪي اڄ جھڙا لوھي، انجڻين وارا ۽ وڏا نھ ھئا. ڪاٺ جا سڙھھ تي ھلندڙ جھاز ھئا. جن جي بناوٽ بھ آسان ھئي منجھن ھڪ يا ٻھ ڪمرا ھوندا ھئا. ڪاڪوس آخري ڇيڙي تي، اڌ جھاز مٿان تھ اڌ سمنڊ مٿان. ھوندو ھو. ٻيلا ۽ ڪاٺ جام ھو. مزور ۽ ڪاريگر واندا ھئا. سو گھڻو خرچ نھ ايندو ھو.
ابن بطوطھ جھاز کڻي اتي جي ماڻھن سان نڪتو. ھندستان اولھھ واري ڪناري وٽ ڪجھھ غير مسلمان قذاقن ھن جي جھاز تي حملو ڪيو ۽ ھن جو ھڙ سامان کڻي ويا. ڀر ۾ ڪاليڪٽ جو بندرگاھھ ھو اتي اچي پناھھ ورتائين. اتي رھائش دوران مالديپ ٻيٽن کان ايندڙ ماڻھن کان کيس خبر پيئي تھ مالديپ ٻيٽ تي جنھن عورت سان شادي ڪئي ھئائين ان کي سندس وڃڻ بعد پٽ ڄائو. ابن بطوطھ پنھنجي پٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ مالديپ ٻيٽ ڏي روانو ٿيو. ھن جي سٺي آڌرڀاءُ ڪئي وئي پر سندس زال جنھن جو تعلق شاھي گھراڻي سان ھو ان شھر جي قاضيءَ وٽ فرياد داخل ڪيو. قاضي ۽ ملڪ جي وزير اھو فيصلو ڏنو تھ بھرحال پٽ ابن بطوطھ جو آھي ۽ ھو ھن کي پنھنجو پٽ کڻڻ کان نھ جھليندا. ۽ پوءِ جڏھن ننڍڙي ٻار کن ابن بطوطھ وٽ آندو ويو تھ ھن اھو ئي بھتر سمجھيو تھ ٻار ماءُ وٽ ئي رھي تھ سٺو.

ھنن جوان حبشڻ کي ڪچوئي کائي ڇڏيو

ان کان ويھھ سال اڳ ابن بطوطھ بغداد ۾ بھ ھڪ زال پيٽ سان ڇڏي آيو ھو جنھن کي بعد ۾ پٽ ڄائو ھو. ھو ان زال ۽ ٻار سان ملڻ لاءِ بغداد آيو پر اتي پھچي خبر پيس تھ اھي ٻئي گذاري ويا. ابن بطوطھ کي پنھنجي پيءُ جي مري وڃڻ جي پڻ اتي خبر پيئي ۽ اھو پڻ تھ سندس والدھ سخت بيمار آھي. انھن ڏينھن ۾ پليگ نموني جي بيماري (Black Death) چوڌاري پکڙيل ھو. ان بابت ابن بطوطھ لکي ٿو تھ غازا ۾ روزانو ھزار کن ماڻھو مرن ٿا ۽ دمشق ۾ 2400 کن. قاھرھ (مصر) ۾ موت جو انگ 2100 يوميھ ٿي ويو.
مشھور تورايخ نويس ابن خلدون جنھن جو والد پڻ ٽيونس ۾ ان موت جو شڪار ٿي ويو ھو اھو پڻ ابن بطوطھ جي ان ڳالھھ کي صحيح قرار ڏئي ٿو تھ محل محلاتون، شھر گھٽيون ويران ۽ خالي ٿي ويا ھئا ڄڻ تھ ڪو راڪاس گھمي ويو ھجي.
ابن بطوطھ اسپين ۾ بھ آيو ۽ غرناطھ جو شھر ڏٺائين. ان بعد ھو سوڊان ويو. پنھنجي وطن موٽڻ لاءِ صحرا جو رڻ پٽ ٽپڻ دوران رستي تي مغربي آفريڪا جا مشھور ملڪ: مالي ۽ نائيجر (Niger) پڻ ڏٺا ماضي ۾ مالي ملڪ امير ترين ٿي رھيو آھي ۽ جن ڏينھن ۾ ابن بطوطھ اتي پھتو ھو انھن ڏينھن ۾ مالي پئسي ۽ پاور (سياسي توڙي ملٽري طاقت ۾) اوج تي ھو. منسا (سلطان) سليمان جيڪو ملڪ جو حاڪم ھو، ابن بطوطھ جو آڌرڀاءُ ڪيو. ابن بطوطھ لکيو آھي تھ ھتي ٻارن قرآن حفظ ڪيو ٿي. مسجد ۾ ايترا نمازي ايندا ھئا جو جمعي نماز تي تھ فقط انھن کي مسجد ۾ جاءِ ملي نھ سگھندي ھئي جيڪي اڳ ۾ پھچندا ھئا. ھن ڏٺو تھ ھتي عورتن پڙدو تمام گھٽ ٿي ڪيو. شيدي نوڪرياڻيون ۽ نوجوان ڇوڪريون ھر ھڪ جي اڳيان اگھاڙيون ٿي ھليون ٿي. ويندي سلطان جون ڌيئون بھ اگھاڙيون ٿي ھليون ٿي. ملڪ ۾ اڃان بھ آدمخور قبيلا موجود ھئا. انسان جو گوشت کائيندڙ ھڪ اھڙي قبيلي جا " چڱا مڙس" پنھنجي امير سان گڏ سلطان سليمان جي درٻِار ۾ حاضري ڀرڻ آيا. سلطان مھمانوازي طور ھنن کي سندن خذمت چاڪريءَ لاءِ ھڪ جوان حبشڻ تحفي ۾ ڏني. ھنن ھن کي ماري ڪچوئي کائي ڇڏيو. ان بعد ھٿ ۽ منھن صاف ڪندي سلطان سليمان جا ٿورا مڃڻ لاءِ آيا.
منسا (سلطان) موسيٰ ھڪ دفعي قاضيءَ کي سزا طور ھڪ اھڙي جنگل ۾ اماڻي ڇڏيو جتي جا ماڻھو آدمخور (Cannibals) ھئا. چئن سالن بعد ھو صحيح سلامت پنھنج وطن (يورپ) موڪليو ويو. ھن کي جنگلي ماڻھن نھ ڪچو ۽ نھ رڌي کاڌو- ان ڪري جو ھنن جي عقيدي موجب اڇو ماڻھو بي سواد آھي ۽ بدھضمي پئدا ڪري ٿو.

ابن بطوطھ سنڌ ۾ بھ ڪافي ڏينھن رھيو

بھر حال اھو ابن بطوطھ جو باقي دنيا جو سير ھو. ھن جو خشڪي ۽ سمنڊ ذريعي سنڌ وٽان لنگھھ ٿيو. ان وقت انجڻين وارا طاقتور جھاز نھ ھئا جڪي سمنڊ جو وچ ڏئي ھلن ٿا. ڪپڙي جي سڙھن تي ھلندڙ ڪاٺ جا جھاز ھئا جن Coastingڪئي ٿي يعني ڪناور ڏئي ھليا ٿي. جھاز تي ٿڌا ڪمرا (Refrigerated Stores) ۽ سمنڊ جي کاري پاڻيءَ مان مٺو ٺاھڻ جا (F.W. Evaporator) پلانٽ بھ نھ ھئا. جھازين کي ٿوري ڳالھھ تي ٿـَـڪ ڀڃڻ لاءِ سھوليتن وارا بندرگاھھ (سـَـتـَـڙ) ڳولي ترسڻو پيو ٿي ۽ انھن ڏينھن ۾ سنڌ جو لاھري بندر (ٺٽي ڀرسان) اڄ جي سنگاپور ۽ ھانگ ڪانگ کان وڌيڪ اھم ھو ۽ نھ فقط جھاز لاھري بندرگاھھ تائين آيا ٿي پر کارو لتاڙي مٺي ۾ ويا ٿي- يعني سمنڊ لتاڙي سنڌونديءَ ۾ گھڙيا ٿي ۽ ملتان تائين ھليا ويا ٿي. جھاز ننڍا ھئا سنڌونديءَ ۾ پاڻيءَ جام ھو يعني ھي درياھھ جھازين لاءِ Navigable ھوجيئن دنيا جون اڄ ڪيتريون ئي نديون آھن جن ۾ جھاز اندر تائين ھليا وڃن ٿا جھڙوڪ ٿائلنڊ جو بندرگاھھ بئنڪاڪ درياھھ ۾ ڪافي اندر آھي. جيئن روھڙي سکر عربي سمنڊ کان. اھڙي طرح آمريڪا USA جي مشھور شھر نيو اورلينس لاءِ اسان کي جھاز مسي سپي نديءَ ۾ سؤ ميل کن اندر وٺي وڃڻو پوي ٿو. سو ان زماني ۾ سنڌ جو نھ فقط سامونڊي بندرگاھھ لاھري بندر مشھور ھو پر اندريان دريائي بندرگاھھ سيوھڻ، ٻڍاپور، ڊڀرو، ھالا پراڻا روھڙي وغيره سلون ۽ ملايا کان عرب دنيا تائين مشھور ھئا. انھن ڏينھن ۾ پنجاب ۽ بلوچستان جو بھ ڪافي حصو سنڌ ۾ آيو ٿي. ۽ ساڳي وقت سنڌ ۾ ايندڙ مختلف ديسن کان جھازن انھن ملڪن جي خبر چار آندي ٿي. انھن ڏينھن ۾ جاوا (انڊونيشيا جو ٻيٽ) مرچ مسالن ۽ لؤنگ ڦوٽن کان مشھور ھو ۽ سلون (سري لنڪا) جنھن کي فقط لنڪا بھ چوندا ھئا ھيرن جواھرن ۽ لعل ربين کان مشھور ھو ۽ ھر ھڪ، جنھن سکيو ستابو ٿيڻ چاھيو ٿي، جاوا ۽ لنڪا وڃڻ جي تمنا رکي ٿي جيئن اڄ جا ماڻھو دبئي، ڪويت، سعودي عرب ۽ آمريڪا وڃڻ جي تمنا رکن ٿا.
ان جي عڪاسي شاھھ لطيف بھ ڪئي آھي:

لنڪا لنڪا، لئي لنڪا او ھيريا....
سڻي سون لنڪا جو، سک نھ سامونڊين....

۽ جاوا (انڊونيشيا جي ٻيٽ) لاءِ بھ اسان وٽ ڪيتريون ئي چوڻيون ۽ پھاڪا مشھور آھن چي: " جيڪي ويا جاوا سي سدائين ڍاوا، سدائين ساوا... "وغيره. سو اھو ٿي نٿو سگھي تھ ڪو عربي سمنڊ مان لنگھي يا سلون (سري لنڪا) ۽ عرب ملڪن ۾ وڃي ۽ سنڌ جي بندرگاھن جي ناموس نھ ٻڌي. ابن بطوطھ صاحب بھ سنڌ ۾ آيو ۽ ڪيترائي شھر گھميو ۽ ڪيترن بزرگن سان ملاقاتون ڪيائين جن جو احوال پڻ ھن پنھنجي سفرنامي ۾ قلمبند ڪيو آھي. ابن بطوطھ جو ھي سفرنامون دنيا جي ڪيترين ئي زبانن ۾ ترجمو ٿيل آھي پر اصل ڪتاب عربي ۾ لکيل آھي جنھن جو نالو " تحفتھ النظر في غرائب الابصار " آھي.

ابن بطوطھ جنھاڻ ڳوٺ ۽ ان ۾ رھندڙ سومرن جي تعريف ڪئي آھي

ابن بطوطھ پھرين محرم734ھجري 1333)ع( تي سنڌو درياھ کان لنگھيو. ٻن ڏينھن جي پنڌ کانپوءِ ھو جناني شھر ۾ پھتو. (جنھن شھر جناني جو ابن بطوطھ پنھنجي ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آھي اھو اڄ وارو جنھاڻ سومرو آھي جيڪو ھاڻ ضلعي ٺٽي جي ميرپور بٺوري تعلقي ۾ واقع آھي). ھن شھر بابت لکي ٿو تھ:
" ھي وڏو ۽ خوبصورت شھر درياءِ جي ڪناري تي آھي. ھن شھر ۾ سومرا قوم جا ماڻھو رھن ٿا، جيڪي قديم زماني کان ھتي رھندڙ آھن. تاريخدان لکن ٿا تھ حجاج بن يوسف جي ڏينھن ۾ جڏھن سنڌ فتح ٿي، تھ ھن قوم جا ماڻھو ھن شھر ۾ رھندا ھئا. شيخ بھاؤالدين ذڪريا قريشي ملتانيءَ جي پوٽي شيخ رڪن دين مونکي ٻڌايو ھو، تھ سندن وڏو ڏاڏو محمد بن قاسم جي ان لشڪر ۾ ھو جيڪو حجاج، عراق مان موڪليو ويو ھو. پوءِ ھو ھن ملڪ ۾ ترسي پيو، ۽ سندس اولاد وڌيو ويجھيو. ھي شيخ رڪن الدين اھو آھي جنھن بابت شيخ برھان الدين مونکي شھر اسڪندريھ ۾ چيو ھو، تھ ان سان ملجانءِ".
ابن بطوطھ، سومرن جي رھڻي ڪھڻي بابت بھ لکيو آھي. بھرحال جناني کان ھلي ھو سيوھڻ پھتو. سيوھڻ بابت لکي ٿو:
" ھي ھڪ وڏو شھر آھي ۽ ريگستان ۾ واقع آھي. ھتي کانسواءِ ٻئي ڪنھن ھنڌ وڻ نظر نھ آيو. نھر جي ڪناري تي گدرن کانسواءِ ٻي پوک نھ ٿي ٿئي. ھن شھر ۾ مڇي تمام گھڻي آھي ۽ ھت ماھيو کير بھ جھجو آھي. ھتي جا ماڻھو اسقنقور (سانڊي جو قسم، گلوئي) بھ کائيندا آھن. ھي جانور پيرن تي ھلي ٿو، ۽ ڳوھھ جي شڪل جھڙو ٿئي ٿو پر ان کي پڇ ڪونھ ٿئي. ھتي جا ماڻھو ھن کي واريءَ مان کوٽي ڪڍندا آھن، ۽ ان جو پيٽ چيري، گندگي صاف ڪري، زعفران بدران ھئڊ ڀري، پچائي کائيندا آھن."
ابن بطوطھ سيوھڻ جي گرميءَ بابت لکي ٿو تھ:
" اسان ھن شھر ۾ پھتاسون تھ سخت گرمي ھئي. منھنجا ساٿي ھر وقت لڱين اگھاڙا ھوندا ھئا. ھو ھڪ وڏو رومال پاڻيءَ مان پسائي، مٿي تي رکندا ھئا تھ ٻيو رومال آلو ڪري ڪلھن تي رکندا ھئا. رومال سڪي ويندا ھئا تھ وري آلا ڪندا ھئا. "
ابن بطوطھ سيوھڻ ۾ شھر جي خطيب شيبانيءَ سان مليو، جنھن کيس حضرت عمربن عبدالعزيز جو پروانو ڏيکاريو جيڪو سندس پيڙھي جي وڏي ڏاڏي کي خطيب مقرر ڪرڻ وقت ڏنو ھو. ان تي سن 99 ھجري لکيل ھو. ان کانسواءِ ھو شيخ محمد بغداديءَ سان پڻ مليو جيڪو حضرت قلندر شھباز جي درگاھھ جي ھڪ ڪوٺيءَ ۾ رھندو ھو. ھن کيس پنھنجي عمر 140کان مٿي ٻڌائي. ھن جو چوڻ ھو تھ ھو ان وقت بغداد ۾ موجود ھو، جڏھن ھلاڪو خان، خليفي معتصم باالله کي قتل ڪيو ھو. سندس اچڻ کان اڳ ۾ ونار (انڙ-سمون) ۽ قيصر، مرڪزي حڪومت کان بغاوت ڪري، سيوھڻ ۾ خودمختيار حڪومت قائم ڪئي ھئي. اھو ٻڌي ملتان جو گورنر عماد الملڪ سيوھڻ تي ڪاھي آيو ھو. قيصر بھ مقابلو ڪيو پر پوءِ جڏھن پڄي نھ سگھيو تھ قلعي ۾ بند ٿي ويھي رھيو. آخر ٻنھي ۾ في الحال ٺاھھ ٿيو پر پوءِ سرتيز عماد الملڪ ساڻس دغا ڪئي.

ابن بطوطھ کي لاھري بندر ۽ بکر وڻيو پر سيوھڻ جي گرميءَ ضرور ستايس

ان کانپوءِ ابن بطوطھ سنڌ جي سامونڊي بندر لاھري جو ذڪر ڪيو آھي. لاھري بابت لکي ٿو تھ ھي خوبصورت شھر سمنڊ جي ڪناري واقع آھي. ان جي ويجھو سنڌو درياءَ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو. ھي وڏو بندرگاھھ آھي جتي يمن ۽ فارس جا واپاري وڏي تعداد ۾ آھن. انھيءَ ڪري ھي شھر ڏاڍو شاھوڪار آھي ۽ ان جو محصول بھ تمام گھڻو آھي. قاضي علاؤالملڪ فصيح الدين خراسانيءَ (ان وقت دھلي حڪومت طرفان لاھري بندر جي حاڪم) مون کي ٻڌايو تھ ھن بندر جو محصول سٺ لک دينار آھي جنھن جو ويھون حصو کيس ملي ٿو."
لاھري بندر کان پوءِ ابن بطوطھ بکر آيو. روھڙي ۽ سکر جي ڀرسان ھن ٻيٽ نما بکر بابت ابن بطوطھ لکي ٿو تھ: " ھي ڏاڍو خوبصورت شھر آھي. سنڌو درياءَ جي ھڪ شاخ ھن جي وچان لنگھي ٿي. شاخ جي وچ ۾ ھڪ خوبصورت درگاھھ آھي، جتي ھر مسافر کي کاڌو ملي ٿو. اھا ڪشلو خان تيار ڪرائي ھئي. ھتي منھنجي ملاقات امام عبدالله حنفي ۽ شھر جي قاضي ابو حنيفھ شمس الدين شيرازيءَ سان ٿي. شمس الدين جي عمر ھن جي چوڻ موجب 120 سال ھئي،"
بکر کان پوءِ ابن بطوطھ سنڌ ڇڏي ڏکڻ ڏي اچ ويو. ضرور روھڙيءَ مان ٻيڙيءَ يا جھاز ذريعي سنڌوندي مان سامونڊي ڪناري واري بندر لاھري آيو ھوندو جتان ساڳي جھاز يا ڪنھن ٻئي ملڪ جي ٻئي جھاز ذريعي اچ (گجرات) ڏي ويو ھوندو. اڃان ھيٺ وڌيڪ ڏکڻ ۾ بمبئي، دوارڪا، ڪاليڪٽ ۽ گوا جھڙا مشھور بندرگاھھ آھن جتان ڪيترائي ٻيڙا لنڪا ۽ مالديپ ويا ٿي. ابن بطوطھ سن 1369ع ۾ پنھنجي ڳوٺ طنج (مراڪش) ۾ گذاري ويو.
ابن بطوطھ وانگر ھڪ ٻيو جھونو سياح مارڪو پولو نالي تمام مشھور ٿي گذريو آھي جنھن پڻ پنھنجي سفر جو ڪتاب لکيو جيڪو اڄ ڏينھن تائين وڏي حيراني ۽ دلچسپيءَ سان پڙھيو وڃي ٿو.
ڳالھھ ھيءَ آھي تھ سياح، گھمڻ ڦرڻ وارا، ٽوئرسٽ، رول، Travellers تھ ھنن کان اڳ ۽ پوءِ بھ ڪيترائي ٿيا- عرب، چيني، انڊين، انگريز، يورپي وغيره ۽ سفرناما بھ ڪيترن ئي لکيا پر ابن بطوطھ ۽ مارڪوپولو ٻنھي ڄڻن زندگيءَ جو وڏو حصو سفر ڪيو، مختلف ملڪن ۾ رھي اتي جي زبانن، ريتن رسمن ۽ ڪلچر کي چڱي طرح سمجھيو ۽ پنھنجي اھميت ٻين ملڪن ۾ ايڏي مڃرائي جو کين وڏا وڏا عھدا ۽ انعام اڪرام ملندا رھيا پوءِ پنھنجي وطن اچي انھن ڏورانھن ڏيھن جون ڳالھيون ۽ تجربا پنھنجي ھم وطنين کي ٻڌايائون. ابن بطوطھ دنيا جي ھڪ ڪنڊ مراڪش (المغرب) کان نڪتو (انھن ڏينھن ۾ دنيا ايشيا يورپ ۽ آفريڪا تائين محدود ھئي. آمريڪا جو تھ نالو نشان بھ ماڻھن جي دماغ ۾ نھ ھو) تھ ٻي ڪنڊ ملايا، چين، انڊيا وچ ايشيا کان وڃي نڪتو. 21 سالن جو ھو تھ گھر ڇڏيائين ۽ ٽيھھ پنجٽيھھ سالن بعد گھر موٽيو. ھن اسلامي دنيا جو ھڪ ھڪ ھنڌ ڪري گھميو ۽ ٻين لاءِ معلومات مھيا ڪئي. پاڻ پڙھيل ڳڙھيل ۽ قابل ماڻھو ھو ۽ انڊيا توڙي مالديپ ۽ ٻين ھنڌن تي قاضيءَ جي عھدي تي رھيو ۽ اھو عھدو مالديپ جھڙن ھنڌن تي تمام وڏو عھدو سمجھيو ويو ٿي جو ملڪ جي حاڪم کان وڌيڪ قاضيءَ جو حڪم ھليو ٿي.
ساڳي وقت مارڪو پولو جو سفر بھ اڄ تائين اھم مڃيو وڃي ٿو. يورپ جي ماڻھن کي چين ۽ ڏور اوڀر جون تفصيلي خبرون ھن شخص ٻڌايون نھ تھ يورپ وارن کي تھ اھا بھ ڄاڻ نھ ھئي تھ جپان جھڙي ملڪ ۾ شھنشاھي راڄ آھي ۽ اتي جو نرالو ڪلچر آھي، چين يورپ کان گھڻو سـُـکيو ۽ ماڊرن آھي. ڀلا انھن ڳالھين جي معلومات ماڻھن کي پوي تھ ڪيئن پوي؟ نھ ريڊيو نھ ٽيليفون، نھ انجڻ نھ گاڏي. سالن کان پوءِ تھ اليڪٽرسٽي ايجاد ٿي بلڪ صدين کانپوءِ. سفر ڪرڻ جو آسان طريقو ڪاٺ جا ٺھيل ڪپڙي جي سڙھھ تي ھلندڙ جھاز ھئا جيڪي ھوا جي زور تي ھليا ٿي يا وري خشڪيءَ تي گڏھھ، گھوڙي، اٺ ذريعي سفر ٿيو ٿي. ڦيٿو گھڻو اڳ ايجاد ٿي چڪو ھو ان ڪري گڏھھ گاڏيون خاص ڪري ڍڳي گاڏيون ضرور ھيون جن مسافرن سان گڏ سندن سامان بھ ڍوئيو ٿي. باقي نھ ھئي ريل نھ ڪار، نھ ھوائي جھاز نھ سائيڪل. اھڙي حالت ۾ جڏھن اخبار بھ نھ ھجي ھڪ ھنڌ کان ٻي ھنڌان ٿي آيل مسافر علم جو خزانو ھوندا ھئا ۽ ھي ٻئي سياح ٻين کان ڪجھھ وڌيڪ ئي ڄاڻو، ذھين ۽ ڊگھو سفر ڪرڻ وارا ھئا. مارڪو پولو ابن بطوطھ کان بھ پراڻو سياح ٿي گذريو آھي. ابن بطوطھ سن 1304 ع ۾ ڄائو ۽ مارڪو پولو ھن کان سٺ سال اڳ سن 1254 ع ۾ وينس (Veince) ۾ ڄائو. سترھن سالن جي ڄمار ۾ وطن ڇڏيائين تھ 1295ع ۾ جڏھن ھنجي عمر 41 سال ٿي پنھنجي ڳوٺ (وينس) موٽيو. وڏو ھوشيار ۽ محنتي ھو ۽ چين ۾ قبلائي خان جھڙن ڏنگن حاڪمن جي درٻار ۾ اعليٰ عھدا ماڻيندو رھيو.

مارڪو پولو چين ۾ قبلائي خان وٽ نوڪري ڪئي

ھڪ يورپيءَ لاءِ اڻانگي سفر جون صعوبتون سھڻ ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن کان وڃي نڪرڻ وڏي ڳالھھ آھي. انگريز، ڊچ، پورچوگالي تھ مارڪوپولو کان صديون پوءِ مس مس ڏکڻ آفريڪا (ڪيپ آف گڊ ھوپ جو سمنڊ) لتاڙي انڊيا پھتا ۽ ان کانپوءِ ملايا ۽ چين وغيره پھتا. اھو ئي سبب آھي جو مارڪو پولو يورپ جو بيحد مشھور سياح (Traveller) مڃيو وڃي ٿو. ھي اھي ڏينھن ھئا جڏھن 1258) ع ۾( منگولن ھلاڪو خان جي اڳواڻيءَ ۾ بغداد تي قبضو ڪيو ۽ خلافت ختم ڪئي. مارڪو پولو ان کان چار سال کن اڳ ڄائو. چنگيز خان جو پوٽو قبلائي خان چين جو شھنشاھھ ھو سندس تخت پيڪنگ ۾ ھو جيڪو ان وقت ”خان بالغ“ شھر سڏيو ويو ٿي.
مارڪو پولو پنھنجي پيءُ نڪول پولو ۽ چاچي سان گڏ چين جي سفر تي روانو ٿيو. ھو ترڪي، شام، عراق جھڙن عرب ملڪن مان اٺن، گڏھن ۽ پيرين پنڌ سفر ڪندا ايران افغانستان ۽ اڄ واري اتر پاڪستان ۾ پھتا جتان پوءِ قافلن ذريعي سلڪ روٽ اختيار ڪيائون ۽ وچ ايشيا جي ملڪن مان ٿيندا آخر چين ۽ منگول پھچي ويا. اٽڪل چئن سالن بعد، 1275ع ۾ ان وقت جي شھنشاھھ قبلائي خان يورپ کان آيل ھنن مھمانن جي وڏي آڌرڀاءَ ڪئي.
مارڪو پولو جو پيءُ ۽ چاچو پنھنجو اباڻو ڌنڌو " واپار وڙو" ڪندا رھيا پر مارڪو پولو مڪاني زبان منگول سکڻ ۾ لڳي ويو. زبان ڄاڻڻ بعد قبلائي خان کيس سول سروس ۾ رکيو. ھن جي ذھانت، محنت ۽ چال چلن ڏسي کيس جلدي جلدي ترقي ملندي رھي ۽ آخرڪار ذاتي ڪائونسل ۾ ھن کي شامل ڪيو ويو. شھنشاھھ ھن مان ايڏو خوش ھو جو کيس ڪيترن اھم missions تي خاص ايلچي ڪري موڪليو. جن مان ھڪ ھندستان ڏي ھئي جتي ھن کي ھندستان ڏسڻ ۽ چڱي طرح سمجھڻ جو سٺو موقعو ملي ويو. ھڪ ٻي مشن سري لنڪا (سلون) مان گوتم ٻڌ جي مورتي خريد ڪرڻ جي ھئي ان ۾ قبلائي خان مارڪو پولو کي موڪليو.

مارڪو پولو چين ۽ ملايا مان ٿيندو ايران پھتو

بعد ۾ مارڪو پولو کي ينگ چائو(Young chow) شھر جو ميئر بنايو ويو. ھي شھر گرانڊ ڪئنال تي اھم ترين شھر ھو. چين ۾ 15سالن جي رھائش دوران مارڪو پولو کي چين، انڊيا ۽ خاص ڪري جپان جي وڏي معلومات حاصل ٿي، 1292ع ۾ مارڪوپولو چين ڇڏيو. چين ايندي وقت مارڪوپولو باءِ روڊ ھنن شھرن مان لنگھيو ھو: ايران جو ڪـَـرمان، افغانستان جو ھرات، بلخ، ڪاشگر، خوتان، چنگ شنگ، شنگتائو وغيره. واپسي تي ساڳي خشڪي جي رستي وٺڻ بدران ھن سامونڊي رستو اختيار ڪيو. ھانگ ڪانگ پاسي واري دئرين ۽ ڪئنٽن بندرگاھن مان ٿيندو فوچو Foochow، زيتون (Chuan Chow چيني شھرن بعد ملاڪا پھتو (انھن ڏينھن ۾ سنگاپور ٻيٽ تي اڃان ڪنھن رھڻ جو ئي نھ سوچيو ھو ۽ نھ وري ڪو پينانگ ھو. ملاڪا ڳچي سمنڊ ۾ جيڪي ڪجھھ ھو سو ملاڪا بندرگاھھ ھو ۽ ھن پاسي ملئي دنيا جي گاديءَ جو ھنڌ ھو). اتان پوءِ خليج بنگال جي ٻيٽن نڪوبار تي پھتو( جن کي ٽن چئن صدين بعد انگريزن جي ھندستان اچڻ بعد وڏي پئماني جي ڏوھارين لاءِ قيد خانو قرار ڏنو ويو. جتي جيڪو سزا طور پھچندو ھو اھو وري نھ موٽندو ھو ۽ جنھن کي ننڍي کنڊ جا ماڻھو " ڪارو پاڻي" سڏيندا ھئا). ان بعد سلون، ھندستان ۽ سنڌ جو ڪنارو ڏيئي ايران پھتو جتي قبلائي خان جي ڀاڻيجي ارغون (ايران جي وائسراءِ) جي ليڊي ڪوڪاچن سان شادي ٿي رھي ھئي. ايران پھچڻ بعد ھن کي قبلائي خان جي مري وڃڻ جي خبر پيئي ان ڪري ايران مان وري چين ڏي وڃڻ بدران پنھنجي وطن وينس 1295 ع ۾ آيو.

مارڪو پولو کي قيد ۾ سفر نامو لکڻ جو سٺو موقعو ملي ويو

پنھنجي گھر وينس پھچي ھن کي ھڪ ھنڌ وھڻ ۾ مزو نھ آيو. جيتوڻيڪ ھو سالن جا سال ڏور ولايتون گھمي ھاڻ پھتو ھو. بقول شاھھ لطيف جي :کيڙي کيڙي کـنـَـڊ، ماءِ! سامونڊي آئيا. ان زماني جي ڪاٺ جي جھاز تي ھو آفريڪا، يورپ ۽ ايشيا کنڊن جو چڪر ھڻي آيو ھو. پر وينس پھچڻ سان ھن کي وري سفر تي نڪرن لاءِ دل چيو.
"اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا! وڃڻ جون،
اٺئي پھر اٿن، سعيو ڪنھن سفر جو.
سو مارڪو پولو کي بھ وري پرئين پار وڃڻ جي وائي لڳي رھي. جھاز ھاڪاري ٻاھر نڪتو. انھن ڏينھن ۾ ھنن جي ملڪ وارن جي جنيوا وارن سان جنگ ھلي رھي ھئي. رستي تي ھن جو جھاز جھلجي پيو ۽ کيس (مارڪو پولو کي)1296ع کان 1299ع تائين جنيوا ۾ P.O.W(جنگي قيدي) ٿي رھڻو پيو. انھن بند وارن ڏينھن ۾ مارڪو پولو کي پنھنجي سفر جون يادون لکڻ جو سٺو موقعو ملي ويو ۽ سندس انھن ڏينھن جو لکيل ڪتاب “The Book of Marco Polo”اڄ ست صديون (ست سؤ سال) گذرڻ بعد بھ ايترو ئي مشھور آھي جيترو ان وقت ھو. مارڪو پولو جو ھي ڪتاب يورپين لاءِ پھريون ڪتاب ھو جنھن ۾ ڏور اوڀر جو تفصيلي احوال ھو. مارڪو پولو ھن ڪتاب ۾ نھ فقط چين ۽ سڄي ايشيا جو احوال ڏنو آھي پر ڪيترن ڏور انھن ٻيٽن :جپان کان وٺي مالديپ ۽ زنجبار جو احوال ڏنو آھي.
مارڪو پولو کي چين جي سماجي توڙي سياسي وڏي ڄاڻ ھئي. 1276ع ۾ (مارڪو پولو جي چين پھچڻ کان ھڪ سال پوءِ) ڏکڻ چين جي SUNGگھراڻي جي منگولن مڪمل تباھي ڪري ڇڏي ھئي. سنگ گھراڻي 990) ع کان 1276ع( جي دور جي تھذيب، آرٽ ڪلچر يورپ کان بھ اتم اتاھون ھو.
قيد مان ڇٽڻ بعد مارڪو پولو مرڻ تائين-يعني 1324ع تائين پنھنجي اباڻي ڳوٺ وينس ۾ ئي رھيو. ھي شھر Veince اھو آھي جتي گھرن جي ٻاھران پڪن رستن بدران پاڻي آھي ۽ مسافر ۽ شھرين کي ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ پھچائڻ جو ڪم ٻيڙيون ڪن ٿيون. روم ۽ نيپلس وانگر وينس بھ اٽليءَ جو خوبصورت شھر ۽ بندرگاھھ آھي.

اسان لاءِ سڀ کان ويجھو ۽ وڏو ٻيٽ سري لنڪا آھي

سياحن جي ڳالھين کي ڇڏي پاڻ وري ٻيٽن جون ڳالھيون ڪريون. انڊمان، نڪوبار، لڪديپ، مالديپ وغيره اسان جي ويجھڙائي وارا ٻيٽ آھن جيڪي ننڍي کنڊ (پاڪستان، انڊيا، بنگلاديش) سان لاڳو وارن سمنڊن: عربي سمنڊ ۽ خليج بنگال جا ٻيٽ چيا وڃن ٿا ۽ اھي ٻئي سمنڊ ھندي وڏي سمنڊ (Indian Ocean) جا حصا آھن. مالديپ ٻيٽ عربي سمنڊ کان ڪافي پر ٻھرو ۽ صحيح معنيٰ ۾ ھندي وڏي سمنڊ ۾ آھي ۽ خط استوا (خيالي ليڪ جيڪا دنيا کي ٻن اڌن ۾ ورھائي ٿي) سان وڃيو لڳي.
ڏٺو وڃي تھ مٿين ٻيٽن کان وڏو، ويجھو ۽ اھم ٻيٽ سريلنڪا آھي جنھن جا مختلف دورن ۾ مختلف نالا پئي رھيا آھن، جھڙوڪ: سيلان، سلون، زيلان، سرانديپ وغيره. ڪنھن دور ۾ سري لنڪا فقط لنڪا بھ سڏيو ويو آھي. شاھھ لطيف بھ ھن کي لنڪا سڏيو آھي. انجڻين وارا جھاز ھاڻ کان ھلڻ شروع ٿيا آھن يعني گذريل صديءَ کان ۽ ڪي سؤ سال کن مس ٿيندا نھ تھ ان کان اڳ تائين ھميشھ ڪاٺ جا جھاز ھئا جيڪي ڪپڙي جي سڙھن تي ھلندا ھئا ۽ اھي شپنگ ڪمپنيءَ جي آرڊر يا ناکئي (ناخدا، ڪئپٽن) جي مرضيءَ سان نھ پر ھوا جي رخ مطابق ھلندا ھئا. عربي سمنڊ ۾ عرب ملڪن کان (خاص ڪري عدن کان) ھيٺ ڏکڻ ۾ لنڪا (سلون) تائين اھم روٽ ھئي جنھن جو مڊوي سنڌ جا بندرگاھھ ھئا. ان ڪري گذريل وقت ۾ سنڌ جي اھا حالت ھئي جيڪا اڄ ڪلھھ سنگاپور جھڙن ٻيٽن جي آھي. عربستان توڙي لنڪا پاسي جھازي، واپاري، ٽوئرسٽ نھ فقط ٺٽي جي آسپاس پر ملتان تائين نظر آيا ٿي. لاريون موٽرون، ريل گاڏيون يا ھوائي جھاز تھ ھئا ڪونھ. ماڻھن لاءِ سفر جو آسان ذريعو پاڻي رستي ھو. شاھھ لطيف بھ پنھنجن شعرن ۾ لنڪا ۽ عدن جو نالو آندو آھي:
تن ۾ ترار توھ جي، گھڻو لھھ گھوري
ادب ۽ اخلاص جا، سڙھھ ٻڌج سوري
وکر وينتين جو، تنھن ۾ پاءِ توري
تھ عادنئون، اوري، تنھنجو توائي نھ ٿئي.
(سر سريراڳ)

" عادنئون" معنيٰ عدن بندر کان. يعني (منزل) تي پھچڻ کان اڳ تنھنجو ٻيڙو آئوٽ آف ڪنٽرول نھ ٿي وڃي يا غلط راھھ ڏي نھ مڙي وڃي. يعني پنھنجي اصلي روحاني مقصد تي پھچڻ کان اڳ ڪٿي غلط رستي تي نھ ڀٽڪي وڃين.
ھڪ ٻئي شعر ۾ شاھھ لطيف سلون (سري لنڪا) بابت چوي ٿو:

سڻي سون لنڪا جو، سک نھ سامونڊين
پرھھ پڳھھ ڇوڙيا، کاري کيڙائن
وڏي ڀاڳ ڀڙن، جي ڪھيا ڪارونڀار ڏي

شاھھ جو ھڪ ٻيو شعر ھن خوبصورت ۽ ھيرن موتين جي ٻيٽ بابت آھي:
کاري کيڙائو، مٿي مـِـٺي موٽيا،
سودو ڪن نھ سون جو، وڏا وھائو،
موتي جي مھراڻ جا، تن جا طامائو،
سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آئيا.
(سر سامونڊي)

بھر حال ھتي ھن ٻيٽ (سلون) بابت گھڻو لکڻ نٿو چاھيان جو ھن ٻيٽ بابت پنھنجن ڪيترن ئي سفرنامن ۾ لکي چڪو آھيان بلڪ ھڪ ڪتاب ”سي ئي جوڀن ڏينھن....“ ۾ تھ فقط ھن ٻيٽ جو احوال ڏنو اٿم. سري لنڪا ۽ سندس بندرگاھھ ڪولمبو جي اڄ بھ وڏي اھميت آھي جو جاگرافيائي طور ھي ٻيٽ اھڙي ھنڌ تي آھي جتان بين الاقوامي روڊن (سامونڊي رستن) تان لنگھندڙ جھازن جو ھتان لنگھھ ٿئي ٿو. تاملن جي فسادن جي باوجود ھي ٻيٽ جھازن ۽ جھازين لاءِ ڪشش آھي. اھي جھاز جيڪي ھتي جي بندرگاھھ ۾ نٿا اچن انھن کي بھ ھن ٻيٽ جي ويجھو اچي Coasting ڪرڻي پوي ٿي يعني ڪنارو ڏئي ھلڻو پوي ٿو ۽ پوءِ منزل مطابق مقرر ھنڌ تان پنھنجي جھاز کي ان منزل (ملائيشيا، انڊونيشيا، انڊيا، بنگلاديش، برما، پاڪستان يا آسٽريليا) ڏي موڙڻو پوي ٿو. انھي ڪري جھاز ھلائڻ وارن ڏينھن ۾ اسان کي بھ ايندي ويندي ھن ٻيٽ تي اچڻو پيو ٿي يا ڪنارو ڪنارو ڏيندي لنگھڻو پيو ٿي. ان ڪري ھن ٻيٽ جو تمام گھڻو احوال مٿئين ڪتاب (سي ئي جو ڀن ڏينھن...) ۾ لکي چڪو آھيان ۽ اھي نھ فقط ھن ٻيٽ جي جوڀن جا ڏينھن ھئا پر اسان بھ تن ڏينھن ۾ جوان ھئاسين. ھينئر ان سري لنڪا جي سماجي، سياسي ۽ معاشي حالت ۾ وڏو فرق اچي چڪو آھي. سري لنڪا آئون ھڪ دفعو وري وڃڻ چاھيان ٿو سمنڊ رستي ئي پر ھڪ مئرين انجنيئر (جھاز ھلائڻ واري) جي حيثيت ۾ نھ پر ھڪ مسافر جي حيثيت ۾.

سريلنڪا (سلون جو ٻيٽ ڌارين لاءِ ھميشھ ڪشش جو سبب رھيو آھي

جتي ڏکڻ ھندستان جو آخري صوبو ڪيرالا ۽ تامل ناڊو ختم ٿئي ٿو اتي ڪجھھ سمنڊ بعد سري لنڪا جو ٻيٽ آھي. سري لنڪا جو ٻيٽ اک جي ڳوڙھي يا ھيري جھڙي شڪل جو ٻيٽ آھي. سري لنڪا ۽ ھندستان جي سرزمين جي وچ ۾ سمنڊ ضرور آھي پر اھو ايترو تھ تانگھو، جابلو ۽ سوڙھو آھي جو وڏا جھاز ھرگز نٿا ھلي سگھن. ننڍيون ٻيڙيون ئي مڇيون مارڻ، سمگلنگ ڪرڻ ۽ غير قانوني طرح ھڪ ملڪ جا ماڻھو ٻئي ۾ ڍوئڻ جو ڪم ڪن ٿيون.
سري لنڪا ۾ ھن وقت گھڻي ڀاڱي سنھالي ڳالھائيندڙ مڪاني ماڻھو رھن ٿا جن جو واسطو ٻڌ ڌرم سان آھي ۽ ٻيا، خاص ڪري ٻيٽ جي اتر ۾، تامل ڳالھائيندڙ ھندو رھن ٿا جيڪي انگريزن جي ڏينھن ۾ ڏکڻ ھندستان کان لڏي ھتي آيا. ان کان علاوھ ڪجھھ مسلمان تامل ۽ پاڪستاني رھن ٿا، عرب ۽ انگريز پڻ رھن ٿا. ٻيٽ جو سرڪاري مذھب ٻڌ ڌرم آھي جيڪو انڊيا کان ھتي آيو پر انڊيا ۾ ھي ڌرم فقط ھماليا جبلن جي رياستن: نيپال، لداخ، ڀوتان وغيره ۾ وڃي رھيو آھي.
چوڏھين صديءَ تائين سري لنڪا تي حڪومت سنھالي بادشاھن جي رھي. سن 1500ع ڌاري پورچو گالين جو ھندي سمنڊ تائين اچڻ ٿي ويو. 1518ع ۾ کين ڪولمبو ۾ قلعو ٺاھڻ ۽ واپار ڪرڻ جي موڪل ڏني وئي. 1521ع ڌاري سنھالي بادشاھھ وجايا باھو جنھن جي ھن ٻيٽ تي حڪومت ھئي ان کي سندس ٽن پٽن گڏجي ماري رکيو ۽ ملڪ جا حصا پتيون ڪري ان جا پاڻ حاڪم ٿي ويٺا ۽ پوءِ انھن مان ھڪ، باقي ٻن ڀائرن جا حصا کسڻ لاءِ پورچوگالين جي مدد ورتي. پورچو گالين بھ اھو ئي چاھيو ٿي. ھو مڪاني ماڻھن کي پنھنجو پاڻ ۾ ويڙھائي ڪمزور ڪري، ويا پنھنجي طاقت ۽ حڪومت مضبوط ڪندا ۽ پوءِ آخرڪار ائين ئي ٿيو جيئن ٿيندو آھي: عرب ٻاھر اٺ تنبوءِ ۾.
ھوڏانھن جاوا سماترا ڏي ڊچ طاقتور ٿي ويا ھئا اھي ھاڻ سري لنڪا ڏي وڌڻ لڳا ۽ 1638ع کان پنھنجا پير ھن ٻيٽ تي کپائڻ لڳا. 1640ع تائين ڊچن سري لنڪا جا بندرگاھھ ٽرڪو ملي، باٽيڪولا ۽ گال(Gale) وغيره تي قبضو ڪري ورتو. 1665ع تائين ھنن جو سڄي ٻيٽ تي راڄ ٿي ويو. ڪئنڊي Kandy واري جابلو ۽ ٻيٽ جي وچ واري حصي ۾ رھندڙ بادشاھھ جو راڄ نھ فقط قائم رکيو ويو پر ھڪ معاھدي ھيٺ کيس بچاءُ (Protection) ڏني وئي. سچ تھ ھي آھي تھ اھي بادشاھھ جيتوڻيڪ پاڻ ۾ ڀائر يا سوٽ ماسات ھئا پر پنھنجو پاڻ ۾ فيصلو نھ پئي ڪري سگھيا تھ بادشاھي ڪنھن جي ھجڻ کپي يا ڪنھن جي سلطنت ڪھڙي حد کان ڪھڙي حد تائين ھجڻ کپي پوءِ ڌارين قومن (يورپين) مڪاني بادشاھن جي گھرو ۽ درٻاري جھيڙن مان پئي فائدو ورتو. پورچوگالي ھجن يا ڊچ يا انگريز ھنن موجودھ بادشاھھ يا حاڪم کي ڏٽا ڏئي فائدا حاصل ڪرڻ چاھيا ٿي. ھنن يورپي ڏاڍن مڙسن کي ڪجھھ فائدا ڏنا ٿي ۽ ڪجھھ ڊمانڊون پوريون ڪري راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي تھ ھنن وري ٻيون فرمائشون ڪيون ٿي. جيڪڏھن ڪنھن مڪاني بادشاھھ يورپين جون اٽڪلون سمجھي مٿن سختي ڪئي ٿي تھ يورپين سندس مخالف يا دشمن اميدوار بادشاھھ سان ملي ھن کي تخت و تاج ڏياري پنھنجي لاءِ اڃان بھ وڌيڪ فائدا حاصل ڪيا ٿي. اھي نمونا ھي يورپي نھ فقط انڊيا ۽ سري لنڪا ۾ پر ملايا کان مالي ۽ ڪينيا کان نائيجريا تائين ڪندا رھيا ۽ ويا ملڪ پنھنجي قبضي ۾ ڪندا.

پورچو گالين ۽ ڊچن بعد سريلنڪا ۾ انگريز پھتا

سري لنڪا تي پورچو گالين ۽ ڊچن جي حڪومت بعد انگريزن جي 1815 ع کان 1948ع تائين حڪومت رھي. انگريز شايد سري لنڪا ۾ گھڙي نھ سگھن ھا ۽ انڊونيشيا جي ٻيٽن وانگر سري لنڪا تي بھ ڊچن (ھالنڊ جي رھاڪن) جو قبضو قائم ھجي ھا پر ھوڏانھن يورپ ۾ سندن سرزمين تي ھلندڙ جنگين ۾ ھالنڊ (جنھن کي نيدر لئنڊس بھ سڏجي ٿو) فرانس جي قبضي ۾ اچي ويو ۽ ھو (ڊچ) پنھنجي وطن کان ڏور سري لنڪا، سماترا، جاوا، بالي جھڙن ڏورانھن ٻيٽن کي صحيح طرح ڪنٽرول ڪري نھ سگھيا. ان وقت انگريز تھ ھونءَ ئي سڏ پنڌ تي (انڊيا ۾) ويٺا ھئا سي رڙھي سري لنڪا ڀيڙا اچي ٿيا. ڊچن مخالفت ڪئي پر منجھن ايڏو جوش نھ ھو ۽ چـُـپڙي ڪري ھٿ ڪڍي ويا ۽ انگريزن جي برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني واپار جي نالي م اچي ويٺي. ھيءَ سن 1796ع جي ڳالھھ آھي. انگريزن پھرين سري لنڪا ۾ عارضي طور رھڻ جو سوچيو ھو پر پوءِ پير ڄمائڻ سان ڏٺائون تھ لئھ لڳي پئي آھي. ساوڪ ۽ سک لڳا پيا آھن. ماڻھو سادا ۽ سلوڻا، سندن حاڪم پاڻ ۾ ئي پيا وڙھن. سو سال ٻھ مدراس کان ھن ٻيٽ جو انتظام ھلائي پوءِ چڱي طرح قبضو ڪرڻ لڳا. 1802ع ۾ سري لنڪا کي برٽش جي ڪرائون ڪالوني بنايو ويو. ڪئنڊي ۾ رھندڙ بادشاھھ سان تھ 1796ع ۾ ڪولمبو پھچڻ سان ئي ميل ملاقاتون شروع ڪيون ھئائون. ھن کي اھو ئي چيائون تھ تون بي اونو ٿي عيش ڪر عوام جو فڪر نھ ڪر ۽ نھ پنھنجي ڪنھن سوٽ ماسات جو ڊپ ڪر. جيسين اسين آھيون تيسين تنھنجي تخت کي ڪير بھ ھٿ نھ لائي سگھندو. ڪئنڊي جو مڪاني بادشاھھ خوش ٿي ويو پر ھن کي دل ۾ ھوارا کورا رھي تھ ھي ڌاريان يورپي چڱا ٿيا جيڪي اسان جي ڌرتي تي رھي اسان تي پيا لئھ رکن. ھن پنھنجي انتظاميا کي سڌارڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. انگريز کي کڙڪ پئجي وئي تھ اھا ڳالھھ ھنن لاءِ خراب آھي. ڪئنڊيءَ جو بادشاھھ اسان تي ڀاڙڻ نٿو چاھي ۽ اسان کي وڌيڪ سھولتون ۽ قبضا ڪرڻ ۾ دقت پيش ايندي. ھو موقعي جو انتظار ۾ رھيا. آخر ٿورو گھڻو موقعو ڏسي انگريزن سڄي ملڪ تي 1803ع ۾ قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيا ۽ پوءِ ٻارھن سالن بعد 1815ع ۾ انگريزن کي سٺو موقعو ملي ويو. ڪئنڊي جي وڏن سردارن جي بادشاھھ سان کٽ پٽ ٿي پئي انگريزن انھن جو پاسو کڻي اصل بادشاھھ جي ڀينگ ڪرائي ۽ پاڻ بالم ٿي سڄي ٻيٽ جا حاڪم ٿي رھيا.
پورن سؤ سالن بعد جنگ عظيم دوران سري لنڪا جي عوام ۾ نئشلزم جو جذبو پئدا ٿيو ۽ ڪجھھ سول نافرمانيءَ جھڙي مھم ھلي پر انگريزن ھن کي آسانيءَ سان دٻائي ڇڏيو. سن 1919ع ۾ سري لنڪا جي مختلف ڪميونٽين گڏجي سپلان نئشنل ڪانگريس نالي سياسي پارٽي ٺاھي جنھن ۾ اڄ جون تامل ۽ سنھالي آرگنائيزيشنون پڻ ھيون.
1920ع ۾ انگريزن گورنر سر وليم مئننگ جي نظرداري ھيٺ آئين جو ڪچو مسودو ٺاھيو ويو جنھن کي 1924ع ۾ صحيح شڪل ۾ آندو ويو جيئن ملڪ جا قوم پرست قبول ڪري سگھن. 1931ع ۾ آئين کي وري نئين سنئينءَ ٺاھيو ويو جيئن سري لنڪا جي مڪاني سياستدان کي ڪجھھ وڌيڪ سياسي طاقت ملي سگھي. 1947ع ۾ سري لنڪا ۾ پھرين اليڪشن ٿي. ڪجھھ سياسي پارٽين گڏجي ھڪ گڏيل پارٽي يونائيٽيڊ نئشنل پارٽي (UNP) ٺاھي ۽ انھن مسٽر ڊان اسٽيفن سينا نائڪي کي وزير اعظم طور چونڊيو جيڪو برٽش حڪومت ۾ ائگريڪلچر جو وزير رھي چڪو ھو.

سلون جي مسز بندرانائڪي ايشيا جي پھرين عورت وزير اعظم ھئي

سري لنڪا کي 4 فيبروري 1948ع تي انگريزن طرفان خودمختياري ملي ۽ سينا نائڪي مرڻ تائين 1952)ع تائين( سري لنڪا جو وزير اعظم رھيو. ان بعد سندس پٽ ڊڊلي سينا نائڪي سري لنڪا جو وزير اعظم ٿيو. ھن جي ڏينھن ۾ سنھالي ٻڌن کي احساس ٿيو تھ جيتوڻيڪ ھن ڌرتيءَ جا اصلي ڄاوا ھي سنھالي ٻڌ آھن پر انتظاميا، پوليس ۽ ھر نوڪري ۽ واپاري ۾ تامل ھندن جو گھڻو ھٿ آھي. ھيءَ ڪھڙي آزادي آھي جنھن ۾ مڪاني ماڻھن مٿان وري ڌاريان (يعني تامل جيڪي پوءِ آيا ۽ 20 سيڪڙو بھ ڪي مس آھن) حڪومت ڪري رھيا آھن. ھن سوچيو
دارصل انگريزن جي سؤ سال حڪومت ۾ ھـُـنن تاملن کي گھڻو اڳتي ڪيو. تعليم توڙي واپاري وڙي ۾. ٻيٽ جا اصل ماڻھو سنھالي انگريزن جي زبان، ڪلچر ۽ مذھب جي مخالفت ڪري رھيا ھئا ان ڪري انگريزن انھن کي ڇڏي تاملن کي ترقي ڏياري. نتيجي ۾ اھو ٿيو جو سريلنڪا جي آزاديءَ وقت حڪومت جا اھم عھدا ۽ نوڪريون تاملن جي ئي ھٿ ۾ آيون. اھي ئي گھڻا پڙھيل ڳڙھيل ۽ ھوشيار ھئا. انھن جي ئي ٻارن جو وڏو تعداد اسڪولن ڪاليجن ۾ ھو. تعليم فقط انگريزي ۾ ھلي رھي ھئي جنھن ۾ ھو ڀڙ ٿي چڪا ھئا. سنھالي ٻِڌ حڪومت تي تنقيد ڪرڻ لڳا تھ ٻڌمت جي ڌرتيءَ تي ڌرتي ڄاون (ٻڌن) سان ھيءَ نا انصافي آھي.
1956 ع ۾ سڄي دنيا ۾ ٻڌن گوتم ٻڌ جي وفات جي 2500 وين ورسي ملھائي. سري لنڪا ۾ بھ ھي Occasion ”ٻڌا جاينٿي“ جي نالي سان وڏي پئماني تي ملھايو ويو. ان ئي سال مسٽر ايس. ڊبليو. آر ڊي بندرا نائڪي ۽ سندس سياسي پارٽي: سري لنڪا فريڊم پارٽي (SLFP) ٻڌ ڌرم جي نعري ھيٺ ڪافي مشھوري حاصل ڪئي. مسٽر بندرانائڪيءَ 1951 ع ۾ UNP (يونائٽيڊ نئشنل پارٽي) مان استعيفا ڏئي پنھنجي پارٽي SLFP ٺاھي ھئي. سندس ھڪ نعرو اھو بھ ھو تھ ڌارين جي زبان (انگريزي) ڇڏي پنھنجي وطن جي سنھالا زبان استعمال ڪئي وڃي. يعني تامل زبان کي بھ ڇڏي ڏيو. ھن قوم پرستي ۽ زبان جي جنگ تاملن ۽ سنھالين ۾ جھيڙي کي وڌائي ڇڏيو. ان ئي سال 1956)ع( ۾ ٿيل اليڪشن ۾ مسٽر بندرانائڪيءَ جي پارٽي وڏي سوڀ حاصل ڪئي ۽ پاڻ ملڪ جو وزير اعظم ٿيو. حڪومت جون واڳون وٺڻ سان ھن سڀني اسڪولن ۽ ڪاليجن م تعليم جي زبان سنھالا ڪرائي. ان ڳالھھ تاملن کي وڏو نقصان رسايو ۽ ھنن فيڊرل پارٽي جي جھنڊي ھيٺ حڪومت جي سخت مخالفت شروع ڪئي. افسوس ۽ حيرت جي ڳالھھ اھا تھ مسٽر بندرا نائڪيءَ کي سن 1956ع ۾ پنھنجي ئي ھڪ ٻڌ جيڪو عام ماڻھو نھ پر بکشو (monk)ھو ان گولي ھڻي ماري وڌو. مسٽر بندرانائڪيءَ ھن ٻڌ بکشوءَ اڳيان عزت خاطر جھڪي رھيو ھو.
سال کن جي انٽرم بعد 1960ع جي اليڪشن ۾ بندرانائڪي صاحب جي زال مسز سريماوو بندرانائڪي ملڪ جي وزير اعظم ٿي. پاڻ ايشيا جي پھرين عورت وزير اعظم ٿي. گولڊامير، اندرا گانڌي، بينظير، ڪوري اڪينو، حسينا واجد يا گلوريا وغيره سڀ پوءِ پوءِ ٿيون.

سري لنڪا جي سياست ھڪ نظر ۾

مسز بندرا نائڪي کاٻي ڌر جي طرف کنيو. ھر شيءَ کي شوشلسٽ نموني سان قوميايو ويو. تاملن جو جھيڙو جاري رھيو. 1965ع کان 1970 ع تائين وري UNP پارٽيءَ اليڪشن کٽي ۽ ڊڊلي سينانائڪي ملڪ جو وزير اعظم ٿيو. سينانائڪي بھ ملڪ جا مسئلا حل ڪري نھ سگھيو. سري لنڪا جيڪو ھڪ سکيو ستابو ملڪ ھو اھو تعليم توڙي ترقيءَ ۾ پٺتي ٿيندو ويو. بي روزگاري وڌندي رھي. ملڪي ناڻو جو اگھھ ڪرندو رھيو. جيڪا چانھھ ۽ ٻي پوک مان ڪمائي ٿئي ٿي، ان کان وڌيڪ ٻاھران ايندڙ ڪڻڪ، کنڊ، گيھھ ۽ ٻين شين جي امپورٽ تي خرچ ٿيڻ لڳو. ھونءَ ھن سڄي علائقي ۾ ڪولمبو جو ئي بندرگاھھ سڀ ڪجھھ ھو. ھاڻ ھانگ ڪانگ، سنگاپور ۽ دبئي ڪويت جھڙا بندرگاھھ اھم ٿيندا ويا ۽ ڪولمبو جي ڪمائي گھٽجڻ لڳي.
1970 ع ۾ مسز سري ماوو بندرا نائڪي وري وزيراعظم ٿي ۽ 1977ع ۾ جي آر جوارڊين وزيراعظم ٿيو ۽ ان بعد پريماداسا 1988 ع ۾ ٿيو. 1994ع ۾ مسز بندرانائڪي جي پئرس جي پڙھيل ڌيءَ چاندريڪا ملڪ جي وزيراعظم ٿي ۽ اڃان تائين اھا ئي آھي. گذريل سال (سن 2000ع) آگسٽ ۾سندس ماءُ سري ماوو گذاري وئي.
بھرحال اھي سياسي تبديليون آھن. ملڪ ۾ تاملن جي فساد جھيڙي جي باوجود ايترو امن آھي جو اڄ بھ ڌارين ملڪن جا ٽوئرسٽ سري لنڪا گھمڻ ويندا رھن ٿا. بندرگاھھ، جھاز ران ۽ ھوائي ڪمپنيون سڀ ترقي ڪري رھيون آھن ۽ ڪمائي رھيون آھن. وڏن شھرن ۽ بندرگاھن ۾ ٺھندڙ نيون فائو اسٽار ھوٽلون ۽ شاپنگ سينٽر سري لنڪا جي خوشحاليءَ جي ساک ڏين ٿا. ھي ٻيٽ ساوڪ ۽ گھڻي مينھن ۽ قدرتي سھڻن نظارن ڪري ھڪ بيحد خوبصورت ڌرتيءَ جو ٽڪرو آھي.

سريلنڪا ھڪ نظر ۾

ملڪ جو نالو: ڊيمو ڪرئٽڪ سوشلسٽ، ريپبلڪ آف سريلنڪا.
گاديءَ جو ھنڌ: سري جايا وار ڊين پـُـورا، ڪوٽي. (ھن کان اڳ ڪولمبو ھو)
گورنمنٽ: ريپبلڪ
صدر: مسز چاندريڪا بندرانائڪي ڪمارا تـُـنگا.
پارٽي جو نالو: يونائٽيڊ نئشنل پارٽي (UNP)
ٻيٽ جي ايراضي: 66 ھزار چورس ڪلوميٽر
مذھب:70 سيڪڙو ٻِڌ، 15 سيڪڙو ھندو، 8سيڪڙو مسلمان ۽7 سيڪڙو ڪرسچن.
آدمشماري: ٻھ ڪروڙ کن
زبانون: سنھالا، تامل ۽ انگريزي
پڙھيل ماڻھو: 90 سيڪڙو
ايڪسپورٽ: ڪپڙا، قيمتي پٿر، چانھھ، رٻڙ ۽ ناريل
موسم: ٻارھوئي مينھن
ڏسڻ جھڙا شھر: ڪولمبو، نيگمبو، بيروالا، گال Galle، ھيڪدوا، ماتارا، ڪئنڊي (Kandy) ٽنگالا، ھمبان ٽوٽا، باتي ڪولوئا، ٽرنڪو مالي، انوراڌا پوار ۽ متالي وغيره.

منھوڙو ۽ ڪراچي

دنيا جا ٻيٽ مڙيئي ٻيٽ آھن. پر اھو زمين جو ٽڪرو جنھن جي چوڌاري پاڻي آھي ٻيٽ آھي. ڪنھن بھ ٻيٽ جي اھميت ھن جي ننڍ وڏائيءَ مطابق نھ آھي. گرين لئنڊ دنيا جو وڏي ۾ وڏو ٻِيٽ آھي اٽڪل 21 لک چورس ڪلوميٽر. پر ان جي مقابلي ۾ سنگاپور جھڙي ننڍڙو ٻيٽ وڌيڪ اھميت رکي ٿو جيڪو فقط 600 چورس ڪلوميٽر آھي. ملائيشيا جي چوڌاري سوين ٻيٽ آھن پر سواءِ پينانگ جي ٻيو ڪوبھ نھ جاگرافيائي اھميت رکي ٿو ۽ نھ تاريخي.
اسانجي پاڪستان بارڊر جي ويجھو جيڪو مشھور ٻيٽ آھي اھو منھوڙو آھي. ھي ھڪ تمام ننڍڙو ٻيٽ آھي. اڄ جي دور ۾ منجھس ڪو جديدپڻو نھ آھي پر ھن جي وڏي تاريخي اھميت آھي. ڪراچي جي ويجھو ھجڻ ڪري ۽ پنھنجي نموني اڪيلو ٻيٽ ھجڻ ڪري روزانو ھزارين ماڻھو لانچن (موٽر بوٽن) ذريعي تفريح لاءِ منھوڙي وڃن ٿا. منھوڙي ٻيٽ تي ٽالپرن جڏھن قلعو ٺھرايو ھو تھ اھو سال 1797ع ھو. ھوڏانھن ان کان 22 سال پوءِ 1819ع ۾ انگريزن پھريون دفعو سنگاپور جي ٻيٽ تي قدم رکيو ۽ ان ويران ٻيٽ کي ملئي حاڪم کان وٺڻ جو ارادو ڪيو جيڪو حاڪم جوھور رياست جي ڀر سان ھڪ ٻئي ٻيٽ ريائو تي رھيو ٿي. سنگاپور جو سڄو ٻيٽ گھاٽن ٻيلن (Rain Forests) ۽ جيتن جانورن سان ڀريو پيو ھو. ڪوئا، سؤ پيريون ۽ وڇون تھ ايترا ھئا جو درياءَ جي منھن وٽ رھندڙ ڪجھھ سامونڊي ڌاڙيل بھ مجبور ٿي عارضي طور ڪڏھن ڪڏھن اچي رھندا ھئا.
بئنڪاڪ ۾ ھڪ ھوٽل جو نالو منھوڙا ريسٽورنٽ آھي. مون سمجھيو پڪ ڪنھن سنڌي ھندوءَ جي ھوندي پر پوءِ اھو ٻڌي تعجب لڳو تھ ان جو مالڪ ھڪ سک (سردار جي) آھي. ۽ اھا بھ حيرت جي ڳالھھ آھي تھ منھوڙي ٻيٽ تي ڪيترائي سک رھندا ھئا جن جا ٻھ ٽڪاڻا (گوردوارا) ھئا ۽ ھينئر بھ پنجاھھ کن ڏاڙھي ڪوڙ سک منھوڙي ٻيٽ تي رھن ٿا. سکن جي ڌرم موجب واري ڪوڙائڻ گناھھ جو ڪم آھي پر اڄ ڪلھھ ڪيترائي سک ڏاڙھي مڇون ڪوڙيل نظر اچن ٿا.
ڪراچي جي سٽي اسٽيشن کان آءِ آءِ چندريگر روڊ (اڳيون ميڪلوڊ روڊ) ڏئي ۽ صدر کان جناح روڊ (بندر روڊ) وٺي اڳتي ھلڻ تي ميري ويدر ٽاور تي پھچجي ٿو. ان کانپوءِ جناح پل ٽپي چار پنج ميل ھلڻ بعد ڪيا ماڙي اچي ٿي. ڪيا ماڙي ڪراچي بلڪ پاڪستان جي سرزمين جو دنگ آھي ان بعد سمنڊ ئي سمنڊ آھي. اتي ڌارين ملڪن کان آيل يا ٻاھرين ملڪن ڏي وڃڻ لاءِ تيار جھاز ۽ مڇيون مارڻ ۽ مسافرن کڻڻ جون ٻيڙيون نظر اينديون. مسافر کڻڻ وارين ٻيڙين (جيڪي اڄڪلھھ انجڻ تي ھلڻ ڪري motor-boats يا لانچون سڏجن ٿيون) تي پنجاب، سنڌ وغيره کان ڪراچي گھمڻ لاءِ آيل ماڻھو يا ڪراچي جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ٻارن جي ڌم ھوندي آھي. اھي سڀ ھڪ ئي وقت ٽن شين مان لطف وٺن ٿا: سمنڊ جو نظارو، ٻيڙيءَ جو سير ۽ منھوڙي ٻيٽ تي گھمڻ ڦرڻ. ڪياماڙيءَ کان پنج ڇھھ ميل پري سمنڊ ۾ ھي ھڪ ننڍڙو ٻيٽ آھي جتي نيويءَ جا تعليمي ادارا پڻ آھن، جھازن جي رھنمائي ڪرڻ لاءِ لائيٽ ھائوس آھي (جنھن جي رات جي وقت ٽيھھ چاليھھ ميل پري تائين ويندڙ روشني راھھ ڀليل جھازن کي آگاھھ ڪري ٿي تھ ڪراچي بندرگاھھ ۾ گھڙڻ لاءِ جھازن جو رخ ھن طرف موڙيو)، گھر ۽ آفيسون آھن، بازاريون ۽ بيچون (سامونڊي ڪنارا) آھن. سمنڊ جي (خاص ڪري عربي سمنڊ جي) مستي ڏسڻي ھجي تھ منھوڙي تي سامونڊي ڪناري وٽ بيھي ڏسجي. خاص ڪري اونھاري جي مينھن ۾ ڪراچي واري سمنڊ ۾ اھي ناکئا (جھاز ھلائيندڙ وڏا (navigators بھ توائي ٿي وڃن ٿا. " ڪو جو قھر علاچ ۾، گھڙي سونئي". (ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ اھڙو ڪو قھر پيو وسي، جو جيڪو ٿو اندر گـَـھڙي تنھنکي ٿو کڻي)- ھي شاھھ لطيف 1690)ع- 1752ع( ۾ چيو جنھن ھن سمنڊ ۽ ھتي جي ڪنن کان جھازين کي ٽي صديون کن اڳ آگاھھ ڪيو ھو تھ " جنين نھ ڀـَـو ڀانيو، ڪري توائي تن کي" ۽ ناکئي کي خبردار ڪيو تھ:

" سامونڊي ٿو سنبھين، ساڄو جھل سکان
لڳي واءَ وڏاندرو منجھائي مھراڻ."

منھوڙي ۽ ڪلفٽن جي وچ ۾ آئسٽر راڪ رام جھروڪا سڏجي ٿي

اڄ جڏھن گذريل صديءَ کان تيل جي ملڻ ۽ انجڻ جي ايجاد بعد آفت جيڏا جھاز نڪري ويا آھن تڏھن بھ ھڪ جھازي ڪراچي واري عربي سمنڊ ۾ پھچي Uneasy محسوس ڪري ٿو. لنگر ڪيرايل جھاز بھ گڏھھ وانگر ڪڏائي آنڊا ٿو ٻاھر ڪڍي. ڄڻ شاھھ لطيف اڄ جي ماڊرن ۽ طاقتور جھاز ھلائيندڙ ۽ قابل نيويگيٽر کي بھ چتاءُ ڏئي رھيو ھجي:

م ڪي ھيج م ھوج، ترس م، تاڻ جھاز کي......

(ھينئن ھونءَ نھ ڪر- يعني گھتون گوھيون نھ ڏي، ويل نھ وڃاءِ، پنھنجي جھاز کي ھڪدم ھاڪار). دنيا جا سمنڊ لتاڙي ڪراچيءَ جي ويجھو پھچڻ وارو ائين سولو ڪم نھ سمجھي تھ بس ھاڻ تھ گھر جي ڳالھھ آھي. پنھنجي ماڳ پھچي ويس. ڇو جو بقول شاھھ لطيف جي " ڪـُـن ڪلاچيءَ ڪوڏ، سک نھ ستا ڪڏھين" (ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ گھڙڻ جي شوق ۾، گھاتو ڪڏھن بھ آرامي نٿا ٿين).
جھازي دنيا کان وقفڪارن لاءِ " اباسين" نالي ماڊرن جھاز جو مثال ڪافي آھي. ھيڏو وڏو ۽ ايئر ڪنڊيشنڊ جھاز جنھن جي main engine ڏھھ ھزار ھارس پاور جي ھئي انگلنڊ ۽ جرمنيءَ کان ٽيھارو کن ڏينھن جو سفر طيءَ ڪري، واٽ تي Bay of Biscay،ائٽلانٽڪ سمنڊ، ڪيپ آف گڊ ھوپ، موزمبق چئنل ۽ ھندي وڏي سمنڊ جھڙن بحرن کي لتاڙي اچي اچي ڪراچي جي ويجھو بلڪل منھوڙي وٽ- زمين کان فقط ٽن ميلن جي فاصلي تي، ڪــُـن جي چنبي ۾ اھڙو ڦاسي ويو جو جھاز جو ناکئو سـُـکان ساڄو نھ ڪري سگھيو ۽ جھاز اتي جو اتي غرق ٿي ويو. جھاز تي ڪئپٽن کان وٺي ڪئڊٽ تائين سڀ سڄاڻ نيويگيٽر ھئا، جيرو، ڪمپاس ۽ پاٿ فائينڊر کان وٺي. (Navigational Aids)N.A. جي ھر سھوليت موجود ھئي تھ بھ جھازي جھاز کي بچائي نھ سگھيا.ھيڏو وڏو سفر پورو ڪري اچڻ وارا ضرور ڪجھھ ڍار ٿي ويا ھوندا. ھنن اھو محسوس نھ ڪيو ھوندو تھ ھن مھراڻ (سمنڊ) جي حصي ۾ لڳندڙ وڏاندرو (خوفناڪ) واءُ ۽ھتي پئدا ٿيندڙ ڪـُـن ڪڙڪا اھڙا آھن جو ٿوري بي خيالي ۽ سستي وڏي تباھي آڻي سگھي ٿي ۽ ڪلاچيءَ جي ڪن ۾ ٻيڙا ھلائڻ ڪا joy ride نھ آھي. تڏھن تھ شاھھ لطيف چيو:

اوليون اجھڻ لڳيون، ويا ونجھھ وھي
ڪلاچيان ڪھي، ڪڏھن ڪونھ آئيو.

مٿئين شعر ۾ آيل لفظ " اوليون" ٻيڙي ھلائڻ جا ڳن آھن. اڄ جي ٻيڙي يا جھاز کي ڳن بدران اسٽيئرنگ ويل ٿئي ٿو جيڪو رف موسم ۽ سمنڊ ۾ ٿيڙ کائيندو رھي ٿو ۽ غلط واٽ تي پھچايو ڇڏي. اباسين جھاز سان بھ ڪجھھ اھو ئي مسئلو درپيش آيو ھوندو ۽ ڪلفٽن ۽ منھوڙي جي وچ ۾ Oyster rock نالي جبل جي آب دوز ٽڪرين جي سلسلي مان ڪنھن ٽڪري يا اتي اڳھين ٻڏل جھاز جي لوھي جسم سان ھي جھاز ٽڪرائي ڦاٽي پيو ھوندو ۽ پاڻي اندر وڃڻ ڪري ٻڏي ويو ھوندو.
مٿي بيان ڪيل “Oyster rock” ڪياماڙي، منھوڙي ۽ صاف موسم ۾ ڪلفٽن تان بھ نظر اچي ٿي. ھن ٽڪريءَ جي نالي سان بلاول ھائوس جي ڀرسان ڪلفٽن وٽ Oyster view نالي اٺ ماڙ فلئٽن جي بلڊنگ پڻ آھي. سمنڊ جي اندر ھن ٻيٽ نما آئسٽرراڪ کي ھندو " رام جھروڪا" بھ سڏين تا. ھنن جي ڌرمي ڪتابن موجب ھنگلاج ويندي وقت رام، لڇمڻ ۽ سيتا ھتي ترسيا ھئا. شروع شروع ۾ ھيءَ ٽـَـڪري ڪلفٽن ۽ منھوڙي جي وچ ۾ ھڪ ٻئي سان ڳنڍيل جبلن جي قطار ھئي ۽ ماڻھو خشڪيءَ رستي پھچي ويندا ھئا ۽ پوءِ بقول لوڪرام ڏوڏيجا جي ڏھين صديءَ ۾ آيل زلزلي ۾ ھي ٽڪريون ۽ جبل سمنڊ اندر ھليا ويا. ھاڻ ٻيڙيءَ رستي رام جھروڪا (Oyster rock) تائين پھچي سگھجي ٿو.

ڪلاچيءَ جو ڪن ۽ مورڙو ميربحر

بھرحال پاڻ منھوڙي ٻيٽ تي اچون. ڪياماڙي ۽ منھوڙي وڃڻ وارن شايد اھو نھ سوچيو ھجي تھ نھ فقط منھوڙو " ٻيٽ"آھي پر ڪياماڙي بھ ھڪ ٻيٽ آھي جيڪو ھينئر جناح پل سان ۽ ان کان اڳ نيٽي جيٽي ذريعي ڪراچيءَ سان ڳنڍيل ھو سو ڪنھن زماني ۾ ڪياماڙي بھ منھوڙي وانگر ھڪ ٻيٽ ھو. ماڻھو ٻيڙين ذريعي ڪراچيءَ جي کارادر علائقي کان ڪياماڙي ۽ منھوڙي ويندا ھئا. 1843ع کانپوءِ سر چارلس نيپيئر (سنڌ جي پھرين گورنر) ڪياماڙي ٻيٽ کي نيپيئر ڪازوي (mole) ذريعي ڪراچيءَ جي سرزمين سان ڳنڍي ھڪ ڪيو. منھوڙي ۽ ڪارچيءَ جي ڪا ڌار ڌار تاريخ نھ آھي. پڙھندرن جي دلچسپي لاءِ ھتي ان بابت ڪجھھ لکڻ بي محل نھ ٿيندو. ھونءَ تھ ھانگ ڪانگ ۽ سنگاپور جھڙن ٻيٽن جي مقابلي ۾ منھوڙو ۽ ڪراچي پراڻو ٻيٽ ۽ شھر آھي پر ابن بطوطھ ۽ محمد بن قاسم جي ڏينھن جي ڳالھھ ڪبي تھ ڪراچي بھ ڪالھھ جو ڄاول ٻار لڳندو جو انھن ڏينھن ۾ ڪراچيءَ جو ڪنھن کي ڪو انت بھ نھ ھو. اڄ جو سوڀوديرو، چنبڙ ۽ پريالوءِ بھ وڏا ڳوٺ آھن. انھن ڏينھن ۾ جيڪي ڪجھھ ھو ديبل، ٺٽو ۽ لاھري بندر جھڙا ھنڌ اھم ۽ بلي بلي شھر ھئا.
ڪراچي ڪنھن زماني ۾ مھاڻن جو ھڪ ننڍڙو ڳوٺ ھو جيڪو ڪلاچيءَ جو ڳوٺ سڏبو ھو. اھو مڇين مارڻ واري ھڪ جاءِ جي ويجھو ھو جيڪو سمنڊ جو حصو ڳوٺ جي نالي جي لحاظ سان " ڪلاچيءَ جو ڪـُـن" سڏيو ويو ٿي. مڇين مارڻ واري ھن گھاٽ جي باري ۾ راجا دلورائي جي زماني جي ھڪ ڪھاڻي بھ مشھور آھي جنھن ۾ مورڙو ميربحر نالي ھڪ شخص جي مھاڻن ڀائرن کي مانگر مڇ ڳھي ويو. جيڪا دراصل وھيل مڇي ئي ھوندي، مورڙو جنھن لاءِ چون ٿا تھ جيتوڻيڪ عذر وارو ھو پر عقل کان ڪم وٺي ھن مانگر مڇ يعني whale کي ماري وڌو ۽ سندس پيٽ چيري پنھنجن ڀائرن جا لاش ڪڍيا. مورڙي ميربحر ۽ سندس ڀائرن جون قبرون کارادر کان ماريپور ويندي رستي تي گل بائي واري چونڪ تي آھن جتان ٽرئفڪ شيرشاھھ ۽ سائيٽ ڏي وڃي ٿي. سامھون لوڪل ٽرين جي وزير مينشن نالي ريلوي اسٽيشن بھ آھي. مورڙي جا اڄ بھ ڪيترائي مائٽ ڪراچيءَ جي مختلف سامونڊي ڪنارن وارن ڳوٺن: بابا ڀٽ، شمس
پير، رھڙي ۽ ابراھيم حيدري وغيره ۾ رھن ٿا. شاھھ لطيف جي ھڪ سر (سرگھاتو) ۾ مورڙي ميربحر جو داستان آھي.
جيڪس جھليا مـَـڇ گھاتو گھر نھ آئيا
ڪاھي وڃو، ناکئا!، ڪريو بـُـري تي بـَـڇ
ڪاٿي سندين ڪنڊيون؟ ڪاٿي سندن رڇ؟
ڪـُـن ڪڙڪو ڏاڍو، اٿو اڳيان اڇ
اديون عبداللطيف چئي، سڀ لنگھيندا ڇـَـڇ؟

(جيڪس- شايد، مـَـڇ- مانگر مڇ ڪابھ وڏي مڇي، سامونڊي آفت، گھاتو- شڪاري، مھاڻا، ناکئا-ٻيڙي ھلائيندڙ، بـُـري تي- بڇڙي تي (مانگر مڇ تي)، ڪنڊيون- مڇي ڦاسائڻ جا ڪنڍا Hooks، رڇ- ڄاريون، ڪـُـن- سامونڊي واچوڙو ۽Currents Under، اڇ-پاڻيءَ جي اڇاڻ، گجي، جنھن کي اسين جھازي وائيٽ ھارسز سڏيون ٿا. white horses خراب سمنڊ جي نشاني آھي. شاھھ لطيف مورڙي کي پڪي عزم، بھادري ۽ ھمت جي علامت قرار ڏنو آھي. شاھھ جي رسالي جو ھڪ مھتم ڪلياڻ بولچند آڏواڻي لکي ٿو تھ انسان جو من بھ ھڪ مردود مڇ آھي، جنھن کي مارڻ لاءِ ڪو مورڙي جھڙو مرد کپي.
شاھھ کان علاوھ اسانجي ٻين بھ ڪيترن ئي شاعرن مورڙي ۽ مڇ بابت لکيو آھي. تاجل بيوس جا ان سلسلي جا ھڪ ٻھ شعر ياد اچي رھيا آھن.

ھلو ھلو، ڪـُـن تي، ڄار کڻي ڄاڻو
ڪجي مانگر مڇ کي، سائر ۾ ساڻو
ٽريو جو ٽاڻو، برو ايندو بود ۾،

ھلو ھلو ڪـُـن تي، ٻڌي مولھيا مير
جتي جوکو جيءَ جو، سا پڻ لنگھو سير
مٿان واڪو وڄ جو، ھيٺان چڙھي وير
ڪالھھ بھ اچن ڪن تي، باھيو ھو بي پير
ڪلا ٺوڪي ڪير، ڪن ڀاڱا ڀور جا.

تاجل بيوس جو ھڪ ٻيو خوبصورت شعر:

مانگر ٿا مڙن، ڪلاچيءَ جي ڪن تي
سون مياڻي سڏ ٿيو، مڙني ملاحن
اھي پڻ اچن، جيڪي جـَـر جڏا ڪيا.

ٽالپرن جي ڏينھن کان وٺي ڪراچي وڌڻ لڳو

چون ٿا تھ ڪراچيءَ ۾ ھڪ ھندو واپاري ڀوڄ مل نالي پنھنجي خاندان سان گڏ کڙڪ بندر کان ڪراچي واري ڳوٺ (ڪلاچي ڳوٺ) لڏي آيو. ان کان علاوھ شاھھ بندر کان بھ ڪجھھ ماڻھو ھتي آيا. اھڙي طرح ويھھ پنجويھھ گھرن جي مھاڻن جي وستي ھڪ واپاري ڳوٺ ٿي پيو. آھستي آھستي ھن ڳوٺ جي چوڌاري ھڪ ڀت ڏني وئي ۽ نوان ايندڙ ان اندر رھڻ لڳا.
ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ ڪراچيءَ جي شھر انگريزن جي دور 1843)ع کان 1947ع(۾ وڏي ترقي ڪئي پر ڏٺو وڃي تھ ان کان اڳ ٽالپرن جي دور 1782) ع کان1843ع) ۾ بھ ڪراچيءَ وڏي اھميت حاصل ڪئي ۽ ھڪ ويران ڳوٺڙي مان ھڪ تجارتي شھر ٿي وئي. ٽالپر گھراڻي جو پھريون امير مير فتح علي خان جيڪو 1782ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو چڱو قابل ماڻھو ھو جنھن کي ڪراچي جي جاگرافيائي ۽ تجارتي نقطي نگاھھ کان اھميت جي ڄاڻ ھئي. ان وقت ڪراچي وارو ھي علائقو قلات جي خان جي ھٿ ھيٺ ھو. مير فتح علي خان 1795ع ۾ نواب ولي محمد خان لغاريءَ جي ڪمانڊ ھيٺ ھڪ مضبوط جٿو موڪلي ڪراچي پنھنجي قبضي ۾ ڪئي. انھي سال مير فتح علي خان منھوڙي ٻيٽ تي قلعو ٺھرايو جيئن ڪراچي ھاربر ۾ ايندڙ ويندڙ جھازن تي نظر رکي وڃي. بندرگاھھ اڃان ٺھرايو نھ ويو ھو پر ان پروگرام جو سوچي مير صاحب 1795ع ۾ اھو قلعو ٺھرايو جو ھن ڏٺو پئي تھ ننڍين وڏين ٻيڙين جو لنگھھ اتان ئي ٿئي ٿو. بندرگاھن جي تاريخ ڄاڻڻ وارا مڃين ٿا تھ ڪراچي جي واڌاري لاءِ مير فتح علي جو اھو وڏو ۽ بھترين قدم ھو. 1799ع ۾ انگريزن کي ڪراچيءَ ۾ فئڪٽري کولڻ جي اجازت ڏني وئي پر مير صاحب ذھين ھو ۽ ھو جلدي ئي سمجھي ويو تھ انگريزن جي نيت صحيح نھ آھي ھو ان ڳالھھ پٺيان پنھنجون پاڙون مضبوط ڪري رھيا آھن ۽ ھن انگريزن جو ڪارخانو يڪدم بند ڪرائي ڇڏيو. ڪراچي جي واڌاري ۽ سڌاري جو ڪم ميرفتح عليءَ جا پويان بھ قائم رکندا آيا ۽ ڪراچي ڏينھون ڏينھن ھڪ اھم ۽ مشغول بندرگاھھ ثابت ٿيندو ويو. ماڻھن جي گھڻي لڏ پلاڻ ڪري ڪراچي جو شھر وڌندو ويو ۽ ڳوٺ ۾ رھائش لاءِ ڏنل ڀت کان ٻاھر بھ ماڻھو رھڻ لڳا. شھر جي آدمشماري ايتري تھ وڌڻ لڳي جو امير وقت بوقت ماڻھن جو ڳاڻيٽو ڪرائيندا رھيا. پاٽنجر ڪراچي جي 1813ع وارين حالتن بابت پنھنجي ڪتاب Travels in Baluchistan & Sindh۾ لکيو آھي تھ ان وقت شھر کي ڏنل ڀت اندر 3250 گھر ھئا. " ان کان علاوھ ڀت جي ٻِاھران بھ ڪيترائي ڪچا پڪا گھر ۽ جھوپڙيون آھن. گھمڻ ۽ واپار وڙي لاءِ آيلن کي ڪڍي باقي مستقل رھڻ وارن جي آدمشماري 13 ھزار کن آھي جيڪا 1809ع جي آدمشماريءَ کان ڏيڍوڻي ٿي."
ھڪ ٻئي انگريز ليفٽيننٽ ڪارليس جو 1839ع ۾ ڪراچي ۽ ان جي پسگردائي جو ٺھيل نقشو موجود آھي. ھو پاڻ بھ ان نقشي ٺاھڻ وارن ڏينھن (1839) ع کان ڏھاڪو کن سال اڳ (1830)ع وارن ڏينھن سان (جڏھن پاڻ پھريون دفعو ڪراچي آيو ھو) ڀيٽي لکي ٿو تھ ڪراچيءَ جو شھر تمام تيزيءَ سان وڌي رھيو آھي. 1840ع تائين شروع واري شھر کي ڏنل ڀت صفا ڊھي وئي ۽ پوءِ پراڻو ۽ نئون شھر ھڪ ٿي ويو.
ڪراچي جي بندرگاھھ جي پاٽنجر بھ تعريف ڪري ٿو تھ 1813ع ۾ جڏھن ھو ھتي آيو تھ درآمد ۽ برآمد ٿيندڙ شين جو تعداد ۽ وزن ڏسي وائڙو ٿي ويو. ڪي شيون سنڌ کان ٻاھر ويون ٿي ڪي ٻاھران سنڌ ۾ آيون ٿي. ڪي شيون ھڪڙن ملڪن کان ٻين ملڪن لاءِ ھيون پر جھاز بدلائڻ لاءِ اھي سنڌ ۾ لاٿيون ويون ٿي (يعني ڪارگو جي Transhipment ٿي ٿي). انھن مان ڪجھھ شيون ھي ھيون. لوڻ، چانور، ڪپاھھ، چانھھ، تيلي ٻج، شارڪ مڇيءَ جون کنڀڙاٽيون، ڇوڏو، الڪلي، زعفران، گھوڙا، چمڙو، کلون، ڪشميري شالون، ھيرا پٿر، سڪل ميوا، غاليچا، کجور، گلاب جو پاڻي، تماڪ وغيره وغيره.
ٽالپرن جي ڏينھن ۾ ڪراچيءَ جو انتظام جنھن آفيسر حوالي ھوندو ھو اھو نواب سڏيو ويو ٿي ۽ ھن سول ۽ ملٽري گورنر جا فرض ادا ڪيا ٿي. 1837ع ۾ ڪراچي جو نواب " احمد خان ڀرڳڙي" ھو. ٽئڪس ۽ روينيو وٺڻ لاءِ ڪيترائي ماڻھو مقرر ٿيل ھئا جيڪي عامل سڏبا ھئا. سو ٽالپرن جي ڏينھن ۾ ڪراچي شھر، ان جو بندرگاھھ ۽ ان جي معرفت ھلندڙ ڪاروبار خوب ھليو ۽ منجھس اڳتي وڌڻ ويجھڻ جي سگھھ پئدا ٿي.

ڪراچي جو وجود 18 صديءَ کان اڳ بھ ھو

ھونءُ ڏٺو وڃي تھ ڪراچي ھڪ ننڍڙو ڳوٺڙو ۽ مختلف ھنڌن تان آيل ٻيڙن لاءِ لنگر ڪيرائڻ (ترسڻ ۽ سامان لاھڻ چاڙھڻ) لاءِ ھڪ سٺو قدرتي بندرگاھھ ارڙھين صدي يعني ٽالپرن جي راڄ کان بھ ھو. 1767ع جي ھڪ لکڻي مطابق جيڪا مير علي شير قاني نالي ھڪ تاريخدان اسان کي ٻڌائي: 1742ع ۾ (يعني مير فتح علي ٽالپر جي حڪومت شروع ٿيڻ کان بھ چاليھھ سال کن اڳ) نادر شاھھ جو ھڪ ايلچي مظفر علي خان سمنڊ رستي ڪراچي بندرگاھھ ۾ پھتو جتان پوءِ ھو ٺٽي روانو ٿي ويو.
ڪراچي جي ھڪ رھائش واري شھر جي ھجڻ جي سچائي ليفٽيننٽ جان پورٽر جي رپورٽن مان بھ پوي ٿي جيڪي ٻھ ٽي سال پوءِ 1744-45)ع( جون لکيل آھن. ھن ڪراچي يا ڪلاچي جي اسپيلنگ Crochey لکي آھي:

“Crochey Town is situated about 5 or 6 miles from where the vessels lay and about a mile from a creek where only small boats can enter. Crochey belonged to Balochees but the prince of Scindy made an exchange with some other place for it...
جديد ڪراچي شھر جي تاريخ 1839ع ۾ انگريزن جي فتح کانپوءِ شروع ٿئي ٿي. سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ چارلس نيپيئر ميرن جي گادي واري ھنڌ حيدرآباد جي بدران ڪراچيءَ کي گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيو. پھرين حيدرآباد ۾ ئي رھڻ پسند ڪيائين جو اتي ڪلھوڙن جو ٺھيل عاليشان قلعو پڻ ھو پر حيدرآباد شھر جي موسم نيپيئر کي ڏاڍي گرم لڳي ۽ ھي ھنڌ برطانوي فوجن جي رھائش لاءِ سھپ کان ٻاھر ٿي وڃي ھا. انھن ڏينھن ۾ برطانوي فوج ۾ رچرڊ برٽن نالي ھڪ ڪئپٽن ھو تنھن کي سرچارلس نيپيئر ڪراچيءَ وڃي رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ چيو تھ آيا رھائش جي خيال کان ڪراچي حيدرآباد کان وڌيڪ بھتر جاءِ آھي يا نھ.
رچرڊ برٽن جنھن جو آڪسفورڊ سان تعلق ھو ھڪ نھايت مشھور انگريزي اسڪالر ھو جنھن کي ڪيتريون ئي ٻوليون آيون ٿي. رچرڊ برٽن ڪراچيءَ جي ھن سفر لاءِ پاڻ سان گڏ ھڪ جونئر آفيسر فوجي وٺي گھوڙي تي روانو ٿيو. ھنن کي ڪراچي پھچڻ ۾ ڏھھ ڏينھن لڳي ويا ڪراچيءَ ۾ پنھنجي سرڪاري سونپيل ڪم جي دوران ھڪ ڏينھن برٽن پنھنجي زيردست آفيسر (جو سترھن ارڙھن سالن جو انگريز نوجوان ھو) مانگر پير جي سير تي ھلڻ لاءِ چيو. (ھن جاءِ کي ھاڻ منگھوپير سڏين ٿا. مانگر معنيٰ واڳون يا مانگر مڇ آھي ۽ ھنن مانگر مڇن جي نگھباني ڪرڻ وارو شخص پير سڏبو ھو ۽ اڃا تائين سڏرائي ٿو). انھن ڏينھن ۾ مانگر مڇن واري ھن حوض جي چوڌاري ڀت نھ ھئي جنھن ڪري مانگر مڇ آزاديءَ سان گھمندا ڦرندا رھيا ٿي. رات جي وقت ڪيترائي مسافر زخمي ٿي پوندا ھئا. ڪيترا تھ ھنن بکايل واڳن ھٿان مارجي بھ ويندا ھئا. ماڻھن جي بچاءِ لاءِ سرچارلس نيپيئر حوض جي چوڌاري ڀت ٺاھڻ ۽ واڳن کي ٻاھر نھ ڪڍڻ جو حڪم ڏنو. ان بعد ھتي جي زيارت ڪرڻ وارن جي جان محفوظ ٿي وئي.

رچرڊ برٽن منگھي پير جي واڳوءَ تي چڙھي سير ڪيو

ان ڏينھن جڏھن رچرڊ برٽن پنھنجي نوجوان زيردست سان مانگر پير جي ويجھو پھتو تھ ھن کي ڪجھھ فاصلي تان مانگر مڇ ائين ستل نظر آيا جو ھڪ جو نڪ ٻئي جي پڇ کي ڇـُـھي رھيو ھو ۽ انھن جي ھڪ ٻئي سان ملڻ ڪري ھڪ پل ٺھي وئي ھئي. بس ائين چرچي ڀوڳ ۾ برٽن پنھنجي جوان فوجي آفيسر کي چيو تھ جيڪڏھن ھو ھنن جي مٿان چڙھي ھڪ ڪنڊ کان ٻيءَ تائين ويندو تھ کيس انعام طور ڏھھ پائونڊ ملندا. ناتجربيڪار آفيسر يڪدم گھوڙي تان لٿو ۽ انھن ھينتناڪ جانورن تي چڙھي ٽپڻ لڳ. ھن جي جان تھ بچي وئي پر ٻي پار پھچڻ تائين سندس پتلون ۽ جوتا ڦاٽي چڪا ھئا. حقيقت ۾ ھو انھن مانگر مڇن جو گرانھھ ٿيڻ کان بچي ويو. بھر حال ھن شرط کٽي ورتي. پر برٽن بھ وڏو ڪنجوس ماڻھو ھو ۽ آسانيءَ سان ڏھھ پائونڊ ڏيڻ تي راضي ٿيڻ وارو نھ ھو. ھن نوجوان سان ھڪ ٻي شرط لڳائي ۽ ھن کي چيو:
"ھنن پئسن جي بدلي آئون مانگر مڇ جي پٺيءَ تي سوار ٿي ھن ڌپ ۽ تيزاب واري پاڻيءَ ۾ چڪر ڏئي ڏيکارين؟" جڏھن نوجوان برٽن جي ڳالھھ مڃي تھ برٽن بازار مان، جيڪا اتان چند وکن تي ھئي ھڪ ڊگھو بانس جو ڏنڊو ۽ جيئري ڪڪڙ گھرائي ۽ ڪڪڙ کي بانس جي ھڪ ڪنڊ سان ٻڌو جيئن اھا ڪڪڙ مانگر مڇ جي اکين اڳيان ڦٿڪندي رھي. پوءِ برٽن واڳونءَ جي اکين اڳيان ڪڪڙ کي ڦڙڪائي ھن جي مٿان ٽپ ڏئي چڙھي پيو. مانگر مڇ ڪڪڙ کي پنھنجين ڄاڙين ۾ جھلڻ جي ڪوشش ۾ اڳتي وڌندو رھيو ۽ برٽن سڄي حوض جو چڪر لڳائي ورتو ۽ ڪڪڙ بھ بچائي ورتي. اھڙي طرح برٽن شرط کٽي پنھنجا ڏھھ پائونڊ بچائي ورتا. رچرڊ برٽن جي رپورٽ ملڻ تي ڪراچي واقعي سمنڊ جي ڪناري تي ھڪ وستي آھي، حيدرآباد جي مقابلي ۾ ڪراچيءَ جي موسم بھتر آھي، ۽ جتان سامونڊي رستي ايراني نار جي ملڪن سان واپار جي بھ اميد آھي، سرچارلس نيپيئر گاديءَ جو ھنڌ حيدرآبد مان ڦيرائي ڪراچي ڪيو.
جڏھن نيپيئر ڪراچي آيو تھ ھن ان وقت ھڪ ننڍڙي بنگلي ۾ رھائش اختيار ڪئي جيڪو پوءِ ڪمشنر ھائوس سڏجڻ لڳو. ننڍي کنڊ جي ورھاست بعد پاڪستان جي صوبي سنڌ جو پھريون گورنر سر لينسلاٽ گراھم پڻ ھن بنگلي ۾ رھيو 1847ع ۾ نيپيئر يورپي فوجن لاءِ بئرڪون ٺھرايون جن کي اڃان تائين نيپيئر بئرڪس سڏجي ٿو جتي ھاڻ سرڪاري آفيسون آھن. ان سال ڪراچي جي آدمشماري اڌ لک ھئي ۽ شھر جي واپاري فرمن تي انگريز ۽ يورپي ماڻھن جو قبضو ھو سواءِ ٻن ڪمپنين جي ھڪ ايس طيب جي ائنڊ ڪمپني ۽ ٻي ارديشير ائنڊ ڪمپني.
امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ تي بھ يورپي واپارين جو ھٿ ھو. 1860ع ۾ ڪراچي چئمبر آف ڪامرس جو بنياد رکيو ويو. 1890ع ڌاري ھندستاني واپاري بھ اڳتي وڌڻ لڳا خاص ڪري سندھيا اسٽيم نيويگيشن ڪمپني جنھن جا ننڍا ننڍا اسٽيمر (ٻاڦ ھلندڙ ٻيڙيون، آگبوٽ) ٻاھران ملڪن ڏي مال کڻي وڃڻ لڳا.
سر چارلس نيپيئر کانپوءِ بارٽل فريئر سنڌ جو ڪمشنر ٿيو جيڪو پوءِ بمبئيءَ جو گورنر پڻ ٿيو. سربارٽل ڪراچيءَ کي خوبصورت بنائڻ جو پڪو پھھ ڪيو. ھن ڪراچي ميونسپلٽيءَ جو بنياد رکيو. اھڙي ئي ميونسپلٽي ھو بمبئي پريزيڊنسي جي ھڪ ٻئي شھر احمد آباد ۾ بھ قائم ڪري چڪو ھو. فريئر ھڪ مئنيجنگ ڪميٽي ٺاھي ميونسپلٽي جي ڪم جو آغاز ڪيو. ھن ڪميٽي ۾ ڪئپٽن پريڊي (ريوينيو ڪليڪٽر) جنھن جي نالي پريڊي اسٽريٽ آھي ۽ جان مئڪلوڊ (ڪليڪٽر ڪسٽمز- جنھن جي نالي ڪراچي جو ميڪلوڊ روڊ ھو جنھن جو ھاڻ نالو بدلائي آءِ آءِ چندريگر روڊ رکيو ويو آھي) ۽ سيٺ نائونمل ھوتچند شامل ھئا. سر بارٽل فريئر ڪراچي شھر ۽ سنڌي ٻولي جي واڌاري لاءِ ڪافي ڪم ڪيو جنھن جي موٽ ۾ سنڌ جي ماڻھن ھڪ خوبصورت يادگار ٺھرايو جيڪو فريئر ھال جي نالي سان سڏجي ٿو ۽ اڄ بھ ميرٽ ھوٽل جي سامھون ڪلفٽن ڏي ويندڙ رستي تي قائم آھي. جتي اڄ ڪلھھ سنڌ مدرسو آھي اتي 1860ع ۾ قافلھ سراءِ ھئي.

1869ع ۾ سئيز ڪئنال کلڻ تي ڪراچي جي اھميت وڌڻ لڳي

دراصل 1847ع ۾ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ جو حصو بنايو ويو جنھن جو انتظام ڪمشنر جي حوالي ڪيو ويو ھو ۽ سنڌ جي پھرين ڪمشنر (بارٽل فريئر) 1852ع ۾ ڪراچي ميونسپلٽي قائم ڪئي جنھن جو ذڪر پھرين ڪيو اٿم .1858ع ۾ انگريزن ڪراچي شھر کي ٻن حصن: ميونسپل ايريا ۽ ڪئنٽونمينٽ ايريا ۾ ورھايو. ان ئي سال (يعني 1858ع ۾) سرچارلس نيپيئر بندرگاھھ کي وڌائڻ جو ڪم شروع ڪيو نھ تھ1856ع تائين ڪراچي ھاربر ۾ جھاز لنگر انداز ٿي نيٽي جيٽي (Native Jetty) وٽ سامان لاھيندا ھئا. 1861ع ۾ ڪراچي کان ڪوٽڙيءَ تائين سنڌ جي پھرين ريلوي لائين وڇائي وئي. ٽرانسپورٽ جي سھوليتن ۽ بندرگاھھ جي وڌڻ ڪري گھڻي کان گھڻي تعداد ۾ ماڻھو ٻاھرن ھنڌن کان لڏي ڪراچيءَ ۾ رھڻ لڳا ۽ 1877ع تائين شھر جي آدمشماري 57 ھزار ٿي وئي.
1869ع ۾ سوئيز ڪئنال کلڻ کانپوءِ بندرگاھھ جي خيال کان ڪراچيءَ جي اھميت اڃان بھ وڌي وئي. 1868ع ۾ ڪراچي ۽ بمبئي جي وچ ۾ پاڻيءَ جي جھازن ذريعي ٽپال سروس شروع ڪئي وئي. بمبئي مان نڪتل جھاز ھڪ ھفتي اندر ڪراچي ٽپال پھچائيندا ھئا. سانوڻي جي موسم (monsoon) ۾ جڏھن سمنڊ خراب ھوندو ھو تھ ٽپال خشڪيءَ رستي حيدرآباد کان ٿيندي پنڌرھن سورھن ڏينھن ۾ ڪراچي پھچندي ھئي. شھر جي بولٽن مارڪيٽ سن 1883ع ۾ ڪراچيءَ جي ميونسپل ڪمشنر مسٽر بولٽن ٺھرائي.
1887ع ۾ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ قائم ٿيو جنھن جي بورڊ آف ٽرسٽيز ۾ ٻھ سيٽون چئمبر آف ڪامرس جي لاءِ رکيون ويون. چئمبر جا پھريان چونڊيل ميمبر " جو جيمز گرانٽ ۽" وولڪارٽ بردرز" جو جرمن آئوگ ٿول ھئا. مسٽر آئوگ ٿول جي خدمتن جي اعتراف ۾ ڪوئنز روڊ (مولوي تميزدين خان روڊ) تي امپورٽ يارڊ جو نالو ٿول يارڊ رکيو ويو. جيڪو اڄ بھ ان جي نالي سان سڏجي ٿو.
1894ع ۾ ڪراچي ۾ زير زمين گٽر سسٽم ذريعي پاڻيءَ جي نيڪاليءَ جو بندوبست ڪيو ويو. 1914ع ۾ پھرين وڏي جنگ شروع ٿي. انھيءَ سال ڪراچيءَ ۾ بجلي آئي. ان وقت تائين ڪراچي برطانوي سلطنت ۾ اناج جي برآمد جو وڏو بندرگاھھ ٿي چڪو ھو. ويھين صدي جي شروع وارن سالن ۾ ڪراچي شھر ۾ پٽن تي ھلندڙ ٽرام گاڏي شروع ڪئي وئي جنھن کي گھوڙا ڇڪيندا ھئا. پھرين اھا ٽرام سولجر بازار کان ڪياماڙي ۽ پوءِ ڪئنٽ اسٽيشن تائين ھلڻ لڳي. ھر ٻن ميلن بعد گھوڙا بدلائي انھن کي آرام ڪرايو ويو ٿي ۽ گھوڙن کي اس کان بچائڻ لاءِ وڏا وڏا سولار ھئٽ (انگريزن وارا خاڪي ٽوپلا) پارايا ويا ٿي.
1920ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٽيليفون جي سھوليت مھيا ڪئي وئي ۽ 1942ع ۾ ننڍي کنڊ (برصغير) جو پھريون ايرو ڊروم ڪراچي ۾ تعمير ڪيو ويو جنھن کي بين الاقوامي ايئرپورٽ جي حيثيت ڏني وئي. 1937ع ۾ سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪري الڳ صوبو بنايو ويو ۽ ڪراچي ان جو گاديءَ جو ھنڌ رھيو. ان کانپوءِ ڪراچيءَ ۾ ڪيتريون ئي سرڪاري عمارتون ٺھرايون ويون جھڙوڪ اسيمبلي بلڊنگ، گورنر ھائوس، چيف ڪورٽ بلڊنگ وغيره. شھر جو چڙيا گھر (Zoo) بھ انھن ڏينھن ۾ ٺھيو. اھا حقيقت آھي تھ آزاديءَ وقت ڪراچيءَ جي آبادي ساڍا چار لک ھئي ۽ ڪراچي ھندستان جو سڀ ۾ صاف سٿرو شھر ھو.
برٽش انڊيا اسٽيم نيويگيشن ڪمپني جنھن جا جھاز ڪراچي ۽ بمبئي جي وچ ۾ ھليا ٿي ڊيڪ ڪلاس (عرشي) تي سفر ڪرڻ وارن مسافرن کان ڀاڙو فقط پنج روپيا ورتو ٿي. ان جي مقابلي ۾ حاجي قاسم اسٽيم ڪمپني جي جھازن اڌ ڀاڙو ورتو ٿي ۽ مسافرن کي پنھنجن جھازن ۾ سفر ڪرڻ تي ھر کائڻ خاطر کين ھر سفر ۾ ھڪ عدد رومال تحفي طور ڏنو ٿي.

منھوڙي ٻيٽ تي خشڪي رستي بھ پھچي سگھجي ٿو

ڪراچيءَ جي ترقيءَ ۾ جمشيد نسروانجي مھتا جو بھ وڏو ھٿ آھي. پاڻ پارسي ھو ۽ ڏھھ سال کن ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو صدر ٿي رھيو ۽ شاندار ميونسپل بلڊنگ ٺھرائين ھن بندر روڊ (ايم اي جناح روڊ) جھڙا نوان ۽ ويڪرا رستا ٺھرايا جن لاءِ مشھور آھي تھ روزانو گلاب جي پاڻيءَ سان ڌوتا ويا ٿي. اسان بھ سندس نالو مئٽرڪ ۾ ھئاسين 1961) ع ۾) تھ ٻڌوسين جڏھن اسين ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو کان سي اسڪائوٽ ٽريننگ لاءِ ڪراچي آيا ھئاسين ۽ جنھن پاڻيءَ جي جھاز تي سکيا ورتي ھئيسين اھو سمنڊ جي وچ ۾ ضرور ھو پر ڪاٺ جي بدران سيمنٽ جو ٺھيل ھو ۽ چرڻ پرڻ بدران عمارت وانگر ھڪ ھنڌ زمين ۾ کتل ھو. ھي جھاز ھن قسم جي سکيا ۽ راندين لاءِ جمشيد نسروانجيءَ ٺھرايو ھو ۽ اھو جھاز "جمشيد نسروانجي لئنڊ شپ" سڏيو ويو ٿي. ھي جھاز مرچنٽ نيوي ڪلب ۽ PNSC بلڊنگ جي پٺيان واري سامونڊي حصي تي ٺھيل ھو.
ڪلفٽن تي ٺھيل ليڊ لائيڊ پيئر ۽ ڪوٺھاري پريڊ مرحوم سر جھانگير ڪوٺھاريءَ ٺھرائي جيڪو مشھور سياح ٿي گذريو آھي ۽ دنيا جي سڀني کنڊن جو نو دفعا سفر ڪيو اٿس. ھي ھمراھھ پڻ پارسي ھو.
ڪراچي ھاربر کان ٻھ ميل پري ٻھ ٽڪريون آھن جن لاءِ شروع ۾ لکي چڪو آھيان تھ انھن کي Oyster Rocks سڏجي ٿو. ھندو انھن کي رام جھروڪا سڏين ٿا. انھن ٽڪرين جي سامھون ھڪ ٻي پھاڙيءَ پڻ آھي جيڪا منھوڙي ٻيٽ تي آھي. سر چارلس نيپيئر ھن پھاڙيءَ جي ھيٺان ھڪ زبردست اسلحخانو ٺھرايو. ھيءَ ٽڪري ايڏي تھ مضبوط آھي ۽ بارود خانو ايڏو تھ ھيٺ آھي جو ٻاھران ڪيڏي بھ گولاباري ڪئي وڃي ان کي ڪجھھ بھ نقصان نٿو رسي سگھي.
منھوڙو جيتوڻيڪ ھڪ ٻيٽ آھي پر ھن جو اولھھ وارو حصو خشڪي ۽ پلين رستي زمين سان مليل آھي. منھوڙي ٻيٽ تي پھچڻ لاءِ ڪياماڙي تان ڀاڙي تي لانچون (موٽر بوٽون) ھلن ٿيون ۽ اڌ ڪلاڪ اندر ٻيٽ تي پھچائين ٿيون. منھوڙي ٻيٽ ڏي ڪي پي ٽي ۽ پاڪستان نيويءَ جي رھندڙ عملي لاءِ پڻ مقرر وقتن تي ٻيڙيون ھلن ٿيون. منھوڙي خشڪي رستي پنھنجي ڪار ۾ پڻ پھچي سگھجي ٿو. ان لاءِ ٽاور ۽ پوءِ کارادر اچجي. کارادر کان ماريپور روڊ سڌو گل بائي چونڪ تائين اچي ٿو جتي مورڙي ميربحر جي ڀائرن جو قبرون آھن. ان چوراھي تان ھڪ رستو ساڄي پاسي شيرشاھھ ۽ سائيٽ ڏي وڃي ٿو ٻيو سامھون PAF بيس مسرور ڏي- جتي پھچي کاٻي پاسي ماريپور ڏي وڃجي. ھي روڊ ھاڪس بي روڊ سڏجي ٿو. رستي تي نئون ٽرڪ اڏو اچي ٿو، ان بعد گريڪس وليج جتي رستي جي ڪناري تي ويھارو کن دڪان آھن. سواءِ ھڪ ٻن ھوٽلن جي باقي سڀ دڪان ڪوڪا ڪولا، سيون اپ وغيره وڪڻڻ وارن جا آھن. پاڪستان جو واحد سامونڊي ادارو پاڪستان مئرين اڪيڊمي بھ ھتي آھي. ان بعد اڳيان ماريپور جو شھر اچي ٿو جيڪو ختم ٿيڻ بعد رستو ٻھ طرف اختيار ڪري ٿو: ھڪ ساڄي پاسي جيڪو نيول ڪالوني، بـُـدني ڳوٺ، ھاڪس بي، پئراڊائيز پئانٽ، نيل، ۽ فرينچ بيچ ڏي وڃي ٿو ۽ ٻيو کاٻي پاسي وارو يونس آباد ۽ ڪڪا ڳوٺ مان ٿيندو سئنڊس پٽ ڏي وڃي ٿو ۽ سئنڊس پٽ وارو علائقو پورو ٿيڻ تي نيوي جو ھڪ اسڪول پي. اين. ايس ھمالايا اچي ٿو جنھن مان لنگھي منھوڙي ٻيٽ تي پھچي سگھجي ٿو. ڪڪا ڳوٺ کان ھڪ رستو ساڄي بھ وڃي ٿو جيڪو پڻ ھاڪس بي کان وڃيو نڪري.

منھوڙي جو لائيٽ ھائوس جھازن لاءِ وڏي مدد آھي

ترخم نامي ڪتاب ۾ ھڪ ٻيٽ منھارا جو ذڪر ٿيل آھي جتي ھندستان جي مغل شھنشاھ اڪبر جو جنرل عبدالرحيم خان خانان ٺٽي بعد گھمڻ لاءِ ويو ھو. ڪيترن جو اھو خيال آھي تھ اھو منھارا ٻيٽ اڄ وارو منھوڙو آھي.
بھر حال تاريخ جي رڪارڊ موجب ڪراچيءَ جو بندرگاھھ ارڙھين صدي جي شروعات کان مشھور ٿيو. انھن ڏينھن ۾ ڪراچي بندرگاھھ جو انتظام قلات جي خانن جي ھٿ ۾ ھو جيڪو پوءِ ڪيترا دفعا سنڌ جي حاڪمن ڏي بھ ايندو ويندو رھيو جن جي پڻ ھن ۾ اک ھئي ۽ ھنن ھـِـن بندر جي اھميت سمجھي ٿي. آخرڪار مير فتح عليءَ 1795 ع ۾ ڪراچيءَ کي ھميشھ لاءِ پنھنجي قبضي ۾ آندو ۽ 1797ع ۾ منھوڙي تي قلعو ٺھرايو جتان لنگھندڙ ھر ٻيڙو نظر آيو ٿي. 1843ع ۾ انگريزن جو سنڌ تي قبضو ٿيو ۽ نيول آپريشن ۾ انگريزن جي جھازن ھن قلعي تي بم ۽ بارود ھڻي تباھھ ڪري ڇڏيو. منھوڙي تي قبضي ڪرڻ بعد ڪراچي جو شھر انگريزن جي حوالي ٿي ويو.
سنڌ جو گورنر ٿيڻ سان سرچارلس نيپيئر ڪراچيءَ کي فري پورٽ ٺاھڻ جو ارادو ڪيو ۽ ان خيال کان ھن منھوڙي ٻيٽ جي سڌاري ڏي ڌيان ڏنو. ھن پھرين بھ ڪياماڙي کي (جيڪو پڻ ٻيٽ ھو) نيپيئر مول ذريعي باقي ڪراچي شھر سان ڳنڍيو جيڪو ڪم 1854ع ۾ پورو ٿيو ۽ ٻيو اھم ڪم اھو ڪيائين جو منھوڙي ٻيٽ تي لائيٽ ھائوس ٺھرائين جيئن پنھنجا ۽ ڌارين ملڪن کان ايندڙ جھاز ڀٽڪي ڪناري جي ويجھو وارين ٽڪرين سان نھ ٽڪرائجن ۽ کين ڪراچي بندر ۾ اچڻ ۽ وڃڻ جي رستي جي صحيح ڄاڻ ٿي سگھي.
منھوڙي ٻيٽ جو ھي لائيٽ ھائوس 1889ع ۾ ٺھي راس ٿيو. ھي 91 فٽ ڊگھو آھي پر سطح سمنڊ (Sea level) کان 109 فٽ مٿاھون آھي. لائيٽ ھائوس گول مناري وانگر ٺاھيو وڃي ٿو جنھن جي چوٽيءَ تي آرسين ۽ شيشن (Lenses) کي اھڙي حساب سان رکيو وڃي ٿو جو ميڻ بتيءَ جھڙي معمولي روشني بھ تيز طاقتور ٿي پري پري تائين پھچي سگھي ٿي. ۽ ظاھر آھي جيترو مٿي ھوندو اوترو پري تائين نظر ايندو ۽ ڏورانھن ملڪن کان ايندڙ جھاز جڏھن لائيٽ ھائوس جي گھيري ۾ اچن ٿا تھ ان جا ھلائيندڙ سک جو ساھھ کڻن ٿا. اڄ جي ماڊرن دور ۾ بھ ھڪ جھاز ھلائيندڙ لاءِ بندرگاھھ جو لائيٽ ھائوس وڏي رھنمائي ۽ ڏڍ آھي-خاص ڪري رات جي وقت. کلئي سمنڊ (Open Sea) ۾ سمنڊ جي اونھائي بھ تمام گھڻي ٿئي ٿي ۽ سوين ميلن تائين بنا ڪنھن سامونڊي رنڊڪ جي ھلي سگھجي ٿو ۽ جھاز جو ڪنھن سان ٽڪرائڻ جو خطرو نٿو رھي. ڪناري جي ويجھو اچي رفتار بھ گھٽائڻي پوي ٿي تھ خطري جو بھ ڊپ رھي ٿو. ڇو جو ڪناري ويجھو سمنڊ جا ڪيترا حصا تانگھا، پٽ گپ وارو، سمنڊ اندر ننڍيون پھاڙيون، ٻيٽارا ۽ پھرين جا ڀڳل جھاز موجود رھڻ جو انديشو ٿئي ٿو جيڪي ھلندڙ جھازن کي نقصان رسائين ٿا. لائيٽ ھائوس جي روشني نظر اچڻ سان جھاز کي ان جي سڌائيءَ ۾ ھلائي اچڻو پوي ٿو ۽ پڪ رھي ٿي تھ اھا ڪراچي آھي ٻي صورت ۾ ڌڪي تي جھاز کي چند ڊگريون غلط موڙڻ سان جھاز ساڄي پاسي ٺٽي بدين واري علائقي ۾ گپ ۾ ڦاسي سگھي ٿو يا کاٻي پاسي بلوچستان واري علائقي ڏي سمنڊ اندر موجود ٽڪرين سان ٽڪرائجي چڪناچور ٿي سگھي ٿو. ھاڻ تھ سمنڊ تي رستا ڳولڻ جا ڪيترائي ماڊرن آلھ (Instruments)نڪري پيا آھن نھ تھ اڳئين زماني جا جھاز ران (۽ اڄ بھ ڪيترا ٻيڙا ھلائڻ وارا ناکئا) لائيٽ ھائوس جي روشني تي ڀاڙين ٿا. جنھن بندرگاھھ ۾ گھڙڻ جي ڪا بيڪن، بتي، بئاءِ يا لائيٽ ھائوس ناھي اوڏانھن وڃڻ کان ھر جھازي ڪيٻائي ٿو-خاص ڪري رات جي وقت.

مشھور جرنلسٽ رضيھ ڀٽيءَ جي ڏاڏي جو منھوڙي سان ويجھو تعلق

سر چارلس نيپيئر يڪدم محسوس ڪيو تھ ڪراچيءَ کي جي اھم بندرگاھھ بڻائڻو آھي تھ بندرگاھھ جو واڌارو ۽ لائيٽ ھائوس ضروري آھي. منھوڙي جي ھن لائيٽ ھائوس لاءِ سنڌ جي دور دراز ھنڌن تان ۽ خاص راجستان مان اٺن ذريعي پٿر آندا ويا جن کي ھٿ سان گولائي ڏني وئي جيئن صحيح طرح ٺھڪي اچن. ھر پٿر جا ڇھھ ئي پاسا مختلف ماپن جا ٺاھيا ويا ٿي جن کي اندرين پاسي Concave ۽ ٻاھرين پاسي Convex ڪيو ويو ٿي. لائيٽ ھائوس جي چوٽيءَ تائين پھچڻ لاءِ 133ڏاڪا ٺاھيا ويا. ھي لائيٽ ھائوس earthquake-proof ٺاھيو ويو جيئن ھن تي زلزلي جو اثر نھ ٿئي ۽ اڄ بھ دنيا جي وڏن لائيٽ ھائوسن مان ھڪ مڃيو وڃي ٿو. صدي کن اڳ ھن لائيٽ ھائوس جي ٺھرائڻ تي خرچ يارھن لک ڇھھ ھزار رپيا آيو. اڄ جي جي قيمت لڳائجي تھ ڏھن ڪروڙن کان بھ مٿي خرچ آھي.
ھتي اھو لکڻ دلچسپيءَ کان ٻاھر نھ ٿيندو تھ منھوڙي جي ھن لائيٽ ھائوس جو پھريون انچارج مسٽر بوندري ھو جيڪو مشھور جرنلسٽ ۽ ليکڪا رضيھ ڀٽيءَ جو ڏاڏو ھو. رضيھ ڀٽي ڪجھھ سال اڳ ننڍي عمر ۾ گذاري وئي پاڻ انگريزي رسالي نيوز لائين (Newsline) جي ايڊيٽر ھئي ۽ بيحد دلير جرنلسٽ-جنھن جي مڃتا طور دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن طرفان ھن کي سندس حياتيءَ ۾ ئي انعام مليا ۽ ھن بابت لکيو ويو. سنڌي جي مشھور جرنلسٽ جي اين مغل بھ رضيھ ڀٽيءَ تي ڪنھن سنڌي اخبار ۾ مفصل ۽ پر اثر مضمون لکيو ھو. رضيھ ڀٽيءَ جو پيءُ جھازن جو ڪئپٽن ٿيو ۽ پاڪستان ٿيڻ وقت جيڪي ڪجھھ ديسي ڪئپٽن ھئا انھن مان ھي ھڪ ھو. پاڻ بعد ۾ ڪراچي بندرگاھھ جو پائلٽ ۽ پوءِ ڊي سي (ڊپٽي ڪنزرويٽر) مقرر ٿيو جيڪا ھڪ تمام وڏي ۽ اھم پوسٽ آھي. اڄ ڪلھھ ان پوسٽ تي منھنجو چٽگانگ مئرين اڪيڊمي جو ڪلاس ميٽ ڪئپٽن افتخار احمد آھي. بحر حال رضيھ ڀٽيءَ جو نھ فقط پيءُ پر ڀاءُ ڪئپٽن ڪريم بوندري بھ جھازن جو ڪئپٽن ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو ڊي سي ٿيو ۽ ھن جي ريٽائرمينٽ بعد ئي اسانجو مٿيون جھازي ساٿي D.C ٿيو اھي. سٺ جي ڏھاڪي واري آخري سالن کان ملڪ جي مختلف ھنڌن جا ماڻھو جھاز راني ۽ بندرگاھن جي دنيا ۾ آيا نھ تھ ھن ڪم لاءِ گھڻو ڪري بوندري، ساونت، مقدم، مرچنٽ جھڙن ھندستان جي مالابار ڪوسٽ جي رھاڪن ۽ ڪوڪني ڪميونٽين جا ماڻھو اڳيان اڳيان ھوندا ھئا.

Glory of the East Kurrachee

ڪراچي پورٽ جي D.C ۽ پائلٽن لاءِ انگريزن جي ڏينھن ۾ 1871)ع ۾) جيڪي خوبصورت گھر منھوڙي ۾ ٺاھيا ويا ھئا اھي 1980ع کان وٺي ڊٺل حالت ۾ آھن. ھي تاريخي گھر ۽ انگريزن جي ڏينھن جا منھوڙي تي ٺھيل مندر، ٽڪاڻا ۽ چرچ وغيره ھڪ لوڪل ڪمپني پرزرويشن آف ڪلچرل ھيريٽيج PCH وارا اجاگر ڪري انھن کي اصلي حالت ڏيڻ چاھين ٿا. ھن ڪمپني PCH جي سربراھھ ھڪ آمريڪن عورت جئنس برنس آھي جيڪا گذريل ڇھھ ست سالن کان ھتي رھي ٿي. ھن جو مڙس 1960ع ۾ لاھور ۾ ڪم ڪندڙ ھارورڊ ائڊائيزري گروپ جو ميمبر ھو. ھو جڏھن بھ لاھور کان ڪراچي ايندو ھو تھ سندس زال (Janice Burns) بھ ھن سان گڏ ايندي ھئي ۽ ڪلفٽن، ھاربر ۽ منھوڙي جھڙيون جايون ضرور گھمندي ھئي. ھينئر ويجھڙائي وارن سالن ۾ ھوءَ آعا خان يونيورسٽيءَ جي ڪميونٽي ھيلٿ سينٽر جي ائسوسيئيٽ پروفيسر ٿي آئي ۽ پراڻين جاين جي ڊٺل حالت ۽ اڻپوري مرمت ڏسي ھن کي خيال آيو تھ ڇو نھ انھن تاريخي جاين جي حالت سڌاري وڃي.
منھوڙي جو خود بھ پنھنجو رومانٽڪ نظارو آھي، ان کان علاوھ سامونڊي ڪنارو(beach) ۽ منھوڙي ٻيٽ تان ڪراچي جو نظارو بيحد سٺو ٿو لڳي. منھوڙي تي لائيٽ ھائوس (اندران نھ تھ ٻاھران ئي سھي) ڏسڻ وٽان آھي. ھي ٻيٽ اھو آھي جتي ھڪ ئي وقت ھندن، عيسائين، سکن ۽ مسلمانن جي سندن عبادتگاھن ڪري دلچسپي قائم آھي. غازي عبدالله شاھھ جنھن جي درگاھھ ڪلفٽن تي آھي ان جو ڀاءُ يوسف شاھھ ھن ٻيٽ (منھوڙي) تي دفن ٿيل آھي. سندس درگاھھ جي اصل ڊيزائين ۽ شڪل تبديل ٿي چڪي آھي جنھن لاءِ برٽش ڪمپنيءَ جي جان پورٽر(جنھن 1777ع ۾ ڪراچي ۽ منھوڙي جو دورو ڪرڻ بعد) ان درگاھھ لاءِ سفيد مزار لکيو آھي. بعد ۾ ڪراچيءَ جو دورو ڪرڻ وارن انگريزن ھن مزار لاءِ لکيو آھي تھ "ڪوبھ جھاز منھوڙي واري پير جي درگاھ" تي نذرانو ڏيڻ بنا بندرگاھھ کان روانو يا ان ۾ داخل ٿي نٿي سگھيو.
منھوڙي ٻيٽ تي موسم جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ ھڪ Observatory بھ آھي. ان کان علاوھ ھڪ پراڻي مسجد، ٻھ سکن جا ٽڪاڻا، ھڪ ھندن جو مندر ۽ ٻھ عيسائين جا ڪليسا گھر آھن- ھڪ رومن ڪئٿولڪ وارن لاءِ ھڪ پروٽيسٽنٽن لاءِ.
يوسف شاھھ غازيءَ جو ھر سال عرس بھ ملھايو وڃي ٿو ۽ ھزارين ماڻھو اچيو گڏ ٿين. چوڌاري سمنڊ جو کارو پاڻي ھجڻ جي باوجود بزرگ جي درگاھھ وٽ کوٽايل کوھھ مان مٺو پاڻي اچي ٿو. ان جي ڀر ۾ ٺھيل مسجد ڪئپٽن ڪريم بوندري (يعني رضيھ ڀٽيءَ جي بھ) ڏاڏي ٺھرائي ھئي. عيسائين جو سينٽ پال چرچ 1865ع جو ٺھيل آھي. اھو جھازن تي ايندڙ عيسائي عملي لاءِ ٺھرايو ويو ھو.
بھر حال ھي منھوڙي سان گڏ ڪراچيءَ جو پڻ مختصر احوال آھي جيڪو مٿي لکي چڪو آھيان. ڪراچي-جنھن جي ڪنارن کان موڪلائڻ ۽ پنھنجي وطن رواني ٿيڻ مھل سرچارلس نيپيئر چيو ھو:
“You will yet be the glory of the East; would that I could come again, Kurrachee, to see you in your grandeur…”

سنگاپور ھڪ سکيو ستابو ٻيٽ

منھوڙو اسانجي ملڪ جو ٻيٽ آھي ۽ ڪراچي کان سڏ پنڌ تي آھي. لکديپ ٻيٽ ھندستان جي ملڪيت آھن پر ان سمنڊ (عربي سمنڊ) ۾ آھن جنھن جو پاڻي اسانجي ملڪ جي ڪنارن کي ڇھي ٿو. سري لنڪا (سلون) تمام وڏو ٻيٽ آھي ۽ ڪنھن زماني ۾ ڏرو ڏرو تائين ھي ھڪ اھم ٻيٽ ھو- امن امان ۽ خوشحاليءَ کان بھ تھ جھازين جي گڏ ٿيڻ کان بھ. ھر پاسي کان ايندڙ جھازن جو ھتان لنگھھ ٿيو ٿي جن ھتي ترسي ساھي پٽي ٿي ۽ اڳتي جي سفر لاءِ ڪوئلو، پاڻي ۽ کاڌو راشن کنيو ٿي. سمجھو تھ ڪوٽڙي يا روھڙي ريلوي جنڪشن ھئي. اڄ ڪلھھ اھا اھميت ۽ اھا رونق سنگاپور کي مليل آھي.
سنگاپور جيتوڻيڪ ھڪ ننڍڙو ٻيٽ آھي پر اھم لنگھھ وٽ ھجڻ ڪري ۽ ٻيٽ تي امن امان ۽ جھازين جي ھر ضرورت پوري ٿيڻ جو بندوبست ھجڻ ڪري ھن سڄي علائقي ۾ ھڪ اھم، تمام گھڻو ماڊرن، سھڻو ۽ خوبصورت ٻيٽ ٿي پيو آھي. ھي ٻيٽ دنيا جو Mr. Clean سڏجي ٿو. لاائنڊ آرڊر جي پوزيشن مضبوط ۽ ڏوھن جي سخت سزا ھجڻ ڪري ھتي نھ برابر Crime rate آھي. سياسي طرح Stable حڪومت ھجڻ ڪري ھر مڪاني ۽ ڌاريون ماڻھو ھتي سيڙپ ڪرڻ چاھي ٿو، حد کان وڌيڪ سھولتون ۽ سک ھجڻ ڪري ھر ڪا اڏام ۽ پاڻيءَ جو جھاز ھتي اچي ٿو. 1819ع تائين ھي ٻيٽ گمنام، ويران ۽ جنگل ھو جتي ڪنھن بھ رھڻ پسند نٿي ڪيو سواءِ سامونڊي چورن (قزاقن) ۽ ڏوھاري قسم جي مھاڻن جي- جيڪي پڻ سنگاپور نديءَ جي منھن وٽ رھيا ٿي. اڳتي ڪير وڃي. سڄو ٻيٽ جھنگ ۽ دلدل ھو. جانورن ۽ جيت جڻين سان ڀريل ھو. رت چوسيندڙ ڄؤرون ۽ مڇر ھئا. وڇون ۽ سؤپيريون ھيون. نانگ ۽ بکايل واڳون ھئا. ٻيٽ جي جاگرافيائي پوزيشن بھتر ڄاڻي 1819ع ۾ انگريز حڪومت پاران سر اسٽئمفورڊ رئفلس ٻيٽ جي ملئي مالڪ کان ھي ٻيٽ حاصل ڪيو جيڪو پاڻ بھ ڪنھن ٻئي ٻيٽ (ريائو) تي رھيو ٿي ۽ ھن لاءِ ھن ٻيٽ (سنگاپور) جي ڪا اھيمت نھ ھئي. نيو ڪئسل شھر ۾ ڪوئلن جي ڪھڙي ڪاڻ. ھي اھو علائقو آھي جتي چوڌاري- ساڄي کاٻي، ڏکڻ اتر طرف فلپين ۽ انڊونيشيا جھڙن ملڪن جا ڏھھ ھزار کان مٿي ٻيٽ آھن. ھي ھڪ سنگاپور ويو تھ ڪھڙي وڏي ڳالھھ، ٻيٽ جي ملئي حاڪم سوچيو ھوندو.
۽ پوءِ انگريزن ھن ٻيٽ کي ٺاھيو. جڏھن مير ٽالپر منھوڙي جھڙي ٻيٽ تي قلعا ۽ مسجدون مندر ٺاھيو ويٺا آھن اتي ھي جھونا جھازي (انگريز) ھھڙي ٻيٽ کي ٺاھي ڇو نھ پرائي پنھنجي لنگھندڙ جھاز جي ٽيٽ وٺن. سنگاپور ۾ رھڻ لاءِ انگريزن اوسي پاسي کان ايندڙ مزورن توڙي واپارين جي آڌرڀاءُ ڪئي. ملايا انڊونيشيا کان تھ ملئي ۽ چيني اچي نڪتا پر چين جي سر زمين تان بھ چيني لڏ پلاڻ ڪري سنگاپور آيا. انھن ڏينھن ۾ چين ۽ ڏکڻ ھندستان ۾ غربت ڏاڍي ھئي. ھن پاسي کين روزگار ملڻ ۽ چار پئسا ڪمائڻ جي وڏي اميد ھئي ڇو تھ انگريزن جو ھٿ ھو جن جيتوڻيڪ سڀ ڪجھھ پنھنجي سک ۽ ملڪ لاءِ ڪيو ٿي پر مڪاني ماڻھن کي بھ گھڻي کان گھڻو امن امان ۽ سٺو روزگار مھيا ڪري ڏنو ٿي. ھن تر جا ماڻھو اھو سڀ ڪجھھ پينانگ ٻيٽ تي ڏسي چڪا ھئا يا ان بابت ٻڌي چڪا ھئا تھ ڪيئن انگريزن ھڪ ويران ٻيٽ (پينانگ) کي سرسبز شاداب بڻائي ڇڏيو ۽ اتي لڏي ويندڙ ھميشھ لاءِ سکيو ستابو ٿي ويو. لڏ پلاڻ جو ھڪ اڻ کٽندڙ سلسلو جو شروع ٿيو تھ ويجھڙائي تائين ھلندو رھيو. امير ۽ واپاري بھ وڌيڪ خوشحال ٿيڻ لاءِ سنگاپور لڏي آيا پر سڀ کان گھڻا غريب آيا. ڪيترائي اھڙا جن وٽ ٻيڙيءَ جي ڀاڙي جا پئسا بھ نھ ھئا. جسم تي ڦاٽل وڳو ۽ پير اگھاڙا ھئا. انھن ۾ گھڻائي چينين جي ھئي. ھنن مٽ مائٽ ڇڏي سنگاپور ۾ سالن جا سال پورھيو ڪيو ۽ پئسو ڪمائي پٺيان غريب مائٽن کي بھ موڪليو تھ پاڻ لاءِ بھ بچايو. ان بچيل پئسي کي ڌنڌي ڌاڙي ۾ لڳائي وڌيڪ ڪمايو. اڄ جي سنگاپور جا گھڻي ڀاڱي امير ھن ٻيٽ تي اچڻ وقت مسڪين ۽ غريب ھئا. سندن ڀاڳ جي ڪھاڻي محنت ۽ پورھئي جي ڪھاڻي آھي. آئون ھميشھ سست ماڻھن کي سنگاپور جي چينين جي ڪھاڻي ٻڌي ۽ اتساھ حاصل ڪرڻ لاءِ چوندو آھيان. ھو محنت ڪري ڪيئن وڏا واپاري ٿيا، بيحد ڏکين حالتن ۾ رھي تعليم حاصل ڪري مٿاھون درجو حاصل ڪيائون، پئسو اچڻ بعد بھ ھو مرڻ گھڙيءَ تائين محنت ڪندا رھيا، اڻ مئي ملڪيت اچڻ بعد بھ ھو عيش زندگي کان پري رھيا. ھو خلق جي خدمت ڪرڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا رھيا. اھڙن ڪيترن ئي چينين جا قصا، جيڪي سنگاپور اچڻ مھل ڪنگال ھئا ۽ پوءِ ڪروڙ پتي ٿي ويا، ڪتابي صورت ۾ آھن. مون بھ ڪيترن جون ڪھاڻيون روبرو ٻڌيون ۽ ڪتابن ۾ پڙھيون آھن ۽ ملائيشيا ۽ سنگاپور ۾ رھڻ دوران مون وٽ جيڪو دوست وطن کان ايندو ھو ان کي ٻڌائيندو ھوس ۽ انھن ماڻھن سان ملرائيندو ھوس. ھتي پنھنجن پڙھندڙن لاءِ ھڪ چيني ھمراھھ جو قصو لکڻ بي محل نھ ٿيندو.

اگھاڙن پيرن واري يتيم ڇوڪري کان ارب پتي امير بئنڪر تائين

سنگاپور ۾ جيڪي توھان کي امير، شاھوڪار نظر اچن ٿا اھي سڀ اصل کان پئسي وارا نھ ھئا. حقيقت تھ اھا آھي تھ ڪنھن ايڪڙ ٻيڪڙ کي ڇڏي ٻيا جيڪي بھ سنگاپور آيا اھي سڀ غريب ھئا. غريب بھ غريبن جھڙا. اڄ ڪلھھ ولايتن ۾ وڃڻ يا گھمڻ وڏ ماڻھپي سمجھيو پيو وڃي. پر سؤ سال ٻھ سؤ سال اڳ پنھنجو گھر ۽ پنھنجو وطن ڇڏڻ ڏاڍي ڏکي ڳالھھ ھئي. مسافري، رڻ پٽ ۽ بيابانن ۾ اٺن ذريعي ٿيندي ھئي يا سمنڊ تي تنھن زماني جي سادن جھازن ذريعي. گھر کان نڪرڻ وقت ھر ڪو موڪلائي نڪرندو ھو جو منزل تائين پھچڻ ايڏو سولو ڪم نھ ھو. اھڙين حالتن ۾ جيڪي غريب چيني پنھنجو وطن "چين" ڇڏي سنگاپور آيا ٿي يا ڏکڻ ھندستان جا تامل، سي مڙيئي غريب ھئا. بک، بيمارين ۽ بي روزگاريءَ کين ۽ سندن گھر جي ڀاتين کي بيحال ڪري رکيو ھو ان ڪري ھنن مجبور ٿي نئين دنيا ڏي رخ رکيو ٿي. ھو ايڏو تھ غريب ھئا جو کين سفر لاءِ ڀاڙي جا بھ پئسا نھ ھوندا ھئا. ڪيترن تھ پنھنجن ننڍن ٻارن کي ڪڍي ڇڏيو تھ من پورھيو ڪري وڃي پنھنجو پيٽ ڀرين. پنھنجي ڪکن ۾ رھڻ سان تھ بک ٿا مرن.
سنگاپور پھچي جن جن محنت ڪئي ۽ عقل کان ڪم وٺي پئسو بچايو ۽ان کي وڌايو ويجھائيو اھي يا انھن جو اولاد وڏا ماڻھو ٿي ويا. سنگاپور ۾ اڄ بھ توھان کي اھڙا ڪيترائي امير چيني، سک، تامل ۽ سنڌي ھندو ملندا جيڪي ھتي خالي ھٿين پھتا پر پوءِ محنت، عقل ۽ ڀاڳ کين ڪٿي جو ڪٿي پھچايو. سنگاپور جي اوور سيز يونين بئنڪ جي سٺ ماڙ عمارت، سنگاپور جي و ڏي ۾ وڏي عمارت آھي. ڪجھھ سال اڳ ان عمارت ۾ اوور سيز يونين بئنڪ (OUB) جي چيني مالڪ مسٽر لئين يـِنگ چائو (Lien Ying Chow) سان ملاقات ٿي. لئين سندس ذات آھي جيئن پھرين بھ ٻڌائي چڪو آھيان تھ چيني ماڻھو پھرين ذات لکندا آھن. سندن نالي جي ٽن لفظن ۾ پھريون لفظ ذات ٿئي باقي ٻھ لفظ نالي جا ٿين- جن مان گھڻو ڪري ھڪ لفظ صفت ٿئي ۽ ٻيو اسم جيئن تھ: سھڻو باغ، خوشبودار گل ، تکو گھوڙو، پاڻيوارو ٻيٽ، ٿڌي ھوا وغيره وغيره. بھرحال ھن مضمون ۾ مسٽرليئين ينگ چائوءَ جو بار بار سڄو نالو کڻڻ بدران فقط چائو سڏينداسين.
چائوءَ جڏھن 1918ع ۾، يارھن ورھن جي ڄمار ۾ پنھنجو وطن چين ڇڏيو تھ ھو ھٿين خالي ھو. اڄ ھو سنگاپور جي امير ترين ماڻھن مان ھڪ آھي جنھن جون ھوٽلون آفيس بلڊنگس، بنگلا ۽ بئنڪون نھ فقط سنگاپور ۾ آھن پر ملائيشيا، ٿائلنڊ ۽ ھانگ ڪانگ ۾ پڻ آھن. پاڻ ڊپلومئٽ ۽ سفير بھ رھي چڪو آھي. سندس زندگيءَ جو دلچسپ احوال ھانگ ڪانگ جي ھفتيوار رسالي ۾ “Barefoot Boy to Billionaire Banker” جي نالي سان اچي چڪو آھي. ۽ فار چون رسالي جو ايڊيٽر لوئس ڪرار ھن تي ڪتاب لکي رھيو آھي. جيڪو ھيستائين ڇپجي بھ چڪو ھوندو. ڪتاب جو نالو رکيو اٿس: “From Chinese Villager to Singapore Tycoon”. پاڻ 1807ع ۾ چين ۾ ڄائو. منھنجي ساڻس ملاقات پنج سال کن اڳ ٿي جڏھن ھو ڇھاسي ستاسي سالن جو ھو. ھينئر جي اڃان جيئرو ھوندو تھ نوي ايڪانوي سالن جو ھوندو ۽ انشا الله ضرور ھوندو جو بقول سندس " منھنجي صحت ٺيڪ ٺاڪ آھي ۽ آئون سخت جان آھيان سو گھٽ ۾ گھٽ ھڪ سؤ سال تھ جيئرو رھندس" .
مسٽر چائو چين جي ڏاکڻي گئانگڊانگ صوبي جي جنھن ڳوٺ ۾ ڄائو ان جي ان وقت آدمشماري ويھھ ھزار کن ھئي ۽ ڳوٺ جي ھر ماڻھوءَ جي ساڳي ذات Lien ھئي " منھنجو ڏاڏو ليئين چائي (Lien Chye) ڳوٺ جو معزز ۽ پوڙھن ماڻھن مان ھو، ۽ منھنجو پيءَ ليئين سوي سينگ (Lien Swee Seng) ڳوٺ جي گھڻي کان گھڻو پڙھيل ماڻھو ھو. 1811ع ۾، جڏھن آئون پنجن سالن جو ٿيس تھ مون کي لکڻ سيکاريو ويو. ڏھاڙي مون کي ھڪ صفحو لکڻو پوندو ھو. منھنجو پيءُ مون کي اھائي نصيحت ڪندو رھندو ھو تھ سٺو ماڻھو اھو آھي جيڪو محنتي آھي، قانون جي عزت ڪري ٿو ۽ سک ۽ شانتي پسند ڪري ٿو. ھو مونکي ھر وقت اھو ئي سبق ڏيندو ھو تھ پٽ! ياد رکج تھ انسان کڻي غريب ٿي وڃي پر ھن کي اخلاق قائم رکڻ کپي."

آئون اھا جاءِ ھرگز نھ وڪڻندس

OUB جي وڏي عمارت ۾ مسٽر چائوءَ جي آفيس 45 ماڙ تي آھي جتان ھو دريءَ مان اھو ھنڌ ڏسي سگھي ٿو جتي ھو 14 سالن جي يتيم ڇوڪري جي حيثيت ۾ 1920ع ۾ سنگاپور پھتو ھو. ھن جي کيسي ۾ ٿورا ڪي سڪا ۽ ڪنھن دوست جي ائڊريس ھئي ۽ دماغ ۾ ڪيتريون ئي اميدون ۽ آسون. اڄ ھو سنگاپور جي اوچين عمارتن ڏي نھار ٿو ڪري تھ ھن کي انھن ۾ ڪيتريون ئي عمارتون سندس تخليق ٿيل نظر اچن ٿيون ويندي سندس آفيس واري اوور سيز يونين بئنڪ بلڊنگ. دنيا جي اھا مشھور بئنڪ OUB سن 1947ع ۾ مسٽر چائو شروع ڪئي ھئي ۽ ھن وقت بھ ان بئنڪ ۾ ھن جو چوٿون حصو آھي جيڪو اٽڪل 6 بلين ڊالر ٿئي ٿو.
مسٽر چائوءَ جي آفيس مان سندس 39 ماڙ " منڊارن سنگاپور ھوٽل" جا ٽاور پڻ نظر اچن ٿا- جيڪي Luxury Apartments جا جھڳٽا آھن. مسٽر چائوءَ ھڪ پراڻي زماني جي عمارت ڏي ھيٺ اشارو ڪندي ٻڌايو: ”آئون اھا جاءِ ھرگز نھ وڪڻندس" . اِھا عمارت دارصل اھا آھي جتي پورھئي ۽ پئسي ڪمائڻ لاءِ آتي ڇوڪري (چائوءَ)، ھڪ چيني سيٺ جي دڪان ۾ " شاپ اسسٽنٽ" ٿي ڪم شروع ڪيو ھو. چائوءَ- جنھن، غربت سان زندگيءَ جي شروعات ڪئي، محنت، ايمانداري ۽ عقل کان ڪم وٺي خوب پئسو ڪمايو ۽ دڪان جي نوڪر مان دڪان جو مالڪ ٿيو، وارپاري ٿيو، جھازن جو خريدار ٿيو. اڄ ھو نھ فقط سٺو سوداگر آھي پر بئنڪر، ھوٽلن جو مالڪ، ٻن ملڪن جو سفير، ڪميونٽي جو اڳواڻ، اثر رسوخ وارو ۽ سخي مرد آھي جنھن شخص تعليم پٺيان ڪروڙھا ڊالر خيرات ڏئي ڇڏيا آھن. ھن جي ذاتي دوستن ۾ ھن پاسي جون ڪيتريون اھم شخصيتون ٿي گذريون آھن، جھڙوڪ: چيانگ ڪائي شيڪ، چائو اين لائي، ڊينگ زيائوپنگ، لارڊ مائونٽ بئٽن، تنڪو عبدالرحمان وغيره.
پاڪستان جي چنيوٽين، کوجن، بوھرين، ڏيپلائي ميمڻن ۽ لاڙڪاڻي پاسي جي شيخن وانگر جنھن واپاري ڪميونٽي سان مسٽر چائوءَ جو تعلق آھي اھا چين جي سواتر Swatow)۽ منڊارن زبان ۾ (Shantou علائقي جي ٽيوچو ڳالھائي ٿي ۽ اھي ھانگ ڪانگ، ٿائلنڊ ۽ ملائيشيا ۾ پڻ پکڙيا پيا آھن ۽ گھڻو ڪري بئنڪن، ھوٽلن ۽ جھازن جا مالڪ ۽ واپاري آھن. پاڻ ۾ ٻڌي بھ ڏاڍي اٿن. بقول چائوءَ جي: " اسين ٽيوچو Teochews ڪئنٽوني زبان ۾Chiuchows) بھ سڏجن ٿا) ھڪ ٻئي سان ئي دوستي ڪيون ٿا ۽ ھڪ ٻئي جي ئي مدد ڪندا رھون ٿا. ھڪ ئي صوبي مان اچڻ ڪري اسان ھڪ ٻئي سان پنھنجائي محسوس ڪريون ٿا" .
مسٽر چائو چار شاديون ڪيون ۽ ڏھٽاڻ پوٽاڻ ۾25 ٻار اٿس. ھو صبح جو ڇھين بجي اٿي تائي چي (Tai Chi) ڪسرت ڪري ٿو. (" تائي چي" قديمي چيني ورزش آھي جنھن کي ڌرمي درجو حاصل آھي. ان ۾ آھستي آھستي پاڻ کي ذھني طرح سڪون ۾ رکڻو پوي ٿو). تائي چي ورزش بعد چائو ڊگھي واڪ تي نڪريو وڃي. ان بعد تيار ٿي ھلڪي نيرن ڪري بئنڪ واري آفيس ۾ وڃي ٿو. آفيس وڃڻ لاءِ ڊرائيور ھن کي سندس 25 سال پراڻي ڪار رولس رائس ۾ وٺي ويندو آھي. منجھند جي ماني ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ بزنيس مين سان ڪندو آھي. ان بعد ٿوري دير ننڊ ڪري ھوٽلن جي سار سنڀال لاءِ " ھوٽل منڊارن سنگاپور" واري آفيس ۾ وڃي وھندو آھي، جتي ھو ڪيترن ئي ملاقاتين سان ملندو پڻ آھي.

مسٽر چائوءِ جي ننڍ پڻ جي ڪھاڻي

مسٽر چائو جي رھائشگاھھ جو نالو Lien Villa آھي. ھن ٻي وڏي لڙائيءَ بعد سگھو ئي اھو گھر ورتو ھو ۽ اڄ اڌ صدي گذرڻ بعد بھ اھو ان ئي حالت ۾ آھي ايتريقدر جو فرنيچر کي بھ ھيڏانھن ھوڏانھن ريڙھيو نھ ويو آھي. بقول سندس 28سالن جي جوان چيني زال مار گريٽ چان جي تھ چيني ماڻھو سک ۽ سٺي ڀاڳ جي حالت ۾ گھر يا گھر جي سامان ۾ رد بدل آڻڻ ۾ گريز ڪن ٿا متان اڀاڳ نھ ٿي پوي. سندس زال لنڊن جي تعليم يافتھ وڪيل آھي، ھن ٻڌايو تھ ھڪ دفعي مالھيءَ، گھر جي باغ ۾ ماکيءَ جي مکين جي ماناري کي ھڪ ھنڌان ڪڍي ٻئي ھنڌ لڙڪائڻ ٿي چاھيو تھ چائوءَ ان کي بھ منع ڪئي ۽ چيو تھ جيڪا شيءَ جتي آھي انکي اتي ئي رھڻ ڏيو نھ تھ بدسوڻي ٿي پوندي. سندس بئنڪ جو نشان (Logo) ٽونگ وارو سڪو آھي. ھڪ دفعي بئنڪ جي ڊئريڪٽرن صلاح ڏنس تھ ان کي بدلايو وڃي پر ھن کين اھو چئي صلاح قبول نھ ڪئي تھ "اھو نشان مونکي تڏھن کان پسند آھي جڏھن آئون ٻار ھوس ۽ چين ۾ رھندو ھوس".
چائوءَ جي زندگيءَ جو وڌيڪ احوال سندس زباني جيئن ڇپيو آھي ھتي ائين ڏيان ٿو:

"چين ۾ منھنجي پيءُ کي ڪپڙي جو دڪان ھو. خريدار ڪپڙي جي قيمت پتل جي سڪن ۾ چـُـڪائيندا ھئا. ھڪ سينٽ ۾ ڏھ پتل جا سڪا ھئا. ھڪ ڊالر (جنھن ۾ ھڪ ھزار اھڙا پتل جا سڪا ٿيا) وڏي ڳالھھ سمجھيو ويو ٿي. ڌنڌو سٺو ھلي رھيو ھو. آئون پنھنجي پيءُ کي غريب ماڻھن کي علاج ۽ دوا درمل لاءِ پئسا ڏيندو ڏسندو ھوس. ڪڏھن ڪڏھن ھو دفن جو خرچ پڻ غريب گھر جي ڀاتين کي ڏيندو ھو. اسان ھڪ سادي گھر ۾ رھياسين ٿي پر اھو تمام صاف سٿرو ۽ سھڻو ھوندو ھو. ھن کي وڏو ٻـِـدرو ھو ۽ چانور رکڻ لاءِ گندي ھوندي ھئي.
پٺئين پاسي سمھڻ لاءِ ڪمرا ھئا ۽ وچ ۾ وھڻ ۽ ماني کائڻ لاءِ ھال ٺھيل ھو- جنھن جي اڳيان ورانڊو پڻ ھو. مونکي ياد ٿو اچي تھ مونکي منھنجي پيءُ ٻڌائيندو ھو تھ اسان جو پڙڏاڏو يا شايد تڙ ڏاڏو سرڪاري نوڪريءَ ۾ وڏي عھدي تي ھو. مونکي ھن جي رئنڪ جي خبر ناھي. ملڪ جي شھنشاھھ اسان جي ڳوٺ جي ماڻھن کي ڇتين جي گرڊرن کي ڳاڙھو رنگ ۽ ٽيئرن کي بلو رنگ ھڻڻ جي موڪل ڏني ھئي. (1)
ھڪ ڏينھن منھنجي پيءُ مونکي ٻڌايو تھ منھنجو نالو ليئن ينگ چائو ڇو رکيو ويو. چيني لفظ "ينگ چائو" ھڪ خوبصورت ٻيٽ جي نالي تان ورتل آھي جتي بي انتھا پاڻي آھي. "جڏھن تون وڏو ٿيندين"، بابا چيو، "تھ آئون اھو ئي چاھيندس تھ تون ڪنھن اھڙي ٻيٽ تي وڃين جتي تمام گھڻو پاڻي ھجي ۽ تون روزگار ۾ سٺو ڪمائي سگھين."
چين ۾ تن ڏينھن جي رھائشي حالتن مطابق اسان سٺو کاڌو ۽ اوچو ڪپڙو پھريو ٿي. انھن ڏينھن ۾ جن جي گھر ۾ چانور ھوندا ھئا اھي وڏي ڳالھھ سمجھيا ويا ٿي. جڏھن آئون ستن سالن جو ٿيس تھ بابو ماستر صاحب کي دعا سلام ڪرڻ لاءِ مونکي مندر واري اسڪول ۾ وٺي ھليو. اسڪول ۾ اسان ٽيوچيو (ڏکڻ چين جي چيني زبانن مان ھڪ ٻولي) ڳالھائي ٿي ۽ تمام ھلڪا ڪتاب پڙھيا ٿي.
اسڪول بعد مون بابا کي سندس ڪم ۾ مدد ڪرائي ٿي. بابا خريدارن کي قرض تي ڪپڙو ڏيندو ھو پر فقط ڪجھھ مھنن لاءِ. سال ختم ٿيڻ مھل تھ ھن ھر صورت ۾ حساب چڪتو ڪرڻ چاھيو ٿي. ماڻھن کان قرض وٺڻ لاءِ مونکي وڃڻو پوندو ھو ۽ نئين سال جي ڏينھن تي تھ صبح کان وٺي آڌي رات ٿي ويندي ھئي ۽ مونکي پاڻ سان لالٽين کڻي نڪرڻو پوندو ھو.

اھڙي ھنڌ رھجانءِ جتي پاڻي جام ھجي

ھڪ ڏينھن جڏھن آئون ستن سالن جو ھوس تھ منھنجي پيءُ گھر ۾ گھڙڻ سان پنھنجي چوٽي (Pigtail)ڪتري ڇڏي ۽ پوءِ منھنجي پڻ ڪتري ڇڏي. آئون سڄو ڏينھن رئندو رھيس. منھنجي پيءُ مونکي سمھجھائيندي چيو: "ڏس پٽ، پاڻ کي ھاڻ پراڻي زماني جي رواج موجب چوٽيون نھ رکڻ کپن ڇو جو ھاڻ پنھنجو واسطو ان چين سان ٿيڻ وارو آھي جيڪو ڊاڪٽر سن يات سين (Sun Yat Sen) جي ھٿ ۾ آھي.
انھن ڏينھن ۾ منھنجي ماءُ ھڪ فال ڪڍڻ واري مائي وٽ مونکي وٺي ھلي. آئون باھ واري گھوڙي جي سال ۾ ڄائو ھوس جيڪو سال سٺ سالن ۾ فقط ھڪ دفعو اچي ٿو. فال وجھڻ واري مائيءَ، جيڪا چڱي ڪراڙي لڳي رھي ھي مختلف سالن جي 60 پتن کي اٿلائيندي پٿلائيندي گھوڙي جي تصوير وارو ھڪ ڪارڊ ۽ ٻھ ڪاٺيون کنيون.
"ان جو مطلب ڇا ٿيو؟" منھنجي ماءُ پڇيو.
فال ڪڍندڙ عورت گنڀير منھن ٺاھي ڪنڌ ڌوڻيو. مون سمجھيو تھ ھوءَ پڪ اھو چوندي تھ آئون جلد مري ويندس." اوھ، منھنجو، بلڪ تنھنجو ھي پٽڙو!" فال ڪڍندڙ مائيءَ چيو، "تمام ڊگھي ڄمار جو ٿيندو. ھن قسم جي گھوڙي کي پنھنجي سڄي طاقت سان مقابلو ڪرڻو آھي. پر تون فڪر نھ ڪر ھن کي کائڻ پيئڻ توڙي پھرڻ لاءِ تمام گھڻو ملندو. رھڻ لاءِ عاليشان گھر ھوندس. پر انھن سڀني سوڀن کي ماڻڻ لاءِ ھن کي محنت کان ڪم وٺڻو پوندو".
منھنجي ماءُ خوش ٿيندي مرڪيو ۽ مون بھ دل ۾ سوچيو تھ مڙيئي خير آھي جيستائين محنت جو سوال آھي اھا تھ آئون بيشڪ تمام گھڻي ڪندس.
1916ع، جڏھن آئون نون سالن جو ٿيس تھ منھنجي غريب ماءُ گذاري وئي. ٻئي سال چين ۾ اھڙي تھ خطرناڪ وبا پکڙي جو منھنجو پيءُ بھ ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. ھو فقط چاليھھ سالن جو ھو. منھنجي سار سنڀال لھڻ لاءِ ڪير بھ نھ ھو. مونکي فقط ھڪ ڀاءُ ھو جيڪو مونکان بھ ٻھ سال ننڍو ھو. مون پنھنجي پيءُ جي سوٽ جي ٻنيءَ تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو پر مونکي مزو نھ آيو. سو آئون بابا جي ڳالھھ تي غور ڪرڻ لڳس- "پٽ، اھڙي جاءِ جي ڳولا ۾ رھجانءِ جتي پاڻي اڻ ميو ھجي".
مونکي ڌيان ۾ آيو تھ اسانجي ڳوٺ کان پنج ڇھھ ميل پري واري ڳوٺ ۾ منھنجي ڏاڏي جي ھڪ ڀيڻ جيڪا مسٽر تي (Tay) جي زال آھي، رھي ٿي. ھو تمام گھڻو شاھوڪار ھئا ۽ ھنن کي رھڻ لاءِ ھڪ سھڻو گھر ھو. منھنجي ڏاڏي جي ھن ڀيڻ جي مڙس تي لئان چئان (Tay Lian Chuan) ۽ سندس پٽ کي ھڪ بيڪري شاپ ھو. سو آئون ھنن سان ملڻ ويس ۽ مونکي ھنن خوشيءَ سان پاڻ وٽ ڪم لاءِ رکيو. مون ڪجھھ وقت ھنن جو نوڪر ٿي ڪم ڪيو پر مونکي اتي بھ مزو نھ آيو ڇو جو اھا جاءِ ڪو ٻيٽ نھ ھو. ھڪ ڏينھن منھنجي سوٽ مونکي چيو تھ ھن جي مڱينديءَ جي پيءُ کي ھانگ ڪانگ ۾ ھڪ سيڌي جو دڪان آھي. مون چيو مانس: "يار! ھو مونکي پنھنجي دڪان تي نوڪر ڪري رکندو؟ تون معلوم تھ ڪر، ٿي سگھي ٿو ھن کي ڪم واري جي ضرورت ھجي".
ڪجھھ عرصي بعد ھن مونکي خوشخبري ٻڌائي ۽ آئون نڪري پيس. مون پنھنجي سوٽ جو گھر ڇڏيو ۽ سواتو شھر ڏي روانو ٿيس جتان پوءِ آگبوٽ (Steam Ship) ذريعي ھانگ ڪانگ پھتس. ھانگ ڪانگ پھچڻ سان آئون ڪم ۾ جنبي ويس. نھ ڏٺم ٿي ڏينھن نھ رات. مون ٻن سالن تائين بنا پگھار جي ڪم ڪيو. مون کي فقط کاڌو ۽ رھائش ملي ٿي ۽ سال ۾ ھڪ دفعو انگ پائو (خرچي). روز صبح جو مونکي ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون ۽ ڇوڏا ڪري اچڻو پيو ٿي ۽ پوءِ ويھھ ويھھ پنجويھھ پنجويھھ ڪيٽي وزن جون چانورن جو ڳوڻيون مختلف گھرن ۾ پھچائڻيون پونديون ھيون ۽ انھن کان پئسا پڻ اوڳارڻا پوندا ھئا. ڪي ڪي گھر تھ ٻي يا ٽي ماڙ تي ھوندا ھئا.
آئون تمام خوش ھوس. مونکي اھو سوچي خوشي ٿي، تھ آئون محنت ڪري پنھنجي باس کي پئسو ڪمائڻ ۾ مدد ڪري رھيو آھيان. مون سڄي دڪان کي ٻھاري ڏئي ڇنڊيو ڦوڪيو ٿي ۽ سڄي گھر لاءِ ڳنڌڻ ماني ٺاھي ٿي. پھرين آئون فقط ڀت رڌيندو ھوس، ان بعد مڇي ۽ ڀاڄيون بھ رڌڻ لڳس. نيرن تي اسين چانورن جي رٻ، چونئرن ۽ لوڻاٺيل ڀاڄيءَ سان کائيندا ھئاسين. انگريزن جي حڪومت ڪري ھانگ ڪانگ وري بھ چين کان سکيو ستابو ھو پر تڏھن بھ ماڻھو ايڏا خوشحال نھ ھئا، غربت گھڻي ھئي. اسان وٽ پيئڻ لاءِ ڪافي نھ ھئي. فقط چيني چانھھ ھئي، سا بھ ڪڏھن ڪڏھن پيئڻ لاءِ ملندي ھئي ۽ جڏھن جڏھن ڪنھن کي ملي ويندي ھئي يا خريد ڪري سگھندو ھو تھ خوشيءَ سان پيئندو ھو.

ھر ھڪ کي خوش ڪرڻ لاءِ آتو ھوس

ھانگ ڪانگ اچڻ کان اڳ مونکي فقط ٽيوچو زبان آئي ٿي. ھانگ ڪانگ ۾ ڪئنٽوني زبان ھلي ٿي ۽ آئون جلد سکي ويس. ھڪ ڏينھن "تي جو چيانگ" (Tay Joo Chiang)، جيڪو چين ۾ منھنجي سوٽ جي بيڪري شاپ تي اڪائونٽنٽ ھو، اسان سان ملڻ آيو. ھو سنگاپور جي ھڪ ڪمپني ‘Kian Guan Chan’ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ اوڏانھن وڃي رھيو ھو. ان ڪمپنيءَ جو مالڪ اوئي تيانگ ھام ھو جيڪو سنگاپور ۽ باتاويا (جڪارتا) جو مشھور کنڊ جو بادشاھھ (Sugar King) ھو. مسٽر تي کي خبر ھئي تھ آئون محنتي ڇوڪرو آھيان ۽ مونکي وڌڻ ويجھڻ جو شوق آھي سو مونکي چيو: " ڪر خبر، سنگاپور ھلڻ جو ارادو اٿئي؟"
ھانگ ڪانگ ۾ مونکي پگھار نٿي مليو. رڳو انگ پائو (خرچي ۽ بخشش) ٿي ملي. سو مون سوچيو تھ ڇو نھ ھلجي. مون مسٽر تي کي ٻڌايو تھ ھن وقت مون وٽ ڀاڙي جا پئسا نھ آھن. جيئن ئي گڏ ڪندس تھ سنگاپور تو وٽ اچي نڪرندس.
ان ساڳي سال، 1920ع ۾ منھنجي پيءُ جو ھڪ سؤٽ، جنھن کي آئون چاچو سڏيندو ھوس بئنڪاڪ ۾ رھيو ٿي، ھانگ ڪانگ گھمڻ آيو ۽ واپس وڃڻ وقت مونکي بھ ھلڻ لاءِ چيو. مون چيومانس تھ آئون سيام (ٿائلنڊ) ھلڻ بدران رستي تي سنگاپور ۾ لھڻ پسند ڪندس. مون وٽ ڏھھ ھانگ ڪانگ جا ڊالر ھئا جن مان پنجاھھ سينٽ ( اڌ ڊالر) پاڻ وٽ رکيم باقي ٻيا پنھنجي چاچي کي ڏنم. سامونڊي سفر لاءِ اسان ھڪ پراڻي ھزار ٽن جي آگبوٽ ۾ ڊيڪ پئسينجرن جي حيثيت سان اٺن نون ڏينھن جي سفر لاءِ سوار ٿياسين. ڊيڪ پئسينجرن لاءِ ڪمرا نھ پر گدام ھئا جن ۾ اسان ائين سٿيل ھئاسين جيئن سارڊين مڇيون دٻيءَ ۾ ھونديون آھن. ھيترن مسافرن لاءِ فقط ھڪ ڪاڪوس ھو.
چوڏھن سالن جي ڄمار ۾ آئون سنگاپور پھتس. منھنجا ھٿ ۽ کيسا خالي ھئا. جسم تي گنجي ۽ چڍي ھئي. اسان آگبوٽ مان لھي سمپان (ڪاٺ جي چپن تي ھلندڙ ٻيڙي جنھن ۾ چار پنج ماڻھو ويھي سگھن) ۾ چڙھياسين جنھن نديءَ جي منھن وٽان ٿي رور وئلي روڊ وٽ ڌڪين تي اچي ڇڏيو. سمپان مان لھي ڌڪيون چڙھي مٿي نديءَ جي ڪناري تي اچي بيٺاسين يعني River Valley روڊ تي، جتي ڪيترائي رڪشا وارا موجود ھئا. منھنجي ۽ چاچي جي کيسي ۾ ڀاڙي لاءِ ڏھھ سينٽ بھ نھ ھئا سو اسان پنڌ ئي پنڌ ڀاڄين جي ھڪ فارم ۾ آياسين جيڪو منھنجي چاچي جي ڪنھن واقف ڪار جو ھو. ٻئي ڏينھن اسان مسٽر تي (Tay)کي ڳولي ھٿ ڪيو. ھن کي سوچيو بھ نھ ھو تھ آئون ڪو ھتان اچي نڪرندس سو مونکي ڏسي ھن تعجب لڳو. ھن اسان کي ماني ھلي کارائي. "سڀان سوير مون وٽ ھليو اچجانءِ" ھن مونکي چيو. ھن مونکي "ڪـِـيان ٿائي شاپ" تي نوڪري وٺرائي ڏني جيڪو مسٽر "تي وو سينگ" جو ھو ۽ رابنسن روڊ تي 62 نمبر دڪان ھو. اٽڪل 40 کن ماڻھن ان دڪان ۾ ڪم ڪيو ٿي.
"چڱو نوجوان،" مسٽر تي چيو، آئون توکي ڪم تي رکان ٿو پر وعدو ڪر تھ دل لڳائي محنت ڪندين."
مون جواب ڏنو: "ھائو. ضرور سائين."
تي وو سينگ تمام سٺو ماڻھو ھو. ھن گوتم ٻڌ جي پوڄا ڪئي ٿي ۽ ٻڌ بکشوئن کي دل وٽان خيرات ڏنو ٿي. ھن جو ڌنڌو جھازن کي سامان سپلاءِ ڪرڻ ھو. ھن جھاز ۽ جھازين جي ضرورت جي ھر شيءَ سپلاءِ ڪئي ٿي- کاڌي پيتي جي شين کان وٺي سڙھن، لنگرن ۽ کوھن جو سامان. ڪوڪن ڪلين ۽ رسين لالٽينن کان ڀاڄيون ڀتيون ۽ ميوا شراب. ۽ آئون ھر ڪم ڪندو رھيس- ٻھاري ڏيڻ، ڇنڊ ڦوڪ ڪرڻ، ڍڳي گاڏين تي آيل سامان لھرائڻ، جھازن تي موڪلڻ جو سامان پئڪ ڪرڻ. مختلف دٻيون ۽ شيشا شيشي جي ڪٻٽن ۾ ٺاھي رکڻ. جنھن وقت بھ ڪو اھڙو ڪم نظر آيو ٿي جيڪو آئون ڪري سگھيس ٿي، ان کي ان ئي وقت پورو ڪيم ٿي. ھر ھڪ کي خوش ڪرڻ لاءِ آتو رھيس ٿي.

تڪڙين پروموشنن ٻين جي دل ۾ ساڙ پئدا ڪيو

ھڪ مھني جي نوڪريءَ بعد، منھنجي باس مونکي چيو تھ ھو مونکي ھر مھني ڏھھ ڊالر پگھار طور ڏيندو. آئون بيحد خوش ھوس. سال پوري ٿيڻ تي انگ پائو طور ويھھ ڊالر ملڻ تي پڻ مونکي ڏاڍي خوشي ٿي مون ڪجھھ پئسا پنھنجي ننڍي ڀاءُ ڏي چين موڪليا، ڪجھھ پئسن جا ڪپڙا ورتا، باقي بچائي رکيم. آئون دڪان جي ٻي ماڙ تي ستس ٿي، ۽ ڏينھن ۾ ٽي دفعا ماني ملي ٿي ۽ وار ڪترائن لاءِ بھ پئسا مليا ٿي. صبح جو ستين بجي ئي اٿي ڪم ۾ لڳي ويندا ھئاسين ۽ شام جو ڇھين بجي موڪل ڪندا ھئاسين. آچر ڏينھن بھ اھائي روٽين رھندي ھئي. سڄي سال ۾ موڪل جو فقط ھڪ ڏينھن آيو ٿي- اھو ھو چينين جي نئين سال شروع ٿيڻ وارو پھريون ڏينھن.
سال پورو ٿيڻ تي منھنجي باس ٻڌايو تھ ھو منھنجو پگھار ٻيڻو ڪري رھيو آھي. ”ڇو ٿا مونکي کاريو؟“ مون چيو.
”آئون توکي کاري نھ رھيو آھيان.“ ھن وراڻيو ”اھو ان ڪري ٻيڻو ڪري رھيو آھيان جو تون تمام گھڻو ڪم ڪرين ٿو. آئون توکي ڏيتي ليتيءَ جو ھنر سيکاريندس.“
اھڙي طرح مون نھ فقط گھڻي کان گھڻو ڪم ڪيو ٿي پر واپار ۽ پئسي جي ڏي وٺ پڻ سکندو رھيس. منھنجي وي سيانگ ھاڪ نالي ھڪ چيني ڇوڪري سان دوستي ٿي وئي جيڪو ڀر واري گھر ۾ رھيو ٿي. جيئن تھ ھو اسڪول ويو ٿي ان ڪري آئون ھن کي مسٽر وي ڪري سڏيندو ھوس. ھڪ ڏينھن مون ھن کي چيو: "مسٽر وي، مون کي انگريزي سيکاريندين؟"
ھن رضامندي ڏيکاري ۽ ٻئي ڏينھن کان ھو روزانو ڪلاڪ ٻھ مونکي انگريزي سيکارڻ لڳو.
رابنسن روڊ جي ھن دڪان "ڪيان ٿاءِ شاپ" تي ٻھ سال ڪم پورو ڪرڻ تي مون وٽ ايترو پئسو ٿيو جو مون نوان بوٽ وٺي پاتا ۽ پھرين سال کان وڌيڪ بچايو. مون ڪيترائي دوست ٺاھيا. ڪڏھن ڪڏھن آئون مسٽر وي سان گڏ فلم ڏسڻ لاءِ سئنيما ويندو ھوس ۽ ھميشھ ھن جي ٽڪيٽ آئون ڀريندو ھوس ڇو جو ھو مونکان ڪڏھن بھ ٽيوشن جا پئسا نھ وٺندو ھو. ان سال مون 200 کن ڊالر ڪمايا. جڏھن آئون سورھن سالن جو ٿيس تھ مونکي "اسسٽنٽ شپنگ ڪلارڪ" مقرر ڪيو ويو. ان پروموشن سان گڏ منھنجو پگھار بھ ٻيڻو ڪيو ويو. مونکي جھاز تي وڃي گھربل شين جو آرڊر وٺي اچڻو پوندو ھو. مونکي ھاڻ ايتري انگريزي آئي ٿي جو شين جي لسٽ ٺاھي سگھان. ڪڏھن ڪڏھن تھ يڪي سؤ کن شين جي لسٽ ھوندي ھئي. دٻن ۾ پئڪ ٿيل شيون، شراب، بيئر، بسڪيٽ، کاڄا چونئرا، ٽوال، صابڻ، مشينن جا اسپيئر پارٽ وغيره وغيره. منھنجي باس چيو: "تون ايترو ئي سٺو آھين جيترو ٿيڻ کپي. مونکي توکي ايترو پگھار ڏيڻ کپي جيتري جو تون لائق آھين."
1923ع ۾ مونکي ترقي ڏئي "شپنگ ڪلارڪ" ٺاھيو ويو. مونکي ھاڻ ايتري تھ انگريزي آئي ٿي جو مختلف شين جا بل ۽ رسيدون وغيره ٺاھي سگھيس ٿي. آئون آفيسر ٿيڻ جي باوجود پنھنجي ماتحت عملي سان ملندو رھيس. ڪنھن مزور کي سامان کڻائڻ ۾ بھ مون عار نٿي محسوس ڪيو. جھاز تي سامان چاڙھڻ وقت قلين کي کڻائڻ ۾ مدد ڪندو ھوس. آئون 40 ڪيٽي چانور جي ڳوڻ يا برف جو بلاڪ کڻي سگھيس ٿي. ان سال بونس سميت منھنجي پگھار 1040 ڊالر ٿيو. انھن پئسن مان مون 900 ڊالر بچائي رکيا. مونکي اسسٽنٽ مئنيجر بنايو ويو. ايندڙ مال جو آئون انچارج ھوس ۽ مون کي مارڪيٽ جي اگھھ پار تي نظر رکڻي پئي ٿي ۽ پوءِ مارڪيٽ جي جائزي ۽ پنھنجي تجربي موجب مال جي خريدارن ۽ امپورٽ جو ڌنڌو ڪرڻو پيو ٿي. مونکي ڪيترين ئي وڏين ڪمپنين جي مئنيجرن سان ملڻو پيو ٿي. انھن ڪمپنين مان ڪجھھ ھيون: بواسٽيڊ، گٿري، رابنس ۽ جان لٽل. سن 1925ع ۾ جڏھن آئون 19 سالن جو ٿيس تھ مون ڪجھھ وقت ڪميونٽي جي ڪمن کي ڏيڻ شروع ڪيو. ان سال مون 2340 ڊالر ڪمايا جن مان پورا 2000 ڊالر بچايا.
منھنجين انھن تڪڙين پروموشنن ٻين جي دلين ۾ ساڙ پئدا ڪيو. پئسو بچائڻ ڪري ڪي مونکي ڪنجوس سڏڻ لڳا. پر ساڳي وقت ضرورتن کان مجبور ٿي مونکان اوڌر بھ وٺڻ لڳا ۽ پوءِ مونسان ضد ۽ زنگ ڇڏي ٿي ڏنائون. ڪيترن تھ اوڌر واپس بھ نٿي ڪئي. ھڪ وقت اھڙو اچي ويو جو دڪان ۾ ڪم ڪندڙن ۾ اڌ کان وڌيڪ منھنجا قرضي ھئا.

سنگاپور جي فوجي اڏن جا ٺيڪا اسانکي ملڻ لڳا

ويھن سالن جو ٿي مون شادي ڪئي. ان وقت جي ماءُ پيءُ کي ھر وقت اھا اؤن ھوندي ھئي تھ پٽڙا شادي ڪن تھ پوٽا پوٽيون ڏسون. منھنجي چاچي ٻڌايو تھ منھنجي پيءُ منھنجي شاديءَ جي جوابداري ھن کي سونپي آھي ۽ ھو ان ڪم لاءِ چين مان ڪا ڪنوار ڳولڻ چاھي ٿو. "چاچا، مھرباني ڪري اھو ڪم منھنجي حوالي ڪريو. آئون پاڻھي پنھنجي لاءِ ڪنوار ڳوليندس." مون ان بابت پنھنجي دوست وي سيانگ ھاڪ (جنھن مونکي انگريزي سيکاري ھئي) جي ڀيڻ سان ڳالھھ چوري. ھن کي تعليم حاصل ڪرڻ جا ڪي موقعا نھ مليا ھئا پر ٻين ڳالھين ۾ تمام سگھڙ ھئي. مون پنھنجي چاچي کي ھن سان ملڻ لاءِ موڪليو جنھن کي ڇوڪري پسند آئي ۽ اسانجي شاديءَ لاءِ راضي ٿي ويو. شادي تمام سادي نموني سان رچائي وئي. اسان پنھنجي سس سان پيرين پئي ملياسين ۽ وات مٺو ڪيوسين ۽ ٻيو مڙيئي خير. اسان پنھنجي رھڻ لاءِ ھڪڙو ڪمرو مسواڙ تي ورتو. ان ڪمري لاءِ جنھن فرنيچر جي مونکي ضرورت ھئي ان جي اسڪيچ ٺاھيم ۽ شنگھائيءَ جي ھڪ واڍي کان ٺھرائي ورتم.
انھن ڏينھن ۾ منھنجي پنھنجي مئنيجر سان کٽ پٽ ٿي پيئي جيڪو عمر ۾ مونکان پنج سال وڏو ھو. مون ڏٺو تھ واپار جي معاملي ۾ ھو پراڻائي طريقا استعمال ڪري رھيو ھو ۽ ھن منھنجي ڪابھ صلاح نٿي ورتي. باس چيو تھ ھاڻ ڳالھھ ھيءَ آھي جو مئنيجر مون وٽ توکان وڌيڪ رھيو آھي، ان ڪري بھتر اھو ٿيندو تھ تون ڇڏي وڃ. ھن مونکي ھڪ ھزار ڊالر وڌيڪ ڏنا. ھن ڀلي ڀت سمجھيو ٿي تھ آئون ڌار رھي بھ اڪيلي سر گذارو ڪري ويندس ۽ ٻيو تھ انھن ڏينھن ۾ منھنجي باس سمورو ڪم مئنيجر حوالي ڪري ڇڏيو ھو ۽ پاڻ "ڪانگ ميانگ سان" وارو مندر ٺھرائڻ ۾ مشغول رھيو ٿي جنھن لاءِ ھن رنگون (برما) مان گوتم ٻڌ جا ٽي وڏا مجسما گھرايا ھئا.
مون 5000 ڊالرن جي مور سان ‘Asian Ship Chandler’ نالي ڪمپني شروع ڪئي. ھڪ آئون پاڻ ھوس ۽ ٻيو ھڪ ڪلارڪ رکيم. آئون اڪيلي سر جھازن تي وڃي سامان لاءِ آرڊر وٺڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس. پر منھنجي سيڙپ تمام گھٽ ھئي. ان ڪري مون پنھنجي ھڪ دوست کي پاڻ سان شامل ڪيو جيڪو ھڪ ٻي ڪمپنيءَ جو اسسٽنٽ مئنيجر ھو. گھڻيئي محنت ڪئيسين پر افسوس جو اسانجي ڪمپنيءَ جو ڏيوالو نڪري ويو. بھر حال مونکي ڪو گھڻو ڏک نھ ٿيو جو مونکي ڌنڌي جي ڄاڻ ۽ تجربو ھو. ٿوري ئي عرصي ۾ ھڪ ٻي فرم ۾، منھنجو لڳايل پئسو وڌي 12000ڊالر ٿي ويو. ان بعد وري مون پنھنجي مٿئين دوست (جنھن جو نالو "ھائو وانگ ھانگ" ھو) کي پاڻ سان شامل ڪري ڪمپني ٺاھي ۽ جيئن تھ مونکي انگريزي آئي ٿي ان ڪري منھنجي 60 سيڪڙو حصيدراي رھي. ان ڪمپنيءَ جو نالو " واھھ ھـِـن ائنڊ ڪمپني" رکيوسين. واھ (WAH) معني چين ۽ ھن (Hin) معنيٰ خوشحالي. اھو 1929ع جو سال ھو ۽ آئون 23 ورھين جو ٿي چڪو ھوس. اسان رابنس روڊ تي ٻھ دڪان وٺي انھن جي سٺي نموني مرمت ڪرائي ھڪ ماڊرن قسم جا اسٽور روم کوليا. منھنجي ڄاڻ سڃاڻ ھجڻ ڪري اسان جي "واھ ھـِـن ائنڊ ڪمپنيءَ" کي وڏين وڏين ڪمپنين ۽ ڪارخانن کان ڪريڊٽ ملڻ لڳو. مسٽر ھائو (مون وارو دوست) ۽ آئون سٺي نموني ڪم ڪندا رھياسين. 1929ع کان وٺي 1941ع تائين اسان جي ڪمپني "واھ ھـِـن ائنڊ ڪمپني" لڳاتار وڌندي ويجھندي رھي جيتوڻيڪ وچ وچ ۾ ڌنڌي ۾ موڳائپ بھ آئي ٿي. اسان برطانيھ جي نيوي ۽ آرميءَ کي راشن پاڻي سپلاءِ ڪيو ٿي. سنگاپور ۾ فوجين جون ڪيتريون ئي ڇانوڻيون ۽ اڏا ٺھي رھيا ھئا جن جا ڪيترائي ٺيڪا اسانکي ملڻ لڳا. برٽش وارن اسان کي ڀروسي جوڳو ۽ سستي اگھھ وارو مڃيو ٿي ۽ ھائو ۽ منھنجو اھو ئي اصول ھو تھ فائدو گھٽ رکجي جيئن گراھڪي وڌي. ڪڏھن ڪڏھن تھ اسان کي اھي ٽينڊر بھ ملي ويا ٿي جن ۾ اسان ڪجھھ وڏا اگھھ پيش ڪيا ٿي. اھو ان ڪري جو اسان سٺو مال سپلاءِ ڪيو ٿي ۽ وقت تي پھچايو ٿي ۽ مليٽري وارن انھن سان وڌيڪ ڏيتي ليتي رکڻ چاھي ٿي جن سان ھنن جي پھرين کان سڃاڻپ ٿي وئي ٿي

جپانين جو سنگاپور تي حملو

اڳتي ھلي اسان پنھنجي ڪمپني "واھ ھن ائنڊ ڪمپنيءَ" جون ڪجھھ شاخون ٺاھيونسين، جن جو ڪم دٻن ۾ پئڪ کاڌو ۽ ميوو امپورٽ ڪرڻ ھو. مليٽريءَ جا ٺيڪا ھجڻ ڪري اسان ولايت مان ھزارين کوکا سامان جا گھرايا ٿي ۽ اسان جو ھول سيل وارن سان بھ مقابلو ھوندو ھو. ھول سيل جو واپاري بھ اھو آئٽم ايتري گھٽ قيمت ۾ ڏئي نٿي سگھيو جنھن ۾ اسان ريزڪيءَ ۾ سپلاءِ ڪيو ٿي. اسان پنھنجي ڪمپنيءَ جون شاخون ڪوالالمپور، پينانگ، اپوح ۽ ملايا جي ٻين شھرن ۾ بھ کوليون. مون ھڪ عليءَ نالي ملئي ڊرائيور رکيو جيڪو منھنجي عمر جو ٿيندو مھني جا ڏھھ ڏينھن کن اسانجا Oldsmobile گاڏيءَ ۾ رستي تي گذرندا ھئا. ھڪ ڏينھن اسانجي گاڏي رستو ٽپندڙ نانگ مٿان چڙھي وئي. اسان گاڏي بيھاري مئل نانگ کي ڏسي رھيا ھئاسين تھ مونکي عجيب ڌپ محسوس ٿي. جھڙو کڻي مٿي ڏسان تھ ھڪ وڏو واگھھ (tiger) بيٺو ھو. زندگيءَ ۾ ھي پھريون دفعو ھو جو مون ٽائيگر ڏٺو. اسان شيشا مٿي ڪري وٺي زور زور سان ھارن وڄايو ۽ واگھھ جنگل ۾ غائب ٿي ويو.
اسانجي ڪمپنيءَ "واھ ھـِن ائنڊ ڪمپنيءَ" مسواڙ جا دڪان ڇڏي پنھنجي عمارت خريد ڪئي. اھو ائين ٿيو تھ رابنسن روڊ وارو 62 نمبر دڪان جيڪو منھنجي باس جو ھو، جنھن ۾ مون ڪم جي شروعات ڪئي ھئي، باس جي مري وڃڻ بعد ھاڻ ان دڪان جي وڪري لاءِ اعلان ڪيو ويو ھو. اسان جا دڪان ننڍڙا ۽ گرائونڊ فلور تي ھئا. سنگاپور ۾ نھ فقط چينين جا دڪان، آفيسون، اسٽور روم ۽ گدام ھئا پر انڊين ۽ يورپين جا پڻ ھئا. اسان چينين ۽ انڊين کان يورپين جا دڪان وڏا ۽ ماڊرن ھئا. سو مون دل ئي دل ۾ پاڻ کي چيو: ڏس، چائو، جڏھن يورپي ڪري سگھن ٿا تھ ڇو نھ اسين؟ واھ ھـِن ائنڊ ڪمپنيءَ جي ڏھين ورسيءَ تي اسان نئين ورتل جاءِ ۾ شفٽ ٿياسين. مون سنگاپور جي وڏن واپارين ۽ دوستن کي ڪاڪٽيل پارٽي ڏني. اسانجي پھرين سنگاپورين ڪمپني ھئي جنھن ايڏي پئماني تي دعوت ڪئي. آئون پنھنجي ننڍي ڀاءُ کي چين مان وٺي آيس. ان ۾ ڪو گھڻو وقت نھ لڳو جو آئون ڪامياب ماڻھو سڏجڻ لڳس. سنگاپور جي "پروويزن ائنڊ وائين ائسوسيئيشن" جو مونکي اڳواڻ بنايو ويو. مون خير جي ڪمن ۾ خاص ڌيان ڏيڻ شروع ڪري ڏنو. پنھنجي ڪمائيءَ جو ڏھون حصو خيرات ٿي ڪيم- خاص ڪري غريبن جي تعليم لاءِ. چيني ٻارن لاءِ سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا حاصل ڪرڻ ڏکيو ڪم ھو سو مون جھڙن واپارين سنگاپور جي چيني اسڪولن جو خرچ برداشت ڪيو ٿي.
1941ع ۾ 34 ورھن جي ڄمار ۾ مونکي "چائنيز چئمبر آف ڪامرس" جو صدر ٺاھيو ويو. ھيستائين جيڪي صدر چونڊيا ويا ھئا انھن ۾ آئون ننڍي ۾ ننڍو ھوس. مونکي ڏاڍي خوشي ۽ فخر محسوس ٿيو. پنھنجي ڪمپني "واھ ھـِن" ۾ ڏھين تائين ڪم ڪرڻ بعد روزانو چئمبر ۾ ويندو ھوس ۽ ٽپھري ڌاري موٽندو ھوس. ڪجھھ ھن قسم جو سسٽم ٺاھيو ويو ھو تھ چئمبر جي صدارت جو واري وٽيءَ تي چين جي مختلف صوبن جي ماڻھن کي موقعو ڏنو وڃي. آئون ٽيوچو ڳالھائڻ وارو چيني ھوس، مونکان اڳ ھوڪين ڳالھائڻ وارو "لي ڪانگ چيان" ھو جيڪو سنگاپور جو "رٻڙ ڪنگ" سڏيو ويو ٿي. اھڙي طرح نائب صدر بھ مختلف چيني ڪميونٽي يا صوبي جو چونڊيو ويو ٿي.
انھن ڏينھن ۾ چئمبر جي صدر کي وڏي ڳالھھ سمجھيو ويو ٿي، ۽ جيڪو بھ ٿيو ٿي تھ ھن کي وقت ۽ پئسي جي قرباني ڏيڻي پيئي ٿي. چئمبر طرفان "نانينگ سيانگ پائو" نالي اخبار پڻ ڪڍڻي پيئي ٿي. چئمبر جو صدر ھجڻ ڪري ماڻھن منھنجي ھر قسم جي مدد ڪئي ٿي. منھنجو ڌنڌو ھر روز وڌندو ئي رھيو، وڌندو ئي رھيو ۽ پوءِ، 8 ڊسمبر تي، جپانين جي ھوائي جھازن سنگاپور مٿان بم ڪيرايا.

آسٽريليا ۾ مونکي ڪو ڍنگ جو ڪم نھ سجھيو

سنگاپور ۾ بم ڪيرائڻ بعد، جپانين في الحال سنگاپور کي ڇڏي ملايا جو رخ رکيو. سال1942 شروع ٿيو جپانين ھوائي حملا وري شروع ڪيا. رستي ويندي جيئن ئي الارم وڳو ٿي يا ھوائي جھاز جا آواز ٻڌاسين ٿي تھ ڪار مان لھي، آئون ۽ ڊرائيور ڊرين جي پائيپن ۾ لڪي وياسين ٿي. گھر کان ٻاھر نڪرڻ خطري کان خالي نھ ھو پر مون ھڪ صدر جي حيثيت ۾ ھر روز چئمبر جو چڪر ھئڻ ضروري سمجھيو ٿي. ھوائي حملن ۾ چئمبر جي عمارت کي بھ سخت نقصان رسيو ھو ۽ مون ھر روز ھزارين مزرو، ڊالر في مزرو جي حساب سان مرمت جي ڪم لاءِ لڳايا ٿي. ميمبرن ان ڪم جي فنڊ لاءِ باقاعدي چندا ڏنا ٿي. روزانو صبح جو ڏينھن بجي، اسان کي جنگ بابت احوال ۽ حڪم احڪام وٺڻ لاءِ ليفٽيننٽ جنرل آرٿر پر سيوال ۽ ٻين آفيسرن سان ملڻو پيو ٿي. ساڳي وقت ڪٿي ڪنھن امداد جي ضرورت پئي ٿي تھ اسانکي ان بابت اطلاع ڏنو ويو ٿي.
منھنجي دوست ۽ منھنجي ڪمپني "واھ ھــِـن ڪمپني" جو پارٽنر مسٽر ھائو مونکي چتاءُ ڏيندو رھيو تھ انگريزن سان گھڻو ملي جپانين خلاف بچاءُ جو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏي ڇو جو جيڪڏھن جپانين جي سوڀ ٿي ۽ سنگاپور سندس قبضي ۾ اچي ويو تھ پوءِ انگريزن سان گڏ اسانکي بھ ڳولي ڳولي ماريندا يا گھٽ ۾ گھٽ زندگي زھر ڪندا. جيئن جيئن جپاني ملايا کان سنگاپور ڏي وڌندا ويا تھ مسٽر ھائو مونکي صلاح ڏني تھ آئون سنگاپور ڇڏي ڪنھن ٻئي ملڪ ھليو وڃان. پٺيان ھو ڌنڌي جي سنڀال لھندو رھندو. اسان ھڪ لک سنگاپوري (Straits) ڊالر بئنڪ جي لاڪر ڊپازٽ ۾ رکيا جيئن سڀان جي اڪائونٽ بند ڪري ڇڏين تھ گھٽ ۾ گھٽ لاڪر مان پئسا ڪڍي ڪم ۾ آڻي سگھجن. مسٽر ھائوءَ لاڪر جي چاٻي رکي. ملڪ ڇڏڻ لاءِ مون لاءِ گورنر جي اجازت وٺڻ ضروري ھئي ۽ 10فيبروري تي آئون ان ڪم لاءِ ھن وٽ ويس پر ھو سخت مشغول ھو. جپاني ملايا کان سنگاپور جي سززمين تي پھچي چڪا ھئا ۽ ھاڻ وچ شھر ڏي وڌي رھيا ھئا. سو وڌيڪ ترسڻ بدران ڪالونيل سيڪريٽري مسٽر فريزر وٽ پھتس. ھن منھنجي ڳالھھ ٻڌي مونکي سنگاپور ڇڏڻ جي يڪدم موڪل ڏني.
منھنجي کيسي ۾ ڪجھھ ھزار ڊالر کان علاوھ 7500 ڊالرن جو چيڪ پڻ ھو جيڪو انڊيا يا آسٽريليا مان ڪئش ٿي سگھيو ٿي، سڃاڻپ جا ڪاغذ ھئا تھ آئون سنگاپور جي چائنيز چئمبر جو صدر آھيان، فوجي ٺيڪن جون ڪاپيون ھيون ۽ ٻھ وڏا ھيرا (ڪل 50,000) ڊالر قيمت جا) ھئا، جيڪي مون ڪڇي اندر سبي ڇڏيا ھئا. مونکي سمھڻ وقت خبرداريءَ کان ڪم وٺڻو پيو ٿي جو منھنجي ٻاروتڻ کان وٺي سڄي عمر جي اھائي ڪجھھ ڪمائي ھئي جيڪا آئون پاڻ سان کڻي ٻاھر نڪري رھيو ھوس. پٺيان منھنجي گھر گھاٽ، دڪان، آفيس يا ٻي ملڪيت جو ڇا ٿيندو ان جي خبر نھ ھيم. مون آسٽريليا جي بندرگاھھ پرٿ ڏي ويندڙ مسافر جھاز "ايس. ايس. گارگن" تي سفر ڪرڻ جي ٽيڪٽ خريد ڪئي. ھو بلو فنل ڪمپني وارن جو ٻاڦ تي ھلندڙ، 4000 ٽن وزني جھاز ھو. مون جھڙا پنج سؤ کن مسافر ھن جھاز تي سوار ھئا.جن ۾ چيني قونصل جنرل ۽ ٻيا ڪيترائي واپاري پڻ ھئا. اسان کي 10 تاريخ باٽاويا (جڪارتا) لاءِ Sailڪرڻو ھو پر سمنڊ تي جپاني ۽ برطانيھ جي جنگي جھازن جي وچ ۾ سخت بمباري شروع ٿي چڪي ھئي جنھن ڪري اسان کي بندرگاھھ ۾ ئي ترسڻو پوي. نيٺ اسان کي چينين جي نئين سال شروع ٿيڻ کان اڳ سنگاپور ڇڏڻ جو موقعو ملي ويو. سمنڊ تي بارود جا ڄڻ تھ الا ٿي ٻريا. اسانجي قافلي ۾ جملي ٻارنھن جھاز ھئا. اسان جي خوشقسمتي چئجي جو اسان جي جھاز کي ڪو گولو پاسيرو بھ نھ لڳو.
باٽاويا (جڪارتا) پھچڻ تي اتي جي بندرگاھھ جي ھاربر ماسٽر ٻڌايو تھ شھر کان جپاني ڪي 15ميل مس پري آھن ۽ ڄاڻ تھ سندن جھاز پھتا. سو اسان ان ئي وقت پرٿ (آسٽريليا) لاءِ لنگر کنيو ۽ پورن ستن ڏينھن راتين بعد پرٿ جي بندرگاھھ ۾ پھتاسين. جيتوڻيڪ آئون ڀاڙو ڏئي چڙھيو ھو پر ڪئپٽن مونکي بھ کوھي (Mast)سان پٽي ذريعي ٻڌي بائنا ڪيولر (دوربين ) ڏئي ڇڏي تھ آب دوز (Submarine) تي نظر رکان. جھاز فوجين سان ايڏو تھ ڀريل ھو جو مونکي فرسٽ ڪلاس جي ڊائننگ ٽيبل تي سمھڻو پيو ٿي. کاڌو خوراڪ بھ تمام گھٽ ھئي پر خوشنصيبيءَ سان جھاز جو چيف اسٽيوورڊ منھنجو پھرين جو واقف ھو جڏھن آئون "ڪيان ٿائي شاپ" تي ڪم ڪندو ھوس. ھتان ھتان بچائي، ھو منھنجي پورت ڪندو رھيو.
پرٿ ۾ پھچڻ تي خبر پئي تھ سنگاپور جپانين جي حوالي ٿي ويو آھي. آئون ٻھ مھنا کن آسٽريليا ۾ ڪجھھ ڪرڻ لاءِ ھيڏانھن ھوڏانھن ڦرندو رھيس. ھاڻ چائنيز چئمبر آف ڪامرس جو صدر ٿي ڪنھن ھوٽل ۾ بئرو ٿي تھ ڪم ڪري نٿي سگھيس ۽ نھ وري گاڏي ۾ شيون رکي ھوڪا ڏيئي وڪڻي ٿي سگھيس. ھونءَ رڍين ٻڪرين جا فارم وٺي ھلائي سگھيس ٿي پر ان قسم جي ڪم جو مونکي ڪو تجربو نھ ھو.

مون ھيرا وڪڻي بئنڪ لاءِ مور پئدا ڪيو

انھن حالتن کي ڌيان ۾ رکي مون چين وڃڻ جو سوچيو. مون پنھنجي خاندان کي اڳواٽ ڪلڪتي موڪلي ڇڏيو ھو، جتي منھنجو ھڪ سٺو دوست ڊاڪٽر پائو اتي نئشنلسٽ قونصل جنرل ھو. مون ھن ڏي تار موڪلي پنھنجي فئمليءَ کي چين موڪلڻ لاءِ مدد گھري. مون ٽرانسپورٽ جھاز نيو ليڊيئر ذريعي پرٿ ڇڏيو جيڪو ڪولمبو لاءِ بارود کڻي پئي ويو. مون کي فرسٽ ڪلاس ڪئبن لاءِ ھڪ ھزار ڊالر ڏيڻا پيا پر ان ھوندي بھ مونکي جھاز تي خلاصين وانگر ڪم ڪرڻو پيو. ڪولمبو پھچي خبر پيئي تھ فقط ھڪ ڏينھن اڳ جپاني جنگي جھازن ڪولمبو تي ڏاڍا بم بارود اڇلايا پر برطانيھ جي رايل نيوي جي جھازن ھنن کي ڊوڙائي ڪڍيو.
ڪلڪتي پھچڻ تي مونکي خبر پئي تھ منھنجي فئملي خيريت سان چين پھچي وئي، سو مون بھ ڪنمنگ (چين) لاءِ ھوائي سفر جي ٽڪيٽ خريد ڪئي. مونکي ٻڌايو ويو تھ ھماليا جبل مٿان ٽپي ويندڙ ڏھن ھوائي جھازن مان ھڪ اڌ جو ضررو حادثو ٿئي ٿو. تن ڏينھن ۾ DC-3 ڊڪوٽا جھاز ھلندا ھئا جن ۾ وھڻ لاءِ 40 سيٽون ھيون. آئون سلامتيءَ سان پھتس ۽ پنھنجي فئمليءَ کي سک سانت ۾ ڏسي چنڪنگ روانو ٿيس. ويھن کان بھ مٿي سال سنگاپور ۾رھڻ بعد، ان کي ائين ڇڏڻ جو ڏاڍو ڏک ھوم. اڳتي جي ڪا خبر نھ ھيم. پٺيان سڀ جائداد ۽ ڌنڌو سنگاپور ڇڏي آيو ھوس. آئون پنھنجي گھر، قيمتي شين ۽ " واھ ھن ائنڊ ڪمپني" ۾ پنھنجي حصي کي وسارڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳس. چين ۾ رھڻ لاءِ مونکي ھڪ تمام سٺي ھوٽل ملي وئي، جنھن جو مالڪ وڏو عرصو رھڻ جو ٻڌي مونکان گھٽ مسواڙ وٺڻ لاءِ راضي ٿي ويو.
سنگاپور چائنيز چئمبر آف ڪامرس جي صدر جي حيثيت ۾ مونکي چيانگ ڪائي شيڪ پاڻ وٽ گھرائي ملايا جي حالتن مطابق خبر چار ورتي. ھن کي ڌارين ملڪن ۾ رھندڙ چينين جو بيحد اونو ھو. ھو ڪا دير مونکان پڇندو رھيو تھ آئون ۽ منھنجي فئملي سنگاپور مان ڪيئن ڀڄي نڪتي. ڪجھھ ڏينھن بعد ھن مونکي وار ٽائيم پوليٽيڪل قونصل وٽ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ رھندڙ چينين جو نمائندو مقرر ڪيو. جنھن وقت آئون سنگاپور ڇڏي رھيو ھوس تھ مون اھوئي سمجھيو تھ بس ھر ڳالھھ ختم ٿي وئي، پر پوءِ ٿورن ئي مھنن ۾ آئون چين جو ھڪ اھم ماڻھن ليکجڻ لڳس. ملڪ جي بچاءَ لاءِ قوم پرست جماعتون چين جي صدر چيانگ جي اڳواڻيءَ ۾ ۽ ڪميونسٽ مائو زيڊانگ ۽ چائو اين لائي جي قيادت ۾ ملي رھيا ھئا. اھي الائيز فورسز سان ملي جنگ جيتڻ جا اپاءِ وٺي رھيا ھئا. آئون فارين پاليسي جي ڪميٽي ۾ رکيو ويس. ان ۾ ٻيا ھي ميمبر ھئا: چائو اين لائي، تـُـنگ پي وو ۽ شائو لـِي چـر. ڪميٽيءَ جو ڪم الائيڊ ملڪن سان لھھ وچڙ ۾ اچڻ ھو.
مون چين ۾ رھندڙ سنگاپور جي انھن شاگردن جي وڏي مدد ڪئي جن کي گھران پئسا اچڻ بند ٿي ويا ھئا. مون تعليم قائم رکڻ لاءِ سندن ھمٿ افزائي ڪئي. چين جي مختلف شھرن مان بئنڪن جا مالڪ ۽ نمائندا چنگ ڪنگ ۾ گڏ ٿي رھيا ھئا سو مون دل ئي دل ۾ سوچيو تھ ڇو نھ ھتي بئنڪ کولي وڃي. مون ملايا، برما ۽ انڊيا ۾ رھندڙ وڏن چيني واپارين جي ميٽنگ سڏرائي. کين ٻڌايو تھ آئون انھن بئنڪرن جي خدمتن جي لسٽ ٺاھڻ چاھيان ٿو جيڪي ھانگ ڪانگ، شنگھائي ۽ چين جي ٻين شھرن مان جنگي مسئلن ڪري خارج ڪيا ويا آھن. ھنن مونکي بئنڪ کولڻ لاءِ لائسنس وٺڻ لاءِ چيو جيڪو عام صورتن ۾ تمام ڏکيو ملي ٿو. پر مون صدر چيانگ سان ڳالھھ ڪئي جنھن وزير خزانا سان ان ئي وقت ڳالھائي ڪم پڪو ڪرايو.
مون مٿين بئنڪن وارن کي بھ پنھنجي بئنڪ ۾ شامل ڪيو جيئن گڏ ھلائي سگھجي. اسانجي بئنڪ جو نالو "اوور سيز چائنيز يونين" بئنڪ رکيو ويو، جيڪو نالو "نانيانگ سيانگ پائو" اخبار جي سابق ايڊيٽر مسٽر فانگ لـِـي سن اسان لاءِ چونڊيو. آئون ايگزيڪيوٽو پريزيڊنٽ چونڊيو ويندس. مون ھيرا وڪڻي بئنڪ لاءِ مور ڏنو. اسان ينگسي نديءَ جي ڪناري تي ٻماڙ بلڊنگ مسواڙ تي وٺي بئنڪ شروع ڪئي. آئون مٿين ماڙ تي رھڻ لڳس. ڪجھھ ڏينھن بعد، منھنجي ھڪ دوست ٻڌايو تھ ٿائلنڊ جو ھڪ اسان جي زبان ٽيوچو ڳالھائڻ وارو مسٽر چـِـي او يانگ، جيڪو فلپين جي ڪميونيڪيشن بئنڪ جو مئنيجر رھي چڪو ھو ۽ ھينئر ھانگ ڪانگ جي اسٽيٽ بئنڪ آف چائنا جو مئنيجر ھو، جنگي حالتن کان ڀڄي چين جي شھر گوئيلن ۾ آيو آھي. ھن کي بئنڪن ھلائڻ جو وڏو تجربو آھي. آئون ھن جي رھائش واري شھر ڏي ھلي ويس ۽ کيس منٿ ميڙ ڪري وٺي آيس تھ ھو ھلي اسان جي بئنڪ جو پھريون مئنيجر ٿئي.

سال ۾ ھڪ ڊالر پگھار واري نوڪري

اسان پنھنجي بئنڪ جي ھڪ برانچ ويٽنام جي بارڊر واري شھر ٽانگ قنگ (Tong Qing) ۾ بھ کولي جيڪا تمام سٺو ھلڻ لڳي. ڏکڻ اوڀر جي ملڪن کان ڀڄي آيل چيني اتي آيا ٿي ۽ پاڻ سان آندل ھيرا جواھر، سون ۽ ڳھھ ڳٺا وڪڻي، اسان جي بئنڪ معرفت چين ۾ رھندڙ سندن ٻين مٽن مائٽن ڏي پئسا موڪليا ٿي- خاص ڪري چين جي انھن علائقن ڏي جن تي اڃان جپانين جو قبضو نھ ٿيو ھو. بعد ۾ اسانجي بئنڪ جي ھڪ ٻي برانچ ليوزھو شھر ۾ پڻ کولي وئي. مون محسوس ڪيو تھ اسانجي بئنڪ دنيا ۾ رھندڙ چينين جي وچ ۾ ھڪ مضبوط ڪڙيءَ جو ڪم ڪري سگھي ٿي ۽ اسانجي بئنڪ ذريعي چينين کي نھ فقط ھڪ ٻئي جي ڄاڻ ملي سگھي ٿي پر سندن ڳانڍاپو پڻ ٿي سگھي ٿو.
ان بعد چين ۽ برطانيھ حڪومتن جي نمائندن مونکي چيو تھ آئون پنھنجو اثر رسوخ ھلائي ولايت ۾ رھندڙ چينين کي آمادھ ڪريان تھ ھو ھن جنگ (جپان ۽ انگلنڊ جي وچ واري-ٻي عالمي لڙائيءَ) ۾ انگريزن جي مدد ڪن. مون کين صلاح ڏني تھ ان لاءِ سٺا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ بھتر اھو ٿيندو تھ يونيورسٽيءَ جي شاگردن کي ڀرتي ڪيو وڃي. منھنجي اھا آئيڊيا انگريز توڙي چيني حڪومت کي پسند آئي ۽ سون جي تعداد ۾ نوجوان چيني شاگردن کي سلون (سريلنڪا) جي جابلو شھر ڪئنڊيءَ ۾ موڪليو ويو. انھن ڏينھن ۾ ڪئنڊي (Kandy) برٽش فوج جي ڪمانڊر ان چيف لارڊ لوئيس مائونٽ بئٽن جو ھيڊڪواٽر ھو. ٽريننگ بعد انھن چيني شاگردن کي ھيلڪاپٽرن ذريعي ملايا جي جنگلن ۾ لاھڻ جو پروگرام رٿيو ويو، جتان ھو گوريلا جنگ وڙھي سگھن.
ڪرنل لم بوسينگ (جيڪو پوءِ ميجر جنرل ٿيو) ان پروجيڪٽ لاءِ ڏاڍو ڪم ڪيو. ھي صحيح معنيٰ ۾ ھيرو ھو. ھڪ ڏينھن اسان اھا خبر ٻڌي تھ ھو اپوح ۾ جھلجي پيو آھي. (اپوح شھر اتر ملائيشيا جي رياست پيراق جي گاديءَ جو ھنڌ آھي). اھو ٻڌي اسانکي ڏاڍو ڏک ٿيو. اسان سڀني دل سان مڃيو تھ ھن انھن سڀني پاران قرباني ڏني جن آزاديءَ لاءِ جنگ جوٽي ھئي.
1945ع جي شروعات ۾، صدر چيانگ مونکي اسپيشل ڪمشنر جي حيثيت ۾- يعني ھڪ قسم جو سفير ڪري لنڊن موڪليو. منھنجو ڪم اھو ھو تھ اھي يورپي ملڪ: ھالنڊ، فرانس، انگلنڊ وغيره جن جون ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ ڪالونيون ھيون انھن سان ملي اوڀر ايشيا جي جنگ ۾ ڊٺل شھرن کي ٺاھڻ لاءِ سوچيو وڃي. لنڊن ۾ مون ھوٽل Savoy ۾ پنھنجي آفيس سيٽ ڪئي. منھنجي پھرين ملاقات ۽ واسطو لارڊ لوئيس مائونٽ بئٽن سان ٿيو. ان بعد، آئون سر ايڊورڊ جينٽ سان مليس جيڪو ملايا ۽ سنگاپور جو پھريون ھاءِ ڪمشنر ٿيو. آئون سر آرٿر موس سان پڻ مليس جيڪو ھانگ ڪانگ بئنڪ جو چيئرمين ھو. ھو ھانگ ڪانگ لاءِ اھو ئي ڪم ڪري رھيو ھو جيڪو آئون ڪري رھيو ھوس. پاڻ قد جو قداور، خوش مزاج ۽ عمر ۾ مونکان 15 سال وڏو ھو ۽ ھن مونکي ڀاءُ ڪري ٿي سمجھيو.
ھن نوڪريءَ ۾ چيني حڪومت مونکي سال ۾ ھڪ ڊالر پگھار طور ڏنو ٿي. پنھنجو ذاتي خرچ مون پنھنجي کيسي مان ڪيو ٿي. "واھ ھـِـن ائنڊڪمپني" طرفان برطانيھ جي حڪومت ڏي منھنجي ڪجھھ رھت ھئي. ان جا بل پيش ڪري مون کانئن خرچ پکي لاءِ پئسو ورتو ٿي. ھوٽل سيوئاءِ زبردست ھوٽل ھئي، البت مھنگي ڏاڍي ھئي. پر مون پڪو پھھ ڪيو تھ چين جي ھڪ نمائندي جي حيثيت ۾ مونکي اسٽائيل ۾ رھڻ کپي. منھنجي حوالي ھوٽل جو سوٽ ھو جنھن ۾ بيڊ روم ۽ ھڪ ڊرائنگ روم بھ ھو. اھا وڏي عياشي ھئي پر منھنجو ھڪ ئي مقصد ھو تھ جپانين کان جنگ کٽي وڃي ۽ سنگاپور واپس موٽي ڌنڌو ڄمائجي.

ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ منھنجي گھر ۾ ھڪ جپاني جرنيل رھيو

لنڊن ۾ جيڪي سرڪاري قسم جون دعوتون ٿيون ٿي انھن ۾ مونکي بھ سڏرايو ويو ٿي ۽ مون محسوس ڪيو تھ اھا منھنجي پڻ ڊيوٽي آھي تھ ھنن کي ڪاڪٽيل ريسپشن تي گھرايان. ان دعوت ۾ لنڊن جو چيني سفير ڊاڪٽر ويلنگٽن خو پڻ آيو. ان کان علاوھ ھالنڊ، فرانس ۽ بيلجم ۾ رھندڙ چيني سفير پڻ اچي نڪتا. اسانجي مھمانن ۾ لارڊ اِن ور فورٿ ۽ الرڊ ٽيـِـورٽ (ھائوس آف لارڊس جو نمائندو)، سر ايڊورڊ جينٽ، لنڊن ۾ رھندڙ چيني اڳواڻ ۽ بزنيس ڪميونٽي جا نمائندا پڻ ھئا. منھنجي اھا دعوت وڏي ڪاميابي ثابت ٿي.
جنگ ختم ٿيڻ بعد، امدادي ڪمن جي پوئواريءَ لاءِ آئون پئرس ۽ ھيگ روانو ٿيس. 14 آگسٽ 1945ع واري ڏينھن تي آئون ڊائننگ روم ۾ لنچ ڪري رھيو ھوس تھ ھيڊ ويٽر اچي مونکي ھا خوشخبري ٻڌائي تھ اتحادي فوجون (Alliance) کٽي ويون آھن. مون يڪدم سر ايڊورڊ جينٽ کي فون ڪيو تھ آئون سنگاپور وڃڻ چاھيان ٿو. پھرين آڪٽوبر تي، ھن مونکي ٻڌايو تھ ھو ٻن ڏينھن بعد ھوائي جھاز ۾ سنگاپور وڃي رھيو آھي ۽ ان ۾ ھڪ سيٽ مون لاءِ پڻ خالي آھي. ان ڏينھن شام جو مون ڪيترن ئي اھم شخصيتن کي ڊنر تي گھرايو- خاص ڪري انھن کي جن مونکي لنڊن ۾ رھڻ دوران مدد ڪئي. ان دعوت ۾ اسان خوب شئمپئن (شراب) پيتو ۽ ڊانس ڪئي. اسان جي ڀرواري ٽيبل تي لارڊ مائونٽ بئٽن ويٺل ھو.
آئون BOAC ڪمپنيءَ جي ھوائي جھاز رستي سنگاپور روانو ٿيس. واٽ تي رات ڪولمبو ۾ گذري. ٻئي ڏينھن سيليتار ايئربيس تي ڪيترن وڏن آفيسرن ۽ چائنيز چئمبر آف ڪامرس جي ميمبرن منھنجو آڌر ڀاءُ ڪيو. خوشيءَ وچان منھنجي اکين ۾ ڳوڙھا تري آيا.
جيسين چين کان نئون قونصلر جنرل پھتو تيسين سنگاپور ۾ چين جي نمائندگي آئون ڪندو رھيس. مون سرڪاري پاسپورٽ استعمال ڪيو ٿي ۽ منھنجي ڪار تي چيني جھنڊو ڦڙڪيو ٿي.
سنگاپور جي اخبار ‘The Malayan Tribune’ منھنجي تصوير ڏئي مٿان سرخي ڏني:’The First Chinese Envoy’ آئون اڃان بھ چئمبر آف ڪامرس جو صدر ھوس.
جنگ جو اثر ھر ھڪ تي پيو ھو. مون کي خبر پئي تھ 1942ع ۾ جپانين جو جيئن ئي سنگاپور تي قبضو ٿيو تھ ھو يڪدم منھنجي ننڍي ڀاءُ جي گھر اچي ھن کان منھنجي پڇا ڪرڻ لڳا. جڏھن ھن مون بابت نھ ٻڌايو تھ جپاني ڪاوڙجي پيا ۽ منھنجي ڀاءُ کي جھلي ويا. دراصل ھن کي منھنجي سنگاپور ڇڏڻ جي واقعي خبر نھ ھئي. مون پنھنجي ڊرائيور عليءَ کان پڇيو تھ تو منھنجي غير حاضريءَ ۾ منھنجي ڪار Chrysler ٽئڪسيءَ طور ھلائي روزگار ڇو نٿي ڪمايو جڏھن تھ جپانين سڀني ڊرائيورن تي زور پئي آندو. "مون ڪنھن بھ صورت ۾ جپانين سان ساٿ نٿي ڏيڻ چاھيو." ھن جواب ڏنو ۽ آئون ھن جي وفاداريءَ مان ڏاڍو متاثر ٿيس.
اسان جي گھر ۾ ڪم ڪندڙ نوڪرياڻيون غائب ھيون. ھو اسانکي وري نھ مليون پوءِ خبر پيئي تھ جپاني منھنجي ڳولا ۾ اسان جي گھران اچي نڪتا. ھنن شراب ۽ وائين جون سڀ بوتلون، ويندي 250 ننڍڙيون بوتلون، جيڪي مون ھابيءَ طور گڏ ڪيو ھيون، اھي بھ کڻي ويا. انھن مان ڪجھھ اتي ئي پيتائون. نشي ۾ ڌت ٿي ھنن غريب نوڪرياڻين تي حملو ڪيو. منھنجا گڏ ڪيل بي بھا تحفا ۽ پينٽنگلون وغيره سڀ کڻي ويا. بھر حال باقي گھر سٺي حالت ۾ ھو جو ان ۾ ھڪ جپاني جنرل رھيو ٿي. مون پنھنجي زندگيءَ جي شروعات وري نئين سنئينءَ شروع ڪئي.
نومبر جي شروع وارن ڏينھن ۾، لارا لوئيس مائونٽ بئٽن "برٽش مليٽري ائڊمنسٽريشن ڪائونسل" جو پھريون ائڊوائزري ڪائونسل مقرر ٿيو. مونکي سڄي ملايا جي ايڪانامي ۽ ڪامرس تي نظر رکڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو. سنگاپور توڙي ملايا ۾ انھن ڏينھن ۾ کاڌي خوراڪ جي سخت کوٽ ٿي پيئي. لنڊن ۾ رھائش دوران مون اتي جي واسطيدار کاتن کي چوڻ چاڻ ڪرايو تھ ھو اسان ڏي دٻي ۾ بند گوشت (Beef) ۽ دوائون موڪلين. ۽ ھاڻ اڇن چانورن جي سخت ضرروت ھئي. ھتي ڊالر جو اڌ ڪلو مس ٿي مليو، ۽ اھي چانور بھ ھتي جا مڪاني ديسي ٽائيپ ھئا. سو چئمبر چانور ۽ چوپائي مال گھرائڻ جو بندوبست ڪيو. ان سلسلي ۾ مونکي ھانگ ڪانگ وڃي برطانيا جي ملٽري ائڊمنسٽريشن سان ڳالھائڻو پيو.
ھانگ ڪانگ ۾ مون کي وڏي عزت ڏني وئي. منھنجو شايان شان آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. آئون سر آرٿر موس سان پڻ مليس. ھانگ ڪانـَـگ ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن وڃڻ لاءِ ڪائونسل مونکي ھڪ وڏي ڪار مھيا ڪئي، جيتوڻيڪ انھن ڏينھن ۾ ڪارن جي ڏاڍي کوٽ ھئي. جنگ جي ڪري سخت تباھي ٿي وئي ھئي. آئون اتي جي امپورٽرن ۽ ايڪسپورٽرن سان مليس جن سنگاپور سان واپار قائم رکڻ لاءِ جلدي جو وعدو ڪيو. دارصل مال ڍوئڻ لاءِ جھازن جي بھ وڏي کوٽ ھئي. پر منھنجي جھازن جي ايجنٽن سان ڄاڻ سڃاڻ ھجڻ ڪري مون ان مسئلي کي حل ڪري ورتو.
اھي ڪم ڪاريون ڪرڻ بعد مون پنھنجي ذاتي ڌنڌي ڏي ڌيان ڌريو ۽ پنھنجي ڪمپني "واھ ھن ائنڊ ڪمپني" کي منھن ڏيڻ شروع ڪيو. منھنجي دوست مسٽر ھائوءَ ٻڌايو تھ جپانين جي اچڻ کان اڳ جيڪي ھڪ لک ڊالر پاڻ بئنڪ مان ڪڍايا ھئا انھن مان باقي 20,000 ڊالر ڪئش جي صورت ۾ بچن ٿا. مون ڪرنل ڊئويز کي خط لکيو تھ اسان جي ڪمپنيءَ طرفان توھان ڏي پئسا رھن ٿا جيڪي آرميءَ جي کنڌي ۾ کنيل آھن. پاڻ ملٽري اڪائونٽ آفيس جي حيثيت ۾ اسان ڏي ڏيڊ لک ڊالر ڏياري موڪليا جنھن رقم سان اسان جي ڪمپني "واھ ھن ائنڊ ڪمپني" ھڪ دفعو وري زور سان ڪاروبار ڪرڻ لڳي. بعد ۾ ڪرنل ڊئويز برگيڊيئر ٿي وري سنگاپور آيو ھو ۽ مليٽري کي راشن پاڻي سپلاءِ ڪرڻ لاءِ ھن اسان کي ڪيترن ئي ٺيڪن جي آڇ ڏني.

مون ھميشھ پنھنجي اسٽاف کي ٻين کان گھڻو پگھار ڏنو

جڏھن آئون لنڊن ۾ آنرري ڊپلومئٽ ھوس تھ منھنجي آفيس قونصليٽ وانگر ھئي. جيڪي چيني پنھنجي وطن وڃڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪري رھيا ھئا انھن جي مون مدد ڪئي ٿي. انھن ڏينھن ۾ چينين ۽ ٻين لڏ پلاڻ ڪري وارن لاءِ سنگاپور جي شھريت حاصل ڪرڻ ھڪ اڻانگو مسئلو ھو. کين تڪليف ۾ ڏسي مونکي ھنن سان دلي ھمدردي ٿي ٿي. مون ھي مسئلو لارڊ ان ور فورٿ آڏو پيش ڪيو جيڪو جھاز ران Ben Lineڪمپنيءَ جو مالڪ ھو ۽ ھڪ سياستدان، لئبر پارٽيءَ جو ڪرتا ڌرتا ۽ منھنجي Rehabilitation Committee ۾ نھ فقط ساٿي رھي چڪو ھو پر منھنجي مدد بھ ڪئي ھئائين. مون چاھيو ٿي تھ چينين کي سنگاپور جي Citizenship ملي وڃي تھ ھو آٽوميٽيڪلي انگلنڊ جي شھريت لاءِ اپلاءِ ڪري سگھندا ۽ اھڙي طرح ھو وڏي خرچ کان بچي ويندا. ان ڪيس وڙھڻ لاءِ آئون ايرڪ اٽڪسن وٽ آيس جيڪو ٽاپ جو وڪيل ھو. ھن ويچاري مون کان في بھ نھ ورتي. ھن چيو تھ ھو انھن ماڻھن جي مدد ڪرڻ چاھي ٿو جن سنگاپور کي ڪامياب بڻايو آھي.
1946ع ۾، سر فئنڪلن گمسن سنگاپور جو گورنر ٿي آيو. سنگاپور جي سٽي ھال ۾ اسان ھن جي دعوت ڪئي ۽ مون چئمبر پاران آجياڻي جي تقرير پڙھي. ٻئي ڏينھن مون ھن کي پٽيشن پيش ڪئي جيڪا مسٽر ايرڪ وڪيل اسان لاءِ ڊرافٽ ڪئي ھئي ۽ جنھن ۾ اسان طرفان برطانيھ جي حڪومت کي عرض ڪيو ويو ھو تھ ھو سنگاپور ۾ آيل ڌارين ماڻھن کي مڪاني شھريت ڏين. اڳتي ھلي مونکي ميونسپل ڪميشن ۾ رکيو ويو جتي مونکي حڪومت کي ان ڳالھھ لاءِ راضي ڪرڻ ۾ وڏي ڪاميابي نصيب ٿي تھ رڪشائون بند ڪيون وڃن ۽ 1949ع تائين، سنگاپور ۽ ملايا کي خودمختياري ملڻ لاءِ مذاڪرن ۾ آئون بھ حصيدار رھيس. اھم اھم ماڻھن منھنجي گھر ملاقاتن ۾ حصو وٺڻ ايندا ھئا. جھڙوڪ تنڪو عبدالرحمان ۽ سارڊن بن زبير وغيره.
ھڪ ڏينھن اھي ٻئي ڄڻا، يعني تنڪو عبدالرحمان ۽ تـُـن سارڊن جنگ کان اڳ واري پراڻي ماڊل جي ڪار بيبي آسٽن ۾ منھنجي گھر آيا. ملڪ جي آزاديءَ لاءِ بحث مباحثا ھلندا رھيا. وڃڻ وقت کانئن گاڏي اسٽارٽ ئي نھ ٿئي. پوءِ مونکي گاڏيءَ کي ڌڪا ڏيڻا پيا جنھن اندر ھي ٻئي ٿلھا متارا ويٺا ھئا. آخر ۾ تنڪو "بابا ملائيشيا" ۽ ملائيشيا جو پھريون وزيراعظم ٿيو. تـُـن سارڊن ڪجھھ وقت سنگاپور رھيو، ان بعد جوھور رياست ۾ وڃي رھيو. جيتوڻيڪ ملڪ جي آزادي ۽ ٻين سياسي ڪمن ۾ آئون حصو وٺندو رھيس پر مونکي ڪڏھن بھ سياستدان ٿيڻ جو شوق نھ ٿيو.
فتحياتي بعد، اسانجي چنگڪنگ واري بئنڪ ڪئنٽن، سوواتو ۽ شنگھائيءَ ۾ پڻ برانچون کوليون. پھرين سٺو ڌنڌو ڄميو، پر پوءِ جلدئي، مائوزي ڊانگ جي اثر ھيٺ چيانگ ڪائي شيڪ جا نئشنلسٽ گروپ اچي ويا. سو اسان انھن بئنڪن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ڊپازٽ بھ ڪي خاص وڏا نھ ھئا. چين جي ڪرنسي بھ ڪري پئي ھئي. 1947ع ۾ آئون سنگاپور ۾ بئنڪ کولڻ بابت سوچڻ لڳس ۽ 1949ع ۾، ھيءَ اوور سيز يونين بئنڪ کوليم. چين ۾ بند ڪيل بئنڪ مان ڪجھھ پراڻو اسٽاف گھرائي ھن سنگاپور واري بئنڪ تي لڳايم. مون مسٽر تان سيا ڪئان کي بئنڪ جو پھريون چيئرمين مقرر ڪيو جيڪو اسانجي مخالف بئنڪ "اوور سي چائنيز بئنڪ" جو سابق مئنيجر ھو. آئون وائيس چيئرمين ۽ مئينجنگ ڊائريڪٽر ٿيس. اسان ان بئنڪ جو ڪاروبار ھلائڻ لاءِ ڏھھ آفيسر، پنڌرھن ڪلارڪ ۽ ٻھ چوڪيدار رکيا. مسٽر چي او يانگ کي مئنيجر ڪري رکيوسين. اسان ٻھ ملين ڊالر جي پيڊ-اپ ڪئپيٽل سان ڪم شروع ڪيو. ان وقت منھنجي خواب خيال بھ نھ ھو تھ ھڪ ڏينھن اسانجي بئنڪ ڪيڏي وڏي پئماني تي وڃي پھچندي.
مون بئنڪ لاءِ ڪا سٺي جاءِ ڳولڻ چاھي ٿي ۽ خوشنصيبيءَ سان اسان کي رئفلس پليس م ميئرس چئمبرس ۾ جاءِ ملي وئي. اسان کان اڳ اھا جاءِ مليٽري بئنڪ طور ڪم اچي رھي ھئي. ان بلڊنگ جو مالڪ مسٽر ميئر منھنجو سٺو دوست ھو جيڪو جپانين جي اچڻ کان اڳ ڪلڪتي ھليو ويو ھو. ھن اسان کي گرائونڊ فلور ۽ بيسمينٽ 4000 ڊالر مھني جي مسواڙ تي ڏنو. اھا وڏي ڳالھھ ھئي تھ رئفلس پليس اسانجي بئنڪ جي ائڊريس ھئي. اسان جي بئنڪ ۽ منھنجي ڪمپني "واھ ھن ائنڊ ڪمپني" سٺو ھلندي رھي. ماڻھو چوڻ لڳا تھ اھو ان ڪري جو آئون بئنڪ وارن کان پگھار بھ نٿو وٺان. ڪي چوڻ لڳا تھ آئون ڪنجوس آھيان جو ايئر ڪنڊيشنر تي بھ خرچ نٿو ڪريان. پر اصل ڳالھھ اھا آھي تھ اسٽاف ۽ مون تمام گھڻو محنت سان ڪم ڪيو ٿي. مون پاڻ وٽ ڪم ڪندڙن کي اولاد وانگر سمجھيو ٿي ۽ منھنجا اھي اصول، اڄ بھ بدليا نھ آھن. ڪم ڪرڻ وارن کي سٺا پگھار ڏيڻ کپن ۽ جڏھن توھان کي وڏو فائدو ٿئي تھ سڄي اسٽاف کي وڏو بونس ڏجي. اسٽاف کي پارٽيون ڏينديون رھجن. بيمار ٿيڻ تھ ھنن کي اسپتال ۾ پڇڻ وڃجي. ھنن کي گھر ۾ ڪا پريشاني ھجي تھ ھنن جي مدد ڪجي. جيڪو محنت ڪري ان جي پروموشن ڪجي. مون ھميشھ پنھنجي اسٽاف کي ٻين کان ڪجھھ وڌيڪ پگھار ۽ ڌيان ڏنو آھي. جيڪڏھن توھان چاھيو ٿا تھ توھان جو ڪاروبار سٺي نموني سان ھلي تھ توھان ھميشھ بھتر ماڻھو رکو. 1958ع تائين، جڏھن بھ مونکي وڏو فائدو رسيو ٿي تھ اسٽاف کي بونس ڏيڻ سان گڏ کين لنڊن وڌيڪ ٽريننگ لاءِ بھ موڪليو ٿي.

آئون ھيڪاندو ھٻڇي ٿي پيس

اسان چانورن ۽ ٻئي اناج جي امپورٽرن کي ٽريننگ ڏني تھ ڪيئن شيون امپورٽ ڪجن. اسان ماڻھن کي سمجھايو تھ پئسا ھنڌ بسترن ۾ رکڻ بدران بئنڪ ۾ سيونگ اڪائونٽ ۾ رکرائڻ کپن.
1957ع کانپوءِ اسان ھن بئنڪ جون برانچون سنگاپور کان ٻاھر بھ کوليون. ھڪ ڏينھن ڊاڪٽر گوح ڪينگ سوي، جيڪو ان وقت وزير خزانا ھو، کي مون چيو: "ڊاڪٽر صاحب، منھنجي دل ٿي چاھي تھ پنھنجي بئنڪ OUB جون لنڊن ۽ ٽوڪيو ۾ بھ برانچون کوليان"، ھن منھنجي رٿ قبول ڪئي ۽ سال اندر اسانکي اجازت ناما ڏنا ويا. ٻئي برانچون 1965 ۾ ڪجھھ ڏينھن جي وٿيءَ تي کوليون ويون. آئون ٽوڪيو ويس جتان جلدي جلدي نيويارڪ مان ٿي لنڊن پھتس، جيئن بئنڪ کلڻ جي فنڪشن ۾ حصو وٺي سگھان. ٽوڪيو واري بئنڪ جي اوپننگ Ceremony لاءِ مون تنڪو عبدالرحمان جي سالي کي چيف گيسٽ طور گھرايو جيڪو ٽوڪيو ۾ سفير ھو ۽ لنڊن واري بئنڪ لاءِ تنڪو صاحب جي وڏي ڀاءُ کي چيف گيسٽ ڪيو جيڪو ملائيشيا طرفان لنڊن ۾ ھاءِ ڪمشنر ھو.
واپاري دنيا ۾ ڪاميابيءَ جو راز کارائڻ پيارڻ ۽ دعوتن تي آھي. دعوتن ذريعي ئي ماڻھن سان تعلقات ٺھن ٿا. ۽ واپار وڌائڻ جو سڄي دنيا ۾ اھو ئي راز آھي. شروع وارن ڏينھن ۾ آئون پنھنجن مھمانن جي خذمت چاڪريءَ لاءِ کين ڪئٿي ھوٽل ۾ بئنڪ جي پينٽ ھائوس ۾ رھائيندو ھوس. اتي رھڻ ۾ ھنن کي ڏاڍو مزو آيو ٿي ڇو جو شھر ۾ رھائش لاءِ اھا ئي بھترين جاءِ ھئي. رئفلس ھوٽل مشھور ضرور ھئي پر اھا ڪئٿي ھوٽل وانگر چوڏھن ماڙ نھ ھئي ۽ نھ اتان ڏسڻ لاءِ ڪو سھڻو نظارو ھو. ھالنڊ کان آيل ڊچ بئنڪ جي ڪجھھ مھمانن کي اسان جڪارتا ۾ بھ گھمايو ڦيرايو ۽ رھائيو، انھن اڳتي ھلي پنھنجي ايجنسي نيٺ اسان کي ڏني. ڪئٿي ھوٽل جي پينٽ ھائوس جي بھ دلچسپ ڪھاڻي آھي. جپاني جنرل پنھنجا ھيڊڪوارٽر ان ۾ ٺاھيا ھئا. ان بعد مائونٽ بئٽن ان ۾ رھيو. برٽش مليٽري ائڊمنسٽريشن ختم ٿيڻ بعد اسانجي بئنڪ اھو پينٽ ھائوس ھڪ ھزار ڊالر في مھني جي حساب سان مسواڙ تي ورتو-جيڪو انھن ڏينھن ۾ وڏو ناڻو سمجھيو ويو ٿي. مون ان پينٽ ھائوس ۾ شراب جو بار بھ ٺھرائي ڇڏيو ھو. ان ۾ ٽي بيڊروم ھئا. ڪيترائي اھم ماڻھو ان ۾ رھيا، ويندي ٿائلنڊ جي بادشاھھ جي ڀيڻ ۽ ٿائلنڊ جو پرائيم منسٽر سارت ڌنسترات پڻ.
ڪئٿي ھوٽل ۾ مون بھ پئسو لڳايو ۽ ھوٽل جي ڇھين حصي جو مالڪ ھجڻ ڪري آئون ان جو ڊائريڪٽر ٿيس. اھا ھوٽل لوڪ بي اِيو جي خاندان جي ملڪيت ھئي. اوشن پارڪ ھوٽل پڻ ھنن جي ھئي. ڪئٿي ھوٽل لاءِ مون ئي مسز لوڪ پي اِيو ۽ سندس پٽ لوڪ وان ٿو (Loke Wan Tho)کي صلاح ڏني تھ ڪئٿي بلڊنگ ۾ آفيس ٺاھيو ۽ ھوٽل لاءِ بھ مون ھمت افزائي ڪئيمان. ڪئٿي ھوٽل لاءِ پھريون مئنيجر رکڻ لاءِ مون کين مائران لـِـنگ جو نالو ڏنو جيڪو شنگھائي (چين) ۾ پارڪ ھوٽل جو سابق مئنيجر ھو.
اڳتي ھلي اسان فجي ٻيٽ جي شھر سووا (Suva)۾ گرانڊ پئسفڪ ھوٽل خريد ڪئي جنھن جا مالڪ "نيوزيلئنڊ اسٽيم شپ ڪمپني" وارا ھئا. ان بعد اسان ٻھ ٻيون ھوٽلون خريد ڪيون. اھي بھ فجي ٻيٽ تي ھيون. مون ۽ مسٽر لوڪ فجيءَ ۾ ڪافي چڪر ھنيا ٿي. مون جڏھن سنگاپور جي مندارن ھوٽل جو سوچيو تھ ان وقت تائين ھوٽلن جي ڌنڌي ۾ مونکي پنڌرھن سالن جو تجربو ٿي چڪو ھو. مونکي صاف صاف لڳي رھيو ھو تھ ان ڌنڌي ۾ وڏو فائدو آھي. پھرين "لوڪ وان ٿو" بھ مونسان گڏ ان پروجيڪٽ ۾ شامل ٿيو پر پوءِ ھن اھو ئي بھتر سمجھيو تھ ھو پنھنجي ٻي جائداد تي ئي ڌيان ڌري ۽ اھا ھوٽل مون حوالي ئي ھجي. 1964ع ۾ مون اوور سيز يونين انٽر پرائيز لاءِ ورتي. ڀروارو پٽ مسٽر لوڪ پاڻ لاءِ رکيو جنھن تي آرچرڊ ٿيٽر ٺھرائين.
مون مٿيون پٽ منڊارن ھوٽل ٺھرائڻ لاءِ ورتو ھو. اھا ھوٽل پھرين 250 ڪمرن جي ٺھرائي رھيو ھوس. پوءِ مون سوچيو تھ 400 ڪمرن جي ڪئي وڃي. ان بعد وري دل ۾ خيال آيم تھ ڇو نھ 700 ڪمرن جي ڪئي وڃي. آئون ھيڪاندو ھٻڇي ٿي پيس.

سنگاپور ھڪ ننڍڙو ٻيٽ آھي جيڪو پاڻيءَ لاءِ بھ ملائيشيا جو محتاج آھي

منڊران ھوٽل جي پلاننگ ڪرڻ وقت آئون ۽ منھنجي زال مختلف ھوٽلون ڏسڻ لاءِ دنيا جي چڪر تي نڪتاسين. ھر شھر جي بھترين ھوٽل ۾ رھي اسان ان ھوٽل جو جائزو ورتو ٿي. ھوٽل جي عمارت کان علاوھ ھوٽل ۾ مليل سھوليتون ۽ سروس پڻ ڏٺي ٿي. واپسي تي پنھنجي ھوٽل جي انجنير ۽ ڪنسلٽنٽ سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ٿي جيئن ھو منھنجي ھن ھوٽل منڊارن کي سٺي ۾ سٺو ٺاھي سگھن. مثال طور ڪجھھ ملڪن ۾ مون گول ڦرندڙ ريسٽورنٽون ڏٺيون ۽ مونکي بھ شوق ٿيو. نتيجي ۾ منھنجي ھوٽل منڊارن سنگاپور جي پھرين ھوٽل آھي جنھن ۾ Revolving Restaurant آھي. اسان جو انٽيريئر ڊيڪوريٽر اسڪيچون ٺاھي ايندو ھو جن کي غور سان ڏسي ھن کي ڪجھھ واڌاري يا تبديليءَ لاءِ چوندو ھوس. منھنجي ٽيو نمبر پٽ سوني، جنھن آمريڪا ۾ ھوٽل مئنيجمينٽ ۾ ڊگري حاصل ڪئي ھئي ۽ ھاڻ ھلٽن ھوٽلز وارن سان گڏ ھو، موڪلن ۾ سنگاپور اچي مونکي منڊارن ھوٽل ٺھرائڻ ۾ مدد ڪندو ھو.
مون ھن ھوٽل جو نالو "منڊارن" ھانگ ڪانگ جي ھوٽل منڊران پٺيان رکيو. بھر حال 1972ع ۾ ٺھي راس ٿي پر اسان 1971ع کان ان جو ڪجھھ حصو شروع ڪري ڇڏيو. ھوٽل جي کلڻ جي رسم ڊاڪٽر گوح ڪئي جيڪو ان وقت ڊپٽي پرائيم منسٽر ھو. شروع جي ڏينھن ۾ ڌنڌو تمام ٿڌو رھيو ۽ ٽن سالن ۾ 15ملين ڊالر نقصان ٿيوسين. پر پوءِ جي ٽن سالن ۾ نھ فقط اھو نقصان ڪڍي ورتوسين پر عمارت جا بھ سڀ پئسا ڪڍي ورتاسين. ان کانپوءِ اڄ تائين اھا ھميشھ فائدي ۾ ھلي رھي آھي.
شروع کان ئي اسانجو ارادو ھو تھ جيڪڏھن ھوٽل ھلي وئي تھ اسان ڀرواري زمين پڻ وٺي ھوٽل کي وڌائينداسين. آگسٽ 1970ع ۾ اسان لوڪ فئمليءَ کان ٻيا ساڍا ٽي ھزار وال زمين خريد ڪري عمارت شروع ڪرائي. سنگاپور ۾ ايندڙ ٽوئرسٽن جو تعداد پڻ وڌي رھيو ھو. اسان ڪمرن جو تعداد وڌائي 1200 ڪيو ۽ ھوٽل جي Opening Ceremony ھڪ دفعو وري ڊاڪٽر گوح کان -1) آگسٽ1980 تي) ڪرائيسين.
مونکي ان ڳالھھ جي خوشي ۽ فخر آھي تھ اسانجي سنگاپور واري منڊارن ھوٽل اڄ دنيا جي بھترين ھوٽلن مان ھڪ آھي. ھن ھوٽل ڪري اسانجي اوور سيز يونين انٽرپرائيز اسان جي ڪمپنين جي گروپ جو اھم حصو آھي. اسان جي گروپ جي ھن ڪمپنيءَ جو مرينا منڊارن ھوٽل ۾ پڻ وڏو حصو آھي ۽ ان کان علاوھ چين، ملائيشيا، ٿائلنڊ ۽ ترڪيءَ جي ٻين ھوٽلن ۾ پڻ اسانجا وڏا حصا آھن. اسان جي ھن ڪمپنيءَ سنگاپور ۾ منڊارن گارڊن ۽ ڪنڊومينم جي نالي سان ھزار کن گھر پڻ ٺاھيا آھن.
1960 ع کان وٺي 1970ع تائين وارا سال مون لاءِ بيحد ڏکيا ھئا. مون کي ھڪ ئي وقت ھوٽل ۽ بئنڪ کي ڏسڻو پيو ٿي. ان کان علاوھ مختلف ملڪن ۾ اسان جي ٺھيل آفيسن جي بھ نگھباني ڪرڻي پيئي ٿي. مون کي روزانو ٻارھن ڪلاڪ کن ڪرسيءَ تي ويھي لکپڙھ جو ڪم ڪرڻو پيو ٿي، ان کان علاوھ وڏن واپارين، سرڪاري ڪامورن ۽ سياستدان کي entertain بھ ڪرڻو پيو ٿي. پر ان سڄي محنت جي مونکي سٺو ڦل مليو ٿي. مون وٽ ان وقت فقط سنگاپور جي ٻن ھوٽلن منڊارن ۽ مرينا منڊارن ھوٽلن جا 2000 کن ڪمرا ھئا. ۽ مون ٻنھي ھوٽلن کي ھڪ ٻئي کان وڌ ڏسڻ چاھيو ٿي.
ملائيشيا جو پھريون پرائيم منسٽر ۽ بابا ملائيشيا تنڪو عبدالرحمان ٻي وڏي لڙائي کان اڳ کان وٺي دوست ھو. اسان کي اھا خبر نھ ھئي تھ ھڪ ڏينھن سنگاپور ۽ ملائيشيا ڌار ٿي ويندو. 9 آگسٽ 1965ع تي جڏھن آئون پنھنجي زال سان اسپين جي ھڪ ٻيٽ ميورڪا (Majorca) تي موڪلون ملھائي رھيو ھوس تھ ھوٽل جي مئنيجر اچي اھا خبر ٻڌائي تھ سنگاپور ۽ ملائيشيا ڌار ٿي ويا آھن. مون سنگاپور فون ڪر معلوم ڪيو تھ خبر پيئي تھ سنگاپور جي نئين حڪومت مونکي سفير بنائڻ چاھي ٿي. آئون پنھنجي ٽرپ کي اتي ئي ڪئنسل ڪري زال سان سنگاپور موٽيس.
سنگاپور موٽڻ تي سنگاپور جي وزير خارجھ مسٽر ايس راجا رتنام (جيڪو سائوٿ انڊين تامل آھي) مونکي گھرائي مون کان پڇيو تھ آيا آئون جپان ۾ رھڻ چاھيندس يا ٿائلنڊ ۾؟ مون کيس ٻڌايو تھ في الحال ٻئي ملڪ مون لاءِ ڏورانھان آھن جو منھنجو سنگاپور ۾ ڌنڌو آھي، اھو رلي ويندو. بھر حال ھن کي بنھھ انڪار ڪرڻ بدران مون سوچڻ لاءِ ڪجھھ عرصي جي مھلت گھري. سال کن بعد راجا رتنام مونکي گھرائي ملائيشيا جو ائڪتنگ ھاءِ ڪمشنر بڻايو. سنگاپور جي آزاد ۽ جدا ٿيڻ تي شروع شروع ۾ مونکي عجيب اڻ تڻ ھئي تھ اسانجو ھڪ ٻيٽ نما ننڍو ملڪ آھي ان جو ڪاروبار ڪيئن ھلندو. پر ھاڻ ڏينھن تي ڏينھن گذرڻ تي مونکي محسوس ٿيڻ لڳو آھي تھ خودمختيار ملڪ ٿيڻ ڪا خراب ڳالھھ ناھي. بلڪ ٿوري گھڻي Competition سٺي ڳالھھ آھي جنھن سان ٻنھي ملڪن جي ترقي ٿي سگھي ٿي. شروع شروع ۾ اسانکي واقعي تڪليف ٿي جو سنگاپور ھڪ تمام ننڍو ٻيٽ آھي. ان کي تھ ويندي پاڻي بھ ملائيشيا مان گھرائڻو پوي ٿو.

دنيا جي ٻين سفيرن کان مونکي وڌيڪ عزت ملي ٿي

ملائيشيا کان جدا ٿيڻ کانپوءِ اسانکي سنگاپور کي اڄ جي صورت ۾ آڻڻ لاءِ وڏي محنت ڪرڻي پيئي. ملائيشيا سفير ٿي وڃڻ کان اڳ آئون پرائيم منسٽر لي ڪئان يو سان ملڻ ويس. ھن چيو: "مسٽر چائو تون ملائيشيا جي پرائيم منسٽر تنڪو عبدالرحمان کي بھ سڃاڻين ٿو، تون مونکان بھ واقف آھين. ان ڪري توکان وڌيڪ ٻيو ماڻھو ٿي نٿو سگھي جو اسان ٻنھي جي و چ ۾ دوستي ۽ Understanding جو ماحول پئدا ڪري". ۽ پوءِ ھن چيو، "مونکي پڪ آھي تھ تون پنھنجي ملڪ سنگاپور لاءِ بھتر ئي ڪندين". ۽ مون وراڻيو: "جي ھا، مسٽر لي، توھان بي فڪر رھو، آئون پنھنجي وت آھر بھتر ئي ڪندس". بس اسان جي اھا ئي مختصر ڳالھھ ٻولھھ ٿي.
مارچ1966ع ۾ آئون ڪوالالمپور روانو ٿيس ۽ 42 مھنن لاءِ سنگاپور جو ھاءِ ڪمشنر ٿي رھيس. پھريان ڪجھھ مھنا ائڪٽنگ ھاءِ ڪمشنر ٿي ڪم ڪيم. ملائيشيا جو پرائيم منسٽر تنڪو عبدالرحمان، ھن جو ڊپٽي تن عبدالرزاق ۽ ٻيا ڪيترائي وزير منھنجا پراڻي زماني کان دوست ھئا جڏھن اسان گڏجي ويھي ملايا جي خودمختياريءَ لاءِ جدوجھد ڪندا ھئاسين. اسانجي دوستي ياريءَ ڪري منھنجي ڊيوٽي سولي ٿي پئي. سنگاپور ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ڪنھن بھ قسم جي ڪم ڪار پوري ڪرڻ، يا ڪا غلط فھمي دور ڪرڻ لاءِ ٻنھي ملڪن جون حڪومتون مون ڏي پر اميد نظرن سان ڏسنديون ھيون. مونکي رڳو فون کڻڻ جي دير ٿيندي ھئي ۽ معاملا پاڻھي طئي ٿي ويندا ھئا. مسٽر لي ڪا ڳالھھ ملائيشيا وارن کان چاھيندو ھو تھ آئون يڪدم فون تي ڊئريڪٽ تنڪو کي چوندو ھوس. ڪنھن ڳالھھ تي تنڪو ناخوش ھوندو ھو تھ آئون پنھنجن حاڪمن کي سمجھائيندو ھوس ۽ پوءِ ان ئي وقت ملائيشيا واري پاسي ٻڌائيندو ھوس.
ڪابينا جي وزيرن جون جيڪي دعوتون ٿينديون ھيون، انھن ۾ مونکي ھميشھ گھرايو ويندو ھو. ان ۾ ڪو واڌارو نھ آھي تھ مونکي دنيا جي ٻين سفيرن کان وڌيڪ ۽ جھٽ پٽ، ترجيح ملي ٿي. ساڳي وقت اسان جي وزير خارجھ راجا رتنام کي بھ مون سان ڳالھائيندي وڌيڪ بي تڪلفي محسوس ٿي ٿي جو اسان پراڻا دوست ھئاسين. سفير جي حيثيت ۾ مون حڪومت جو ھڪ ٽڪو بھ خرچ نھ ڪيو. مون نھ پگھار ورتو ٿي ۽ نھ ڪو ٻيو خرچ پکو. مون وٽ پنھنجو سڀ ڪجھھ ھو ۽ پنھنجو خرچ ڪندي ۽ وقت ڏيندي مونکي دلي خوشي ٿي ٿي تھ آئون سنگاپور ۽ ملائيشيا لاءِ سٺي خدمت ڪري رھيو آھيان. سنگاپور جي حڪومت مونکي اھا بھ ڇوٽ ڏئي ڇڏي ھئي تھ آئون "سفير" ھجڻ جي سرڪاري نوڪريءَ سان گڏ پنھنجي بئنڪ جي چيئرميني بھ قائم رکندو اچان.
منھنجي حڪومت مونکي ھاءِ ڪميشن (سفارتخاني) لاءِ پنھنجي عمارت ٺھرائڻ جي سلسلي ۾ پٽ خريد ڪرڻ لاءِ چيو. ڪوالالمپور ۾ گولف ڪلب جي ڀر ۾ ايسو (ESSO) ڪمپني وارن جو وڏو پلاٽ ھو. ايسو وارن سان منھنجي وڏي عرصي سان ڄاڻ سڃاڻ ھئي. مون ھنن کي منٿ ميڙ ڪئي تھ ھو اھو پٽ پنجاھ ھزار ڊالرن ۾ اسانکي وڪڻي ڏين جيتوڻيڪ ان وقت بھ ان جي اصل قيمت وڏي ھئي. اسان اتي پنھنجي ھاءِ ڪميشن ٺاھي. منھنجي زال انٽيريئر ڊيڪوريشن کي ڏسڻ ۾ مدد ڪئي ۽ مون ٻاھر جو باغيچو ٺاھيو. مون پنھنجي لاءِ سنگاپور کان پنھنجو بورچي آندو ھو پر وڏين دعوتن ۾ مونکي ڪوالالمپور جي مڪاني ھوٽلن مان پڻ بورچين جي مدد ملي وئي ٿي. ڪڏھن ڪڏھن وڏن ماڻھن جي دعوت، گھر ۾ ڪرڻ بدران، پنھنجي بئنڪ جي برانچ آفيس جي پينٽ ھائوس ۾ ڪئي ٿي. اھو مائونٽ بئٽن روڊ تي ھو. آئون ۽ منھنجي زال ڪوالالمپور ۾ چڱا مشھور ٿي وياسين ۽ سخت مشغول زندگي گذارڻ لڳاسين.
اسان پير پنڌ ڀرڻ لاءِ ملائيشيا جي مختلف رياستن جي سلطانن وٽ ويندا ھئاسين جيڪي اسان جي وڏي گرمجوشيءَ سان آڌر ڀاءُ ڪندا ھئا. منھنجي نوڪريءَ جو ٽرم آگسٽ 1969ع ۾ ختم ٿيو ۽ ڪوالالمپور ڇڏڻ کان اڳ اسان ملائيشيا جي بادشاھھ سان ملڻ وياسين. ھن اسان کي چانديءَ جي فريم ۾ پنھنجو ۽ راڻيءَ جو فوٽو تحفي ۾ ڏنو. وزيراعظم تنڪو عبدالرحمان، تن رزاق ۽ تن ڊاڪٽر اسماعيل پڻ اسانجي مان ۾ وڏيون دعوتون ڪيون. ان وقت کان وٺي، اڄ تائين عيدالفطر تي آئون ھميشھ ھنن پراڻن دوستن وٽ ڪوالالمپور ۾ ويندو رھان ٿو. ڪيترا مونکي ھينئر بھ "يوئر ايڪسيلنسي" چئي مخاطب ٿيندا آھن پر آئون کين ھميشھ اھو ئي چوندو آھيان تھ بابا آئون ھاڻ ڊپلومئٽ نھ رھيو آھيان.
ڪوالالمپور (ملائيشيا) ڇڏڻ وقت اسان جنھن وٽ آخر ۾ ڪرٽسي ڪال ڀريو اھو جوھور رياست جو سلطان ھو. ان بعد "ڪاز وي" (پل) ٽپي اسان جو ملڪ (ٻيٽ) سنگاپور ٿو اچي. جوھور جي سلطان اسانکي سندس "بڪت سيرين" واري محل ۾ لنچ ڪئي ھئي. مانيءَ بعد موڪلائي نڪتاسين تھ واٽ تي مون واري پراڻي ڪار لنڪن خراب ٿي پيئي اسان کي بيھڻو پيو. سلطان بھ اسان جي پٺيان ھو تنھن بھ پنھنجي گاڏي بيھاري ۽ اسان کان بيھڻ جو سبب پڇيو. ھن کي ڏاڍو افسوس ٿي رھيو ھو جو ھو ڪنھن وڏي ڪار ۾ ھجڻ بدران ننڍڙي اسپورٽس ڪار ۾ ھو جنھن ۾ وھڻ لاءِ کائنس علاوھ فقط ھڪ باڊي گارڊ جي وھڻ جي جاءِ ھئي. پر پان اسانکي چيو "پرواھ نھ ڪريو، آئون توھان کي ھينئر جو ھينئر سنگاپور موڪلڻ جو بندوبست ڪريان ٿو." ۽ پوءِ اسان سان گڏ رستي تي ٿي بيٺو ۽ سندس رياست جوھور جي نمبر پليٽ واري ڪنھن وڏي گاڏيءَ جو انتظار ڪرڻ لڳو. آخر ھڪ لنگھي جنھن کي بيھاري، ڪار جي مالڪ چيو: "آئون توھان جو سلطان آھيان. ھز ايڪسيلنسي سنگاپور جي ھاءِ ڪمشنر جي ڪار خراب ٿي پئي آھي. توھان منھنجي پاران ھن کي پاڻ سان سنگاپور وٺي وڃو." اھو ٻڌي آئون ڏاڍو خوش ٿيس.

جپاني ٿائلنڊ کي نقصان نھ پھچائي سگھيا

ٿائلنڊ بھ مون لاءِ اسپيشل ملڪ رھيو آھي. ٿائلنڊ ۾ رھندڙ منھنجا ڪيترائي چيني دوست مون واري صوبي سواتو جا آھن ۽ منھنجا ھم عمر ئي آھن. 1949ع کان وٺي منھنجو ٿائلنڊ وڃڻ ٿيندو رھيو آھي. بئنڪاڪ جا ٽاپ بئنڪر منھنجي علائقي جا چيني آھن جن سان منھنجو شروع کان ئي واسطو رھيو آھي. منھنجو ھڪ تھ سٺو دوست مسٽر تان پـِـيات چـِـن (جنھن جو ٿائي نالو چن سوفون پانيچ ھو)، بئنڪاڪ بئنڪ جو پريزيڊنٽ ھو. ٻي وڏي لڙائيءَ کانپوءِ جڏھن ھو سنگاپور ۾ بئنڪ کولڻ لاءِ جاءِ ڳولي رھيو ھو تھ مون ھن کي پنھنجي ڪمپني "واھ ھن" واري بلڊنگ (جيڪا رابنسن روڊ تي ھئي) جي مٿين ماڙ جي آڇ ڪئي. مون ھنن کي اھا جاءِ سڄي سال لاءِ بنا مسواڙ جي ڏني جيسين ھنن نيو برج روڊ تي پنھنجي عمارت خريد ڪئي. اھو دوستي جو اظھار ھو جيڪو اسان ٽيوچو زبان ڳالھائڻ وارا چيني ڪندا آھيون. اھو نھ تھ مسٽر چن مسواڙ نٿي ڏيڻ چاھي، پر مون وٺڻ کان صاف انڪار ڪيو. ھڪ ڏينھن ھن مونکي اوميگا پليٽينم واچ تحفي ۾ ڏني جنھن جي قيمت پڪ ھزار ھا ڊالرن ۾ ھوندي.
سال کن رکي پوءِ مون بھ جڏھن پنھنجي اوور سيز يونين بئنڪ (OUB)کولي تھ ٿائلنڊ جي ھڪ ٻي مشھور چيني شخصيت مسٽر تي گانگ لائو (جنھن جو ٿائي نالو انڊين تيجا پائيبل ھو) ۽ بئنڪاڪ ميٽرو پوليٽن بئنڪ جو صدر ھو، منھنجي مدد لاءِ مئنيجر موڪليا. منھنجي سوڪرم ناواپان سان پڻ سٺو رستو رھيو. پاڻ ٿائي مليٽري بئنڪ جو صدر ھو. مسٽر چولنگ (بانچا) رام سم جيڪو ٿائي فارمس بئنڪ جو صدر ھو، سان پڻ منھنجي سٺي ياري دوستي رھي ۽ ھڪ ٻئي جي ڪم ايندا رھياسين. اسين سڀ ٽيوچو زبان ڳالھائڻ وارا چيني ھئاسين. اسان جي بئنڪن ھڪ ٻئي جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪيو ٿي. مون راءِ ڏني تھ ٿائي بئنڪون بارٽر سسٽم ۾ حصو وٺن. ٿائي ماڻھو اسان ڏي چانور موڪلين ۽ اسين سنگاپور کان دٻن ۾ بند ٿيل کاڌو ۽ ٻيو امپورٽيڊ سامان موڪليون. ھي ايل سي (Letter of Credit) ذريعي ڪم شروع ڪيو ويو. جنھن ۾ ٻنھي پاسن جي ڌرين کي فائدو رسيو ٿي. ٿائلنڊ کان چانور آڻيندڙ جھازن کي خالي نٿي موٽڻو پيو. ھنن کي ان جي بدلي سنگاپور مان سامان کڻي وڃڻو پيو ٿي. منھنجي ٿائي شھنشاھي خاندان سان پڻ سٺي ڏيٺ ويٺ ٿي وئي. ھو جڏھن بھ سنگاپور ايندا ھئا تھ سندن خدمت چاڪريءَ جو بندوبست آئون ڪندو ھوس ۽ بئنڪاڪ ۾ آئون بھ ڪڏھن ڪڏھن ھنن جو مھمان ٿي رھندو ھوس.
ٿائلنڊ جي وزيراعظم جي راءِ تي ٿائلنڊ جي بادشاھھ مونکي ‘Noble Order of the Crown of Thailand’ جي ڪمانڊر جو اعزاز ڏنو. ھي ھڪ تمام وڏو اوارڊ آھي. مونکي فخر آھي تھ آئون پھريون سنگاپوري باشندو آھيان جنھن کي ھي اعزاز مليو. ٿائلنڊ ۽ اسان جي OUB (اوور سيز يونين بئنڪ) گروپ جا تعلقات اڃان تائين سٺا ھلندا اچن. ٿائلنڊ جي ھر وزيراعظم جا مونسان دوستن وارا ناتا رھيا آھن. گھرو معاملن ۾ ٿائي ماڻھو بھ چينين وانگر آھن، ھو پاڻ کان وڏي جي عزت ڪن ٿا. گذريل زماني ۾ جڏھن انگريز ۽فرينچ بيحد طاقتور ھئا ۽ ھنن آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن کي پنھنجيون ڪالونيون پئي ٺاھيو، پر ٿائلنڊ جي حاڪمن ۽ عوام پنھنجي ملڪ کي ڪالوني ٿيڻ کان بچائي ورتو ۽ ٻي عالمي لڙائيءَ ۾ جيتوڻيڪ جپاني ٿائلينڊ پھچي ويا پر ھنن ٿائلنڊ وارن کي ڪو خاص نقصان نھ رسايو. ٿائلنڊ جو بادشاھ ئي رھيو ۽ جپانين ڪڏھن بھ ائين نھ چيو تھ ”ٿائلنڊ تي ھاڻ اسانجو قبضو آھي. اسان ھن ملڪ کي بدلائڻ چاھيون ٿا“.

پنھنجي ڪمائيءَ جو ڪجھھ حصو ھميشھ غريبن کي ڏجي

جڏھن آئون ننڍو ھوس تھ آئون پڙھي نھ سگھيس. ننڍي ھوندي ئي يتيم ٿي ويس. ملڪ ۾ ڏڪاري حالتون ھيون. پڙھڻ پوءِ جي ڳالھھ ھئي مزوري ڪري پيٽ جي باھھ وسائڻ ۾ ئي پورو ھوندو ھوس. ان بعد اسڪول وڃڻ کان وڏو ٿيس ۽ پوءِ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انھن ئي ماڻھن کي رکڻو پيو جيڪي تعليم يافتھ ھئا. اھو ھنن لاءِ بھ سٺو ھو ۽ مون لاءِ بھ سٺو ھو. جن ماڻھن سان منھنجي اٿڻي ويھڻي ھئي ۽ جنھن سوسائٽي ۾ آئون رھيس ٿي اھا منھنجي لاءِ يونيورسٽي ھئي. آئون تھ اھو چوندس تھ انسان جي تعليم وٺڻ جي عمر وئي ناھي. ھو ھر دور ۾ تعليم حاصل ڪري سگھي ٿو. آئون جڏھن ٻار ھوس تھ غربت ڪري چين ۾ مونکي تھ اسڪول وڃڻ نصيب نھ ٿيو ھو سو منھنجي ھميشھ اھا خواھش رھي آھي تھ غريب ٻآرن جي مدد ڪجي جيئن ھو تعليم وٺي سگھن.
جڏھن کان آئون پيرن تي بيٺس- يعني 22 سالن جي ڄمار تي پھچي پنھنجو ڌنڌو شروع ڪيم تڏھن کان پنھنجي ڪمائيءَ جو ڪجھھ حصو ھميشھ تعليم لاءِ ڪڍندو اچان. انگريزن جي حڪومت ۾ فقط ذھين شاگردن کي برٽش اسڪولن ۾ داخلا ملي سگھي ٿي. پوءِ چيني واپارين ھمت ڪئي ۽ چندا جمع ڪري عوام لاءِ ڪاليج ۽ يونيورسٽيون کوليائون جيئن غريبن جا ٻار بھ تعليم جھڙو زيور حاصل ڪري سگھن. مونکي خوشي آھي تھ انھن سخي مردن ۾ آئون بھ ھڪ ھوس جن نانيانگ يونيورسٽي ۽ نگي ائن ڪاليج (جيڪو ھينئر نگي ائن پولٽيڪنڪ سڏجي ٿي) کي ٺھرائڻ ۾ حصو ورتو. مون نئشنل يونيورسٽيءَ کي بھ چڱو پئسو ڏنو ٿي جيئن انھن شاگردن جي مدد ٿي سگھي جيڪي ٽيوشن افورڊ نٿا ڪري سگھن. منھنجي لاءِ اھا خوشي ۽ عزت جي ڳالھھ آھي تھ آئون نئشنل يونيورسٽي ڪائونسل جو ڏھن سالن کان بھ مٿي چيئرمين ٿي رھيس.
مون پنھنجي ذات ليئين (Lien) نالي 1980ع ۾ Lien Foundation قائم ڪئي جيڪا ضرورتمندن جي مدد ڪرڻ لاءِ خيرات ڏئي- خاص ڪري تعليم جي ميدان ۾. پراڻن ڏينھن ۾ سنگاپور جي شاگردن کي چين جي يونيورسٽين ۾ موڪليو ويو ٿي. پر 1949ع ۾ مائوءَ جي اچڻ کان پوءِ جڏھن چين جي سياسي سوچ بدلي، ھنن جو چين وڃڻ بند ٿي ويو. پوءِ چائنيز چئمبر آف ڪامرس وچ ۾ آيو جيئن ڪا واھھ ڳولھي سگھجي. جنوري 1953۾ تان لارڪ ساءِ (Tan Lark Sya) نانيانگ يونيورسٽي کولڻ جي رٿ پيش ڪئي پر انگريز حڪومت ڪا دلچسپي نھ ڏيکاري. ان ڪري اسان واپار سان واسطو رکندڙ چينين ھڪ لميٽيڊ ڪمپني ٺاھي. ھڪ ھوڪين ڳالھائيندڙ چيني "ھوئي ڪئان" (Huay Kuan) ان يونيورسٽيءَ لاءِ جورونگ جي علائقي ۾ پنھنجي 500 ايڪڙ زمين (جنھن تي ھن رٻڙ جي پوک ڪئي ٿي) Donate ڪيا. مون ھر ٻيو ڏينھن اوڏانھن گذاريو ٿي. آرڪيٽيڪٽ انجنيئر سان بحث مباحثو ڪرڻ، گاھھ ۽ وڻ ڪٽرائڻ، انھن جا لاھھ ڪڍرائي عمارت ٺاھڻ جي قابل بنائڻ، وغيره وغيره. مسٽر تان لارڪ ساءِ جنھن رٻڙ جي پوک مان وڏي ملڪيت ميڙي ھئي تنھن پنج ملين ڊالر پڻ ڏنا. اڌ ملين ڊالر مون بھ چندي ۾ ڏيڻا ڪيا پر جيئن تھ آئون انھن ڏينھن ۾ ھڪ ھلڪو ڦلڪو بزنس مئن ھوس سو اھا رقم ھڪ ئي وقت ڏيڻ بدران مون ٻن سالن ۾ قسطون ڪري ڏني.
مون آمريڪا وڃي ڊاڪٽر لـِـين يو تاگ کي مڃرايو تھ ھو اسانجي يونيورسٽيءَ جو پھريون چانسلر ٿئي. پاڻ وڏو اسڪالر ۽ ليکڪ آھي. پاڻ منھنجي چوڻ تي ڪجھھ عرصي لاءِ اسانجي يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿي رھيو.
بلڊنگون ڏسڻ ۽ ٺھرائڻ منھنجو شوق رھيو آھي. ڪنھن سٺي ھوٽل يا بئنڪ جي ٺھڻ جو ٻڌندو آھيان تھ ھلي وڃي ان کي ڏسي ايندو آھيان- چاھي کڻي ڪٿي بھ ھجي. گھڻو اڳ نيويارڪ جي وال اسٽريٽ تي مون ارونگ ٽرسٽ جي بلڊنگ ڏٺي. ان بلڊنگ جي ائڊريس نمبر 1، وال اسٽريٽ ھئي. مون بھ پنھنجي بئنڪ جي ائڊريس 1رئفلس پليس رکڻ چاھي ٿي جنھن ۾ آئون ڪامياب ٿيس.
آئون بيحد خوش آھيان تھ مون زندگيءَ ۾ گھڻو ئي ڪجھھ ٺاھيو خاص ڪري جڏھن تھ آئون خالي ھٿين چين کان آيس. پر اھو آھي تھ مون وٽ سخت محنت ڪرڻ جي قابليت ھئي. اڄ آئون پنھنجي ڪمائيءَ جو 48سيڪڙو ان ئي سوسائٽي ۽ ملڪ جي ضرورتمندن کي امداد طور ڏيان ٿو جن کان آئون ڪمايان ٿو. ھي فلسفو آئون پنھنجي پيءُ کان سکيس جيڪو جيتوڻيڪ ايڏو امير نھ ھو پر ھن کي پنھنجي ڳوٺ جي ماڻھن جي مدد ڪندي خوشي ٿي ٿي. ھن مونکي ھميشھ اھا نصيحت ڪئي ٿي تھ پنھنجي ڪمائيءَ جو ڪجھھ حصو غريبن ۽ ضرورتمندن کي خيرات ۾ ضرور ڏجي.

سنگاپور جي مسٽر ڄائو واري ڪھاڻيءَ ۾ ڏنل فوٽ نوٽس

-1 چين توڙي جپان، انڊنيشيا ۽ ملائيشيا وغيره ۾ اھو رواج ھلندو اچي تھ ڪن خاص رنگن جو استعمال فقط شاھي گھراڻو يا ملڪ جا حاڪم ئي ڪري سگھن ٿا. جيئن اڄ بھ ملائيشيا ۾ ڦڪو (زردو) رنگ ملئي سلطانن جي نشاني سمجھيو وڃي ٿي.
-2 اوڻھين سڄي صدي چين ۾ مردن ۾ چوٽي رکڻ جو رواج ھو. مذھبي توڙي سماجي لحاظ کان مرد لاءِ چوٽي رکائڻ ضروري سمجھيو ويو ٿي. ايتريقدر جو سنگاپور جي ھڪ مشھور امير واپاري ھئمپوئا جو پٽ انگلنڊ مان اعليٰ تعليم حاصل ڪري موٽڻ مھل چوٽي ڪٽائي، انگريزي ھيئر ڪٽ ڪرائي آيو تھ سندس پيءُ کيس سنگاپور ۾ رھڻ بدران يڪدم سندس اباڻي وطن چين موڪلي ڇڏيو تھ وڃي سڌري اچي.
-3 چينين جي ميٿالاجي مطابق ٻارھن سالن جو چڪرو ٿئي ٿو ۽ ھر سال ڪنھن جانور (ڀولڙي، ڪوئي، شينھن سوئر وغيره) جو سال ٿئي ٿو ۽ ان سال ۾ ڄاول ٻار جي وصفن ۽ عادتن تي ان جانور جي سٺاين ۽ مداين جو اثر رھي ٿو. اھي جانورن جا سال وري پنجين پنجين چڪر ۾ وڌيڪ اھم ٿيو پون- يعني جملي سٺ سالن ۾ ھر ھڪ جانور ھڪ دفعو گھڻو اھم ٿيو پوي جيئن مسٽر چائو جي ڄمڻ واري گھوڙي جو سال ھو. اھو خاص سال ھو جنھن ۾ اھو باھھ جو گھوڙو سڏجي ٿو.
-4 چينين جي نئين سال واري ڏينھن تي جيڪا ٻارن کي خرچي ملي ٿي اھا چيني زبان ۾ انگ پائو سڏجي ٿي. انگ پائو (Ang Pow) گھڻو ڪري ڳاڙھن لفافن ۾ وجھي ڏني ويندي آھي ۽ نھ فقط پنھنجن ٻارن کي پر مائٽن ۽ دوستن جي ٻارن کي پڻ ڏني ويندي آھي جيڪي ان ڏينھن تي گھمڻ ايندا آھن. ھي چيني لفظ انگ پائو ھن پاسي جي ملڪن (ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور وغيره) ۾ ايڏو عام ٿي ويو آھي جو ويندي عام خرچي يا بونس بھ انگ پائو سڏيو وڃي ٿو. ويندي رشوت کي پڻ. (ھونءَ ھانگ ڪانگ ۾ جتي سنگاپور وانگر منڊارن چيني زبان بدران ڪئنٽونيز چيني زبان سرڪاري ٻولي آھي، انگ پائو کي لائي سي (Lai See) چون.
-5 ڪيٽي وزن جو ماپ آھي ۽ ھڪ ڪلو گرام کان گھٽ ٿئي ٿي. ھن پاسي (ڏور اوڀر) جي ملڪن ۾ اناج يا ميوو سير، ڪلو گرامن يا پائونڊن ۾ تورڻ بدران ڪيٽين ۾ تورين. ڪيٽي (Kati) ملئي زبان جو لفظ آھي پر ھن پاسي جا چيني توڙي مدراسي عام طور اھائي تور استعمال ڪن. جيئن اسان وٽ ان جون پاٽيون يا ڪاٺين جي لـَـڏ.
-6 رور وئلي (River Valley) روڊ ڪولمئن پل وٽان شروع ٿي ڪليمانجارو ايوينيو تائين ھليو وڃي ٿو. رور وئلي پل جي ساڄي پاسي (اتر اوڀر ۾) فورٽ ڪئننگ پارڪ آھي ۽ کاٻي پاسي آرڊ روڊ، ريڊ اسٽريٽ، ڪئننگ لين وغيره آھن. ليانگ ڪورٽ ۽ ھوٽل نيو اوتاني بھ اتي آھن. مسٽر چائو کي اڄ مني صدي گذرڻ بعد بھ اھو Exact ھنڌ ياد آھي جتي ھو چاچي سان گڏ سئمپان (Sampon) مان لٿو ھو ۽ سنگاپور ٻيٽ جي ڌرتيءَ تي پھريون قدم رکيو ھو.
-7 پئسي وارو ٿيڻ بعد مسٽر چائو پنھنجن ٻين مائٽن جو بھ خيال رکيو. سندس ھڪ مائٽ ٻڌايو تھ چائوءَ اھو انسان آھي جنھن ھر ان ماڻھوءَ جي مدد ڪئي ۽ ان کي اڳتي وڌايو جنھن ھن جي (چائو جي) غربت وارن ڏينھن ۾ سندس مدد ڪئي. بئنڪاڪ وارو سندس چاچو جنھن چائوءَ کي سنگاپور پھچايو، ان کي چائوءَ پنھنجي ڪمپنيءَ ۾ اسٽور مئن ڪري رکيو. ھو آھستي آھستي وڌندو ويو تانجو ان ڪمپنيءَ جو وڃي چيئرمين ٿيو.
-8 ھي فريزر اھو آھي جنھن جي نالي ملائيشيا ۾ مشھور خوبصورت ٽـَـڪري (Hill Resort) فريزر ھل نالي آھي.
-9 لوڪ يو (Loke Yew) ھڪ امير ۽ وڏو سخي مرد چيني ھو جيڪو سنگاپور ۾ ھڪ غريب ٻار جي حيثيت ۾ 1858ع ۾ آيو ۽ اڳتي ھلي رٻڙ ۽ ٽين جي واپار ۾ وڏو پئسو ٺاھيائين. ھن رئفلس ڪاليج ۽ ڪيترين ئي اسپتالن کي پنھنجي کيسي مان وڏا فنڊ ڏنا.
-10 مسٽر چائو جيتوڻيڪ پنھنجي ڪم جي نوعيت لاءِ اھو ئي چوندو رھي ٿو تھ مزيدار ۽ سولو آھي پر حقيقت ۾ ھن کي سخت محنت ڪرڻي پيئي ٿي جنھن جو اعتراف سنگاپور جا حاڪم پڻ ڪن ٿا. مسٽر چائوءَ لاءِ راجا رتنام (سابق وزير خارجھ) ويجھڙائيءَ ۾ ھڪ ھنڌ بيان ڏنو ھو تھ:
“Mr. Lien Ying Chow knew lots of People. A professional diplomat cannot move around so easily. A shrewed businessman has a knack for discounting disinformation. He was very useful in Singapore”.

سنگاپور ھڪ ٻيٽ بھ آھي تھ ملڪ بھ

سنگاپور ٻيٽ بابت ھتي گھڻو تفصيلي احوال لکڻ نٿو چاھيان. ھن ٻيٽ بابت ھر روز اخبارن ۾ مختلف ماڻھن جا سفر ناما ايندا رھن ٿا. منھنجو بھ ھن ٻيٽ سان ستر واري ڏھاڪي کان وٺي واسطو رھيو آھي. جپان، ڪوريا، ھانگ ڪانگ، ٿائلنڊ ۽ چين وغيره ايندي ويندي سنگاپور ۾ جھاز ۽ جھاز جي عملي جي ضرورت جو سامان کڻڻ لاءِ جھڙوڪ، تيل، پاڻي، مشينري ۽ کاڌي جو سامان. ان بابت انھن ڏينھن جو احوال مختلف سفرنامن ۾ لکندو رھيس. ان بعد ملائيشيا ۾ اٺ نـو سال رھڻ دوران ھر وقت سنگاپور اچڻ وڃڻ لڳو رھيو ۽ بس، ڪار ۽ ٽرين رستي سنگاپور ۽ ملائيشيا جي وچ۾ سفر ڪرڻ ائين آھي جيئن حيدرآباد کان ڪراچي اچجي. بھر حال انھن ڏينھن جي سنگاپور بابت تفصيلي احوال ھنن ٽن ڪتابن ۾ آھي:

- سنگاپور ويندي ويندي
- سنگاپور ٿو سڏ ڪري، ۽
- آل ابائوٽ سنگاپور.

ان ڪري ھتي، ھن مشغول ۽ ماڊرن ٻيٽ بابت وڌيڪ لکڻ اجايو ثابت ٿيندو. مختصر ھن ريت تھ ھي ٻيٽ انگريزن پاران ھنن جي نمائندي سراسٽئمفورڊ رئفلس ھتي جي ملئي حاڪم کان ھٿ ڪري ٺاھيو جوڙيو. انھن ڏينھن ۾ رئفلس بينڪولين جو ليفٽيننٽ گورنر ھو. بينڪولين (جنھن کي ملئي زبان ۾ بينگڪولو بھ سڏين) انڊونيشيا جي ٻيٽ سماترا جو انھن ڏينھن ۾ مشھور بندرگاھھ ھو. انھن ڏينھن ۾ انڊيا جو گورنر جنرل لارڊ ھئسٽنگس ھو. ھن جي اجازت سان رئفلس ھن ويران ٻيٽ (سنگاپور) جي ڳالھھ چوري ۽ پھريون دفعو 28جنوري 1819ع ۾ ھن ٻيٽ تي قدم رکيو. انھن ڏينھن ۾ سنگاپور جي ڀروارو ٻيٽ ريائو وڏي شان شوڪت وارو ھو جتي ھن تـَـر جو ملئي حاڪم ۽ ٻيا مان شان وارا ماڻھو رھيا ٿي. پر پوءِ اسٽئمفورڊ رئفلس ۽ ان کانپوءِ وارن ٻين انگريز حاڪمن ۽ ھن دور ۾ ھن ٻيٽ جي چيني پرائيم منسٽر لي ڪئان يو ھن ننڍڙي ۽ پٺتي پيل ايشيائي ٻيٽ کي ھڪ سھڻو، ماڊرن، پرامن ۽ طاقتور ملڪ بنائي ڇڏيو آھي.
جتي ملائيشيا ختم ٿئي ٿو ۽ ملائيشيا جي آخري رياست جوھور جو وڏو شھر ۽ بندرگاھھ جوھور بارو آھي اتان ميل ٻن جي پل (Cause Way) ٽپي ھن ٻيٽ تي پھچي سگھجي ٿو. ھن ٻيٽ جي550 چورس ڪلوميٽر پکيڙ آھي. ھن ٻيٽ تي رھندڙ 25 لک عوام ۾ ٽي حصا چينين جا آھن جيڪي گھر ۾ پنھنجي پنھنجي صوبي جي چيني زبان ڳالھائين ٿا پر آفيس ۽ ڪاليج ۾ منڊارن (چيني زبان) ڳالھائين ۽ اھا زبان سنگاپور جي چئن قومي زبانن مان ھڪ سرڪاري زبان آھي. ھن ٻيٽ جون باقي ٽي سرڪاري زبانون ھي آھن: ملئي، تامل ۽ انگريزي. ھي ٻيٽ ملئي علائقي ۾ ھجڻ ڪري ٻئي نمبر تي ملئي ڳالھائيندڙ گھڻا آھن. ۽ ٽئي نمبر تي تامل. انگريزن جي ڏينھن ۾ ڏکڻ ھندستان کان ڪيترائي مدراسي تامل ھتي آيا. دراصل شروع ۾ ھي ٻيٽ مدارس پريزيڊنسي ۾ ھو جيئن سنڌ جو صوبو ڌار ٿيڻ کان اڳ انتظام جي حساب سان بمبئي پريزيڊنسي سان لاڳاپيل ھو.
سنگاپور جو ٻيٽ ھندي وڏي سمنڊ ۽ ڏکڻ چيني سمنڊ جي سنگم وٽ ائين آھي جيئن ڏکڻ آفريڪا جو بندرگاھھ ڪيپ ٽائون ڏکڻ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۽ ھندي وڏي سمنڊ جي ميلاپ وٽ آھي. اڄ ڪلھھ سڄي ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ سنگاپور وڏي ۾ وڏو بندرگاھ آھي. ساڻس بئنڪاڪ، ھانگ ڪانگ، منيلا، شنگھائي ۽ ٽوڪيو جھڙا بندرگاھھ بھ مقابلو نٿا ڪري سگھن ۽ سڄي دنيا ۾ ھي چوٿون نمبر وڏو بندرگاھھ آھي.
سنگاپور کي 19 آگسٽ 1965ع تي انگريزن طرفان خودمختياري ملي. ھي ٻيٽ خط استوا جي بلڪل ويجھو آھي. اٽڪل 85 ميل (137ڪلوميٽر ) اتر ۾ آھي. ان ڪري ھتي ڏينھن رات ھڪ جيڏا ٿين اٽڪل ٻارھوئي ھڪ ئي موسم رھي. خط استوا جي ويجھو ھجڻ ڪري گرمي گھڻي ھجڻ کپي پر ٻارھوئي مينھن ۽ جھڙ ڪري ڏينھن جو گھڻو حصو ٿڌڪار واري موسم رھي ٿي. مينھن کان بچاءُ کڻي ڪو ضروري نھ سمجھي پر اس جي بچاءُ لاءِ پاڻ سان ڌوپ ڇٽي رکجي يا مٿي تي ٽوپي. ڇو جو ھنن ملڪن ۾ جڏھن سج نڪري ٿو تھ ان جا ڪرڻا سڌا پون ٿا ۽ ڏينھن لڳي (Sun Stroke) ٿي سگھي ٿو. ان کان پاڻ کي بچائجي-خاص ڪري پرديس ۾.

سيشلز ٻيٽ چار لک چورس ڪلوميٽرن ۾ پکڙيل آھن

ھونءَ ٻيٽن سان سڄي دنيا ڀري پيئي آھي. ھر سمنڊ ۾ ٻيٽ آھن. ڪٿي ڪٿي تھ ھڪ ئي ھنڌ ھزارين ٻيٽ آھن جيئن انڊونيشيا، فلپين کان وٺي جپان تائين ويھھ ھزار کن ٻيٽ ٿيندا. يورپ ۽ ڪئناڊا پاسي بھ ھزارين ٻيٽ آھن پر ڪن سببن ڪري ٽوئرسٽن جي ڪشش جو باعث ھندي وڏي سمنڊ جا ٻيٽ وڌيڪ رھيا آھن پوءِ چاھي مالديپ ۽ موريشس ٻيٽ ھجن يا سري لنڪا ۽ سيشلز.
يورپ ۽ ڪئناڊا پاسي ٻارھوئي ٿڌ رھي ٿي ان ڪري ان طرف ڪو وڃڻ پسند نٿو ڪري. آخرڪار ڪنھن ڏورانھن ٻيٽ تي وڃي ڪو پنھنجو پاڻ کي بند ڪمري ۾ رکي چلھھ اڳيان ھٿ سيڪڻ نٿو چاھي. ھو گنجي ۽ گوڏ يا ڪڇي ۽ چڍيءَ ۾ کليل فضا ۾ گھمڻ چاھي ٿو. سمنڊ جي ڪناري تي ويھي ٿڌي ھير جو لطف وٺڻ چاھي ٿو. سمنڊ ۾ ترڻ ۽ سمنڊ اندر رھندڙ مخلوق جو نظارو ڪرڻ چاھي ٿو جيڪو ٿڌن ملڪن جي ٻيٽن تي ڏکيو آھي. انڊونيشيا ۽ فلپين جھڙن ملڪن جا ٻيٽ ھڪ ٻئي جي ويجھو آھن. بالي ۽ سماترا جھڙن ٻيٽن تي رھي اھو احساس نٿو ٿئي تھ چوڌاري سوين ميل سمنڊ آھي. ان احساس لاءِ مالديپ، موريشس ۽ سيشلز (Seychelles) جھڙا ٻيٽ مشھور آھن. ائين تھ پئسفڪ سمنڊ ۾ بھ فجي، سموئا، ٽونگا جھڙا انيڪ ٻيٽ آھن پر اتان پاڻي جي جھاز يا ھوائي جھازن جو ايترو لنگھھ ناھي جيترو مٿين ٻيٽن وٽان. بھر حال ھتي اسان موريشس (Mauritius)۽ سيشلز (Seychelles) ٻيٽن جو ذڪر ڪنداسين جيڪي آفريڪا کنڊ جي ڀرسان ھندي وڏي سمنڊ ۾ آھن. سيشلز ٻيٽن جو جھڳٽو مئڊاگاسڪر (مالاگاسي) ٻيٽ جي مٿان اتر ۾ آھي ۽ موريشس ٻيٽ مئڊاگاسڪر ٻيٽ جي ساڄي پاسي اوڀر ۾ آھن. ۽ ھي ٻئي ٻيٽ (سيشلز ۽ موريشس) دنيا جي ڏکڻ اڌ گول ۾ آھن-يعني اسين اتر اڌ گول ۾ آھيون ۽ ھي ٻيٽ خط استوا جي ھيٺان آھن ۽ خط استوا اھو خيالي ليڪو آھي جيڪو دنيا جي گولي جي پوري وچ مان لنگھي ٿو ۽ ٻڙي (Zero) ويڪرائي ڦاڪ (Latitude)سڏجي ٿو ۽ ان جي Parallel مٿي ھيٺ ويندڙ ليڪن جي ڊگرين جو انگ وڌندو وڃي ٿو ۽ اتر ۽ ڏکڻ قطب وٽ اھو وڌ ۾ وڌ نوي ڊگريون ٿئي ٿو. ڪراچي 25 ڊگريون اتر واري ويڪرائي ڦاڪ تي آھي. ترڪيءَ جو شھر انقرھ، ازبڪستان جو شھر بخارا، چين جو شھر بيجنگ ۽ اسيپن جو شھر مئڊرڊ وغيره 40 ڊگريون اتر ۾ آھن. اھڙي طرح آسٽريليا جو شھر ميلبورن بھ 40 ڊگرين تي آھي پر ڏکڻ اڌ گول ۾ آھي.
ھندي وڏي سمنڊ جا سيشلز ٻيٽ 4 ڊگريون ڏکڻ کان 11ڊگريون ڏکڻ تائين پکڙيل آھن. ڪل سؤ کن ٻيٽ آھن جن مان ماھي (Mahe) ٻيٽ سڀ ۾ اھم ٻيٽ آھي ۽ مئڊاگاسڪر ٻيٽ جي سرزمين کان 1100ڪلوميٽر آھي. ھن ٻيٽ (ماھي) تي ھن ملڪ (ريپبلڪ آف سيشلز) جي گاديءَ جو شھر وڪٽوريا آھي. ماھي ٻيٽ جي پکيڙ 100کن چورس ڪلوميٽر آھي ۽ ان جي وڏي شھر وڪٽوريا جي آدمشماري ٽيھھ ھزار آھي- يعني ٽنڊي ڄام ۽ پني عاقل کان بھ گھٽ ماڻھو آھن.
سيشلز جا ٻيٽ ھڪ ٻئي کان ايڏو تھ پري پري پکڙيل آھن جو سمجھھ ۾ نٿو اچي تھ ملڪ جو انتظام ڪيئن ٿو ھلي. اھو بھ شڪر آھي جو آدمشماري گھٽ آھي ۽ ھر ھڪ امن امان ۾ رھي ٿو. ھر ٻيٽ جو رھواسي پنھنجي چوڌاري ڦھليل سمنڊ مان مڇيون ۽ موتي حاصل ڪري سڪون سان وقت گذاريو ويٺو آھي نھ تھ ھي ٻيٽ سمنڊ جي ڏيڍ لک چورس ميلن (يعني چار لک چورس ڪلوميٽرن) ۾ پکڙيل آھن. خاص ۽ اھم ٻيٽن تي ھوائي جھازن ۽ پاڻيءَ جي جھازن، لانچن ۽ فيرين ذريعي پھچڻ جي سھوليت آھي جتي ڌارين ملڪن جا ماڻھو خاص ڪري يورپي موڪلن جا ڏينھن گذارڻ لاءِ اچن ٿا. ٻارھوئي جھڙ ڦڙ ھجڻ ڪري موسم خوشگوار رھي ٿي

سيشلز ٻيٽن تي پھرين عرب آيا

سيشلز جي ھڪ سؤ ٻيٽن مان 60 کن ڪورال(Coral) ٻيٽ آھن ۽ 40 جابلو Granite پٿر جا. سمنڊ ۾ گھڻو ڪري ان ئي قسم جا ٻيٽ ٿين ٿا. يعني ڌرتي وانگر سمنڊ جي تري تي بھ جبل آھن ۽ انھن جبلن جون چوٽيون ۽ مٿاھان حصا ٻيٽ آھن. اھي سامونڊي جبل جن جون چوٽيون اچي اچي سامونڊي سطح کان ڪجھھ فوٽ ھيٺ تائين پھچن ٿيون اھي نيويگيشن (جھاز راني) لاءِ عذاب ھوندا آھن. انھن چوٽين سان جھاز جو ھيٺيون حصو لڳي ڀڄي ڀري پوندو آھي. اھڙي قسم جي رڪاوٽن جي خبر نقشي (Navigational Chart) مان يا رڊار مان پوندي آھي ۽ جھاز کي اھڙن جبلن ۽ زير آب ٻيٽن کان بچائي ھلائڻو پوندو آھي.
ٻي قسم جا ٻيٽ ڪورال ٻيٽ سڏجن ٿا. ڪورال (Coral) ھڪ قسم جو سامونڊي پٿر آھي جيڪو سامونڊي شين ۽ ساھوارن جي چنبڙڻ سان وڌندو رھي ٿو. ھڪ ڪاٺ جي ٻيڙي يا لوھھ جو جھاز سمنڊ ۾ گھڻو وقت رھي ٿو تھ ان جي ٻاھرين جسم تي بھ ان قسم جي Sea Growth ڄميو وڃي جنھن ۾ سـِـپن ۽ سينيار کان مڇي ۽ گانگٽن جا ڇلر ٿين ٿا جيڪي اھڙا سخت ڄميل ٿين ٿا جو مترڪن ۽ ريتيءَ جي Blast سان ئي لاھي سگھجن ٿا. سو سمنڊ جي ڪـِن ڪـِن حصن تي ان قسم جي ڪيميائي اثر ڪري سامونڊي شيون پٿر ائين صورت اختيار ڪنديون رھن ٿيون ۽ اھا ليول ايترو وڌيو وڃي جو سمنڊ جي سطح کان ٻاھر ٻيٽ ٿي ظاھر ٿئي ٿو. ان قسم جا ٻيٽ مينھن جي ڇيڻي وانگر گول ۽ تانگھا ٿين ٿا ۽ انھن جي چوڌاري سمنڊ بھ تانگھو ٿئي ٿو.
چيو وڃي ٿو تھ عرب جھازي پھريان ھئا جيڪي ھنن ٻيٽن (Seychelles) تي پھتا. ان ۾ ڪو شڪ ناھي تھ پورچوگالي، ڊچ توڙي انگريز ۽ فرينچ پوءِ بھادر بنيا ۽ پنھنجا ٻيڙا ھاڪاري آفريڪا، ايشيا ۽ چين تائين پھتا نھ تھ سمنڊن تي حڪومت عربن جي ھئي-خاص ڪري اسلام کان پوءِ واري دور ۾. تڏھن تھ ھو مراڪش (المغرب) کان اسپين، پورچوگال ۽ فرانس کان وڃي نڪتا ۽ ھن پاسي ھندي سمنڊ ڏي ڪيترن بندرگاھن ۽ ٻيٽن جا نالا عربي زبان جا آھن جھڙوڪ ممباسا، دارالسلام، سرانديپ وغيره ۽ ڪيترن ٻيٽن تي ان وقت کان مسلمان رھن ٿا. بھر حال ھنن ٻيٽن کي بھ پھريان ڳولھڻ وارا عرب ھئا ان بعد سورھين صديءَ جي شروعات ۾ پورچوگالين کي ھي ٻيٽ نظر آيا جن ھنن ٻيٽن کي ست ڀينرون سڏيو پر لکت ۾ رڪارڊ فقط انگريزن جو ملي ٿو جيڪي پڻ انھن ئي ڏينھن ۾-لڳ ڀڳ 1609ع ۾، انگلش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ طرفان ھتي پھتا جتي کين ڪو ماڻھو ڇيڻو تھ نظر نھ آيو البت پيئڻ لاءِ پاڻي، پکي پکڻ، ميوا مڇيون جام مليون. رڻ پٽ صحارا وانگر سمنڊ تي سفر ڪرڻ واري مسافر کي بھ مٺي پاڻيءَ جي سخت ڳولا رھي ٿي.

سنڌ جا ”سامونڊي ڦورو“بھ گھٽ نھ ھئا

شروع ۾ آيل عرب توڙي پورچوگالي ھتي (سيشلز ٻيٽن) تي ٺاھھ ٺڪاڻو ڪري نھ رھيا ۽ نھ وري ان وقت آيل انگريز ٽڪيا. ھر ھڪ جو ٻيڙو رستو ڀلجي يا پاڻيءَ جي ڳولا ۾ ھتان اچي نڪتو ٿي ۽ ڪجھھ ڏينھن آرام بعد پنھنجن جھازن کي کاڌن پيتن سان ڀرائي اڳتي جي سفر لاءِ ھاڪاري ويا ٿي. البت پوءِ سگھو ئي سامونڊي ڦورو (Pirates) وڌيڪ آرگنائيز ٿيڻ تي ھنن ويران ٻيٽن تي رھڻ ۽ ڦر جو مال لڪائڻ لڳا. ننڍي پئماني جا قزاق (سامونڊي ڦورو) ڪنارو ڏيئي لنگھندڙ جھاز ڦريندا ھئا ۽ ڦر جو مال اتي ئي پاڻ ۾ ورھائي پنھنجي گھر وڃي سکيا ٿيندا ھئا. ان ڪم ۾ سنڌ جا سامونڊي ڦورو بھ گھٽ نھ ھئا. ھو ايندڙ ويندڙ عرب توڙي چينين جي جھازن لاءِ ٻائيتال مچايو ويٺا ھوندا ھئا، جنھن جو ذڪر ستين صدي جي آخر (چچ حڪومت) ۽ اٺين صدي جي شروع وارن سالن (ڏاھر جي حڪومت) جو، چچ نامي جھڙي تاريخي ڪتاب ۾ بھ آيل آھي. شاھھ لطيف بھ پنھنجن بيتن 1689)ع کان 1752ع واري دور) ۾ ڪيو آھي.

"دنگي وچ درياھ، ڪي ٻڏي ڪي اپڙي
ھو جي واڍي واڻيا، سي سونھڻ سڀ سـَـڙيا،
معلم ماڳ نھ اڳيئن، فرنگي منجھھ ڦـِـريا،
ملاح! تنھنجي مڪڙي، اچي چور چڙھيا
جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاري تنھنجي!"

بھر حال ارڙھين صديءَ جي اڌ ڌاري-شاھھ لطيف جي وفات وارا ڏينھن ئي سمجھو- فرينچن نھ فقط ھنن ٻيٽن تي قبضو ڪيو پر ٺھي ٺڪي ويھي رھيا ۽ ھي ٻيٽ جيڪي ست ڀينرون سڏيون ويا ٿي انھن جو نالو Secheiles (سيشلز) رکيو جيڪو فرينچ زبان جو آھي ۽ ان وقت جي فرينچ حاڪم شھنشاھھ لوئي پنڌرھين جي وزير خزانھ مسٽر وڪومتي موريو ڊي سيشلز جي ياد ۾ رکيو ويو. ماھي (Mahe) ٻيٽ جيڪو ھنن ٻيٽن جي گاديءَ وارو ٻيٽ آھي ان جو نالو پڻ فرينچن رکيو. اھو نالو برٽرانڊ ماھيءَ تان پيو جيڪو ان وقت موريشس ٻيٽ جو گورنر ھو.
فرينچ بھ ھتي گھڻو نھ رھيا ۽ آخرڪار 1814ع ۾ ھن ٻيٽن تي انگريزن جو قبضو ٿي ويو جن ھنن ٻيٽن کي پئرس معاھدي ھيٺ سيشلز کي موريشش جي Dependency ۾ رکيو. (موريشس پڻ انگريزن فرينچن کان حاصل ڪيو). انگريزن سيشلز جو نالو ساڳو رکيو پر ان نالي جي اسپيلنگ فرينچ زبان جي Secheilesمان بدلائي انگريزي زبان جي اسپيلنگ Seychelles ڪئي جيئن ملاڪا جي Melaka مان بدلائي Malacca ڪئي يا جيئن زنجبار عربي لفظ مان زئنزيبار ڪيو.
سيشلز جي رھاڪن جو گذر سفر مڇيءَ جي شڪار کان علاوھ عمارتي ڪاٺ تي آھي. مينھن جام وسي ٿو ۽ وڻ سٺي جنس جا آھن جن جو ڪاٺ فرنيچر ۾ استعمال ٿئي ٿو. فرانس جي ڪيترن گھرن ۾ سيشلز کان امپورٽ ٿي آيل ڪاٺ جا پلنگ ۽ ڪرسيون نظر اينديون. ان کان علاوھ ھي ٻيٽ وڏي سائيز جي ڪـُـمين (Turtles) کان پڻ مشھور آھن. ھتي جي ماڻھن انھن جي وڪري جي ايڏي ڌم لڳائي جو اھو الڪو ٿي پيو تھ ڪٿي ھنن ڪـُـمين جو نسل ئي نھ ختم ٿي وڃي. انھن جي ويجھھ کي وڌائڻ لاءِ انھن جي وڪري تي اڄ ڪلھھ بندش وڌي وئي آھي.

ٽوئرزم گھٽجڻ ڪري سيشلز ٻيٽ غريب ٿيندا وڃن

1903ع ۾ سيشلز کي انگريزن ھانگ ڪانگ وانگر ڪرائون ڪالوني (Crown Colony) جو درجو ڏنو ۽ 29 جون 1976ع تي کيس خودمختياري ملي ۽ برٽش ڪامن ويلٿ جو ڇٽيھون ميمبر بنايو ويو. ھنن ٻيٽن تي انگريزن ۽ فرينچن کان علاوھ انڊين، ملئي ۽ آفريڪا جا شيدي پڻ رھن ٿا. 1981ع تائين ھن ٻيٽ جون انگريزي ۽ فرينچ سرڪاري زبانون ھيون پر ھاڻ انھن بدران ھتي جي مڪاني زبان Creole کي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو ويو آھي جيڪا فرينچ، انگريزي ۽ آفريڪي زبانن جو مڪسچر آھي. نوي في صد ماڻھن جو مذھب رومن ڪئٿولڪ آھي.
ملڪ جو صدر انتظاميھ جو بھ سربراھھ آھي. ھو ملڪ جي خارجھ، بچاءَ ۽ داخلي معاملن لاءِ بھ جوابدار آھي. ھو وزيرن کي رکي ۽ لاھي سگھي ٿو. ڪابينا ۾ وزيراعظم ۽ ڏھھ وزير ٿين جيڪي نئشنل اسيمبلي جي 25 چونڊيل ميمبرن مان ٿين. ملڪ ۾ سپريم ڪورٽ ۽ سول ۽ ڪرمنل ڳالھين لاءِ ڪورٽ آف اپيل بھ آھي. جيتوڻيڪ تعيلم ڪمپلسري نھ آھي ان ھوندي بھ نوي سيڪڙو ماڻھن جو تعليم يافتھ آھي. پرائمري تعليم جا ڇھھ سال مفت آھن. ملڪ ۾ صحت ۽ ھائيجن جو معيار چڱو مٿاھون آھي. ٽراپيڪل بيماريون جيڪي آفريڪي ملڪن ۾ تمام گھڻيون ۽ عام ٿين اھي ھتي نھ برابر آھن. ھتي جا ماڻھو مڇي ماني وارا ضرور آھن پر ڪي خاص امير بھ نھ آھن. ڇو جو ڪمائيءَ جا ڪي خاص ذريعا نھ اٿن. مڇيون بھ ھڪ حد تائين جھلي سگھن ٿا ۽ مڇين جي ڪيترن قسمن ۽ ڪمين جي ڦاسائڻ ۽ وڪڻڻ تي بندش آھي. ٻيلا بھ ڏينھون ڏينھن وڃن ختم ٿيندا جن جي ڪاٺ مان ھنن جي ڏاڏن پڙ ڏاڏن چڱو ڪمايو. سيشلز جي ڪنھن بھ ٻيٽ تي ڪنھن بھ قسم جون کاڻيون يا ڌاتوءَ جا ذخيرا نھ آھن. ٽوئرزم ئي ھڪ اھڙي شيءَ آھي جنھن مان غير ملڪي ناڻي جي ڪمائي ٿئي ٿي. امير ملڪن جا ماڻھو موڪلون گذارڻ لاءِ ھنن ٻِيٽن تي اچن ٿا. ھوٽلن ۾ رھن ٿا. کائين پيئن ۽، گھمن ڦرن ٿا ۽ ان چڪر ۾ ھو چڱو پئسو خرچ ڪريو وڃن. پر اڄ ڪلھھ ڏينھون ڏينھن ماڻھو ڪنجوس ٿيندا وڃن، ٻاھر ڊپ واريون حالتون وڌنديون وڃن، گھمن جون جايون وڌنديون وڃن ۽ ھر ڪو ملڪ چاھي ٿو تھ ٻين ملڪن جا سياح ھن جي ملڪ م گھمڻ لاءِ اچن. سڀ کان وڏي ڳالھھ تھ مھانگائي ۽ گھٽ پگھار جتي ڪٿي جو مئسلو ٿي پيو آھي ۽ ھرڪو گھمڻ ڦرڻ لاءِ وقت ۽ پئسو ضايع ڪرڻ بداران گھر ويٺي ڊسڪوري ۽ نئشنل جاگرافڪ جھڙا چئنل ڏسيو دل خوش ڪريو ڇڏي. ان کان علاوھ ڏينھون ڏينھن وڌندڙ بدامنيءَ، گندي پاڻيءَ، مڇرن ۽ خوفناڪ بيمارين-خاص ڪري ايڊس ڪيترن ئي خفتين کي ڊيڄاري وڌو آھي ۽ ھرڪو ڌارين ملڪن ۾ وڃي رلڻ پنڻ کان گھر ۾ سکيو رھڻ ۾ بھتر عاقبت سمجھي ٿو. نتيجي ۾ سيشلز جھڙا ٻيٽ ايندڙ مسافرن لاءِ واجھائيندا رھن ٿا. ھنن جون ھوٽلون، ڪلب ۽ سامونڊي ڪنارا سال جو وڏو حصو ويران ئي رھن ٿا.

موريشس اڪيلو ٻيٽ ۽ ملڪ آھي

سيشلز، مالديپ ۽ ويندي لکديپ ھڪ ٻيٽ نھ پر ٻيٽن جا جھڳٽا آھن پر ماريشس (Mauritius) سري لنڪا ۽ سنگاپور وانگر اڪيلو ٻيٽ ۽ ملڪ آھي. ھيري جي شڪل جھڙو ھي ٻيٽ ايراضيءَ ۾ 1870 چورس ڪلوميٽر (سنگاپور ٻيٽ کان اٽڪل ٽيڻو) مئڊاگاسڪر ٻيٽ کان 800 ڪلوميٽر اوڀر ڏي ھندي وڏي سمنڊ ۾ آھي. ھن ٻيٽ تي انگريز، فرينچ ۽ ٻيا يورپي، انڊين، ملئي ۽ عرب رھن ٿا. پورٽ لوئيس ھن ٻيٽ جي گاديءَ جو ھنڌ آھي ۽ ھن ٻيٽ جو نالو موريشس (يا ماريشس) ڊچن (ھالنڊ جي رھاڪن) رکيو جيڪي ھن ٻيٽ تي سورھين صديءَ جي آخري سالن ۾ آيا. ھنن اھو نالو ان وقت جي ڊچ حاڪم شھزادي Mourice de Nassau جي مان ۾ رکيو.
چون ٿا تھ ھن ٻيٽ تي اوائلي دور ۾ عرب ۽ ملئي پھتا پوءِ سورھين صديءَ جي شروعات وارن سالن ۾ پورچوگالين ھن ٻيٽ کي ڳولي لڌو ۽ ھن جو نالو پنھنجي پورچوگالي زبان ۾ Ilha do Cime رکيو جنھن جي معنيٰ (Island of Swan)ھنس پکيءَ جو ٻيٽ آھي. پورچوگالين جيئن ٻين ڪيترن ملڪن ۾ ڪيو- يعني ھو سٺا Navigatores (جھاز ران) ھئا ۽ يورپي قومن ۾ سڀ کان اڳ ھنن مختلف ٻيٽ ۽ ملڪ ڳولي لڌا ٿي- ويندي ٺٽي ۾ بھ پھرين پورچوگالي پھتا ھئا (انگريز گھڻو گھڻو پوءِ پھتا ھئا) پر ھنن ڪٿي بھ ڄمائي وھڻ پسند نٿي ڪيو. بعد ۾ جيئن مٿي لکي آيو آھيان تھ ڊچ آيا انھن ھتي ديرو ڄمايو پر فقط 1710 تائين. ان بعد ھي ٻيٽ فرينچن جي قبضي ۾ آيو جن ھن جو نالو Isle de France (فرانس جو ٻيٽ) رکيو. ھي ٻيٽ 1722ع کان 1767ع تائين فرانس جي فرينچ ايسٽ انڊيا ڪمپني جي ھٿ ھيٺ رکيو ان بعد فرينچ حڪومت جي زيردست رھيو.
ٻي جنگ عظيم کان وٺي فرانس ۽ برطانيھ کير کنڊ ٿي ويا آھن ۽ ھاڻ وتن ٻين کي ڀاشائون ڏيندا نھ تھ ان کان اڳ-خاص ڪري ارڙھين اوڻيھن صديءَ ۾ اھي ڪي چڱا مڙس نھ ھئا. ٻين جي گھرن يعني ملڪن کي ڌاڙا ھڻندا رھيا پر سندن پنھنجي پاڻ ۾ بھ چانڊين منگسين واري لڳل ھئي. فرينچن جو موريشس ٻيٽ تي قبضو ھجڻ ڪري اوسي پاسي کان لنگھندڙ انگريزن جي جھازن تي (توڙي ٻين يورپي جھازن تي) ھي فرينچ ڏاڍا مڙس حملا ڪندا ھئا جيئن ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي بالادستي انگريزن، ڊچن يا پورچوگالين جي نھ پر سندن (فرينچن) جي رھي. انگريزن بھ ڏٺو تھ ھي (فرينچ) جيئڻ نھ ڏيندا ۽ ھندي وڏي سمنڊ ۾ موريشس جھڙو ٻيٽ کين ڇا ھٿ اچي ويو آھي بس انڌي کي لٺ ملي وئي آھي جنھن کي پيو گھمائي ۽ ٻين جا مٽڪا ڀڃي. آخر 1810 ۾ انگريزن فرينچن تي حملو ڪري موريشس ٻيٽ کي پنھنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ ھن ٻيٽ جو نالو Isla de France مان بدلائي موريشس ڪيو.

موريشس ٻيٽ جي EPZ ڪري ايڪانامي بھتر ٿي آھي

موريشس ٻيٽ فرينچن جي قبضي بعد ڏيڍ صدي کن انگريزن جي حوالي رھيو. 12 مارچ 1968ع تي کيس انگريزن طرفان خودمختياري ملي ۽ يونائٽيڊ نئشن جو ۽ برٽش ڪامن ويلٿ جو ميمبر ٿيو. 1987ع ۾ ڪوالالمپور ملائيشيا ۾ جڏھن ڪامن ويلٿ جي ميمبرن (وزيراعظمن)جي ميٽنگ ٿي ھئي ۽ پاڪستان کان بينظير صاحبھ ۽ انگلنڊ کان ٿيچر ۽ اتي جي راڻي صاحبھ ايلزبيٿ آئي ھئي تھ آئون اتي ملائيشيا ۾ ھوس. اسانجي ڳوٺ جو ايم اين اي ۽ انھن ڏينھن جو وزير مواصلات مخدوم امين محمد فھيم پڻ اتي آيل ھو. ان ئي ھوٽل ۾ ھن ٻيٽ موريشس جو وزيراعظم انرود جگن ناٿ رھيل ھو. جي ھا پاڻ (بلڪ سندس وڏن) جو تعلق ھندستان سان آھي. مٿي لکي آيو آھيان تھ موريشس ٻيٽ تي انڊين بھ رھن ٿا جيڪي انگريزن جي ڏينھن ۾ ۽ ڪيترا تھ ان کان بھ اڳ ھن ٻيٽ تي پھتا. ھندستان جي مختلف علائقن سان گڏ سنڌ جا بھ ڪيترائي واپاري (سنڌ ورڪي) ھن ٻيٽ تي رھيل آھن جن جا وڏا منو صدي کن اڳ ھتي آيا. سال ٻھ اڳ موريشس جو وزيراعظم مسٽر رام غلام ھو جنھن جي پڻ نالي مان لڳي ٿو تھ ھن جو تعلق ننڍي کنڊ سان آھي. 1987ع وارن ڏينھن ۾ ھن ٻيٽ موريشس جو گورنر جنرل ويراسوامي رنگادو ھو جيڪو نالي مان مدراسي لڳي ٿو. بھر حال موريشس جي Head of State (وڏڙي) فجي ۽ سيشلز ٻيٽن وانگر انگلنڊ جي راڻي ايلزبيٿ آھي.
ھي ٻيٽ موريشس پئسي ڏوڪڙ جي معاملي ۾ سيشلز، مئڊاگاسڪر، مالديپ ۽ ٻين اوسي پاسي جي ٻيٽن کان سکيو ستابو آھي. ھن ٻيٽ جا ماڻھو مڇي جي واپار ڪمنڊ جي پوک ۽ ٽوئرزم مان تھ ڪمائين ئي ٿا پر حڪومت طرفان 1970 کان ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون (EPZ) ٺاھڻ ڪري ھتي جي ماڻھن کي گھر ويٺي سٺو روزگار ملي ويو آھي. ھن اسڪيم ھيٺ يورپ، آمريڪا ويندي چين، جپان ۽ ڪوريا جا واپاري بنا ٽئڪس ڏيڻ جي ھتي EPZ واري علائقي ۾ پنھنجين شين جا ڪارخانا ھڻي مال کي ٻين ملڪن ڏي ايڪسپورٽ ڪري سگھن ٿا. مثال طور آمريڪا جي ڪمپني Arrow پنھنجيون قميصون نيويارڪ يا لاس اينجلس جي ڪارخانن ۾ ٺاھي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ موڪلڻ بدران ھتي انھن ملڪن جي ويجھو ھن ٻيٽ موريشس ۾ ٺاھي موڪلي سگھي ٿو. ساڳي وقت ھتي جي مزوري آمريڪا جي مزورن کان گھٽ پوي ٿي. نتيجي ۾ ڪارخاني وارن جي مزوري ۽ ڀاڙو بچي ٿو. موريشس جي ماڻھن کي ٻين ملڪن ۾ ڌڪا کائڻ بدران پنھنجي ملڪ ۾ وڏين ڪمپنين ۾ سٺي پگھار تي نوڪري ملي ٿي. اھڙي طرح موريشس جي EPZ ۾ سوني، نئشنل، سانيو، ڪوڊاڪ، منولٽا، سانيو، ھونڊا جھڙيون سوين فئڪٽريون آھن جن ۾ 80ھزار کن ماڻھو ڪم ڪن ٿا. ھونءَ ھن ٻيٽ جي آدم شماري يارھن لک کن آھي.

زنجبار جنھن کي انگريز Zanzibar سڏين ٿا

ھندي وڏي سمنڊ جي ٻيٽن جو ذڪر ڪندي خاص ڪري آفريڪا کنڊ جي ڀرپاسي وارن ٻيٽن: سيشلز، موريشس ۽ مئڊاگاسڪر جو احوال لکندي زئنزيبار (Zanzibar) ٻيٽ جي ڳالھھ نھ ڪرڻ ناانصافي ٿيندي.
زئنزيبار ٻيٽ (جنھن کي مڪاني ۽ عربي زبان ۾ زنجبار سڏجي ٿو) اڄ ڪلھھ تنزانيا ملڪ جو حصو آھي نھ تھ صديون اڳ تائين ھن ٻيٽ جي پنھنجي الڳ ٿلڳ حيثيت ھئي. اڄ ڪلھھ انجڻين تي ھلندڙ پاڻي وارا جھاز ۽ ھوائي جھاز جتي ڪٿي پھچيو وڃن ۽ جڏھن دل چاھي سامونڊي سفر ڪري سگھجي ٿو نھ تھ اوڻھين صديءَ جي آخر تائين ھڪ ملڪ کان ٻئي تائين پاڻيءَ جي جھاز ۾ سفر ڪرڻ ڪو سولو ڪم نھ ھو. ھوائي جھاز تھ اڃان ايجاد بھ نھ ٿيا ھئا. پاڻيءَ جا جھاز ڪپڙي جي سڙھن تي ھوا ۽ لھرن جي رخ مطابق ڪن خاص طرفن ۽ رفتار تي ھليا ٿي. ھوا بند ٿي وڃڻ تي ٻھ ٻھ ڏينھن بھ ھڪ ھنڌ بيٺا ھوندا ھئا.
اسان وارن علائقن ۾ جھازن جي گھڻي چرپر چوماسي جي ھوائن (Monsoon) مطابق ٿي ٿي. ۽ پوءِ ڪي ڪي بندرگاھھ ۽ ٻيٽ اھڙا ھئا جن وٽان جھاز جو لنگھھ ٿيندو ئي ٿيندو ھو. زنجبار (Zanzibar) ٻيٽ بھ انھن مان ھڪ ھو جيڪو سانوڻي جي موسم ۾ لڳندڙ trade winds (تجارتي ھوائن) جي آڌار تي گلف (عرب ملڪن) کان نڪرندڙ جھازن جي روٽ تي ھو. ھو اتر کان نڪرندا ھئا ۽ آفريڪا جو ڪنارو ڏئي جڏھن ھيٺ ڏکڻ ڏي ھلندا ھئا تھ رستي تي ممباسا ۽ دارالاسلام جھڙا بندرگاھھ ۽ زنجبار جھڙا ٻِيٽ ايندا ھئا. جن تي ترسي ساھي پٽيندا ھئا ۽ اڳتي جي سفر جي تياري ڪندا ھئا. ڪيترا تھ دير سان پھچڻ وارا، ھوائن جي ختم ٿيڻ جي خوف کان اڳتي وڌڻ بدران پاڻ سان آندل مال ھنن ھنڌن تي ئي کپائي واپسي جي ھوائن جو انتظام ڪندا ھئا. ان ڪري ممباسا، دارالاسلام ۽ زنجبار (زئنزيبار) جھڙيون جايون وڏا تجارتي مرڪز ھئا. سچ تھ اھي وڏا خوشحال بندرگاھھ ھئا جن جون ڳالھيون لوڪان لوڪ مشھور ھيون. ڪيترا ڏورانھن ديسن جا امير (واپار کي وڌائڻ لاءِ) ۽ غريب (روزگار ڪمائڻ لاءِ) ھتي اچي ٽـِـڪي پيا ٿي. ان کان علاوھ زئنزيبار جي موسم بھ وڻندڙ رھي آھي. چوڌاري ساوڪ ۽ سڪون. جيڪا پوک ٿي ٿي- يعني ناريلن ۽ لونگن جي تنھن جو بھ سڄي دنيا ۾ اگھھ ھو. ڀروارن آفريڪي ملڪن کان وٺي ھندستان، ايران ۽ عرب ملڪن (خاص ڪري عمان) جا عام ماڻھو، واپاري، پورھيت، ڪاريگر ۽ سلطان رھيا ٿي. ھي ٻيٽ (Zanzibar) ويھين صديءَ جي اڌ تائين بھ اڄ جو ھانگ ڪانگ ۽ سنگاپور ھو، دبئي ۽ ڪويت ھو. بقول ھڪ انگريز ليکڪ جي:
Even the name (Zanzibar) is enticing, suggestive of Sultans, spices and palm fringed shores. The land of Sindbad, Livingstone and Stanley, Burton and Spoke; birth place of 20th century rock idol Freddie Mercury…

زئنزيبار (زنجبار) ٻيٽ شيدي غلامن جي وڪري کان مشھور رھيو آھي

ھي ٻيٽ (زئنزيبار) آفريڪا کنڊ جي سرزمين کان فقط 25ميل پري آھي. پر مزي جي ڳالھھ اھا آھي تھ ھن ٻيٽ جي ماڻھن، گھرن جي اسٽائيل، ڪلچر ۽ نموني مان ھي ٻيٽ آفريڪا جو نھ پر عرب ۽ انڊيا جو حصو لڳي ٿو. ھاڻ مڙيئي تنزانيا سان گڏجڻ بعد ۽ ماڻھن جي اچ وڃ ۽ حڪومتي نظام ۾ ڦيرو اچڻ ڪري ھي ٻيٽ آفريڪي لڳي ٿو. پر تنھن ھوندي بھ ڪيترائي گجراتي ۽ سنڌي ھندو، پنجابي ۽ پٺاڻ مسلمان، آغاخاني ۽ بوھري واپاري، ايراني ۽ عماني آفريڪي شيدين سان گڏ گڏ نظر اچن ٿا. زئنزيبار صدين کان واپار جو مرڪز رھيو آھي جنھن جو اثر ڏکڻ ۾ موزمبق تائين ۽ اتر ۾ عرب رياستن تائين ۽ اوڀر ۾ انڊيا تائين رھيو. عربن جون خاص ٻيڙيون جن کي ڌائو (Dhow) سڏجي ٿو مال سان ڀرجي آيون ويون ٿي. اھي ايران کان ريشم (Silk) ۽ چينيءَ جا ٿانو کڻي زئنزيبار پھتيون ٿي ۽ موٽ ۾ عرب ملڪن لاءِ سون ۽ عاج، عمارتي ڪاٺ ۽ غلام کڻي ويون ٿي. عمان جي سلطان تھ پنھنجا محل ۽ حرم بھ ھن ٻيٽ تي قائم ڪيا ھئا ۽ تاريخ جي سونھري دور (سترھين ۽ ارڙھين صدي) ۾ ھن ٻيٽ تي عمان جي سلطانن حڪومت ڪئي. 1980ع ۾ تھ ھي ٻيٽ مسقط بدران عماني سلطنت جي گاديءَ جو ھنڌ مقرر ڪيو ويو ۽ دنيا ۾ شيدي غلامن جي تجارت کان مشھور ھو. ان وقت جو عماني سلطان سيد بن سلطان ھو.
اڄ بھ زنجبار ڪپڙي گندي ۽ پوشاڪ ۾ عربن جو شھر لڳي ٿو. مرد عربي اسٽائيل جي ٽوپي پائين ٿا ۽ عورتون (شيدياڻيون پڻ) پنھنجي سڄي جسم جي عبايا جھڙي ڊگھي قميص سان پاڻکي ڍڪين ٿيون. ڪيترائي لفظ عربي جا استعمال ٿين ٿا جئين تھ House of wonder کي "بيت العجائب" سڏين ٿا. اھا عمارت 1883ع ۾ عمان جي ٽئين سلطان، سيد برغاش ٺھرائي. ھيءَ ٽماڙ عمارت آھي ۽ ھن ٻيٽ تي اليڪٽرسٽي پھرين ھن عمارت ۾ آئي. اھڙي طرح ھڪ ٻي عمارت آھي جنھن جو نالو بيت الساحل آھي- يعني ڪناري واري جاءِ اھڙيءَ طرح ڪيترين شين جي عربي نالن مان محسوس ٿئي ٿو تھ ھن ٻيٽ تي عربن جو وڏو اثر رھيو آھي.

ترڪيءَ جي حرمن کان ميرن ٽالپرن جي حويلين لاءِ غلام ۽ کدڙا زئنزيبار کان آيا ٿي

روايتن موجب عمان جا عرب اٺين صدي کان اوڀر آفريڪا جي ڪناري وارن بندرگاھن ۾ رھڻ لڳا ھئا. ھنن جون سڙھ تي ھلندڙ ڌائو (ٻيڙيون) جيڪي اڄ جي سنڌونديءَ ۾ ھلندڙ ٻيڙين سان ڪافي ملن ٿيون. بحراحمر(Red Sea) ايراني نار (Persian Gulf) ۽ عماني نار مان نڪري، چوماسي وارين ھوائن جي آڌار تي آفريڪا کنڊ جي اوڀر وارو ڪنارو ڏيئي ھيٺ ڏکڻ ۾ موزمبق ملڪ تائين پھتيون ٿي ۽ ڇھن مھنن بعد South West Monsoon لڳڻ تي اھي واپس گلف جي ملڪن ڏي ويون ٿي. رستي تي صوماليا، ڪينيا ۽ ٽانگا نيڪا (جيڪو ھاڻ زئنزيبار سان ملي تنزانيا ٿيو آھي) جي ڪناري جي تڙن تي ترسيون ٿي ۽ مغديشو، ممباسا دارالسلام ۽ زئنزيبار جھڙا نالا اڄ بھ انھن ھنڌن جي تن ڏينھن جي اوج جي ياد ڏيارين ٿا.
انھن اوائلي آيل عماني عربن لاءِ رھائش لاءِ سڀ کان بھترين جاءِ زئنزيبار ٻيٽ ھو جيڪو ٻيٽ جي صورت ۾ الڳ ٿلڳ بھ ھو تھ ساڳي وقت آفريڪا کنڊ جي سرزمين کان پري بھ نھ ھو. سن 975ع ڌاري تھ حسن بن علي پنھنجن ڇھن پٽن سان شيراز (ايران) کان لڏي زئنزيبار ۽ اوڀر واري ننڍڙي ٻيٽ پيمبا (Pemba) تي اچي رھيو. زئنزيبار ٻيٽ جي ڏکڻ واري علائقي ۾ اڄ بھ ان وقت جي مسجد قائم آھي. ٻيٽ جو اھو علائقو قضم قاضي سڏجي ٿو ۽ ان مسجد تي 1107 جو سن اڪريل آھي. 1499ع ۾ پورچوگال جو مشھور جھازي واسڪو ڊيگاما ڪيپ آف گڊھوپ لتاڙي ھن ٻيٽ تي پھتو ۽ پوءِ سورھين صدي جي شروعات وارن سالن تائين ٻيا ايندڙ پورچوگالي ھن ٻيٽ (زئنزيبار) ۽ موزمبق تي پنھنجو ديرو ڄمائيندا ويا ۽ ڪيترين ڳالھين ۾ مڪاني سردارن سلطانن جي انتظامي ڪمن ۾ دست اندازي ڪرڻ لڳا.
1698ع ۽ 1699ع جي وچ واري عرصي ۾ عمان جي عربن ۽ مڪاني شيدي سھالين گڏجي پورچوگالين کي گھٽ ۾ گھٽ ھن ٻيٽ (Zanzibar) تان تڙي ڪڍيو.1744ع ۾ ممباسا جي حاڪم جنھن جو تعلق ماضوري خاندان سان ھو، عمان جي خلاف انقلاب آندو پر زئنزيبار جي ماڻھن عماني سلطان سان وفادار ٿي رھڻ جو اعلان ڪيو. ماضوريءَ وارن جي زئنزيبار خلاف جدوجھد سڄي صدي ھلندي رھي تانجو عمان جو ابو سعيدي حاڪم سلطان سيد بن سلطان 1837ع ۾ ماضوري وارن کي نتيجي خيز شڪست ڏني. ان بعد 1840ع ۾ سلطان سيد پنھنجي گاديءَ جو ھنڌ مسقط (عمان) مان ڦيرائي زئنزيبار ٻيٽ تي قائم ڪيو. ھن لاءِ بھ عمان جي گرم سرد موسم کان زئنزيبار جي موسم بھتر ھئي. ھر وقت جھڙ ڦڙ ۽ پاڻي موجود ھو. عمان ۾ ڌنڌو بھ جھڙو تھڙو ھو زئنزيبار ۾ لونگن ۽ ڦوٽن جھڙن مسالن سان گڏ عاج ۽ شيدي غلامن جھڙين شين جو وڪرو وڌيڪ اپت وارو ھو. عمان جي گاديءَ جو ھنڌ زئنزيبار ٿيڻ تي ھن ٻيٽ کي اڃان بھ وڌيڪ مشھوري ملي ۽ ڏينھون ڏينھن ھڪ وڏو تجارتي مرڪز ٿيندو ويو- خاص ڪري عاج ۽ حبشين جي وڪري کان. آفريڪا جي جنگلن ۾ آزاد ڦرندڙ ھاٿين جي ڌڻن کي ماري انھن جو عاج ھن ٻيٽ تي آندو ويو ٿي جتان اھو يورپ ۽ چين جي مارڪيٽن ڏي روانو ٿيو ٿي. ترڪي جي حرمن لاءِ غلام ۽ کدڙا، بلخ ۽ بخارا کان سنڌ جي ميرن ٽالپرن ۽ ھند جي راجائن لاءِ شيدي غلام زئنزيبار کان موڪليا ويا ٿي جيڪي آفريڪا کنڊ جي اندرن حصن ۽ گھاٽن جنگلن مان ڦاسائي واڪ ۽ وڪري لاءِ زئنزيبار پھچايا ويا ٿي.

1946ع ۾ آغا خان دارالسلام ۾ ھيرن ۾ توريو ويو

اوڻيھن صدي جي اڌ تائين زئنزيبار ٻيٽ ايڏو طاقتور ۽ بااثر ٿي ويو جو آفريڪا جي اڀرندي ڪناري وارن ملڪن (خاص ڪري ڪينيا ۽ تنزانيا، ويندي سوماليا ۽ زائر تائين) جي واپاري منڊين تي زئنزيبار جو ڪنٽرول ھليو ٿي. 1856ع ۾ سلطان سيد جي وفات کانپوءِ زئنزيبار جو عمان سان ڳانڍاپو ڪٽجي ويو. 1890ع ۾ برٽش حڪومت غلامن جي واپار تي مڪمل پابندي وڌي ۽ زئنزيبار کي ھانگ ڪانگ وانگر Protectorateبنائي رکيو. يعني اندروني طرح حڪومت برطانيھ وارن جي ھلي ٿي پر ظاھري طرح حاڪم عماني سلطان ھو.
1913ع کانپوءِ برطانيا طرفان ھن ٻيٽ زئنزيبار تي انگريز ريزيڊنٽ رھڻ لڳو ۽ 1926ع ۾ ليجسليٽو ڪائونسل ٺاھي وئي جنھن جا ميمبر جيتوڻيڪ برٽش ريزيڊنٽ جي چونڊ سان مقرر ٿيا ٿي پر سياست ۽ تجارت تي اڃان بھ عربن ۽ انڊين جو ھٿ رھيو. آفريڪا کنڊ جي مڪاني زبان سواحليءَ کان وڌيڪ عربي ھلي ٿي. انڊين واپارين ۾ گجراتي، سنڌي ھندو، پارسي ۽ آغاخاني گھڻا ھئا. اڄ بھ انھن قومن جا ڪافي ماڻھو ھن ٻيٽ تي رھن ٿا. 1936ع ۾ عماني سلطان، سيد خليفا بن ھاروب جي سلور جوبلي ملھائي وئي ھئي. ان موقعي جو شھر جي مين روڊ (پوسٽ آفيس جي ڀر واري) جو فوٽو ڪٿان مليو اٿم جنھن ۾ مختلف قومن جا ماڻھو قطار ۾ بيٺل آھن. سلطان ان وقت جي اعليٰ ڪار ۾ لنگھي رھيو آھي. ھن گھٽيءَ ۾ ان وقت گوا (انڊيا) جي رھاڪن جا گھڻا دڪان ھئا جو گوا پورچوگال جي ھٿ ۾ ھو ۽ پورچوگال گوانين کي جن جن ملڪن ۾ پاڻ رھيا ٿي، اتي ھنن کي سھولتون ڏنيون ٿي. بھرحال انھن گواني دڪانن: ڊي سـِـلوا، المينڊا، وغيره وغيره جي وچ ۾ ھڪ وڏو بورڊ سنڌي واپاري چوئٿ رام (B. Choitram) جو پڻ نظر اچي رھيو آھي. بعد ۾ ٻيا دڪان بند ٿي ويا يا ملڪ بدلجي ويا پر چوئٿ رام جو دڪان اتي ئي رھيو. اڄ بھ ان سنڌي ھندوءَ جا دڪان آفريڪا جي ڪيترن ملڪن کان ملائيشيا ۽ انڊونيشيا تائين پکڙيل آھن.
اخبار وارن يا ڪتاب جي پبلشر مٿي بيان ڪيل تصوير ڇاڀي تھ ان ۾ دڪانن ۾ مٿي گھرن جو انڊين نمونو پڻ ڏسي سگھو ٿا جيڪو آفريڪا جي عمارتسازيءَ کان بلڪل مختلف ڪراچي جي ايلفي، سنگاپور جي ھاءِ اسٽريٽ، ڪوالالمپور جي باتو روڊ جي دڪانن جھڙو آھي. جيڪي دڪان پڻ انگريزن جي دور حڪومت ۾ ننڍي کنڊ جي واپارين لاءِ ٺھيا.
ھن پاسي آغا خاني (اسماعيلي) بھ تمام گھڻا رھيا ٿي. خاص ڪري ھن ٻيٽ زئنزيبار تي، ڪمپالا (يوگنڊا) ۾، دارالسلام (ٽانگانيڪا جي گادي واري شھر ۽ بندرگاھھ) ۾، ممباسا ۽ نئروبي ۾، جن اڳتي ھلي 10 آگسٽ 1946ع تي آغا خان کي دارالسلام ۾ ھيرن ۾ توريو ھو. ڪنھن زماني ۾ دارالسلام جو ميئر عبدالڪريم ڪريمجي بھ زئنزيبار جو آغاخاني رھاڪو ھو. ھن جا وڏا يمن کان لڏي زئنزيبار آيا ھئا.

آفريڪا جي ڇتي اس کان پاڻ کي بچائجي

ٻي جنگ عظيم کانپوءِ مڪاني شيدي رھاڪن ۾ سياسي شعور پئدا ٿيو ۽ ھنن جي بي چينيءَ جو پھريون سبب اھو بڻيو تھ زئنزيبار جي ڪورٽن ۽ تعليمي درسگاھن جي زبان سواحليءَ بدران رڳو عربي ڇو آھي. 1950ع ۾ انگريزن طرفان ھن ٻيٽ جي رھاڪن کي سياسي پارٽيون ٺاھڻ جي اجازت ڏني وئي. زئنزيبار نئشنل پارٽي (ZNP) نج عرب پارٽي ٺھي. ان کان علاوھ زئنزيبار پيمبا پيپلس پارٽي (ZPPP) ۽ ائفرو شيرازي پارٽي (ASP) ٺھي. 1961ع واري اليڪشن ۾ حڪومت ZNP ۽ ZPPP جي حوالي ٿي. 1963ع ۾ بھ انھن ئي پارٽين کٽيو. 10 ڊسمبر 1963ع تي زئنزيبار کي برطانيھ طرفان خودمختياري ڏني وئي.
1964ع ۾ زئنزيبار ٻيٽ تي عماني عربن خلاف ڪافي خونريزي ۽ انقلاب آيو. ڪيترا يورپي ۽ ننڍي کنڊ جا ماڻھو بھ ھن ٻيٽ کي ڇڏي ويا. ٽانگانيڪا ۽ زئنزيبار ٻنھي گڏجي ھڪ ملڪ ريپبلڪ آف زئنزيبار ۽ ٽانگانيڪا ٺاھيو. ڇھن مھنن بعد انھن ٻن نالن بدران فقط ھڪ نالو تنزانيا رکيو ويو.
زئنزيبار بابت ھڪ انگريز ليکڪ جان گنٿر جو سفر نامو Inside Africa پڙھيو ھوم. ھن 1953-54ع ڌاري آفريڪا جي ڪيترن ئي ملڪن جو سير ڪيو ۽ انھن ملڪن بابت پنھنجا خيال قلمبند ڪيا. زئنزيبار ٻيٽ بابت سندس ڪجھھ ڳالھيون پڙھندڙن جي دلچسپي لاءِ ھتي لکان ٿو...
آفريڪا کنڊ جا جيڪي بھ شھر گھميو آھيان انھن ۾ فقط زئنزيبار ئي آھي جتي پکي انگريز ريزيڊنٽ جي گھر ڇت ۾ ٽنگيل بلبن جي ڇٽن (Chandeliers) ۾ آکيرا ٺاھين ٿا ۽ جتي مينھن وسڻ دوران بھ بدن جي کل سڙي ٿي. (اھا ڳالھھ مونکي بھ سمجھھ ۾ نھ آئي تھ ليکڪ جان گنٿر جو پکين جي آکيرن ٺاھڻ مان ڇا مطلب آھي ۽ اھو تھ نسوروئي وڌاءُ ٿو لڳي تھ مينھوڳيءَ ۾ بھ ايڏي گرمي ٿئي، ھا البت اھو ضرور آھي تھ سنڌ وانگر آفريڪا ۾ بھ گرمي ٿئي ٿي. سنڌ ۽ راجستان ۾ وري بھ سياري جي موسم ۾ سردي ٿئي ٿي پر زئنزيبار، ممباسا ۽ دارالسلام سنگاپور ۽ ملائيشيا وانگر خط استوا جي ويجھو آھن جتي سڄو سال گرمي رھي ٿي. پر جنھن وقت جھڙ ۽ ميھن رھي ٿو تھ ٿڌڪار ٿئي ٿي. ڪڏھن ڪڏھن مينھن وسڻ کانپوءِ يڪدم اس نڪرڻ ڪري سخت گرمي ٿئي ٿي ۽ جسم سڙڻ لڳي ٿو ۽ اھا ڪيفيت اسان وٽ بھ سانوڻيءَ جي ڏينھن ۾ ٿيندي آھي. ملائيشيا ۾ بھ گھڻو ڪري جھڙ رھي ٿو. ھڪ دفعي پينانگ جي ھوٽل ۾ جتي آئون رھيل ھوس يورپ پاسي جون رھيل ڪجھھ عورتون ۽ مرد صبح جو ڏھين يارھين بجي گنجين ۽ چڍين ۾ سمنڊ جي ڪناري ڏي سير لاءِ نڪتا. صبح کان جھڙ ۽ سنھي بوند بوند وسي رھي ھئي ۽ موسم ايڏي وڻندڙ ھئي جو ھي ھڪ ڏينھن اڳ يورپ کان آيل سياح پاڻ سان ڌوپ ڇٽي يا اس کان بچاءَ لاءِ مٿي تي رکڻ لاءِ ٽوال بھ نھ کڻي نڪتا. اتفاق اھڙو ٿيو جو ڪلاڪ سوا کانپوءِ بوندا باندي تھ بند ٿي وئي پر ڪڪر بھ ٽڙي پکڙي ويا ۽ پوءِ سج، سو بھ ٽراپيڪل ۽ خط استوا جو نڪري نروار ٿيو ۽ وقت بھ ٽاڪ منجھند جو ھو! ھنن اتر قطب جي يورپين جو تھ ساھھ ٿي نڪتو. بدن جي کل ناسي ٿي وئي ھين. ھفتو کن ملائيشيا ۽ ٿائلنڊ ۾ رھڻ جو پروگرام ٺاھڻ وارا ٻئي ڏينھن ئي مليبورن (آسٽريليا) ھليا ويا. سو منھنجي خيال ۾ زئنزيبار جو سفر نامو لکڻ واري ھن جوان سان بھ ڪجھھ اھڙو تجربو ٿيو ھوندو. ڇو تھ مينھن ۽ ساوڪ پنھنجي جاءِ تي پر اھڙن ھنڌن تي رکي رکي ٿيندڙ ڪراچيءَ جھڙي گھم (Humidity)۽ گــُھٽ، ۽ جيڪب آباد سبيءَ جھڙي اس ۽ تپش گھمڻ جي شوقين کي مٿي جو سور ۽ دست ڏيو ڇڏي. ان ڪري سنگاپور ۽ انڊونيشيا پاسي توڙي سعودي عرب ۽ گلف پاسي نڪرندڙ مسافر کي مينھن ۽ اس کان بچاءَ لاءِ پاڻ سان ھميشھ ڇٽي (Umbrella) يا بوڇڻ کڻڻ لاءِ چوندو آھيان جيئن ھن کي ڏينھن (Sun Stroke) نھ لڳي. باوجود پي ڪئپ پائڻ ۽ ٻي حفاظت جي اھڙي موسم ۾ ملاڪا جي نيول اڪيڊمي ۾ (جتي مون اٺ سال کن نوڪري ڪئي) اتي جا ڪئڊٽ اس ۽ گھم ڪري بيھوش ٿي ويندا ھئا.

زئنزيبار ٻيٽ تي حڪومت عربن جي ۽ واپار انڊين جي ھٿ ۾ ھو

زئنزيبار بابت جيمس لکي ٿو تھ دنيا ۾ ھيءَ سڀ کان گھڻو دل لڀائيندڙ جاءِ آھي. ھي ٻيٽ مشرقي آفريڪا جي ڪناري کان ويھھ ميل کن مس پري آھي ۽ خط استوا سان ڄڻ مليو پيو آھي. ھن ٻيٽ زئنزيبار کي مڪاني ماڻھو زنجبار سڏين ٿا جيڪو نالو فارسي لفظ زنج مان آھي جنھن جي معنيٰ آھي "ڪارو". زنجبار معنيٰ ڪارن ماڻھن جي رھائش گاھھ (ملڪ). پر زنجبار ۾ ڪارا (بليڪ) گھٽ برائون گھڻا آھن. ويھھ ميل پري آفريڪا کنڊ کان لڏي آيل شيدين کان وڌيڪ انڊين، عرب، ايراني ۽ چيني ماڻھو آھن. ٻيٽ جي ڪمائيءَ جو ذريعو اڄ ڪلھھ فقط لونگن تي آھي جنھن جو ھڳاءُ سڄي ٻيٽ تي اچي ٿو. گھٽيون سوڙھيون ۽ اونداھيون آھن. گھڻي مينھن وسڻ مھل اھي گھٽيون ندين وانگر لڳنديون آھن. پراڻن گھرن جا دروازا اڄ بھ اھي اڳيئن زماني وارا وڏا ٽيڪ ووڊ جا ٺھيل آھن جن تي زبردست قسم جو ٽـُـڪ جو ڪم ٿيل آھي. زئنزيبار ظاھري طرح عرب دنيا جو شھر لڳي ٿو. سلطان وٽ ٻھ موٽر ڪارون آھن. ھڪ آرم اسٽرانگ سڊلي ۽ ٻي ھمبر. شھر جي فقط ھڪ عمارت ۾ لفٽ لڳل آھي. ايراني، عربي ۽ ھندستاني مسلمانن کان علاوھ ھتي ھڪ ٻي بھ مسلمان ڪميونٽي آھي جيڪا ڪومورين (Comorians) سڏجي ٿي اھي مئڊاگاسڪر جي ڀرسان ڪومورو نالي ننڍن ٻيٽن تان لڏي ھتي آيا آھن. اسان کي انھن جو ھڪ شادي اٽينڊ ڪرڻ جو موقعو مليو. شاديءَ ۾ ٿيندڙ رسمون رواج ۽ عورتن جي گڏجاڻيءَ ۾ دھلاڙي مردن ۽ گھوٽ کان علاوھ فقط آئون ھڪ مرد ھوس..
"زئنزيبار ٻيٽ تي رھندڙ آفريڪن ۾ ٻھ ڌريون آھن. ھڪ ھتي جا مڪاني شيرازي آھن جيڪي ھتي اوائلي دور ۾ (اٽڪل 8صدي ۾) ايران جي شھر شيراز کان آيا ۽ ٻيا ڌاريان (immigrants) آھن جيڪي شيدي نسل جا آھن ۽ انھن شيدي غلامن جو اولاد آھن جي کي وڪڻڻ لاءِ عرب واپاري آفريڪا جي مختلف ملڪن: ٽانگانيڪا، نياسالئنڊ، ڪانگو ۽ زمبيا وغيره مان جھلي ايندا ھئا. پر اھي گھڻو گھڻو پوءِ آيا. زئنزيبار ٻيٽ تي جيڪي ننڍي کنڊ جا ماڻھو رھن ٿا ۽ انڊين سڏجن ٿا انھن ۾ بھ ڪيتريون ئي ڪميونٽيون آھن. سڀ ۾ امير ۽ اثر وارا آغاخاني آھن.
"گذريل ڪجھھ صدين ۾ عربن ۽ آفريڪي شيدين ۾ سڱابندي ٿيندي رھي. عمان ۽ عرب رياستن کان ايندڙ جھازي اڪيلي سر ھتي (زئنزيبار) آيا ٿي ۽ پوءِءَ انھن مان ڪيترن آفريڪا کنڊ کان غلام طور آيل خوبصورت شيدياڻين سان شادي ڪئي ٿي. اڄ بھ ھتي عرب "پير مرشد" مڃيا وڃن ٿا جيڪي حبشاڻين سان شادي ڪن ٿا باقي پنھنجيون ڌيئرون شيدي مردن کي سڱاوتي ۾ ڏيندي عار محسوس ڪن ٿا. انڊين پنھنجن ۾ ئي شادي ڪن ٿا. ھو نھ عربن سان ڳنڍجن ٿا ۽ نھ آفريڪي شيدين سان . عرب حاڪم اتم خاندان جا ماڻھو سمجھيا وڃن ٿا، انڊين (گجراتي، بوھرين، کوجن، ھندو سنڌي ۽ پنجابين) جو واپار وڙي تي ڪنٽرول آھي ۽ شيدي ٻني ٻاري جو ڪم ڪن ٿا..

اومان جي گادي مسقط بدران ھزار ھا ميل پري زئنزيبار ٻيٽ تي ڪئي وئي

"ھتي اچي مونکي (يعني جيمس گنٿر جنھن Inside Africa ڪتاب لکيو آھي) اھا خبر پيئي آھي تھ ھن ٻيٽ زئنزيبا (جنھن کي عربي ۽ فارسي ۾ زنجبار ٿا سڏين) جي عجيب تاريخ آھي. عرب جھازي عمان، عربستان ۽ ايراني نار جي رياستن کان ھتي آيا. کين سامونڊي ڄاڻ ۽ جھاز سازي جو ھنر آيو ٿي ان ڪري ھو ھزارين ميلن کان ڪـَـھي ھن ٻيٽ تي اچي نڪتا ۽ ھوڏانھن سڏ پنڌ پري آفريڪا کنڊ جا شيدي اڻڄاڻ ۽ ناقابل ھجڻ ڪري ڀرپاسي جي زمينن تي قبضو ڪرڻ تھ ڇا پنھنجو پاڻ کي آرگنائيز نھ ڪري سگھيا. عربن نھ فقط ھن ٻِيٽ (زئنزيبار) تي قبضو ڪري ديرو ڄمايو پر آفريڪا کنڊ جي مشرقي ڪناري واري پٽي (صوماليھ کان موزمبق تائين) تي پنھنجي ڌاڪ ڄمائي. عربن جي اھا ڌاڪ سن 1498ع ۾ پورچوگالين ڀڳي جيڪي سڀ کان اڳ ڪيپ آف گڊ ھوپ کي ڪراس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پورچوگالي ھن ٻيٽ تي سلطانن سان گڏ ٻھ کن صديون گڏ گڏ رھيا پور پوءِ عربن مڙسي ڏيکاري ۽ پورچوگالين کي تڙي ڪڍيو ۽ ھڪ دفعو وري پاڻ ھن ٻيٽ جا اڪيلا والي وارث بنجي ويھي رھيا جتان جنھن وکر جو ڌنڌو زور شور سان ھليو ٿي اھو "انسان" (Human Cargo) ھو. ھڪ ڏٽي مٽي صحتمند نوجوان شيدي نينگر يا ورجن حبشڻ جي قيمت ھڪ رڍ يا ٻڪريءَ کان بھ گھٽ ھئي. ۽ پوءِ انھن کي جانورن وانگر ٻيڙين ۾ اڃيو، بکيو ۽ اگھاڙو سٿي مصر يا ترڪي جي بندرگاھن ۾ وڌيڪ وڪري لاءِ لاٿو ويو ٿي. رستي جي ڏکن سامونڊي سفرن ۾ اڌ جيترو مال، انساني جانيون مري ويون ٿي تھ بھ ترڪي ۽ چين جي درٻِارن ۾، سنڌ ۽ ھند جي نوابي محلن ۾ ھي وکر سستو پيو ٿي ۽ ھن وکر مان ڪمائي صحيح طرح حاصل ڪرڻ لاءِ عمان جي سلطان پنھنجو ملڪ ڇڏي زئنزيبار ٻيٽ تي اچي حويلي ۽ دارالخلافھ ٺاھيو. اھو ائين احمقاڻو ڪم ٿيو جيئن آمريڪا (USA) جو صدر سگارن جي ڪمائيءَ مان اڃان وڌيڪ ناڻو ڪمائڻ لاءِ پنھنجي ملڪ جي گاديءَ جو ھنڌ واشنگٽن مان بدلائي ڪيوبا ٻيٽ تي ڪري.
"عماني سلطان جي زئنزيبار ٻيٽ تي اچڻ بعد ٻين ملڪن جا ماڻھو بھ ھتي اچڻ لڳا. انگلنڊ جي عيسائي تبليغي جماعتن جا عالم، کوجنائون ۽ سير ڪندڙ ۽ واپاري ھن ٻيٽ تي اچڻ لڳا ۽ ھتي پھچي پوءِ آفريڪا جي ٻين ملڪن جو رخ رکيائون ٿي. آمريڪا پھريون ملڪ آھي جنھن سڀ کان اڳ، سن 1836ع ۾ ھن ٻيٽ تي قونصل خانو کوليو. برطانيھ غلامن جو وڪرو بند ڪرائڻ لاءِ پوري پوري ڪوشش ڪئي ۽ آخر ڪامياب ٿي ويو.

لؤنگن جو ديس (Zanzibar) زنجبار ٻيٽ

"اڄ ڪلھھ (يعني گنٿر جي ڏينھن ۾) زئنزيبار جو سلطان سيد سر خليفا بن ھاروب آھي جيڪو گذريل 44 سالن کان حاڪم آھي ۽ اڄ ڪلھھ دنيا جو پراڻو حاڪم سمجھيو وڃي ٿو. ھن برطانيھ جي شھنشاھن جون ٽي دفعا تاجپوشيون ڏٺيون آھن. ھي زئنزيبار ۾ نھ پر مسقط ۾ سن 1879ع ۾ ڄائو ھو. ھنن عمانين جي گذريل يارھن پيڙھين کان سلطنت ھلندي اچي.
"ھڪ ڏينھن منھنجي (يعني جيمس گنٿر جي) ھن سلطان سان اوچتو ملاقات ٿي وئي. پاڻ تمام نرم دل، ھمدرد ۽ ذھين طبيعت جو مالڪ آھي. ھن سان ملي مونکي اھو ئي محسوس ٿيو جيڪو ھن جي برابر وارن حاڪمن: لبيا جي بادشاھھ ادريس ۽ خارطوم جي بادشاھھ مھدي سان ملي ٿيو ھو. پاڻ پنھنجي عمر کان ننڍو ۽ قد ۾ ڊگھو ۽ چاپئين ڏاڙھي وارو آھي. کيس اڇي رنگ جو جبو ۽ پٽڪو ٻڌل ھو. ھن کي ٻيٽ تي گاڏيءَ ۾ ويھي گھمڻ پسند آھي. ان ڏينھن ساڻس گڏ ڪي گھڻا چوڪيدار سپاھي نھ ھئا. ھي نھ گھڻو امير آھي ۽ نھ لالچي:
"ان ڏينھن اسان نھ فقط زئنزيبار جي سلطان سان ملياسين پر سندس خوبصورت ۽ جوان زال (سلطانا) سان پڻ. پوڙھا عرب جوان ڇوڪرين سان خوب ٺاھ ڪري ھلن ٿا. ھي پھريون ملڪ ھو جتي جي عرب حاڪم جي زال اسان جي منھن تي ويٺي. ھوءَ مغربي پوشاڪ ۾ ھئي. ھن شرمائيندي شرمائيندي اسان کان آمريڪا ۽ پئرس جي خبر چار پڇي ۽ ٻڌائين تھ ريتا ھيورٿ ڪيڏي تھ خوبصورت آھي پر ھن ٻڌايو تھ ھتي زئنزيبار ۾ ھـُـن بور محسوس ڪيو ھو. زئنزيبار گھمڻ ھوءَ انھن ڏينھن ۾ آئي ھئي جڏھن ھوءَ اڃا تائين آغا خان جي ننھن ھئي. سلطانا بابت ٻڌوسين تھ ھن فقط سال کن اڳ پڙدو ڪرڻ ڇڏيو آھي. ھن ٻڌايو تھ سواءِ ممباسا ۽ نئروبيءَ جي ھوءَ زئنزيبار کان ڪڏھن بھ ٻاھر نھ نڪتي آھي.
"زئنزيبار ۾ چيو وڃي ٿو تھ لونگن جا ڏھھ لک کن وڻ آھن. لونگن جو سڀ کان گھڻو وڪرو انڊونيشيا ۾ آھي جتي لونگن ۽ تماڪ جي ڪاتر مان سگريٽ ٺاھيا وڃن ٿا. انڊيا ۾ بھ ان جي وڏي مارڪيٽ آھي. لونگن جا وڻ شروع وارن سلطانن موريشس ٻيٽن تان گھرائي ھتي پوکرايا جيڪي دراصل موريشس تي بھ انڊونيشيا جي ھڪ ڏور انھين ٻيٽ مولوڪوس (Molouccas) تان آيا ھئا. زئنزيبار ۾ اڄ ڪلھھ لونگن جي ڪمائيءَ ۾ گھٽتائي اچي وئي آھي. ھڪ عجيب قسم جو جيوڙو لونگن جي وڻن کي سڪائي رھيو آھي جنھن جو علاج اڃان تائين فقط اھو نظر اچي رھيو آھي تھ پراڻو وڻ ڪڍي نئون پوکجي جنھن ۾ ظاھر آھي وقت ۽ پئسي جو وڏو خرچ آھي."

زئنزيبار (زنجبار) ھن علائقي جو لنڊن ۽ پئرس ھو

زنجبار تي پورچوگالي، شيرازي، ايراني، اوماني عرب، انڊين، چيني، ملئي ۽ انگريز آيا ۽ سڀ ملي جلي رھيا ۽ اڄ تائين انھن ماڻھن جو ڪلچر ۽ رسم و رواج قائم آھي. اڄ غلامن جو وڪرو نٿو ٿئي 1873کان ان تي بندش وڌي وئي پر اھا مارڪيٽ موجود آھي جتي ڦاسايل شيدين جو واڪ عرب ۽ پورچو گالي واپاري ڏيندا ھئا.
زئنزيبار جو ٻيٽ 50 ميل ڊگھو ۽ 20 ميل ويڪرو آھي. 1964کان اڳ تائين زئنزيبار ٻيٽ الڳ ٿلڳ ملڪ ھو پر پوءِ ٽانگانيڪا (آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي ھڪ ملڪ) زئنزيبار کي پاڻ سان ملائي نئون ملڪ تنزانيا ٺاھيو جيئن ملايا وارن بورنيو ٻيٽ جي صباح ۽ سراواڪ رياستن سان ملي نئون ملڪ ملائيشيا ٺاھيو. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ زئنزيبار وارا ھاڻ ان ميلاپ مان خوش نھ آھن جو ھنن کي اھو محسوس ٿي رھيو آھي تھ ھنن جي سڃاڻپ ختم ٿي رھي آھي. ۽ ٻي ڳالھھ تھ زئنزيبار ٻيٽ تي گھڻائي مسلمانن جي آھي ۽ تنزانيا ملڪ جيڪو تمام وڏو آھي ان جا گھڻي ڀاڱي رھاڪو عيسائي آھن. لونگ جي پوک ۽ ان جي مارڪيٽ ڪرڻ ڪري زئنزيبار ٻيٽ تي اھا خوشحالي نھ رھي آھي. جيستائين سئيز ڪئنال بند ھو اسان جا جھاز آفريڪا کنڊ کي ڦيرو ڪرڻ وقت ممباسا، دارالسلام يا زئنزيبار آيا ويا پئي چاھي ڪم ھجي يا نھ. 1975ع کان پوءِ ھاڻ ورلي ڪو جھاز ھڏانھن ھـَـلي مـَلي اچي ٿو. سامان ھوندي بھ ڪيترا جھاز وڃڻ کان لنوائين ٿا جو زئنزيبار پھچڻ ۾ جيترو پنڌ ۽ وقت جو زيان آھي اوتري ڪمائي نھ آھي. بھر حال زئنزيبار ٻيٽ تي رھندڙ کي اھا شڪايت آھي تھ يورپ ۽ آمريڪا کان ملندڙ مدد جو کين صحيح حصو نٿو ملي. پر اھو آھي تھ سياست ۾ ھن ٻيٽ جي ماڻھن کي ڀرپور نمائندگي ملي ٿي. اڄ ڪلھھ تنزانيا جو صدر زئنزيبار مان آھي ۽ نئشنل اسيمبلي جي ميمبرن جو ٽيون حصو ھن ٻيٽ کان آھي زئنزيبار ٻيٽ جي رھاڪن کي تنزانيا جي سرزمين تي جائداد خريد ڪرڻ جي اجازت آھي پر تنزانيا وارا زئنزيبار ٻيٽ تي نٿا رھي سگھن. ويندي گھمڻ لاءِ بھ ھنن کي پاسپورٽ آڻڻو پوي ٿو.
زئنزيبار ٻيٽ جي ڀر ۾ ھڪ ٻيو ننڍڙو ٻيٽ پيمبا نالي آھي جيڪو پڻ زئنزيبار جو حصو آھي ھونءَ زينزيبار واري وڏي ٻيٽ جو نالو انگجا (Unguja) پڻ آھي پر عام طرح زئنزيبار يا زنجبار سڏجي ٿو.
بھرحال زئنزيبار اڄ اھو امير ٻيٽ ۽ بندرگاھھ نھ رھيو آھي نھ تھ صدين تائين زئنزيبار ھن علائقي جو لندن ۽ پيرس ھو. پئسو زئنزيبار ۾ ھو، فيشن زئنزيبار ۾ ھو. تھذيب ۽ تمدن ۾ مٿاھون زئنزيبار ھو جنھن کي باقي آفريڪا کنڊ فالو ڪيو ٿي پر عرب ۽ يورپي بھ پنھنجو وطن ڇڏي ھن ٻيٽ تي ھليا آيا ۽ نھ فقط آيا پر ھميشھ لاءِ رھڻ اختيار ڪيائون ۽ جيئن اسان وٽ اھا چوڻي مشھور آھي (بلڪ ھئي) تھ ھجئي ناڻو تھ گھم لاڙڪاڻو تيئن عربي توڙي انگريزيءَ ۾ زئنزيبار لاءِ اھا چوڻي مشھور ھئي تھ:
When the flute is played in Zanzibar, All Africa (East) must dance.

آفريڪا ۽ اسانجي بلوچن جي موجودگي ۽ عرب جھازي

زئنزيبار ٻيٽ جيڪو آفريڪا کنڊ جي ويجھو ائين آھي جيئن دادوءَ کان مورو. موريشس، سيشلر ۽ ويندي مئڊاگاسڪر جھڙو ٻيٽ جتي آفريڪا کنڊ کان ھزار کن ميل پري آھي اتي زئنزيبار آفريڪا جي سرزمين کان فقط ويھھ پنجويھھ ميل کن پري آھي جيڪو فاصلو ڪجھھ بھ نھ آھي پر ھن تي آفريڪن جو قبضو نھ رھيو ۽ ھي ٻيٽ شروع کان ڌارين جي حوالي رھيو. ھن ٻيٽ تي توھان کي ڪيترائي ننڍي کنڊ جا ماڻھو ملندا جيئن تھ بوھري، آغاخاني، پنجابي، پٺاڻ، سک، ھندو سنڌي، تامل وغيرھ وغيرھ. اھا تعجب جي ڳالھھ آھي تھ زئنزيبار ٻيٽ توڙي آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي شھرن: ممباسا، دارالسلام ۽ ڪينيا، تنزانيا ۽ موزمبق جي ٻين شھرن ۾ ڪيترائي بلوچ پڻ آھن جن جا وڏا عماني سلطان جي دعوت تي انھن پاران پورچوگالين سان مقابلو ڪرڻ لاءِ بلوچستان کان آيا ھئا.
بلوچن جي زئنزيبار ۽ آفريڪي ملڪن ۾ موجودگي، بلوچن جو عمان وارن سان واسطو ۽ بلوچن جا، ھڪ بھادر قوم جي حيثيت ۾، پورچوگالين سان مقابلا سمجھڻ لاءِ ڪجھھ ڳالھيون ڌيان ۾ رکڻ ضروري آھن.
عرب جھاز راني (Navigation) ۽ جھاز سازي يعني (Ship Construction) ۾ ھوشيار ھئا. جپاني ۽ نارويجين پڻ (۽ پوءِ يارھين ٻارھين صدي کانپوءِ انگريز، اسپيني، ڊچ ۽ پورچوگالي بھ اڳيان وڌيا) پر ھر ھڪ پنھنجي تر ۾ ڦري ۽ ڦـُـري رھيو ھو. ڪجھھ ڪجھھ سمنڊن جا حصا اھڙا ھئا بلڪ اڃان بھ آھن جن ھنن اوائلي جھازين جي ڪاٺ ۽ سڙھھ تي ھلندڙ جھازن کي پنھنجي پنھنجي حد ۾ محدود رکيو ٿي. اسانجي ريجن (ھندي وڏي سمنڊ) ۾ جھاز راني جي معاملي ۾ عرب سگھارا، بھادر ، سمنڊ ۽ ستارن جا واقفڪار، راھن ۽ رستن جا ڄاڻو ۽ وڏا Adventurous ھئا. يورپي ۽ ٻيا بعد ۾ ھلي سٺا جھازي ٿيا ۽ سمنڊ تي قبضو ڪيائون نھ تھ سمنڊن تي حڪومت عربن جي ھئي. اسلام جي ٽئي خليفي حضرت عثمان جي ڏينھن ۾ پھريون بحري ٻيڙو قائم ٿي چڪو ھو. خليفي جي اجازت سان امير معاويھ ڪيترائي شپ يارڊ قائم ڪيا ۽ سن 649ع ۾ قبرص (Cyprus) ٻيٽ تي حملو ڪرڻ وقت مسلمانن وٽ تن ڏينھن جي معيار جي حساب سان 500 کن وڏا جھاز ھئا. ۽ پوءِ ٻن سالن بعد ھنن ڀؤنچ سمنڊ ۾ اٽليءَ جو ٻيٽ سسلي فتح ڪيو. حضرت عثمان رضھ جي 12 سال حڪومت ۾ سڄي ڀؤنچ (Mediterranean) سمنڊ تي مسلمانن جو قبضو ٿي چڪو ھو. بنواميھ جي دور ۾ تھ مسلمان اڃان بھ اڳتي وڌي ويا. ھنن 746ع ڌاري Rhodes جھڙي ٻِيٽ کي پنھنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو. سليمان بن عبدالملڪ 800ع جھازن جو فليٽ وٺي قسـطنطنيھ (Constantinipole) فتح ڪيو. بنو عباس جي ڏينھن ۾ ھارون رشيد ۽ مامون رشيد جنگي جھازن سان گڏ مال بردار جھاز (Merchant Navy) ۾ بھ واڌارو ۽ سڌارو آندو. نائين صديءَ ۾ عربن جا جھاز انڊيا، سرانديپ (سلون)، ملاڪا (ملائيشيا) جاوا (انڊونيشيا) ويندي چين تائين وڃڻ لڳا. بنو فاطميھ جي ڏينھن ۾ مسلمانن جي سامونڊي طاقت عروج تي ھئي ۽ انڊيا، يورپ ۽ آفريڪا جي چوڌاري سندن 16 ھزار جھاز ھئا ۽ پوءِ مسلمان جو زور يارھين صدي کانپوءِ اندلس جي ھٿ مان نڪرڻ بعد ٽٽي پيو. مسلمانن جي ڪمزور ٿيڻ تي يورپ جا عيسائي اڳيان وڌيا. ھو سمجھي ويا تھ دنيا ۾ (ان وقت جي دنيا ۾) طاقتور اھو آھي جنھن جو راڄ سمنڊ تي آھي. ھنن جھاز ٺاھڻ ۽ ھلائڻ جي ھنر ۾ دلچسپي ورتي ۽ اڳتي وڌي ٻين ملڪن تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو. ڊچ پورچوگالي، اسپيني، انگريز سڀ ۾ اڳيان اڳيان ھئا. ٻئي نمبر تي فرينچ، جرمن، اطالوي وغيرھ. اھي ڀؤنچ (ميڊيٽرينين) سمنڊ لتاڙي آفريڪا جا ويجھا ۽ سمنڊ جي ڪناري وارا ملڪ پنھنجي قبضي ۾ ڪرڻ لڳا. الجيريا، لبيا، ٽيونيشيا، موراڪو، سينيگال جھڙا مسلمانن جا ملڪ جن جو ڪنھن زماني ۾ مٿاھون مـَان ھو اھي ھاڻ عيسائين جي قبضي ۾ اچڻ لڳا. اھي بھ ڏينھن ھئا جڏھن امير معاويھ ٽيونيشيا جي ھڪ پھاڙي علائقي جا 12 ميل ڪٽائي دنيا جو وڏو شپ يارڊ ٺھرايو جنھن ۾ بعد ۾ ٺھيل جھازن جنگي مقابلا ڪري مسلمانن کي سوڀ ڏياري پر پوءِ مسلمانن جي ڪمزور ٿيڻ تي يورپي سندن ملڪن کي ڪيڪ جي حصن وانگر ورھائڻ لڳا.
ڪـَـل تي ھلندڙ جھاز اڃان نھ نڪتا ھئا. آفريڪا کنڊ جي ھيٺ واري سمنڊ (ڪيپ آف گڊ ھوپ وٽ) جتي دنيا جا ٻھ طاقتور سمنڊ ھندي وڏو سمنڊ ۽ ائٽلانٽڪ اچيو ٿا ٽڪرائجن، ۾ خوفناڪ ڇولين، خطرناڪ ڪـُـنن ۽ طوفان ڪري يوريپن جا جھاز سمنڊ جو اھو حصو لتاڙي آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري، انڊيا يا مشرق ۽ ڏور اوڀر جي ملڪن ڏي وڃي نٿي سگھيا. پر پوءِ آھستي آھستي وڏا جھاز ۽ وڏي دل پئدا ڪري پھرين پورچوگالي ۽ پوءِ ٻيا يورپي ڪيپ آف گڊ ھوپ لتاڙي ھندي سمنڊ جي ٻيٽن ۽ ملڪن ۾ ڪاھي پيا. واسڪو ڊيگاما پھريون پورچوگالي ھو جيڪو سن 1498ع ۾ ممباسا پھتو جنھن تي ان وقت زئنزيبار جي عماني سلطان جي حڪومت ھئي . ھن کي مڪاني ماڻھن جي مزاحمت جو مقابلو ڪرڻو پيو. ھڪ ھفتي اندر پورچوگالي سمجھي ويا تھ ھتي ديرو ڄمائڻ ايڏو سولو نھ آھي ۽ ممباسا ڇڏي اڳتي اوڀر آفريڪا جي ڪناري واري ھڪ ٻئي شھر ميلنڊي ۾ وڃي ساھھ پٽيو ۽ اتي ٺام ٺڪاڻو ٺاھي اڳتي جي پروگرام جو سوچيو. ان بعد ھو انڊيا ھليا ويا. چون ٿا تھ واسڪوڊيگاما کي انديا جو رستو ميلنڊي جي ھڪ مڪاني ماڻھوءَ ابن ماجد ٻڌايو.

ممباسا جو فورٽ جيسز (قلعو)

سن 1498ع ۾ جڏھن پورچوگالي (واسڪو ڊيگاما سان گڏ) ممباسا، دارالسلام، زئنزيبار پھتا تھ انھن بندرگاھن ۽ آفريڪا جي سامونڊي ڪناري وارن علائقن تي عماني سلطانن جي حڪومت ھئي. عمان جي سلطانن بابت زئنزيبار ٻيٽ واري احوال ۾ لکي چڪو آھيان تھ عماني ماڻھن جو اٺين صديءَ کان آفريڪا جي ھنن علائقن ڏي اچڻ وڃڻ ھو. تاريخ جي شاگردن لاءِ اھا واقعي حيرت انگيز ڳالھھ ھوندي تھ انگريزن، پورچوگالين ۽ ڊچن جيڪي ھن دور ۾ ڪم ڪيا اھي عرب مسلمانن صديون اڳ ڪيا. عمان جيڪو اڄ ڪلھھ ھڪ ننڍڙو ملڪ لڳي ٿو (ھاڻ مڙيئي تيل جي ڪري سکيو ستابو ٿي پيو آھي نھ تھ ٽيھھ سال کن اڳ تائين غريب ھو) ان جي ماڻھن ڏھاڪو کن صديون اڳ ِٻيڙين ۽ ننڍن جھازن ذريعي زئنزيبار ۽ ممباسا جھڙن ڏوراھن علائقن کي نھ فقط ڳولي لڌو پر انھن ويران ھنڌن تي رھي پيا ۽ صديون حڪومت بھ ڪئي. ھنن ھن سڄي علائقي جو درالخلافھ زئنزيبار کي بڻايو. پورچوگالي رکي رکي ممباسا تي حملو ڪري قبضو ڪندا رھيا اتي جي قلعي (Fort Jesus) پنھنجي قبضي ۾ ڪيو ٿي پر عماني سلطانن ھنن کي ڀڄائي ڪڍيو ٿي. اھو سلسلو سڄي سورھين ۽ سترھين صدي ھلندو رھيو. اھو قلعو 1589ع ۾ ترڪن ٺھرايو ھو جيڪو 1593ع ۾ پورچوگالين قبضو ڪرڻ بعد ان کي وڌايو ۽ مضبوط ڪيو ۽ مٿس اھو نالو رکيو.
1631ع ۾ عماني سلطان پورچوگالي ڪئپٽن تي خنجر سان وار ڪري کيس قتل ڪيو ۽ قلعو پنھنجي ھٿ ۾ ڪيو پر سال ڏيڍ اندر پورچوگالي ھڪ ٻھ دفعا ناڪام ٿيڻ بعد آخرڪار ھن قلعي کي وري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. 1996ع ۾ سلطان آف عمان (جيڪو زئنزيبار ٻيٽ ۽ آفريڪا کنڊ جي اوڀر ڪناري واري پٽيءَ جو بھ سلطان ھو) قلعي جو گھيرو ڪرايو. سال کان پوءِ قلعي اندر رھيل پورچوگالي بک ۽ وبا کان مرڻ لڳا. پورن اڍائي سالن بعد ھنن آڻ مڃي ۽ عماني عربن قلعي تي قبضو ڪري ورتو.
1728ع ۾ عربن جي خلاف فوجي بغاوت ٿي ۽ پورچوگالين فورٽ جيسس تي وري قبضو ڪري ورتو. دارصل پورچوگالين ھن علائقي ۾ پنھنجو اثر رکڻ چاھيو ٿي جو ھن ھنڌان اھم سامونڊي رستن جو لنگھھ ھو. پورچوگالي زئنزيبار ٻِيٽ تي قبضو ڪرڻ جھڙا تھ نھ پئي ٿي سگھيا ان ڪري ھنن پھرين ممباسا کي حاصل ڪرڻ چاھيو ٿي ۽ ھي قلعو (جنھن جا آثار اڃان تائين آھن) ممباسا بندرگاھھ جي منھن وٽ ھجڻ ڪري ٻين جي حملي کان بچاءَ حاصل ڪرڻ لاءِ بھترين جاءِ ھو. 1729ع ۾ عماني عربن ھڪ دفعو وري پورچوگالين کان ھي قلعو کسي ورتو ۽ کين ھميشھ لاءِ ، گھٽ ۾ گھٽ ھن علائقي (ڪينيا ۽ ٽانگانيڪا) مان تڙي ڪڍيو. (پر وڌيڪ ڏکڻ ۾ موزمبق ۾ ھو اھڙو ڄمي ويٺا جو ويھين صديءَ جي ٻي اڌ ۾ وڃي ھنن مڪاني ماڻھن کي آزادي ڏني. موزمبق ۾ پورچوگالين جي حڪومت جا آخري سال اسان بھ پنھنجين اکين سان ڏٺا ھئا. آزادي بعد مڪاني شيدين لارينزو مارڪس جو نالو موپوتو رکيو.)
1741ع، قلعي جي المزروئي گورنر پنھنجي عماني سلطان خلاف بغاوت ڪري يڪطرفھ آزاديءَ جو اعلان ڪيو. 1824ع ۾ المزروئي گورنر برطانيا جي مدد حاصل ڪئي ۽ 1826ع ۾ برطانوي مدد (Protection) کي واپس ورتو ويو. 1828ع ۾ سلطان آف اومان ۽ زنجبار (Zanzibar) سلطان سيد سعيد قلعي تي حملو ڪيو. ٽن چئن سالن جي سخت مقابلي بعد المرزوئي گورنر سلطان آف عمان اڳيان ھٿيار ڦٽا ڪيا. ان بعد (شايد انتظار ۾ ويٺا ھئا) انگريزن قلعي تي بمباري ڪئي ۽ نھ فقط فورٽ جيسس قلعو ۽ ممباسا پر آھستي آھستي ڪينيا سميت ايسٽ آفريڪا جي ٻين علائقن کي بھ پنھنجي نو آبادياتي پنجوڙ ۾ سوگھو ڪندا ويا. آخرڪار سٺ جي ڏھاڪي ۾ انھن آفريڪي ملڪن ۽ ٻيٽن کي ھڪ ھڪ ڪري آزادي ڏني ۽ انگريز پنھجي وطن روانا ٿيا.

حمل جھڙن بلوچن پورچوگالين جا ڏند کٽا ڪيا

ھن پاسي (يعني زئنزيبار، ڪينيا وغيرھ ۾) عماني سلطانن ۽ پورچوگالين جي وچ ۾ ھلندڙ جنگ ۾ بلوچستان جي بلوچن بھ عماني سلطانن خاطر پورچوگالين جو مقابلو ڪيو. انھن ۾ ھڪ حمل جيئند نالي بلوچ تمام مشھور آھي جنھن جي بلوچي رزميھ شاعريءَ ۾ پورچوگالين سان وڙھڻ جو ذڪر ملي ٿو. غوث بخش صابر پنھنجي ڪتاب "بلوچي لوڪ داستان" ۾ لکي ٿو تھ حمل بلوچستان جي ھڪ قابل فخر تاريخي شخصيت ٿي گذريو آھي. جنھن ۾ اھي تمام گڻ موجود ھئا جيڪي ھڪ انسان کي قومي ھيرو بنائين ٿا. ھن جو والد جيئند خان ڪلمت بلوچستان جي ساحلي علائقي جو حاڪم ھو.
بلوچستان جي ھڪ نامياري محقن و تاريخدان مير گل خان نصير پنھنجي ڪتاب "بلوچي رزميھ شاعريءَ" ۾ حمل جي ساراھھ ۾ لکيل ان رزميھ نظم (جنھن ۾ حمل ۽ پورچوگالين وچ۾ لڙائي ۽ ان ۾ حمل جي شڪست کائڻ ۽ پورچوگالين وٽ گرفتار ٿيڻ) بابت لکيو آھي تھ اھو نظم 1509ع کان 1595ع واري دور جو آھي جڏھن پورچوگالي سامونڊي ڦورو (Pirates) بحر ھند ۾ ڌاڙو ھڻندا رھيا ٿي. ايراني نار ۾ بلوچستان واري ڪناري جا بندرگاھھ بھ ھنن جي ڦرين ۽ ڌاڙن کان بچيل نھ ھئا. بندر عباس، ڇابھار، جيواني، گوادر، پسني ۽ سون مياڻي جا بندرگاھھ ھنن طرفان ڪئين دفعا ڦر جي چڪا ھئا. حمل انھن پورچوگالي ڦورن پويان سندرو ٻڌي نڪتو ۽ ڪيترائي دفعا ھن ھنن کي ڊوڙائي ڪڍيو ۽ پنھنجي وطن کي بچائيندو رھيو پر ھڪ دفعي ھو پورچوگالين جي ٻيڙين جي گھيري ۾ ڦاسي پيو. خوني مقابلي بعد حمل کي گرفتار ڪيو ويو. پورچوگالين سان ھن ويڙھھ بابت جيڪو نظم مليو آھي ان لاءِ چيو وڃي ٿو تھ اھو حمل جي ڀيڻ پنھنجي بھادر ڀاءُ لاءِ لکيو آھي. چون ٿا تھ اھو سورھين صدي جي ٻي اڌ جو واقعو آھي جڏھن ھندستان جي ڪوچين ۽ ٻين ڪناري وارن شھرن تي قبضو ڪرڻ بعد پورچوگالي ايراني نار جي بلوچستان واري علائقي ۾ ڦرلٽ ڪندا ھئا. مير حمل جھڙن جوان مردن ۽ پنھنجي وطن لاءِ سڀ ڪجھھ قربان ڪرڻ وارن بلوچن جي بھادري ۽ دليري ڪري پورچوگالي بلوچستان جي سرزمين تي پنھنجا قدم ڄمائي نھ سگھيا. ھونءَ ايسٽ آفريڪا کان ھندستان ايندي ويندي پورچوگالين ڪيترائي دفعا مڪران جي سامونڊي ڪناري واري شھرن تي حملا ڪيا.
سورھين صديءَ جي شروع وارن سالن ۾ ھنن پسني ۽ گوادر سميت ڪيترن ئي ننڍن بندرگاھن تي عارضي قبضو ڪيو پر ھو ڪٿي بھ ٽڪي رھڻ ۾ ناڪام رھيا. ھو سامونڊي ڦورن (قذاقن) وانگر ڦرلٽ ڪري ھليا ويا ٿي ۽ ٻيو تھ ھتي جا مڪاني ماڻھو (بلوچ) بھادر ھئا جن ھنن ڌارين کي گوا ۽ پانڊيچيري جي رھاڪن وانگر رھڻ لاءِ حالتون ميسر ڪرڻ بدران ڀڄائي ڪڍيو ٿي. پورچوگالين بلوچن سان لڙائين دوران 1581ع ۾ گوادر ۽ پسنيءَ کي باھھ پڻ ڏني ھئي ۽ اھي ڪم ھو ٺٽي (سنڌ) ۾ بھ ڪندا رھيا.

خان قلات جو عماني سلطان کي گوادر ڏيڻ

ارڙھين صدي عيسوي جي آخر ۾ گوادر ۽ ان سان لاڳو علائقا، سلطان آف مسقط جي تسلط ھيٺ آيا. 1783ع ۾ جڏھن مسقط ۾ سيد سعيد تخت تي ويٺو تھ ھن جي، ڀاءُ سلطان سعيد سان اڻ بڻت ٿي پئي. سلطان سعيد عمان جي گاديءَ واري ھنڌ مسقط مان قلات جي خان نصير خان وٽ مڪران پھتو. خان قلات گوادر ۽ ان سان لاڳو علائقا سلطان سعيد کي تحفي طور ڏئي ڇڏيا تھ انھن تي گذر بسر ڪري. سلطان سيد ڪجھھ عرصو گوادر ۾ رھيو ۽ ان بعد سن 1797ع ۾ مسقط تي ٻيھر قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. 1804ع ۾ سندس وفات ٿي.
خان قلات گوادر ۽ ان سان لاڳاپيل حصو سلطان سعيد کي ان شرط تي ڏنو ھو تھ ھو جيسين پنھنجي سلطنت تي قابض نھ ٿئي تيسين ھتان ملندڙ ڍل ۽ ٽئڪس وغيره تي گذارو ڪندو رھي. پر سلطان سعيد پنھنجي سلطنت واپس حاصل ڪرڻ جي باوجود گوادر وغيره نھ موٽايو ۽ ھي علائقو ڪنھن نھ ڪنھن ريت عمان جي حاڪمن جي ھٿ ھيٺ رھيو. اٽڪل ڏيڍ صديءَ بعد، سن 1958ع ۾، گوادر جو پاڪستان سان ڳنڍجڻ جو اعلان ٿيو.

آفريڪا ۾ بلوچ ڪيئن پھتا

زئنزيبار، ٽنگانيڪا (جيڪي ملڪ پاڻ ۾ ملڻ ڪري ھاڻ تنزانيا سڏجن ٿا)، يوگنڊا ۽ ڪينيا وغيره ۾ اٽڪل ٻارھن ھزار بلوچ رھن ٿا جن مان سڀ کان گھڻا ممباسا ۽ زئنزيبار بندرگاھن ۾ رھن ٿا. بلوچن جو آفريڪا جي ھنن ملڪن ۾ ھجڻ بابت روايت مشھور آھي تھ جڏھن سترھين صديءَ جي آخر ۾ مشرقي آفريڪا جي سامونڊي ڪناري تي مڪاني مسلمانن تي پورچوگالين جا ظلم وڌي ويا ۽ ھو مڪاني مسلمانن کي زوريءَ عيسائي ٺاھڻ لڳا تھ مڪاني ماڻھن مسقط (عمان) جي سلطان امام سيف بن سلطان اليروبي کي مدد لاءِ آمادھ ڪرڻ لاءِ ھڪ وفد موڪليو. سلطان سڄو احوال ٻڌي ممباسا ۽ ايسٽ آفريڪن ڪوسٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ پنھنجو ھڪ خاص ماڻھو موڪليو. ان شخص جو نالو مير شھداد ھو ۽ ھو بلوچ ھو. ھو پھرين ميلنڊي آيو ۽ پوءِ ممباسا پھتو ۽ پورچوگالين جي لڪ ڇپ ۾ معلومات حاصل ڪرڻ لڳو. پورچوگالين کي ھن ۾ شڪ پئجي ويو ۽ گرفتار ڪري ورتائونس. ھو ڪجھھ عرصو قيد ۾ رھيو ان بعد اتان ڀڄي نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ عمان پھچي سلطان کي سڄو احوال ٻڌايو ۽ پورچوگالين جي فوجي قوت ۽ انھن جي ڪمزورين کان آگاھھ ڪيو. نتيجي ۾ سلطان جي فوجن مير شھداد جي سربراھيءَ ۾ ممباسا جي قلعي (فورٽ جيسس) جو گھيراءُ ڪيو ۽ اڍائي سالن جي محاصري بعد سن 1689ع ۾ ان قلعي تي قبضو ڪري ورتو- جنھن جو احوال شروع ۾ ڏئي چڪو آھيان. سلطان آف عمان مير شھداد جي بھادري ۽ وفاداريءَ مان متاثر ٿي پنھنجي ڀيڻ جي شادي ھن سان ڪرائي. ان کانپوءِ مختلف جنگي مھمن م بلوچ سپاھي سلطان آف عمان جي فوج سان گڏ ايسٽ آفريڪا جي ڪناري تي ايندا رھيا. ھڪ وقت تھ اھڙو بھ آيو جو عمان جي حڪومت بلوچن جو سڄو گيريزن فورٽ جيسس جي سلامتيءَ لاءِ مقرر ڪيو. بھر حال ھو مستقل طور آفريڪا ۾ ان وقت کان آباد ٿيا جڏھن اوڻيھن صديءَ جي آخري اڌ ۾ عمان جي بوسعيدي حاڪمن پنھنجو درالخلافھ مسقط کان زنجبار (Zanzibar) منتقل ڪيو. ڪراچي جي لي مارڪيٽ، چاڪيواڙي ۽ بغدادي وانگر ھي اسانجا بلوچ آفريڪا جي مختلف شھرن ۾ بھ خاص خاص علائقن ۾ گڏجي رھڻ لڳا. ان وقت ممباسا جي بندرگاھھ ۾ جنھن ھنڌ تي ھي پھرين اچي رھيا اھو علائقو اھو آھي، جتي اڄ ڪلھھ آغا خان جي اسپتال ۽ گرلز اسڪول آھي. ممباسا ۾ تھ ايتريقدر جو ھن گھٽيءَ جو نالو بلوچي اسٽريٽ آھي. جيئن جدي ۾ سنڌي اسٽريٽ آھي. ممباسا ۾ بلوچن جون ٻھ مسجدون بھ آھن جن جا نالا مبارڪ مسجد ۽ بلوچي مسجد آھن.

جھاز مرضي سان نھ پر ھوائن جي رخ موجب ھلايا ويا ٿي.

آفريڪا جو نالو ٻڌڻ سان جنگل، نانگ بلائون، جنگلي قبيلا، جانور ۽ اتي جا رھاڪو شيدي ڌيان ۾ اچن ٿا. بلڪل صحيح آھي. آفريڪا شيدين، حبشين، ڪارن ماڻھن جي رھڻ جو ملڪ آھي. پر آفريڪا جي ڪن ڪن شھرن ۽ بندرگاھن- خاص ڪري اوڀر آفريڪا جي ڪناري وارن شھرن ۾ ڪيترائي عرب ۽ ننڍي کنڊ جي ڪيترن ئي مذھبن ۽ زبانن جا ماڻھو نظر اچن ٿا. ممباسا، زئنزيبار، پيمبا، ڪمپالا، دارالسلام ۽ جنجا جھڙن شھرن جون ڪي ڪي سڄيون بازاريون بوھرين، کوجن، ميمڻن سنڌي ھندن، گجراتين، آغا خانين، پٺاڻن، سکن ۽ پنجابين جون آھن. 1972ع ۾ يوگنڊا جي عيدي امين، پوءِ ڪجھھ سالن بعد ڪينيا ۽ تنزانيا جي حڪومتن ننڍي کنڊ جي ماڻھن کي زوريءَ لوڌي ڪڍيو نھ تھ ان کان اڳ تائين آفريڪا جي ڪيترن شھرن جون بازاريون ڪراچي جي ايلفي، بوھري بازار ۽ جھونا ۽ جوڙيا بازار جھڙيون لڳيون ٿي. سنگاپور جي ھاءِ اسٽريٽ بھ 1985ع تائين ائين لڳي ٿي جتي دڪاندار پنجاپي، پشتو، سنڌي، ڪڇي، گجراتي ۽ تامل زبانن ۾ ڳالھائيندي نظر ايندا ھئا.
سٺ واري ڏھاڪي جي آخري سالن ۾ پھريون دفعو جڏھن اسانجو جھاز ممباسا پھتو تھ آئون ھن شھر جون بازاريون ۽ پنھنجي تر جا دڪاندار ۽ ٻڌل سڻيل زبانن جا آواز ٻڌي وائڙو ٿي ويو ھوس. پوءِ خبر پيئي تھ گذريل ڪيترين صدين کان ننڍي کنڊ جا ھي ماڻھو ھتي ايندا رھيا آھن. آفريڪا ۾ دڪان ۽ بازاريون ھنن شروع ڪيون. اسپتالون ۽ بسون ھنن ھلايون، ڪارخانا ۽ عمارت سازيءَ جو ڪم ھنن شروع ڪيو. ھڪ دڪاندار واپاريءَ لاءِ اھم ناھي تھ ملڪ جو حاڪم عرب سلطان آھي. يا پورچوگال جو يورپي، يا برطانيھ جو انگريز، ھن جو ڌنڌو ھلڻ کپي. وڌڻ کپي، نفعو ٿيڻ کپي- ملڪ جون چاھي امن واريون حالتون ھجن يا جنگي.
ننڍي کنڊ جا ماڻھو آفريڪا جي ھنن شھرن ۾ ڪيئن پھتا؟ سڀني کي انگريزن بھ پاڻ سان نھ آندو. ڪيترا تھ پاڻھي آيا ۽ ڪيترا تھ انگريزن ۽ پورچوگالين کان بھ اڳ آفريڪا جي ايسٽ ڪوسٽ (اوڀر ڪناري) وارن پٽن تي اچي رھيا. نقشي ۾ ڏسبو تھ ھندي وڏي سمنڊ ۾ ھڪ پاسي ھندستان اچيو ٿو وڃي تھ کاٻي پاسي آفريڪا کنڊ جي اوڀر وارو سامونڊي ڪنارو ۽ مٿي اتر ڏي ايران ۽ عرب رياستون. قدرت طرفان شروع کان، صدين کان، ھن سمنڊ ۾ جيڪو ھوائن ۽ سامونڊي لھرن (Currents) جو نظام ھلندو اچي اھو ھڪ ٽڪنڊو ٺاھي ٿو. ڪنھن جھازيءَ کي ڀلي نقشو نھ ھجي. ھو سال جي ھڪ موسم ۾ سري لنڪا بمبئي کان نڪرندو ھو تھ عرب ملڪن ۾ وڃي پھچندو ھو. ٻي موسم ۾ نڪرندو تھ آفريڪا جي ڪناري وارن شھرن ممباسا، دارالسلام ۽ زئنزيبار ٻيٽ ۾ وڃي پھچندو ھو. سال جو ھڪ حصو اھڙو بھ اچي ٿو جو عرب ملڪن کان روانو ٿيندو تھ سنڌ وٽان ٿيندو سريلنڪا وڃي نڪرندو يا ايراني نار ۽ بحر احمر کان روانو ٿيندو تھ آفريڪا جي ڪناري کان وڃي نڪرندو. بھر حال ڪـَـل تي جھاز نڪرڻ کان اڳ جھازي ھوا ۽ لھرن جي ڦيرن کان واقف ھئا ۽ انھن موجب ھو سڙھھ سانباھي مختلف ملڪن يا پنھنجن ماڳن تي پھتا ٿي. اڄ بھ ھوشيار ناکئا (ڪئپٽن، نيويگيٽر) انجڻ سان گڏ ھوائن ۽ لھرن جي رخ مان بھ فائدو وٺي تيل ۽ وقت جو بچاءُ ڪن ٿا.

آفريڪا جا شيدي جھاز راني ۽ جھاز سازي کان اڻ واقف ھئا

ويھين صدي جي شروعات کان جيئن ئي انجڻيون ۽ تيل ايجاد ٿيو تھ جھاز پنھنجي مرضيءَ سان ھلڻ لڳا. يعني Departure(بندرگاھھ ڇڏڻ) بھ مرضي مطابق ٿيڻ لڳو يعني ھاڻ جڏھن وڻي ٿو جھاز کڻي نڪريو پئون ۽ Destination بھ پنھنجي مرضي تي رکون ٿا. يعني جيڏانھن وڻي اوڏانھن وڃي سگھون ٿا چاھي ھوائن ۽ سامونڊي لھرن جو رخ ڪھڙو بھ ھجي. ڪراچيءَ مان ھڪ ئي وقت نڪرندڙ ڏھاڪو کن جھازن مان ڪي اتر طرف عرب ۽ ايران جي بندرگاھن ڏي روانا ٿيو وڃن تھ ڪي ڏکڻ ڏي بمبئي، سري لنڪا، مالديپ وغيره ڏي، تھ ڪي اولھھ ڏي ممباسا، موپوتو، ڪيپ ٽائون وغيره.
پر ويھين صدي شروع ٿيڻ کان اڳ تائين، صدين جون صديون، جھازي ھوائن موجب ھلندا رھيا. سڙھ سبي، سکاڻ سڌا ڪري ويٺا ھوندا ھئا. پوءِ جيئن ئي ھنن جي منزل ڏي وٺي ويندڙ ھوائون لڳڻ شروع ٿينديون ھيون تھ مائٽن مٽن، دوستن يارن کان موڪلائي ٻيڙا ٻاھر ڪڍڻ شروع ڪندا ھئا. پوءِ ترسندا نھ ھئا. بقول شاھھ لطيف جي: رئان رھن نھ سپرين، آيل، ڪريان ڪيئن؟ ۽ پوءِ ھنن لاءِ ترسڻ معنيٰ سڄو سال ضايع ڪرڻ، ڇو جو ھڪ دفعو اھا موسم، صحيح رخ واري لڳندڙ ھوا نڪري وئي معنيٰ Sail ڪرڻ جي چانس نڪري وئي تھ پوءِ ڪجھھ نٿي ڪري سگھيا. ان ڪري سٺا جھازي وقت نھ وڃائيندا ھئا ۽ پوءِ ظاھر آھي تھ پٺيان "بندر ۽ بازاريون انھن سامونڊين بنا سڃا ٿي ويندا ھئا. " ڏياريون، عيدون وغيره چنڊ جي تاريخن تي اچن ٿيون پر ھوائن جا رخ انگريزي مھنن مطابق Fixed رھن ٿا جيئن سياري جون ھوائون ھر سال ڊسمبر جنوري ڌاري لڳن ٿيون ۽ سانوڻي ھر سال جولاءِ آگسٽ وارن مھنن ۾ ٿئي ٿي. پوءِ ڏياري يا عيد ڪڏھن سياري تھ ڪڏھن اونھاري ۾ بھ ٿيو وڃي ۽ جيئن تھ ٻيڙي ھلائڻ وارن کي ھوا جي رخ مطابق ھلڻو آھي ان ڪري ڪڏھن ڪڏھن ھو ڏياريون ۽ عيدون بھ ڇڏيو ڏين:

ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙھھ سنباھيا
ان کي مند اتر جي، اوچتي آئي
وڻجارن وائي، آھي پرئين پار جي.

بھرحال انھن ڏينھن ۾ گھڻا Navigational Aids (سمنڊ تي رستو ٻڌائڻ جا آلا) نھ ھئا. بس ھوائن جي رخ تي ٻيڙا ڇڏي پوءِ چنڊ، سج ۽ تارن ڪتين ذريعي پڪ پئي ڪبي ھئي تھ جھاز صحيح رخ ڏيو وڃي پيو يا نھ. وري آفريڪا يا عرب ملڪن کان موٽڻ مھل بھ صحيح ھوائن جي رخ جو انتظار ڪرڻو پيو ٿي. ڪنھن کان مھنو ٻھ دير ٿي وئي، سڙھھ سڌا ڪري بندرگاھھ مان نھ نڪتو، تھ ظاھر آھي پنھنجي ماڳ پھچي نھ سگھندو ۽ پوءِ وري ٻئي سال جي ھوائن جو انتظار ڪرڻو پوندو ھوس. پوءِ ڀلي انھن جھازين جون ونيون سندن انتظار ۾ پنھنجي ديس جي بندرگاھن تي انتظار ڪن ۽ پـَـڙ باسين.

"سـَـر نـِـسريا پانڌ، اتر لڳا آءُ پرين!
مون تو ڪارڻ، ڪانڌا! سھسين سکائون ڪيون."

يا

"سـَـر، لوھيڙا ڳڀيا، ڪـُـسـر نــِـسريا،
تو ڪئن وسـِـريا، ڍوليا ڏينھن اچڻ جا؟ “

تن ڏينھن ۾ جھازين جي موٽي اچڻ جي مند سڀني کي خبر ھوندي ھئي. يعني فلاڻي موسم ۾ جڏھن ھيءَ پوک ٿي ٿي ۽ فلاڻي رخ جي ھوا لڳي ٿي تھ عربستان کان نڪتل جھازن سنڌ ڏي اچڻ شروع ڪيو ٿي ۽ سنڌ وارن جھازن بمبئي ۽ لنڪا ڏي وڃڻ شروع ڪيو ٿي، وغيره. بھر حال ھندي سمنڊ ۾ ھوائن ۽ سامونڊي لھرن جي خيال کان ھڪ ٽڪنڊو ٺھيل ھو جنھن جي ھڪ ڪنڊ بمبئي، ڀوڄ، دوارڪا، ٺٽو ھئا تھ ٻي آفريڪا جو ڪنارو تھ ٽي ايران ۽ عرب رياستون. ھوائن جي رخ موجب سڙھن وارا جھاز ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ سولائيءَ سان پئي آيا ويا. آفريڪا کنڊ جا شيدي نھ جھاز راني کان واقف ھئا نھ جھاز سازي کان سو اھي اسان ڏي اچي اسانجي ملڪن تي قبضو نھ ڪري سگھيا. باقي عرب ۽ اسانجي کنڊ جا ماڻھو آفريڪا کان وڃي نڪتا ۽ نھ فقط وڃي نڪتا پر زئنزيبار جھڙن ٻيٽن جا سلطان ٿيا، واپار جي منڊين ۽ دڪانن جا مالڪ ٿيا.

آفريڪا ۾ رھندڙ اسانجي پاسي جا ماڻھو

روزگار ۽ وڌيڪ ناڻو ڪمائڻ خاطر اسانجي ننڍي کنڊ کان بھ مختلف مذھبن، زبانن ۽ قومن جا صدين کان آفريڪا ۽ ٻين ڏورانھن ڏيھن ڏي ويندا رھيا. نھ فقط غريب ھٿين خالي ماڻھو پر امير ۽ شاھوڪار پنھنجي ڌن دولت سان آفريڪا جي مختلف شھرن ۾ قسمت آزمائي ڪندا رھيا. تعداد وڌڻ تي ھو الڳ علائقن ۾ گڏجي رھيا ۽ پنھنجي پنھنجي ڪميونٽي جي مدد ڪندا رھيا ٿي. ھنن پنھنجا پنھنجا عبادت گھر ۽ ملڻ جون جايون ٺاھيون ٿي. صديون اڳ جي ٺھيل عمارتن مان اڄ بھ ڪيتريون مسجدون، مندر ۽ ڪميونٽي ھال وغيره انھن ڏينھن جي ياد ڏيارين ٿا. آفريڪا جي ملڪن ۾ ملندڙ پنھنجي ننڍي کنڊ جي ماڻھن- خاص ڪري ھندو سنڌي، کوجن، بوھرين، گجراتين وغيره کان سندن ابن ڏاڏن جو احوال پڇندو ھوس تھ ھو آفريڪا ۾ ڪڏھن ۽ ڪيئن آيا ۽ تن ڏينھن ۾ آفريڪا جا ھي ملڪ ڪيئن ھئا ۽ ھند، سنڌ، بنگال، برما وغيره ڪيئن ھئا. ھر ھڪ جي عجيب ۽ دلچسپ ڪھاڻي ھوندي ھئي. يوگنڊا ۽ پوءِ ڪينيا، تنزانيا ۽ آفريڪا جي ٻين ملڪن مان ايشيا جي ماڻھن کي ڪڍڻ بعد انھن دڪاندارن مان ڪيترن سان ھانگ ڪانگ، سنگاپور، انگلنڊ ۽ ڪئناڊا ۾ بھ ملاقات ٿي. ھنن اتي بھ پھچي پنھنجي زندگي ٺاھي. سندن ڪھاڻي محنت، عقل ۽ ڀاڳ جي ڪھاڻي آھي. کوجا بزنيس ڪميونٽيءَ جو "ذوالفقار" نالي ھڪ ھفيتوار انگريزي رسالو نڪري ٿو. ٻھ ٽي سال اڳ ان رسالي ۾ محمد مانيڪ نالي ھڪ کوجي جي زندگيءَ جو احوال آيو ھو تھ ھو ڪيئن اڄ کان سؤ سال کن اڳ ھٿين خالي پنھنجي ڳوٺ مندرا (ڪڇ، گجرات) کان ھڪ ننڍڙي ٻيڙيءَ ۾ چڙھي آفريڪا پھتو. اھو احوال ھتي ترجمو ڪري ڏئي رھيو آھيان. پڙھندڙ کي ضرور دلچسپ لڳندو.

محمد مانيڪ جو آفريڪا ڏي سفر

ھندي وڏي سمنڊ ۾ جڏھن "تجارتي ھوائن" (Trade Winds) جو رخ موافقت ۾ ھوندو آھي تھ پوربندر (گجرات، انڊيا) کان آفريڪا جي اوڀر ڪناري واري بندرگاھھ ممباسا تائين ھڪ ڌائو (عرب نموني جي ٻيڙي) ذريعي سامونڊي سفر اٽڪل ٽيھن ڏينھن ۾ پورو ٿئي ٿو. جي سمنڊ خراب (rough) آھي يا ھوائن جو زور گھٽيل آھي تھ ساڳيو سفر بيحد تڪليف وارو ٿيو پوي ۽ وڌيڪ ئي ڏينھن لڳن ٿا.
سن 1903ع جي ڳالھھ آھي. ھڪ ڌائو (Dhow) ھندستان جي اولھھ ڪناري کان آفريڪا کنڊ جي اوڀر ڪناري ڏي وڃي رھي ھئي. ھندي وڏي سمنڊ جو پاڻي نھ سانتيڪو ھو ۽ نھ وري ڪا منجھس گھڻي اڀام ھئي. ٻيڙيءَ ۾ ٻين مسافرن سان گڏ ھڪ تيرھن سالن جو نوجوان بھ سوار ھو. ھن جي چھري تي پختي عزم جون ريکائون ھيون: ان جو اندازو لڳائڻ ڏکيو آھي تھ اھي ڪھڙا جذبا ۽ سوچون ھن نوجوان جي اندر ۾ ولوڙ پئدا ڪري رھيو ھيون جن کان مجبور ٿي، اڄ کان سؤ سال کن اڳ ھن اھو سفر اختيار ڪيو. ان نينگر جو نالو محمد مانيڪ ھو ۽ ھو 15 مارچ 1890ع تي مندرا (ڪڇ) ۾ ڄائو ھو جيڪو انڊيا جي صوبي گجرات ۾ آھي.

سنہ 1900ع ۾ ايسٽ آفريڪا جو ڇا حال ھو

انھن ڏينھن ۾ ڪينيا جو بندرگاھھ ممباسا تمام مشغول بندرگاھھ ھو جيڪو صدين کان ھلندڙ ٽڪندي واري واپار (جيڪو انڊيا، عربستان ۽ ايسٽ آفريڪا جي وچ۾ ھليو ٿي) جي اھم ترين ڪنڊ ھو. جيتوڻيڪ سائوٿ آفريڪا ۾ ھيرن ۽ سون جو واپار عروج تي ھو پر آفريڪا کنڊ جي اندرين حصي کي اڃان ٻاھر جي دنيا جي ھوا نھ لڳي ھئي. نيل نديءَ جي Source جي ھاڻ وڃي خبر پيئي ھئي تھ اھا ڪٿان ٿي شروع ٿئي. اھو ڪم ھڪ انگريز جاگرافر ۽ کوجنا ڪندڙ جان اسپيڪ ڪيو ھو. غلامن جي وڪري جي بندش ھاڻ ھاڻ ويجھڙائيءَ ۾ ٿي ھئي. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ غير سرڪاري طرح لڪ ڇپ ۾ اڃان بھ ٿورو گھڻو شيدين جو وڪرو پئي ھليو. ايسٽ آفريڪا جا اندريان حصا اڃان تائين گھاٽا جنگل ھئا جتي ھتي جا مڪاني ۽ قبائلي شيدي رھيا ٿي جيڪي ٻاھر جي دنيا جي تھذيب و تمدن کان بلڪل اڻ ڄاڻ ھئا. ھو لکڻ پڙھڻ کان ڪورا ھئا. ڪپڙا پاڻ بدران ھنن پنھنجي جسم جا فقط ڪجھھ حصا پنن سان ڍڪيا ٿي. پاڻ سان ڀالا، بڻڇيون ۽ تير ڪمان کڻي ھليا ٿي ۽ سندن گذر سفر جنگلي جانورن جي شڪار تي ھو. ڪيترائي آدم خور قبيلا ھئا جن ماڻھن کي بھ جانور وانگر ڪچو يا پچائي کائي ڇڏيو ٿي.
ممباسا پھچي محمد مانيڪ عليڏنا وسرام وٽ ڪم شروع ڪيو جيڪو انڊين نسل جي ماڻھن ۾ ڪامياب واپاري ھو ۽ ايسٽ آفريڪا جو بي تاج بادشاھھ ليکيو ويو ٿي.
محمد مانيڪ محنت ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻ ڪري سگھو ئي عليڏنا وسرام جي "بونڊو جاگير" جو مئنيجر مقرر ڪيو ويو. اھي جاگيرون مينگو (Mengo) ۾ ھيون جيڪو بوگنڊا (Buganda)سلطنت (اڄ جي يوگنڊا) جي وچ واري علائقي ۾ ھو.

(محمد مانيڪ جو وڌيڪ قصو ٻڌائڻ کان اڳ پڙھندڙن جي دلچسپي لاءِ يوگنڊا، بوگنڊا وغيره بابت ٻھ چار سٽون ضروري لکڻ سمجھان ٿو.

جيئن "سنڌ" اڳيئن زماني ۾ ملڪ جو ۽ ھاڻ صوبي جو نالو آھي.

"سنڌو" نديءَ جو نالو آھي.
"سنڌي" سنڌ ۾ رھندڙ ماڻھن کي چئجي ٿو. تيئن:
- يوگنڊا (Uganda) آفريڪا جي ملڪ جو نالو آھي جنھن جو مشھور سربراھھ عيدي امين ڪافي سالن کان نواز شريف وانگر سعودي عرب ۾ رھي ٿو.

- Buganda ھتي جي ھڪ قديمي سلطنت جو نالو آھي پر ھاڻ يوگنڊا جي چئن صوبن مان ھڪ جو نالو آھي.
- Luganda ھتي جي مڪاني زبان جو نالو آھي.
- Kingade صفت طور استعمال ٿئي ٿو ھر ان شيءَ لاءِ جنھن جو واسطو بوگنڊا (Buganda) سان ھجي.
- Muganda بوگنڊا صوبي جي رھاڪوءَ کي موگنڊا سڏجي ٿو.
- Baganda موگنڊا جو جمع باگنڊا آھي.

سو مندرا ڪڇ کان ممباسا آيل ھن گجراتي کوجي مانيڪ کي يوگنڊا جي اڄ واري صوبي بوگنڊا ۾ رکيو ويو. نوڪريءَ تي وڃي چڙھڻ لاءِ مانيڪ کي ڪينيا جي اولھھ واري شھر ڪسومو تائين ڪجھھ پيرين پيادو تھ ڪجھھ ڍڳي گاڏيءَ تي پھچڻو پيو. (انھن ڏينھن ۾ ڦيٿي واري سواري ڍڳي گاڏي ھوندي ھئي. ڪسومو اڄ بھ ڪينيا جو خوبصورت شھر آھي ۽ وڪٽوريا ڍنڍ جي ڪناري تي آھي. وڪٽوريا ڍنڍ جي چوڌاري ڪينيا، تنزانيا، روانڊا ۽ يوگنڊا ملڪ آھن. پراڻا ۽ اڄ جا پڻ مشھور شھر ڪمپالا، اينتيبي، جـِـنجا (Jinja)، موازنا وغيره سڀ ھن خوبصورت ڍنڍ جي اردگرد آھن. مصر جي نيل ندي بھ ھن ڍنڍ کان شروع ٿئي ٿي) سو مانيڪ بھ پنھنجي posting واري جاءِ تي پھچڻ لاءِ ممباسا کان ڪسومو پھتو جتان ٻيڙيءَ ذريعي وڪٽوريا ڍنڍ جي ٻي پار اڄ جي يوگنڊا واري مشھور شھر اينتيبي (Entebbe) ۾ آيو.
1910ع ۾ جڏھن مانيڪ ويھن سالن جو ٿيو تھ ھن زئنزيبار ٻيٽ تي رھندڙ ھڪ کوجا فئملي جي ڇوڪري فاطما لڌا سان شادي ڪئي. ھن ڪجھھ مھينا زنجبار (Zanzibar) ۾ ڌنڌي جو جائزو ورتو پر پوءِ 1911ع ۾ پنھنجي زال (فاطما) سان گڏ يوگنڊا ھليو آيو جتي اچي ھن پنھنجو ڌنڌو شروع ڪيو.

آفريڪا ۾ جانورن ۽ ڌاڙيل شيدين جو خوف

مانيڪ پنھنجو ذاتي ڪاروبار يوگنڊا جي ھڪ شھر بوجوتا (Bujuta) ۾ شروع ڪيو ۽ رھائش بھ اتي اختيار ڪئي. بوجوتا جو ڳوٺ (ھاڻ تھ وڏو شھر ٿي ويو آھي ۽ جنجا شھر جو حصو آھي) يوگنڊا جي گاديءَ واري شھر ڪمپالا کان 45 ميل ۽ جنجا (Jinja) کان 5 ميل ھو. ھيءَ ھڪ تمام پري جي جاءِ ھئي- آباديءَ کان الڳ ٿلڳ گھاٽي جنگل ۾. ھونءَ جنجا شھر تمام سھڻي نظاري واري ھنڌ تي، نيل نديءَ جي منھن وٽ آھي. اڄ بھ جنجا شھر جي آسپاس وارو منظر بيحد دل لڀائيندڙ آھي. انھن ڏينھن ۾ نھ ھيون ڪارون بسون ۽ نھ پڪا رستا. جنگلن ۾ ٺھيل پيچرا وٺي ھڪ ھنڌ کان ٻئي تائين پھچبو ھو. جانورن جو دانھون، ويندي شينھن جي گجگوڙ، جتي ڪٿي عام ھوندي ھئي. محمد مانيڪ اڪثر ڍڳي گاڏيءَ تي سواري ڪندو ھو. پاڻ سان ھر وقت رائيفل ۽ ريوالور کڻي ھلندو ھو. جڏھن ھو پنھنجي پوک ۽ زرعي فارمن جي ٽوئر تي نڪرندو ھو تھ ٻارن کي بوجوتا واري اسٽيٽ ھائوس ۾ ئي ترسائيندو ھو. ھو گھرو نوڪرن چاڪرن کان علاوھ اڪيلا رھيا ٿي. ساڻن ٻيو ڪو مٽ مائٽ رھيل نھ ھوندو ھو. ان ڪري مانيڪ پنھنجي زال کي چئي چئي نيٺ بندوق ۽ ريوالور ھلائڻ جي پرئڪٽس ڪرائي.
ھڪ ڏينھن محمد مانيڪ گھر کان ٻاھر ھو تھ سندس غير حاضري ۾ شيدي ڌاڙيل جو جٿو پنھنجن تيرڪمانن سان اچي ھن جي گھر ڪڙڪيو. سندن ھٿن ۾ ڀالا ۽ پنگاس (وڏا ڪات جن سان ڪمند ڪٽبو آھي) ھئا. ھو وڏي ڦر جي ارادي سان ھن وٽ اچي نڪتا ھئا. فاطما لاءِ زندگي ۽ موت جو سوال ھو. ھن ھمت کان ڪم وٺي بندوق کي ھوا ۾ ڇوڙڻ شروع ڪيو. ڌاڙيلن جو ٽولو گولين جا آواز ٻڌي ڀڄي ويو.
ھنن جي گھر جي ويجھو ئي مينھن، ڍڳين ۽ رڍن ٻڪرين جا وٿاڻ ھئا. پسگردائي ۾ رھندڙ ٻن ٽن شينھن ۾ اھا بُـري عادت پئجي وئي ھئي تھ رات جي وقت ھڪ ٻھ جانور ڇڪي ويندا ھئا. سال 1917ع جي ھڪ صبح جو مانيڪ جيئن ئي پنھنجي گھر جو دروازو کوليو تھ ھو اھو ڏسي وائڙو ٿي ويو تھ ٻھ ڏٽا مٽا شينھن سامھون بيٺا ھئا ۽ ھن کي کائي وڃڻ وارين نگاھن سان گھورڻ لڳا. ھن يڪدم پنھنجي رائيفل سان نشانو وٺي ٻنھي کي ڍيري ڪري رکيو. اھا ھنن ۽ پاڙي وارن لاءِ وڏي خوشي جي ڳالھھ ھئي ڇو جو ھي شينھن اھڙا تھ بي ڊپا ٿي چڪا ھئا جو اوڙي پاڙي لاءِ مصيبت ٿي پيا ھئا. ان وقت جو ورتل فوٽو مانيڪ جي اولاد وٽ اڃان تائين موجود آھي.

جنجا (JINJA) (يوگنڊا) ۾ اسلامي ڪميونٽي جو قائم ٿيڻ

اوڻھين صدي جي آخري ۽ ويھين صدي جي شروع کان ننڍي کنڊ جا ڪيترائي ماڻھو آفريڪا جي ايسٽ ڪوسٽ ڏي اچڻ لڳا- جتي ڪمائي ۽ روزگار جون ڪيتريون ئي راھون نظر اچي رھيون ھيون. انھن مان ڪيترائي اڳتي ھلي ايسٽ آفريڪا جي شھرن جا معزز ماڻھو ۽ اھم واپاري ثابت ٿيا. سن 1900ع ۾ ناصر پرڌان انڊيا کان زنجبار(Zanzibar) آيو. بعد ۾ ھي ممباسا جي ڀرسان چانگاموي (Changamwe) نالي ھڪ ڳوٺ ۾ ٽڪي پيو. پاڻ ھڪ ننڍڙو جنرل شاپ شروع ڪيائين. چئن سالن بعد ھو اڄ واري يوگنڊا جي خوبصورت شھر جنجا ۾ لڏي آيو. 1908ع ۾ جنجا اڃان ھڪ ننڍڙو ڳوٺڙو ھو- قدرتي نظاري ۾ ضرور مالامال ھو. ٻيون اھم شخصيتون جن جا ان وقت جنجا ۾ دڪان ھئا، ھيون: ويلجي ڀووان، حاجي ميرالي (مير علي)، عبدالله نٿو ۽ جمعا مومن. سليمان اسماعيل ڀائي ان وقت حاجي ميراليءَ جي ڪاروبار سان لاڳاپيل ھو.
عبدالله نـَـٿو پنھنجي گھر جو ھڪ حصو خالي ڪري ڇڏيو ھو جيئن اتي مجلس ٿي سگھي. سني اسلامي فرقي جو مولوي عبدالله شاھھ اڪثر ھتي اچي واعظ ڪندو ھو، جيتوڻيڪ اسان ٻڌڻ وارن ۾ وڏو تعداد شيعن جو ھوندو ھو. ترڪيءَ جي ھڪ ٻي سني شخصيت حاجي تماچيءَ نالي پڻ شيعا جماعت سان گڏ اچي وھندو ھو ۽ وڏي دل سان پئسو ڏوڪڙ ۽ سامان جماعت جي ضرورت لاءِ Donate ڪندو ھو.
شيعا جماعت جي ڪمن ڪارين ۾ چار بوھرا اسلامي ڪٽنب پڻ حصو وٺندا ھئا. جنجا جو ھڪ امير واپاري عبدالحسين قادر ڀائي ھر سال محرم جي 9 تاريخ نياز جي ماني ڪندو ھو. 1910ع ۾ بوھرا ڪميونٽيءَ پنھنجي الڳ مسجد ٺاھي جو ھنن جو تعداد ھاڻ تمام گھڻو وڌي ويو ھو.

يوگنڊا جي شھر جنجا ۾ پھرين شيعا مسجد

يوگنڊا جي جنھن علائقي (جنجا) ۾ ھندستان کان آيل ھي نوجوان کوجو رھيو ٿي اتي جيڪا پوک ٿي ٿي، ان ۾ ٻھ فصل ڪمائتا ھئا. ھڪ تـِـر (Sesame Seeds) ۽ ٻيو ڳاڙھا مرچ (Red Pepper) جنھن کي مڪاني زبان ۾ پـِـلي پلي ھو ھو، چون.
1910ع تائين جنجا شھر ۾ ڪيترائي انگريز زميندار رھائش اختيار ڪري چڪا ھئا. ھر ھڪ زور تِرن ۽ ڳاڙھن مرچن پوکڻ ۽ ايڪسپورٽ ڪرڻ تي ھو. ايتريقدر جو انھن جي اپت ڪپھھ کان بھ وڌي وئي. مسٽر برڪل نالي ھڪ انگريز وٽ ڪپھھ مان سٽ ڪتڻ جو چرخو بھ ھو جيڪو ھٿ سان ھليو ٿي. انھن ئي ڏينھن ۾ برطانيھ جي حڪومت اھا پاليسي ٺاھي تھ ٻئي ڪنھن فصل بدران ڪپھھ کي اھميت ۽ ترجيح ڏني وڃي، ترن ۽ ڳاڙھن مرچن جو فصل آھستي آھستي ٿي ختم ٿي ويو. 1923ع ڌاري ڪپھھ جو فصل “Cash Crop” ٿي پيو. يعني ھٿو ھٿ وڪامي بھ ويو ٿي تھ پئسو بھ سٺو مليو ٿي. جننگ مشين ذريعي ڪپھھ مان ڪڪڙو ڪڍيو ويو ٿي. جنھن کي نپوڙي رڌ پچاءَ لاءِ تيل ۽ صابڻ جھڙيون شيون ٺاھيون ويون ٿي ۽ نج ڪپھھ انگلنڊ جي ٽيڪسٽائيل ملز لاءِ جھازن ذريعي لنڊن، مانچسٽر، لورپول وغيره موڪلي وئي ٿي.
1920ع ڌاري، محمد مانيڪ ٻھ وڏيون جاگيرون (Plantations) خريد ڪيون. ھڪ بوجوتا (نيل نديءَ جي منھن کان 5 ميل پري) ۽ ٻي بـُـونڊو (نيل نديءَ کان 14 ميل پري) اتي ھن رٻڙ، ڪافي، مڪئي ۽ ڪمنڊ پوکيو. ڪمند مان کنڊ ٺاھڻ جو ڪارخانو کوليو جنھن ۾ مانين جھڙا گول کنڊ جا چڪرا ٺاھيا ويا ٿي. انھن ڏينھن ۾ اڄ جھڙي کير جھڙي سنھي کنڊ نھ ھئي. مـُـستي ۽ ڳڙ ئي ھو.
1918ع ڌاري يوگنڊا، ڪينيا، ٽانگانيڪا ۽ زئنزيبار پاسي زبردست قسم جي انفلوئنزا وبا جي صورت ۾ اچي پئدا ٿي. ڪيترائي مڪاني آفريڪي شيدي ۽ انڊيا، عربستان ۽ انگستان کان آيل ڌاريان واپاري ۽ پورھيت موت جو شڪار ٿي ويا.
1926ع ڌاري، ڌارين جو تعداد وري وڌڻ لڳو. ڪيترن ئي ٻاھرن ملڪن کان خاص ڪري انڊيا، يمن، ايران ۽ عربستان جا ماڻھو، آفريڪا جي ھنن پٽن تي اچي Settle ٿيڻ لڳا. جـِـنجا ۾ اسماعيلي مسلمانن جا ڇھھ دڪان ٿي ويا. 1926ع ۾ حاجي ميرالي ۽ سليمان اسماعيل شيعا مسجد ٺاھڻ لاءِ چندو گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. ان ڪم لاءِ ھن مختلف شھرن جي واپارين کان چندو ورتو ۽ 1927ع تائين جـِـنجا (Jinja) شھر جي وچ۾ مسجد ٺھي وئي. حاجي ميراليءَ ان مسجد جو افتتاح ڪيو آخر ميرالي تھ اھو ھو جنھن سڀ کان گھڻو (اٽڪل 15 ھزار يوگنڊا جا شلنگ) چندو ڏنو ھو.

1926ع واري پليگ ۾ ڪيترائي انڊيا جا واپاري آفريڪا ۾ مري ويا

انڊيا کان آفريڪا لڏي آيل ڪيترا ماڻھو اڻ پڙھيل ھئا. قومي يا بين الاقوامي ليول تي ڇا ٿي رھيو ھو. ھنن کي اھا تھ خبر نھ ھئي پر کين اھا بھ ڄاڻ نھ ھئي تھ سندن اوس پاس ۾ ڇا ٿي رھيو آھي. مواصلات جو نظام بنھھ نھ برابر ھو. رستا بنا ڏامر ۽ سيمنٽ جي، پٿرن وارا ھئا. 1926ع تائين سواري جون اھم شيون فقط ڍڳي گاڏيون ۽ سائيڪليون ھيون. پوسٽ جو نظام اوائلي دور ۾ ھو. 1906ع ۾ حاجي سليمان ترڪ يوگنڊا پاسي جي پوسٽل سروس جو نظام پنھنجي ھٿ ۾ کنيو ھو جنھن لاءِ ھن انگريز بھادر جي حڪومت کي ذاتي طور گئرنٽي ڏني تھ ھو ھر سال گھٽ ۾ گھٽ پنج سؤ روپين جون ٽڪليون وڪڻندو. ان ئي سال ٽيليگراف سروس شروع ڪئي وئي ھئي جيڪا واپارين لاءِ وڏي مدد ھئي. ھڪ ھنڌ کان ٻئي ھنڌ Morse Code ذريعي نياپو پھچي ويندو ھو ۽ جيسين ٽيليفون سسٽم شروع ٿئي تيسين ٽيليگراف (تار) ذريعي ھر سودو طيءَ ٿيندو ھو. تار جي ڪري ڪمپالا، جنجا، ممباسا ۽ ٻين ڀروارن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ واپار جي ترقيءَ ٿي.
1920ع تائين يوگنڊا پاسي جو سڪو (Currency) رپيو ھو. 1921ع ۾ فلورن ٿيو ۽ پوءِ 1922ع ۾ فلورن جي جاءِ شلنگن ۽ سينٽن ورتي.
لا ۽ آرڊر جي حالت بھتر نھ ھئي. 1917ع ۾ ناصر پرڌان کي ڪبيرا مائيدو ڳوٺ ۾ مئنيجر طور رکيو ويو. ھي ڳوٺ يوگنڊا جي وچ واري علائقي ۾ آھي. اتي مسٽر موليڏنا جو ڪاروبار ھو جنھن جي ناصر کي نگھباني ڪرڻي پيئي ٿي. ھڪ ڏينھن 15 کن شيدين جو ٽولو دڪان تي چڙھي آيو ۽ دڪان ۾ رکيل سگريٽن جي سڄي اسٽاڪ جي گھر ڪئي. ناصر پرڌان جي انڪار ڪرڻ تي ھنن ڏنڊن جو وسڪارو لاھي ڏنو. ناصر وٽ پنگا (وڏو ڪات) ھو ۽ گينڊي (Rhino) جي کل جو چھبڪ، جنھن سان ھن مقابلو ڪيو، خبر ناھي ڌاڙيلن کي ڪھڙو خوف پئدا ٿيو جو ھو دڪان ڇڏي ڀڄي ويا.
1930ع ۾، جنجا کان ست ميل پري ھڪ ڳوٺ ۾ ٻن ايشيائي ماڻھن جي دڪانن تي پنجاھھ کن شيدي غنڊا ڀالن ۽ ڪاتن سان چڙھي پيا. ھنن جا منھن گپ ۽ وئلي سان چٽيل ھئا. انھن ٻن دڪانن مان ھڪ ناصر جو ھو. جنھن وقت ھو ڦـُـر ڪري رھيا ھئا ان وقت محمد مانيڪ اتان اچي لنگھيو. جيئن تھ ھن پاڻ سان ھميشھ بندوق رکي ٿي سو ھن ھوائي فائر شروع ڪري ڏنا. ڌاڙيل ڀڄي ويا پر ھڪ ٻڌجي پيو. ان کي پوليس حوالي ڪيو ويو پر چوري ٿيل مال نھ مليو سو نھ مليو.
1926ع ۾ وري ٻي وبا پکڙي. ھن ڀيري اھا پليگ ھئي جيڪا ڪوئن مان لڳندي آھي. جمعا مومن کي بھ بيماري ٿي پيئي جنھن جي نشاني ڳوڙھيءَ جي صورت ۾ سٿر تي ٿي پيس. ھي ضد تي قائم رھيو تھ علاج نھ ڪرائيندس. ھن ھڪ لوھ جي شيخ کي باھھ ۾ سخت تپائي کڻي ان ڳوڙھيءَ تي رکيو. ان مان ظاھر ٿئي ٿو تھ آفريڪا ۾ انڊيا کان آيل واپاري ڪيڏو دلير ۽ ھمٿ وارا ھئا. آفريڪا ۾ رھي ھنن کي ڪيترين ئي ڳالھين کي منھن ڏيڻو پيو ٿي.
ڀر واري ڳوٺ ڪيگودو ۾ ڪيترائي ماڻھو پليگ وگھي مري ويا جن ۾ رشيد خميس جي زال ۽ ڌيءَ بھ شامل ھئي. ھيترن ماڻھن جو اسلامي طور طريقي سان ڪير غسل ڏئي؟ پوءِ مانيڪ جي زال فاطمھ ٻائيءَ پاڻ سان ھڪ حبشڻ ساڻ ڪري مري ويل عورتن کي غسل ڏنو ۽ ھوڏانھن مردن کي محمد مانيڪ ڏنو. ھڪ دفعي تھ ايترا موت ٿيا جو ٽي ڏينھن لڳاتار غسل جو ڪم ھلندو رھيو.

نيل نديءَ تي پل ٺھي ۽ يوگنڊا جي گاديءَ جو ھنڌ ڪمپالا ٿيو

1920ع ڌاري ڪجھھ مشينن جي ايجاد ٿيڻ تي محمد مانيڪ بوجوتا ڳوٺ ۾ ڪاٽن جنري جو ڪم شروع ڪيو. ھن ڦٽي وٺي ان جو ڪڪڙو الڳ ٿي ڪيو ۽ ڪپاھھ جو ڳٺڙيون (Bales) ايڪسپورٽ ٿي ڪيون. ھي سامان ڍڳي گاڏين ذريعي کڄي ممباسا آيو ٿي. جتان ڪمپني (East India Co.) جي جھازن ذريعي انگلنڊ روانو ٿيو ٿي. محمد مانيڪ ان علائقي جون ٻيون بھ ڪيتريون ئي زمينون خريد ڪري ان تي ڪمنڊ جي پوک شروع ڪرائي. انھن ڏينھن ۾ کنڊ ۽ ڳڙ مان وڏي ڪمائي ھئي. ھن موٽر سائيڪل خريد ڪئي جنھن جي پاسي کان گاڏو بھ لڳل ھو جنھن ۾ ھڪ وڌيڪ ماڻھو ويھي سگھيو ٿي. موٽرسائيڪل جي عجيب ڦٽ ڦٽ واري آواز، دونھين ۽ رفتار کان ڪيترا شيدي ڊڄي لڪي ويندا ھئا.
وڪٽوريا ڍنڍ ٽپي ھڪ شھر کان ٻئي شھر وڃڻ لاءِ سڙھ ۽ چين تي ھلندڙ ٻيڙيون ھيون ۽ پوءِ انجڻ تي ھلندڙ ٻيڙيون ٿيون ۽ ان کانپوءِ انجڻ تي ھلندڙ فيريون (ننڍڙا پئسينجر جھاز) ھلڻ لڳا. موٽر ڪارون بھ آفريڪا کنڊ ڏي اچڻ شروع ٿيون ھيون. محمد مانيڪ جنجا شھر جو پھريون ماڻھو ھو جنھن ڪار خريد ڪئي. اھا فورڊ ماڊل T ھئي.
ريل، روڊ ۽ ٻيڙي جي نظام بھتر ٿيڻ تي ڪيترن ايشيائي ماڻھن رستن جي اھم موڙن وٽ ننڍا ننڍا دڪان کوليا. پير محمد ترڪ بوگونگو ڳوٺ ۾ ھڪ ننڍڙو ھٽ کوليو. بوجوتا ڳوٺ ۾ بھ ھاڻ ڇھھ دڪان ٿي ويا. ٽي اسماعيلي مسلمان فئملين: ڪارا پرڌان، جمال پرڌان ۽ ويلجي ڀاون جا ۽ ٽي شيعا مسلمان فئميلن جا: ناصر پرڌان، علي جيراج ۽ ٻن ڀائرن حسن علي ۽ رجب علي رشيد جا. انھن ٻن ڀائرن محمد مانيڪ جن ٻن ڌيئن سان شادي ڪئي. حسنعلي جي شادي جينا ٻائيءَ سان ۽ رجبعليءَ جي ڪلثوم ٻائيءَ سان ٿي.
1930ع جي شروع وارن ڏينھن ۾ نيل نديءَ مٿان پل ٺاھي وئي. پل جي ڪري جنجا ۽ ڪمپالا جا شھر ريل ۽ روڊ رستي ھڪٻئي سان ڳنڍجي ويا. نيل نديءَ مٿان ھيءَ نيل پل لوھ ۽ سيمنٽ سان تمام مضبوط ٺاھي وئي. نيل پل شروع ٿيڻ کانپوءِ جنجا ڏينھون ڏينھن ترقي ڪندو رھيو ۽ ھڪ ڳوٺ مان ڦري ننڍڙو شھر ٿي پيو. جنجا قدرتي نظارن کان دنيا جي بھترين شھرن مان آھي. ذرا تصور ڪريو تھ جنجا شھر جي ھڪ پاسي اونھي ۽ تکو وھندڙ نيل ندي ھئي جنھن جو پاڻي ڪڙڪا ڪري ٿي وھيو تھ ٻئي پاسي وڪٽوريا ڍنڍ جو ماٺيڻو ۽ پر سڪون پاڻي ھو. تازي ۽ صاف پاڻيءَ جي ڪا کوٽ نھ ھئي، زمينون ڀليون ھيون جن تي ٿيندڙ مختلف فصل ھوا ۾ لڏندا رھيا ٿي، سج لھڻ ۽ اڀرڻ وقت جو سھڻو نظارو ڏسڻ وٽان ھوندو ھو ۽ ھر وقت ٿڌي ھير پئي لڳندي ھئي. جنجا جوشھر جيتوڻيڪ خط استوا جي بلڪل ويجھو آھي (اٽڪل ٽيھھ ميل کن) پر سمنڊ جي سطح کان ساڍا ٽي ھزار کن فٽ مٿي ھجڻ ڪري ٻارھوئي ٿڌڪار رھي ٿي. نيل نديءَ اتر طرف ڏي وھندي ٻن سلطنتن جو قدرتي بارڊر ٺاھيو ٿي. ھڪ طرف بوسوگا باگنڊا بادشاھت جا طاقتور ۽ مٿاھين جا ماڻھو ھئا. باگنڊا جي گاديءَ جو ھنڌ ڪمپالا (جيڪو پوءِ بعد ۾ سڄي يوگنڊا جي گاديءَ جو ھنڌ ٿيو) روم وانگر ستن ٽڪرين تي اڏيل آھي. اڳتي ھلي ڪراچيءَ وانگر جنجا ملڪ جو ڪمرشل ڪئپيٽل ۽ ٻيو نمبر وڏو شھر ٿيو.
1950ع ڌاري نيل پل کان ٿورو اڳتي اوئن فالس(Owen Falls) ڊئم ٺاھي وئي. ڪنھن زماني تائين اھو ڊئم نھ فقط سڄي يوگنڊا ملڪ کي بجلي مھيا ڪندي ھئي پر ڪينيا جي ڪجھھ اوڀر وارن حصن کي بھ.

مانيڪ جو اولاد يوگنڊا کان برطانيھ ۽ ڪئناڊا ھليو ويو

حسن علي رشيد پنھنجي زندگيءَ جا 13 سال سنھ 1928 ع کان 1941ع تائين جنجا جي شيعا مسجد جي حوالي ڪري ڇڏيا. نيل نديءَ مٿان پل ٺھڻ بعد يوگنڊا جو ھي شھر جنجا ھڪ تمام وڏو شھر پڪين عمارتن ۽ رستن وارو ٿي ويو. ھن شھر جي خوشحاليءَ جو ٻڌي نھ فقط آريڪا جي اوسي پاسي جا انڊين واپاري پر انڊيا جا بھ ڪيترائي اچي ھتي Settle ٿيا جن ۾ ڪيترائي شيعا مسلمان ھئا ۽ ھن شيعا مسجد ۾ ايندا ھئا. حسن علي ۽ سندس ڀاءُ رجب علي بنا ڪنھن لالچ ۽ طمع جي فقط رب کي راضي رکڻ لاءِ ھن مسجد جي خذمت ڪندا رھيا. اھو حسن علي جو انڊين ڪميونٽي لاءِ پيار ۽ جذبو ھو جنھن جي ڪري اسلام جي ٻين فرقن جا ماڻھو- ويندي پنجابي مسلمان بھ ملندا جلندا رھيا. حسن عليءَ بوجوتا کان جنجا تائين بس سروس بھ شروع ڪئي ۽ ان ۾ انھن ماڻھن لاءِ ڪا ٽڪيٽ نھ ھئي جيڪي جنجا جي ھن مسجد ۾ واعظ ٻڌڻ يا نماز لاءِ آيا ٿي.
جنجا ۾ رھندڙ ھڪ پٽيل فئملي جيڪي ھندو ھئا اولاد بنا ھئا. ڪيترن ئي ڊاڪٽرن ۽ حڪيمن جي علاج بعد بھ ھنن کي ٻار نٿي ٿيو. حسن علي جي زال جينا ٻائيءَ، پٽيل جي زال کي صلاح ڏني تھ ھوءَ محرم جي ستين تاريخ واري مجلس اچي اٽينڊ ڪري ۽ ٻار لاءِ دعا گھري. قدرت خدا جي ھن کي پوءِ سگھو ئي ھڪ سھڻو ٻار ڄائو. ان بعد ھوءِ ھر سال محرم جي ستين تاريخ جنجا جي ھن شيعا مسجد ۾ نياز کڻي ايندي ھئي. حبيب قاسم علي جعفر نالي ھڪ ممباسا جو واپاري اتان لڏي جنجا ۾ اچي رھيو. ھـُـن ھـِن مسجد جي لاءِ ھڪ وڏي ھال ٺھرائڻ تي دل وٽان خرچ ڪيو. اھو ھال 1927ع ڌاري ٺھي راس ٿيو. 1930ع ۾ محمد مانيڪ بھ جنجا ۾ لڏي آيو. 1935ع ۾ سندس زال فاطمھ ٻائي گذاري وئي پاڻ زئنزيبار ٻيٽ تي ڄائي ھئي ۽ ھن جا ابا ڏاڏا انڊيا کان گھڻو اڳ آفريڪا آيا ھئا. محمد مانيڪ کي فاطمھ مان ست ٻار ٿيا، پنج پٽ ۽ ٻھ ڌيئون جن جا نالا ھن ريت آھن: عبدالحسين، عبدالرسول، اڪبر علي، رضا حسين ۽ محمد حسين،. ۽ ڌيئن ۾: جينا ٻائي ۽ ڪلثوم ٻِائي جن جي شادين جو ذڪر پھرين اچي ويو.
محمد مانيڪ ٻيو دفعو شادي ڪئي پر ھن دفعي ھو انڊيا وڃي صغرا ٻائي نالي ھڪ عورت سان شادي ڪري آيو. ھوءِ اڄ ڪلھھ ڪئناڊا جي صوبي اونٽاريو جي شھر ھئملٽن ۾ رھي ٿي. ھن مان مانيڪ کي چار پٽ ۽ ٻھ ڌيئون آھن: رمضان علي، اصغر علي، عنايت علي ۽ سلطان علي ۽ ڌيئن ۾ نرگس ٻائي ۽ نسيم ٻائي. محمد مانيڪ جڏھن انڊيا ويو تھ ھو اتي ورتل پنھنجي ڪجھھ جائداد وڪڻي آيو. ھن اھو پئسو بھ اچي يوگنڊا ۾ لڳايو. ھن جنجا کان مبالي شھر تائين ڪمرشل بس شروع ڪئي. مبالي (Mbale) شھر جنجا کان 125ملي پري ڪينيا جي بارڊر وٽ آھي ۽ ٻي بس سروس سوروتي (Soroti) شھر تائين ھلائي جيڪو شھر يوگندا جي وڪٽوريا ڍنڍ جي قدمن وٽ آھي. وقت سان گڏ ھو وڌيڪ بسون گھرائيندو ويو. پھرين برطانيھ کان Leyland ڪمپنيءَ جون، ان بعد Mann جون. تنھن بعد يورپ جي اسڪانيا ڪمپنيءَ جون بسون گھرايائين.
بزنيس ۾ ھميشھ ھڪ جھڙا ڏينھن بھ نھ نٿا اچن. مانيڪ جو ھڪ اسسٽنٽ ھڪ وڏو فراڊ ڪري وڏي رقم پاڻ سان کڻي انڊيا ڀڄي ويو.
محمد مانيڪ 13 مارچ 1947ع تي (پاڪستان ٿيڻ کان پنج مھنا اڳ) گذاري ويو. ھن جي ان وقت عمر 57 سال ھئي. ھن کي جنجا جي قبرستان ۾ سندس پھرين زال فاطمھ ٻائي جي ڀر ۾ دفن ڪيو ويو. جن ھن کي ڏٺو يا مليا سي ھن کي ڪڏھن بھ وساري نھ سگھندا. سندس وفات بعد بھ سندس اولاد ڪيترائي سال يوگنڊا جي مختلف شھرن ۾ رھيو. 1972ع ۾ جڏھن عيدي امين يوگنڊا مان سڀني ايشيائي ماڻھن کي لوڌڻ شروع ڪيو تھ ٻين واپارين وانگر مانيڪ جو اولاد بھ پنھنجو اباڻو، ڏاڏڻو ملڪ يوگنڊا ڇڏي دنيا جي مختلف ملڪن ڏي لڏي ويا- خاص طور برطانيھ ۽ ڪئناڊا وغيره. ڪجھھ سئيڊن، ھالنڊ ۽ سئٽررلئنڊ بھ رھن ٿا.

سنڌ ۾ رھندڙ اسانجا آفريڪي نسل جا شيدي ڀائر

سنڌ جو سامونڊي ڪنارو ڏئي وڃڻ سان بلوچستان، ايران ويندي عربستان کان ٿو وڃي نڪرجي. يمن، عربستان ۽ مصر وغيره وري آفريڪا جي ملڪن سوڊان، جبوتي، حبش (اٿوپيا ۽ اريٽريا) سان ڳنڍيو پيو آھي. موھن جي دڙي مان اھڙيون بھ نشانيون ظاھر ٿيون آھن جن مان لڳي ٿو تھ سنڌ جو واپار دجلھ ۽ عرفات ندين جي شھرن سان پڻ ھلندو ھو. ظاھر آھي ماڻھن جي اچ وڃ بھ رھي ھوندي ۽ آفريڪا جا ڪارا جيڪي شام ايران تائين پھتا ھوندا. اھي سنڌ ۾ بھ آيا ھوندا. مصر تھ آھي ئي اڌ آفريڪا اڌ ايشيا. بھر حال سنڌ ۾ آفريڪن جي آمد جو لکت ۾ احوال 711ع کان آھي جڏھن عربن سنڌ فتح ڪئي ۽ ننڍي کنڊ ۾ اسلام پکڙيو.

حبشي معنيٰ آفريڪي، آفريڪي معنيٰ حبشي

تاريخي احوالن ۾ آھي تھ محمد بن قاسم جنھن سپاھيءَ کي راجا ڏاھر سان دوبدو ڪيو اھو شجاع حبشي نالي آفريڪا جو شيدي ھو. عربن جو سنڌ تي ٽي صديون کن زور رھيو ۽ ان دوران ھنن معرفت ڪيترائي آفريڪي (شيدي)نوڪر، سپاھي، پورھيت، ڪمانڊر سنڌ ۾ آيا ھوندا. عرب ملڪن ۾ آفريڪن نسل جي ماڻھوءَ کي حبشي سڏجي ٿو جو شروع وارن ڏينھن ۾ عرب ملڪن ۾ جيڪي آفريڪي غلام طور ايندا ھئا اھي آفريڪا جي ملڪ حبش (Abyssinia) کان ايندا ھئا. ان ڪري اھي حبشي سڏبا ھئا. ڳاڙھي سمنڊ (Red Sea)جي ھڪ پاسي عربستان ۽ يمن آھي تھ ٻئي پاسي حبش جيڪو ھينئر ٻن ملڪن: اٿوپيا ۽ اريٽيريا ۾ ورھايل آھي. تن ڏينھن ۾ بحر اِحمر ٽپي عربستان کان حبش ۽ حبش کان عربستان اچڻ وڃڻ سولو ڪم ھو. مسلمانن پھرين حجرت حبش ڏي ڪئي ۽ ڏٺو وڃي تھ مڪي کان حبش ويجھو آھي پر مدينو گھڻو پري آھي. ان ڪري انھن ڏينھن ۾ جڏھن اڃان عرب سٺا Sailor (جھازي) نھ ٿيا ھئا جو زئنزيبار، ٽانگانيڪا ۽ ممباسا تائين پھچي سگھن ھنن لاءِ آفريڪا معنيٰ حبش ھو ۽ حبش معنيٰ آفريڪا. ھر ڪارو ماڻھو جيڪو آفريڪا جو ھجي ان کي حبشي سڏيو ويو ٿي. حضرت بلال کي بھ حبشي ان ڪري سڏيو ويو ٿي جو ھو آفريڪا کان آيو ھو.

18 صديءَ جي آخر ۾ سڀ کان گھڻا شيدي (آفريڪي ڪارا) غلام سنڌ ۾ وڪرو ٿيا

ان کانپوءِ مصر مان ٿيندا سوڊان جا شيدي عرب ملڪن ۾ پھتا ۽ پوءِ عماني عرب جڏھن پنھنجن ٻيڙن ۽ جھاز راني جي علم ذريعي آفريڪا جي ڏورانھن ڏيھن تائين وڃي نڪتا ۽ نھ فقط اتي پھتا پر زئنزيبار ۽ آفريڪا جي ڪناري واري پٽن تي قبضو ڪري ان جا حاڪم بھ ٿي ويا. عماني عرب صدين تائين زئنزيبار، ممباسا، ٽانگانيڪا (ھاڻ تنزانيا سڏجي ٿو) ڪينيا ۽ موزمبق جي سامونڊي ڪناري وارن پٽن جا سلطان رھيا. ايتري قدر جو ھنن عماني سلطانن پنھنجو تخت گاھھ مسقط مان بدلائي زئنزيبار ٻيٽ تي آندو. ھيرن پٿرن کان وڌيڪ ھنن غلامن جو واپار ڪيو ٿي. ھنن جا ماڻھو آفريڪا جي اندرن حصن ۾ وڃي اتان شيدين کي ماري ڪٽي، رسيون ٻڌي زئنزيبار ٻيٽ تي وڪري لاءِ وٺي آيا ٿي جتان اھي وڪرو ٿيل غلام عمان ۽ انڊيا جي مختلف بندرگاھن ڏي ويا ٿي.
تاريخ موجب 18 صدي جي آخر ۽19صدي جي شروعات وارا سال اھو دور ھو جنھن ۾ سڀ کان گھڻا آفريڪي غلام (شيدي) سنڌ ۾ وڪرو ٿيا. ھي جھازن ذريعي ممباسا ۽ زئنزيبار کان سڌو ڪراچي ۽ ٺٽي ايندا ھئا يا عمان جي بندرگاھھ مسقط مان ٿيندا بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ايندا ھئا. انگريزن جڏھن 1839 ۾ ڪراچي فتح ڪئي ( 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪرڻ کان چار سال اڳ) تھ ان وقت جي ھڪ انگريز (Alexander Baillie) ڪراچيءَ ۾ ھلندڙ غلامن جي واپار بابت لکيو آھي تھ:
“Slavery was an institution, as was the salve trade. Not only were many slaves kept in the town, but Kurrachee was a great depot for supplying the up-country districts. From 600 to 700 were annually imported, of whom about three- forths were females…”

ڪمانڊر ڪارليس جي دستاويزن مطابق:

“About 1500 slaves arrived at Kurrachee from Omani port muscat and the African Coast in the year 1837”.

انھن ڏينھن ۾- يعني اوڻھين صديءَ جي اڌ ڌاري زئنزيبار ٻيٽ جي مارڪيٽ ۾ ھر سال ڏھھ ھزار کان ويھھ ھزار غلامن جو وڪرو ٿيو ٿي. رچرڊ برٽن جي لکڻين مطابق سنڌ ۾ جيڪي شيدي غلام وڪرو لاءِ آيا ٿي تن سواحلي (Swahilis) زبان ڳالھائي ٿي ۽ اڄ واري ڪينيا ۽ تنزانيا (تانگانيڪا ۽ زئنزيبار) کان آيا ٿي. جن ڏينھن ۾ ٽالپرن بلوچ سپاھين ۽ جنگجو ماڻھن جا پگھار وڌايا ۽ زمينون ڏنيون انھن ڏينھن ۾ غلامن جي وڌيڪ Demand ٿي. آرام واري زندگي گذارڻ لاءِ ھنن کي شيدي غلامن جي ضرورت پيئي.
آفريڪا کان آيل شيدي غلامن کان سنڌ ۾ ڪو پوک جھڙو ڪم نٿي ورتو ويو جنھن مان اپت ٿئي. محلاتن جي چوڪيداري ۽ گھر جي ڪم ڪارين لاءِ ٽالپرن شيدي مرد ۽ عورتون رکيون ٿي. ڪيترا سنڌي جاگيردار غلام رکندا ھئا. گھر جي ڪم لاءِ آفريڪي ڇوڪرين جي وڌيڪ ضرورت پيئي ٿي. بالغ ۽ سھڻين ڇوڪرين کي سريت (Concubine) طور بھ رکيو ويو ٿي. رچرڊ برٽن جي لکڻين مطابق ھي غلام (شيدي) گھوڙن جي خذمت چاڪري، گاھھ ڪٽڻ، ڏھاڙي جي مزدوري کان علاوھ مختلف ھنرمندن (واڍن، لوھارن، ٻيڙيون ٺاھيندڙن) وٽ پورھئي خاطر رکيا ويا ٿي.

واھھ ڙي تارا روشن تارا

ھونءَ ھڪ ڳالھھ جنھن جو اعتراف گورا (انگريز ۽ يورپي) بھ ڪن ٿا تھ سنڌ ۾ آيل ھنن غلامن سان جسماني ظلم نٿي ڪيو ويو ۽ ساڳيو حال عرب ملڪن ۾ ھو. شايد اسلامي تعليم ڪري ھنن سان جانورن واري حالت نھ ڪئي ويندي ھئي جيڪا ڏکڻ آفريڪا ويندڙ آفريڪا جي اولھھ ڪناري وارن غلام شيدين سان عام ھئي.
ھند، سنڌ ۽ عرب ملڪن ۾ ڪجھھ شيدي غلامن پنھنجي عقل، بھادري ۽ وفاداري ڪري مالڪن وٽ وڏي عزت ۽ مان حاصل ڪيو. ھوش محمد (ھوشو شيدي) انھن مان ھڪ آھي. ھن جي پيءُ لاءِ چيو وڃي ٿو تھ ھو حيدرآباد جي حاڪم مير فتح علي خان ٽالپر جو خدمتگار ھو. ۽ ھوش محمد خانزاد ھو يعني ھو ميرن جي حويليءَ ۾ ڄائو نپنو ۽ وڏو ٿيو. اھڙن غلامن کي عزت بخشڻ لاءِ مير کين قمبراڻي ذات جو سڏيندا ھئا اھا ذات قمبر سان وابستھ آھي. قمبر حضرت عليءَ جو آزاد ڪيل حبشي غلام ھو. ھوشو شيدي مير صاحب جي پٽ صوبدار خان سان گڏ ھوندو ھو. 1843 ع واري ميرن جي انگريزن سان دٻي وٽ جنگ ۾ جيتوڻيڪ اسان سنڌين ھارايو پر جنھن دليري ۽ بھادريءَ سان ھوشوءَ وڙھندي پنھنجي جان قربان ڪئي ان، ھن کي ، اسان لاءِ ھيرو بنائي ڇڏيو ۽ سندس امر نعرو " مرويسون پر سنڌ نھ ڏيسون". اڄ بھ سنڌين جي دل تي اڪريل آھي.
انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ بعد غلاميءَ تي سختيءَ سان بندش لڳائي وئي. امير امرائن جي خرچن تي بھ سختي ڪئي وئي ۽ ھنن لاءِ غلام رکڻ جھڙا شوق ڏکيا ٿي پيا. غلامن جي آزادي بعد ڪيترا آفريڪي غلام (شيدي) پنھنجي مالڪن وٽ ئي روزگار خاطر نوڪر ٿي بيٺا ڪيترا نئين روزگار جي ڳولا ۾ نڪري پيا. ھنن رھائش لاءِ سماجي طرح پنھنجيون ڪالونيون ۽ ڳوٺ ٺاھيا ۽ ھڪ ٻئي جي مدد ۽ حفاظت ڪرڻ لڳا. شيدي اڄ بھ پنھنجا ڪيترائي آفريڪي رواج ۽ رسمون قائم رکندا اچن. سندن خاص قسم جي آفريڪي دھل ( مگرمان) تي سواحيل ۽ عربي گاڏڙ زبان جا گيت ۽ ناچ ٽپڪو سنڌ جي ٻين قومن کا بلڪل نرالو آھي.
شيدي پنھنجي حس لطافت (Sense of Humor) کان اڄ بھ مشھور آھن. سنڌ ۾ شيدي سٺا چرچائي، مسخرا ۽ ملھھ مشھور آھن. اڄڪلھھ شيدي ھر اھو ڪم ڪن ٿا جيڪو ٻيا ڪن ٿا. ڪيترائي پڙھيل لکيل ۽ آفيسر بھ آھن پر اڄ کان پنجاھھ سٺ سال کن اڳ (پاڪستان ٿيڻ وقت تائين) شايد ئي ڪو شيدي اعليٰ تعليم يافتھ ھو. ھڪ جيڪو ھن وقت ذھن ۾ آھي ۽ سنڌ جي اھم شخصيت مڃي وڃي ٿو اھو جناب محمد صديق "مسافر" آھي.
محمد صديق "مسافر" سنڌ جي مشھور اديبن مان ھڪ آھي. پاڻ 100 کان مٿي ڪتاب، مضمون ۽ پئمفليٽ لکيائين ۽ تعليمي ڪمن ۾ اھم رول ادا ڪيائين. ھن کي سنڌ جو ٻچو ٻچو ٻاراڻي درجي جي مشھور "واھھ ڙي تارا روشن تارا" بيت ڪري سڃاڻي ٿو جيڪو ھن انگريزي جي ٻاراڻي بيت Twinkle Twinkle Little Star جي بدلي سنڌي ٻارن لاءِ ٺاھيو ھو. پاڻ آفريڪا جي شيدي نسل مان ھو ۽ 1879ع ۾ سنڌ جي ٽنڊو باگو شھر ۾ ڄائو ۽ 1961ع ۾ گذاري ويو. سندس والد جيڪو گلاب خان جي نالي سان سڏيو ويو ٿي ھڪ آفريڪي غلام جي حيثيت ۾ زئنزيبار جي "غلام مارڪيٽ" ۾ وڪرو ٿي پھرين عمان جي شھر مسقط ۾ آيو جتان پوءِ ٻيڙيءَ رستي ڪراچي ۾ سنڌ لاءِ وڪرو ڪيو ويو.
سنڌ ۾ آفريڪا کان آيل ماڻھن کي عام طرح شيدي سڏيو وڃي ٿو پر ڪٿي ڪٿي اھو لفظ گھڻو پسند نٿو ڪيو وڃي ۽ قمبراڻي لفظ وڌيڪ عام ٿيندو وڃي- خاص ڪري پڙھيل ڳڙھيل شيدين ۾ ڪيترا شيدي بلالي- يعني حضرت بلال جي خاندان جا پڻ سڏيا وڃن ٿا.